هاڻي اسين ذڪر ڪنداسين ته ڪهڙن قسمن جا ماڻهو اڪثر
حاسد ٿيندا آهن، يعني ٻين تي حسد نيندا آهن، ڪهڙن
قسمن جا اڪثر محسود ٿيندا آهن، يعني ڪهڙن تي ٻيا
ماڻهو حسد نيندا آهن، ۽ عام ۽ خانگي حسد جي وچ ۾
ڪهڙو تفاوت آهي.
جو ماڻهو پاڻ ۾ ڪائي نيڪي ڪانه ٿو ڏسي، سو ٻين جي
نيڪي تي حسد ڪري ٿو، ڇاڪاڻ جو ماڻهن جي دلين جي
خوراڪ ٻه شيون آهن، يا خود سندس نيڪي، يا ٻين جي
بدي، تنهنڪري، جنهن ۾ پنهنجي نيڪي ڪانهي، سو ضرور
ٻئي جي بديءَ تي ڪاهه ڪندو، ۽ جنهن کي ٻئي جهڙي
نيڪيءَ جي هٿ آڻڻ جي اميد ڪانهي، اهو ضرور
ڀانئيندو ته هن کي نقصان رسائي ۽ خراب ڪري پاڻ
جهڙو ڪريان.
جنهن ماڻهوءَ جي عادت اها آهي ته هڪڙي نه ٻئي ڪم ۾
رڌل رهي ٿو، ۽ هڪڙيءَ نه ٻي ڳجهي ڳالهه کي کوٽي
ڪڍي ٿو، سو اڪثر ٻئي تي حسد نئي ٿو، ڇاڪاڻ جو ٻين
جي ڳالهين ڳولڻ ۽ ڄاڻڻ ۾ هو دقت کڻي ٿو، سا پنهنجي
ڪنهن فائدي ڪاڻ نٿو کڻي، پر هن کي ٻين جي بخت ۽
نصيب تي نظر ڪرڻ ۾ هڪڙو تماشو ٿو لڳي، جن کي رڳو
پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻو ٿو پوي، انهن کي حسد ڪرڻ
جو وجهه ڪونه ٿو ملي.
عالي نزاد ۽ وڏي خاندان وارا ماڻهو جيڪي نئين مان
وڏا ماڻهو ٿيندا وڃن، انهن تي اڪثر حسد نيئندا
آهن، ڇاڪاڻ جو انهن ٻنهي جي وچ ۾ جا وڇوٽي آهي،
تنهن ۾ ڦير پوي ٿو. هنن ٻين کي چڙهندو ڏسي ڀانئين
ٿا ته اسين لهندا وڃون، جهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو هڪڙي
هنڌ بيٺو هجي ۽ اڳيائنس آگ گاڏي يا ڪا ٻي اهڙي
شيءِ تمام جلد اچي لنگهي، ته هو ڀانئيندو آهي ته
پاڻ، يا جنهن شيءِ تي پاڻ بيٺو آهي، سا پٺتي پيئي
وڃي.
عيبدار ۽ بد شڪل ماڻهو، ٻيا کدڙا، پير مرد ۽
حرامزادا، اهي ماڻهو اڪثر حاسد ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ
جو جيڪو پنهنجي حالت سڌاري ڪين سگهندو آهي، سو ٻئي
جي حالت کي خرابي پهچائڻ جي ڪندو آهي، مگر جڏهن
اهڙا عيبدار ماڻهو بهادر ۽ همت وارا ٿيندا آهن،
تڏهن انهن کي حسد ڪونه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ جو هو
پنهنجي عيب کي پاڻ هڪڙو فخر يا مان سمجهن ٿا، جيئن
ته ماڻهو چوندا ته فلاڻو انڌو يا منڊو ههڙا وڏا
وڏا ڪم ڪري چڪو آهي، تنهنڪري ڪلور ڪيو اٿس! جهڙوڪ
امير تيمور، دهليءَ جو بادشاهه، جنهن کي ”تيمور
لنگ“ به چوندا آهن، ۽ ”اجسلاز“، سپارٽا شهر جي
بادشاهه، جي نالي لکن ٿا، ٻئي منڊا هئا، پر وڏيءَ
همت وارا هئا.
جي ماڻهو ڏاڍيون محنتون ۽ سختيون ڪڍيو پوءِ چڙهن
ٿا، انهن ۾ به اڪثر حسد پيدا ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ جو
هو پاڻ ڄڻ زماني سان وڙهيا ويٺا آهن، ۽ جڏهن
پنهنجا گذريل ڪشالا ۽ عذاب ياد پون ٿا، تڏهن ڪنهن
جو منهن ڪين ٿو وڻين، پوءِ ڀانئين ٿا ته ٻين ماڻهن
کي نقصان پهچڻ سان سندس ڏک گهٽ ٿيندا.
جن ماڻهن جي مرضي آهي، ته اسين گهڻين شين ۾ ٻين
کان گوءِ کڻي وڃون ۽ افضل ڏسڻ ۾ اچون، سي،
هلڪائيءَ ۽ مغروريءَ جي ڪري، هميشه حاسد ٿيندا
آهن. تنهن جو سبب هي، ته هو هيترن سڀني ڪمن ۾ ته
هڪجهڙا ڀڙ ڪين هوندا، ضرور ڪنهن هڪڙي نه ٻئي ڪم ۾
ڪو ٻيو کانئن وڌيڪ چالاڪ هوندو، پوءِ انهيءَ تي
حسد نيندا. ”ادريون“، روم جي شهشاهه جي نالي چون
ٿا ته هو شعر، نقاشيءَ ۽ ٻين ڳچ جيترن هنرن ۾
محاورو رکندو هو، ۽ ڀانئيندو هو ته سڀ کان هوشيار
ليکجان ته چڱو، تنهنڪري جيڪو شاعر يا نقاش يا ڪو
ٻيو اهڙو هنرمند ماڻهو ڏسندو يا ٻڌندو هو ته انهي
تي حسد نيندو هو.
ويجها عزيز ۽ هم_ڪسب، يعني هڪڙي ڌنڌي وارا ماڻهو،
۽ جيڪي گڏ پليا ۽ نپنا آهن، اڪثر جڏهن هڪجهڙن کي
چڙهندو ڏسندا آهن، تڏهن سندن حاسد ٿيندا آهن، اصلي
چوڻي آهي ته ”بود هم پيشه يا هم دشمن“ ، ڇاڪاڻ جو
ٻئي جو چڱو بخت ڄڻ ته سندن بخت کي طعنو ٿو هڻي،
ماڻهن جي ڌيان تي ٿو چڙهي، گهڻو ڪري هنن جي دل تي
ٿو رهي، ۽ جنگ ۾ مشهور معروف ٿو ٿئي، حسد جو ته
وري اهو دستور آهي، ته جيئن ٻاهر ڪنهن جي تعريف يا
ساراهه ٿيندي، تيئن وڌندو ويندو.
هاڻي انهن جو بيان ڏينداسين، جي گهڻو ڪري محسود
ٿين ٿا، يعني جن تي ماڻهو حسد ڪن ٿا.
جيڪي نيڪ ۽ اشراف آهن، تن کي چڙهندو ڏسي، ڪنهن کي
حسد ڪونه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ جو نيڪ بختي اهڙن ماڻهن جو
حق آهي، ۽ هو گويا پنهنجو حق ٿا وٺن. جيڪو ڪنهن کي
سندس قرض يا لهڻو ملندو ڏسي ٿو، ته ان تي حسد ڪين
ٿو نئي، پر جڏهن هن کي ڪو انعام يا بخشش ملندي ڏسي
ٿو، تڏهن حسد ٿيس ته ٿيندس.
حسد جي اها خاصيت آهي ته سڀ ڪنهن کي پاڻ سان
مقابلو ۽ ڀيٽ ڪندو، ۽ جتي انهيءَ طرح ڀيٽ ڪرڻ جو
امڪان ڪونهي، اتي حسد ٿي نٿو سگهي. اهو ئي سبب
آهي جو بادشاهن تي رڳو بادشاهه حسد ٿا نين. پر ڪو
غريب مٿن حسد نئي ڪين سگهندو. انهيءَ هوندي به،
ڄاڻڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪو نالائق ماڻهو زور وٺي
ٿو، تڏهن پهريندي مٿس گهڻا حاسد ٿين ٿا. پر پوءِ
ڏينهن پئي اهو وسريو وڃي، جيئن ته ماڻهن کي خبر
پوي ٿي ته هي نالائق ۽ ڪميڻو ۽ ڀوڪ آهي، ۽ اوچتو
زماني جي گردش ڪري چڙهي ويو آهي، پر لائق ۽ سکر
ماڻهو جڏهن گهڻن ڏينهن تائين زور وٺيو هلن ۽ مشهور
ٿين. تڏهن حسد هلي ٿو، ڇاڪاڻ جو اگرچ سندن اشرافت
۽ نيڪي اوستائين هڪجهڙي هلي اچي، پر جيتري پهريندي
رونق هين، اوتري پوءِ نه هوندين، ۽ ماڻهو سندن
تعريف ٻڌي ٿڪجي پيا آهن، تنهنڪري جي ڪو نئون
ناليوارو پيدا ٿيندو ۽ انهن کان ڪسر کڻي ويندو، ته
انهيءَ ۾ اوترو ارها ڪين ٿيندا.
وڏي گهراڻي وارا ماڻهو جڏهن چڙهن ٿا، تڏهن ماڻهن
کي حسد ڪونه ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ جو اهو هنن جو ڄم ۽ نسل
جو حق آهي، تنهن کان سواءِ، انهي چاڙهي ڪري، سندن
نصيب گهڻو وڌيو نٿو وڃي، ۽ هنن جي اڳوڻيءَ ۽
هاڻوڪيءَ حالت ۾ ڪا وڏي هيٺ_ مٿاهين ڪانه ٿي ڏسجي.
حسد کي سج جي تابش سان مشابهت ڏيندا آهن، ڇاڪاڻ جو
ڏنگي زمين يا پاسيري ٽڪريءَ تي سج جو تئو گهڻو ٿو
پوي، پر سنئين وڇايل زمين تي اوترو نٿو پوي،
انهيءَ ئي سبب ڪري جيڪي ماڻهو درجي بدرجي چڙهن ٿا،
انهن تي اوترو حسد جي مار ڪانه ٿي ٿئي، جيترو انهن
تي، جي يڪدم ۽ اوچتو ٽپ ڏيو وڃيو چڱي نصيب کي
پهچن.
جن ماڻهن سفر ڪاٽي، ڪشالا ڪڍي، رنج ۽ مشقت سهي عزت
۽ آبرو حاصل ڪئي آهي، انهن تي گهڻو حسد ڪونه ٿو
ٿئي، ڇاڪاڻ جو سڀڪو ڄاڻي ٿو ته هنن ويچارن مشڪلات
سان اها عزت پاتي آهي، ۽ پاڻ مٿن رحم کائن ٿا،
رحم ته حسد جو علاج آهي، جنهنڪري اڪثر ڏسبو آهي ته
پڪا ۽ تجويز وارا ماڻهو جڏهن وڏي درجي کي پهچندا
آهن، تڏهن هميشه پيا ڪرڪندا آهن، ته اسين جٺين ۾
آهيون ۽ ڏاڍا عذاب ٿا سهون، هو سچ پچ عذابن ۾
ناهن، پر رڳو ٻين جي حسد کي اجهائڻ ۽ روڪڻ لاءِ
ائين ٿا ڪن، پر اهو حال انهيءَ ڌنڌي يا درجي سان
آهي، جيڪو ڪو ٻيو ڪنهن تي رکي ٿو، ۽ هو پنهنجي
خوشيءَ سان هٿ نٿو آڻي، ڇاڪاڻ جو جيڪو لالچ ڪري
اجايا ۽ وڏا جهٽ پائيندو، اهو پاڻ حسد کي
وڌائيندو، وڏي ماڻهوءَ لاءِ حسد کي اجائڻ جو رستو
اهو آهي ته جيڪي سندس نوڪر ۽ زيردست آهن، انهن کي
پنهنجين پنهنجين جاين ۽ درجن تي قائم رکي، ڇاڪاڻ
ته ائين ڪرڻ ڪري هو گويا پنهنجي ۽ حسد جي وچ ۾
ايترا مڙئي پردا ٽنگي ٿو، جنهنڪري حسد جلد مٿس ڪين
ايندو.
سڀني کان وڌيڪ حسد انهن تي ٿو ٿئي، جي جڏهن وڏي
درجي کي پهچن ٿا، تڏهن مغروريءَ سان هلت ڪن ٿا، ۽
ٻاهريون ڏيک ۽ ٽنڊ ڪري، سڀني کي ماري مڃائي،
پنهنجي وڏائي ڏيکارين ٿا، پر ڏاها ماڻهو، حسد جي
ٽارڻ لاءِ، پاڻ کي ڪهڙو به نقصان پهچائڻ قبول ڪن
ٿا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته، ڄاڻي ٻجهي، جن ڪمن ۾ سندن
اوترو واسطو ڪونهي، انهن ۾ شڪست کائين ٿا ته من
اهي نقصان ۽ شڪستون ڏسي حسد مري. وڏي درجي ۾ ٿي جي
ماڻهوصفا ۽ سادي هلت وٺندو، هٺ ۽ وڏائي نه ڪندو، ۽
ٺڳيءَ ۽ دغابازيءَ کان پاسو ڪندو، ته گهڻو ڪري حسد
کان بچيل رهندو. ڇاڪاڻ جو هٺ ۽ وڏائي ڪرڻ ڪري
ماڻهو ايترو ظاهر ڪري ٿو ته آءُ ههڙي وڏي درجي جو
لائق ناهيان، تنهنڪري پاڻ حاسدن کي حسد ڪرڻ لاءِ
رستو ڏيکاري ٿو.
اسان منڍ ۾ چيو آهي ته حسد يا نظر ۾ جادوءَ جهڙو
اثر آهي، تنهنڪري حسد جو علاج به اهو آهي، جو
جادوءَ جو علاج آهي، يعني هڪڙيءَ شيءِ تان منڊ
کڻي، ٻيءَ شيءِ تي رکڻ. انهيءَ ڪم لاءِ عقل وارا
وڏا ماڻهو گهڻو ڪري پاڻ وٽ هڪڙو اهڙو ماڻهو رکندا
آهن، جنهن جي گردن تي حسد جو سڄو بار پوي ۽ پاڻ
بچي وڃن. ڪڏهن وزيرن ۽ اميرن تي، ڪڏهن نوڪرن تي،
ڪڏهن سنگتين تي، وغيره، اهڙين جاين لاءِ ڪيترا
ماڻهو هڪيا ٿي سگهندا، جي بيحد همت وارا ۽ تيز طبر
آهن. انهن کي جي ڪنهن وڏيءِ جڳهه يا درجي جي ملڻ
جي طمع هوندي، ته بلاشڪ اهڙي جاءِ قبول ڪندا، پوءِ
ڪهڙو به نقصان پهچين.
هاڻي اسين عام حسد جو ٿورو بيان ڏينداسين، عام حسد
جو مطلب هي آهي ته جڏهن ڪنهن قوم ۾ ڪو ماڻهو تمام
اڍنگي ۽ بيپرواهيءِ جي هلت ڪندو آهي، تڏهن اڪثر
انهيءَ قوم جا ماڻهو مٿس حسد نيندا آهن، ۽ هن جي
هٺ ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهيءَ ڪري، عام حسد مان
اڃا ڪا چڱائي ٿئي ٿي، پر خانگي حسد مان ڪائي
ڪانهي، ڇاڪاڻ جو عام حسد جي وسيلي سان هٺيلي ۽
مغرور ماڻهوءَ کي اکوڙي ڪڍي سگهجي ٿو، تنهنڪري اهو
ان کي روڪ ڪرڻ ۽ سنئين رستي تي آڻڻ جو اهڙو چڱو
اوزار آهي، جهڙو سرڪش گهوڙي کي لغام، عام حسد جو
حقيقت ڪري مطلب آهي، عام خلق جو ناراضپو، هيءُ
حڪومت جي لاءِ هڪڙو وبا جهڙو مرض آهي، جيئن مرض
پکڙجي ٿو، تيئن حسد به. جڏهن ڪنهن حڪومت يا دولت ۾
اچي پوي ٿو، تڏهن جيڪي ان جا چڱا ڪم آهن، تن کي
ڦيرايو ڪنا ۽ گندا ڪريو ڇڏي. اهڙن وقتن ۾، تعريف
جهڙن ڪمن جي آڻي گڏڻ مان ۽ انهن جي شاهديءَ وارڻ
مان ڪي ڪين حاصل ٿو ٿئي، اٽلندو معلوم ٿئي ٿو ته
ائين ڪرڻ وارا ماڻهو حسد کان ڊڄن ٿا، تنهنڪري حسد
پاڻ مٿن اچي ٿو، ۽ کين جوکو رسائي ٿو. جهڙيءَ طرح
ڏسبو آهي ته وبا جي ڏينهن ۾ جيڪو ڊڄندو ۽ ڀڄندو
آهي، اهو ڄڻ ته وبا کي پاڻ ڏي سڏيندو آهي، هيءُ
عام حسد بادشاهن ۽ دولتن تي اوترو نٿو اچي، جيترو
گهڻو ڪري اميرن ۽ ٻين وڏن عملدارن تي اچي ٿو. پر،
هي قاعدو درست آهي، ته جڏهن ڪنهن وزير تي ڏاڍ حسد
ٿئي ٿو، پر في الحقيقت منجهس ڪو حسد جو سبب اهو
حسد اميرن تي ناهي، خود انهيءَ دولت يا حڪومت تي
آهي.
پڌرو هجي ته حسد سڀني هوسن مان تيز ۽ جٽاءَ وارو
هوس آهي، ڇاڪاڻ جو ٻين هوسن پچائڻ جو ڪڏهن ڪڏهن
وجهه ٿو ملي، گهرجي ته حسد ۽ عشق، اهي ٻئي ماڻهوءَ
کي ڳاري ماري ڇڏين ٿا، مگر ٻيا هوس ائين نٿا ڪن،
ڇاڪاڻ جو اهي گهڻي تائين نٿا هلن: جهڙو پارسيءَ ۾
حسد جي بابت چيل آهي ته ”آن درد که در مان نه
پذيرد، حسد است“ تهڙو ساڳيو عشق جي بابت چيل آهي
ته ”در ديست درد عشق، که در مان پذير نيست،“ تنهن
کان سواءِ، حسد سڀني هوسن مان نيچ ۽ ڏوهاري آهي،
جنهنڪري شيطان کي حسد جي صفت ڏيندا آهن.
گفتار ٻاويهين
عشق
شعر ۾ عشق ٺهي ٿو، ۽ لذت به ڏئي ٿو، پر زماني جي
ڪمن ۾ گهڻي حرڪت پهچائي ٿو. تاريخ مان معلوم ٿيندو
ته گهڻو ڪري جيڪي وڏا ۽ لياقت ڀريا ماڻهو ٿي گذريا
آهن، سي عشق جي مستيءَ ۾ ڪڏهن ڪين ڦاٿا آهن، جنهن
مان ظاهر آهي ته وڏيءَ همت وارا ۽ وڏي ڪم وارا
ماڻهو هن قسم جي هوس کان گوشو ٿا ڪن، هي به ڄاڻڻ
گهرجي ته عشق نه رڳو کليل دل ۾ گهڙي ٿو، پر جي
پوري سنڀال نه رکبي ته ڪهڙيءَ به مضبوط ۽ سخت دل ۾
گهڙي ويندو. انسان کي خدا تعاليٰ بابت خيال ڪرڻ ۽
ٻين وڏين هاجن هلائڻ لاءِ خلقيو ويو آهي، نه
انهيءِ لاءِ ته ڪم ڪار ڇڏي، هميشه هڪڙي سهڻي بت يا
پتلي جي اڳيان گوڏا کوڙي ويٺو هجي، ۽ جيئن جانور
پنهنجي پيٽ يا وات جا غلام آهن، تيئن هي پنهنجي اک
جو ٻانهپو قبول ڪري، جا اک ٻين چڱن ڪمن لاءِ هن کي
ڏني ويئي آهي.
عشق جي عجيب خاصيت آهي، ته ماڻهو سڀ ڳالهه ۾ حد
کان ٻاهر وڃي ٿو، ۽ هميشه مبالغي ۾ ڳالهائڻ پسند
ڪري ٿو، نه رڳو ڳالهائڻ، پر خيال ڪرڻ به مبالعي ۾
پسند ڪري ٿو، چوندا آهن ته جهڙو ماڻهو پاڻ پنهنجي
خوشامد ٿو ڪري، اهڙو ٻيو ڪوئي به سندس ڪين ٿو ڪري،
پر عاشق پنهنجي معشوق جي پاڻ کان به وڌيڪ خوشامد
ڪري ٿو، ڇاڪاڻ جو دنيا ۾ اهڙو خود پسند ماڻهو پاڻ
کي حد کان وڌيڪ پسند ڪندو ڪونه ڏسبو، جهڙو عاشق
پنهنجي معشوق کي ڪري ٿو، انهيءَ ڪري هڪڙي ڏاهي جو
چوڻ آهي ته “عاشق به ٿيڻ ۽ عاقل به ٿيڻ، ممڪن
ناهي،“ ”عشق“ ۽ ”عقل“ جي جنگ ته ملڪن ۾ مشهور آهي،
نه رڳو ٻيا ماڻهو هن جو مبالغو ۽ اجايون ڳالهيون
صحي ڪن ٿا، پر جيڪو هن جو معشوق آهي، سو ڌريون،
يعني عاشق ۽ معشوق، هڪٻئي کي پيار ڪن ٿا، اتي ائين
ناهي، ڇاڪاڻ جو اهو قاعدو درست آهي ته عشق جو بدلو
يا عشق ٿيندو آهي، يا اندر جي ڌڪار، تنهنڪري هيءُ
بوکائتو ڪم ٿيو، جو بدلي ۾ ٻيو ڪي حاصل به ڪين
ٿئي. مورڳو پنهنجي دل جو هوس اجايو کپائجي.
جيڪو عشق جي ڦندي ۾ ڦاسي ٿو، سو عقل ۽ مايا جي ڪا
پرواهه ڪانه ٿو رکي. هيءَ هوس گهڻو ڪري وڏي ڏک يا
وڏي سک جي حالت ۾ ڏاڍو زور وٺي ٿو، ۽ اڳين پوئين
ناداني سڄي ظاهر ڪري وجهي ٿو، چڱو اهي ماڻهو ٿا
ڪن، جي عشق ۾ ڦاٿي کانپوءِ حياتيءَ جي وڏن ڪمن ۾
ان کي هٿ وجهڻ نٿا ڏين، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن عشق اهڙن
ڪمن ۾ هٿ اٽڪائي ٿو، ته سڄي ڪارخاني ۾ رولو وجهيو
ڏئي، نصيب ۽ بخت لوڙهيو ڏئي، ۽ ماڻهن کي مطلب کان
ٻاهر ڪڍيو وڃي.
انهيءَ جو سبب الائجي ڪهڙو آهي، جو جنگي ماڻهو
اڪثر عشق ڏي گهڻو ميل رکن ٿا، شايد انهيءَ کان آهي
جو هو شراب پيئڻ تي هرن ٿا، ڇاڪاڻ جو جيڪي محنتون
۽ جاکوڙ ٿا ڪڍن، انهن کي عيش عشرت جو ضرور آهي.
انسان جي طبيعت ۾ ٻين کي پيار ڪرڻ جو اندروني ميل
رکيل آهي، پوءِ اهو پيار رڳو هڪڙي ڄڻي تي يا ڪن
ٿورن تي نه رکندو، ته گهڻن تي رکڻو پوندس، انهيءَ
ڪري، ماڻهو اصل کان خير خواهه، نرم ۽ سخي ٿئي ٿو.
شاديءَ واري عشق مان انسان پيدا ٿئي ٿو، دوستيءَ
۽ محبت واري عشق مان انسان سڌري ٿو، نفساني ۽
شهوتي عشق مان انسان کري ٿو، ۽ ڪمينو ۽ ڪمذات ٿي
پوي ٿو. |