(عالم وڃي ٿو ته وري به ٻارڙا، بک بک، ڪري اچي
ماءُ کي لڳن ٿا، هيءَ ويچاري ٻچڪارون ڏيئي ٻارڙن
کي سر چائي به پيئي ۽ راڳ به پيئي ڳائي.)
جمال شاهه جو ڌاڻو ڌهو ئو ئو جوان ڙي،
1- ڏينهن ڙي لو هو ئو ئو تتوڙِ، ميڙيو ئو ئو
متوڙي،
ميڙ ي جو مانجهيڙو ڪونه ٿي ڏسان ڙي،
جمال شاهه جوڌاڻو ڏهو ئو ئو جوان ڙي،
2- سوخي ڙي هي ڙِي گهوڙي ڙي،
اتر ڙِ هي گاڏئي سان گڏيو پيئي اچي ڙي.
جمال شاهه جو ڌاڻو ئو ئو جوان ڙي،
3- ناري ڙِي هي ڍوري جو با بوڙو ڏسجي ڙي،
سنڌ جا ٽڪيا کليان ڙِي.
جمال شاهه جو ڌاڻو ڏهو ئو ئو جوان ڙِي.
4- کاراڙِي هي کاٻڙ يا، اٺن جو هو کا ٻڙ لو،
هيڪل ڙي هي پيرونئڙا پٽيان ڙي،
جمال شاهه جو ڌاڻو ڏهو ئو ئو جوان ڙي.
(پردو ڪري ٿو)
(ائڪٽ ٻيون) (پردو ٻيون)
(ميرپورخاص جو هڪ شاهي رستو، دودو ۽ چنيسر
ڳالهيون ڪندا اچي لنگهن ٿا.)
دودو- چنيسر تو ڏوڪڙ ڪي گهرين مڪا ڪين؟
چنيسر – (پٽڪي مان رسيد ڪڍي) هئو، ڏوڪڙ ڏنم
هفيس ۾. هي ڪاڳر ٽڪر ڏنو اهين، کت لکي موڪليو آم،
ڏوڪڙ. انهي ئي ڏهاڙي ڏو ڪري کي پهچي ويا هوندا.
دودو –نڪو، ڪالهه مون کي چاڪر گڏيو هو.
ان گالهه ڪي ته نڪو مليو آهي ڏو ڪر ۽ نڪو
رسيو ڪو کت، ٻار ٻچا هاڻي بکن بيران ڪري ڇڏيا آهن.
چنيسر – الله جو سونهه، مون کي منشيءَ
ويچاري کت به لکي ڏنو ۽ ٻيو به ڪا ڳر ڪري ڏنائينم.
ڏوڪڙ پنهنجي هٿين، انگريچ جي گهرين پهتا ڪري
آيو آيان. انگريچ پئسا کائي ويندو ڪم؟
منشي صاحب ڏاڍي هلندي وارو اٿئي ڪماني،
اسپيٽر ۽ ڊيپٽي به سندس سلام آهن، آءُ ٿو وڃي
چوئانس ته ڏوڪڙن جو گس ڪري، ڏوڪرڙ مون کي واري ڏي.
دودو – تڏهن وارو ڪر، متان پاڻ گريب مارو
ماڙ هو، پانجي پيرن جي پيهه، مورهين چٽ نه ٿي وڃي!
ٻيو ڪم ڦٽو ڪري پهرين منشيءَ وٽ وڃج وو!
چنيسر * هائو، پئسا ائين ڄاڻ، جيئن مانجي
گيندي ۾ پيا آهن وو!
منشيءَ جامون ٽي آزمودا اکين ڏٺا آهن.
منهنجي حق حلال جي پورهئي جا ڏوڪڙ، دودا – ڪو ٿا
وڃن؟
(دودو – هڪڙي پاسي کان، چنيسر ٻئي کان نڪري
ٿا وڃن.)
(پردو چڙهي ٿو.)
(ائڪٽ ٻيون) (پردو ٽيون)
(عرضي نويس عبدالله جي آفيس، عبدالله ويٺو
آهي پو سٽمئن مني آرڊر کڻي اچي پيو.
اڃا پري آهي ته عبدالله کيس ايندو ڏسي.
چوي ٿو،)
عبدالله – آيو ٻيلي آيو. ڪراچي ءَ جي آل
انڊيا نمائش ڏسڻ لاءِ هڙ ۾ ڏوڪڙ ئي ڪونه هو، ها،
ها، (کلي ٿو.) حال ته انهن ڏوڪڙن مان گهمي ٿا اچون
ڪراچيءَ ڄٽ دانهين آيو ته انهيءَ سان......(ايتري
۾ پو سٽمئن اچي ٿو ۽ عبدالله کي چوي ٿو،)
پوسٽمئن – سائين، اوهان جو مني آرڊر آهي.
عبدالله – گهڻي جو آهي؟
پوسٽمئن – ويهن رپين جو،
عبدالله –هائو، چنيسر موڪيا هوندا. پنجاهه
رپيا اڌارا وٺي ويو هو، جن مان هيءَ پهرين قسط
موڪلي اٿس.
پوسٽمئن – پر هيءَ ته لوڪل مني آڊر آهي؟
عبدالله – ها ها، ڄٽ جي کي روبرو ڏيندي ڊب
ٿو ٿئي ته متان سڀ پئسا نه گهرانس.
پوسٽمئن – خير، صحيح ڪري ڏيو،
(عبدالله مني آرڊر صحيح ڪري پوسٽمئن کي ڏئي
ٿو ۽ پو سٽئن ويهه رپيا عبدالله کي ڏيئي وڃي ٿو.)
عبدالله – ڀاڳين جا ڀانڊا سدائين ڀرپور!
جيستائين جاهل جيئرا آهن، تيستائين ته بک ڪانهي
پوءِ به ڏٺو ويندو.
خدا رزاق آهي. (ٿو رورکي) پر سنڌ جي تعليمي
وزير به باهه ٻاري ڏني آهي!
چي، چٽن کي زوريءَ پاڙهيو، اهو خيال ڪونه ٿو
پويس ته، آءُ به رئيس، تون به رئيس ته گڏهه ڪير
گڪليندو!
کيس ته پرواهه ڪانهي، پر ٻين غريبن جي روز
گار جو ته ڪو ويچار ڪري!
جي اهي جٽ پڙ هيا ته اسان پارن جو گذر ڪيئن
ٿيندو؟ مطلب ته وزير صاحب اچي سفيد پوشن جي پٺيان
پيو آهي،
(وري ٿورڙي دير بعد) خير رک خدا تي، اسين
پنهنجي مانيءَ ۾ پاڻهي ڪونه ويهي زهر وجهنداسين،
وزير صاحب ته پنهنجي پير تي پاڻهي ٿو ڪهاڙو هڻي،
(کلي ٿو ته مٿان مورند واڻيون اندر اچي ٿو.)
مورند – کانصاب، سلام،
عبدالله ڀائي صاحب،رام رام.ڀلي آئين!ويهه!
مورند – سائين، پنهنجي منهن پيا کلو؟
عبدالله – ڀائي، زماني جي حال تي ٿو کلان،
مورند – هائو سائين، جمانو هينر آهي به
عجيب!
(ٿورو ترسي) سائين،اسان جي ٿورڙي رقم رهيل
آهي سيڌي واري.
عبدالله (شاهن وانگر) هائو، گهڻي آهي؟
مورند – سائين، فقط چار رپيا پوڻا ٽي آنا،
عبدالله – حاضر هان، وٺ پنهنجي رقم.
(پئسا ڏئيس ٿو) ٻيو به ڪو ڪم؟ پر اوهين واڻيا ڏاڍو
ٿا اسان ڪامورن کي ڦريو، اسين حق حلال جو پورهيو
ڪري پئسا ڪمايون، قلم اسان جا ڪلها ٿي ڇني ڇڏيا
آهن، اسين آڻيون ڇنيءَ ڇڪيءَ ۽ اوٺين واڻيا کڻي
وڃو هڪ ئي ٻڪيءَ. ها،ها، ها، (ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو.)
مورند – سائين، اسان کي ڦرڻ لاءِ جاهل کٽا آهن، جو
اوهان هفيزرن کي ڦر ينداسين؟ اوهين پڙ هيل ماڻهو
اسان کي پهرين ڦرڻ ڏيو ڇو ٿا؟ اگهه تي اگهه چٻي
چيٺي، ٻيجڪ ڏسي، پوءِ ڏيو، تور ماپ ۾ به پاءُ – اڌ
سنوالو وٺي ڇڏيو، پوءِ به ڦريون اسان واڻيا ٿا؟
اوهان مان سائين. اسان کي ڪهڙي هوند، ڪهڙو شخر؟
صاحب سگهه وجهي اڻ پڙ هيلن ۾! شل ويران وير هجن
وڌ! جيئن وڻئيون تيئين پيا ڦريون، اگهه ۾، تور ۾،
قرجن ۾، وياجن ۾. اسان کان هڪ دفعو فقط پنجاهه
رپيا قرج سو کڻن، پوءِ ستن پيڙهين سوڌو به ڇو ٿا
ڇٽن؟ وياجن تي وياج چاڙ هي، آڱو ٺا هڻائي،اهڙِ ي
ٻڌي ڇڏيون، جو وتن ڊيڪندا،
عبدالله- پرڀائي، ڪاٻي خبر ٻڌي اٿيئي؟ هاڻ
ٻهراڙيءَ جي بالغن کي به ٿا پڙ هائين!
مورند – هائو هاڻو ڪو وجير جيڪو آهي،اها
باهه انهيءَ ٻاري آهي. واهگرو! جي اهي ڄٽ ليکي چو
کي ۾ ڀڙ ٿيا ته پوءِ اسان واڻيا ٽپر ٻڌون. اسان جو
گجر آهي ئي انهن ڪولهين، ڀبلن، مينگهواڙن ۽
مثلمانن تي اُهي ڪمائين ۽ اسين کائون. گجب ته اهو
آهي، جو اسان جا ڀائيبند، جيڪي وجير آهن، اهي به
ڳالهه کي نٿا سمجهن، اُهي به ڄٽن جي پڙ هائڻ ۾
راجي! ووٽ ڏئي موڪليو سون ته مر ڳو ٿا ڪن ديش سان
دشمني انهيءَ کان ته سنڌ ڌار نه هئي ته چڱو هو!
جمينداريون ته هٿ ڪري ويا هئاسين،
عبدالله – پر، اهي سور ته اسين به اڳيئي اور
يو ويٺا آهين. پر ڀائي، ڇا ڪجي؟ هن سر ڪار جي ايا
مڪاريءَ ۾ پڙهيلن مٿان آهي پادر، باقي ڄٽن ۽ هارين
جو ڀاڳ وريو آهي. هريجن جا اسڪول پيا کولين، جاهل
هارين کي پيا پاڙهين.ڪن الاجي ڇا پيا!
مورند – (چڙ طور) انهيءَ ۾ پنهنجي نيڪي ٿا
ڀائين! پاڻهي چيندا ۽ چاشون لهندا. اسان جي ماٺ
پاڻهي هڻي هنڌ ڪندي. پر سائين، هيءَ مزي جهڙي
ڳالهه ٻڌو؟
عبدالله –ٻڌاءِ ٻڌاءِ!
مورند –سائين، ڪالهه ٻن ديوان کي ڏٺم. پاڻ ۾
پئي سور اوريائون. چون پيا ته اسين زور ڪري
ٿينداسين والنٽيئر، پوءِ ڳوٺن ۾ وڃي ڄٽن کي
چونداسين ته اوهان کي پڙهائي جنگ ۾ موڪليندا.
عبدالله – (کلي ٿو.) واهه جي ڳالهه ڳولهي
اٿن!
ڄٽن اها ڳالهه ٻڌي ته پوءِ ماستر به موچڙا
کائي موٽندا!
مورند – ها، ها هاڻ اچي پاڻ ۾ لڳي اٿن.
چڱو ڀلا، هاڻي رام، رام. اٿون دير ٿي ٿئي.
عبدالله- چڱو، ڀلي آئين.
(مورند وڃي ٿو ته چنيسر اندر اچي سلام ڪري
ٿو.)
عبدالله – ميان چنيسسر ڪهڙي خبر؟
چنيسر – سائين، ٿران ماڙهو آيو آهي. پئسا
ڏوڪريءَ کي مور ڪين مليا آهن. ٻچڙا ٿا بک مرن،
(پٽڪي مان رسيد ڇوڙي ڏيئس ٿو،) تو ته مونکي چو هو
ته ڪاڳر چٽڪي ملندو، سا سو گهي رکج، سا مون سوگهي
ڪي آهي، ڏس. ته ڪڄاڙو لکيل آهي؟
عبدالله – ويهه رپيا لکيل آهن ته جانل کي
ملن، همير! ٻهه ۾. ڇو، ڪونه مليا اٿس؟
چنيسر – (ڳتڪار ڪري) دودي ڳالهه ڪي ته سنيهو
آيو آهي، اڃا ته هڪڙو ٽامي جو ٽڪو به ڪونه جڙ يو
آهي.
عبدالله – چڱو ،فڪر نه ڪر. پئسا ڪين ويندا.
هيءَ رسيد رکان ٿو پاڻ وٽ. اها موڪلبي مٿي.
درخواست لکي اماڻبي سپريڊنٽ کي پوءِ پئسا
ملي ويند ا.گم ڪين ٿيندا، خاطر ڪر،
چنيسر – سائين، شل ٻچن مان لک ٿيندءِ! آءُ
توجو ٿورو ڪين ڀلبس. من ڪڏهن ڀلي گيهه جون ڏوهه –
ٻارهن ٽپريون آڻي ڏيين.
عبدالله –ها،ها، رک خدا تي، مڙيئي چڱي
ٿيندي. (ٽڪلي لڳل ڪاڳر تي ڪجهه لکي ٿو) هاڻي ويجهو
اچ، کٻو اڱو ٺو ڪڍ. (لکيل ڪا ڳر تي آڱو ٺو هڻائيس
ٿو.) آڱوٺو ٽڪليءَ جي مٿان هڻ.
(صحيح ٿيل ڪا ڳر ويڙهي،سنڀال سان کيسي ۾
وجهي) هاڻ تون ڇٽين، وڃي پنهنجي ڪم حاج کي لڳ،
پئسا پاڻيهي وڃي جال کي ملندا.
چنيسر – هاڻي ڀلا کئير هوندوءِ، گريبن جو
مڙئي گور ڪج! آهين بيشڪ مڙس ملوڪ،
عبدالله – چنيسر ٻيلي،تون غريب ماڻهو ڏسڻ ۾
ٿو اچين، پٺن اگهاڙو، ڏينهن تتي جو پاڻي ٿو ڀرين،
اهو ڏسي مون کي قياس ٿو اچي. هان، (ڪوٽ ڪليءَ مان
لاهي) هيءَ خدا ڪاڙڻ وٺ، بت تي پائي ڇڏ.(ڪوٽ ڏيئس
ٿو.)
چنيسر – (ڪوٽ پائي خوشيءَ مان) ٻچن مان گنج
ٿيندءِ بچائي ڇڏيي، ڪوٽ پائي دعائون پيو ڪندوسين،
مرد بيشڪ شخي آهين. (وڃي ٿو.)
عبدالله _ (پنهنجي منهن) هيءُ ڄٽ به خوش ته
پئسا ٿا موٽي ملنم. احمق! نادان! رسيد مني آرڊر جي
به وٺي ڪئيمانس سوگهي. ٻي رسيد به درخواست جي
بهاني لکائي ورتي امانس ته پنجاهه رپيا اُڌاري طور
ورتم. هاڻي جي ڪا پُڪار ٿي ته چونداسين ته اُڌارا
ورتا هئائين، جنهن مان ويهه رپيا مني آرڊر رستي
موڪليا اٿس ۽ باقي ٽيهه رپيا رهيل آهن. ٿورڙو
ترسي، پر ٻيلي ڀُل ٿي ويئي! مني آرڊر ته منهنجو هٿ
اکر لکيل آهي، متان ڳالهه کُلي پوي ۽ چون ته قرض
ڏيندڙ به پاڻ، مني آرڊر لکندڙ به پاڻ، وصول ڪندڙ
به پاڻ. تنهن کان چڱي ڳالهه آهي جو هڻائجيس ٽِپ ۾
ته نڪو ڪتو هجي، نڪو بَهي. واه ٻيلي! ڪوٽ ڏنو
اٿمانس خيرات، پر پوليس ۾ ٿو ڪريان رپورٽ ته ڪوٽ ۽
سوا سئو رپيا ٻٽونءَ سوڌا گم ٿي ويا آهن. جمعدار
کي ڏبا پنج _ ست رپيا ته في الحال ته کوٻلي کي هٿ
ڪري، رکندو لاڪپ ۾، پوءِ ڏٺو ويندو. (پنهنجي نوڪر،
امين کي سڏ ڪري ٿو.)
عبدالله _ وڃ، ٿاڻي تي جمعدار کي منهنجا وڃي
سلام ڏي ۽ چوينس ته آفيس مان پئسن سوڌو منهنجو ڪوٽ
چوري ٿي ويو آهي، چور هٿيڪوآهي، جلد اچو نه ته چور
ڀڄي ويندو.
امين _ حاضر سائين. (وڃي ٿو.(
عبدالله – خير، هاڻي ڪم ٺيڪ ٿي ويندو. رڳو
جمعدار اچي سو سهي، پوءِ پوليس آهي پئسن سان ٻڌل،
ويه رپين مان جي پنج رپيا ويا پوليس جي کيسي ۾ ته
حرڪت ڪانهي.
(اتي قلندر فقير سئين هڻندو، اچي عبدالله جي
آفس جي ٻنڀي ڳٽ بيهي ٿو،)
قلندر – ڀلا، دستگير وڌ ڪريئي، ٻنيءَ ڪُنيءَ
۾ برڪت وجهي ئي، (عبدالله خان کي) او خانصاحب،
ڀرئي گنج مان ڪو جوڙو ڏوڪڙن جو اسان کي به ڏيار،
وڃي ڪو وزم پاڻي ڪريون،
عبدالله –(شوڪي نهاري) اِڙي! ڪا مون وٽ
ملڪيت ڇڏي ويو هئين ڇا، جنهن جي طلب ڪرڻ آيوآهين؟
قلندر– خانصاحب، اسين لال شهباز جا ملنگ،،
لڪيتون ڇا جون! لهڻو ليکو ڪونهي، الله جي واٽ ٿا
گهرون.
عبدالله – وڃ وڃ، وت نه پيءُ، ٻيا دروڃي
ڏور.
ملنگ اي خانصاحب، الله ڪندو تنهنجو ڀلو،
ٻيلي، مومن آهين“
رسول ڪريم جي نانءُ هڪڙو ڏوڪڙ کڻي پٽ ۾ اڇل
عبدالله – (زور سان) ڏسجين ته بنهه ڪو وڏو
بڪبڪيو ٿو.
ملنگ – ان پر نه ايمان، جو ڪلمي گو
ڪوٺائيين،
دغا تنهنجي دل ۾ شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آزر آهيين.
(ملنگ اهي ڏوهيڙا ڏيندو هليو ٿو وڃي. مٿان
امين، جمعدار ۽ هڪ سوار کي وٺي اندر اچي ٿو.
عبدالله اٿي، ٻنهي سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي ملي ٿو.)
عبدالله – ڀلي آيو، ڀلي آيو. ويهو ويهو.
(جمعدار ۽ پوليس سوار ڪرسين تي ويهن
ٿا،عبدالله ٻنهي کي هڪ – هڪ سگريٽ ٿو آڇي،پاڻ به
هڪ سگريٽ ڪڍي دکائي ٿو.)
جمعدار – (سگريٽ به پيو پيئي) سائين، ڪريو
خبر؟
عبدالله – جمعدار صاحب، آفيس مان منهنجو ڪوٽ
ٻٽون سوڌو گم ٿي ويو آهي. ٻٽون ۾ سوا سو جا نوٽ
پيل هئا، مان فقط اٿي پيشاب تي نڪتو آهيان ته
پٺيان ڪوٽ ڪلي مان ڪو لاهي هليو ويو آهي،
جمعدار – ڪنهن ماڻهو ۾ ڪو شڪ شبهو به اٿو؟
عبدالله – هائو، هڪڙو ڄٽ ٻاهران ڦريو پئي.
اسين ڀلا عريضي نويس، سمجهيوسين خير، هن کي
ڪادرخواست يا خط پٽ لکائڻو هوندو، اڳي به هڪ دفعو
خط پٽ لکايو اٿس. شڪ ٿو پويم ته انهي چورايو آهي.
پر سائين، ڪريو جلدي، جي چور شهر ڇڏي ويو ته پوءِ
هٿ اچڻ مشڪل ٿيندو.
جمعدار – روبرو ايندو ته سڃاڻندوس؟
عبدالله – هائو سائين، شڪل ڏسندو سانس ته
يڪدم سڃاڻندو سانس.
جمعدار – ڪم ڪهڙو ڪندو آهي؟
عبدالله – ڀانيان ٿو ته شهر ۾ پاڻي ڀريندو
آهي.
سوار – نالو متان چنسير آهيس؟
عبدالله – او... اهو، هو. مون کي ته نالو
وسري ويو هو. (پنج رپيا ڪڍي جمعدار جي کيسي ۾ وجهي
ٿو.) هي اسان غريبن جي ٿادل پاڻي قبول پوي.
جمعدار – (کلي) زوراور، اوهين اسان کي
پنهنجا آهيو. رڳو دعا ڪريو ته هٿ اچي وڃي، پوءِ ٻن
ورهين کان گهٽ ٽيپ نه ڏياريندو سانس. (سوار کي)
تون ڙي، وڃ کوهه تي ڳولا ڪري، انهي ڄٽ جي پٽ کي
ڏاڙهي کان جهلي وٺي اچ.
سوار – حاضر سائين، اجهو ٿو حاضر ڪريانس.
(وڃي ٿو)
جمعدار – منشي صاحب، توهين ڪونه خيال ڪريو.
اسان وڏن ڍينگن جا به ٽڪ مان ور لاهي ڇڏيا، هي ڄٽ
ڪير آهي، جو پاڻ کان ڀڄي جان بچائيندو! دلاور خان
جمعدار منهنجو نالو آهي. چور چور جي ذات اسان کان
ڪنبندي ٿي وتي. (مڇ وٽي ٿو.)
عبدالله – اهو اوهان جو ناماچار ٿر پارڪر ۾
ڪهڙي چور نه ٻڌو هوندو؟
جمعدار – سائين اسان به عمر پوليس ۾ آندي
آهي. چور، چور جو پٽ، اسان کان لڪل ڪونهي ڪو.
عبدالله – پوءِ جمعدار صاحب، ڪيتريون ٿيون
چوريون ٿين ۽ هيترا ٿا ڌاڙا لڳن، ته پتو ندارد!
انهي جو ڪارڻ؟
جمعدار – اوهين سياڻا آهيو، ڪارڻ مان اوهان
کي ٻڌايان؟ زر بسيار ته عشق ٺهه پهه. اڳلا ڏيندا
هڙ کي ڳنڍيون، ته اسان پوليس جو هٿ ڪٿان ورندو؟
عبدالله – اهو ته برابر آهي،
(ايتري ۾ سوار چنيسر کي اندر وٺي اچي ٿو.
چنيسر کي عبدالله وارو ڪوٽ پيو آهي.)
سوار – سائين، چور منهن ۾ ئي گڏجي ويو، کوهه
تائين به وڃڻو ڪو نه پيو.
جمعدار – اڙي، هيڏي اچ ڄٽ جا پٽ. (چنيسر
ڊڄندو، ويجهو اچي ٿو. ته ڪوٽ کان ڇڪي) اڙي هي ڪوٽ
ڪٿان آندو اٿئي؟ (چنيسر جواب ڏئي ئي ڏئي ته ان اڳ
عبدالله کان) هي آهي اوهان وارو ڪوٽ؟
عبدالله – هائو سائين، اهو ساڳيو.
چنيسر – (هٿ جوڙي ڏڪندي) هئو، جئيين! الله
سائين کئير ڪريس، ويچاري کيرات ڏنو آم.
جمعدار – خيرات جا پٽ، ٻٽون ۽ سوا سوجا نوٽ
ڪاٿي؟ جلدي ڪڍ ٻاهر نه ته انهي پٽڪي سان ٻڌي، جيل
۾ هلي هڻندو سانءَ. (چنيسر ويچارو وڌيڪ ڏڪي ٿو.)
چنيسر – سائين جماندار صاب، سوا سو جا ووٽ
ڪڄا جا ۽ ٻٽون ڪڄاڙي جو؟
جمعدار – چور،چور جو پٽ! (سندس پٽڪو لاهي
ٻڌيس ٿو.)
چنيسر – (آزي نيزاري سان) سائين، آءُ مشڪين
اهيان، چوري مان آءُ ٿريو ڇا ڄاڻان؟
جمعدار – هي ڪوٽ تڏهن ڪٿون آندءِ؟
چنيسر - سائين، هي ڪوٽ مون کي انهي منشي ءَ
کيرات ڏنو آهي.
جمعدار – (منهن وارا ٻه ٿڦڙ وڄائي) هڪڙي
چوري ٻي سينا زوري؟ ٿي ااڳيان سڳ سوڌو پڪڙيو آهين.
جيسين ٻٽون نه ڏيندين، تيسين هڏ هڏ ڪري
ڀڃندوسانءِ. ٿاڻي تي هل ته اگهاڙو ڪري، ڏس ته اس ۾
ڪيئن ٿو نچايانءِ.
(وٺي وڃيس ٿو)
(پردو
ڪري ٿو)
ائڪٽ ٻيون) (پردو چوٿون)
(ميرپورخاص جي هڪڙي گهٽي. چاڪر ۽ عالم
ڳالهيون ڪندا اچي ٿا لنگهن،)
چاڪر – ٻيلي، هيڙو انڌير ڪٿي ٻڌو نه سو،
حقون به رکي ته ناحقون به رکي، ڏوڪڙ به ويچاري
چنيسر جا ويا ۽ مار به هاڻ اتس ٿي پوئيي.
عالم – ير، گضب ته ڏس، الٽو چور ڪٽوال کي
ڊانٽي!
چاڪر – جانل ويچاري کي ٿرين سماءُ پوندو،
اوءَ ته مري ويندي.
عالم – ٻيلي، همراهه هئن اڙجي وڃي ۽ اسين
ماٺ ڪري ويٺا ڏسون،اها ڳالهه ٺهي ته ڪئين؟
چاڪر – پوءِ ڪجي ڪڄاڙو؟ دودو به هتي ڪونهي،
جنهن سان کڻي صلاح ڪريون.
عالم – اسين پنڊ هلي ڪو ڏس پنڌ ته پڇايون،
ڪو وڪيل وڙو ته ڪريون. نه ته حياتي همراهه جي بنهه
هڄي ويندي وو!
چاڪر – ير! وڪيلن جي ور وري ڪهڙو چڙهون! پاڻ
ماڙهيئن ڪڻ ايتري بشارت ڪٿي؟ وڪيلن وٽ هيڪر
ڦاٿاسين ته ڄور وانگر پيا رت چوسيندا، سو رت به
هجي ته چوسايون. تون آءُ اهيون هڏا ۽ چمڙي.
عالم – سو ته بروبر! پر پوءِ ڪو بلو ڀيڻي
ڪبو ڪين ڪ؟
چاڪر – ير، اسان جي وس جي ڳالهه هجي ته کڻي
ٽنگ ٻانهن چوريون. کٽنس نصيب! من مولا کي مهر
پوئي.
عالم – رک رب تي، اهو ئي اوکيون سوکيون
ڪندو.
چاڪر – ادا، هڪڙو ڪم ڪر.
عالم – تون چو.
چاڪر – تون موٽي وڃ ٿر مٿي. جانل کي سماءِ
ڏجئين، باقي دودي کي وڃي تاگيد ڪج ته ستت ئي واپس
وري، او هتان جو وڌيڪ واکب آهي. او آيو ته کئير ٿي
ويندو.
عالم – ادا، ميرپور ۾ آءُ آيو ته هوس ڪم
سانگي، پر ٺهيو. اهو ڪم کهه پوئيي، وڃي ٿو همراهه
کي هڪل ڪريان ته واري ڍري پوئيي سنڌ کي.
چاڪر – ادا، ڀلي ڪري آئين!
(ٻئي ڀاڪر پائي موڪلائين ٿا.)
(ائڪٽ ٻيون) (پردو پنجون)
(فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ جي ڪورٽ. ماجيسٽريٽ
صاحب ۽ سندس سرشتيدار، پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي
ويٺا آهن. چنيسر کي چيلهه ۾ رسو ٻڌل ۽ هٿڪڙيون
لڳل، جوابدار ٿيو بيٺو آهي. فريادي عريضي نويس پڻ
موجود آهي. ٻي به خلق حاضر آهي.)
ماجسٽريٽ – (فتوي ڏئي ٿو، جا سرشتيدار لکندو
وڃي ٿو.) اسان ڪيس هلائي پورو ڪيو آهي. جوابدار جو
بيان اعتبار جو ڳو آهي. هيٺين ڳالهين مان اسين صاف
سمجهي سگهون ٿا ته جوابدار بيڏوهي آهي، فقط جاهلت
سببان هن کي اهي مصيبتون سهڻيون پيون آهن.
(1) ته جوابدار اڳئي ئي عريضي نويس کي
سڃاڻي، هن وٽ خط پٽ لکائڻ لاءِ ويندو آهي، ۽ هڪ
دفعو مني آرڊر به لکايو اٿس.
(2) پوسٽ آفيس جو رڪارڊ ۽ عملو گواهه آهي ته
هن جو مني آرڊر عريضي نويس پنهنجي نالي لکي، پئسا
غبن ڪيا آهن.
(3) اها حقيقت آهي ته ڪورٽ ۾ پيش ڪيل ڪوٽ،
عريضي نويس جوابدار کي خيرات جي بهاني سان ڏنو هو
۽ ارادتاً هن ڪيس ۾ مبتلا ڪري، پنهنجي ڪپت کي
لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس.
(4) جوابداري هڪ ٿري، اڻ پڙهيل ۽ بلڪل
اٻوجهه آهي. هن اهي پئسا پاڻي ڀرڻ ۽ سيٺ وٽ ڌنار
ٿي ڪم ڪرڻ مان ڪمايا هئا.
(5) اها پڻ خاطري آهي ته جوابدار چوري ڪيل
ڪوٽ ڪڏهن به اهڙي طرح ظاهر ظهور بدن تي ڍڪي ڪين
هلي ها.
جنهنڪري جوابدار کي بيڏوهي سمجهي آزاد ٿو
ڪجي، (پوليس وارو چنيسر جون هٿڪڙيون ۽ رسو چيلهه
مان ڪڍي ٿو.) ۽ جوابدار کي اجازت ٿي ڏجي ته هو
فريادي تي ڪوڙي ڪيس جي ڏوهه ۾ قلم 1 – الف، پ. ڪ
هيٺ ڪيس ڪرڻ لاءِ اسان وٽ درخواستون ڪري ۽ فريادي
ءَ کان سبب وٺڻ ۾ اچي ته قلم 50 الف.پ.ڪ. هيٺ
جوابدار کي سيڙپ ۽ تڪليف جو عيوضو کانئس وٺي ڇو نه
ڏيڻ ۾ اچي.
پوسٽل اٿارٽيز کي پڻ هن معاملي ۾ نهايت
سرجوشي سان تحقيقات ڪري، هڪ مسڪين اٻوجهه جي جلد
حق رسي ڪرڻ گهرجي.
(ڪورٽ برخواست ٿئي ٿي ۽ سڀئي اٿن ٿا. چنيسر
آزاد ٿي ڪورٽ جي ڪمپائونڊ ۾ ٿئي ٿو ته ٿريان
ميرپور خاص گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول جي شاگردن
جو هجوم ۽ عام ماڻهو گڏجنس ٿا، جي تعليمي پوسٽر
هٿن ۾، ”بيعلمي برباد “ جا نعرا هڻندا اچن.)
چنيسر – (هڪڙي شاگرد کان، جو ٻين همراهن کان
ٿورو اڳڀرو وڌي آيو آهي) ڀائو، هي ڇا جو گوڙ آهي؟
شاگرد – ادا، هي ءُ گوڙ نه آهي، پر هي اوهان
اڻ پڙهيل ڀائرن کي اکرن سيکارڻ جون تياريون ٿي
رهيون آهن.
چنيسر – ابا، اکر پڙهي ڪبو ڪو؟ اکرن پڙهين
جا ڪرتوت تون مون ڪنان پڇ ته مانجي ڪهڙي گت ڪئي
آن، ڦريس به آءُ، ترم ۾ به بيس آءُ. هاڻي کاڌي
لاءِ ڪوڏي به ڪانهيم. ٻچا به لاجي مئا ڪه بچيا؟
شاگرد – ڀائو، جي تون ٻه اکرپڙهيل هجين هاته
ڪير تو کي هٿ لائي سگهي ها؟ پڙهيلن کي ته ڪو ڦري!
باقي جاهل ته هر ڪنهن جو شڪار آهن.
چنيسر – سو ته کاشو، پر ادا، سکڻا اکر
چٻاڙبا ته ڪين؟ اسين گريب ماڙهو، اسان کي پيٽ ڀرڻ
جي لاءِ کپي ان.
شاگرد – ڏس، اوهين اڻ پڙهيا پورهيو ڪري، ان
۽ اٽي لاءِ ڏوڪڙ ڪمايو، ٻيا اوهان کي دلبا ڏيو
اوهان کان هڙ ڦريو وڃن!
چنيسر – اي، آءُ به ته ائين پيو چوئان نه!
شاگرد – هاڻ،جي انهي ڪمائي جي برڪت سان گڏ،
اوهان کي اکر به ايندا هجن ته ڪير جيڪو اوهان کي
ڦري سگهي؟
چنيسر – ادا، تون چوين بروبر ٿو. اڳي ته هوس
واريءَ جي وچ ۾. کبر ئي ڪا نه هئم. پر جڏها نڪر
هتي شوهر ۾ آيو آهيان، تڏهانڪر اک اپٽي آم ته هت
جيسين چار اکر نه سکبا، تيسين ماڙهو اهي انڌي جي
آچار. اڻ پڙهيل جي ڄمار آهي مروئين واري.
شاگرد – او! هاڻي ڳالهه کي سمجهو اٿئي. پر
ڪي پڙهندين به، ڪين رڳو ڳالهيون ڪندين؟
چنيسر – الله جو سونهه هير ئي پاڙهه ته
پڙهان.مون سين اهڙيون تاديون (تعديون) ٿيون آهن،
جو هاڻ يا پڙهندس يا ته مرندس بس!هيڪڙي ڳالهه
ٿيندي.
شاگرد – چڱو، ته ڪريون تنهنجو نالو داخل؟
چنيسر – ڀلين ڀلين.
شاگرد – (شاگرد هئنڊ بئگ مان فارم ڪڍي نالو
داخل ڪريس ٿو) نالو ڇا اٿئي؟
چنيسر – نالو چنيسر.
شاگرد – پٽ ڪنهن جو آهين؟
چنيسر – (ڀلجي پوي ٿو.)
شاگرد – ڇو، پيءُ جو نالو ياد ڪو نه اٿئي
ڇا؟
چنيسر – وسري ويو آم. هڪڙو کڻي لک.
شاگرد – (کلي ٿو) چڱو، پڙهندي ساجهر جوڪي؟
چنيسر – سائين، ساجهر جو ڀريان ٿو پاڻي وو.
پڙهندس ويرانڍ جو.
شاگرد – چڱو، اڄ کان وٺي روز ٻپهرن جو کوهه
تي ئي پڙهڻ لاءِ ويٺو رهج. ڪتاب وغيره سڀ تو کي
مفت ۾ ملندا.
چنيسر – ابا، داتا تو جو ڀلو ڪندو. آءُ به
روز ويٺو پڙهندس.
(تيتري ۾ هجوم ڪورٽ جي ڪمپائونڊ جي ٻاهران
اچي پهتو آهي. شاگرد نعرا هڻندا هلندا وڃن.)
هڪڙو – بي تعليمي.
ٻيا سڀ – برباد.
هڪڙو – تعليم.
ٻيا سڀ – زنده باد
(ائين نعرا هڻندا، سڀ نڪري ٿا وڃن.)
(ڊراپ سين)
(ائڪٽ ٽيون)
(پردو پهريون)
(ميرپورخاص جي شهر جي دنگ تي، کوهه جي
ڀرسان، جتان چنيسر ٿريو پاڻي ڀريندو آهي، هڪڙو
ماستر بالغن کي ويٺو پڙهائي. چنيسر ۽ ٻيا ڪيترا
هندو، مسلمان، سک ۽ هريجن وغيره بالغ شاگرد ويٺا
آهن، ماستر بورڊ جي اڳيان بيٺو آهي.)
ماستر – شاباس چنيسر، ٻڌاءِ ته ڏندڻ نه ڪرڻ
ڪري ڪهڙا نقصان آهن؟
چنيسر – جي تو ڪالهه سڻايا هوا، سي مانجو
پيءُ به ڪو نه چوئي سگهندو، باقي نقشانن جي ٻي پچر
ئي کڻي ڦٽي ڪر وو! تو ڪين چو هو ته ڏندن جي ڄمار
سٺ مندن ٿيندي آهي؟ جي انهن جي صفائي نه ڪبي ته
پيري کان مهند ئي ڀڄي ڀري پوندا؟ اي به ٿي ڏاڍي جٺ
نه! ڏند ڀڳا ته مڙس ڇٽو، ٿيو لٻو، پو ڪهڙي کاڌي جي
موز، وتندو سيرو۽ پٽڙو ڀت پچائيندو. هئو سائين، تو
جو ڪالهه ڦارسي وارو ڏوهيڙو سڻايو هو ته ڏندين کان
بگر مزوئي ڪونهي، او ته وري سڻائج.
ٻيا شاگرد – هائو سائين، اهوڏاڍو سٺو هو،
وري ٻڌايو.
ماستر – خط دنيا بازن ودندان بود
بي زن ودندان جهان زندان
بود
چنيسر – سائين، انين جو مطبل ته وري سڻائج.
ماستر – دنيا جو مزو آهي زال ۽ ڏندن سان،
زال ۽ ڏندن بغير جهان قيد خانو آهي.
چنيسر – ڀلو! ڀلو فارسيءَ واري به مند جون
سڻائي ڇڏيون آهن، زال ۽ ڏندن سوا اهن به نورا سور،
(ساڌو سنگهه کي) ساڌو سنگهه، ڪيين ٿو ڀائين؟ (سڀ
کلن ٿا)
ماستر _ چڱو مان اوهان کان هڪڙو سوال ٿو
پڇان؟
چنيسر –سائين، ڀلي پڇ، سدا پڇ.
ماستر – گرمي ٿيندي آهي يا سخت پور هيو ڪبو
آهي ته اسان جي بدن مان پگهر نڪرندو آهي، اها
ڳالهه سڀيئي مڃبو ٿا؟
چنيسر –سڻ اي ڪير ڪين وسهندو؟
ماستر – چڱو، هاڻي اسان کي ويچار ڪرڻو آهي
ته اهو پگهر اچي ڪٿان ٿو؟
علودو– سائين، اندران بت مان ٿو نڪري، ٻيو
ڪٿان؟
ماستر – بدن جي مٿان ته کل جو پوش چڙ هيو
پيو آهي، پوءِ ڪٿان ٿو نڪري؟
هيمن-سائين، منهنجي ڌيا ۾ ته ڪي چمڙيءَ ۾
سنها، سنها پور آهن ته شڪ ڪونهي.
(سڀ کلن ٿا. هيمن ٿورو ڦڪو ٿئي ٿو،)
ماستر – بابا، کلڻ جي ڳالهه ڪانهي. هيمن،تون
لڄي ڇو ٿو ٿين؟ سچ پچ، انسان جي چمڙي ءَ ۾ تمام
باريڪ سوراخ آهن، جي اسان کي ظاهر ڏسڻ ۾ نٿا اچن.
پگهر انهن جي وسيلي نڪري ٿو.
چنيسر – (کلي) هيمن جي ڳالهه هروڀري مٿي
ڪرئين ته ڀلين، استاد آهين، جيڪي چوندين سو
مڃينداسين، باقي ٽنگ، پر ڪٿان آيا؟ ٽنگ ڪر هجن ها
ته رت ڪوه ڪين نڪري اچي ها
(سڀ کلن ٿا،)
ماستر – چڱو ٻڌ چنيسر، ڀلا ٻڌاءِ ٽامي جي
گها گهر ۾ باڻي وجهي بند ڪري رکندين ته مٿان آلي
ٿيندي؟
چنيسر – ڳه ڳه (ڳٽڪار ڪري،)
ماستر – ڀلا، ٺڪر جي ڪوري دلي ۾ پاڻي وجهي
رکندين ته ٿوڙي ويرم ۾ سڄو آلو ٿي ويندو يا نه؟
چنيسر – (ڪنڌ جي ڌوڻ سان) آنهه آنهه.
ماستر _ ڀلا ڇو ٺڪر ۾ تنگ هي ڇا جتان پاڻي
نڪري اچيو مٿاڇري کي آلو ڪري؟
چنيسر_ ساءِ ڪرئي ڪانه ٿي پوئي ظاهريءَ ته
ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.
ماستر – هان، شاباس! ساڳيءَ طرح انسان جي
چمڙيءَ ۾ به بيشمار سوراخ آهن، جي ظاهر نظر ڪونه
اچن، مگر انهن مان پگهر نڪري اچي ٿو،
رت رڳن جي نالين ۾ بند آهي تنهنڪري انهن
سوراخن مان نٿو نڪري. رڳن جون سنهيون سنهيون
ناليون بت ۾ ڏسين ٿو نه؟
چنيسر – (ٻانهن ڏسي) آنهه آنهه، هي بيٺيون
آهن“ پر سائين، سوراخ به وارن جي پاڙن ۾ ٿورا ڏسجن
ته پيا!
ماستر- هان! شاباس،هاڻ پگهر آهي هڪ قاتل
زهر.
چنيسر – هائو سائين، ڪنو بروبر آهي، ڌب به
ڏاڍي ٿيندي آهيس.
ماستر- هاڻي بابا، ويچار ڪريو ته اهڙي
بدبوءِ واري زهري شيءَ جيڪڏهن انسان جي بدن مان
خدا تعالي پگهر جي رستي نه ڪڍي ته هوندو ڇا ٿئي؟
سڀ-سائين، ماڻهو هوند ضرور اگهو ٿئي.
ماستر- تڏهن چئبو ته خدا تعالي بلڪل سياڻپ
ڪري انسان جي چمڙيءَ ۾ اهي سنها سوراخ رکيا آهن،
جن جي بند ٿيڻ ڪري، انسان هوندو بيمار ٿي پوي،
توهين روز ٻنين ۾ پٺا اگهاڙا ڪري، ڪم حاج ڪريو ٿا،
اوهان جي بدن تي مٽي لڳندي، جا اوهان جي بدن جي
سوراخن کي بند ڪري ڇڏيندي، اوهين سمجهي سگهو ٿا ته
جيڪڏهن سوراخ بند ٿيا ته پگهر ٻاهر نه نڪرندو،
اهو پگهر وارو زهر اندر ئي رهجي ويندو ۽ وڃي ٻين
عِضون تي ڪرندو، جنهن ڪري انسان بيمار ٿي پوندو،
هاڻي اهي سوراخ بند نه ٿيڻ،بلڪ سدائين صاف رهن،
تنهن لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي!
چنيسر- سائين، جت مٽي لڳي، اُت هٿ هڻي، بت
مهٽي ڦٽي ڪجي، (مهٽي ڏيکاري ٿو،)
ماستر – شاباس، پر وڌيڪ چڱي ڳالهه اها اهي
ته روز غسل ڪجي، يعني ميٽ تيل ڪري وهنججي ته اهي
سوراخ پاڻهي صفا رهندا ۽ ماڻهو ڪڏهين به بيمار ڪين
ٿيندو.
چنيسر – هئو ڙي! هٿ سان مهٽي کان وهنجڻ ڀلو.
بت ۾ فرات به ٿيندي، چوڪڙو به لهي پوندو، شوهرن جا
ماڙهو ڏاڍا ملوڪ پيا ڏسبا آهن، سدائين ڳاڙها جهڙا
انب لڳا پيا آهن، سو به رڳو ان ڪري جو ڏهاڻي وهنجن
ٿا. (ڪلهن تي هٿ لائي سور کان) هوءِ ڙي! مونجاته
پاڻي ڀري ڀري، ڪلها ئي پيا سور ڪن،
ماستر – هن مان ڪهڙو نتيجو نڪتو ته اسان کي
هر روز ڪهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن ڪري بدن تندرست
رهي؟
سڀ –سائين، روز وهنجڻ گهرجي.
ماستر – شاباس، هاڻي روز وهنجڻ جو انجام
ڪهڙا ٿا ڪن؟
ٻياسڀ- سائين، اسان جو مڙدانو شخن آهي!
روز وهجنداسين.
چنيسر- (ٽنگ واري ڦٽ کي، جتي اڳڙي ٻڌل
اٿس،هٿ لائي) سائين پوءِ آءُ ڪڄا ڪريان؟
هي مانجو جکم پاڻي ته ڪونه چورائيندا ڌ؟
ماستر- انهيءَ جاءِ تي صاف اڳڙي ٻڌي ڇڏ ۽
غسل مهل سنڀال ڪندو ڪر، جيئن انهيءَ جاءِ تي پاڻي
نه لڳي، باقي سمورو بدن روزانو صفا ڪندوڪر. اهو ڦت
وڃي ڊاڪٽر کي ڏيکار۽ روزانو علاج ڪراءِ اميد ته
جلد ڇٽي پوندو. (واچ ڏسي ٿو.) چڱو، هاڻي ڪافي دير
ٿي چڪي آهي. وڌيڪ صفائيءَ بابت سڀاڻي احوال ڪبو ۽
اوهان کي فونو به وڄائي ٻڌائبو، هينئر ڪتاب بند
ڪريو. مان موڪلايان ٿو.
(ماستر وڃي ٿو.)
چنيسر – اڄ ته ير،ملين پڙهائڻ سان حيلا
ڪري ڇڏيا، اڃا ڪالهه ڪالهوڻيءَ ڦڏو ليڪوبه ڪڍڻ ڪين
ٿي آيو. اڄ ته شخر آهي، ڪيترا اکر سکيا آهيون.
پڙهڻ ۾ به آهي موز. هي پڙهيا جي پنهنجون ڄمارون
ڳاريو ڦٽيون ڪن، سو ڪين ته آهي؟
سڀ- ڙي چريا ٿري 1 ملين واريون ڳالهيون خواب
۾ به ڪونه ٻڌندين. (کلن ٿا) ٻيلي، هلو ته پاڻ ته
هلون، کوهه ڄاڻي، چنيسر ڄاڻي. ٻيا وڃن ٿا ته
چنيسراول اٿي سلفي ٺاهي پئي ٿو ۽ پوءِ بالغن وارو
ڪتاب ڪڍي ويهي پڙهي ٿو)
چنيسر – (عجيب ڍنگ سان) مال جا واڙا، گاهه
جا گڏا. (پڙهڻ روڪي، سليٽ تي ٻه – چار اکر لکي
ٿو.) مهند ڀانيم ٿي ته پرهڻ مور ڪين ايندم، پر هاڻ
ته شخر آهي، سڀڪين پيو اچي. اکر سي اڃا ڪچا آهن،
مڃان ٿو، باقي صورتکتيءَ ۾ ٻين کان ويل آءُ به ڪين
آهين، حسابين ۾ به هوريان هوريان پڪو ٿي ويندس.
(پيشانيءَ تي هٿ رکي، غور سان نهاري متان ير، دودو
پيو اچي. ٻيلي واهه! من ڪا ٿر جي کبر چار آندي
هوئيس.
(دودو اچي ٿو ۽ اَٿي ڀاڪر پائي ملن ٿا.)
چنيسر- دودا، ڀلين آئين!توکي ته هاڻي دل
بنهه ياد پئي ڪيو، ٿر وئين، وري موڪلا يئي به
ڪونه؟
کش آهيو؟
دودو- شخر آهي.
چنيسر- آسودا؟
دودو- رحم.
چنيسر- جوڙ؟
دودو- ڪرم،
چنيسر- مٿارا؟
دودو- ڦضل.
چنيسر- مال وٿاڻ؟
دودو- مهر.
چنيسر-کيرپٽ؟
دودو- دعائون.
چنيسر- ڀاڳين ڀيئين؟
دودو- مڙوئي کئير.
چنيسر- اهيو نه هوڪارن ۾ نه؟
دودو- شخر آهي. ادا، تون کش؟
چنيسر – شخر.
دودو –چاق، چڱو ڀلو؟
چنيسر-رحم.
دودو- ڀڙمتارو؟
چنيسر – ڦضل.
دودو-جوڙآسودو؟
چنيسر-کئيرئي کئير.
دودو-ادا، کپي به کئير
چنيسر – دودا، ڏي کبرون چارون؟
دودو- کيرون چارون پانجون مڙيئي کئير، ڄاڻين
سڃاڻين ٿو، ذات نالي جو واکب اهيين، ويٺڙا الا الا
ڪريون. مهنديين گهمي اتي ميرپورکاش ۾ ڀيڙا هواسون،
پر ٻيلي چنيسر، بشڪ ڪج. ويندڙ يا ٽاڻي موڪلائڻ تو
ڪنان واجب هو، پر ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇٻين؟ ويسر
جا اهن گهوڙا. (ڏاڙهيءَ کي هٿ گهمائي)هيڻا چنيسر
ٻيلي، ٻڍڙا به ته ٿيا آهيون،
(کلن ٿا،)
چنيسر – نه ڙي دودا، اڃان تون ٻه ڪنواٽ ٿو
لهين وو! اڄ ڪالهه جا جوان، هيربه توجي اڳئون ڪونه
بيهي سگهندا.
دودو- (ڏاڙهيءَ تي هٿ گهمائي) هئو، اهي ته
بروبر ايهين، پر اها ڳالهه به ڪو تو پارو سالڪ
سمجهي، کئير، پوءِ ادي کي چوئان، اڪير اچي کنيو ۽
سڌو ويندو رهيس ٿرين، (ٿڌو ساهه ڀري) گهرين پڳس ته
بس، تو واري ڏوڪري کير سنئدڙي ئي ڀڳي آئي. ٻيلي
چنيسر، ڏاڍا آهنجا آهيون، الله جو سونهه، نه پئسو
نه پنجڙ! ٻيلي،تو جهڙي به ڪري ئي ڪوم.
چنيسر- دودا، توڪن سڌئي ڪانهي نه ٻيون
پچارون ڇڏي ڏي. وڃي انگريچ جي گهرين پيا هواسون
وو! قست ۾ ترم ڏسڻا هوا، سي به ناحق ڀوڳي آياسون.
ڏوڪڙ موڪلي مور هين ڦاسي رهيس. نه پئسا گهرين پڳا،
نه واري مليا. هڙئي هاري ويهي رهيا سون.
دودو- (عجب ۾) الله جو؟
چنيسر – سونهه.
دودو- اي وري ڪيئن ٿيون؟
چنيسر – گهاڻي پوئي منشيءَ کي، سو ڦارم ڪو
ايهڙو ڀر يائين، جو پئسا وڃي جڙيا ڪڻس، مور ڳوڪئين
وڃي معاملو، ته مانجو ڪوٽ چنيسر چورائي ويو آهي.
پوءِ سڙڪ وڃي جڙ يا ڪڻس تان پي ويس ته پوليس نيئي
سوگهو جهليم ۽ گهلي وڃي هنيائون ترم ۾.پوءِ هڻندين
هڻندين مسين مسين ڪلٽر ويچاري، ٻچا بچنس ڇڏيو آم،
هاڻي وري اهو تڙ، اهي چڙ هيون. ڪجهه ڏوڪڙ ٿيا آهن
۽ ڪجهه ٻيا ٿين ته پوءِ تون ئي کڻي ووڃج. هير ڀلا،
توجوڪيئين اچڻ ٿيو آهي؟
دودو- اچڻ جي ڳالهه ته پوءِ ٿا ڪريون، چنيسر
مانجا ته سچ پڇئين ته پير ئي اُکيڙي ڦٽا ڪيا ٿئي.
ٻيلي! آءُ چوندو آهيان ته ٿر جو رکو ٽڪر پڻ ڀلو!
ڀلي بک ڀرم جي شال م وڃي شان. سالڪن اڳي ئي چوئي
ڦٽو ڪيو آهي. که پيو ايهڙو سنڌ ملڪ جتي جا ماڙهو
بنهه اهينڊ آهن.
چنيسر- پر دودا، جو لکيل هوندو ڀاڳ ۾، سو ته
آوس وهي پوندو ڀاڳ ۾. (ڪتاب ۽ سليٽ هٿ ۾ کڻي) هاڻ
مون ڪيو آهي ملين وٽ پڙهڻ شروع.
دودو-(کلي ٽهڪ ڏيئي) الله جو؟
چنيسر- سونهه.
دودو-ڇوڪرين ڀيڙو ڪم؟
چنيسر – (گٽڪار سان) نه نه ڇو ڪريا جا،
انگريچ وري پوڙهن جا اشڪول ڪي اپٽيا آهن؟ جتي کوڙ
ماڙهو پيا پڙهن. هن مير پور جي شوهر ۾ ڏاهڪو کن
اشڪول ته هوندا ئي هوندا، هڪڙو اشڪول هتي تڙ مٿي
پڻ ڏيهاڙي لڳي ٿو.
دودو- (عجب ۾ پئجي)چنيسر،ڪي پڙهيو به اهيٻن؟
چنيسر – هائو، ڪوڙڪوم ڪريان. هي ڪتاب ۽ سليٽ
به سرڪار مان جڙيءَ آم، (پڙهي ٻڌائيس ٿو.) مال جا
واڙا، گاهه جا گڏا. (سليٽ ڏيکاري) هي اکر به بنڊ
لکيا آنم، (نالو لکي ڏيکاريس ٿو) هي اٿئي مانجو
نالو، چنيسر. (وري لکي) هيءَ لکيو آم تو جو نالو؛
دودو. ڪئين ٿو ڀانيٻِن؟
دودو- (عجب ۾ پئجي) چنيسر ٻيلي، تو کي شابس
هوئي لکڻ سين. مون ڪڻ ته اهي انگڙا ڪر ڄمار ڪين
اچن.
چنيسر-دودا، ڀلو اهيٻين ڀلو.مون به مهند
ائين ٿي چو، پر ڏس، هير ڪيئن پيا اچن، بگر پڙهڻ
جي. دودا- شوهرن ۾ ماڙهو ڍور جيان پيو ڦري، ڪا گم
ئي ڪانه ٿي پوئي.
دودو- ٻيلي، تون ننڊو نيٽو آهيين، اسان جي
اڇي ڏاڙهي ٿي ويئي. وڃائي ويٺا آهيون. هير ڇا
پڙهبو!
چنيسر – (کلي) دودا ٻيلي، پڙهندين کيال سين،
ڪو ڏاڙهيءَ مين ڪونه پڙهندين. جي سڀان ساجهر جو
اچين تان ملين ڀيڙو ڪري ڇڏيين.
دودو- چڱو ادا، ٿئي سڀاڻ و!
چنيسر- ڀلا ڪي ٿر ۾ ڇنڊون پيون آهن ڪ نه؟
هتي سنڌ ۾ ته رڳو دوڦان متا پيا آهن. اهي
ريل جي دونهين جهڙيون پڇون، جن ۾ نه آسرو نه اميد،
ڦريو وريو پيون ڦرن.
دودو- ٻيلي چنيسر، ٿر مٿي هيل سال به جنسي
قيام آهي وو! ڪک مورهين ڪونه لڀي. مال مري فنا ٿي
ويو آهي. لسيءَ لپ لاءِ مشڪين سڪي مئا آهن، جي
هنين چنڊ جي تاريخن ۾ ڇنڊون پيو ته گهوري گهوري!
نه ته ڏڪار به ڏڪارٻين جهڙو پوندو، ڍور توڻي مارهو
مڙئيءَ مري ويندا وو!قياس ڪر، جوڙي رپئن جي
مزوريءَ جي پويان پنجاهه ڪوس ڪري اڄ هتي پڳو
آهيان. رائلي وارن رندن جا ڪي ڏاگها، اٺيين پويان
لڳي کڻي بتال ٿي سنڌ کي اچي ڊريا اهن، تنين جا پڳ،
ٽيو ڏيهن چيلهه واري ڍڪ ۾ اچي هٿ ڪيا آم. هياڻ،
ڀاڳئي کي پتو ڏبو، تڏهن جڙندو جوڙو رپئين جو. ڪجي
سو ڇا ڪجي؟
چنيسر- (ٿڌو ساهه ڀري) هئو دودا،هي بنهه
لاچار. (ٽنگ جي سور کان دانهن ڪري ٿو.) اڙي، گهوڙا
ڙي! (پٽيءَ کي هٿ لائي ٿو.)
دودو- چنيسر، هي ڦٽ هيڻا ڪين ڇٽو آهن ڪ؟
چنيسر- ڳه ڳه، (ڳٽڪار ڪري) هيترا ڏينهن
ڪياسون پنڊ جا ٽِڪڙ. هير ته مور ڳو سجي پيو آهي.
سڀ ٿا چون ته وڃ داختر وٽ. هاڻ لاچار وڃبو، نه ته
ڦٽ وڃي ٿو وڌندو.
دودو-ٻلي چنيسر، متان داختر وٽ ويو اهيين،
سو آم ته ولات ۾ ماڻهن جا هينئان ٿا کپن ۽ ان مان
چر ٻي لاهي تيل ڪڍي. ائينءَ ڪري، داختر ويچارن
اگهن کي سيون هڻيو ماريو ڦٽو ڪن. جان ته وري عضائي
وڍيو ڪڍين. پو جو تربي گٿي سو چوٽون کائي واري
ڳالهه ٿئي! پاڻ مشڪين ماڙهو هت شوهرن ۾ نه ڪواهي
نه ڪو واهي. مڦت ۾ مرون يا منڊا ٿيون، اي ڪم مور
کين جو.
چنيسر-دودا، اي ڳالهيون مون به سيون آهن، پر
ڪين ڪجهه وڌاءُ به اٿئي، ڀلا، جي داختر وٽ نه وڃان
ته پوءِ ڪيئن ڪريان؟ ڦٽ ته مورهين نٿو ڇٽي.
دودو- آءُ ٿو تو ڳڻ ڏس ڏيان. ڦٽ ڪيم ڇٽندو
جو ملڪ بيهي ويو آهي. وڃي ڪنهن پير جي قبر مٿان
کاڪ چپٽي کڻي ڦٽ مٿان رک ته ويرم ۾ ڇٽي وڃين، ڪر
ڪوڙٿي ڪيئي يا وري ڪنهن سيد کي وڃي تائيٽ لکائي
مُرئي ۾ ٻڌي ڦٽو ڪر. پوءِ بي الڪو ٿي پيو تڙين مٿي
موزون ڪر. مون ڳن ٿيو هو ڳچيءَ ۾ ڳوڙهو سائين صابن
شاهه باشاهه،(نڪ تي احترام کان آڱر رکي ٿو.) ڍٽ
ڌڻيءَ جي گاديءَ واري، ست ڳنڍيون ڏئي، آڪاري مان
سڳو وٽي ڏنيم. ڪاڏي ويا ڳوڙها، ڪاڏي ويا درد سور!
هي سڳو اڃا مانجي ڳچيءَ ۾ پيو آهي. (ڏيکاريس ٿو.)
چنيسر- سائين باشاکي سنت گهڻي نذز رکيئي؟
دودو-روڪڙ مون ڪن ٽڪو به ڪونه هو، باقي ڳئو
مون واري ڪڪڙي، سائينءَ جي پڳين کڻي نذراڻو رکيم.
(چنيسر عجب ٿو کائي.) ڪو عجب ۾ ٿو پوئين؟ ڳئون
ڏنيم، پر ڄمار ته بچي! سائين جو کيڦو ڦل ڦقير به
ماڙهو اٿئي ڏاڍو ملوڪ. پهتل شخت. ان مون سين ڳالهه
ڪي ته اي جيڪو نه منکي ڳچيءَ ۾ ڳڙهه نختو هو، او
بنهه موت جو ڳڙهه هو وو! سائينءَ جو سڳو نه پڄي ها
ته ڏينهن اڌ ۾ ڦاٽي پوئي ها، پوساهه نه تو ڏٺو نه
مون ڏٺو.
چنيسر-
هئو ادا،
انسان ويچارو اهي ماڙهوءَ جي آچار وڃڻ ۾ ويرم گهڻي ٿي
لڳي؟ اي ته آءُ به ڄاڻان ٿو، پيرين وڏي ڪراست. هو
ڏڌو کير به ٿڻين وجهي ڏين، پر دودا،هتي ته مون ڪن،
پير ڪونه ٿو سجهي. انهي ڳالهين واه ڙي مئا ٿر! پير
ائين جئين مٿي ۾ جويون وو! دعادڦا ڦيڻون ڇنڊو، سڳو
ڌاڳو سڀ سونهج. سارو سال هيڪڙا پيا اچن ته ٻيا پيا
وڃن ڪڏهن ڪڏهن جو اچيو رکن ڀيڙو ڀٽين منجهه
هيڪاندو ته ٻاجهريءَ ڪک، ڪٽي، گيهه ۽ ڇيلٻن کي
بنهه تاڙاچيو وڃي وو!
دودو- هئو چنيسر ٻيلي ٿيو سا ماڪڙ واري ڪار
وڃي وو! پر وري به الله جو ڏنو آهي به انهيءَ
مرشدين جي صدقي ٿو کارائي – چنيسر ٻيلي، ايمان اهي
ته سڀڪين آهي. هيءَ ڏس، سنڌ جا ماڙهو اولاد لاءِ
سڪندا وتن.پانجو ٿر ملڪ پڻ آهي، اهي بنهه
مشڪين.ماڙهن جو قوت به توڪڻ ساريو پيو اهي، تڏهن
به ڪيترا پٽ ۽ ڌيون، مال ۽ رزق انهين مرشدين جي
برڪت سين پيا ملن وو! ٻانهي جي ڪا وس جي ڳالهه
آهي؟
چنيسر-نه ڙي ادا، بندي جو ڇا وس اهي! پر سال
ڪئين ڊاڀري جي پراهون، اوترئين مڙهن مان سائين
ولات علي شاهه گهوٽ، عا سان کاري تڙ مان مٺو تڙ
ڪري ڏنو! اهو پي آيو آهيان. بس ڪهڙيءَ ٿو ڳالهه
پڇٻين؟ جهڙوسنڌ جو پاڻي وو!
دودو- هئو، اي ڳالهه مون پڻ سڻ هئي، جو
سائينءَ پاڻ سان اتان هڪڙي ڇوڪري به ٻانهي ڪري
ڀيڙي ڪي هئي. بلي چنيسر!چون ٿا ته ان مائيءَ جو
تائيٿ ڦل ڏاڍو ٿو هلي!
چنيسر- هائ دودا، پارس لوهه سان لڳي ته سن
ٿي پوئي (ٽنگ جي سور جي وري به دانهن ڪري ٿو.) پير
ته هڪڙو هتي مير پور ۾ به سڄي ٿو ته مڙد مڙئي پهتل
اهي.سڀاڻي ئي وڃي پڳين لڳندو سانس، هاڻي آءُ ته
روٽلو کنيون. هوندين به پر بکارو؟ (ماني هڙ مان
ڇوڙي گندي ڇائي ٿو.) آ ڀلا بسم الله،
(ٻئي ماني کائين ٿا ۽ پاڻي پيئن ٿا، کائيندي
گفتگو ڪن ٿا.)
دودو- چنيسر ڀلو ڀلو، ڳڙ ته سنڌ جو!
چنيسر –سنڌ م اجهي اي ته مزا اهن نه؟پيو
پانجي ٿر جا لهاڻا ۽ ڪراڙ ته ماڳهين ايهڙا نڀا ڳا،
جهڙا ڏيپلي جا ميمڻ.ورهين جون ڄاري کاڌي شيون ڪڍي
ڏين پاڻ مشڪينن کي.
(وري بصر کائن ٿا،)
دودو- چنيسر، بصر ڪيئين مليئي؟ مٺو سو واهه
جو آهي! منجهانس کير پيو وهي وو! (هٿ سان نيوڙي
ٿو.)
چنيسر- بصر جيي پچار ڇڏي ڏي. هيڪرو ڍاٽي مون
ڳن آيو مزمان ٿي. ڌڙي بصر ين جي ويرم ۾ کائي ويو
وو!
کلن ٿا ۽ ماني کائي بس ڪن ٿا ته هڪڙو واڻيو
اچي ٿو.)
واڻيو- چنيسر! چنيسر – اوجيءَ.
واڻيو – ٻيلي، تون ويٺو اتي رهاڻيون ڪرين ۽
اسان وٽ پاڻيءَ ستيءَ به ڪانهي. ڪر جلدي، وارو ته
ڀري هل.
چنيسر- ڀائي، ٻه پايون واري جون ڳهندس، جي
قبول هونئي ته هلان نه ته ٻيو ڪو گس ڪر.
واڻيو – چنيسر، اڳي ته اهڙا ليکا ڪونه ڪندو
هئين، هاڻي ڏاڍي پڪا ئي سکيو آهين!
چنيسر- ڀائي، گريب آهيان. هڏين جو پورهيو
آم. پڪائي ڇونه ڪندس؟
چڱو چڱو، پڻي ته آڻ، پوءِ ٺهي وينداسين.
چنيسر _ (ڪنڌ لوڏي) پاڻي، نه، حقائي موچاري
آهي.
واڻيو چڱو،ست وارا لاهي وڃ. ٻه پايون گهمري
جون، ست ڏون ٻارهن، ٽي پئساٿيا روڪڙا، سي
پنهنجاوٺي وڃجان. بس، ڳالهه به ايتري. سگهو اچجان،
مان هلان ٿو.
چنيسر – ڀائي،ايڪ ڏون ڏون، ٻه ڏون چار، ٽه
ڏو ڇهه چار ڏوهن اٺ، پنج ڏون ڏهه، ڇهه ڏون ٻارهن،
اوست ڏوهه چوڏهن. (چوڏهن تي زور ڏئي ٿو.) چوڏهن
پايون ٿيون چوڏهن. (واڻيو عجب ۾ پئي ٿو.)ٻارهن
پايون آني ۾ مٿان وري ٻيون ٻه پايون هتي رک ته
هلان وو! جي هلين اڳيون ليکو ته هوندءِ کئير،
گهڻائي ڏهاڙ اسان مشڪنين جو رت پيتو اٿو.
واڻيو – (شرم کي وند رائي) مار! چنيسر، ڏاڍو
ڏاهو ٿي پيو آهين! مون ته رڳو آزمودو ٿي ڪيو ته
ڏسان ته چنيسر ڇا ٿو چوي.
چنيسر- هئو ڀائي، آزمودا گهڻا ورتئو. هاڻي
اسين به اکر پياسکون وو!
واڻيو – چڱو چڱو، هاڻ ڇڏ ڪاوڙ، سگهو
اچجانءِ. (پنهنجي منهن) بس، وڏيرن جلم ڪري ڇڏيو.
چنيسر- حاضر، آيو، آنو ۽ ٻه پايون ٻاهر ڪڍي
رکجان.
دودو- (عجب ۾) وڃ چنيسر! اي ڪهڙو ڪتاب پرهي
وئين؟ واڻئي کي به منجها ئي ڦٽو ڪيئي. اي سڀ ليکو
اشڪول مان سکئين ڪ؟
چنيسر- هئو دودا، اسان جو ملو ليکي ۾ ڏاڍو
ڀڙ اٿئي. اي سڀ ان سکاريو آم.
دودو- وا ڙي وا! واڻيو ڌوتي ڇنڊي وٺي ڀڳو!پر
اسان کي به ٿرين هلي ڪي واڻيا سڌا ڪري ڏيج، اسان
جو ته ڄورن جيان رت به چوسي ڦٽو ڪيو آن. چنيسر –
حاضر حاضر.مون کي رڳو هڪوريءَ ڀڙ ٿيڻ سو ڏي! (ائين
چٽي، اٿي ڏول سان کوهه مان پاڻي ڪڍي ٿو، ۽ دبا ڀري
ڪنواٽيءَ ۾ کڻي ٿو.) هاڻ دودا، الله واهي! واڻئي
ڳن پاڻي ڏئي، وڃي ڪي چار ڏوڪڙ ڪمايو.تون وري
سيگهڙو ڀيرو ڪج. ته ملين سان واکب ڪري ڇڏيين.
دودو- ادا، اول کئير، مان به سگهو ٿو وران.
(دودو ۽ چنيسر وڃن ٿا ته مٿان هڪ پنجابي دوا
فروش، ٿيلهو دوائن جو هٿ ۾، پنهنجي سنڌي ڀائيوار
سان ڳالهيون ڪندو اچي کوهه وٽان ٿو لنگهائون ٿئي،)
پنجابي – سوچيم ٿي روز گار جو حال ڪونهي،
اڳي اسان جا پنجابي ڀائر پنهنجي چالاڪيءَ سان
سنڌين کي ڦري رپين جون ڀريون ٻڌي پنجاپ واپس ٿيندا
هئا، هاڻي زمانو سجاڳ آهي. پئسو هن وقت شير جي ڪن
۾ آهي.
سنڌي- سائين، منهنجا،
ڪن ۾ هجي ته اتان سولو ڪڍي به سگهجي.
هيئر پئسو آهي شينهن جي پيٽ م. سنڌ ۾ تعليم
ڏينهيون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي، هن کان اڳ ماڻهو اڪثر
جاهل هئا. خلق پيئي ڦربي هئي، پتو ڪونه هو.
پنجابي – (کلي) برابر، پنجاب لاءِ ته سنڌ
سون جي کاڻ هئي! نيم خوانده ملا، نيم طبيب، ٻيا به
ڪئين ڍونگهي پير فقير، معمولي گاني وارا، هتي اچي
پاڻ کي اعلي درجي جا عالم، ڊاڪٽر، جادو گر، ولي
الله ۽ تانسين سڏائي، سنڌين جي جيب تي خوب ڌاڙا
هڻندا هئا، مگر اڄ هتي هڪ عجيب انقلاب اچي ويو
آهي!
سنڌي – حقيقت هيئن آهي ته سائين منهنجا، ڳچ
عرصي کان سنڌ ۾ بالغن جي تعليم، ڳوٺ سڌارهلچل ۽
ٻيون اهڙيون تحريڪون بربا ٿي چڪيون آهن، ڄاڻ
عنقريب وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن اسان جي لاءِ روز
گار جي ڪابه گلي ڪانه رهندي. وقت نهايت نازڪ اچي
سهڙيو آهي.
پنجابي – ماشاءَ الله اسان کي به خدا جادو
بياني عطا فرمائي آهي. پنهنجي تقريو ۾ ڪافي اعتماد
آهي. فقط اوهان جي سچائيءَ جي ضرورت درپيش آهي.
اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا ته جيتري پيدائش وڌندي،
اوتروئي اوهان جي حصي ۾ اضافو ٿيندو،
سنڌي –خدا تي رکو. هن موسم ۾ هڪ خاص ڳالهه
جا اسان جي فائدي ۾ آهي سا هيءَ ته ميرپورخاص جي
شهر ۾ اڄڪلهه ٿر جا ماڻهو نهايت گهڻي تعداد
۾ آيل آهن. جنهن جو سبب اهو آهي ته ٿر ملڪ
۾ بارش جي نه پوڻ ڪري هو روزگار جي تلاش ۾ هتي
پورهيو ڪري رهيا آهن. ماڻهو پورهيت، ايماندار۽
بخيل آهن، مگرخوش نصيبا جاهل ۽ لالچي به آهن.
اوهان پنهنجي سحرگوئيءَ کان خوب ڪم وٺجو.
(ٻئي کلن
ٿا)
پنجابي – اوهان جي گفتگوءَ مان ئي مون کي
معلوم ٿو ٿئي ته اوهان بلڪل ڪار آمد ثابت ٿيندو.
انشاالله تعالي انهن ٿرين جي پوريءَ طرح حجامت ڪئي
ويندي.
سنڌي – اوهان بفضل خدا سنڌي زبان جا بخوبي
ماهر آهيو. ٿري جاهل جڏهن اوهان جي چتر زباني
ٻڌندا، تڏهن وات ئي پاڻي ٿي پوندو ۽ اهڙي وقت
اوهان سمجهو ٿا... (وڌيڪ ڪجهه چوي ڪين ٿو، پر
پنجابي سندس مطلب سمجهي ٿو وڃي،)
پنجابي-مان سنڌ ۾ سترهن سالن کان ايندو ٿو
رهان. اڃا به سنڌي زبان تي قبضو نه ٿيو ته باقي
اسان جا جهان گرديءَ ڇا ڪيو؟ مبالغو ۽ مغالطوته
اسان جي ڏائي هٿ جو ڪرشمو آهي. ٻڌو ڪونه اٿو ته ؛
جهان ديده بسيار گويند دورغ
دو پيمانه آب است يک چمچه دورغ
(ٻيئي کلن ٿا)
سنڌي – خدا ۾ ايمان ۽ پنهنجي ڪارستانين ۾
اميد رکو. اوهان کي اڄ شام جو هتي کوهه جي اڳيان
تقرير ڪندو ڏسڻ گهران ٿو، اهوئي سٺو هنڌ آهي، جتي
شام جو ماڻهو جمع ٿي سگهندا.
پنجابي – پر ميرپورخاص جي عام ماڻهن جي
ذهنيت کان ٿورو آگاهه ڪريوم ته بهتر. ڪم از ڪم اها
ڳالهه اڳ ۾ ئي ڄائڻ گهرجي ته هتي جي ماڻهن جو خاص
طرح ميلان شوق ۽ رجحان طبح ڪهڙين دوائن ڏي ٿيندو
ته انهن بابت خاص انداز ۾ بيان شروع ڪجي.
سنڌي- (کلي ٿو.) برابر. اهو سوال پچڻ بلڪل
ضروري آهي.
پنجابي –(کلي)هن ڪري جو هر هڪ سمجهو حڪيم يا
مقرر جو ڪم آهي ته سڀ کان اول پاڻ کي عام راءِ کان
واقف رکي ۽ ٻڌندڙن جي نفسيات ڄاڻي تنهن کان پوءِ
پنهنجو جادو هلائي، ورنه ناڪاميابي يقيني آهي،
سنڌي- ميرپورخاص ۾ کوهن جو پاڻي نهايت
بدهاضم آهي. اڪثر ماڻهن کي بد هاضمي جي شڪايت
هوندي آهي، لهاذا هاضمي جي دوا بلڪل موئر الفاظن ۾
بيان ڪجو.
پنجابي – مقويات ۽ معجونات جو استعمال هتي
گهٽ آهي ڇا؟
سنڌي – مان ان نڪتي تي پڻ اچي رهيو آهيان.
هتي ڪي حڪيم اهڙا آهن. جن ورهين کان وٺي عام
زميندار کي ياقوتين تي هيرايو آهي، ۽ کين موتين جي
عيوضي فقط سپ کرڙي کارائي آهي.
(کلن ٿا)
پنجابي- شڪر آهي جو سپ به نصيب ٿي اٿن، اسان
وٽان ته (ڪن ۾ ڪجهه ڀڻڪيس ٿو ۽ هو به چپن ۾ مرڪي
ڪنڌ ڌوڻي ٿو،) سرمي جي باري ۾ مون کي اهڙي ته
تقرير ياد آهي، جو خود مان پاڻ تي پاڻ واهه واهه
چوندو آهيان.
سنڌي- ڌنڌ ۽ ڦلي وارن جي به ڪمي ڪانه آهي،
ڊاڪٽر سچانند هتي ايندو آهي ته اک تي ساين اڳڙين
ٻڌل ماڻهن جا لشڪر نظر ايندا آهن.جيڪڏهن اوهان جي
تقرير اثرائتي ٿي ته سرمي جي وڪري ۾ به پوئتي ڪونه
پونداسين.
پنجابي –سلهه ۽ دم تي جا تقرير مون کي استاد
سيکاري آهي، سا به ٻڌڻ جي قابل آهي، سوين شيشيون
زبان درازيءَ جي زور تي فروخت ٿي چڪيون آهن.
سنڌي-واهه صاحب! اها تمام ضروري ڳالهه آهي،
جامون کي وسري ويئي هئي. ميرپورخاص ۾ ڪپهه جي
انجڻين جي دز غريب آباد جي رهاڪن جي ڦڦڙن ۾
ايتريقدر ته وڃي آستانو اڏيو آهي، جو سوين سلهه ۾
مبتلا آهن. هن طرف جيڪا به خوش بياني ڪندا، سا
فائدي کان خالي نه ويندي.
پنجابي- تڏهن ته دوست ٻيڙائي پار آهن! سچ
ڪري پڇو ته اوهان جي ملاقات ڪري مون کي ازحد خوشي
ٿي آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته ميرپور خاص منهنجي لاءِ
نيڪ فال ٿيندي.
سنڌي – نشاالله تعالي! هيءَ اهو سنڌ جو شهر
آهي، جتي هر ڪا شيءَ مهانگي ملندي آهي. ٿر ضلعي جا
جاهل زميندار پئسي کي ٺڪرين وانگر آڏائڻ ۾ شهرت
حاصل ڪري چڪا آهن. جهل ۽ فضول خرچيءَ جي بازار گرم
آهي. |