ڇپائيندڙ پاران
بظاهر هن ڪتاب جي عنوان مان لڳي ٿو، ته هي ڪتاب
خالص حڪمت ۽ مجرب تي لکيل آهي، پر مطالعي کانپوءِ
معلوم ٿيندو ته هي ڪتاب ان حڪمت جي موضوع تي لکيو
ويو آهي، جنهن کي سولن لفظن ۾ ڏاهپ چيو ويندو آهي،
هيءُ ڪتاب اصل انگريزي ۾لکيل آهي، ۽ ان جو مصنف
”لارڊ فرانسس بيڪن“ (1626ع _ 1516ع) آهي، جنهن جو
تعلق انگلينڊ سان هو. لارڊ بيڪن رڳو ڪتاب جو مصنف
نه هو، پر ان سان گڏ هو پنهنجي دور جو هڪ مڃيل
ڏاهو، عالم، قانوندان ۽ فلاسافر به هو. هن عظيم
يوناني فلاسافر ارسطو جي ڏاهپ مان به ڪن غلطين جي
نشاندهي ڪئي هئي، جن جو پوءِ هن پنهنجي ڪتابن ۾
ذڪر به ڪيو ۽ ان جا ٺيڪ جواب به ڏنا، انگلينڊ ۾ هن
کي انهي ذهانت تي ”انگريزي افلاطون“ سڏيندا هئا.
هن ڪتاب ۾ مضمونن کي مختلف ”گفتارن“ ۾ ورهايو ويو
آهي. هڪ گفتار کي هڪ مضمون سان ملحوظ رکيو ويو
آهي، ڪل اٺيتاليهه گفتارون درج آهن. هن ڪتاب ۾
شامل ڪيل مضمونن ۾ زندگي جي گوناگون نقطن کي ڏاهپ
ڀرئي رنگ ۽ ڍنگ ۾ سمجهايو ويو آهي، شمس العلماءِ
مرزا قليچ بيگ فلسفي ۽ ڏاهپ جي اهميت ۽ قدر کي
ضروري سمجهندي پنهنجي خداداد صلاحيتن مان استفادو
حاصل ڪندي هن ڪم کي هٿ ۾ کنيو ۽ ترجمو ڪري سنڌي
ادب تي وڏو احسان ڪري ڇڏيو. هن ڪتاب مان نه فقط
فلسفي ۽ ادب جا استاد ۽ شاگرد لاب حاصل ڪندا. پر
محقق ۽ عام پڙهندڙ به هن مان ضرور استفادو حاصل
ڪندا. سنڌي ادبي بورڊ، شمس العلماءِ مرزا قليچ
بيگ جي هن محنت کي ان ڪري به قدر جي نگاهه سان ڏسي
ٿو، ته سنڌي ٻولي ۾ هنن موضوعن تي تمام گهٽ لکيو
ويو آهي، انهيءَ اڻاٺ کي محسوس ڪندي ادارو هن ڪتاب
جي نئين ڇاپي کي مارڪيٽ ۾ آڻيندي نهايت سرهائي
محسوس ڪري ٿو. هيءُ ڪتاب ڇپائي جي، جن جن مرحلن
مان گذري ڪتابي صورت ۾ اوهان مهربانن تائين پهتو
آهي، ادارو انهن مرحلن ۾ ساٿ ڏيندڙ بورڊ جي
ڪارڪنن، سڀني گهڻ گهرن ۽ دوستن جو ٿورائتو آهي،
اسان اميد ٿا ڪريون، ته اسان جو پڙهندڙ هن ڀيري به
ڪتاب کي اڳ کان وڌيڪ موٽ ڏيندو، ۽ ائين اسان جي
هيءَ محنت ساب پوندي.
ڄامشوروسنڌ
17 جنوري 2005ع
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
گمستا بيست يا بحر در معافي،
که مثلش نيابي، بينيش ثاني،
مضامين آن هوش افزاي مردم،
رباينده خاطر از خوش بياني،
پر از موعظتهاي ارباب خبرت،
که دارد ز صد گونه حڪمت نشاني
شوي در امور معيشت محقق،
اگر از سز فهم و فطنت بخواني.
گفتار پهرين
سچ
گهڻن ماڻهن کي جدا جدا راين ڏيڻ جي ڏاڍي خوشي
ٿيندي آهي، ۽ ڀائيندا آهن ته هڪڙي ئي راءِ تي تعلق
رهڻ، يا هڪڙيءَ ئي ڳالهه تي ڪو ڀروسو رکڻ، هڪڙي
قسم جو بند آهي، تنهن کان جيئن وڻين تيئن خيال
پچائيندا آهن ۽ جيئن مرضي پوين تيئن ڪم ڪندا آهن ۽
هڪڙي حال تي ڪين رهندا آهن، انهي قسم جا حڪيم ۽
فلسوف اڳئين زماني ۾هوندا هئا، پر هاڻي به ڪي
ماڻهو، ٿورو ڪي گهڻو، اها ڏاهپ ويڙهائيندا آهن،
ڪن ڪن ماڻهن کي ڪوڙ وڻندو آهي، تنهن جو سبب ڇا آهي
ته انهي ڪري ته تمام گهڻي محنت ۽ مشڪلات کانپوءِ
سچ هٿ ٿو لڳي ۽ معلوم ٿو ٿئي، نڪي انهي ڪري ته
ظاهر ٿئي کانپوءِ سچ ماڻهن جي خيالن کي روڪي ٿو،
يعني هنن کي اجايا سجايا خيال ڪرڻ نٿو ڏئي، پر سبب
رڳو اهو آهي ته هنن کي ڪوڙ مان هڪڙِي قسم جي
سڀاويڪ لذت ٿي اچي، جا چڱي نه سمجهڻ گهرجي.
يونان جي ڪن ڏاهن انهيءَ ساڳيءَ ڳالهه جي چڪاس
ورتي آهي، پر سمجهي نه سگهيا آهن ته ڪوڙ ۾ ڇا آهي،
جو ماڻهن کي هيترو ٿو وڻي، نڪا منجهائنس ڪا خوشي
حاصل ٿي ٿئين، جهڙي شاعرن کي ٿيندي هوندي، نڪو
منجهائنس ڪو نفعو ٿو ملين، جهڙو واپارين کي ملندو
هوندو: تڏهن وري ڇا لاءِ ڪوڙا کي ڪوڙ ڄاڻي پسند ٿا
ڪن، خبر نٿي پوي ته ڇو! پر، سچ گويا نهايت صاف ۽
کليل روشنائي آهي، جنهن ۾ هن دنيا جا سانگ ۽ پتلن
جا کيل اهڙا چڱا ۽ مزي وارا ڏسڻ ۾ نٿا اچن، جهڙا
هوند ڏيئي جي سوجهري ۾ اچن، سچ کي موتيءَ جي قيمت
ڏئي سگهجي ٿي، جو ڏينهن جو چڱو ۽ آبدار ڏسڻ ۾ اچي
ٿو، پر ان کي هيري جيتري قيمت ڏئي نٿي سگهجي، جو
گهڻن ۽ قسمين قسمين روشنائين ۾ چڱو ۽ جلويدار ڏسڻ
۾ اچي ٿو. ڪوڙ ۽ سچ گڏڻ مان هميشه ماڻهن کي وڌيڪ
سرهائي حاصل ٿئي ٿي، يقين آهي ته جيڪڏهن ماڻهن جي
دلين مان هر طرح جا اجايا خيال، مغروريون، اميدون،
ڪوڙا ڀروسا وغيره ڪڍي ڇڏجن، ته اڪثر ماڻهن جون
دليون فڪر ۽ غم، ڳڻتي ۽ شوخيءَ ۾ اهڙيون سسي
ڪومائجي وڃن، جو خود کين به نه وڻن، هڪڙو پڙهيل
ماڻهو، شعر تي تهمت رکي، چوي ٿو ته ”اهو شيطاني
شراب آهي، ڇاڪاڻ جو دل ۾ هزارين ڪوڙا خيال وجهي
ٿو“، پر، تڏهن به، شعر کي في الحقيقت ڪوڙ نه چئبو،
ڇا لاءِ ته شعر ڪوڙ جي وسيلي سان سچ ظاهر ڪري ٿو،
۽ ڪنهن به طرح ماڻهو کي ٺڳي نٿو، جنهن ڪوڙ مان
خرابي پيدا ٿي ٿئي، سو اهو نه آهي، جو رڳو دل مان
گذر ڪري وڃي ٿو، پر اهو آهي جو دل ۾ ويهي وڃي ٿو،
۽ ڄمي رهي ٿو، هن نڪتي بابت ماڻهن جا ڪهڙا به
اجايا رايا هجن، تڏهن به سچ پنهنجو قدر پاڻ ٿو
ڄاڻي، يعني سچ کي رڳو سچيءَ دل سان سڃاڻي سگهبو،
نه ڪنهن ٻي طرح، تنهن ڪري انسان جي لاءِ تمام وڏي
چڱائي اها آهي ته هميشه سچ جي ڳولا ۾ رهي، جنهن
مان معلوم ٿيندو ته هيءُ سچ کي پسند ٿو ڪري، هميشه
سچ کي سڃاڻي ۽ ڄاڻي، جنهن مان معلوم ٿيندو ته هيءُ
پاڻ سچو آهي ۽ هميشه سچ تي ڀروسو ڪري، جنهن مان
معلوم ٿيندو ته هن کي سچ مان لذت ۽ فرحت ٿي اچي.
لوقريشوش، هڪڙو رومي شاعر، چوي ٿو ته ”سمنڊ جي
ڪناري تي بيهي جهاز لڏندا ۽ ڦرندا ڏسي، هڪڙي طرح
جي خوشي پيدا ٿي ٿئي، ۽ وري ڪنهن وڏي ماڙيءَ جي
دريءَ وٽ بيهي، هيٺ لڙائي هلندي ۽ ماڻهو مرندا ڏسي
به هڪڙيءَ طرح جي خوشي پيدا ٿي ٿئي، پر جا خوشي سچ
جي اتاهينءَ ٽڪريءَ تي بيهي هيٺ ماٿر ۾ ڀلن چوڪن،
۽ بخارن ۽ طوفانن ڏسڻ مان ٿي ٿئي، تنهن جهڙي ٻي
ڪائي خوشي ڪانهي، ۽ مگر شرط اهو آهي جو ڏسندڙ رحم
کائي ۽ مغرور نه ٿئي“ . انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته
جنهن ماڻهوءَ جي دل محبت ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڀريل
آهي، خدا تعاليٰ تي پڪو ڀروسو رکي ٿو ۽ سچ کان مور
ٻاهر پير نٿو ڀري، اهو ماڻهو ڄڻ ته هن ئي جهان ۾
بهشت منجهه آهي.
هاڻي عقلي ۽ ديني سچ کي ڇڏي، دنيوي سچ جو ٿورو
بيان ٿو ڏجي، دنيوي سچ جو مطلب آهي، دنيا جي
وهنوار ۽ ڪم ڪار ۾ سچ ڳالهائڻ. هيءَ ڳالهه سڀڪو
ماڻهو مڃيندو ته راستبازيءَ ۽ سنئينءَ هلت ڪرڻ مان
انسان جي طبيعت ۽ ذات جو شرف ظاهر ٿئي ٿو، ۽ سچ ۾
ڪوڙ گڏڻ اهڙو آهي، جهڙو سون يا رپي جي سڪي ۾ مٺ،
جنهن ڪري ان جي هلندي ۽ ان جي رواج گهڻو ٿئي ٿو،
پر ان جو اصلڪو قدر ۽ اصلڪي قيمت گهٽ ٿي وڃي ٿي،
ڏنگي هلت ۽ ورن وڪڙن واري چال رڳو سپن ۽ نانگن کي
ٺهي ٿي، جي پيرن تي نٿا هلن، پر پيٽ ڀرگيسيون کائي
ٿا رڙهن، ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ ظاهر ٿيڻ ڪري ماڻهوءَ کي
جيترو شرم ٿو ٿئي، اوترو ڪنهن به ٻيءَ خرابيءَ يا
بديءَ ۾ نٿو ٿئي، هڪڙي ڏاهي جو قول آهي ته ”جڏهن
چئجي ٿو ته فلاڻو ماڻهو ڪوڙ ڳالهائي ٿو، تڏهن
حقيقت ڪري ان جي معنيٰ اها آهي ته فلاڻو ماڻهو
انسان کان ڊڄي ٿو، پر خدا تعاليٰ کي سامهون ٿو
ٿئي“.
گفتار ٻي
موت
ماڻهو مرڻ کان اهڙو ڊڄن ٿا، جهڙو ٻار اونداهيءَ
ڪوٺيءَ ۾ وڃڻ کان، ۽ جهڙي طرح ڳالهيون ٻڌي ٻارن جو
ڊپ وڌندو آهي، تهڙيءَ طرح ماڻهن جو يقين آهي ته
جڏهن خيال ڪجي ٿو ته موت پاپن ۽ گناهن جو اجورو يا
نتيجو آهي، ۽ موت هن جهان مان هن جهان ۾ نيئي ٿو،
تڏهن هڪڙو سچو ۽ ديني ڊپ دل ۾ پيدا ٿئي ٿو، پر
جڏهن خيال ڪجي ٿو ته
”کل
نفس ذائقته الموت“، ۽ سمجهي ٿو ته انسان مرڻي وٿ
آهي، تڏهن ڊپ جي لاءِ ڪوبه پڪو سبب ڪونهي، انهيءَ
هوندي به، ڪن ڪن ڌرمي خيالن ۽ قولن ۾ اڪثر ڀرم ۽
ڍونگ گڏيل آهي، ڪي ڪي ڌرمي پڙهيل ماڻهو چون ٿا ته
پهريائين خيال ڪرڻ گهرجي ته رڳو هڪڙي آڱر نپوڙڻ ۽
چيچلائڻ مان ڪيترو ايذاءُ ٿو پهچي، پوءِ انهيءَ
مان تپاس ڪري سگهبو ته مرڻ ۾ ڪيترو نه گهڻو عذاب
هوندو، جڏهن سڄو ئي بدن ناس ٿي وڃي ٿو! مگر،
حقيقت ڪري، اڪثر موت ۾ ايترو به ايذاءُ ڪونهي،
جيترو ڪنهن هڪڙي عضوي کي چڀوٽڻ ۾ آهي، ڇاڪاڻ جو جن
جزن ۽ عضون تي حياتيءَ جو سڄو دارومدار آهي، انهن
حواسن جي گهڻي چستي ڏسڻ ۾ نٿي اچي، يعني انهن تي
اوترو اثر نٿو ٿئي، هڪڙي ڏاهي جو چوڻ آهي ته ”خود
موت کان موت جو ٻاهريون ڏيک وڌيڪ خوفناڪ آهي“
روئڻ، پٽڻ، بڇڙي حال ۾ رهڻ، مائٽن مٽن کي رڙندو
ڏسڻ، ڪارا ڪپڙا ڪرڻ ۽ ٻيون ماتم جون رسمون بجا
آڻڻ، اهي ئي ڳالهيون آهن، جن جي ڪري موت هيبتناڪ
ڏسڻ ۾ ٿو اچي، نه ته منجهس ڪي ڪين آهي، مولوي جلال
الدين رومي پنهنجي مثنويءَ ۾ فرمائي ٿو ته
مرگ ما را زندگيءَ ديگر است،
زهر مرگ از شهد شيرين خوشتر است،
مرگ سازد مغز را صافي ز پوست،
تا رساند دوست را نزديک دوست.
پڌرو هجي ته ماڻهوءَ جي دل ۾ ڪيتريون ئي خواهشون،
سڌون ۽ ٻيا حرص ۽ هوس آهن، انهن مان هڪڙو ضعيف
هوس، موت جي پرواهه نٿو رکي، ۽ ان کان ڊپ نٿو ڪري،
بلڪه ڊپ کي هٽائي ٿو ڇڏي، تنهن ڪري ، جڏهن انسان
وٽ اهڙيون شيون هڪيون ۽ حاضر بيٺيون آهن، جي
لڙائيءَ ۾ هن کي چيتي ڇڏين، تڏهن موت کي اهڙو سخت
دشمن نه سمجهڻ گهرجي، وير موت جي فتحياب آهي، عشق
موت کي ليکي به نٿو ۽ سندس پرواهه به ڪانه ٿو رکي،
جيئن چيو اٿن ته ”عاشق سودو سر جو، پايو وتن پاند“
ننگ ۽ ناموس، موت ڏي وڃڻ جي خوشي ٿو ڏيکاري:
مردن کس به نيک فرجامي،
بهتر از زندگي به بدنامي.
ڏک موت ڏانهن اڏامي وڃي ٿو، ڪيئن جو ”مرڻ مان دل
ڏکوين کي به راحت ۽ شفا پهچي“ ڊپ، موت کي اڳهن آيو
ٿو سمجهي، چوڻ ۾ به آهي ته ”گيدي چکن موت، ڏهه
ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾“. رڳو رحم به ماڻهن کي موت ڏي
مائل ڪري ٿو، جيئن تاريخ ۾ لکيل آهي ته ”آثر روم“
شهنشاهه پاڻ کي ماري وڌو، تڏهن سندس سپاهين مان
ڪيترن، رحم ۽ نمڪ حلالي ڪري، پاڻ تي جان فدائي
اختيار ڪئي، وري ڏسجي ٿو ته ڪي ماڻهو، جي نڪي
بهادر آهن، نڪي عذابن ۾ ئي آهن، سي ساڳيو ڪم وري
وري ڪري ٿڪجي پيا آهن، ۽ اهڙو پاڻ مان ڪڪ ٿيا آهن،
جو مرڻ قبول ڪيو اٿن، هيءَ به ڳالهه ڌيان ڏيڻ جوڳي
آهي ته موت جي پهچڻ ڪري گهڻن ماڻهن جي طبيعت ۽ خوش
مزاجي ڦري نٿي وڃي. هو پوئين پساهه تائين هڪ جهڙا
ٿا رهن، روم جي شهنشاهه ”اغسوتوس“ جي ڳالهه لکن
ٿا، ته ڪنهن کي آدر ڀاءُ ڪندي مري ويو، شهنشاهه
”طبريوس“ ، ڍونگ ڪندي ساهه ڏنو، ”وسفاشيون“ ڪرسيءَ
تي ويٺي ويٺي، چرچي ۾ هلندو رهيو، غالبن، سزا جي
فتوا ڏيندي دم ڏنو، ۽ ”صفتميوس“ تڪڙ ڪندي مري ويو،
اهي ته رڳو روم جي شهنشاهن جا مثال آهن، پر اهڙا
ٻيا ڪيترائي مثال تاريخن مان ملي سگهندا.
مرڻ به اهڙي سڀاويڪ ڳالهه آهي، جهڙو ڄمڻ، ننڍي ٻار
کي شايد مرڻ ۾ ايترو عذاب ايندو هوندو، جيترو ڄمڻ
۾، جيڪو ماڻهو ڪنهن ڪم جي شوق ۾ يا ڪنهن شيءِ جي
طلب ۾ مري ٿو، اهو اهڙو آهي جهڙو ڪو جوش ۽ ڇوهه ۾
ڦٽجي، جنهن کي انهيءَ مهل زخم جي ڪابه خبر ڪانه
پوي ٿي.
تنهن ڪري، ڪنهن چڱيءِ شيءِ تي شوق سان دل ڄمائڻ ۽
ميل ڪرڻ ڪري، موت جو ايذاءُ پاسي ٿئي ٿو، پر سڀ
کان چڱي ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن ماڻهوءَ جي من جون
چڱيون مرادون پوريون ٿين، تڏهن خير سان چالاڻي ڪرڻ
۾ ارهو نه ٿئي، موت ۾ هيءُ به خاصيت آهي، ته چڱي
نالي ۽ ناموس جو در کولي ٿو ۽ حسد ۽ وير کي اجهائي
ڇڏي ٿو.
گفتار ٽين
دوستي
”ارسطاطاليس“ حڪيم جو قول آهي ته ” جنهن ماڻهوءَ
کي اڪيلائي وڻي ٿي، سو يا ته جهنگلي جانور آهي: يا
ديوتا“ . اهو قول سڄو ئي سچو ناهي، اڌ سچو آهي، جي
ماڻهو هيڪلائيءَ کي پسند ڪن ٿا، تن مان جهنگلي
جانور جي سڀاءُ جي بوءِ برابر اچي ٿي، پر خدائي
سڀاءُ يا خدا جي وليءَ جي سڀاءُ جي بوءِ نٿي اچي.
هي درست آهي ته ولي يا ٻيا عبادتي ماڻهو هيڪلائي
انهيءَ ڪاڻ گهرندا آهن ته دنيا جي ڌنڌن کان بلڪل
فارغ ٿي، هڪ مهاڙو، خدا تعاليٰ جي عباد ت ۽ مناجات
۽ ذڪر ۾ مشغول رهڻ جو وجهه ملين، تاريخن مان
ڪيترائي مثال ملي سگهن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته
گهڻن ماڻهن فقيريءِ بلڪ، خدائي جو دم هڻي، ڍونگ
ڪري، وڃي جهنگ ۾ گذاريو آهي، اگرچ ڪن ٿورن سچي
پچيءَ عبادت جي لاءِ به وڃي جهنگ ۾ گذاريو آهي.
پر ماڻهن کي خبر نٿي پوي ته اڪيلائي ڇا کي ٿو
چئجي، صحبت ۽ اڪيلائيءَ ۾ ڪيترو ۽ ڪهڙو فرق آهي،
ماڻهن جو گهڻو ئي گوڙ هوندو، ته به ضرور ڪونهي ته
منجهن صحبت هجي، پوءِ جي منجهن محبت ۽ صحبت نه
هوندي ته هيترا منهن ڪهڙي ڪم جاٰ؟، هو رڳو ڪاغذ يا
بت جي تصويرن وانگي آهي، ۽ هيترو ڳالهائڻ ڪهڙي ڪم
جو؟ هو رڳو گهنڊ جي گهڻ، گهڻ وانگي آهن. چوڻي آهي
ته وڏو شهر، وڏي اڪيلائي“، تنهن جو سبب هي آهي جو
وڏن شهرن ۾ دوست پکڙيا پيا آهن، تنهنڪري جا صحبت
۽ جا سنگت ننڍن ڳوٺن ۽ پاڙن ۾ آهي، سا اڪثر انهن ۾
ڪانهي، نسورو سچ ته اهو آهي، ته صحبت ۽ دوستيِءَ
کان سواءِ سڀ اڪيلائي آهي، سچن دوستن ڌاران دنيا
سڄي ويران ۽ خراب آهي، ۽ اڪيلائي جي انهيءَ کان
سواءِ ٻي ڪائي معنيٰ آهي، جنهن ماڻهوءِ جي سڀاءَ ۾
محبت، ميلاپ، ۽ دوستي ڪانهي، سو حقيقت ۾ جهنگ جو
مرون آهي، انسان نه آهي.
هاڻي، دوستيءَ جا ڦل ۽ فائدن ڏيکارينداسين:
پهريون وڏو ڦل اهو آهي، ته انسان جي دل ۾ سڀاويڪ
خواهشن ۽ هوسن ڪري جو سوز ۽ ڀرتيون پيدا ٿين
ٿيون، سي لهيون نڪريو وڃن. آرام ۽ سک حاصل ٿئي ٿو،
سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته بدن ۾ ساهه جي بندش ۽ گهٽ
ڪري جي مرض پيدا ٿين ٿا، سي نهايت خوفناڪ آهن، دل
سان به اهو ساڳيو حال آهي، جيري کي ڇٽائڻ لاءِ
ماڻهو عشبو کائين ٿا، ٻرهل جي لاءِ رڪ جو عرق
کائين ٿا، ڦڦڙن جي لاءِ گوگرد يا گندڪ کائين ٿا ۽
مغز جي لاءِ بادام روغن يا مڇيءَ جو تيل پين ٿا،
پر دل جي ڇٽائڻ لاءِ ، سچي ايماندار جاني دوست کان
سواءِ، ٻيو ڪوئي نسخو يا علاج ڪونهي: پنهنجي دوست
کي پنهنجي اندر جا ڏک، سور اوري ۽ خوشيون، اميدون،
ڊپ، شڪ، رايا، صلاحون سڀ ٻڌائي، جيڪو هانو تي بار
آهي، سو سڀ ماڻهو هلڪو ڪري ٿو.
اچرج جي ڳالهه اها آهي جو وڏن وڏن بادشاهن وٽ
دوستيءَ جي هن ڦل جو تمام گهڻو قدر آهي، ۽ ان جي
تمام گهڻي گهرج آهي، هو پنهنجي سلامتيءَ ۽ وڏائي
کي ڊپ ۾ وجهيو به، ان کي خريد ڪن ٿا، بادشاهه
پنهنجي رعيت ۽ پنهنجن نوڪرن کان، نصيب ۽ شان ۾،
گهڻو مٿي ۽ پري آهن، تنهن ڪري هنن کي هيءُ ڦل
اهڙيءَ سهنجائيءَ سان نٿو اچي، مگر انهيءَ شرط،
جو هو ڪنهن کي چاڙهي چاڙهي آڻي پنهنجو سنگتي يا
دوست ڪن، يا پاڻ سان مٽ يا برابر ڪن، جنهن مان
اڪثر جوکو پيدا ٿئي ٿو، اهڙي ماڻهوءَ کي هن زماني
۾ ”مقرب“ سڏين ٿا، ڄڻ ته بادشاهه رڳو هن کي پنهنجي
ويجهو ويهاري، هن سان اوڀاريون لهواريون ڳالهيون
ڪري ٿو: پر حقيقت ۾ ائين ناهي، اڳين ڏينهن ۾ رومي
ماڻهو، سچو سبب ڄاڻي، اهڙي ماڻهو کي ” شريڪ
الافڪار“ ڪري سڏيندا هئا، يعني جي بادشاهه جي ڏکن
۽ سکن ۾ حال ڀائي هجي، اها ئي ڳالهه آهي، جنهن ڪري
هڪڙي وڏي ماڻهوءَ ۽ ههڙي ننڍي ماڻهوءَ جي وچ ۾
اهڙو پيوند پيدا ٿئي ٿو.
تاريخن پڙهڻ مان اسان کي معلوم ٿيندو ته اهو حال
نه رڳو ضعيفن، پرمتن ۽ پهه وارن بادشاهن جو آهي،
پر تمام ڏاهن، سياڻن ۽ اٽڪل وارن بادشاهن جو به
آهي، انهن اڪثر پنهنجن خدمتگارن مان ڪن کي چاڙهي
آڻي پاڻ سان گڏيو آهي ۽ انهن کي پاڻ پنهنجي زبان
مبارڪ سان ”دوست“ ۽ ”ادا“ ڪري سڏيو اٿن هو ته انهن
کي ائين ڄاڻن ۽ ائين سڏين، جهڙيءَ طرح عام دوست
هڪٻئي کي سڏين ٿا، روم جي شهنشاهن مان ”سلا“
گهڻيءَ مهرباني سان، ”فامفيوس“ کي اهڙو مٿي
چاڙهيو، جو هو ٻٽاڪ هڻندو هو ته آءُ شهنشاهه کان
به وڌيڪ زور وارو آهيان، ۽ آخر ”اعظم“ جو لقب
مليس، ”يوليوس گچ“ جيتري ورثي جي وارث به ڪيائين،
۽ آخر موت به ان جي ئي هٿان آيس. ”اغسطوس“ قيصر به
انهيءَ طرح ”اعربفوس“ کي مٿي کنيو، جو تمام نيچ
ذات جو ماڻهو هو، ۽ انهي ساڳي کي پنهنجي ڌيءَ
پرڻائڻ جي ٿي ڪيائين. ”طبريوس“ قيصر وري ”سجينوس“
کي ايترو مٿي چاڙهيو، جو ماڻهو انهن ٻنهي کي يارن
جو جوڙو ڪري سڏيندا هئا ۽ هڪري ڀيري ته ”سجينوس“
ڏي خط ۾ هي لفظ لکيائين ته ”هي هي ڳالهيون،
پنهنجي دوستي جي ڪري“ مون توکان ڪين لڪايون آهن“،
اهڙو حال وري ”سفطميوس“ جو هو، جنهن پنهنجي پٽ کي
زور ڪري ”فلافينوس“ جي ڌي پرڻائي، ڇاڪاڻ جو هن سان
گهڻي محبت هوندي هيس، ۽ انهي شخص بابت هڪڙي خط ۾
لکي ٿو ته ”آءُ فلاڻي کي ايترو ٿو گهران، جو
ڀانيان ته شل هن کي جيئرو ڇڏي آءُ مري وڃان“،
انهن ۾ اسين ٻيو مثال ”هارون الرشيد“ بغداد جي
مشهور خليفي، جو گڏيون ٿا، جو ”جعفر برمڪي“ سان
همراز ۽ همنشين هو، ساڳيو حال، محمود عزنوي ۽
”اياز“ حبشيءَ جو هو، اهڙا ٻيا ڪيترائي مثال ملي
سگهندا، هاڻي ڏسبو ته هي سڀ بادشاهه جي ذرو ضعيف ۽
ساڌو هجن ها ته به چئجي ته هنن پنهنجي چڱي سڀاءُ
جي ڪري اهڙي نرم هلت ٿي ڪئي، پر انهن مان ته هڪڙو
هڪڙو اهڙو ڏاهو ۽ عقل وارو اهڙو جابر ۽ همٿ وارو،
اهڙو مغرور ۽ حشمت وارو ٿي گذريو آهي، جو سڀني
تاريخن ۾ مشهور آهي. انهي هوندي به ڏسڻ ۾ آيو آهي
ته ڪنهن دوست وٺڻ کان سواءِ هنن پنهنجي خوشي اڌو
گابري ۽ اڻپوري ڄاتي آهي ۽ دوستيءَ ۾ سڄي ساري
خوشي حاصل ڪئي اٿن، وري انهن ساڳين کي زالون به
هيون، پٽ به هئا، ڀائيٽيا به هئا، ڀاڻيجا به هئا،
جن مان هنن کي دوستيءَ جي آسيس ۽ تسلي نه ملي سگهي
آهي، اهڙو اثر دوستيءَ ۾ آهي!
”چارلس“ ، برگنڊي ڏيهه جي بادشاهه، ۽ ”لوئيز“
فرانس ڏيهه جي بادشاهه بابت لکن ٿا ته هو پنهنجي
دل جي ڳالهه ڪنهن کي ڪين ٻڌائيندا هئا، جنهن ڪري
پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ هو هميشه خفي ۾ گذاريندا هئا،
۽ آخر، ڪرڪي جهرڪي، پنهنجي سمجهه ۽ پنهنجا حواس
گم ڪري ڇڏيائون، سچ آهي ته جن ماڻهن کي پنهنجي
اندر اورڻ لاءِ ۽ پنهنجي ڳجهه ڳوهڻ لاءِ ڪو دوست
ڪونهي، سي ڄڻ ته پنهنجيءَ دل جو پاڻ رت پين ٿا ۽
پنهنجا پاڻ خونخوار دشمن ٿين ٿا، ”فيثا غورث“
حڪيم جو به اهڙو ئي قول آهي، جو چوي ٿو ته ”پاڻ
پنهنجي دل کائڻ نه گهرجي“، دوستيءَ ۾ مزي جهڙي
ڳالهه اها آهي، جو دوست کي پنهنجي اندر جي ڳالهه
ٻڌائڻ مان ٻه مخالف اثر پيدا ٿين ٿا، هڪڙو ته خوشي
ٻيڻي ٿي ٿئي، ٻيو ته ڏک اڌو اڌ ٿا ٿين. ڇاڪاڻ جو
دل جي خوشيءَ جي ڳالهه پنهنجي دوست کي ٻڌائڻ ڪري
ماڻهو پاڻ به خوش ٿيندو، ۽ دوست به ساڻس گڏ خوشي
ڪندو، وري ڏکن ٻڌائڻ ڪري، اڌ ڏکن جو ورهائي هو
کڻي ويندو ۽ رڳو اڌ سندس پتيءَ ۾ رهندو، جنهن ڪري
سندس ڏکن جو بار هلڪو ٿي پوندو، حقيقت ۾ دوستيءَ
کي انسان جي دل تي اهڙو اثر آهي، جهڙو ڪيمياگر جي
پٿر يا اڪثير ۾ ٿيندو آهي، جو منجهائنس ڪيترا به
ضد اثر پيدا ٿيندا، ته به هڪڙو نه ٻيو فائدو
پهچندو ئي پهچندو.
دوستيءَ جو ٻيو ڦل، سمجهه ۽ سڃاڻپ جي سڌارڻ لاءِ
اهڙو مفيد ۽ اثرائتو آهي، جهڙو پهريون ڦل سڀاويڪ
خواهشن ۽ هوسن جي لاءِ آهي، ڇاڪاڻ جو انسان جي
خواهش ۾ جيڪي غمن ۽ دردن جا غبار ۽ طوفان آهن، سي
سڀ دوستي ٽوڙي نه رڳو صاف صفائي ڪري ٿي، پر انسان
جي سمجهه ۽ عقل تي جيڪا فڪرن ۽ مونجهارن جي اوندهه
آهي، تنهن کي ٽاريو روز روشن ڪريو ڇڏي، دوست جي
صلاح ۾ ايتري مڙئي قدرت آهي، پوءَ اها ايمانداريءَ
۽ سچائي جي صلاح هجي، نه هجي، ته به ايتري پڪ آهي
ته جنهن ماڻهوءَ جي دل تي گهڻا فڪر ۽ خيال هوندا،
سو جي پنهنجا اهي خيال ڪنهن ٻئي کي چئي ٻڌائيندو،
ته سندس فهم ۽ عقل صاف ٿيندو، انهيءَ ڪري هو
سهنجائيءَ سان پنهنجا خيال ٻڌائيندو، ته سندس فهم
۽ عقل صاف ٿيندو، انهيءَ ڪري هو سهنجائيءَ سان
پنهنجا خيال اٿلائي پٿلائي ٿو ۽ چڱيءَ طرح ٺاهي
ٺوڪي ٿو ۽ خبر پويس ٿي ته اهي خيال جڏهن ڦيرائي
لفظن ۾ وجهن ٿا، تڏهن ڪيئن ٿا ڏسجن، آخر ائين ڪرڻ
ڪري، هو وڌيڪ ڏاهو ۽ سياڻو ٿئي ٿو ۽ ايتري ڏاهپ
هو هڪڙي ڪلاڪ جي گفتگو مان حاصل ڪري ٿو، جيتري هو
سڄي ڏينهن جي خيال مان ڪين ڪري سگهندو، دوستيءَ
جو اهو ڦل سمجهه سڌارڻ لاءِ نه رڳو اهڙن دوستن سان
لاڳو آهي، جي ڪا صلاح ڏئي سگهن، (اهڙا ملن ته وڏا
طالع) پر ڪهڙا به هجن، ته به ڳالهائڻ ڪري ماڻهو
پنهنجو پاڻ سکي ٿو، پنهنجو خيال صاف ڪري ٿو، ۽
پنهنجو عقل تيز ڪري ٿو، جهڙي طرح ڪو ڪپ روهيءَ تي
تکو ڪجي: مطلب ته ماڻهو پنهنجا خيال ڪنهن بت يا
تصوير سان وڃي ظاهر ڪري، ته به چڱو، انهن کي دل ۾
سانڍي نه رکي، ۽ اندر ۾ گهٽي ۽ ٻوساٽي نه وجهي.
هاڻي انهيءَ دوستيءَ جي ٻئي ڦل پوري ڪرڻ لاءِ،
هڪڙي ظاهر ڳالهه ڌيان ۾ آڻڻ گهرجي، اها ڪنهن دوست
جي سچي ۽ ايمانداري جي صلاح آهي. ”هر اقليطوس“
حڪيم چوي ٿو ته ”خشڪ روشنائي هميشه چڱي ۽ فائدي
واري آهي ۽ پڪ آهي ته ٻئي جي صلاح ۽ مصلحت مان جا
ماڻهوءَ جي اندر کي روشنائي پهچي ٿي، سا خشڪ به
آهي ۽ صاف به آهي. جا روشنائي خود پنهنجي سمجهه ۽
عقل مان ملي ٿي، سا مدامي عادتن ۽ دل جي هوسن سان
گهميل آهي، تنهنڪري، ڪنهن دوست جي صلاح ۽ خود
پنهنجي صلاح جي وچ ۾ اهڙو پير آهي، جهڙو پنهنجي
دوست جي صلاح ۽ ڪنهن خوشامد ڪندڙ جي صلاح جي وچ ۾
آهي، جيترو ماڻهو پاڻ پنهنجي خوشامد ٿو ڪري، اوتري
ڪوئي به ٻيو نٿو ڪري، ۽ خود پنهنجيءَ خوشامد جو
علاج اهو آهي، جو پنهنجي دوست سان کلي ڳالهه ڪجي.
صلاح ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪڙي آدابن ۽ اخلاقن
بابت، ٻي ڪم ڪار بابت.
پهرئين قسم بابت ياد رکڻ گهرجي ته دل کي تندرست
رکڻ لاءِ دوست جي سچيءَ صلاح کانسواءِ ٻيو ڪوئي
علاج ڪونهي، پنهنجو پاڻ کي چڱن بڇڙن ڪمن جو حساب
پڇڻ ۽ وٺڻ به هڪڙو علاج آهي، پر انهي مان گهڻي
مشقت ۽ زحمت پهچي ٿي، چڱن اخلاقن بابت جيڪي ڪتاب
لکيل آهن، تن جي پڙهڻ مان به اوترو گهڻو اثر ڪونه
ٿو ٿئي، پنهنجا عيب ٻين ۾ ڳولڻ ۽ نهارڻ به ڪڏهن
ڪڏهن غير واجب ڏسجي ٿو، بهتر ۽ سڀ کان چڱي اها
ڳالهه آهي، ته دوست جي صلاح وٺجي، افسوس جهڙي
ڳالهه آهي جو وڏن وڏن ماڻهن کي پنهنجي حال کولڻ
لاءِ ڪو دوست ڪونه آهي، ۽ انهيءَ ڪري هو ڏاڍو
نقصان سهن، جهڙو مال متاءُ لٽائين، تهڙو ننگ ناموس
وڃائين، جيئن هڪڙي مذهبي ڪتاب ۾ فرمايل آهي ته ”هي
ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن آرسي ۾ نهارين ٿا، ۽ اتي جو اتي
پنهنجي شڪل وساريو ڇڏين!“
ٻئي قسم بابت، يعني ڪم ڪار لاءِ، ياد رکڻ گهرجي ته
هڪڙيءَ اک کان ٻه اکيون وڌيڪ ڏسن ٿيون، جوارين
يعني جوا کيڏڻ وارن کان تماشي بين وڌيڪ ڏسي ٿو،
ڪاوڙيل ۽ شوخ ماڻهو کان ڌيرج ۽ تحمل وارو ماڻهو
وڌيڪ ڏاهو ٿئي ٿو، ۽ بندوق هٿ ۾ جهلي هڻڻ کان،
ڪنهن شيءِ تي رکي نشان چٽڻ ۾ وڌيڪ پڪائي آهي،
اهڙين سچين ڳالهين کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو برخلاف ڄاڻي
هلندو ۽ چوندو ته هڪڙي اک به ايترو ٿي ڏسي، جيترو
ٻه اکيون ٿيون ڏسن، وغيره ۽ انهيءَ کي سياڻپ ڄاڻي
مٿس عمل ڪندو، ته ڪري سگهي ٿو، پر، ڪم نبري کان
پوءِ چڱي صلاح جو اثر اهو آهي، جو هن کي ٻڌائيندي
ته ائين ڪرڻ غلط آهي ۽ هيئن ڪريئن ڪرڻ سياڻپ آهي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀانئي ته آءُ علحديون صلاحون
وٺان، يعني هڪڙي ڪم ۾ هڪڙي ماڻهوءَ جي صلاح ۽ ٻئي
ڪم ۾ ٻئي ماڻهو جي، ته اهو به چڱو، پر انهي مان
ٻه خوف نڪرڻ جوڳا آهن، هڪڙو اهو ته شايد هن کي سچي
۽ ايمانداريءَ جي صلاح نه ملي سگهندي، ڇاڪاڻ جو
سچي ۽ جاني دوست کان سواءِ ٻيا ڪي ٿورا هوندا، جن
جي صلاح ۽ خود مطلبي تي ٻڌل نه هوندي، ٻيو اهو ته
شايد هن کي اهڙي صلاح ملندي، جنهن مان کيس ڪوبه
جوکو يا نقصان پهچندو، جنهن ۾ ڪي علاج گڏيل آهن ته
ڪي خرابي، جهڙي طرح ڪنهن اهڙي طبيب کي سڏجي، جو
مرض جي دوا ڪرڻ ۾ هوشيار هجي، مگر مريض جي جسم ۽
طبيعت کان غير واقف هجي، ۽ تنهن ڪري هو في الحال
مرض کان ڇٽائي ڇڏي ٿو، پر ڪنهن ٻيءَ طرح بدن جي
تندرستي گهٽ ڪري ڇڏي ٿو، انهيءَ طرح مرضن کي ته
ٽاري ڇڏي ٿو، پر مريضن کي ماري ڇڏي ٿو، پر، جو
دوست ماڻهوءَ جي حالت جو خوب واقف آهي، تنهن کي
سمجهيو پيو آهي ته هن ڪم جي ڪرڻ مان هن کي ڪهڙي
حرڪت پهچندي، تنهن ڪري جدا جدا ۽ پکڙيلن صلاحن تي
گهڻو ڀروسو نه رکڻ گهرجي، نه ته انهن مان تسلي
پهچڻ جي بدران خرابي پهچندي.
دوستي جي مٿين ٻن ڦلن کان پوءِ ٽيون ڦل اچي ٿو،
جو ڏاڙهون وانگي سڄو داڻن سان ڀريو پيو آهي، اهو
هي آهي، وقت سر سڀني ڪمن ۾ ٻيلپو ڪرڻ ۽ مدد ڏيڻ،
دوستي گهڻن طرحن سان ڪمائتي ٿئي ٿي، تنهن جي ڄاڻڻ
لاءِ هتي ياد ڪرڻ گهرجي ته ڪيترائي ڪم آهن، جي
ماڻهو پاڻ ڪري نٿو سگهي، پوءِ معلوم ٿيندو ته دوست
پاڻ کان به وڌيڪ ڪمائتو آهي، ماڻهو ڪن خاص شين تي
دل رکن ٿا ۽ انهن بابت ڪيتريون ئي اميدون دل سان
سانڍيو مريو وڃن ۽ اهي خواهشون سندن دل ۾ رهجيو
وڃن، جهڙوڪ اولاد کي سنڀالڻ ۽ پرڻائڻ، يا ڪو ڪم
پورو ڪرڻ وغيره، هاڻي جي ڪنهن ماڻهوءَ کي سچو ۽
ايماندار دوست هوندو ته هن کي دلجاءِ هوندي ته
منهنجي مرڻ کانپوءِ انهن شين جي سنڀالڻ وارو ٻيو
ڪو ويٺو آهي، انهيءَ طرح ماڻهوءَ کي ڄڻ ته،
پنهنجين خواهشن ۽ اميدن ڪري، ٻه حياتيون ملن ٿيون،
حياتيءَ ۾ ته جيئرو آهي، پر گويا موئي کان پوءِ به
جيئرو آهي، ماڻهوءَ کي هڪڙو جسم آهي، ۽ اهو جسم
هڪڙيءَ جاءِ تي رهي سگهي ٿو، پر جتي دوستي آهي،
اتي حياتي ۽ زماني جا جيڪي ڪم ڪار آهن، سي نه رڳو
هن هڪڙي جي لاءِ ڇڏيل آهن، پر هن جي لاءِ ۽ هن جي
نائب لاءِ ، ڇاڪاڻ جو هو اهي سڀ ڪم پنهنجي دوست جي
معرفت ڪري سگهي ٿو، هزارين ڪم ۽ ڳالهيون آهن، جي
ماڻهو پاڻ شائستي يا مناسب طرح سان ڪري يا چئي نٿو
سگهي، ماڻهو حيا ۽ لڄ جي ڪري، پنهنجا گڻ ۽ پنهنجي
تعريف پنهنجيءَ زبان سان ٻئي وٽ ڪري نٿو سگهي،
ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪو عرض پنهنجي منهن ڪري نٿو سگهي،
۽ اهڙيون ڪئين ٻيون ڳالهيون آهن، پر اهي سڀ
ڳالهيون جن جي پاڻون چوڻ ڪري ماڻهوءَ کي شرم ٿو
ٿئي، سي ڪنهن دوست جي واتان سهنجائيءَ سان ظاهر
ٿي سگهن ٿيون. اهڙيءَ طرح، وري ماڻهو کي ڪي اهڙيون
نسبتون آهن، جي هو ڪنهن به طرح پاسي ڪري نٿو سگهي،
ماڻهو پٽ سان ائين ڳالهائيندو، جيئن پيءُ ڳالهائي،
نه ٻيءَ طرح، زال سان ائين ڳالهائيندو جيئن مڙس
ڳالهائي، نه ٻي طرح، دشمن سان ائين ڳالهائيندو
جيئن دشمن کي ٺهي، پر دوست هنجي بدران ائين
ڳالهائيندو، جيئن حال سان لاڳو ۽ واجب ۽ ضرور
هوندو، اهڙيون ڳالهيون ڪيتريون ئي آهن، ڪهڙيون لکي
ڪهڙيون لکون. اسان قائدو ڏسي ڇڏيو آهي، جتي ماڻهو
پاڻ چڱيءَ طرح هلي نه سگهي، نه اتي انهي قاعدي تي
هلي.
جيڪو مطلق ڪو دوست ڪونه وٺندو، ته گهرجيس ته هن
جهان مان لڏي وڃي، هتي هو ڪنهن ڪم جو ڪين ٿيندو،
انهي ءَ بابت گهڻن پارسي شاعرن لکيو آهي.
کسي کاندر جهان ياري ندارد،
درخت عشرتش باري ندارد،
بد کسي دان که دوست کم دارد،
بدتر آنکو گرفت، بگذارد،
مردرا دوستان صاحبدل،
زيور دين و زينت دنيا است،
نعمت دهر اگرچه، بسيار است،
نعمتي بهتر از رفيق کجا است |