گفتار چوڏهين
ڪاوڙ يا چڙ
ڪاوڙ کي مطلق بند ڪرڻ ۽ اجهائي ڇڏڻ ممڪن ناهي،
ديني ڪتابن ۾ اهو لکيل آهي ته “ڪاوڙ ڀلي ڪجي، جيئن
سڄو ڏينهن ڪاوڙ ئي ڪاوڙ ۾ گذري وڃي“، ڪاوڙ جهڙو
ٿوري هئڻ گهرجي، تهڙو ٿوري تائين هلڻ گهرجي.
هاڻي، اسين پهرين ڏيکارينداسين ته ڪاوڙ ڪرڻ جي
عادت ڪهڙيءَ طرح روڪجي ۽ بند ڪجي، تنهن کانپوءِ
بيان ڪنداسين ته ڪهڙي تجويز ڪجي، جو ڪاوڙ مان ڪو
نقصان نه پهچي، ۽ آخر ۾ ظاهر ڪنداسين، ته ٻئي ۾
ڪهڙي رستي ڪاوڙ پيدا ڪجي ۽ بند ڪجي.
ڪاوڙ ڪرڻ جي عادت بند ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪوئي علاج
ڪونهي، مگر اهو ته ڪاوڙ مان جيڪي نتيجا نڪرن ٿا،
تن تي چڱيءَ طرح خيال ڪجي، ۽ ڏسجي ته ماڻهوءَ کي
منجانئن ڪهڙي نه اهنجائي ٿي پهچي، ائين ڪرڻ لاءِ
چڱو وقت تڏهن آهي، جڏهن ڪاوڙ ڪري بس ٿي ڪجي،
انهيءَ مهل چڪاسي ڏسجي ته مون جا هينئر ڪاوڙ ڪئي،
تنهن مان آخر ڇا حاصل ٿيو، هڪڙو حڪيم فرمائي ٿو ته
”ڪاوڙ اهڙي بلا آهي، جو جنهن ۾ هوندي، پهرين
انهيءَ کي ناس ڪندي.“
غضب از شعلهاي شيطاني است،
عاقبت موجب، پشيماني است.
تنهن ڪري ماڻهو کي تحمل ۽ ڌيرج گهرجي، جنهن کي
تحمل ناهي، تنهن کي جيئرو رهڻ مشڪل آهي،
فيالحقيقت، ڪاوڙ هڪڙي قسم جي نيچائي ۽ هيڻائي آهي،
جي خيال ڪري ڏسبو ته ڪهڙن قسمن جي ماڻهن ۾ ڪاوڙ
گهڻي ٿي ٿئي، ته پاڻيهي اها ڳالهه درست ڏسڻ ۾
ايندي، ننڍن ٻارن ۽ زالن، پير مردن ۽ بيمارن ۾
اڪثر چر گهڻي ٿئي ٿي.
ڪاوڙ جا خاص ٽي سبب آهن، هڪڙو زود رنج رهڻ، ۽ ٿوري
ايذاءَ کان گهڻو ڏکوئجڻ، ڇاڪاڻ جو جيسين ڪو ماڻهو
ڏکوئبو ڪين، تيسين هو ڪاوڙ ڪين ڪندو، تنهن ڪري،
جيڪي نرم ۽ نازڪ طبع ماڻهو ٿين ٿا، سي اڪثر گهڻو
ڪاوڙجن ٿا، ۽ ذري ذري تي پنهنجي چڙ ڏيکارين ٿا، پر
جيڪي ڏاڍيءَ طبع جا ۽ وڏيءَ دل وارا آهن، سي ڪين
جهڙيءَ ڳالهه تي ڌيان ئي ڪونه ٿا ڏين، ڇاڪاڻ جو
ڄاڻن ٿا ته
شعشهء برق در آزردن است،
قاعدهء بحر فرو خوردن است،
سينه ء دريا نشود پر غبار،
گرچه که باران کندش سنگسار.
ٻيو ته جڏهن ماڻهوءَ کي ڪو ڌڪار ۽ نفرت ڪري ايذاءُ
پهچائي ٿو، تڏهن ڪاوڙ ٿي لڳي، ڇاڪاڻ جو جيترو ڌڪار
ڪاوڙ کي تکو ٿي ڪري، اوترو خود ايذاءُ به نٿو ڪري،
تنهن ڪري، جيڪو ماڻهو اڪثر نڪته چين هوندو، ۽
معاملي لاءِ ذرا پرزا وتندو گڏ ڪندو، ته ضرور
پنهنجي ڪاوڙ وڌائيندو، ٽيون ته جڏهن ماڻهوءَ جي
عزت ۽ آبروءَ کي ڪو جوکو رسائي ٿو، ۽ هن جي ننگ
ناموس کي ڪا حرڪت پهچائي ٿو، تڏهن هن کي ڏاڍي چڙ
ٿي لڳي، پر انهيءَ چڙ جو علاج آهي، هاٿيءَ جهڙي
سخت چمڙي رکڻ، جو ٻئي کي جيئن وڻي تيئن ايذاءُ
ڏئي، ته به خبر ئي ڪانه پوي.
سڀ قسم جي چڙ بند ڪرڻ لاءِ، ڪوشش ڪري گهڻو وقت
وٺن گهرجي، ۽ تڪڙ نه ڪجي: هميشه ائين سمجهجي ته
اڃا ڪاوڙ ڪرڻ ۽ وير وٺڻ جو وجهه آيو ڪين آهي،
انهيءَ طرح، دير ڪري ڪري، پنهنجي ڪاوڙ ڍري ڪجي.
ڪاوڙ ۾ ڪو ايذاءُ يا ڪا حرڪت نه پهچائڻ لاءِ، ٻن
ڳالهين جي سنڀال ڪرڻ گهرجي، هڪڙي اها ته تمام خراب
۽ اجايا لفظ واتئون نه ڪڍجن ۽ گارگند نه ڪجي ۽
ڪاوڙ مهل پنهنجا ڳجهه ظاهر ڪري نه وجهجن، ڇاڪاڻ جو
چيو اٿن ته
سخن تا نه گفتي توانيش گفت،
ولي گفته را باز نتوان نهفت،
ٻي اها، ته ڪاوڙ مهل ڪوبه ڪم شوخيءَ ۽ ڇوهه ۾ ڪري
نه ويهجي، جنهن لاءِ پوءِ پڇتائڻو پوي ۽ جو وري
درست ٿي نه سگهي.
ٻئي ماڻهو ۾ ڪاوڙ پيدا ڪرڻ ۽ بند ڪرڻ آسان آهي،
جڏهن اگلو خفي ۾ يا بت کان بيزار ويٺو هجي، تڏهن
ان کي ٿوريءَ ڳالهه تي چيڙائي سگهجي ٿو، ٻيءَ طرح،
جاچي صحي ڪجي ته ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين ڪري ماڻهوءَ
جي ڌڪار گهڻي ڏسڻ ۾ ايندي، پوءِ جي اهي ڳالهيون
ڄاڻي بجهي ڪندو، ۽ هو پيو ڏسندو ته فلاڻو مون کي
ڌڪاري ٿو، ته ان ساعت ڪاوڙجي پوندو.
گفتار پندرهين
مائٽ ۽ اولاد
جهڙيون ماءُ، پيءُ جون خوشيون ڳجهيون ۽ اندروني
آهن، تهڙا سندن ڏک ۽ ڊپ به ڳجها آهن: نڪي هو
پنهنجون خوشيون ظاهر ڪري سگهن ٿا، نڪي کين پنهنجن
ڏکن ڏجهن ظاهر ڪرڻ جي مرضي ٿي ٿئي، مائٽ جي پورهيي
۽ محنت ۾ اولاد گهڻي فرحت ۽ ميٺاج پيدا ڪري ٿو، پر
سندس ڏکن ۽ هلاڪين کي ٻيڻو ڪڙو ڪري ٿو.
اولاد حياتيءَ جا فڪر وڌائي ٿو، مگر موت جي ياد
گيري گهٽائي ٿو، هڪٻئي پٺيان ٻار ڄڻڻ ۽ پيڙهي ڪڍڻ
ته جهڙو انسان ڪري سگهي ٿو، تهڙو حيوان، پر
يادگيري ۽ چڱو نالو، قدر ۽ چڱا ڪم رڳو انسان ئي
سان لاڳو آهن، سچ آهي ته جن ماڻهن کي اولاد ڪونه
ٿيو آهي، انهن چڱا چڱا ڪم ڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته جو
اهڙا ماڻهو جڏهن پنهنجي جسم جون نشانيون نه ڪڍي
سگهيا آهن، تڏهن پنهنجي دل جي نشانن ظاهر ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي اٿن، تنهن ڪري پوئين ۽ ايندڙ وقت جي
ماڻهن جي خبرداري ۽ ڳڻتي ڪٽنب ۽ خاندان کي پهريندي
زور وٺائن ٿا، ۽ مشهور ڪن ٿا، اهي اڪثر پنهنجي
اولاد تي تمام گهڻو مهربان رهن ٿا، ڇاڪاڻ جو ڄاڻن
ٿا ته سندن ٻار نه رڳو سندن پيڙهي اڳتي وڌايو
هلندا، پر سندن ڪم ۽ رٿ کي به وٺيو هلندا، انهيءَ
ڪري هو ڄڻ ته سندن اولاد به ٿين ۽ مخلوق به ٿين.
گهڻو ڪري مائٽ پنهنجن ٻارن مان ڪن تي گهڻو مهربان
۽ ڪن تي ٿورو مهربان رهندا آهن: اها عادت نادرست ۽
نالائق ڏس ۾ اچي ٿي، خصوصن ماءُ ۾، حضرت سليمان جو
قول آهي ته ”ڏاهو پٽ پيءُ کي سرهو ڪري ٿو، پر کريل
پٽ ماءُ کي شرمندو ڪري ٿو.“ پارسيءُ واري به چيو
آهي ته
ندارد پدر هيچ يا پسته تر،
زفر زند شايسته شايسته تر.
اڪثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جنهن گهر ۾ گهڻا ٻار آهن،
انهيءَ ۾ هڪڙو يا ٻه ٻار جيڪي ڄمار ۾ سڀ کان وڏا
آهن، انهن کي مائٽ مٽ عزت ڏين ٿا، جيڪي سڀ کان
ننڍا آهن، سي تيسر ۽ اڍنگا رهن ٿا، پر وچٽ، جن جي
اوتري سنڀال ڪانه ٿي ٿئي، اهي نيٺ لڏيو لميو وڃيو
سڀ کان چڱا ٿين.
پنهنجن ٻارن کي خرچي ڏيڻ ۾ ماءُ، پيءُ بعضي بعضي
جا ڪنجوسائي ۽ تنگي ڪندا آهن، سا وڏي چڪ آهي، ۽
منجهائنس گهڻو جوکو آهي، انهيءَ ڪري ٻار نيچ، بد
مزاج ۽ کريل ٿا ٿين. رُچايون ۽ ٺڳيون ٿا سکن ۽
بڇڙن سان سنگت ٿا رکن، ۽ جڏهن سک ۾ اچن ٿا، تڏهن
پيٽ ڀرجيو پوين، گهرجي ته هنن کان پيسو واڃي نه
رکن، پر هنن تي اختياري ۽ تاب رکن.
مائٽ، استاد ۽ دايا، اڪثر ناداني ڪري، ننڍي هوندي
ڀائن جي وچ ۾ ريس وجهندا آهن، جنهن مان وڏي هوندي
ڏاڍا فساد جاڳندا آهن، ۽ ڪڙمن ۾ رولا پوندا آهن،
اٽليءَ ۾ ماڻهو پنهنجي اولاد، ڀائيٽين، ڀاڻجين ۽
ٻين قريبن جي وچ ۾ ڪوبه تفاوت ڪونه سمجهندا آهن،
سندن پيٽئون نڪرن ته ڇا، نه نڪرن ته ڇا، جي هڪڙي
قبيلي يا آڪهه جا هوندا، ته اهو بس آهي، اصل کئون
انهيءَ ڳالهه ۾ گهڻو فرق ناهي، ڇاڪاڻ جو ڪڏهن ڪڏهن
ائين ٿيندو آهي جو ڀائٽيو يا ڀاڻيجو، پنهنجي ماءُ،
پيءُ کان وڌيڪ، چاچي يا مامي يا ڪنهن ٻئي مائٽ تي
ويندو آهي، خواهه مهانڊن ۾، خواهه عادتن ۾.
مائٽن کي گهرجي ته جڏهن اڃان سندن ٻار ننڍائي هجن،
ته انهن جي لاءِ ڪو ڌنڌو يا ڪم رٿي ڇڏين، جو
ڀانئين ته هو وڏي هوندي اختيار ڪن، ڇاڪاڻ جو هو
اڃا ڪچا ۽ تازا آهن، ۽ جيئن موڙ بن تيئن مڙندا.
چوب تر را چنانکه خواهي پيچ،
نشود خشڪ جز به آتش راست.
۽ گهرجين ته ٻارن جي طبيعت يا دل جي ميل تي گهڻي
نظر نه ڏين، متان ڄاڻن ته جنهن ڪم تي هنن جي دل
آهي، اهو ڪم هو چڱيءَ طرح ڪندا، انهيءَ ۾ شڪ ناهي
ته ڪن ٻارن ۾ ننڍي هوندي ڪنهن خاص ڪم يا هنر لاءِ
تمام گهڻو ميل ۽ حد کان وڌيڪ چستي ڏسبي آهي، ۽
انهيءَ حال ۾ هنن جي مرضيءَ جي بر خلاف هلڻ چڱو
ناهي، مگر اڪثر هيءُ قاعدو آهي ته چڱي شيءِ
چونڊجي، پوءِ عادت ۽ هير پاڻيهي انهن کي سهنجو ۽
لذت ڀريو ڪندي، گهڻو ڪري ننڍا ڀاءُ سڀاڳا ۽ نصيب
وارا ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ جو هنن کي بازن جي پورهئي
تي تعلق رهڻو ٿو پوي ۽ وڏي ورثي جي ملڻ جي اميد
ڪانهين، جهڙي وڏن ڀائرن کي آهي، پر جڏهن وڏا ڀاءُ
لاوارث ٿيو ٿا وڃن، تڏهن ننڍا ڀاءَ اهڙا نصيب وارا
نٿا ٿين.
گفتار سورهين
پرڻجڻ يا ڇڙهو رهڻ
جنهن ماڻهوءَ کي زال ۽ ٻار ٻچا آهن، انهيءَ ڄڻ ته
نصيب کي پنهنجو اولون ڏنيون آهن، يعني سڄو ئي
”نصيب“ جي هٿ هيٺ آهي، ڇاڪاڻ جو ڪنهن به نيڪيءَ يا
خرابيءَ جهڙي وڏي ڪم ڪرڻ ۾ ٻار ٻچا حرڪتون آهن،
يعني هنن جي ڪري هو ڪوئي به وڏو ڪم ڪري نٿو سگهي،
سچ آهي ته ڇڙهن ۽ بي اولاد ماڻهن تمام چڱا ۽ عوام
جي لاءِ فائدي وارا ڪم ڪيا آهن، هي ماڻهو، جهڙو
محنت ۾ تهڙو هوند ۾، گويا خلق سان پرڻيا آهن، ۽
خلق جي لاءِ ورثو ڇڏيو اٿن،. انهيءَ هوندي به،
حقيقت ۾، جن کي ٻار ٻچا آهن، انهن کي آئيندي جي سڀ
کان وڌيڪ اڳ، ڳڻتي آهي، ڇاڪاڻ جو ڄاڻن ٿا ته ايندڙ
زماني ۾ اسان جي ٻارن کي پڻ گذارڻو پوندو، ڪي
ماڻهو اهڙا آهن، جو اگرچ پاڻ ڇڙها آهن، تڏهن به
ايندڙ وقت بابت هنن کي ذرو به خيال ڪونهي، سندن
خيال رڳو سندن سر ساڻ لاڳو آهي، ۽ پرتي نٿو وڃي،
ڪي وري آهن، جي ڀانئين ٿا ته زال ۽ ٻار ٻچا ڀري
آهي، جا جيئن به هجي، تيئن چڱي. جي ٻار ٻچا هوندا،
ته انهن جي ليکي خرچ ڪرڻو پيو پوندو، تنهن کان
اصلي بس، وري ڪي مورک ۽ لالچي هوند وارا آهن، جي
ٻار ٻچي نه هئڻ ڪري تمام سرها ۽ مغرور آهن، ڇاڪاڻ
جو هو ڀانئين ٿا ته هنن جي نه هئڻ ڪري اسين وڌيڪ
دنيادار ليکباسين، شايد ٻڌو اٿن ته ڪنهن هڪڙي ڪٿي
ويهي اها ڳالهه ڪئي ته ٻيلي فلاڻو ڪو فلاڻو ڏاڍو
پيسن وارو آهي، ۽ ان کي ڪنهن ٻئي وري جواب ڏنو ته
پيسن وارو برابر آهي، پر ويچاري کي هيترا سارا ٻار
آهن، ڄڻ ته ٻارن جي ڪري ڪنهن جي دولت گهٽ ٿي ويندي
هجي!
اڪثر ڇڙهي رهڻ جو عام سبب آزادگي آهي، خصوصن، انهن
ماڻهن لاءِ، جي خود پسند ۽ وهمي ٿيندا آهن، ۽ جي
بند ۽ روڪ کان اهڙو وئون ويندا آهن، جو رڳو ڪمر
بند ۽ خلعت جهڙين عزت جي وٿن کي نه نيئرن ۽ ڪڙين
کان گهٽ نه سمجهندا آهن.
اڻپرڻيل ماڻهو جهڙا چڱا دوست ٿيندا آهن، تهڙا چڱا
ڌڻي، ۽ تهڙا چڱا نوڪر، پر هميشه اهڙا چڱا تابعدار
ڪين ٿيندا آهن، يعني دوستي ۽ نوڪري ۽ ڌڻيپو چڱو
ڪندا آهن، پر هميشه تابعداري چڱي ڪين ڪندا آهن،
ڇاڪاڻ جو هنن جي ڀڄي وڃڻ جو گهڻو امڪان آهي.
ڌرمي ماڻهن کي ڇڙهو رهڻ ٺهي ٿو، ڇاڪاڻ جو جي پرڻيل
هوندا ته پهريائين هنن کي پنهنجي ٻار ٻچي جي
پوئواري ڪرڻي پوندي، پوءِ ڪنهن ٻئي خدا جي ٻانهي
جي، ۽ انهيءَ طرح جڏهن محبت ۽ سخا کي پهريائين
هڪڙي کڏ ڀرڻي پيئي هوندي، تڏهن چوڌاري زمين کيريو
مشڪل پهچندو.
منصف ۽ ٻيا عدالتي عملدار پرڻجڻ ڇا، نه پرڻجڻ ته
ڇا، ڪوئي ڦير ڪونهي: ڇاڪاڻ جو جي کڻي چئبو ته هنن
کي زال لالچائي انصاف جي رستي کان ٻاهر نيئي
سگهندي، تنهن ڪري نه پرڻجڻ گهرجين، ته اهڙا ماڻهو
جڏهن ڇڙها آهن، تڏهن نوڪر جي لالچ تي نٿا لڳي سگهن
ڇا؟ هنن کي ڏهه ڀيرا زال کان وڌيڪ بڇڙو نوڪر ملي
سگهي ٿو.
جنگي سپاهين کي پرڻجڻ چڱو آهي، ڇاڪاڻ جو جڏهن
سپهه سالار ۽ سردار هنن کي وڙهڻ لاءِ همٿائيندا
آهن، تڏهن هو کين سندن زالون ۽ ٻار ٻچا ياد
ڏياريندا آهن، ته من انهيءَ وسيلي سان هو بهادر ٿي
وڙهن، ۽ هيڻا ٿي مارجي نه وڃن، پرڻي کي ڌڪارڻ ڪري
عام سپاهي نيچ ٿي پوي ٿو، جهڙيءَ طرح ترڪن جو اڳي
حال هو.
يقين آهي ته زال ۽ ٻار ٻچا انسانيت جي لاءِ هڪڙي
قسم جي تعليم آهن، يعني انسان انهن جي ڪري ماڻهپو،
مروت ۽ نرمي سکي ٿو، مگر وڌيڪ ظالم ۽ سنگدل ٿين
ٿا، ڇاڪاڻ جو هنن کي ڪڏهن نرميءَ ڏيکارڻ جو ۽
مهربانيءَ جي استعمال ڪرڻ جو وجهه ڪونه ٿو ملي.
خيالي ۽ گنڀير طبيعت وارا ماڻهو، عادت تي هلڻ ڪري،
پڪا ۽ وفادار ٿيندا آهن، تنهن ڪري پنهنجين زالن تي
ڏاڍي محبت رکندا آهن.
پاڪدامن ۽ چڱيءَ هلت واريون زالون، پنهنجيءَ
پاڪدامنيءَ ڪري، البت مغرور ۽ خوديءَ واريون
ٿينديون آهن.زال جي پاڪدامن خواهه تابعدار رهڻ
لاءِ وڏو شرط ۽ پيوند اهو آهي جو هوءَ پنهنجي مڙس
کي ڏاهو ۽ عقل وارو ڄاڻي، پر جي هن صحي ڪيو، ته
منهنجو مڙس شڪي ۽ ريسارو آهي، ته پوءِ هرگز ائين
ڪين ڪندي.
زالون، نوجوان مڙسن کي معشوقن وانگي آهن، وچوليءَ
ڄمار وارن مڙسن کي سنگتين وانگي آهن، پير مردن کي
دائين ۽ پورهيتن وانگي آهن. انهيءَ لاءِ ماڻهوءَ
کي ڪڏهن به پرڻجڻ لاءِ سبب آهي، پر، ڪنهن به سبب
ڪري، جيڪڏهن اصل پرڻجڻو ئي نه هجي، ته ”ثيليس“
حڪيم وانگي هلت ڪرڻ وڏي ڏاهپ آهي. انهيءَ يوناني
فيلسوف کي جڏهن ننڍي هوندي ماڻس پرڻجڻ لاءِ زور
ڪيو، تڏهن چيائين ته ”امان،اڃان پرڻجڻ جا ڏينهن
پيا آهن، وري جڏهن پيري ۾ ماڻس اچي هن کي ساڳئي ڪم
لاءِ جهليو، تڏهن چيائين ته ”امان، پرڻجڻ جي وهي
ته لنگهي ويئي، هينئر پرڻجي ڇا ڪندس! چوڻي آهي ته
”اڀري کان پوءِ دير ڪانهي، الهي کانپوءِ سوير
ڪانهي.“ ٻيو به نقل آهي ته ”سقراط“ حڪيم کان ڪنهن
ماڻهوءَ اچي صلاح پڇي ته ”آئون پرڻجان ڪ نه!“ جواب
ڏنائين ته ”پرڻجين يا نه پرڻجين، پر پشيمان ضرور
ٿيندين!“.
گهڻو ڪري ائين ٿيندو آهي، جو بڇڙن مڙسن کي چڱيون
زالون ملنديون آهن، پوءِ خبر ناهي ته اهو انهيءَ
ڪري آهي، جو جڏهن ڪڏهن جمعي چنڊاڻي مڙس ڪا مٿن
مهرباني ڪري ٿو، تڏهن انهيءَ جي مهرباني جو قدر
پوين ٿو، يا ته انهيءَ ڪري جو زالون پنهنجي تحمل ۽
صبر تي مغرور رهن ٿيون، پر جڏهن زالن پنهنجي خير
خواهن جي برخلاف پنهنجي خوشيِءَ سان اهي خراب مڙس
ڪيا آهن، تڏهن ته ضرور ائين ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ جو
پنهنجيءَ غفلت ۾ بيوقوفيءَ کي ڍڪڻ لاءِ ائين نه
ڪن، ته جيڏين سرتين ۾ خوار ٿيون ٿين، وري اڪثر چڱن
مڙسن کي بڇڙيون زالون ملنديون آهن. انهن ويچارن
سان ته جيئري قيامت آهي، زمين تپيو ٿي اچين! شيخ
سعديءَ ان لاءِ مزي جهڙو بيت چيو آهي
زن، بد در سراي مرد نکو،
هم در اين عالمست دوزخ او.
گفتار سترهين
جواني ۽ پيري
ماڻهو عمر ۾ ننڍو ئي هوندو، ته به جي پنهنجو سڄو
ئي وقت چڱيءَ طرح لڳايو هوندائين، ته هن کي وڏو
چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو چيو اٿن ته ”بزرگي بعقل
است، نه بسال“، جوانيءَ ۾ جيئن ماڻهوءَ جي عمر
ننڍي ۽ ڪچي آهي، تيئن سندس خيال به ڪچا ٿين ٿا، پر
انهيءَ هوندي به جوان ماڻهو مٿو هنيو جيڪي نوان
هنر يا نيون ڳالهيون ڳوليو ڪڍن ٿا، سي اهڙا آهن،
جي پير مرد ڪڏهن ڪين ڳولي سگهندا، جوانن جي دلين ۾
مزي مزي جهڙا خيال ٺهه پهه ائين اچن ٿا، جيئن نبين
جي دل ۾ وحي ايندا آهن.
جي ماڻهو شوخ طبيعت جا ٿيندا آهن، ۽ تمام وڏيون ۽
ڳريون خواهشون ڪندا آهن، تن جا سڀاءُ پهريندي کان
ڪم جي لاءِ پڪا ڪين ٿيندا آهن، پر جڏهن پوري ڄمار
۾ ايندا آهن، تڏهن ڪمال کي پهچندا آهن، گهڻا
شهزادا ننڍپڻ ۾ بيخبر ۽ حرڪتي، شوخ ۽ بدچال ڏسڻ ۾
آيا آهن، پر وڏي هوندي اهڙا زبردست ۽ زور وارا ٿي
گذريا آهن، جو مٿن عجب ٿو لڳي، پر جيڪي نرم طبع جا
۽ آرام واري سڀاءُ جا آهن، سي ننڍپڻ ۾ ئي چڱا ڏسڻ
۾ ٿا اچن.
پيريءَ ۾ چستي ۽ تيز طبعي، ڪم هلائڻ جي لاءِ تمام
فائدي واري آهي، جوان ماڻهو انصاف ڪرڻ کان وڌيڪ،
تجويزن رٿڻ جا لائق آهن، مشورت ڏيڻ کان وڌيڪ، ڪم
جي هلائڻ جا لائق آهن، ۽ سانهه ستيءَ وارا ٺهرايل
ڪم جي ڪرڻ کان وڌيڪ، نون ڪمن رٿڻ جي لائق آهن،
ڇاڪاڻ جو پير مرد جو آزموده انهن ڪمن ۾ ڪمائتو
ٿيندو، جن سان اڳي ڪو واسطو ٿيو هوندن، يا جي سندن
هٿن مان لنگهيا هوندا، پر نون ڪمن ۾ هو منجهي بيهي
رهندا، يا ته ڀلون ڪندا، جوان چڪندا يا ڀلبا، ته
ڪم کي بگيڙي ڦٽائي ڇڏيندا، پر جي پير مرد ڀلبا ته
رڳو ايتري چوڪ ڏسڻ ۾ ايندي ته جتي گهڻو ڪم ڪري
سگهجي، اتي ٿورو ڪندا، يا جتي جلد ڪم پورو ڪري
سگهجي، اتي ڍرائي ۽ دير ڪندا.
ڪم هلائڻ ۾ جوان وڏا وڏا ٻک پائيندا، ۽ ايتري ڪم
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، جو سندن وس کان ٻاهر هوندو،
ايترو ڦڙ ڦوٽ ۽ فساد اٿاريندا، جنهن کي آسانيءَ
سان ويهاري ڪين سگهبو، ۽ اهڙو ڇوهه مان آخرين مطلب
ڏي ڀڄندا، جو اپائن ۽ درجن جو سماءُ به ڪين
وٺندا: جيڪي ٿوريون ڪوڙيون سوڙيون متيون سکيون
هوندائون، انهن تي پيا عمل ڪندا ۽ جهٽ ۾ نيون رٿون
رٿيندا، پوءِ منجهائن ڪهڙا به نقصان نڪرن، سڀ ڪم
حد کان وڌيڪ ڪندا، جنهن مان پاڻ کي ٻيڻو جنجال ۾
وجهندا: نڪي پڇتائيندا، نڪي موٽ کائيندا ۽ مست
هاٿيءَ يا پڙيل گهوڙي وانگي نڪي بيهندا، نڪي پٺتي
موٽندا، پر، پير مردن جو اهو حال ناهي: هو گهڙيءَ
گهڙيءَ، ذري ذري تي اعتراض آڻيندا، گهڻي مصلحت ۽
ڳڻتي ڪندا، پوري پني ڪم ڪرڻ جي به دل جهلي ڪوشش
ڪندا، ۽ جلد ئي پڇتائيندا، ڪنهن به ڪم کي توڙ
تائين ڪڏهن ڪين پهچائيندا، ٿورو ئي ڪري، ان تي
راضي ٿي، ماٺ ڪري ويهندا ۽ گهڻيءَ فتح ۽ فائدي جي
طمع ڪانه رکندا، چڱو ائين آهي ته مٿين ٻنهين قسمن
جي سڀائن جون خاصيتون گڏجن، ته انهيءَ ڪري ڪم به
پورو ۽ چڱي طرح هلي ۽ ننڍا پاڻ به وڏن جي هٿان
تعليم پائين.
ڪي ماڻهو اهڙي سڀاءَ جا ٿيندا آهن، جو ننڍپڻ ۾ حد
کان وڌيڪ هوشيار، سياڻا ۽ پڪا ٿيندا آهن، پر وڏي
هوندي ڪنڊ ۽ موڳا ٿيو پون، انهيِءَ قسم جا هڪڙا ته
چالاڪ طبه ۽ تيز فهم ماڻهو ٿيندا آهن، جن جي ڏينهن
پئي طبه جي تيزي ڇڏيو وڃي، ۽ مڏي ٿيو پوي، جهڙيءَ
طرح هڪڙي عالم، ”هر موجنز“ نالي جي ڳالهه ڪندا آهن
ته ننڍپڻ ۾ ڏاڍيءَ سياڻ پڇ ۽ حڪومت جا ڪتاب
جوڙيائين، ۽ پنجويهين ورهين جي ڄمار ۾ ذهن اهڙو
خراب ٿي پيس، جو ڪين جهڙي ڳالهه به ياد رهي ڪين
سگهندي هيس، ٻيا وري اهي ٿيندا آهن، جو ننڍي هوندي
سڀ ڪنهن کي وڻندا آهن، ۽ مٺي گفتگو ڪندا آهن، پر
وڏي هوندي اهڙا ڪين ٿيندا آهن، ٽيان وري اهي ٿيندا
آهن، جو ننڍي هوندي زور ڪري اهڙي ڪشادهه دلي،
بهادري ۽ جوانمردي ڏيکاريندا آهن، جا جوانيءَ جي
وسعت کان ٻاهر هجي. |