صبر خاصيت آهي انسان جي ۽ ملائڪن ۾ ٿي نٿو سگهي-
ملائڪن ۾ انهن جي ڪمال جي سبب کان ۽ جانورن ۾
انهن جي نقصان جي سبب کان- تفصيل ان جو هن طرح آهي
ته جانورن تي شهوت مسلط ڪئي ويئي آهي، جو هو ان جا
مغلوب يعني ان جي زير ِ آهن. انهن جو چُرڻ پُرڻ،
کائڻ پيئڻ وغيره، سواءِ شهوت جي، ٻيو ڪجهه نه آهي
۽ انهن ۾ ڪائي اهڙي طاقت نه آهي، جا شهوت جي مانع
هجي يا شهوت کي روڪي، ان کي ان جي تابع ڪري يا
قبضي ۾ آڻي ۽ شهوت جي مقابلي ۾ ان قوت جو ثابت
رهڻ، جنهن کي صبر سڏيو وڃي ٿو. ملائڪ عليهم
السلام فقط ان لاءِ پيدا ڪيا ويا آهن ته شوق حضرت
رُبوبيت جو انهن کي رهي ۽ درجي قرب کان خوش رهن.
انهن ۾ شهوت ڪانه رکي وئي آهي، جو انهن کي ان درجي
يا شوق کان روڪي. نه انهن کي ڪنهن اهڙي لشڪر جي
ضرورت آهي، جو ان جي مدد سان منع ڪيل چيزن تي
ڪامياب يا غالب اچن، جي انهن کي حضوري بارگاهه کان
باز رکنديون هجن. انهيءَ ڪري جو شهوات انهن کي آهي
ئي نه ۽ مُنڍ کان وٺي انهن وٽ موجود ئي هئي.
انسان ويچاري جو حال هيءُ آهي، جو ابتدا ۽ ننڍپڻ ۾
ناقص جانورن مثل پيدا ٿيو. ان وقت، سواءِ خواهش
غذا جي، جنهن جو ان کي احتياج آهي، سواءِ ان جي ٻي
ڪنهن شيءِ جي ان کي گهرج ئي نه آهي؛ ڪجهه وقت کان
پوءِ کيس کيڏڻ ۽ سينگار جو شوق پيدا ٿيو. ان کان
پوءِ نڪاح جي خواهش ظاهر ٿي. اهي گهُرجون بترتيب
ظاهر ٿينديون رهيون. شروع کان ۽ ڄمڻ سان قوت صبر
جي نه هوندي آهي، ڇو ته صبر ان جو نالو آهي، جو ٻن
لشڪرن ۾ اختلاف ۽ ضد پيدا ٿيڻ تي مقصد حاصل ڪرڻ
لاءِ لڙائي ٿئي، ته انهن ٻن لشڪرن مان ڪوبه هڪڙو
لشڪر ٻئي جي مقابلي لاءِ پاڻ مضبوط ۽ ڄمي بيهي
رهي، ان مضبوط ڄمي بيهڻ جو نالو آهي صبر. مگر
ننڍپڻ ۾ فقط هڪڙو لشڪر آهي شهوات جو، جهڙو جانورن
۾. پر الله تعاليٰ پنهنجي ڪرم ۽ جود يعني سخا سان
انسان کي اشرف المخلوقات بڻايو آهي ۽ ان جو درجو
جانورن کان اعليٰ رکايو آهي. انهيءَ ڪري جڏهن ان
جو وجود ڪامل ٿي ويندو آهي ۽ بلوغت کي ويجهو
پهچندو آهي، تڏهن الله تعاليٰ ان تي ٻه فرشتا مقرر
ڪندو آهي، هڪڙو ان کي هدايت ڪندو آهي ۽ ٻيو ان جي
مدد ڪندو آهي. انهن ٻن ملائڪن جي مدد سان انسان
جانورن کان عقل وارو ٿئي ٿو ۽ انهيءَ کان سواءِ
انهن جون انسان ۽ ٻيون ٻه وصفون خاص آهن، جي انهن
ٻن ملائڪن جي سببان حاصل ٿينديون آهن؛ اول صفت
معرفت الله تعاليٰ ۽ سندس رسول ڪريم صلي الله عليہ
وسلم جي، ٻي شناخت مصلحتن جي انجام يعني پڇاڙيءَ
يا نتيجي جي. اهي ڳالهيون انهيءَ فرشتي کان حاصل
ٿينديون آهن، جنهن جو ڪم هدايت ۽ شناخت ڪرائڻ آهي.
جانورن کي ته نه خدا تعاليٰ جي ڄاڻ آهي ۽ نه رسول
ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي ۽ نه چڱي ۽ بڇڙي ڪم جي
نتيجي جي ڄاڻ آهي. بلڪه هو اها چيز ڳولي ٿو، جا
بلفعل ان جي خواهش موافق هجي. انهيءَ سببان سواءِ
لذيذ شين جي، جي ڪنهن شيءِ جي ڳولا ان کي نه هوندي
آهي، تانجو ڪا دوا ان جي نفعي واري ظاهر ۽ مضر يا
ڪؤڙي هجي، ته ان جو طالب هرگز نه هوندو ۽ نه ان کي
ڄاڻندو.
ان نور هدايت سان هي ڄاڻي ٿو ته شهوات جي پيروي
منهنجي لاءِ نتيجي ۾ بڇڙي آهي. پر صرف هيءَ هدايت
ڪافي نه آهي، جيستائين ان کي خراب چيز جي ڇڏڻ جي
طاقت نه آهي. گهڻيون مضر يعني ناموافق اهڙيون شيون
آهن، جو انسان ان کي ڄاڻندو آهي پر دفع ڪري نه
سگهندو آهي، جهڙو مريض ٿي وڃڻ. اهڙي حال ۾ ان کي
اهڙيءَ طاقت جي ضرورت پوندي، جنهن سان شهوات کي
ڌڪاري سگهي ۽ ان سان ايتري قدر مجاهدو ڪري، جو ان
جي دشمنيءَ کي پنهنجي نفس کان جدا ڪري. انهيءَ
مطلب لاءِ الله تعاليٰ هڪڙو ٻيو ملائڪ مقرر ڪيو
آهي، جو انسان کي ڀلائيءَ جي طرف لاڙي ۽ ان جي
تائيد ۽ مدد اهڙي لشڪر سان ڪري، جو نظر نه ايندو
هجي. هيءُ لشڪر انهيءَ ڳالهه تي مقرر ٿيل آهي ته
شهوات جي لشڪر سان لڙي. پوءِ ڪڏهن هيڻو ٿي هيسجي
وڃي ٿو ۽ ڪڏهن طاقتور ۽ مضبوط ٿي وڃي ٿو. ان ڪمزور
هجڻ يا طاقتور ٿيڻ ايتري قدر آهي، جيتري قدر بندي
کي الله تعاليٰ جي طرفان تائيد غيبي هوندي. جهڙيءَ
طرح نور هدايت خلق ۾ ايتري قدر مختلف آهي، جو جنهن
جي انتها نه آهي. هاڻي اسان انهيءَ صفت انسانيءَ
جو، جنهن کان انسان کي شهوات جي پاڙ پٽڻ ۽ مغلوب
ڪرڻ ۾ جانورن کان امتياز يعني ڄاڻ آهي. ان جو نالو
”باعث ديني“ رکون ٿا ۽ شهوات جي مطالبي ۽ گُهرَ جو
نالو ”باعث شهوات“ رکون ٿا.
هاڻي خيال ڪرڻ گهرجي ته انهن ٻنهي يعني ”باعث
ديني“ ۽ ”باعث شهوات“ ۾ لڙائي موجود آهي. ڪڏهن هو
غالب آهي ته ڪڏهن هيءُ. انهيءَ جنگ بنديءَ جو
ميدان دل آهي. پوءِ ”باعث ديني“ کي مدد ملائڪن کان
ملي ٿي، جو الله تعاليٰ جي جماعت جا مددگار آهن.
”باعث شهوات“ کي مدد شياطين کان ملندي آهي، جو
الله تعاليٰ جي دشمنن جي مدد ڪندا آهن. بس صبر جي
حقيقت هيءَ آهي ته ”باعث شهوات“ جي مقابلي ۾،
”باعث ديني“ تي ثابت قدم رهي. پوءِ ثابت قدم رهي
چالاڪ دشمن، مخالف کي مغلوب ڪري ۽ شهوات جي مخالفت
تي هميشه آماده رهي، ته الله تعاليٰ ان جامعت جي
مدد ڪندو ۽ صابرين جي ٽولي ۾ لاحق يعني پهچڻ وارو
ڪندو. انهيءَ مٿي بيان ڪيل لڙائيءَ يعني ”باعث
ديني“ ۽ ”باعث شهوات“ جي وچ ۾ جا تنهنجي دل اندر
جنگ لڳي آهي، انهيءَ جنگ ۾ جيڪي سختيون ۽ تڪليفون
تنهنجي نفس کي پهچن، ان تي صبر ڪر ۽ ڪِنجههُ ڪُڻڪ
نه. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته:
”تون عاشق سڪڻ سکيو ته ڪاتي پئي مَ ڪنجههُ“
اهڙيءَ طرح شهوات جي لشڪر، جنهن جا مددگار شياطين
آهن، انهن سان لڙ ۽ انهن جي لڙائي جون تڪليفون
سهه، پر ڪِنجهه نه. جيئن حضرت اسماعيل عليہ السلام
کي شيطان پيو چوي، ته تنهنجو پيءُ توکي ڪهڻ وٺيو
ٿو وڃي ۽ پوءِ حضرت اسماعيل عليہ السلام ۽ حضرت
ابراهيم عليہ السلام شيطان کي پٿريون هنيون، جي اڄ
ڏينهن تائين اتي حاجي جمرا شياطين کي هڻن ٿا.
لڙائي شيطان سان ڪيائون پر مُڙيا ڪونه ۽ نه حضرت
اسماعيل عليہ السلام ڪاتيءَ جي پوڻ مهل ڪنجهو يا
ڪُسٌڪيِو. سچو عاشق هئو سڪ وارو. تون به اي عاشق!
سڪڻ سکيو آهين ته ڪاتي پئي مَ ڪنجهه. اهي تڪليفون
سهه ۽ صبر ڪر.
هاڻي هن ضعيف جو عرض آهي ته صبر جا گهڻا نالا
مختلف آهن. صبر جن چيزن تي ڪيو وڃي ٿو، ان جي لحاظ
سان صبر جا جدا جدا نالا آهن. ڄاڻڻ گهرجي ته صبر
جا ٻه قسم آهن: ”پهريون صبر“ بدن جو ڪرڻ مثلاً،
بدن تي ڪنهن مرض، مصيبت يا تڪليف جو اچڻ ۽ پوءِ ان
تي مستقبل ۽ مضبوط رهڻ. وري ان جا ٻه قسم آهن؛ يا
ته خود ڪوئي ڪم ڪرڻ يا ٻئي جي ڪم کي برداشت ڪرڻ.
قسم پهرئين جو مثال، مثلاً ڪوئي مشڪل ڪم يا عبادت
بجاءِ آڻڻ، ٻئين قسم جو مثال مثلاً سخت مارڪُٽ يا
سخت مرض يا سخت ڦٽ ۾ مبتلا ٿيڻ وغيره. هيءُ قسم
عمدو آهي، پر شرط آهي ته شرع موافق هجي. مگر ڪمال
عمدگي ٻئي قسم جي صبر ۾ آهي، يعني صبر نفس کان
ڪرڻ، جو نفس جي طبيعت جي گهُر ”باعث شهوات“ کان
روڪي وڃي. ان قسم ۾ صبر شهوت، شڪم يا شرمگاهه کان
هجي ته ان جو نالو آهي”عفت“، يعني پاڪدامني ۽
”پرهيزگاري“.
جيڪڏهن ڪنهن بڇڙيءَ ڳالهه تي صبر هجي، ته هر هڪ
مڪروه چيز کان صبر جي واسطي جدا نالو آهي. مثلاً
صبر ڪنهن مصيبت تي هجي ته ان کي صبر ئي چوندا آهن.
ان جو ضد آهي خوب رئڻ پٽڻ، دانهون ڪرڻ، لٽا ڦارڻ
وغيره، جو صبر جي اُبتڙ بيصبريءَ ۾ داخل آهي.
تونگريءَ جي برداشت ڪرڻ ۾ صبر هجي ته انکي “ضبط
نفس“ جي نالي سان سڏيندا آهن. صبر مقام جنگ ۾ صف
قتال ۾ هجي ته ان کي “شجاعت“ چوندا آهن، جنهن جو
ضد نامردي ۽ بزدلي آهي. جيڪڏهن ڪاوڙ جي کائڻ ۾ صبر
هجي ته ان جو نالو “حِلم“ آهي، جنهن جو ضد ڪاوڙ
آهي. جيڪڏهن ڪنهن زماني جي آفت تي صبر هجي ته ان
جو نالو آهي “فراخي حوصلو“ ۽ ان جو ضد آهي ڪم
عقلي. جي ڪلام جي سانڍڻ يا مخفي رکڻ ۾ صبر هجي ته
ان جو نالو آهي ”رازداري“ ۽ موصوف کي رازدار چوندا
آهن، جيڪڏهن صبر عيش به زائد حاجت کان هجي ته انکي
”زهد“ چوندا آهن، جنهن جو ضد حرص آهي. جيڪڏهن هر
هڪ لذت نفساني کان قدر قليل تي صبر هجي ته ان کي
”قناعت“ چوندا آهن.
حاصل مطلب ته ايمان جا اڪثر اخلاق صبر ۾ داخل آهن.
انهيءَ سبب کان، جڏهن هڪ دفعي آنحضرت صلي الله
عليہ وسلم کان ڪنهن ايمان جو سوال ڪيو ته اهو ڇا
آهي؟ پاڻ فرمايائون ته: صبر آهي ۽ اهو هن لاءِ
ارشاد فرمايائون، جو ايمان جي اعمال ۾ سڀ کان وڏو
۽ ڳرو صبر ئي آهي. انهيءَ ڪري ڀٽائي صاحب رحمة
الله عليہ ٿو فرمائي ته اي عاشق!”جي تون سڪڻ سکيو
ته ڪاتي پئي مَ ڪنجهه“ يعني صبر ڪر ۽ ڪنجهه نه،
ڇوته انهيءَ صبر سان جي مٿي بيان ڪيل آهن، منزلون
سالڪ جون پوريون ٿين ٿيون، جي نَوَ آهن؛ (1) نفس
(2) شجاعت (3) حِلم (4) فراخي حوصلو(5) رازداري
(6) زهد (7) قناعت (8) صبر (9) تقويٰ
پوءِ اڳتي هلي ٻيون ٻه يعني رضا ۽ شڪر حاصل ٿين
ٿيون، جن جو بيان هن کان پوءِ عنقريب ايندو. صبر
سلوڪ جي سڀني منزلن جي پاڙ آهي، تنهنڪري هر حالت ۾
بندي کي صبر جي ضرورت آهي. ڄاڻڻ گهرجي ته بندي جي
هيءَ حياتي ٻن حالتن کان خالي نه آهي. ان مان ڪي
ڪم ان جي خواهش موافق آهن ۽ ڪي ڪم ناموافق، ٻنهي
حالتن ۾ صبر جي ضرورت آهي.
قسم پهريون، جو خواهش موافق آهي. جهڙو صحت،
تندرستي، مال ۽ عزت جو هجڻ، سامان جو گهڻو هجڻ،
يار و مددگار، خدمت ڪندڙ، نوڪر ۽ ٻانهان، مطلب ته
سڀئي لذتون موجود هجن. ان حالت ۾ بندي کي صبر جي
تمام وڏي ضرورت آهي، ڇوته ماڻهوجڏهن دنيوي لذتن ۾
پئجي نفس کي نه روڪيندو ته انهن لذتن ۾ محو ٿي
ٻُڏي ويندو ۽ کيس اهي لذتون سرڪش بڻائينديون. ان
ڪري انسان جو قاعدو آهي ته جڏهن پاڻ کي غني
ڄاڻندو آهي تڏهن هو حد کان لنگهي ظلم ڪندو آهي.
جيتوڻيڪ قرآن شريف ۾ آهي ته؛ اِنَّ اٌلا ِنٌسَانَ
لَيَطٌغَيٰ اَنٌ ر َّاٰہُ اسٌتَغٌنيٰ○
بعض عارفين جو ارشاد آهي ته بلا تي ايماندار صبر
ڪندو آهي مگر عافيت تي صبر ڪرڻ صديقن جو ڪم آهي.
حضرت سهل تستري رحمة الله عليہ فرمائي ٿو ته صبر
ڪرڻ عافيت تي بنسبت بلا جي، تمام گهڻو ڏکيو اهي.
جڏهن مال دنيا اصحابن رضي الله تعاليٰ عنهم وٽ
ٿيو، ته انهن فرمايو ته اسان جو امتحان مصيبت ۽
فقر ۾ مبتلا ٿيڻ کان، جو ورتو ويو ته اسان ان تي
صبر ڪيو، مگر جڏهن فتني، عافيت ۽ تونگريءَ يعني
شاهوڪاريءَ ۾ مبتلا ٿياسون، ته صبر ڪري نه
سگهياسون ۽ خدا وند ڪريم مال ۽ اولاد جي فتني کان
اسان کي پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ خوف ڏياريو: اِنَّمَا
اَموَالُکُم وَ اوٌلادُکمُ فِتٌنَةُ ○(تحقيق
مال ۽ اولاد اوهان جو اوهان لاءِ فتنو آهي). جڏهن
پاڻ حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم پنهنجي لخت جگر
حضرت امام حسين رضي الله تعالي! عنہ کي ڏٺو، جو
ڪُڙتي ۾ اٽِڪي ڪِرڻ تي هئو، ته پاڻ منبر تان لهي
هنج ۾ کڻي ورتائونس ۽ فرمايائون ته خدا تعاليٰ سچ
فرمايو آهي ته مال ۽ اولاد اوهان لاءِ فتنو آهي.
ان جو نتيجو عقل وارا سوچن ته ڇا آهي؟ معلوم ٿيو
ته مرد خدا وارو اهو آهي، جو عافيت تي صبر ڪري.
عافيت تي صبر ڪرڻ جي معنيٰ اها آهي، ته ان سان
رغبت نه ڪري ۽ ڄاڻي ته هيءُ ٿورڙا ڏينهن اُڌاريون
شيون آهن، جي جلد مون کان هليون وينديون. انهيءَ
کان وڌيڪ خوش نه ٿئي، بلڪ جيڪي الله تعاليٰ جون
نعمتون ان تي آهن، انهن سان الله تعاليٰ جا حق ادا
ڪري. مثلاً مال جو خدا تعاليٰ جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ،
بدن سان ٻين جي خدمت ڪرڻ، زبان سان سچ چئي ان جو
حق ادا ڪرڻ، اهڙيءَ طرح صبر شڪر سان متصل آهي.
جيستائين شڪر تي ماڻهو قائم نه هوندو، تيستائين
صبر ڪامل نه ٿيندو. عافيت تي صبر ڪرڻ ان ڪري سخت
ڏکيو آهي جو ان ۾ طاقت موجود آهي. ان جو مثال هن
طرح آهي ته جيئن بکارو آدمي، جيڪڏهن کاڌو ان جي
سامهون نه هجي ته صبر سڻائو ڪري سگهندو. بنسبت
انهيءَ صورت جي جو عمدو ۽ لذيذ کاڌو ان بکاري جي
آڏو رکيو وڃي ۽ ان کي کائڻ جي طاقت ۽ وس به آهي جو
هو کائي، تڏهن هو ضرور کائيندو ۽ صبر ڪري نه
سگهندو. انهيءَ ڪري وسعت هوندي صبر ڪرڻ سخت ڏکيو
آهي.
صبر جو ٻيو قسم اهو آهي ته طبيعت جي ناموافق شين
تي صبر ڪجي. طبيعت جي ناموافق شين جون ٽي صورتون
آهن: اول اهي جي بندي جي اختيار ۾ هجن، جيئن
عبادات ۽ گناهه. ٻيون اهي جي بندي جي اختيار ۾ نه
هجن، جيئن مصيبتون ۽ تڪليفون. ٽيون اهي جيڪي شروع
۾ ته وس ۾ نه هجن پر پوءِ انهن کي مَٽائي سگهجي،
جيئن ايذاءُ ڏيندڙ شيون.
هاڻي صورت پهرين يعني اهي ڪم، جي بندي جي اختيار
سان واسطو رکندڙ آهن ۽ ان ۾ بندي جا سمورا ڪم جي
طاعت ۽ معصيبت ٿي سگهن ٿا. انهن ٻنهي صورتن ۾ به
صبر جي ضرورت آهي. پر طاعت يعني الله تعاليٰ جي
حڪمن جي پيروي ڪرڻ يا عبادات تي صبر ڪرڻ ڏکيو آهي.
انهيءَ ڪري جو نفس کي پنهنجي طبيعت موجب عبادات
کان نفرت هوندي آهي ۽ وڏائي چاهيندو آهي. انهيءَ
ڪري عارفن فرمايو آهي ته ڪوئي نفس اهڙو نه آهي
جنهن ۾ اها ڳالهه لڪل نه هجي، جنهن کي فرعون اَنا
ربُّکُمٌ اٌلاَعُليٰ يعني مان توهان جو وڏو رب ۽
سڀ کان مٿانهون آهيان چئي ظاهر ڪئي هئي. مگر فرعون
کي ان جي ظاهر ڪرڻ جو موقعو ملي ويو جو پنهنجي قوم
کي هيڻو ڄاتائين، ڇو جو انهن جي تابعداري ڪئي ۽ ان
جو چوڻ مڃيائون. ان جي ظاهر ڪرڻ جي ته منع آهي،
مگر ڳجهي طرح هر هڪ نفس ۾ اها ڳالهه آهي. ڏسو آدمي
پنهنجي غلامن، نوڪرن ۽ زيردستن تي ان جي قصور وقت
ڪهڙو نه نيلو پيلو ٿيندو آهي ۽ ڪاوڙ جي جوش ۾
ايندو آهي. ان جو سبب هٺ، وڏائي ۽ ڳجهي طرح
رُبوبيت جي دعويٰ نه آهي ته ڀلا ٻيو ڇا آهي؟
معلوم ٿيو ته ان مان عبادت، نفس تي مشڪل، ڏکي ۽ اڻ
وڻندڙ آهي ۽ عبادتن مان ڪي بعضي، سستيءَ سبب نه
وڻنديون آهن. جهڙيءَ طرح نماز ۽ ڪي بخل
سببان،جهڙيءَ طرح زڪوات ۽ ڪي سستيءَ ۽ بخل ٻنهين
جي سببان، جهڙيءَ طرح حج ۽ جهاد، پوءِ طاعت تي صبر
ڪرڻ گويا گهڻين تڪليفن تي صبر ڪرڻو آهي.مطيع کي
پنهنجي عبادت تي صبر ڪرڻ ۾ ٽم وقتن جي ضرورت،
پهريون عبادات کان اول نيت جي خاص رستي يعني نيت ۽
اخلاص، رياءَ ۽ ٻين لازمي مصيبتن جي عمل کي باطل
ڪن ٿيون. ان تي صبر ڪرڻ ۽ عزم ۽ اخلاص تي ڄمي رهڻ
ضروري آهي. جو شخص حقيقت، نيت ۽ اخلاص کي ۽ آفات،
ريا ۽ فريب نفس کي پورو ڄاڻندو آهي، اُن کي خوب
معلوم آهي ته هيءُ قسم جو صبر جو ڏاڍو ڏکيو آهي.
نيت جي عظمت ۽ وڏائيءَ بابت حضور رسول ڪريم صلي
الله عليہ جن ارشاد فرمايو آهي ته عملن جو اعتبار
نيت سان آهي. اها حديث شريف بخاريءَ ۽ مسلم شريف ۾
حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنہ کان روايت ٿيل
آهي. انهيءَ ڪري الله تعاليٰ صبر کي عملن تي مقدم
فرمايو آهي.
وَمَا اُمِرُوٌ اِلَّا لِيَعٌبُدُو اللهَ
مُخٌلِصِيٌنَ لَہٗ الّدِيٌنَ (نه حڪم ڪيا ويا مگر
هن لاءِ ته عبادت ڪن الله جي سچيءَ دل سان).
۽ ارشاد آهي: اِلَّا الَّذِيٌنَ صَبَرُوٌ وَ
عَمِلُوٌ الصّٰلِحٰتِ (مگر جي ماڻهو ثابت آهن ۽ ڪن
ٿا عمل صالح).
ٻيو عين عمل جي وقت جي صبر ڪرڻ يعني عمل ڪرڻ وقت
خدا تعاليٰ کان غافل نه رهي، ۽ ان جا سنتي آداب
بجاءِ آڻي ۽ سستي نه ڪري ۽ ادب جي شرطن کي عمل جي
آخر تائين بجاءِ آڻي، يعني عمل کان فارغ ٿيڻ تائين
جن ڳالهين کان عمل کي نقصان يا خلل پيدا ٿيندو
آهي، ان کان صبر ڪرڻو پوندو. اهو صبر به ڏکيو آهي.
اهو هن آيت ۾ به صبر مراد آهي: نِعٌمَ اَجٌرُ
الٌعَامِلِيٌنَ. الَّذ َيٌنَ صَبَرُوٌا. (يعني جن
ماڻهن عمل جي پوري ٿيڻ تائين صبر ڪيو) ٽيون عمل
کان پوءِ يعني عمل کان فارغ ٿيڻ بعد صبر جي ضرورت
هيءَ آهي، ته عمل کي ظاهر ڪرڻ ۽ ان جي شهرت يعني
مشهوري ڪرڻ ۽ ريا جو خواهان نه هجي ۽ پاڻ ڦونڊ ۾
نه پئجي وڃي، جو اهي ڳالهيون عمل کي باطل ۽ برباد
ڪن ٿيون. ان تي صبر ڪري نه ته عمل باطل ٿيندو ۽ ان
جو ثواب نه ملندو. جيئن الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
يٰاَيَّهَا الَّذ ِيٌنَ اَمَنُوٌا لاَ تُبٌطِلُوٌا
صَدَقٰتِکُمٌ بِاالٌمَنِ ّ وَاٌلاَذَيٰ.(اي ايمان
وارو نه ضايع ڪريو پنهنجي خيرات کي احسان سان ۽
ايذاءَ ڏيڻ سان). جو شخص صدقي ڏيڻ بعد احسان
ڄاڻائي يا ايذاءُ ڏئي، ان جا عمل برباد ٿي ويندا.
عبادت جا ٻه قسم آهن: ٻنهي ۾ صبر جي ضرورت آهي. هڪ
فرض ٻيو نفل. الله تعاليٰ انهن ٻنهين کي هن آيت
شريف ۾ گڏ بيان فرمايو آهي:
اِنَّ اللهَ يَاءمُرُ بِالٌعَدٌلِ وَالٌاِحٌسَانِ
وَ اِيٌتَاءِ ذِي الٌقُرٌبَيٰ ○
ترجمو: تحقيق الله تعاليٰ حڪم ٿو فرمائي انصاف جو
۽ ڀلائي جو ۽ ڏيڻ قريبن جو.
عدل ڪرڻ فرض آهي ۽ احسان نفل آهي ۽ قريبن کي ڏيڻ
مروت آهي ۽ ڳانڍاپو ۽ هر هڪ ۾ صبر جي ضرورت آهي.
نمونو ٻيو يعني مصيبت ۾ به صبر ڪرڻ ضروري آهي.
الله تعاليٰ گناهن جي سڀني قسمن کي هن آيت شريف ۾
گڏ بيان فرمايو آهي يعني وَ يَنٌهيٰ عَن ِ
الٌفحشَاءِ وَالٌمُنٌکَر ِ وَالٌبغٌي ِ ○(
۽ منع ٿو فرمائي بيحيائي ۽ ناپسند ڪمن کان ۽
سرڪشيءَ کان). حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن
فرمايو آهي: اَلٌمُهَاجِرُ مَنٌ هَجَرَ السُّوٌءَ
وَالٌمُجَاهِدُ مَنٌ جَاهَدَ هَوَاہُ ○(مهاجر
اهو آهي، جو گناهن کي ڇڏي ۽مجاهد اهو آهي جو
پنهنجي نفس جي خواهش سان يعني شهوات سان لڙي) صبر
جي قسمن مان وڌيڪ ڏکيو انهيءَ گناهه تي صبر ڪرڻ
آهي. جو عادت جي سبب کان پيارو ۽ سڻائو، سِگهو ۽
گهڻو ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري جو عادت به هڪ ٻي طبيعت
آهي. جڏهن خواهش نفس کان عادت وڌي ويندي آهي ته
پوءِ ڄڻ شيطان جا ٻه لشڪر پاڻ ۾ گڏجي هڪٻئي جي مدد
ڪري ”باعث دينيءَ“ سان مقابلو ڪن ٿا. اهو انهن جي
قلعي جي پاڙ پئي نه ٿو سگهي. پوءِ اهو گناهه انهن
ڪمن مان ٿي وڃي ٿو، جن جي ڪرڻ ۾ ڪا دير ڪانه آهي ۽
اهي گناهه سڻاوا ۽ جلد ٿي وڃن ٿا. پوءِ اهڙن گناهن
تي صبر ڪرڻ نهايت ڏکيو آهي، مثلاً زبان جي گناهن
مان غيبت يعني گلا، ڪوڙ، خصومت، اشاري سان يا
ظاهر، پنهنجي نفس جي تعريف ڪرڻ وغيره کان صبر ڪرڻ
يا ٻيا لفظ ڳالهائڻ، جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي
وڃي، يا مردن جو بيان ڪرڻ، جيئن انهن جي سيرت يا
ڪمن تي اعتراض ڪرڻ.
انهن سڀني تي صبر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اهڙي گناهه
جا ٻه ڀاڱا آهن: هڪ ته ظاهر ڪنهن ٻئي جي گلا ڪئي
وڃي ٿي ۽ باطن ۾ پنهنجي تعريف ۽ وڏائي بيان ڪئي
وڃي ٿي. هن مان ظاهر ٿيو ته هڪ ٻئي جو نه هجڻ ۽
ٻيو پنهنجو هجڻ انهن ٻنهي صورتن کان رُبوبيت، پوري
هوندي آهي، جو نفس جي سرشت ۾ آهي ۽ ربوبيت عبوديت
جو ضد آهي، جنهن جو آدميءَ کي حڪم آهي، انهن ٻن
ڳالهين ۾ هڪڙو زبان کي بنان دير هلائڻ غيبت ۾، ٻيو
ان ۾ عادتي ٿي وڃڻ کان صبر ڪرڻ مشڪل آهي. ڇوته
ماڻهو ان کي عادت جي سببان بڇڙو گناهه ڄاڻن ئي نٿا
۽ نه دل ۾ غيبت جي حڪم کي بڇڙو ڄاڻن ٿا، ڇاڪاڻ ته
گهڻ ماڻهن جو اهو گناهه روزمره جو رواج يا پيشو ٿي
ويو آهي ۽ سڀني ماڻهن ۾ اها بلا گهڻي وڌي وئي آهي.
حديث شريف ۾ آهي ته غيبت زنا کان به زور بڇڙي آهي
ڇوته ان جو علاج سواءِ گوشه نشيني ۽اڪيلائي جي،
ڪا ٻي صورت سڻائي ڇوٽڪاري جي نه آهي، انهيءَ ڪري
اڪيلي رهڻ تي صبر سڻائو ڪري سگهبو. ماڻهن ۾ رهي
زبان بند رکڻ تي صبر ڪرڻ ڏکيو آهي.
بعض اصحابن رضي الله عنهم جو چوڻ آهي ته اسان آدمي
جي ايمان کي ايمان تيستائين نٿي ڄاتو، جيستائين
ايذاءَ تي صبر نٿي ڪيائين. قرآن مجيد ۾ نبين عليهم
السلام جي طرفان سندن مخالفن جي جواب ۾ ارشاد آهي:
وَلَنَصٌبِر َنَّ عَليٰ مَا اٰذَيٌتُمُوٌنَا وَ
عَلَيٰ اللهِ فَلٌيَتَوَڪَّل ِ الٌمُتَوَڪِّلُوٌنِ ○(۽
اسان صبر ڪنداسين ايذاءَ تي، جو اسان کي ڏيو ٿا ۽
الله تعاليٰ تي ڀروسو گهرجي ڀروسي وارن کي) ٻي
روايت آهي. بخاري ۽ مسلم شريف، بروايت حضرت ابن
مسعود رضي الله تعاليٰ کان، ته هڪ دفعي حضور رسول
ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن مال تقسيم فرمايو، ته
ڪن عربن چيو ته هيءَ اهڙي ورهاست نه آهي جنهن ۾
خدا تعاليٰ جو رضامندو هجي. اها خبر سرور ڪائنات
صلي الله عليہ وسلم جن کي پهتي ته سندن رخسار
مبارڪ ڳاڙها ٿي ويا، فرمايائون ته الله تعاليٰ رحم
فرمائي منهنجي ڀاءُ موسيٰ عليہ السلام تي، جو ان
کي ماڻهن ان به زياده ستايو، مگر انهيءَ صبر ڪيو.
حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم فرمايو ته حضرت
عيسيٰ عليہ السلام پنهنجي قوم کي فرمايو، ته اوهان
کي مون کان اول حڪم هئو ته ڏند جي عيوص ڏند ۽ نڪ
جي عيوض نڪ آهي، يعني جيتري برائي ڪو اوهان سان
ڪري، اوتري برائي ان سان ڪريو. پر مان هيئن ٿو
چوان ته ڪو اوهان کي سڄي ڳل تي لپاٽ هڻي ته اوهان
ان کي کٻو ڳل به ڏيو. جيڪو اوهان کان چادر کسي ته
گوڏ به ان کي ڏئي ڇڏيو. جيڪو اوهان کي هڪ ميل بيگر
۾ وٺي وڃي ته اوهان ان سان ٻه ميل وڃو. مطلب ته
سڀني روايتن ۾ ايذاءَ تي صبر ڪرڻ جو حڪم آهي.
حاصل ڪلام ته ماڻهن جو ايذاءَ تي صبر ڪرڻ، صبر جي
مرتبن ۾ تمام اعليٰ آهي، ڇوته ان سان اسان کي
”باعث ديني“ ۽ ”باعث شهوات“ ٻنهي تي غلبو حاصل
ڪرڻو آهي. اها ڳالهه ٿوري نه آهي. نقل آهي ته هڪڙي
ڀيري حاطب ۽ زبير رضي الله تعاليٰ عنہ، حصور رسول
ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن وٽ پاڻي جو فيصلو
نِيون. ان فيصلي ۾ حصور صلي الله عليہ وسلم جن
پهريون پاڻيءَ جو وارو حضرت زبير رضي الله تعاليٰ
عنہ کي ڏياريو. جڏهن ٻاهرنڪتا ته مقداد يهوديءَ
حاطب کان پڇيو ته فيصلو ڪيئن ٿيو؟ تڏهن حاطب چيو
ته پهريون وارو حضور صلي الله عليہ وسلم جن پنهنجي
پڦيءَ جي پٽ کي ڏياريو. تڏهن مقداد يهوديءَ چيو ته
ايمان ٿا آڻيو. نبي صلي الله عليہ وسلم تي ۽ ان جو
فيصلو پاڻي جي واري جو اوهان کي ڏکيو ٿو لڳي اسان
تي حضرت موسيٰ عليہ السلام خدا تعاليٰ جو حڪم آندو
ته ڪُهو هڪٻئي کي اوندهه ۾، تڏهن به اسان اهو حڪم
قبول ڪيو ۽ مَٺو نه ڀانيو، جو پوءِ خدا تعاليٰ
پنهنجي مهربانيءَ سان اهو حڪم معاف فرمايو. اوهان
وري پنهنجي پياري رسول صلي الله عليہ وسلم جي حڪم
کي تڪليف سمجهي ٻين سان بيان ڪريو ٿا.
حضرت انس رضي الله تعاليٰ عنہ فرمايو ته مون کي
پاڻ ارشاد فرمايائون ته خدا تعاليٰ حضرت جبرئيل
عليہ السلام کي فرمايو ته اي جبرائيل، جنهن جون
مان ٻئي اکيون وٺان، ان جو بدلو ڇا آهي؟ ان عرض
ڪيو ته اي موليٰ پاڪ، تون سڀ کان نرالو آهين. مون
کي معلوم نه آهي، مگر جيڪي تو سيکاريو. ارشاد ٿيو
ته ان جو بدلو هي آهي ته اهو هميشه منهنجي گهر
۾رهي ۽ منهنجي ديدار کان مشرف هجي. بروايت حضرت
عطاءَ بن يسار مرسلا، امام مالڪ جي مؤتا ۾ حديث
قدسي آهي، ته خدا تعاليٰ فرمائي ٿو ته جڏهن مان
پنهنجي ڪنهن بندي کي ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا ڪندو
آهيان، ۽ هو ان تي صبر ڪندو آهي ۽ پنهنجي پڇڻ وارن
سان منهنجي ڪجهه به شڪايت نه ڪندو آهي ته مان ان
جي گوشت کان بهتر گوشت عيوض ۾ ڏيانس ٿو. رت جي
عيوض ۾ عمدو رت عنايت ڪيانس ٿو. جڏهن ان کي شفا
ڏيان ٿو، ته ڪوئي گناهه ان جي ذمي باقي نٿو رهي ۽
جڏهن ان کي وفات ڏيان ٿو ته پنهنجي رحمت ۾ ان کي
داخل ڪيان ٿو. حضرت دائود عليہ السلام جناب باري
تعاليٰ ۾ عرض ڪيو ته يا الاهي! ان غمگين ڏکويل جو
عيوض يا بدلو ڇا آهي، جو تنهنجي رضا ۾ راضي رهي ۽
مصيبت تي صبر ڪري؟ ارشاد ٿيو ته ان جو بدلو هيءُ
آهي ته ان کي ايمان جو لباس پهرائي، ڪڏهن به ان جي
بدن تان نه لاهيون.
هاڻي مطلب حاصل ٿيو، ته جڏهن صبر ڪمال درجي جو
حاصل ٿئي ٿو ۽ اهو دل تي بار يا ڏکيو نٿو لڳي، دل
به مطمئن رهي، تڏهن”رضا“ حاصل ٿئي ٿي. پوءِ هو
پنهنجي مصيبت يا ڏک ۽ تڪليف جي شڪايت ڪنهن سان به
نٿو ڪري، جيئن انهيءَ رضا جي منزل جو بيان انهيءَ
ساڳئي بيت جي تُڪ نمبر ٻئي ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ منهنجو مرشد ٿو فرمائي:
”سپيريان جي سور جو ماڻهن ڏجي نه منجهه“
هن تڪ جو مطلب هاڻي هيءُ ٿيو، جو ڀٽائي صاحب
فرمائي ٿو ته انهيءَ پرينءَ جي سور، يعني جيڪو سور
پرينءَ توکي ڏنو آهي، تنهن سور جو ماڻهن ڏجي نه
منجههُ. يعني ماڻهن سان شڪايت سور جي نه ڪر، پر
مخفي رک ۽ راضي رهه، ڀلا سور ڏنل آهي پرينءَ جو،
ٻين ماڻهن سان شڪايت ڪندين ته اهي تنهنجي سور
لاهيندا ڇا؟ هرگز نه. پر جيڪڏهن تون انهيءَ سور تي
راضي رهندين ته پرين به توکان راضي رهندو. جيئن ته
رضا جي فضيلت ۾ آهي ته: رَضِي َاللهُ عَنٌهُمٌ وَ
رَضُوٌا عَنٌہُ(يعني الله تعاليٰ انهن کان راضي
آهي ۽ هو به ان کان راضي آهن). ٻيءَ آيت شريف ۾
آهي: هَلٌ جزَاءُ اٌٗلاحٌسَانِ اِلاَّ
اٌلاِحٌسَانُ ○ (نه
آهي بدلو احسان جو مگر احسان). هيءُ بيحد درجي جو
احسان آهي، جو موليٰ پاڪ پنهنجي ٻانهي کان راضي
هجي. پر هيءُ تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ٻانهو خدا
تعاليٰ کان راضي هجي.
حضرت موسيٰ عليہ السلام جي اخبار ۾ آهي، ته بني
اسرائيلن ان جي خدمت ۾ عرض ڪيو، ته پنهنجي ربّ
سائينءَ کان اسان جي لاءِ ڪو اهڙو ڪم پڇي ڏي، ته
جڏهن اسان اهو ڪم ڪريون ته ربّ سائين اسان کان
راضي رهي. حضرت موسيٰ عليہ السلام باري تعاليٰ کي
عرض ڪيو ته يا الاهي! جيڪي هو چون ٿا، سو تون
ڄاڻين ٿو. حڪم ٿيو ته اي موسيٰ (عليہ السلام)،
انهن کي چئه ته مون کان راضي رهن ته مان انهن سان
راضي رهان. حضرت انس بن مالڪ رضي الله تعاليٰ عنہ
فرمائي ٿو، ته مان ڏهه سال خدمت آنحضرت رسول ڪريم
صلي الله عليہ وسلم جي ڪئي. ان ۾ مون ڪوبه ڪم ڪيو،
ته پاڻ نه فرمايائون ته تو هي ڇونه ڪيو، جا ڳالهه
ٿي وئي، ته نه فرمايائون ته تو هي ڇو ڪيو ۽ جيڪڏهن
نٿي ڪيم ته ائين نه فرمايائون ته نه ٿئي ها.
جيڪڏهن نه ٿي ته نه فرمايائون ته ٿئي ها ته چڱو.
حضرت دائود عليہ السلام تي وحي آيو ته اي دائود
عليہ السلام، تون به گهرين ٿو ۽ مان به گهران ٿو.
پر ٿيندو اهو، جيڪي مان گهران. جيڪڏهن تون منهنجي
گهُر تي راضي ٿيندين ته مان تنهنجي خواهش لاءِ
ڪافي آهيان ۽ جيڪڏهن تون منهنجي خواهش نه مڃيندين،
ته توکي تنهنجي خواهش جي تڪليف ۾ وجهندس. پوءِ به
ٿيندو ايئن، جيئن مان گهرندس.
حضرت محمد بن واسع رحمة الله عليہ جي پير ۾ هڪ شخص
سخت ڦٽ ڏٺو ۽ چيائين ته مون کي اوهان جي ڦٽ تي ترس
ٿو اچي. پاڻ فرمايائون ته هيءُ ڦٽ جڏهن کان ٿيو
آهي، ته مان شڪرانو ٿو ڪريان ته اک ۾ نه نڪتو آهي.
حضرت سفيان ثوري رحمة الله عليه، حضرت بيبي رابعہ
بصري رحه جي روبرو هڪ ڏينهن چيو، ته يا الاهي! تون
مون تي راضي ٿيءُ. حضرت رابعہ رحمها الله تعاليٰ
فرمايو ته توکي شرم نٿو اچي، جو تون پاڻ ان کان
راضي نه آهينِ ۽ ان جي رضامنديءَ جي دعا گهرين ٿو؟
هن اَسٌتَغٌفِرُ الله تعاليٰ چيو. رضا جو گهڻو
بيان آهي. هتي نٿو آڻي سگهجي، جو ڪتاب ننڍو آهي.
مطلب ته مٿين روايتن مان معلوم ٿيو ته عاشق پنهنجي
حقيقي پرينءَ جي موڪليل ڏک ۽ تڪليف تي صبر ڪري ۽
راضي رهي. انهيءَ پرينءَ جي سور جي شڪايت ڪنهن سان
به نه ڪري. انهيءَ ۾ عاشق جو وڏو فائدو آهي، ڇو ته
سندس حقيقي پرين مٿس راضي ٿيندو، جيئن ته مٿين
آيتن ۽ روايتن مان ثابت آهي؛ تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب
رحمة الله عليہ سِڪ
واري کي ڏس ڏئي ته: ”سپيريان جي سور جو ماڻهن ڏجي
نه منجههُ“. ماڻهن وٽ منجهه يعني اندر جو احوال
پنهنجي پرينءَ جي سور جو ڪنهن سان نه ڪر، پر راضي
رهه ۽ تنهنجي راضي رهڻ جي ڪهڙي نشاني آهي ته تون
رضا پرينءَ جي ۾ راضي ٿيو آهين؟ اها هيءَ آهي جا
ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ انهيءَ ساڳي بيت جي تڪ
نمبر ٽينءَ ۾ ٿو فرمائي ته:”اندر ايءُ اهنج سانڍج
سکائون ڪري“.
مطلب ته پنهنجي اندر ۾ ايءُ يعني اهو اهنج، ڏک،
سور جو پرينءَ جو تو ڏي، اي سالڪ! موڪليل آهي، سو
سانڍج، يعني لڪائج، ڳجهو غير کان سکائون ڪري، يعني
جيئن منتا يا نذر يا باس باسبي آهي، جا دل جي پوري
مطلب حاصل ٿيڻ بعد ظاهر ڪري ڏبي آهي، ان وانگر هن
اهنج سور سپرينءَ جي کي سکائن وانگر دل ۾ لڪاءِ ۽
دل ۾ لڪائڻ بعد توکي رضا حاصل ٿيندي. پوءِ تنهنجو
پرين تو تي راضي ٿيندو، جو تون سندس رضا ۾ راضي
آهين. هاڻي اها تنهنجي لاءِ ٻنهي جهانن ۾ وڏي نعمت
آهي، تون ان نعمت جو شڪرانو ڪر ۽ خوشي ڪر. جي
انهيءَ مليل نعمت جو شڪرانو ادا نه ڪندين، ته اها
نعمت ضايع ٿي ويندي. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ فرمايو آهي ۽ ڏس ڏنو اٿس، ته جيئن مطلب جي
حاصل ٿيڻ کان پوءِ اها باس ۽ سکا باسيل ادا ڪبي
آهي، ائين تون به اي سالڪ! هن ڳالهه کي سانڍج
سکائون ڪري، يعني خوشيءَ سان. هن مراد دل جي پوري
ٿيل جو شڪر ڪر، ڇاڪاڻ ته ان سان نعمت جو بقاءُ
آهي.
سڀ نعمت سان نقصان مليل آهي، جيئن دوا سان مرض ۽
نفعي سان ضرر مليل هوندو آهي. جهڙيءَ طرح نانگ ۾
زهر آهي ته ان سان گڏ ان ۾ مڻ به آهي، جو زهر جو
ترياق آهي. پر ترياق ان مان ان کي سڻائو حاصل
ٿيندو، جو ان جو منتر ڄاڻندو هجي. اڻ ڄاڻن کي ته
نانگ جي مڻ به هٿ نه ايندي، پر ان جو زهر ان کي
هلاڪ ڪندو. اهڙيءَ طرح مال ملڪيت هڪڙي قسم جي نعمت
آهي، پر ان نعمت ۾ زهر به يعني سندس نقصان دنيوي
يا آخروي به گڏيل آهن ۽ ان مال جي زهر جو ترياق
آهي، زڪوات ۽ خيرات ڏيڻ. پوءِ جنهن مان جي زڪوات،
خيرات ڏنو، تنهن ان جو زهر دفع ڪيو ۽ شڪر بجاءِ
ڪيو. دنيا ۽ مال کي دين جي ڪم آڻڻ ئي دنيا جو
شڪرانو آهي. جيئن بدن جي تندرستيءَ جو شڪرانو آهي
نماز، روزا، خلق خدا جي خدمت ڪرڻ وغيره. زبان جو
شڪرانو آهي الله تعاليٰ جو ذڪر ڪرڻ، قرآن شريف جي
تلاوت ڪرڻ، صلواة سڳوري پڙهڻ، دين جو علم سکڻ ۽
پڙهائڻ وغيره. دماغ جو شڪرانو آهي خدا تعاليٰ جي
عجائبات ۾ فڪر ڪرڻ. اهڙيءَ طرح بندي کي هر عضوي ۾
هر چيز جي ملڻ جو جدا جدا شڪرانو آهي، جو انهيءَ
نعمت جي ملڻ بعد سکا وانگر بجاءِ آڻڻ ضروري آهي.
تيستائين انهيءَ شڪراني بجاءِ آڻڻ جي نيت کي دل ۾
سانڍي سکا وانگر ۽ نعمت ملڻ تي راضي ٿي شڪرانو
ظاهر ڪري ڏئي، جيئن دل جي اميد پوري ٿيڻ تي سکا جا
دل ۾ سانڍيل هوندي آهي، سا ظاهر ڪري ڏبي آهي. پر
انهيءَ دل جي چڱي اميد جي پوري ٿيڻ کان پهريائين،
اها سکا دل ۾ سانڍيل يعني لڪل ارادي يا نيت ۾
هوندي آهي. اهڙيءَ طرح دنيوي ٻين اميدن جي سکا کي
ڇڏي، هن حقيقي پرينءَ جي انهيءَ اهنج يعني ڏُک سور
کي سانڍج، يعني راضي ٿي لڪائج لوڪ کان،سکا وانگر.
پوءِ اها سکا ڏي يعني شڪرانو ڪر، جنهن سان نعمت جو
بقاءُ به آهي ۽ شڪراني ڪرڻ سان ان کي خدا تعاليٰ
وڌيڪ نعمتون ادا ڪندو آهي. جيئن الله تعاليٰ
پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي: لَئِنٌ شَکَرٌتُمٌ
لَاَ ز ِيٌدَنَّکُمٌ ○ (يعني
جيڪڏهن توهان شڪر ڪندؤ ته توهان کي زياده عطا
ڪندس) انهيءَ زياده ڏيڻ جو هنن پنجن نعمتن ڏانهن
اشارو آهي، جو قرآن شريف ۾ ثابت آهي: (1) ان کي
غني ڪري، (2) ان جي دعا قبول ڪري، (3) ان جي روزي
ڪشادي ڪري، (4) ان جي مغفرت ڪري ۽ (5) ان جي توبہ
قبول ڪري.
ان مان معلوم ٿيو ته شڪر نهايت عمدي چيز آهي، جنهن
۾ قطعي واعدو نعمت جي زيادتيءَ جو آهي ۽ ڇو نه
هجي، ڇو ته شڪر هڪڙو خُلٌقُ آهي، اخلاق ربوبيت
مان. انهيءَ ڪري خدا تعاليٰ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي
پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي؛ وَاللهُ شکُوٌرءُ
حَلِيٌمءُ (۽ الله تعاليٰ شڪر جو بدلو ڏيندڙ ۽
حِلم يعني بردباريءَ وارو آهي). شروع ڪلام بهشتين
جو بهشت ۾ اهو هوندو: اَلٌحَمٌدُ لِلهِ الَّذ ِيٌ
صَدَقَنَا وَعٌدَهٌ ○ (شڪر
آهي الله تعاليٰ جو، جنهن پنهنجو واعدو سچو ۽ پورو
ڪيو). شڪر جي ڀلائيءَ جي بيان ۾ حضور ڪريم صلي
الله عليہ وسلم جن جون گهڻيون حديثون بيان ٿيل آهن
هڪڙي حديث ۾ آهي: اَلٌحَمٌدُ ر ِدَاءَ الر
َّحٌمٰنِ ○ (يعني
شڪر خدا تعاليٰ جي چادر آهي).
الله تعاليٰ حضرت ايوب عليہ السلام ڏي وحي موڪليو،
جنهن ۾ ٻيو به ڪجهه بيان هئو، پر هيءَ به ارشاد
ٿيو، ته مان پنهنجن اوليائن کان ڏنڊ يا سزا وٺڻ ۾
شڪر کان راضي ٿيندو آهيان ۽ انهيءَ منهنجي رکيل
سزا يا سور تي جيڪو صبر ڪندو آهي ۽ راضي ٿيندو
آهي، ان جو گهر دارالسلام آهي. جڏهن ان ۾ داخل
ٿيندا، تڏهن مان انهن کي شڪر جو الهام ڪندس جو
سڀني ڪلامن کان ڀلو ڪلام آهي ۽ پوءِ وري شڪر وقت
انهن کي وڌيڪ گهران ٿو. منهنجي طرف نظر ڪرڻ سان
انهن کي زياده رتبو عطا ڪريان ٿو. جڏهن دفينن يعني
مال جي نقصان بابت آيت نازل ٿي، تڏهن حضرت عمر رضي
الله تعاليٰ عنہ عرض ڪيو ته ڪهڙو مال اسان رکون؟
تڏهن حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو، ته
مال جي عيوض ۾ زبان ذاڪر ۽ قلب شاڪر رکو. حضرت ابن
مسعود رضي الله تعاليٰ عنہ فرمايو آهي ته شڪر اڌ
ايمان آهي.
هاڻيءَ هيءَ به ٿوري ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته شڪر جي
تعريف ۽ ماهيت ڇا آهي؟ شڪر سالڪن جي منزل مان هڪ
منزل جو نالو آهي. اهو ٽن ڳالهين جو مجموعو
آهي:(1) علم، (2) حال، (3) عمل. اصل آهي علم، وري
علم کان ئي حال پيدا ٿيندو آهي ۽ حال کان عمل. علم
کان هيءُ مطلب آهي جو نعمت کي منعم، يعني نعمت
ڏيندڙ کان ڄاڻي ۽ حال ان جو نالو آهي، ته نعمت
ڏيندڙ جي نعمت يعني انعام کان خوش هجي.
عمل کان مراد آهي ته انعام ڏيندڙ جو جيڪو مطلب ۽
مقصد ۽ گهُر هجي، ان تي قائم ۽ راضي رهي. پوءِ عمل
جو تعلق قلب سان ۽ عضون ۽ زبان سان آهي. ان ۾ وري
ٽن ٻين ڳالهين جو علم گهرجي: هڪ نعمت، ٻيو نعمت جي
ڏيڻ وارو، ٽيون جنهن تي منعم يعني نعمت ڏيڻ واري
جي قصد ۽ ارادي کان نعمت پهچندي آهي. انهن سڀني
ڳالهين جو ڄاڻڻ ضروري آهي، پر هيءُ امر سواءِ خدا
تعاليٰ جي ٻين لاءِ آهي. خدا تعاليٰ جي لاءِ ڄاڻڻ
هن جو ضروري نه آهي. سموريون نعمتون خدا تعاليٰ
کان آهن ۽ اصل نعمت ڏيڻ وارو اهو آهي ۽ ٻيا وچيان
ماڻهو سڀ ان جي طرف کان مسخر آهن. اها معرفت يا
ڄاڻ تقديس يا توحيد کان وڌيڪ آهي، انهيءَ ڪري جو
اهي ٻئي ان ۾ داخل آهن، ڇو ته ايمان جي ڄاڻ ۾
پهريون رتبو تقديس يعني خدا تعاليٰ کي پاڪ ڄاڻڻ جو
آهي. جڏهن انهيءَ هڪڙيءَ ذات کي پاڪ ڄاتائين ته
پوءِ وري هيءَ ڄاڻ ٿيندي، جو ذات پاڪ هڪڙي ئي آهي
۽ ان کان سواءِ جيڪي به آهي، اهي انهيءَ صفت جون
نه آهن. ان جو نالو آهي توحيد يعني خدا تعاليٰ کي
هڪڙو ڄاڻڻ. وري ان کان پوءِ هيءُ علم ٿيندو ته
جيتريون شيون جهان ۾ موجود آهن، اهي انهيءَ واحد
کان موجود آهن، يعني هر شيءِ ان جي طرف کان نعمت
آهي. جڏهن هيءَ معرفت انهن ٻنهي معرفتن جي بعد
ٿيندي آهي، انهيءَ ڪري ان جو رتبو به انهن ٻنهي
کان وڌيڪ آهي، ڇو ته ان ۾ تقديس ۽ توحيد جي سواءِ
ڪمال قدرت ۽ افعال ۾ به موحدائي لڌي وڃي ٿي.
انهيءَ ڳالهه کي حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن
هن حديث شريف ۾ بيان فرمايو آهي ته جو شخص
سُبٌحَانَ اللهِ چوي ان کي ڏهه نيڪيون ۽ جو لاَ
اِلٰہَ اِلا َّ اللهُ چوي، ان کي ويهه نيڪيون ۽ جو
اَلٌحَمٌدُ لِلهِ چوي، ان کي ٽيهه نيڪيون ملن
ٿيون، هڪ حديث ۾ فرمايو اٿن، ته افضل ذڪر لاَ
اِلٰہَ اِلا َّ اللهُ ۽ افضل دعا اَلٌحَمٌدُ لِلهِ
آهي ۽ فرمايائون ته ڪوبه ذڪر ايترو نٿو وڌي، جيترو
اَلٌحَمٌدُ لِلهِ وڌي ٿو. هيءُ گمان نه ڪرڻ گهرجي
ته اهي نيڪيون انهن ڪلمن جي زباني چوڻ سان ئي
ملنديون، پر انهن ڪلمن جي معنيٰ دل ۾ ضرور اچي ۽
ان تي ايمان ۽ يقين هجي.
هاڻي هيءُ معلوم ڪرڻ گهرجي ته هيءَ معرفت تڏهن
ٿيندي آهي، جڏهن ڪنهن به ڪم ۾ شرڪ نه هجي. مثلاً
جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪنهن بادشاهه ڪو انعام ڏنو ۽
انهيءَ شخص انهيءَ انعام ملڻ ۽ پنهنجي طرف پهچڻ ۾،
بادشاهه جي وزير يا وڪيل يا نوڪر جو به احسان
ڄاتو، ته ان نعمت ۾ ٻئي کي شريڪ ڄاتائين ۽ ان نعمت
کي هر طرح بادشاهه جي طرف کان نه ڄاتائين، بلڪ
ڪجهه ان بادشاهه جي طرف کان ۽ ڪجهه ٻين اميرن،
وزيرن کان، انهيءَ سبب ڪري ان جي خوشي به ٻنهي
طرفن وراهجي ويندي. مطلب ته خاص بادشاهه جي حق ۾
موحد نه رهيو.
جيڪڏهن هيئن ڄاڻندو ته جا نعمت مون کي ملي، اها
بادشاهه جي حڪم سان آهي. جنهن کي ان پنهنجي قلم
سان ڪاغذ تي لکيو، ته ان کان بادشاهه جي حق ۾
توحيد جو ڪجهه خلل نه ٿيندو ۽ ڪمال شڪر ۾ نقصان نه
ايندو، ان ڪري جو ان کي قلم ڪاغذ جي سببان ته خوشي
ناهي نه ان جو شڪر گذار آهي، ڇو ته انهن ٻنهي جو
ته انعام ۾ ڪجهه به دخل نه آهي. پر جيڪو آهي، سو
ان سبب کان آهي، جو اهي ٻئي شيون بادشاهه جي حڪم
هيٺ آهن. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن آدمي بادشاهي وڪيل،
وزير يا خزانچيءَ کي ڄاڻي ته ان کي بادشاهه جو
دٻاءُ يا تاڪيد آهي، تڏهن ٿو انعام ڏئي، پر جي خود
ان جو وس هجي ۽ بادشاهه جو زور ان تي نه هجي، ان
جي عدل جو خوف ان کي نه هجي، ته ڪجهه به نه ڏئي؛
ته اهڙيءَ طرح ڄاڻڻ سان توحيد ۾ شرڪ لازم نه
ايندو، يعني اها نعمت رڳو بادشاهه کان سمجهي ويندي
۽ وڪيل، وزير، خزانچي، مثل ڪاغذ ۽ قلم جي ڄاڻبا.
اهڙيءَ طرح جو شخص خدا تعاليٰ کي ڄاڻي ۽ ان جي ڪمن
کي ڄاڻي ته ان کي معلوم ٿيندو ته سج، چنڊ، تارا سڀ
ان جي امر ۾ آهن ۽ تابع آهن، جهڙو قلم ڪاتب جي هٿ
۾. حيوانات کي اختيارات آهن، پر اهي پنهنجي نفس جي
زير حڪم آهن. انهيءَ ڪري خدا تعاليٰ انهن تي سندن
ڪم مسلط يعني مقرر ڪيا آهن ته اهي ڪم ڪن، پوءِ
توڙي هنن جي مرضي هجي توڙي نه هجي. جهڙيءَ طرح
خزانچي بادشاهه جي حڪم جي خلاف نٿو ڪري، پر ان کي
پنهنجو اختيار يعني وس هجي ته ڪنهن کي خاڪ به نه
ڏئي.
اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن شخص کي خدا تعاليَ جي نعمت
ٻئي شخص جي هٿان پهچي، ته ڄاڻڻ گهرجي ته اهو ان جي
پهچائڻ لاءِ مضطر يعني بيوس هئو. انهيءَ ڪري جو
خدا تعاليٰ ان تي ارادي کي مسلط ڪيو ۽ ان تي گهڻن
سببن کان زور پيو. ان جي دل ۾ هيءَ ڳالهه وڌِي
وئي، ته منهنجي چڱائي ٻنهي جهانن جي انهيءَ ۾
آهي، جو هيءَ شيءِ فلاڻي کي ڏيان ۽ نه ڏيڻ جي حالت
۾ منهنجو مقصد حال ۽ مال جو پورو نه ٿيندو. جڏهن
خدا تعاليٰ هيءُ اعتقاد ان جي دل ۾ پيدا ڪيو ته ان
جي ڇا مجال آهي، جو هو اهو ڪم نه ڪري! ان مان
معلوم ٿيو ته اهو جو ڪجهه ڪنهن کي ڏئي ٿو، سو فقط
پنهنجي فائدي لاءِ ڏئي ٿو، ٻئي کي مقصد جو مطلب نه
آهي. جيڪڏهن اِن ڏيڻ کان ان جو ڪجهه مطلب نه نڪري
ها، ته ڪڏهن به نه ڏئي ها. اهو پنهنجي فائدي جي
اميد تي ٻئي کي ڪجهه ڏئي ٿو. تڏهن چئبو ته اهو ٻئي
جي انعام نٿو ڪري مگر ان کي وسيلو ڪنهن ٻيءَ نعمت
جو، جنهن جي ان کي اميد آهي، ڪري ٿو. معلوم ٿيو ته
منعم اصل ۾ اهو آهي، جنهن ان کي انعام ڏيڻ واسطي
مسخر يعني مقرر ڪيو آهي ۽ ان جي دل ۾ ارادو ۽
اعتقاد چڱو وڌو، جنهن سبب کان هو ٻئي کي ڪجهه
پهچائي ٿو. جڏهن انهن ڳالهين کي آدمي اهڙيءَ طرح
ڄاڻندو، تڏهن خدا تعاليٰ کي ۽ ان جي ڪمن کي به
ڄاڻندو؛ ۽ موحد ٿي ان جي شڪر گذاريءَ تي به قائم
رهي سگهندو. پوءِ فقط ان جي معرفت کان شاڪر ٿي
ويندو.
جيئن هڪڙي روايت آهي، ته حضرت موسيٰ عليہ السلام
پنهنجيءَ مناجات ۾ جناب باري تعاليٰ کي عرض ڪيو،
ته يا الاهي! تو حضرت آدم عليہ السلام کي پنهنجي
هٿ سان پيدا ڪيو ۽ تو ان سان ڪهڙيون ڪهڙيون ڀلايون
ڪيون؟ پوءِ ان تنهنجو شڪر ڪهڙيءَ طرح ادا ڪيو؟
الله تعاليٰ ارشاد فرمايو ته انهيءَ ان سڀني
ڳالهين کي منهنجي طرف کان ڄاتو ۽ اهو ڄاڻڻ ان جي
شڪر گذاري هئي. انهيءَ مان ظاهر ٿيو ته شڪر
گذاريءَ ۾ ضروري آهي، جو سڀ نعمتون خدا تعاليٰ جي
طرف کان ئي ڄاڻي ۽ ان ۾ جيڪڏهن شڪ ڪندو، ته نه
نعمت جو عارف چئبو ۽ نه نعمت ڏيندڙ منعم جو. ان
ڪري انسان کي گهرجي ته رڳو ظاهري منعم تي نه ڀلجي،
پر ان کان سواءِ حقيقي منعم جو خيال رکي.
هاڻي شڪر جي ڳالهه ۾ هيءُ ضروري بيان معلوم ڪرڻ
گهرجي ته جيڪي نعمتون عام تي ۽ گهڻيون آهن ۽ انهن
جو شڪر بجاءِ نٿا آڻيون جيئن اکيون، ڪَن، وات، نڪ
وغيره، ساهه کڻڻ لاءِ هوا ۽ باهه ۽ پاڻي وغيره.
هاڻِ انهن نعمتن کي ماڻهو نعمت ڄاڻن ئي نٿا،
انهيءَ ڪري انهن جو ڪوبه شڪر گذار نه آهي. انهن تي
خدا تعاليٰ جي شڪر نه ڪرڻ جو قوي سبب اهو آهي، جو
اهي نعمتون عام آهن ۽ هر وقت حاصل آهن. انهيءَ ڪري
پنهنجي لاءِ اهي خاص معلوم نٿيون ٿين ۽ نه ان جو
شڪر ٿو ادا ڪجي. مثلاً ساهه جي هوا تي شڪر نٿا ڪن،
پر هڪڙو لحظو ڳلي کي پڪڙيو وڃي، ته هوا ٻاهر جي
اندر نه وڃي سگهي، ته مري وڃي، يا اهڙيءَ گرم يا
سوڙهيءِ جاءِ ۾ بند ڪيو وڃي، يا سخت ٿڌيءَ جاءِ ۾
يا کوهه ۾، جتي گند پيل ۽ ڪِني بانس هجي، اتي بند
ڪيو وڃي ته مري وڃي. پر ڪو اهڙيءَ طرح بند ڪري،
پوءِ ان مان ڪڍيو وڃي، ته پوءِ البت ساهه جي هوا
کي نعمت ڄاڻندو ۽ شڪر ڪندو. انهيءَ لاءِ مثال
مشهور آهي ته قدر نعمت جو، بعد زوال جي ٿيندو آهي.
هيءَ وڏي جهالت آهي- جو ان کان نعمت ڇني وڃي ۽ وري
ڪنهن وقت ان کي ڏني وڃي. جڏهن ان جي اها طاقت،
قدرت، ڄاڻي ته شڪر ڪري، پر نعمت جو شڪر هر وقت ئي
ڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح سڀ نعمتون بي بها آهن.
جيڪڏهن ڪنهن جو فقط پاڻي بند ڪجي ته مري وڃي. پر
جي مرڻ وقت ٻيو دنيوي اسباب ان کان گهريو وڃي، يا
سندس سڀ بادشاهي پاڻيءَ جي ڍُڪ جي عيوض گهري وڃي،
ته سندس حياتي بچي، ته ڏيڻ لاءِ تيار ٿئي ۽ پوءِ
کيس پاڻيءَ جي نعمت جو قدر ٿئي ۽ گهڻو شڪر ڪري.
سورة اعراف ع 1 ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
وَلَقَدٌ مَکَّنّکُمٌ فِي اٌلاَرٌضِ وَ جَعَلٌنَا
لَکُمٌ فِيٌهَا مَعَايشِ َ قَلِيٌلاً مَّا
تَشٌکُرُوٌنَ○
ترجمو: ۽ تحقيق جاءِ ڏنسيون توهان کي زمين ۾ ۽
ڪيوسون اوهان لاءِ ان ۾ رزق ٿورو شڪر ڪريو ٿا.
هن آيت شريف مان معلوم ٿيو، ته الله تعاليٰ جون
اسان تي ايڏيون وڏيون ۽ گهڻيون نعمتون آهن، جن جو
جيترو به شڪر ڪيون ته ٿورو آهي. ساڳيءَ سورة جي
ٻئي رڪوع ۾ بيان آهي، ته جنهن وقت ابليس سجدي کان
انڪار ڪيو، تڏهن الله تعاليٰ ان کي فرمايو ته:
قَالَ فَاهٌبِطٌ مِنٌهَا فَمَايَکُوٌنَ لَڪَ اَنٌ
تَتَکَبَّرَ فِيٌهَا فَاخٌرُجٌ اِنَّڪَ مِنَ
الصّٰغِريٌن َ. قَالَ اَنٌظِرٌنِيٌ اِلَيٰ يَوٌم ِ
يُبٌعَثُوٌن َ. قَالَ اِنَّڪَ مِنَ الٌمُنٌظَر
ِيٌنَ ○قَالَ
فَبِمَا اَغٌوَيٌتَنِيٌ لَاَقٌعُدَن َّ لَهُمٌ
صِرَ اطَڪَ الٌمُسٌتَقِيٌم ِ. ثُمَّ
لَاٰتِيَنَّهُمٌ مَنِ بَيٌن ِ اَيٌد ِيٌهِمٌ وَ
مِنٌ خَلٌفِهِمٌ وَ عَنٌ اَيٌمَانِهِمٌ وَ عَنٌ
شَمَائِلِهِمٌ ○ وَ
لاَ تَجِدُ اَکٌثَر َهُمٌ شٰکِريٌن َ○
ترجمو: فرمايائين ته نِڪٌرُ ابليس بهشت کان ۽ نه
لائق آهي توکي، جو هٺ ڪرين بهشت ۾، پوءِ نِڪٌرُ
تحقيق تون خوار آهين. چيو ابليس ته مهلت ڏي مون کي
قيامت تائين. فرمايو الله تعاليٰ بيشڪ تون مهلت
ڏنل آهين، چيو ابليس قسم آهي مون کي تنهنجي گمراهه
ڪرڻ جو، ته البت ويهندس مان انهن لاءِ تنهنجي سڌي
رستي تي، پوءِ ايندس انهن کي اڳيان ۽ پٺيان ۽ سڄي
طرف ۽ کٻي طرف ۽ نه ڏسندين گهڻن ماڻهن کي شڪر
ڪندڙ.
هن آيت شريف ۾ الله تعاليٰ شيطان جو جواب پنهنجي
پاڪ ڪلام ۾ بيان فرمايو آهي ۽ انهيءَ جو مطلب هيءُ
آهي ته شيطان طعني جي نموني ۾ چيو، ته جيڪڏهن مون
کي آدم عليہ السلام جي ڪري ايتري سزا ملي ٿي، ته
مان به ان کي چؤطرفو تنهنجي سڌي واٽ کان جهليندس.
پوءِ گهڻا شڪر ڪندڙ نه ٿيندا. هن مان صاف ظاهر آهي
ته شڪر هڪڙو اهڙو وڏو نيڪ عمل آهي، جنهن جي ڪرڻ
سان خدا تعاليٰ پنهنجي بندي تي زور راضي ٿو ٿئي ۽
شڪر نه ڪرڻ سان شيطان زور خوش ٿو ٿئي. ڏسو ته هن
آيت شريف مان ظاهر ٿو ٿئي ته شيطان ٻئي ڪنهن به
خير جي عمل جو نالو نه ورتو، پر فقط چيائين ته مان
به انهن کي شڪر کان کاريندس، جو گهڻا شڪر نه ڪندا.
اي منهنجا دوست! وڌيڪ ڇا لکجي. شيطان دشمن کي بي
شڪريءَ سان راضي نه ڪجي ، پر پنهنجي مالڪ پرينءَ
کي شڪر سان راضي ڪجي ۽ شيطان لعين کي پنهنجي اندر
۾ جاءِ نه ڏجي. حضرت سهل تستري رحمة الله عليہ کي
ڪنهن شخص عرض ڪيو ته ”منهنجي گهر مان هڪڙو چور
چوري ڪري سڀ سامان گهر جو کڻي ويو آهي“. پاڻ
فرمايائون ته ”خدا تعاليٰ جو شڪر ڪر، جيڪڏهن شيطان
تنهنجي دل ۾ گهِڙي ڪري توحيد بگاڙي ها ته تون ڇا
ڪرين ها؟“ |