سيڪشن: ادب

ڪتاب: شرح لطيف

باب:

صفحو:10 

نقل آهي ته هڪڙو شخص عظيم الشان حضرت ابو يزيد بسطامي رحمة الله عليہ جي مجلس ۾ رهندو هئو. هڪ ڏينهن ان ابويزيد بسطامي رحمة الله عليہ کي عرض ڪيو ته؛ ”مان ٽيهه ورهيه روزو رکيو آهي۽ ڪڏهن کوليو نه اٿم. سڄي رات جاڳندو آهيان ۽ ڪڏهن به نه سمهيو آهيان. مگر باوجود ايتري رياضت جي جنهن علم جو اوهان بيان فرمايو آهي، انهيءَ مان پنهنجي دل ۾ ڪجهه نٿو لهان. جيتوڻيڪ مان ان جي تصديق ڪيان ٿو ۽ مون کي يقين آهي ته جو اوهان فرمايو ٿا، سو سچ آهي ۽ ان سان محبت رکان ٿو“ شيخ صاحب رحمة الله عليہ فرمايو ته”جيڪڏهن تون ٽيهه ورهيه ته ڇڏ پر ٽي سؤ ورهيه روزا رکين ۽ رات جو جاڳين، تڏهن به ان علم مان هڪڙو ذرو نه لهندين“ انهيءَ عرض ڪيو ته ” ان جو ڪهڙو سبب آهي؟“ پاڻ فرمايائون ته ”ان جو سبب هيءُ آهي، جو تون سببان پنهنجي نفس جي وڏائيءَ کان حجاب وارو آهن“ انهيءَ عرض ڪيو ته ”پوءِ ان جو علاج ڪهڙو آهي؟“ پاڻ فرمايائين ته ”ان جو علاج ڇونه آهي؟ پر تون قبول نه ڪندين“ ان عرض ڪيو ته ”مان ضرور قبول ڪندس- اوهان ارشاد فرمايو ته مان ڪيان“. پاڻ فرمايائون ته ”حجم وٽ وڃ. پنهنجو مٿو، ڏاڙهي ۽ مڇون ڪوڙاءِ ۽ ڪپڙا لاهي هڪڙي گوڏ ٻڌ ۽ پنهنجو منهن ڪارو ڪري، پوءِ بازار ۾ وڃ ۽ جهولي اکڙوٽن جي ڪنڌ ۾ وجهه ۽ ڇوڪرن کي گڏ ڪر ۽ انهن کي چئه، ته اوهان مان جيڪو مون کي هڪ مُٺ مٽيءَ جي هڻندو ان کي هڪ اکڙوٽ ڏيندس ۽ پوءِ اهڙيءَ طرح پنهنجي دوستن ۾ وڃ ۽ انهن کي به ائين چئه ۽ ڪر“ انهيءَ شخص چيو ته ”سبحان الله! اوهان مون کي ائين ٿا فرمايو“ پاڻ فرمايائون ته ” تنهنجو سبحان الله چوڻ شرڪ آهي“ ان چيو ته ”ڪهڙي طرح“؟ پاڻ فرمايائون ته ”تو پنهنجي نفس کي وڏو ۽ ڀلو ڀانئين سبحان الله چيو ۽ خدا تعاليٰ جي تعظيم لاءِ سبحان الله نه چيو آهي” . انهيءَ عرض ڪيو ته ”ايئن مان نه ڪندس. ٻيو ڪجهه ڏسيو ته ڪيان“پاڻ فرمايائون ته ”سڀني تجويزن کان پهريائين اهو علاج ڪرڻ گهرجي“ ان شخص چيو ته ”انهيءَ علاج ڪرڻ جي ته مون کي طاقت نه آهي“ پاڻ فرمايائون ته ”مون توکي اول ئي چيو هو ته تون قبول نه ڪندين“

ڏسو جو هيءَ تدبير حضرت بايزيد سڳوري ڏَسي هئي. اهڙي شخص جو علاج اهو ئي آهي، جنهن کي مرض هجي جو پنهنجي نفس سان محبت رکندو هجي ۽ ماڻهن جو التفات پنهنجي طرف گهرندو هجي، ۽ پنهجي نفس جي مرتبي ۽ وڏائيءَ لاءِ مجازي حڪومت جي ڪرسي حاصل ڪرڻ جو شوق ۽ محبت هجي ۽ ان کي زور پيارو رکندو هجي، ته ان جو به ساڳيو علاج آهي، ته اول پنهنجي نفس جي وڏائي وڃائي ۽ پنهنجي نفس کي سڀني زماني جي تڪليفن سهڻ تي آماده ڪري. خلق خدا جي خدمت ڪري ۽ انهيءَ خلق جي خدمتن ۽ ڪمن ۾ عار، لڄ ۽ شرم نه ڪري، پر خادم ٿي خدمت ڪري ۽ پنهنجي نفس جي سڀني شهواتن ۽ شوقن ۽ عياشيءَ کي ڇڏي رياڪاريءَ کي ڇڏي. مطلب ته پنهنجي نفس جي هٺيلائپ ۽ هستي وڃائي ۽ ان کي نفي ڪري، جو ماڻهن کان شرم نه ڪري پر الله تعاليٰ کان شرم رکندو هجي. پوءِ ان کي سچو ۽ پڪو مرتبو ملندو ۽ ٻنهي جهانن ۾ وڏي عزت وارو ٿيندو،جا عزت جٽادار ۽ بقادار هوندي. پر جنهن کي پنهنجي غرور ۽ وڏائيءَ جي بيماري هوندي، جهڙي ان عابد کي پنهنجي نفس جي وڏائي پسند هئي ۽ ماڻهن جي شرم کان پنهنجي نفس جي عزت نه پيو وڃائي ۽ حضرت بايزيد بسطامي رحمة الله جو ڏَسيل علاج نه پيو ڪري ته پوءِ اهڙي شخص کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. رڳو مجازي عزت وارو به نه ٿيندو. پاڻ کي وڏو سمجهڻ، فخر ۽ ”مان“ چوڻ وڏو مرض آهي ۽ انهيءَ کان بچڻ جي دوا، سواءِ انهيءَ تدبير جي، ٻي اهڙي تجويز ڪانه آهي. پوءِ جو شخص اهڙي علاج جو تاب نه جهلي سگهندو هجي، ان کي ائين نه ڪرڻ گهرجي. پوءِ توڙي انهيءَ مرض ۾ مبتلا هجي خواهه نه هجي، ان کي چوڻ گهرجي ته تنهنجي شفا ممڪن نه آهي.

هن نقل مان ثابت ٿيو ته هن عابد کي، بغير محبت موليٰ سائين جي، ٻيءَ سڄي عبادت فائدو نه ڪيو. ان کي پنهنجي نفس جي محبت، موليٰ سائين جي محبت کان محروم ڪيو. هن راهِه سلوڪ ۾، سواءِ محبت جي ڪجهه فائدو نه ٿيندو. جيتري قدر محبت موليٰ سائينءَ جي زياده رکندڙ هوندو. اوترو هن راهه سلوڪ ۾ فائدو حاصل ڪندو. جيئن ڀٽائي صاحب سر ڪاپائتي ۾ فرمايو آهي:

بيت

مَحَبَتَ پَائِي مَنَ ۾ رَنڍَا روڙ ِهَا جَنِ،

تَنِ جو صَرافَنِ اَڻَ تورِيو اَگهَايو.

يعني محبت سان، جيڪا بندگي پنهنجي مالڪ جي ڪيائون ۽ جهڙي ۽ جيئن ڪيائون ۽ چيٺي ۽ چڱيءَ طرح نه ڪيائون، تڏهن به بنان تڪ تور جي يعني بنان ڪنهن عيب جاچڻ جي، صرافن قبول ڪرايو. صراف آهن، عملن جا لکندڙ ۽ جاچيندڙ، جي مقرر ٿيل آهن. اهو سبب آهي ديدار ۽ رُويت يعني نظاري جو. انهيءَ درجي کي اهو ئي پهچندو، جو دنيا ۾ محبت وارو عارف الله هوندو. ڇو ته معرفت ئي دنيا ۾ اهڙو ٻج آهي، جو آخرت ۾ مشاهدو ٿي ويندو. جهڙيءَ طرح ڪَڪِڙي پڇاڙيءَ وڻ بڻجي ويندي آهي ۽ جيئن داڻو پڇاڙيءَ ۾ سنگ ٿي ويندو آهي، جنهن ۾ سوين داڻا هوندا آهن، پر جو ٻج نه وجهندو، يا ڪَڪِڙي نه پوکيندو ته وڻ ڪٿان پيدا ٿيندو؟ اهڙيءَ طرح محبت ٻج آهي ۽ دل زمين مثل آهي، جي محبت جو ٻج پنهنجي دل ۾ نه وجهندو ته ان جو وڻ، جو ديدار آهي، سو ڪيئن لهندو؟

جيڪو شخص الله تعاليٰ سان دنيا ۾ پوري محبت ۽ پوري سڃاڻپ نه رکندو اهو آخرت ۾ ان کي ڪيئن ڏسندو؟ جيئن معرفت جا درجا به مختلف آهن ۽ تجليون به مختلف آهن. جيئن معرفت ٻجن سان پوکون يا وڻ به مختلف ٿيندا آهن ۽ جيئن ٻج سٺو هوندو آهي، يا چڱو نه هوندو آهي ته پوک به ان جي اهڙي ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح سالڪ کي به جيتري قدر محبت ۽ معرفت هوندي، اهڙي تجلي يعني روشني دل جي هوندي. پوءِ پنهنجي مالڪ جي ديدار ۾ به اوتري قدر مستغرق ٿيندو ۽ لذت وارو ٿيندو، جيئن حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم فرمايو ته الله تعاليٰ ٻين ماڻهن لاءِ عام تجلي فرمائيندو ۽ ابوبڪر رضي الله تعاليٰ عنہ لاءِ خاص. حضرت بيبي رابعہ بصري رضه کان پڇيو ويو ته ”بهشت جي باب ۾ تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟“ پاڻ فرمايائين ته ”منهنجي دل جو لاڙو ڪو به بهشت ڏانهن ڪو نه آهي، پر بهشت جي مالڪ ڏانهن آهي.“ جيڪو شخص الله تعاليٰ کي دنيا ۾ نه سڃاڻندو اهو ان کي آخرت ۾ به نه ڏسندو. جنهن کي لذت معرفت دنيا ۾ نه هوندي، اهو آخرت ۾ لذت ديدار نه لهندو. جيڪي هت پوکيندو، اهو ئي اُتي لڻندو ۽ جو آدمي جنهن حال تي مرندو، انهيءَ حال تي هن جو حشر هوندو. پوءِ جيتري قدر توشو معرفت جو ساڻ هوندو، اوتري قدر لذت وارو ٿيندو. اهائي معرفت مشاهدي جي صورت بڻجي ويندي ۽ زيادتي ڪشف کان، لذت ٻيڻي ڏيندي. جهڙيءَ طرح عاشق جيڪڏهن محبوب جي خيالي صورت ذهن ۾ رکندو آهي ۽ پوءِ وري اکين سان صورت ڏسندو آهي ته وڌيڪ لذت وارو ٿيندو آهي. بنسبت خيالي صورت ڏسڻ جي، جيتوڻيڪ جنت ۾ هر هڪ کي دل گهرندڙ شيءِ ملندي. پر جو شخص سواءِ ديدار الاهي جي، ٻيو ڪجهه نه گهرندو – انهيءَ کي ان کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به شيءِ مان لذت به نه ايندي.

مطلب ته لذت بهشت جي ايتري قدر هوندي، جيتري قدر محبت الاهي هوندي ۽ محبت قدر معرفت جي هوندي آهي. تڏهن معلوم ٿيو ته اصل سعادت يعني خوش قسمتي ۽ نيڪ بختي معرفت ئي آهي، جنهنکي شرع ۾ ايمان چيو ويندو آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو چوي ته لذت ديدار کي، جي ڪجهه نسبت معرفت جي طرف آهي، ته معلوم ٿيو ته گهڻو گهٽ هوندي. پوءِ ٿوري نسبت جي معرفت کي ٻيڻو يا چؤڻو ڪجي، ڇو ته معرفت جي لذت دنيا ۾ گهڻو ضعيف آهي. ان کي ٻيڻي چؤڻي ڪرڻ سان اهڙيءَ حد کي نه پهچندي جنهن جي سامهون سڀ لذتون بهشت جون گهٽ معلوم ٿين. ان جو جواب هي آهي ته لذت معرفت جي گهٽ سمجهڻ جو مطلب معرفت کان خالي هجڻ جو آهي. پوءِ جو شخص معرفت کان خالي هوندو، اهو ان جي لذت ڪيئن ڄاڻندو؟ ان جو مثال ائين آهي، جيئن ڪو ننڍڙو ٻار پنهنجي راند جي رانديڪن کان بادشاهت جي لذت کي گهٽ ڄاڻندو آهي، ڇو ته هو بادشاهت جي قدر کي ڄاڻي نٿو. اهڙيءَ طرح جنهن شخص جي دل دنيوي تعلقات سان ۽ ان جي محبت سان ڀريل هوندي، ته ان کي معرفت جو مزو ڇا ملندو؟ ها، عارفن کي انهن جي معرفت، فڪر ۽ مناجات ۾ اهو مزو آهي جو ان جي قطري جي عيوض جيڪڏهن ان جي سامهون بهشت جون لذتون پيش ڪيون وڃن، ته هرگز نه وٺن ۽ پنهنجي لذتن کي بهشت جي مزن سان نه مَٽِن. وري اها لذت عارفن جي ڪمال لذت ديدار ۽ مشاهدي سان ڪجهه به يعني هڪڙي قطري جيتري به نسبت ئي نٿي رکي. تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ايندڙ بيت نمبر 32 ۾ ٿو فرمائي:

بيت

مُلههُ مَهَانگو قَطٌرو سِڪَڻُ سَعَادَتَ،

اَسَان عِبَادتَ نَظَرَ نَازُ پِريَنِ جَا.

هن بيت جي معنيٰ آهي، ته هڪڙي قطري يعني ڦڙي شراب محبت يا لذت ديدار جي ذرڙي جو ملهه، يعني قدر قيمت ڪرڻ کان مهانگو آهي. پر ان جي لاءِ سِڪڻ يعني ان جي لاءِ پنهنجي اندر ۾ محبت ۽ سعادت يعني ڀلائي، نيڪ بختي ۽ خوش نصيبي آهي. اسان جي لاءِ پرينءَ يعني معشوق جو نظر يعني معشوق جو سڃاڻڻ ۽ فڪر ڪرڻ ۽ ان ڏانهن توجهه ڪرڻ ۽ ان سان تعلق رکڻ ۽ ان ۾ اميد رکڻ ۽ ناز يعني ان جي وڏائي سڃاڻڻ، اسان جي لاءِ عبادت آهي. يعني بندگي ۽ ٻانهپ آهي.

هاڻي، هن جي خلاصي مطلب ڪرڻ کان اول هيءُ خيال ڪندا ته هيءُ فصل ٻيو، جو هن بيت تي پورو ٿيو، جنهن ۾ موليٰ سائينءَ جي محبت جي شراب جو بيان ۽ ان جي لذت ۽ قدر قيمت جو بيان شاهه صاحب رحمة الله عليہ، عجيب و غريب نوع سان بيان فرمايو آهي ۽ ان جي قدر قيمت وڌائيندو اچي. هن پوئين بيت ۾ ته حد ڪيائين، جو انهيءَ شراب محبت جي هڪڙي قطري، ذرڙي جي ملهه جي طاقت نه آهي ۽ هو زور مهانگو آهي. جنهن جي مهانگائيءَ جي به ڪا حد نه آهي. تڏهن ٿو فرمائي، جنهن جو خلاصو مطلب آهي ته جڏهن انهيءَ محبت واري شراب جو هڪڙو ڦڙو به ملهه ڪرڻ کان مهانگو آهي ۽ اهڙو لذت وارو لذيذ آهي، جنهن جي ڪا حد نه آهي، تڏهن انهيءَ محبت موليٰ سائينءَ جي شراب جي، هڪڙي ڦڙي لاءِ به دل ۾ سڪ ۽ محبت رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان جي سڪ دل ۾ رکڻ به اسان جي لاءِ سعادت آهي. يعني انهيءَ محبت جي ڪري سعادت حاصل ٿيندي آهي. اها سعادت ڇا آهي، جيڪا حاصل ٿيندي آهي؟

انهيءَ سعادت ۽ شقاوت جو بيان قرآن شريف جي سورة هود رڪوع نائين ۾ آهي- جنهن مان هتي فقط سعادت جو بيان ٿو ڪجي:

حقائق سليمي ۾ بلخي قدس سرهٌ کان نقل آهي، ته سعادت جون پنج نشانيون آهن: (1) دل جي نرمي (2) خوف خدا ۾ گهڻو روئڻ (3) دنيا کان نفرت (4) آرزو يعني اميد ٿوري(5) شرمندو هجڻ. اهي پنج ئي شيون حاصل ٿين ٿيون. انهيءَ قطري شراب محبت جي سڪ رکڻ سان ۽ وري ان سعادت جي شين حاصل ٿيڻ بعد، سالڪ کي نظر ۽ ناز پرينءَ جو حاصل ٿئي ٿو. هاڻي اهو نظر ۽ ناز ڇا آهي؟ اهو نظر آهي. انهيءَ معشوق حقيقي الله تعاليٰ کي صفات سان سڃاڻن، انهيءَ جي صفتن ۾ وري فڪر ڪرڻ، انهيءَ سان دل جو تعلق رکڻ، ان ۾ پنهنجون سڀ اميدون رکڻ ۽ انهيءَ پرينءَ جي ناز يعني وڏائي کي صفتن مان سڃاڻڻ. اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ قطري شراب محبت واري جي فقط سڪ سان حاصل ٿينديون آهن. اهي سڀ بيان ڪيل ڳالهيون به اسان جي لاءِ عبادت آهن. جيئن شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو ته اسان جي عبادت آهي ”نظر ۽ ناز پرينءَ جو“.هاڻي هن تڪ ۾ منهنجي مرشد ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو، ته نظر ۽ ناز يعني نظر فڪر ۽ ان سان ناز يعني وڏائي سڃاڻڻ حقيقي پرينءَ الله تعاليٰ جي، اسان جي لاءِ عبادت آهي. ان بابت ڪجهه بيان ڪجي ٿو. هي بيان فڪر جو تمام گهڻو آهي، پر هتي نموني ڏيکارڻ واسطي تمام ٿورو آڻجي ٿو. فڪر جي فضيلت ۾ الله جل شانہٗ فڪر ۽ تدبر کي قرآن شريف ۾ بيشمار جاين تي بيان فرمايو آهي، ۽ فڪر ڪندڙن جي تعريف ۾ ارشاد فرمايو آهي، سورة آل عمران ع 20:

اَلَّذِيٌنَ يَذٌڪُرُوٌنَ اللهَ قِيَاماً وَّ قُعُوٌداً وَّ عَليٰ جُنُوٌبِهِمٌ يَتَفَڪَّرُوٌنَ فِيٌ خَلٌقِ السَّمٰوَاتِ وَالٌاَرٌضِ رَبَّنَا مَا خَلَقٌتَ هٰذَا بَاطِلاً

ترجمو: اهي جو ياد ڪن ٿا الله کي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پاسي ڀر ليٽي ۽ فڪر ڪن ٿا آسمان ۽ زمين جي پيدائش ۾ ۽ چون ٿا اي ربّ اسان جا! تو هي بي فائدا نه بنايا آهن.

حديث شريف ۾ آهي ته هڪڙيءَ ساعت جو فڪر سؤ ڏينهن جي عبادت کان ڀلو آهي. فڪر علم جي واسطي ڄار ۽ معارف جي واسطي شڪار ڪرڻ جو هٿيار آهي. حضرت حسن رضي الله عنہ فرمايو آهي ته گهڙي فڪر ڪرڻ، سڄي رات جي جاڳڻ کان بهتر آهي. حضرت فضيل رحه فرمائي ٿو ته فڪر هڪڙو آئينو آهي، جنهن مان آدميءَ جون نيڪيون ۽ بديون معلوم ٿينديون آهن. حضرت ابراهيم بن ادهم رحه کان پڇيو ويو ته اوهان فڪر گهڻو ٿا ڪيو. پاڻ فرمايائون ته فڪر عقل جو مغز آهي. سفيان بن عينہ رحه فرمايو ته جي فڪر ميسّر ٿئي انسان کي، ته ان کي هر هڪ شيءِ ۾ عبرت حاصل ٿئي. طائوس کان مروي آهي ته حوارين حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته ”يا روح الله! زمين جي تختي تي ڪو شخص تنهنجي برابر آهي يا نه؟“ پاڻ فرمايائون ته ”جنهن شخص جي گفتگو ذڪر هجي ۽ سڪوت يا ماٺ فڪر هجي ۽ نظر عبرت، ته اهو منهنجي ئي مثل آهي.“ حضرت حسن رضه فرمائي ٿو ته جنهن جي ڪلام ۾ حڪمت نه هجي، اهو بيهودو ۽ بيفائدو آهي ۽ جنهن جو سڪوت فڪر نه هجي اهو سَهوَ آهي ۽ جنهن جي نظر عبرت جي واسطي نه هجي اها بيفائدي بيڪار آهي.

هڪڙيءَ عورت جو قول آهي، جا مڪي شريف جي ڀرسان جهنگل ۾ رهندي هئي، ته جيڪڏهن متقين جي دل ۾ فڪر به هجي ته اهي ته آخرت جون اهي شيون ڏسي وٺن، جي انهن جي واسطي حجاب غيب ۾ گڏ ٿي رهيون آهن، ته پوءِ دنيا ۾ نه ان کي عيش وڻي ۽ نه ان جي اک کي خنڪي ۽ قرار هجي. لقمان رحه گهڻو اڪيلو ويهندو هئو. ان جو مالڪ اچي کيس چوندو هئو ته تون هميشہ اڪيلو ڇو ٿو ويهين؟ هو جواب ڏيندو هئو ته گهڻي اڪيلي ويهڻ سان فڪر چڱو ٿئي ٿو، جو بهشت جو راهبر آهي. وهب بن منبہ رحه فرمائي ٿو ته جنهن آدميءَ کي فڪر زياده هوندو آهي، اهو ڄاڻندو آهي، پوءِ جو ڄاڻندو آهي اهو عمل ڪندو آهي. حضرت عمر بن عبدالعزيز رحه فرمائي ٿو ته خدا تعاليٰ جي نعمتن ۾ فڪر ڪرڻ بهترين عبادت آهي. حضرت عبدالله بن مبارڪ رحه هڪ ڏينهن سُهل بن علي رحه کي ماٺ ۽ فڪر ۾ ڏٺو ۽ پڇيائينس ته ”ڪيستائين پهچي ويا آهيو؟“ چيائين ته ”پُل صراط تي“. حضرت بشر رحه فرمائي ٿو ته جيڪڏهن آدمي الله تعاليٰ جي وڏائيءَ ۾ فڪر ڪندو رهي ته الله تعاليٰ جي نافرماني نه ڪري، حضرت عباس رضه فرمائي ٿو ته ٻه رڪعتون فڪر سان پڙهڻ، سڄي رات نماز ۾ گذارڻ کان بهتر آهي. جنهن ۾ دل حاضر نه هجي.

ابو شريح رحه رستي تي هلندي ويهي رهيو ۽ پنهنجي چادر منهن تي وجهي روئڻ لڳو. ماڻهن کانئس روئڻ جو سبب پڇيو. پاڻ فرمايائين ته پنهنجي عمر وڃڻ ۽ موت جي ويجهي اچڻ ۽ عمل گهٽ هجڻ جو فڪر آيم. ابو سليمان رحه فرمائي ٿو ته پنهنجي اکين کي روئڻ جو عادي ڪيو ۽ دلين کي فڪر جو. هي به فرمائي ٿو ته دنيا جي باب ۾ فڪر ڪرڻ آخرت جي لاءِ آڙ آهي، ۽ اهل ولايت جي حق ۾ عذاب ۽ آخرت ۾ فڪر ڪرڻ، مورثِ حڪمت آهي ۽ دلين کي حيات ڪندو آهي. حاتم رحه فرمائي ٿو ته عبرت سان علم زياده ٿيندو آهي ۽ ذڪر سان محبت ۽ فڪر سان خوف. حضرت ابن عباس رضه فرمائي ٿو ته خير جو فڪر ڪرڻ، ان کي عمل ۾ آڻڻ جي خواهش ڪندو آهي ۽ شر تي افسوس ڪرڻ ۽ ان کي ترڪ ڪرڻ گهرندو آهي.

روايت آهي ته الله تعاليٰ ڪنهن آسماني ڪتاب ۾ ارشاد فرمايو آهي، ته مان هر هڪ حڪيم جو عرض قبول نٿو ڪيان، بلڪ ان جي قصد ۽ گهُر کي ڏسندو آهيان. جڏهن اهي ٻئي منهنجي لاءِ هوندا آهن، تڏهن مان ان جي ماٺ کي فڪر سان شامل ڪندو آهيان ۽ ان جي ڪلام کي حمد سان، جيتوڻيڪ هو نه چوي، حضرت حسن رضه فرمائي ٿو ته اهل عقل هميشہ ذڪر سان فڪر جا عادي هوندا آهن ۽ فڪر سان ذڪر جا، ايستائين جو گويا ٿي ويندا آهن ۽ حڪمت چوڻ لڳندا آهن. حضرت شيخ جنيد رحه فرمائي ٿو ته سڀ کان اعليٰ ۽ شرف واري مجلس هيءَ آهي، ته توحيد جي ميدان ۾ فڪر سان ويهي، معرفت جي هوا کائي ۽ جام محبت جي شراب جو، اتحاد جي درياءَ مان پيئي ۽ الله جل شانہٗ تي سهڻي ۽ چڱي خيال سان نظر ڪري. وري فرمايائين ته انهيءَ مجلس جي ڳالهه ڪرڻ ئي گهڻو چڱي، ته ان جي پيئڻ واري شيءِ جي لاءِ ڇا چئي سگهجي! نهايت لذيذ آهي ۽ خوش حال ۽ خوش نصيب اهو آهي، جنهن کي خدا تعاليٰ رڳي هيءَ ڳالهه ميسّر ڪئي هجي.

هاڻي فڪر ۽ عبرت جي نظر جي تعريف جو بيان ٿورو ٿي چڪو، پر اهو جيڪو شاهه صاحب رحمة الله عليہ به فرمايو آهي ته نظر ۽ ناز، جا اسان جي عبادت آهي، تنهنجي ڀلائي بيان ٿي. باقي اها نظر يعني فڪر ڇا ۾ ڪجي، ان جا نمونا ڪيترا آهن ۽ ڪيئن آهن؟ ان فڪر جو جدا جدا بيان ڪجي ته تمام گهڻو آهي. الله تعاليٰ جي ناز يعني وڏائي ۾ فڪر ڪرڻ ۽ سندس صفتن ۾ فڪر ڪرڻ ۽ پنهنجي نفس ۽ ان جي ڪنهن دنيوي ۽ آخروي ۾ فڪر ڪرڻ، ۽ طاعات ۽ معصيات ۽ هلاڪ ڪرڻ وارن ڪمن ۽ ڇوٽڪاري وارن ڪمن ۾ فڪر ڪرڻ ۽ پنهنجي سڀني عضون ۾ تفصيلوار ساري بدن ۾ مجمل فڪر ڪرڻ، ته مان ڪهڙي گناهه جو ڪهڙي عضي کان، ڪهڙي طرح گنهگار ٿيان ٿو؟ ان جو علاج ڪهڙو آهي، جو ان کان ڇٽان؟ جيڪي ان وقت ٿيندا هجن، ان کي ترڪ ڪري ۽ جي گذريل زماني ۾ ٿيا هجن، ان کان توبہ ڪري ۽ افسوس ڪري. مطلب ته اهو بيان جدا جدا ڪجي ته گهڻو آهي، جو هن ڪتاب ۾ آڻي نٿو سگهجي. تنهن کانسواءِ، هن فصل ٻئي جو، جو شراب محبت جي باب ۾ گذريو، شرح ڀٽائي صاحب سر يمن ڪلياڻ جي فصل چوٿين ۾ وڌيڪ کولي بيان ڪيو آهي، جو اُتي اُن وقت وڌيڪ بيان ڪيو ويندو.

الله تعاليٰ جي وڏائي بيان ڪرڻ ۽ سندس عجائبات ۽ صفتن ۾ فڪر ڪرڻ کان عقل حيران ۽ پريشان آهي. اهو فڪر جو الله وارا ڪن ٿا، اهو عبادت کان بهتر ۽ ڀلو آهي. انهيءَ ڪري شاهه صاحب رحمة الله عليہ به فرمايو ته ”اسان عبادت نظر ناز پرينءَ جا“. يعني اسان جي لاءِ ته سندس ناز، وڏائي، ذاتي توڙي صفاتيءَ ۾ نظر فڪر جي ڪرڻ ئي عبادت آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سندس وڏائيءَ جي ناز ۾ فڪر جي نظر سان مون کي سندس اهڙو ته عشق لڳوآهي، جو رات جو اڪيلائيءَ ۾ فڪر ڪرڻ سان درد سندس محبت جو پيدا ٿئي ٿي ته ڏينهن سڄو وري بيقراري اها، ته رات اچي ته اڪيلائيءَ ۾ سندس ناز جي نظر سان اورَ ڪجي. اي دوست! منهنجي هن حال کان ڪو واقف ڪونهي، جو مون کي اهڙي مرض ماريو آهي، جنهن جي دوا يا ڪو علاج ڪونهي، مگر منهنجي انهيءَ درد جو علاج وري به منهنجي انهيءَ سڄڻ حقيقيءَ جي هٿ ۾ آهي. جيئن ايندڙ وائيءَ ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ سرائڪي زبان ۾ ٿو فرمائي ته:

وائي

عِشٌقُ رَانٌجهَنُ دَا لَڳَا مَيٌنُونٌ مَاهِي،

رَاتِيَانٌ دَرٌدَ ڏِينٌهَانٌ دَرِمَانٌدِي لوڪَان خَبَر نه ڪَائِي،

مُون کي مَرِضِ مَاريو سَڄَڻَ هَٿِ سَگهَائِي،

دَارُونٌ هِنَ دَرٌدَ جو آهِينٌ تُونٌ اِلٰهِيٌ.

هن وائيءَ جي معنيٰ آهي ته ماهي اي دوست! مينون يعني مون کي عشق رانجهن يعني حقيقيءَ پرينءَ يعني الله تعاليٰ جو لڳو آهي ۽ ان سان عشق اهڙو لڳو آهي جو ان عشق ۾ رات جو درد يعني سوز ۽ ڏينهن جو درماندي يعني بيقراري ۾. پر لوڪان يعني ٻين کي منهنجي حال جي خبر ڪانه آهي. مون کي انهيءَ محبت جي مرض ماريو آهي. هاڻي ان محبت جي مرض کان شفاوار ٿيڻ سگهائي يعني چڱڀلائي، منهنجي سڄڻ يعني الله جي هٿ وس ۾ آهي. الٰهي يعني اي الله سائين! هن منهنجي عشق واري درد جو دارون يعني دوا علاج به تون آهين.

هن جو خلاصو مطلب آهي ته گذريل فصل ٻئي ۾ شراب محبت جو بيان هئو، جنهن جي بيان ۽ بيحد تعريف عاشق کي گويا عشق ۾ محو ڪيو آهي، ۽ انهيءَ الله سائينءَ جي وڏائي، ناز نظر، يعني سندس صفات ۾ فڪر ڪرڻ سان عاشق سوز گذار وارو ٿي ويو آهي، هن وائيءَ جي معنيٰ مان ظاهر آهي. عاشق خود چوي ٿو ته مون کي اي دوست! عشق رانجهن جو مون کي اهڙو لڳو آهي، جو راتيان ڏينهان درد ۽ بيقراري سندس عشق ۾ لڳي وئي آهي. ٻين ماڻهن کي، جن کي هن عشق جي خبر يا قدر ڪو نه آهي، تن کي ته منهنجي هن ماندگيءَ ۽ پريشانيءَ جي معلوميت نه آهي. هاڻي منهنجي هن محبت واري مرض جي دوا، علاج منهنجي انهيءَ حقيقي سڄڻ، يعني الله تعاليٰ جي وس آهي. تڏهن وري الله سائينءَ کي عاشق سڏي ٿو چوي ته اي الاهي! هن منهنجي درد جو دارون به تون آهين، هاڻي جو هن وائيءَ ۾ مرض ۽ دوا علاج وارو ۽ وري سِگهو چڱو ڀلو ٿيڻ، اهي سڀ لفظ ڇو چيا ويا آهن؟ انهن جو هي سبب آهي، جو هن ساڳئي سر ڪلياڻ جي ايندڙ فصل نمبر 3 ۾، محبت يا عشق کي بيماريءَ سان ۽ مرشد ۽ الله تعاليٰ کي طبيبن سان مثال ڏئي بيان ڪيو ويو آهي. شرعي حڪمن ۽ نصيحتن کي ڪيريءَ سان تشبيہ ڏئي بيان ڪيو اٿس. تڏهن هن گذريل فصل ٻئي جو محبت جي شراب ۽ محبت وارن جي تعريف ۾ هئو، اُن فصل ۽ ايندڙ فصل ٽئين، جنهن ۾ وري انهن محبت وارن جي عشق، جي بيماريءَ ۾ گويا بيمار آهن، انهن جي علاجن ۽ انهن جي علاج ڪندڙن، ته ڪهڙا انهيءَ علاج ۾ قابل آهن، ۽ انهن کان علاج ڪيئن ڪرائجي ۽ اهي ڪيئن ٿا علاج ڪن ۽ کين انهيءَ بيماريءَ جي ڪِري ڪهڙي ٿا ڏَسن، ۽ بيمار عشق جا ڪهڙيءَ حالت ۾ آهن ۽ اهي وري ڇا ٿا چون؟ انهن ٻنهي فصلن جي رابطي ڳنڍڻ ڪري هيءَ وچ ۾ وائي شاهه صاحب رحمة الله عليہ اهڙي عجيب فرمائي آهي، جو ٻنهي فصلن جو رابطو ڏاڍي سهڻي نموني ڳنڍجي ٿو وڃي. پر ان فصل ٽئين جي آڻڻ کان اول ۽ هن بيان ڪيل وائيءَ جي پويان، وچ ۾ هڪ ٻي وائي فرمائي اٿس، جنهن ۾ پڻ انهيءَ طرز تي بيان آهي، ته عاشق گذريل فصل جي بيان وانگر گويا شراب محبت جو پي، محبت جي بيماريءَ ۾ گرفتار ٿي، هاڻي پنهنجي انهيءَ معشوق حقيقيءَ، محبت جي مالڪ، جنهن کان عاشق کي اها محبت حاصل ٿي آهي، انهيءَ محبت جي مرض جو شافي به اهو معشوق آهي، ان کي انهيءَ ايندڙ وائيءَ نمبر 2 ۾ سڏي رهيو آهي ته ”اي منهنجا معشوق رانجهن سائين! مان تنهنجي ٻانهي آهيان ۽ تنهنجي پِناري لڳل آهيان، تو کانسواءِ ڪو ٻيو اهڙو ڪونهي، جنهن کي منهنجو شرم يا حياءُ ٿئي.“ پڙهي ڏسو فصل ٻئي جي وائي نمبر 2 ته ڪيئن انهيءَ پنهنجي معشوق رانجهن کي سڏي ٿو. هيءَ وائي به سرائڪي زبان ۾ آهي:

وائي

(1) رَانجهَا وو مَينٌ تَيڏَڙِيٌ آهِيَانٌ.

(2) او اي آنٌدِيٌ ٻَانِهيٌ، وو مَينٌ تيري وَاسِطي.

(3) ري وو مَينٌ پِيَّ وو، مَيٌنُونٌ نَالِ وِسَارِ نَهِينٌ.

(4) چِيٌٽَڪُ لَايَا وو مَيٌنُونٌ، ڪُوٌڪَ سُڻَايَان.

(5) ڪَيٌنُونٌ شَرَمُ اَسَانٌڏَا هوءِ تَيٌنُونٌ.

(6) نامي واسطي ري وو مين پِيَّ، وو مَيٌنُون نَالِ وِسَارِ نَهينٌ.

هن جي معنيٰ آهي، ”منهنجا رانجها معشوق! مين يعني مان تيڏڙي يعني تنهنجڙي آهيان.“ ٻي تڪ ۾ آهي ته ”او“ جو لفظ نِدا يعني سَڏَ جي نشاني آهي ۽ ”اي“ به سڏ آهي، پر اهو لفظ ويجهي سڏ جي ڪم ايندو آهي ۽ ”او“ پري سڏ واري معنيٰ رکندڙ آهي. او ۽ اي لفظ گڏ ٻئي سَڏَ جو مطلب رکندڙ تڏهن چيا ويا آهن، جو عاشق پنهنجي محبوب کي گويا پري کان سڏي، ويجهو روبرو وڃي چئي رهيو آهي ته اي منهنجا سائين! آنٌدي يعني اوهان جي مان ٻانهي آهيان. ”وو“  جو لفظ جيڪو افسوس، بيچيني ۽ بيقراريءَ جي معنيٰ رکندو آهي، سو هن تڪ ۾ آندو ويو آهي ته ”وو مين تيري“ يعني تنهنجي واسطي بيقرار ۽ ارمان ۾ آهيان، تنهنجي وصل لاءِ. تڪ ٽينءَ ۾ آهي ته ”ري وو مين پي وو مينون نال وسار نهين“، يعني ڙي منهنجا معشوق، مون کي بيقراري آهي. نال وسار نهين يعني پاڻ کان نه وسار، تڪ چوٿينءَ ۾ آهي ته چيٽڪ لايا مينون ڪوڪ سڻايان“. هن تڪ جي معنيٰ آهي ته مان هيءَ دانهون درد جي تو کي ٻڌايان، جو مون کي چيٽڪ يعني جادو محبت جو به تو لاتو آهي. تڪ پنجينءَ ۾ آهي ”ڪينون شرم اسانڏا هوءِ تينون“، يعني اي منهنجا معشوق موليٰ سائين! اسان جو شرم يعني حياءُ، لڄ، لحاظ تو کي پرتل هجي ۽ تو کان سواءِ ڪينون يعني ڪنهن کي اسان جي شرم جي ٻاجھ پوندي؟ تڪ ڇهينءَ ۾ ”نامي واسطي ري وو مين پي“ يعني او منهنجا معشوق ! پنهنجي نامي يعني نالي واسطي، قسم آهي تو کي پنهنجي نالي جوجو مون کي پاڻ کان متان وسارين!

هن جو خلاصو مطلب آهي ته هيءَ وائي مثل مناجات جي چيل آهي، جنهن ۾ عاشق پنهنجي معشوق حقيقي الله تعاليٰ کي، محبت سان سڏي رهيو آهي ۽ پاڻ کي گويا ضعيف عورت ڄاڻي، يعني عورت سان تمثيل ڏئي سرائڪي زبان ۾ ٻاجھاري نموني ۽ نيزاريءَ سان پنهنجو حال هيڻائيءَ جو به بيان ڪيو آهي، ۽ الله سائينءَ جي وڏائي ۽ توحيد جي تعريف به ڪئي آهي. ان ۾ پنهنجي خاص محبت به ڏيکاري آهي ۽ الله تعاليٰ کي رانجھن ۽ پاڻ کي عورت سان مثال ڏنو اٿس. چوي ٿو ته اي منهنجا مالڪ! مان تنهنجي آهيان، پر خاص تنهنجي واسطي ۽ نه ڪنهن لالچ لوڀ لاءِ، پر تنهنجي آهيان، خاص تنهنجي واسطي تي تو کي سڏيان ۽ ٻانهي به خاص تو الله سائينءَ جي آهيان، تنهنجي ئي واسطي. لفظ منهنجو اهو عرض آهي ته متان مون کي وساري ڇڏين. تو کان سواءِ منهنجو پِي، معشوق، ڀتار، مالڪ ڪو ڪونه آهي، جنهن کي پنهنجي درد اندر جي دانهن يا “ڪوڪ سڻايان“. تو کان سواءِ ڀلا ڪنهن کي اسان جي لڄ، حياءُ، شرم پوندو؟ ڪير دوا دارون هن درد جو ڪندو؟ صدقي مهابي پنهنجي نالي جي، جو تنهنجو نالو اللهُ الرَّحٌمٰنُ الرَّحِيٌمُ آهي، وو مينو نال وسار نهين، مان بيقرار آهيان، مون کي پاڻ کان وسار نه، ڇو ته تون پنهنجي مهربانيءَ سان اهو منهنجو انداز سوز ۽ سِڪ جو ڏک اُٿاريو آهي. ان جي علاج وارو به تون ئي آهين. ٻئي طبيب جي ته ڪا ڳالهه ئي ڪا نه ٿي وڻي، جيئن ايندڙ فصل ٽئين جي بيت نمبر 1 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ٿو:
 

فصل ٽيون

اُٿِياري اُٿِي وِيا مَنجهَانٌ مُونٌ آزَارَ،

حَبِيٌبَ ئِي هَڻِيٌ وِيَا پِيڙا جِي پَچَارَ،

طَبِيٌبَنِ تَنٌوَارَ، هَڏِ نه وَڻي هَاڻِ مُونٌ.

هن بيت جي معنيٰ آهي، ته مون منجھ يعني منهنجي اندر ۾، منهنجا حبيب يعني دوست محبت رکندڙ محبوب، عشق جو آزار يعني ڏک، سور ۽ سوز عشق جو اُٿاري يعني پيدا ڪري، جاڳائي پوءِ اٿي ويا، يعني مون وٽان جدائي ڪري هليا ويا، ”حبيب ئي هڻي ويا پيڙا جي پچار“ – يعني انهيءَ جدائيءَ، فراق جي درد جي پچر يعني تات، تنوار،طلب يا سڄو ڏينهن رات اها وائي وات ڏئي هليا ويا، هاڻي هن ظاهر جي طبيبن جي تنوار يعني انهن جي ڳالهه ٻولهه مون کي هڏ نه وڻي يعني پسند نٿي اچي.

هن جو خلاصو مطلب آهي ته منهنجو محبوب، حقيقي الله سائين، مون کي پنهنجي محبت ۽ عشق جو سوز درد جاڳايو آهي ۽ انهيءَ پنهنجي محبت جي درد جي تات طلب ڏئي ڇڏي اٿس. هاڻي مون کي انهيءَ عشق واري بيماريءَ جي علاج ۽ لاهڻ واسطي هنن مجازي طبيبن جي ڳالهه ته اصل نٿي وڻي، ڇاڪاڻ ته مون کي اهو درد سور عشق جو چڱو آهي ۽ مون کي وڻي ٿو. هتي سوال آهي ته شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته طبيبن جي ڳالهه مون کي اصل نٿي وڻي، سو ڇو؟ ان جو جواب آهي ته توڙي مجازي بيماري هجي، کڻي هڪ ڏينهن جو تپ اچي، تڏهن به سال جي گناهن جو ڪفارو بڻجي ٿو. الله وارا ائين ڪو نه گهُرندا آهن ته دنيا ۾ ڏک سور اسان تي نه اچن، ڇاڪاڻ ته اهي گناهن جو ڪفارو بڻجن ٿا ۽ اهي حڪمت کان خالي نه آهن. انهن ۾ اسان جي ڀلائي ۽ بهتري آهي. تڏهن هن عشق محبت موليٰ سائينءَ جي درد سور ۾ شاهه صاحب ڪيئن نه فرمائي ته طبيبن جي ڳالهه ته مون کي اصل نٿي وڻي، ڇو ته مون کي منهنجي محبوب اهو عشق جو آزار منهنجي چڱائيءَ لاءِ اٿاريو، اُڀاريو ۽ جاڳايو آهي.

مثال طرح نقل ٿو ڪجي ته جڏهن اصحابن سڳورن مان ڪي بيمار ٿيا ۽ سببان ضعيفائيءَ جي، عبادت ڪرڻ کان عاجز ٿيا، تڏهن آيت نازل ٿي، جا سورة حٰمٓ سجده ع 1 ۾ آهي ته:

اِنَّ الَّذِيٌنَ آمِنُوٌا وَ عَمِلُو الصَّالِحَاتِ لَهُمٌ اَجٌرُٗ غَيٌرُ مَمٌنُوٌنِ. 

ترجمو: تحقيق جن ايمان آندو ۽ عمل ڪيائون صالح، انهن لاءِ ثواب آهي نه حساب ڪيل.

”تفسير معالم التنزيل“ ۾ آهي ته: هيءَ آيت منجھ شان بيمارن ۽ عاجزن ۽ ضعيفن جي نازل ٿي آهي، جي سببان ضعيفائي ۽ بيماريءَ جي، عبادت کان باز رهن ٿا. الله تعاليٰ انهن کي اهو ئي ثواب ٿو بخشي جو منجھ حال قوت ۽ صحت ان جو هئو. هن آيت شريف مان ظاهر آهي ته جنهن جا عمل صالح آهن ۽ ايمان وارو آهي، ان کي بيماريءَ جي حالت ۾ اڻ ڳڻئي حساب کان سواءِ ثواب آهي. تڏهن هن عشق الاهي ۾ بيمار ٿيل جو اندازو ثواب جو، ته لڳائي ۽ چئي نٿو سگهجي ۽ انهيءَ آزار حبيب جي ڏنل جو، ثواب ۽ قدر به اهو حبيب ۽ هادي ٿو ڄاڻي، جنهن سالڪ کي پنهنجي محبت ۽ هدايت جي واٽ ڏيکاري آهي ۽ انهيءَ جي آزار جي علاج وارو به اهو آهي، تنهن ڪري ويڄن يعني طبيبن جو تعلق يا لاڳاپو اجايو آهي ۽ اصل نٿو وڻي، جيئن ايندڙ بيت نمبر 2 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ٿو:

بيت

هَڏِ نه وَڻِي هَاڻِ مُونٌ وَيٌڄَنِ جو وِصَالُ،

هِن مُنٌهِنجِي حَالَ حَبِيٌبُ ئِيٌ هَادِيٌ ٿِيو.

هن جي معنيٰ آهي ته هڏ، يعني هڏهين، اصلي هاڻي، مون کي ويڄن يعني طبيبن جو وصال يعني ڳانڍاپو يا لاڳاپو نٿو وڻي. هن منهنجي حال جي حقيقت کي اهو منهنجو حبيب دوست، جنهن مون کي هدايت جي واٽ ڏيکاري آهي، ڄاڻي به اهو هادي ٿو.

هن جو خلاصو مطلب آهي، ته هن منهنجي عشق جي بيماريءَ جو حال به منهنجو محبوب حقيقي ٿو ڄاڻي، جنهن مون کي اها هدايت جي سنئين واٽ ڏيکاري آهي، هاڻي مون کي ٻين طبيبن يا حڪيمن جو ڪو تعلق نٿو وڻي. ڇو نٿو وڻي؟ جو راهه ڏيکاريندڙ هدايت جي به اهو منهنجو محبوب آهي ۽ راحت بخشيندڙ ۽ سور کي لاهيندڙ به اهو منهنجو حقيقي حبيب آهي. جيئن ايندڙ بيت نمبر 3 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

بيت

حَبِيٌبُ ئِي هَادِي ٿِيو رَهَنُمَا رَاحَتَ،

پِيڙَا نِيَائِينٌ پَاڻَ سِينٌ لائي ڏيئيٌ لَتَ،

سُپيريِان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنٌجهَانٌ ڏُکنٌدي.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته حبيب يعني منهنجو معشوق، دوست، حقيقي هادي، هدايت ڪندڙ واٽ سنئين ڏيکاريندڙ، مون کي ٿيو راحت يعني فرحت، سک آسائش واري ۽ جيڪا مون کي پيڙا يعني سور درد هئو، سو لت ڏئي لاهي پاڻ سان وٺيو ويو. انهيءَ ڏکن منجهان سک، بيماريءَ جي ڏک مان صحت چڱڀلائي مون کي منهنجي پرينءَ ڏني.

هن جو خلاصو مطلب آهي ته جيڪا مون کي پيڙ يعني آزار ۽ ڏک پنهنجن گناهن جا هئا، انهن پنهنجين خطائن جي ڪري پنهنجي حبيب حقيقيءَ کان جدائي جو ڏک هئم، سو مون کان وري به منهنجي انهيءَ حبيب- الله سائينءَ لاٿم. سو ڪيئن لاٿائين، جو ان جو نالو هادي آهي ۽ هو هدايت جي واٽ ڏيکاريندڙ آهي. انهيءَ ڪري مون کي اها واٽ هدايت واري ڏيکاريائين. جا راحت يعني خوشيءَ، سک ۽ آسائش واري اصلي آهي. يعني بهشت واري واٽ ۽ اتي الله سائين جي ديدار نصيب ٿيڻ جي واٽ آهي. اها واٽ هدايت واري به منهنجي حقيقي حبيب ڏني ۽ گناهن جي گمراهه واٽ کان، جي ڏک ۽ آزار هئا، انهن مان صحت وارو يعني شفاياب به منهنجي انهيءَ پرينءَ مون کي ڪيو.

هاڻي هن بيت ۾ جو شاهه صاحب رحمة الله عليہ مثال طرح فرمايو آهي ته ”لت ڏئي لائي، سور ڪڍي پاڻ سان نيائين“ اهو مثال آهي ته جنهن شيءِ جو جيڪو ٽڪرو جدا ڪرڻو هوندو آهي، ان جاءِ تي جتان هو ڇني ڌار ڪجي، پورو ان سنڌي تي لت ڏئي ڇني ڌار ڪبو، ته باقي جدا ڪيل شيءِ جو جزو، ان اصل شيءِ سان ڳنڍيل نه رهندو ۽ نه گهرج کان وڌيڪ ئي ڇڄي ايندو. هيءُ هڪڙو عجيب مثال چيو ويو آهي. انهيءَ مثال وانگر شاهه صاحب ٿو فرمائي ته جڏهن مون کي منهنجي حبيب هدايت جي واٽ ڏيکاري، تڏهن گمراهي جي واٽ، جا منهنجي بدن سان لڳل هئي ۽ جنهن جي پيڙا يعني آزار هئو، سا ڄڻ هدايت جي لت ڏئي، گمراهيءَ جي پيڙا جدا ڪري ڇڏيائين. ان جو باقي جزو پوئتي مون وٽ نه رهيو ۽ مون کي ان آزار کان صحت ڏنائين. پر پهريائين ته ڏک هئا، جن مان اها راحت واري واٽ مون کي ڏيکاريائين. ان جو مطلب آهي ته اول الله سائينءَ پنهنجي عاشقن کي ڏک، آزمائش جون تڪليفون ڏئي آزمائيندو آهي. جنهن سان سندس محبت گهڻي آهي، اوترو ان کي گهڻا ڏک ڏئي آزمائيندو آهي. پوءِ جنهن کي پاڻ ڏک ڏئي، تنهن جو ڪو ٻيو اهڙو طبيب علاج وارو به ڪونه آهي، جو ان کي تِرَ جيترو به تفاوت يا فائدو انهيءَ ڏک ۾ آڻي سگهي. جيئن ايندڙ بيت نمبر 4 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته:

بيت

اَ وٌرُ ڏُکَنٌدو اُوٌ ٿِئي هَادِيٌ جَنٌهنٌ حَبِيٌبُ

تِرُ تَفَاوَتُ نه ڪَري تَنٌهِنٌ کي ڪو طَبِيٌبُ

رَهَنُما رَقِيٌبُ، ساَٿَرِ آهي سُپرِينٌ.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته اور ڏکندو يعني ٻيڻو ڏکويل اهو ٿئي جنهن جو هادي الله تعاليٰ سائين حبيب يعني معشوق آهي. انهيءَ ڏک ۾ ڪو طبيب ٻيو انهيءَ هاديءَ حبيب کان سواءِ هڪ تر جي اندازي برابر به تفاوت يعني فرق يا سنڌو فائدو نٿو ڪري سگهي. رهنما يعني واٽ ڏيکاريندڙ رقيب يعني نگهبان الله سائين ساٿر مثل آهي منهنجو سو پرين.

هن جو خلاصو مطلب آهي ته الله تعاليٰ پنهنجي پيارن کي ٻيڻيون ۽ ڏاڍيون تڪليفون آزمائش جون ڏيندو آهي، جن تڪليفن جي لاهڻ يا ڏکن جي علاج ڪرڻ وارو انهيءَ الله تعاليٰ حقيقي حڪيم کان سواءِ ٻيو ڪو طبيب ڪو نه آهي. جيئن مثال طرح حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن ٻين نبين کان وڌيڪ پيارا هئا ۽ سختيون جهاد ۽ دشمنن جون به کين وڌيڪ هيون. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ”اورُ ڏکندو  اُو ٿئي هادي جنهن حبيب“ - هادي دوست حبيب به نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جو هئو ۽ ڏکويل اورُ به انهيءَ کي ڪيائين. ٻڌ ڏکن جون ڳالهيون؛ جڏهن جنگ ۾ جناب حضور نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن ڦٽيل، ٽن زخمن سان، جي مٿي ۾ هئس ۽ ڪُٺلن ماڻهن جي وچ ۾ پيا هئا ۽ ابليس پڙهو ڏنو ته نبي ڪُٺو ويو، تڏهن جيڪي ضعيف اسلام جا هئا، تن منجھان ڪن ابو سفيان کان امن گهريو، ڪن ڀڄڻ جو ارادو ڪيو. تڏهن الله تعاليٰ هي آيت نازل فرمائي، سورة آل عمران ع 14:

وَلاَ تَنٌهُوٌا وَ لاَ تَحٌزَنُوٌا وَ آَنٌتُمُ الٌاَعٌدَوٌنَ اِنٌ ڪُنٌتُمٌ مُّؤٌمِنِيٌنَ اِنٌ يَّمٌسَسٌڪُمٌ قُوٌحُٗ فَقَدٌ مَسَّ الٌقَوٌمَ قُوٗحُٗ مِّثٌلَہٗ وَتِلٌڪَ الٌاَيَامُ نَدَاوِلُهَا بَيٌنَ النَّاسِ 

ترجمو: مَ سُست ٿيو ۽ مَ غم ڪريو اوهين غالب آهيو، جيڪڏهن اوهين وِسَهو، جي رَسِي اوهان کي سختي جنگ احد ۾ ۽ پوءِ رَسِي ڪافرن کي سختي بدر ۾ - اي ڏينهن وارو آهي منجھ ماڻهن ته سڃاڻي خدا مؤمنن کي.

هن آيت شريف مان پڻ صاف ثابت آهي ته الله سائين جن جو دوست آهي، تن کي سختيون ۽ ٻيڻو ڏکندو ڪري سڃاڻندو آهي ته ڪهڙا سچي ايمان وارا منهنجا دوست آهن، پر ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته اها فقط پرکا آهي، جيئن هن آيت شريف ۾ هئو. انهيءَ پرکا واري ڏک کي وري، ان کان سواءِ ٻيو ڪو طبيب تِر يعني ٿورڙي ذرڙي جيترو به فائدو ڪري نٿو سگهي. اهو ڏک پرينءَ جو ڏنل مثل ساٿر جي آهي. ساٿر آهي سپرين، ساٿر هڪڙو وکر آهي، جنهن جا پن کَرَ ڏُسي جي پنن جهڙا ٿيندا آهن. ذائقي ۾ تيز ٿيندي آهي، ڏکن وانگي. پر وائي، بادي ۽ غليظ خلطن ۽ بلغم گهاٽي کي تحليل ڪندي آهي. جيئن ڏک به ڪؤڙا ته آهن، پر وڃائيندا آهن گناهن کي - ۽ ساٿر سندَنِ جگر جي ۽ ٻرهل جي ۽ صفا ڪندي آهي غلطن گهاٽن ۽ رطوبت گهاٽيءَ کي، معده ۽ جگر ۽ ڦڦڙن مان دفع ڪندي آهي، تيئن ساٿر وانگي منهنجو پهرين به ڏک سان ٻيون سڀ اندر جون غلاظتون گناهن جون دور ڪري ۽ وڃائي ٿو، ۽ جيئن ساٿر اشتها کي وڌائيندي آهي، تيئن پرين منهنجو به محبت جي اشتها کي وڌائيندو آهي. جهڙيءَ طرح ساٿر اوڳراين کٽين ۽ بدهاضمي کي دفع ڪندي آهي ۽ سور پيٽ جي ۽ قولنج ۽ جيڪي بخار معدي کان دماغ ڏانهن چڙهن ٿا، تن کي روڪي ٿي. اهڙيءَ طرح منهنجو سو پرين پيٽ جي خواهه ٻين عضون کي لذتن دنيوي ۽ شهواتن کان روڪيندو آهي. دماغ جي بڇڙن بخارن، جي بڇڙا خيال آهن ۽ غير الله جي خيالن کي لاهيندو آهي، جيئن ساٿر جي چٻاڙڻ سان ڏندن جو سورو دفع ٿيندو آهي ۽ مهارن جي مضبوطيءَ لاءِ مفيد آهي، تيئن منهنجي پرينءَ جو نالو وات ۾ يعني پرينءَ جو ذڪر وات ۽ زبان لاءِ اڪسير آهي ۽ مضبوط ڪندو آهي. سڀني رئيس عضون، دل ۽ دماغ کي لذت وارو ڪندو آهي، قلب کي. ساٿر جي خاص هيءَ به خاصيت آهي، جو ان ۾ ڪافور وجهي رکبو ته اهو ڳرڻ کان سلامت رهندو. انهيءَ وانگر منهنجو پرين ساٿر وانگي مون کي ڏکن ۾ ڳاريندو ڪو نه، پر سلامت رکندو ۽ اهي ڏک فقط آزمائش آهن، جيئن ساٿر اُماس، يعني سوڄن کي لاهيندي آهي. تيئن اهي ڏک پرينءَ جا ڏنل به گناهن کي لاهن ٿا ۽ ڪفارو بڻجن ٿا ۽ منهنجو سو پرين رهنما واٽ ڏيکاريندڙ ۽ ان سان گڏ رقيب به يعني نگهبان به آهي. ”رهنما رقيب ساٿر آهي سپرين“ – جيئن ساٿر ۾ بيمار لاءِ سڀ فائدا آهن ۽ نقصان ڪو نه آهي، تنهن منهنجي انهيءَ پرينءَ ۾ ان جي محبت ۾ سڀ فائدا آهن ۽ نقصان اصل ڪو نه آهي.

 رهنما رقيب جي هيءَ به معنيٰ آهي ته رهنما، يعني واٽ ڏيکاريندڙ هدايت جي، ۽ رقيب يعني نگهبان، نگاهه ۾ رکندڙ آهي پنهنجن پيارن کي گناهن کان، ۽ آخرت جي ڏکن کان. جيئن مجازي رقيب چئبو آهي، جو هڪ معشوق تي ٻه عاشق هڪٻئي جي مخالف هجن. پوءِ رقيب اتي نگهباني ڪندو آهي معشوق جي، ۽ عاشق کي رنڊڪ ۽ روڪ ڪندو آهي. اها روڪ حقيقت ڪري ان عاشق لاءِ فائدي واري آهي، ڇو ته ظاهر ۾ ان لاءِ ڏک آهي، پر آخرت ۾ نفع واري آهي. دنيا ۾ به ظاهري طرح نقصان واري، پر درحقيقت نفعي واري آهي، تيئن حقيقي رقيب، الله تعاليٰ به عاشقن کي جيڪي ڏک ۽ تڪليفون ڏئي ٿو، سا لذتن ۽ دنيا جي شهواتن ۽ گناهن کان نگهباني ٿو ڪري ۽ روڪي ٿو، جنهن ۾ عاشقن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ نفعو آهي. جيئن مجازي رقيب جي معشوق کان روڪ عاشق جو عشق وڌائيندي آهي، تيئن انهيءَ رهنما رقيب جي روڪ، جا زهد، تقويٰ، صبر، شڪر، خوف، رجا ۽ عبادت جي تڪليفن سان ڀريل آهي، سا عاشق کي عشق ۾ وڌايئندي آهي ۽ جيئن  مجازي رقيب جي روڪ کان پوءِ عاشق پنهنجي معشوق جي ملڻ لاءِ ڳٿا، وسيلا ۽ وجهه ڳوليندو ۽ جاچيندو آهي، تيئن انهيءَ حقيقي رقيب جي مٿي بيان ڪيل روڪ کان پوءِ عاشق وسيلا ڳوليندو، ته ڪيئن پنهنجي محبوب موليٰ سائينءَ سان ملان. تڏهن دلاسي طرح شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته اهو رقيب هن مجازي رقيب جهڙو رڳو روڪيندڙ نه آهي، پر هو رقيب به آهي ۽ رهنما به آهي، ۽ ساٿر مثل به آهي، يعني روڪيندڙ يا نگهباني ڪندڙ عاشق جي غير کان، ۽ رهنما واٽ ڏيکاريندڙ هدايت جي پاڻ ڏانهن. ساٿر مثل محافظت ڪندڙ عاشقن جي نقصان کان ائين جيئن ساٿر محافظ آهي ڪافور جي، ان جي ڳَري نقصان ٿيڻ کان.

تڏهن الله تعاليٰ جي تعريف ۾، جو اسان جو حقيقي پرين آهي، شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ٿو ته ”رهنما رقيب ساٿر آهي سپرين.“ هاڻي انهيءَ بيت جو گهڻو بيان آهي، جو انهيءَ جو وڌيڪ شرح ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پاڻ ايندڙ بيت ۾، ۽ ان جو وري ٻين نمبروار ايندڙ بيتن ۾ ڪيو آهي، ته ڪيئن ساٿر ۾ صحت آهي ۽ اهو آزار نه آهي ۽ مجلس مهل مِٺو پر سَڏُ ان جو ڏکيو، ڏسو ايندڙ بيت نمبر 5 ۾:

بيت

سَاٿَرِ صحتَ سُپرِينٌ آهي نه آزارُ

مَجٌلَسَ ويرَ مِٺو ٿئي ڪوٺِينٌدِي قَهَارُ

خنجرُ تَنٌهِن خُوبُ هَڻي جنٌهنٌ سِينٌ ٿئي يَارُ

صَاحِبُ ربُّ سَتارُ سوجهي رَڳُونٌ سَاههَ جون

هن جي معنيٰ آهي ته منهنجو سو پرين ساٿر وانگر رڳو صحت آهي، يعني رڳو نفعي ڏيڻ وارو آهي ۽ نه ڏک ڏيڻ وارو آهي ۽ نه ڏک آهي. باقي ان جي هيءَ طرح ۽ طرز آهي ته مجلس مهل مِٺو ۽ ڪوٺيندي يعني سڏيندي قهار، يعني جبر وارو، زبردست ۽ غالب آهي. جنهن سان سندس دوستي آهي، انهيءَ کي خنجر چڱو هڻندو آهي. اهو اهڙو ته منهنجو صاحب، مالڪ، پاليندڙ ۽ عيب ڍڪيندڙ آهي. جو ڪا ان کان منهنجي ساهه جي رڳ ڳجهي ڪانه آهي ۽ اهڙيون سنهڙيون خبرون رکندڙ ۽ جاچيندڙ آهي. جو ساهه جون رڳون به سوجهيندو يعني جاچيندو آهي، ته هن کي اندر ۾ ڇا آهي. يعني اندر جي ارادن کي به ڄاڻندڙ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org