وائي
ٿيندا تَنَ طبيبَ، داروُن مُنٌهنجِي درد جو،
ٻُڪي ڏيندَمِ، ٻاجههَ جي، اچي شَالَ عَجيبَ
پرين اَچي پَاڻَ ڪَيو، سَنٌدو غورُ غَريبَ
ڏُکندو سڀوئي ڏُور ڪَيو، مَنجهوُن تَنَ طبيبَ
اديون عبداللطيف چئي، هاتِڪَ هِن حَبيبَ
نوٽ: هيءَ وائي منجهان مقام يقين، رجا ۽ توڪّل مان
چئي وئي آهي، ۽ توحيد جي تعريف ۽ مناجات آهي.
هاڻي ڏسو ته تڪ پهرينءَ ۾ چيو ويو آهي ته ”ٿيندا
تن طبيب، دارون منهنجي درد جو“ هن جي معنى مان
ظاهر آهي ته منهنجي تَن، يعني اندر جي درد جو دوا
دارون، پاڻيهي اچي طبيب ٿيندو. هن تڪ ۾ ايئن ڪونه
چيو ويو آهي ته ڪو طبيب اچي دوا ڪندو. پر تڪ ۾ آهي
ته منهنجي درد جو دارون، دوا، پاڻ خود طبيب اچي
ٿيندو. ”ٿيندو“ جو لفظ پاڻ اميد ۽ يقين ڏيکاري ٿو
ته پڪ خاطري آهي ۽ ڪو شبهه شڪ اصل نه آهي؛ ۽ اميد
به اها آهي ته پرين پاڻ طبيب هن منهنجي مرض جو
ٿيندو ۽ توڪل آهي ته ٻئي ڪنهن کان علاج نه ڪرائبو.
منهنجي توّڪل به انهيءَ عجيب پرينءَ تي آهي، جو
پاڻيهي ٻاجهه ڪري ڦڪي هدايت جي ڏيندو، جنهن سان
گناهن جا مرض ۽ درد سڀ دفع ٿي ويندا. جيئن ٻيءَ تڪ
۾ آهي؛ ٻُڪي ڏيندا ٻاجهه جي اچي شال عجيب“ يعني
اها مونکي پڪ ۽ اميد ۽ توڪل آهي ته ٻُڪي يعني ڦَڪي
ٻاجهه يعني حياءُ، ترس، مهربانيءَ جي مونکي ڏيندا؛
پر پاڻ اها ٻاجهه جي ڦڪي ازخود اچي عجيب ڏيندا،
هاڻي هنن لفظن يقين ۽ توڪل کي ائين نٿو سمجهائي
سگهجي ته ڪيئن پاڻهي ازخود عجيب منهنجي هن درد،
گناهن جو علاج ٿيندا ۽ ٻاجهه جي ڦڪي به ازخود اچي
ڏيندا. تنهنڪري مثال ڏئي ٿو سمجهائي.
سالڪ کي پنهنجي حقيقي پرينءَ تي اهڙو يقين ۽ توڪل
رکڻ گهرجي، جيئن ننڍڙي ٻار کي پنهنجي ماءُ تي
هوندو آهي. اهو سواءِ ماءُ جي ٻئي ڪنهن کي نه
ڄاڻندو آهي؛ ۽ سواءِ انهيءَ جي ٻئي ڪنهن کي دانهن
يا فرياد نه ڪندو آهي، فقط ان تي ئي اعتماد ڪندو
آهي. جيڪڏهن ان کي ڏسندو آهي ته ان جي دامن کي
چنبڙي پوندو آهي ۽ ڇڏيندو نه آهي. ان جي پوئتان
جيڪڏهن ڪا ڳالهه ڏک جهڙي ايندي آهي، ته اول ماءُ
کي سڏيندو آهي. پوءِ جيتوڻيڪ ان جي ماءُ ان جي
دانهن ٻڌڻ کان پري هجي تڏهن به هن جي دل ۾ اول
انهيءَ جو ڌيان ايندو آهي. ڇوته ان جو مڪان ماءُ
تائين ئي آهي. ان کي ماءُ شفقت جو ڪفيل ۽ ڪافي هجڻ
جو اهڙو ته يقين آهي ۽ ان جي ان ۾ اهڙي ته اميد
آهي، جو جيتريون به ٻيون چيزون ان کي سمجهه ۾
ايندڙ آهن، انهن سڀني کان ماءُ کي وڌيڪ سمجهي سگهي
ٿو. اهو امر هن جو طبعي آهي ۽ جيڪڏهن ان ٻار کان
اهڙي پڪي يقين ۽ توڪل جو مطلب پڇيو وڃي، ته ان جو
تفصيل بيان ڪري نه سگهندو؛ نه ان جو تفصيل پنهنجي
ذهن ۾ حاضر ڪري سگهندو.
اهڙيءَ طرح، جو شخص دل سان خدا تعالى جي طرف
متوجهه ٿيندو ۽ نظر ۽ قوي اعتماد انهيءَ حقيقي
حبيب، عجيب، طبيب تي رکندو هوندو، ته اهو به خدا
تعالى تي اهڙو عاشق هوندو، جهڙو ڇوڪرو پنهنجي ماءُ
تي هوندو آهي. اهو ئي حقي، سچي پچي الله تعالى تي
متوڪّل هوندو، ڇوته ڇوڪرو به پنهنجي ماءُ تي متوڪل
هوندو آهي. فرق ان ٻنهي درجي وارن ۾ هيءُ آهي، جو
انهيءَ درجي وارو اهڙو متوڪّل آهي، جو پنهنجي
توڪّل ۾ پاڻ توڪّل کان به بيخبر آهي. يعني ان جي
دل توڪّل ۽ ان جي حقيقت جي طرف توجهه ڪندڙ نه آهي؛
بلڪ رڳو جنهن تي ان جي توڪل آهي، انهيءَ جي طرف
توجهه ۽ رُغبت رکندڙ آهي؛ ان جي دل ۾ ان کان
سواءِ، ٻي ڪا گنجائش نه آهي. پهرئين درجي وارو به
تڪلف ۽ ڪسب کان متوڪل آهي، انهيءَ ڪري پنهنجي توڪل
کان بيخبر نه آهي. يعني ان کي توڪل جي طرف التفات
۽ رغبت آهي ۽ ان کي سمجهي ٿو. هي امر ان ڳالهه جو
مانع آهي ته صرف خدا تعالى تي نظر هجي.
انهيءَ درجي اول جي طرف اشارو حضرت سهل تستري رحه
جي قول ۾ آهي، ته جڏهن ان ڪنهن کان پڇيو ته ادنى
درجو توڪل جو ڪهڙو آهي؟ پاڻ فرمايائون ته آرزوئن،
يعني خواهشن ۽ التجا کي ترڪ ڪرڻ، سائل پڇيو ته
وچون درجو ڇا آهي؟ پاڻ فرمايائين ته اختيار کي ترڪ
ڪرڻ، هي اشارو ٻئي درجي جي طرف آهي. وري سائل اعلى
درجي جو پڇيو ته پاڻ سڳوري ان جو ڪجهه بيان نه
ڪيو. فرمايائين ته ان کي اهو ڄاڻندو آهي، جو وچين
درجي تي پهچي وڃي ٿو. ٽيون درجو، جو سڀ کان اعلى
آهي، اهو هيءُ آهي ته متوڪّل پنهنجي حرڪات ۽
سُڪنات يعني چرڻ پرڻ، توڙي ماٺ، صبر ۾ اهڙو خدا
تعالى جي آڏو هجي، جهڙو مردو وهنجارڻ واري جي
سامهون هوندو آهي. جو پنهنجي نفس کي ان حبيب،
حقيقي طبيب، عجيب جي آڏو مردو سمجهي، جنهن کي قدرت
ازلي حرڪت ڏيندي هجي. جهڙيءَ طرح وهنجارڻ وارو هٿ
مردي کي حرڪت ڏيندو آهي. پوءِ اهو شخص اهڙو هوندو
آهي، جنهن جو يقين انهيءَ ڳالهه تي قوي هجي ته
حرڪت جي ڏيڻ وارو ۽ قدرت ۽ ارادي ۽ علم، مطلب ته
سڀني صفاتن جي جاري ڪرڻ وارو اهو ئي آهي.
اهي سڀ شيون جبراً پيدا ٿي وڃن ٿيون. پوءِ اهڙو
شخص عين انتظار ۾ رهندو ته مون تي الائي ڇا ايندو؟
خبر ناهي ڇا ٿيندو ۽ ڇوڪري کان سبب ۾ جدا ٿيندو؟
ڇوته اهو پنهنجي ماءُ کي دانهن مهل سڏيندو آهي، ۽
دامن ۾ چنبڙي پوندو آهي ۽ ان جي پويان ڊوڙندو
آهي. هي اهڙي ڇوڪري جي طرح آهي، جو ڄاڻندڙ ۽
سمجهدار هجي، جو هيءُ سمجهي ته جيڪڏهن پاڻ ماءُ کي
نه سڏيندو ته ماءُ ئي ان کي ڳولي وٺندي. جيڪڏهن ان
جي دامن کي نه چنبڙندو ته اها پاڻيهي ان کي کڻي
وٺندي؛ ۽ جي ان کان کير نه گهرندو ته هوءَ پاڻيهي
پياريندي. شاهه صاحب رحمة الله عليہ جو به هي مقام
توڪل جو اعلى درجي جو آهي، جو متوڪل خدا تعالى جي
ڪرم ۽ عنايت تي اعتماد ۽ يقين ڪري، دعا ۽ سوال ترڪ
ڪري ڇڏي. انهيءَ اميد تي، ته اهو عجيب سواءِ سوال
جي، مون کي پنهنجي ٻاجهه جي افضل ڦَڪي عنايت ڪندو
ائين؛ جيئن سوال ۽ دعا کان اول ئي گهڻيون بيعدد
نعمتون ڏنيون اٿس. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ فرمائي ته هاڻي به ”پاڻيهي تن جا طبيب ٿيندا
۽ اميد آهي ته ٻُڪي ٻاجهه جي به پاڻيهي ڏيندا اچي
عجيب“ عجيب چئجي ان کي، جنهن ۾ عجب جهڙيون ۽ عجب ۾
وجهندڙ صفتون هجن؛ ۽ هو اهڙين صفتن جو مالڪ هجي،
جو جنهن کي وڻيس، تنهن کي پاڻهي ازخود ورهائي ڏئي؛
جو ٻين سڀني ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙ کي عجب ۾ وجهي. تڏهن
ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ته عجيب، ٻڪي آهي
ٻاجهه جي، شال يعني اميد آهي ته عجيب اچي پاڻ
ڏيندو ۽ تن جو يعني اندر جو مرض جو ناپاڪي نفس جي،
خراب خيال ۽ بد ارادا آهن، شهوات، حرص دنيا ۽ جاه،
رياءُ، ڪبرُ ۽ شرڪ وغيره.
انهن تَنَ جي سڀني مرضن جي ٻُڪي آهي ٻاجهه عجيب
جي، سا شال اچي ڏيندو. ان کان سواءِ ڪو وسيلو واهه
ڪانه آهي؛ وري ان منهنجي محبوب مولى سائين جي
ٻاجهه کان سواءِ، ٻي ڪا ڦَڪي نه آهي. جا اندر جو
آزار لاهي. انهيءَ ڪري منهنجي التجا آهي ته
”پرينءَ اچي پاڻ ڪيو سندو غور غريب“ . هن غريب،
نيڪ عملن جي مفلس، پرديسي، عاجزَ، بيزبان جو غور-
ويچار، پرداخت به منهنجا پرين پاڻ اچي ڪندا، ڇوته
اهو اندر جو آزار مجازي، ظاهر جي ٻين طبيبن جي
لاهڻ جو نه آهي؛ نه وري ٻين مجازي طبيبن ۾ منهنجي
اميد آهي. حديث شريف ۾ آهي، ته جيڪو پاڻ جهڙن
ٻانهن کان عزّت جي طلب ٿو ڪري، ان کي خدا تعالى
ذليل ٿو ڪري. توريت ۾ آهي، ته جيڪو پاڻ جهڙي انسان
تي نفعي نقصان جو ڀروسو ٿو ڪري، اهو ملعون آهي.
پير محبوب سبحاني شيخ عبدالقادر جيلاني رحه،
پنهنجي ڪتاب ”فتوح الغيب“ ۾ لکيو آهي، ته جيڪو شخص
غير الله جي ڪنهن به چيز تي ڀروسو ٿو ڪري اهو مشرڪ
آهي. توڪل الا الله تڏهن چئبي، جڏهن مؤمنن جي دل
۾، ڪشف کان يا پڪي ۽ سچي اعتقاد سان هيءَ ڳالهه
ڄمي وڃي ته فاعل سواءِ خدا تعالى جي ڪوئي نه آهي؛
۽ هيءُ به يقين ڪري ته خدا وند ڪريم بندن جو حال
چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي، ۽ ان جي ڪافي هجڻ لاءِ قدرت
ڪامل رکندڙ آهي؛ ان جي رحمت ڪامل ۽ عنايت شامل
سڀني ٻانهن، هر هڪ تي واصل آهي. نه ان جي قدرت کان
پوءِ ڪائي طاقت آهي، نه ان جي علم کان سواءِ ڪوئي
علم آهي، نه ان جي عنايت ۽ رحمت کان سواءِ، جي مون
تي آهن، ڪائي رحمت، عنايت به آهي.
پوءِ ان صورت ۾ بيشڪ ان جي دل صرف خدا تعالى تي
توڪل ڪندي، ۽ ٻئي جي طرف رغبت نه ڪندي. پر جيڪو به
ڪو ڪنهن به حرڪت يا طاقت جو بيان ڪندو، تڏهن به هن
سالڪ کي پنهنجي نفس جي طاقت ۽ قدرت جو به ذري
جيترو لحاظ نه ٿيندو. انهيءَ ڪري فرمايو ويو ته:
لاَ حَوٌلَ وَلاَ قُوَّةَ اِلاَّ بِااللهِ○
ترجمو: ناهه طاقت گناهه کان باز رهڻ جي ۽ نه زور
عبادت ڪرڻ جي، مگر خدا تعالى جي مدد سان.
حَول ۽ قوت خدا تعالى جي بدولت آهي. حول
کان مراد حرڪت آهي، ۽ قوّة کان مراد قدرت آهي. اهي
سواءِ خدا جي ٻئي ڪنهن جي به هٿ ۾ نه آهن. تڏهن ٿو
شاهه صاحب ڀٽا.ئي رحمة الله عليہ پنهنجي حقيقي
پرينءَ کي سڏي ۽ عرض ڪري ته، ”پرينءَ اچي پاڻ ڪيو
سندو غور غريب“ هن سڳوري تڪ مان هي به معلوم آهي
ته شاهه صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي تدبير، حرڪت ۽
طاقت تي ڀروسو نٿو ڪري، بلڪ پنهنجي خالق جي حول ۽
قوت تي ٿو ڪري.
حضرت ابو عبدالله قريشي رحه کان ڪنهن توڪل جو حال
پڇيو. پاڻ فرمايائين ته هر حال ۾ خدا تعالى سان
متعلق رهڻ توڪل آهي. سائل عرض ڪيو ته وڌيڪ ڪجهه
فرمايو. پاڻ فرمايائون ته جو سبب ٻئي سبب جي طرف
ڳنڍيل هجي ان کي ڇڏي ڏيڻ ۽ خاص خدا تعالى کي ئي
ڪافي سمجهڻ توڪل آهي. جهڙيءَ طرح حضرت ابراهيم
عليہ السلام توڪّل ڪئي هئي، جو آڙاهه جي وقت جڏهن
حضرت جبرئيل عليہ السلام سندس خدمت ۾ اچي عرض ڪيو
ته” اوهان کي ڪا ضرورت آهي“؟ پاڻ فرمايائون ته
ضرورت آهي، پر تو وٽ نه آهي. ڇو ته حضرت جبرئيل جي
درخواست سندس حفاظت لاءِ هڪڙو سبب هئي. جو پاڻ ٻئي
سبب جي حوالي يا طرف هئو. پاڻ ان کي انهيءَ اعتماد
سان ترڪ ڪري ڇڏيو، ته جيڪڏهن خدا تعالى کي منظور
هوندو، ته جبرئيل عليہ السلام کي حفاظت جي واسطي
پاڻيهي مطيع ۽ مسخر ڪرڻ فرمائيندو، ڇوته هي ڪم
متولي يعني انتظام رکڻ واري جو آهي، ۽ هي حال
چريائي جو آهي، جو پنهنجي نفس جي سببان خدا تعالى
کان بيخبر هجي، ۽ ان سان گڏ ڪنهن ٻئي کي نه ڏسي.
هن حال جو وجود البت، گهٽ ۽ ٿورو ۽ مشڪل آهي. حضرت
ابو سعيد خراز فرمائي ٿو ته توڪّل ٻن شين جو نالو
آهي؛ هڪڙو اضطراب، يعني بيقراري. سواءِ سڪون جي
صبر فرحت ۽ سڪون، سواءِ بيقراريءَ، يعني دل جو
سڪون ۽ اعتماد وڪيل تي، سواءِ تردد جي هجي؛ ۽
بيقراري، سواءِ سڪون جي اشارو آهي ته التجا ۽ روئڻ
۽ لُڙُ مچائڻ ۽ دانهون ان جي سامهون هجن. جيئن ٻار
پنهنجي ماءُ جي طرف روئندو ۽ دانهون ڪندو ۽ بيقرار
رهندو آهي، توڙي ان جي دل ماءُ جي ڪمال شفقت تي
مطمئن هوندي آهي. اهڙي طرح ڀٽائي صاحب رحمة الله
عليہ ٿو فرمائي ”ڏکندو سڀوئي ڏور ڪيو، منجهون تن
طبيب“ منهنجا اندر جا طبيب، حڪيم، حڪمت واري مون
کان ڏکندو يعني ڏکائيندڙ ڏک سڀني قسمن جا ڏور ڪيا.
هاڻي هن تڪ اول ۽ تڪ نمبر ٻيءَ ۾ اميد ڏيکاري وئي
هئي ته ”ٻُڪي ڏيندا ٻاجهه جي، اچي شال عجيب“-
جنهن جو بيان مٿي ٿي گذريو آهي. ان کان پوءِ تڪ
ٽينءَ ۾ شاهه صاحب جو اهو عرض هو ته ٻئي ڪنهن جو
به محتاج نه ڪر، پر پرين پاڻ تون ڪر سندو غور هن
غريب جو. جيئن الله تعالى پاڻ پنهنجي پاڪ ڪلام جي
سورة الاعراف ع 7 ۾ فرمايو آهي:
وَدٌعُوٌهُ خَوٌفاً وَّ طَمٌعاَ اِنَّ رحمةَ
اللهِ قَريِبُّٗ مِنَ الٌمُحٌسِنِيٌنَ○
ترجمو: دعا گهرو الله کان ڊڄي ۽ طمع رکي. تحقيق
رحمت خدا جي ويجهي آهي نيڪن کي.
هن آيت سڳوري جي معنى تسليم جي طرح، شاهه صاحب
ڀٽائي رحمة الله عليہ پنهنجي وائي ۾ ڪئي آهي. تڪ
نمبر ٻيءَ ۾، اميد رکي الله جي رحمت ۽ ٻاجهه ۾،
التجا ڪئي اٿس ۽ تڪ نمبر ٽينءَ ۾ تسليم بيان آهي
ته تحقيق، رحمت خدا جي يعني انهيءَ حقيقي طبيب جي
پري نه آهي؛ ۽ منهنجو ڏکندو يعني آزار درد سڀ دفع
۽ پري ڪري ڇڏيو آهي. اهو منهنجو حبيب، طبيب وڏو
هاتڪ يعني حاذق ماهر، سڀ حال منهنجي جو واقف آهي.
اَدِيُونٌ عبداللطيفُ چئي، هَاتِڪُ هن حَبِيبَ
هن پوئين تڪ ۾ شاهه صاحب خدا تعالى جي علم اعلى جي
تعريف ڪئي آهي، ته هو منهنجو حبيب، پيارو دوست،
معشوق اهڙو ته ماهر ۽ منهنجي حال کان واقف آهي، جو
جيڪي اسان کي مشڪل درپيش اچن ٿا، جن جي لاءِ اسين
دعا گهرون ٿا، انهن کي ڄاڻي ٿو، پر انهيءَ سوال
ڪرڻ کان اول اسان کي جيڪي زور ضرورتون ۽ گهرجون
هيون، سي اسان کي اڻ گهريون ۽ اڻ ڳڻيون ڏنيون اٿس.
جڏهن جنهن چيز جي اسان کي گهرج پئي، سا بنان تردد
۽ گهرڻ جي، ان وقت تي ڏني اٿس. آسمان ۽ زمين جي
اسرارن ۾ غور ڪري ڏسو ته اوهان کي يقيناً معلوم ٿي
وڃي، ته خدا تعالى انتظام ملڪ ۽ ملڪوت جو اهڙو
رکيو آهي، جو بندي کان ان جو رزق علحدہ ٿي نٿو
سگهي. توڻي اهو سوچ، ويچار يا ڪم ڪار نه ڪري،
انهيءَ ڪري جيڪو تردد، تشويش ۽ فڪر کان عاجز آهي،
ان کي به رزق ملي ٿو. ڏسو ٻار پنهنجي ماءُ جي پيٽ
۾ رزق جي ڪم ڪار يا فڪر کان عاجز آهي، ته خدا
تعالى ان جو دُن ڪهڙيءَ طرح ماءُ جي دُن سان
ملايو، جو ماءُ جي غذا مان سُتُ بچي ناڙي جي رستي
سان، ٻار جي پيٽ ۾ رزق وڃي ٿو. ان ۾ ٻار جي ڪجهه
تدبير، اٽڪل اصل ڪانه آهي، پوءِ جڏهن اهو ماءُ جي
پيٽ کان جدا ٿيو، ته ماءُ کي محبت ۽ شفقت اهڙي وڌي
وڃي ٿي، جو اها خواهه مخواهه ان جي سنڀاليندڙ ۽
پاليندڙ ڪافي رهي ٿي ۽ ان جي سنڀالڻ يا نپائڻ ۾
اها مجبور آهي. انهيءَ ڪري جو خدا تعالى ان جي دل
۾ آتش محبت ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي. پوءِ جيستائين ٻار
کي ڏند نه آيا آهن جن سان کائي يا چٻاڙي تيستائين
ان جي غذا کير مقرر ڪيائين، جنهن ۾ چٻاڙڻ جي حاجت
ئي نه آهي. ان کان سواءِ ٻار پنهنجي نازڪ طبع جي
سبب کان، غليظ غذا يا ڳوري غذا جو بار نه کڻندڙ
ٿيو. ان سبب ڪري ڄمڻ سان ئي ماءُ جي ببن مان کير
لطيف ان جي لاءِ ضرورت آهر جاري ڪري ڏنائين.
ڀلا، ان ۾ ڪجهه ٻار جي تجويز هئي؟ يا ماءُ ڪجهه
سامان ڪيو؟ پوءِ وري جڏهن ايڏي عمر کي پهتو، جو
غذا ڳوري ان کي موافق ٿئي، تڏهن ان کي ڏند ۽ هوڙون
يا ڌاٺون چٻاڙڻ لاءِ ڄمايائين. جڏهن وڏو ٿيو، گهمڻ
ڦرڻ لڳو ۽ پنهنجي گهرج پوري ڪرڻ لڳو تڏهن ان جي
لاءِ سامان علم سکڻ ۽ واٽ آخرت جي آسان ڪئي وئي.
پوءِ بالغ هجڻ بعد نامردي ڪرڻ عين جهالت آهي.
انهيءَ ڪري جو بالغ هجڻ سان ڪجهه سامان روزي ۽ عيش
جو گهٽ نٿو ٿئي، بلڪ زياده ٿئي ٿو. يعني اول ڪمائڻ
جي طاقت نه هيس، هاڻي طاقت وارو ٿي ويو ته هڪ ئي
قدرت ڪيتري وڌي وئي. ڪيئن جو، پهريائين مهرباني
ڪرڻ وارا ماءُ پيءُ هئا.
انهن جي شفقت واقعي گهڻي هئي. هڪ ڏينهن ۾ هڪڙو
دفعو يا ٻه دفعا کارائيندا پياريندا هئا. انهن جو
کارائڻ انهيءَ سبب کان هئو، جو خدا تعالى انهن تي
محبت ۽ شفقت کي مسلط ڪيو هئو. هاڻي الله تعالى
شفقت ۽ محبت ۽ رحم ۽ترس سڀني مسلمانن بلڪ سڄي شهر
وارن ۾ ڦيرايائين. ايستائين جو ڪو انهن منجهان
ڪنهن محتاج کي ڏسي، ته ان جي دل ڀرجي اچي ۽ ان جي
حال تي رحم ڪري، دل ۾ شوق ان جي حاجت روائيءَ جو
اُٿندو آهي. پهريائين ته هڪ ئي ماءُ مشفق هئي،
هاڻي ته هزارن کان زياده حياءَ ڪندڙ ٿيا. پهريائين
انهن جي مهرباني ته ڪرڻ جو هيءُ سبب هئو، جو اهي
ان کي پنهنجي ماءُ پيءُ جي سنڀال ۽ شفقت ۾ ڏسندا
هئا ۽ انهن جي پشت پناهيءَ ۾ ڏسندا هئا، جو هڪڙو
مشفق خاص ان جي واسطي موجود هوندو هو. ان کي باقي
ٻي ڪهڙي حاجت آهي؟ پر جيڪڏهن ان کي يتيم ڏسن ها،
ته بيشڪ خدا تعاليٰ هڪڙي شخص يا گهڻن ئي شخصن جي
دل ۾ رحم ۽ ترس وجهي ها، جو ان کي اتان وٺي وڃي
سنڀال ڪن ها. ڇاڪاڻ ته اڄ ڏينهن تائين مهانگائي جي
موسم ۾ به، ڪٿي ڪونه ٻڌو ويو ته ڪو يتيم بک کان
مري ويو.
جيتوڻيڪ اهو ڪوبه تردد نه ڪري، نه ان جو ڪو
سنڀاليندڙ خاص هجي، مگر الله تعالى ان جي سنڀال
انهيءَ شفقت جي سبب سان ڪري ٿو، جيڪا ان پنهنجن
ٻانهن جي دلين ۾ پيدا ڪئي آهي. پوءِ بالغ هجڻ بعد،
ان کي روزيءَ جو فڪر معلوم نه آهي ته ڇو ٿو ٿئي؟
ننڍڙائيءَ ۾ فڪر ڇو نه ٿيو؟ پهريائين ته مهربان هڪ
ماءُ ئي هئي، هاڻي ته هزار ٿي ويا! گهڻا يتيم ته
اهڙا آهن، جو الله تعاليٰ انهن کي اهڙو حال عنايت
ڪيو آهي، جو ماءُ پيءُ وارن کي به ميسرّ نه آهي.
هاڻي، اهي جيڪي نعمتون بيان ڪيون ويون، يا ان کان
سواءِ ٻيون جهڙوڪ اکيون، ڪَنَ ، زبان، ڳالهائڻ،
بدن جي صحت وغيره، اهي سڀ نعمتون اڻ ڳڻيون الله
تعاليٰ پنهنجن بندن کي، سواءِ انهن جي سوال گهرڻ
جي، ڏنيون آهن. اهڙو ته منهنجو موليٰ سائين پنهنجن
بندن جي ضرورتن کان واقف ۽ ماهر حڪيم آهي، جو انهن
جو مرض اڻ گهريو لاهي ڇڏي ٿو. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب
رحمة الله عليہ فرمائي ته ان حڪيم حڪمت واري جي
ڪهڙي تعريف ڪجي:
اديون عبداللطيف چوي، هاتڪ هن حبيب.
هاڻي هن سر ڪلياڻ جي آخر وائي ۾ شاهه صاحب رحمة
الله عليہ مجازي طرح طبيب ۽ انهن جا علاج، ڦڪيون ۽
مريضن جي اندر جا مرض بيان فرمايا آهن. اِهو سڀ
شاهه صاحب رحمة الله عليہ جو فڪر آهي، جنهن لاءِ
خدا تعالى قرآن شريف ۾ تاڪيد فرمايو آهي ته ٿورو
فڪر ٿا ڪريو. ٻيءَ جاءِ تي آيو آهي ته فڪر نٿا
ڪريو. حديث شريف آهي ته هڪ ساعت جو فڪر سال جي
عبادت کان بهتر آهي. فڪر علم جي واسطي ڄار ۽ معارف
جي واسطي شڪار آهي. هتي ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
جو مجازي بيمارين ۽ انهن جي علاجن، مجازي حڪيمن
جي علاجن، وري ان جي ڪِريُن ڏَسڻ ۽ اَگهن يا مريضن
جي ڪِريُن نه ڪرڻ ۽ وري ڦٽن جي چِڪڻ وغيره ڏي فڪر
ڪندي خيال ۾ آيو آهي، ته حقيقي حڪيم الله تعاليٰ
کان سواءِ، ڪو بيمارن جو چاڙهو ڪونه آهي. شفا به
انهيءَ مالڪ جي هٿ ۾ آهي. گنهگارن جو به ساڳيو
بيمارن وارو حال آهي. جيئن بيمار جو آسرو علاج جو،
مجازي يا ظاهري حڪيم جي علاجن ۽ دلاسن تي آهي،
تيئن گنهگارن جو گناهن جي بيماريءَ کان ڇٽڻ جو
آسرو ۽ اميد به ، انهيءَ حقيقي حبيب شفيع تي آهي.
انهيءَ فڪر جو گهڻو ترجمو ايندڙ سر يمن ڪلياڻ جي
فصل پهرئين ۽ ٻئي ۾، ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ
کولي بيان فرمايو آهي. تنهنڪري هن سر ڪلياڻ ۽
ايندڙ يمن ڪلياڻ جي وچ ۾ هيءَ وائي انهن ٻنهي سرن
جي ربط ڳنڍڻ لاءِ طبيبن ۽ بيمارن جي مثال ۾ خدا
تعاليٰ انهيءَ حقيقي حڪيم جي توحيد جي تعريف ۽
پنهنجي عاجزي، رجا، يقين ۽ توڪّل جو بيان فرمايو
آهي. ڇاڪاڻ ته جيئن ايندڙ سر يمن ڪلياڻ جي فصل
پهرئين جو بيت، نمبر پهريون، ان لحاظ تي ۽ ساڳيو
مطلب ۽ معنيٰ رکندڙ آهي، ان ۾ پڻ منهنجي مرشد
ڀٽائي رحمة الله عليہ توحيد جي تعريف ۽ پنهنجي
آزارن جا نوان نوان نمونا بيان ڪيا آهن. وري انهن
جي درد لاهڻ ۽ شفا لاءِ پڻ مناجات ڪري رهيو آهي.
جيئن ايندڙ بيت ۾ ٿو فرمائي، سر يمن ڪلياڻ فصل
پهريون بيت نمبر 1:
بيت
تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منهنجي جيءَ ۾ آزار جا انواع،
صاحب ڏي شفا، ميان مريضن کي.
هن بيت جي معنيٰ آهي ته تون حبيب، منهنجو پيارو
معشوق آهين. تون ئي طبيب، بيمار انسانن جي علاج
ڪرڻ وارو، علم حڪمت جو ڄاڻو آهين؛ تون ئي درد ۽ ڏک
سڀڪنهن قسم جي سور جي دوا آهين. يعني تون خود علاج
آهين ۽ منهنجي اندر ۾ به طرح طرح جا آزار آهن.
”جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع“ آهن. اي
جانب، منهنجا معشوق، مددگار، طرفدار! منهنجي جيءَ،
جگر، اندر ۾ آزار، ڏک ۽ تڪليفن جا انواع، يعني
گهڻا قسم آهن. هاڻي توکي ئي عرض آهي ته ”صاحب ڏي
شفا،ميان مريضن کي“- اي صاحب، مالڪ، خداوند ، آقا،
منهنجا معشوق، ڏي شفا، صحت، تندرستي، ميان منهنجا
مالڪ، وارث- مريضن مرض وارن، يعني بيمارن کي.
هن بيت جو خلاصو مطلب آهي، ته هن بيت ۾ مقام
توڪّل، توحيد، رجا ۽ التجا بيان ٿيل آهي. حضرت
ابراهيم رضه خواص هيءَ آيت آخر تائين پڙهي:
وتوکل علي الحي الذي لا يموت○
ترجمو؛ ڀروسو ڪر ان جيئڻ واري تي، جو نٿو مري.
پوءِ فرمايائين ته بندي کي پڄاڻان هن آيت جي، خدا
تعاليٰ کان سواءِ ٻي ڪنهن جي به طرف التجا ڪرڻ نه
گهرجي. ڪن اڪابرن کي خواب ۾ ڪنهن هيءُ جملو چيو ته
”جنهن اعتماد ڪيو الله تعاليٰ تي، انهيءَ پنهنجو
رزق جمع ڪيو“. حضرت ابراهيم عليہ السلام کي جڏهن
پينگهه ۾ رکي آڙاهه ۾ ڦٽو ڪيائون تڏهن حضرت جبرئيل
عليہ السلام ان کان پڇيو ته ” اوهان کي ڪا ضرورت
آهي؟“ پاڻ فرمايائين ته ”آهي، پر تو ۾ نه آهي“.
هيءُ انهيءَ ڪري چيائين، جو جڏهن کيس آڙاهه ۾ وجهڻ
واسطي پڪڙيون هئائون، تڏهن پاڻ فرمايائين ته:
حَسٌبِيَ اللهُ وَ نِعٌمَ الٌو َکِيٌلُ○
ترجمو: ڪافي آهي مون کي الله ۽ ڀلو ضامن.
حضرت دائود عليہ السلام تي الله تعاليٰ وحي موڪليو
ته ”اي دائود! جو شخص صرف منهنجي محڪم وسيلي کي
مضبوط پڪڙيندو ۽ ٻيءَ خلق سان تعلق نه رکندو ۽ ان
سان جيڪڏهن سڀئي آسمان ۽ زمين وارا دغا ڪن، ته مان
ان جي لاءِ ڇٽڻ جي راهه پيدا ڪري ڏيندس“.
تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به پنهنجي انهيءَ
حقيقي حبيب تي خاص توڪّل رکي ٿو فرمائي ته ”تون
حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا“- درد جي دوا به
تون هڪڙو ئي آهين ۽ حڪمت وارو حڪيم، طبيب به تون
ئي آهين. حبيب، مددگار، معشوق به تون ئي تون آهين،
پر منهنجي جيءَ ۾ جيئن گهڻا قسم آزار جا آهن، تيئن
تنهنجي رحمت ۽ شفا به وسيع آهي. تون ئي رحمة
اللعالمين آهين. حضرت موسيٰ عليہ السلام جي حال ۾
لکيل آهي ته پاڻ دعا گهريائين ته يا الاهي! دوا ۽
شفا ڪنهن وٽ آهن؟ الله تعالى فرمايو ته مون وٽ
آهن. پاڻ عرض ڪيائين ته پوءِ ٻيا طبيب ڇا ٿا ڪن؟
الله تعاليٰ فرمايو ته منهنجو ڏنل رزق کائن ٿا ۽
منهنجي بندن جي دل خوش ڪن ٿا، تيستائين جو منهنجي
شفا يا قضا مان ڪجهه بندي تي اچي وڃي. تڏهن معلوم
ٿيو ته شفا به انهيءَ هڪڙي شفيع، صاحب وٽ آهي.
تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ٿو ته”صاحب
ڏي شفا ميان مريضن کي“- اي ميان، منهنجا مالڪ،
وارث، توکي وسيلو ٿو وٺان ۽ تون ئي شفيع شفا ڏيندڙ
آهين ۽ نه ٻيا. تون هڪڙو ئي درد جو دارون دوا
آهين. انهيءَ لاءِ تنهنجون تنوارون يعني توکي سڏڻ
ئي دل جي دوا آهي. توکي التجا ۽ آزي اُن ئي ڪري ٿو
ڪيان، جيئن اها ٻُڪي يعني ڦڪي تو بيان ٻين کان نٿي
ٿئي. جيئن ايندڙ بيت نمبر 2 فصل 1 سريمن ڪلياڻ ۾
ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته:
بيت
تون حبيب تون طبيب، تون درد جو دارون،
دوا آهن دل کي تنهنجون تنوارون،
ڪريان ٿي ڪارون، جيئن ٻُڪي ٻِيَنِئون نه ٿِئي.
نوٽ؛ اهڙيءَ طرح تي سر يمن ڪلياڻ جو فصل پهريون ۽
ٻيو، سلسليوار بيان مجازي طبيبن ۽ ان جي پُڙيُن،
ڦَڪين ۽ بيمارن کي ڪِريُن ڏَسڻ، ٻئي طرف مجازي طرح
مجازي بيمار جي ڪِري نه ڪرڻ، ان جو مجازي طبيب ۾
اعتماد نه هجڻ ۽ ان جي اڻ ڄاڻائي ۽ لالچ، جي تمثيل
ڏئي بيان ڪيا ويا آهن؛ جي وري انشاءَ الله تعاليٰ
سڄي سر يمن ڪلياڻ جي معنيٰ لکڻ وقت کولي بيان ڪيو
ويندو. هن وقت فقط سر يمن ڪلياڻ سان، سر ڪلياڻ جو
ربط ڏيکاريو ويو آهي ته اهي ٻئي سر، يا انهن جا
بيت، سلسليوار ترتيب ڏنل ۽ انهن جي معنيٰ، مجازي
به حقيقيءَ کي به، اها ئي ترتيب ڏنل آهي. هن وقت
هن ضعيف بندي، ناقص عقل جو مقصد ۽ مطلب، فقط سر
ڪلياڻ جي معنيٰ لکڻ جو هئو، جو پورو ٿيو. هاڻي، هن
ڪتاب جي پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن کي عرض آهي، ته هن ڪتاب
۾ جيڪا هن ضغيف بندي جي غلطي هجي، سا خدا ڪارڻ
معاف ڪري، سڌاري ڇڏيندا ۽ اجر حاصل ڪندا.
سر يمن
ڪلياڻ
فصل پهريون
بيت
تُونٌ حَبِيٌبُ تُونٌ طَبِيٌبُ، تُونٌ دَرٌدَ جِي
دَوا،
جَانِبَ مُنٌهِنٌجي جِيءَ ۾ آزَارَ جَا اَنِوَاعَ،
صَاحِبَ ڏي شَفَا، مِيَانٌ مَريضَن ِ کي.
هن بيت جي معنيٰ هن کان اول سر ڪلياڻ جي آخر ۾ ڏني
وئي آهي. اها ئي ڏسڻ گهرجي. جتي لفظي معنيٰ به ڏني
وئي آهي ۽ ان کان سواءِ سمجهاڻي به ڏنل آهي. وڌيڪ
هتي هيءَ ڳالهه هن بيت بابت سمجهائڻ جي ضرورت آهي.
ته هن بيت ۾ ڪهڙيءَ طرح توحيد ۽ ان جي محبت، صبر،
شڪر، توڪّل، رجا، رضا، سخا ۽ زهد جي ڪيئن تعليم
ڏني وئي آهي.
اول توحيد جو بيان ٿو ڪجي ته هن بيت جي پهرينءَ تڪ
۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ، ٻين مجازي طبيبن ۽
انهن جي دوائن، ڏَسن ۽ علاجن سڀني کي ترڪ ڪري خاص
الله تعاليٰ جي تعريف بيان ٿو فرمائي ته اي حبيب،
طبيب ۽ درد، ڏک، سور جو علاج به تون آهين، ڇاڪاڻ
ته مجازي طرح به غير الله شيءِ تي اعتماد ڪرڻ
توحيد ۾ شرڪ آهي. مثلاً آدمي پوک جي ڄمڻ جو مينهن
تي ڀروسو ڪري ۽ مينهن جي وسڻ جو ڪڪرن تي ۽ ڪڪرن جي
گڏ ٿيڻ جو ڀروسو سرديءَ تي ڪري، يا ٻيڙيءَ جي
سلامت رهڻ ۽ هلڻ جو ڀروسو هوا تي ڪري ته اهي سڀ
ڳالهيون توحيد ۾ شرڪ آهن. جهڙيءَ طرح قرآن شريف جي
سورة عنڪبوت جي رڪوع 7 ۾ آهي.
فَا ِذَا رَکِبُوٌا فِي الٌفُلٌڪِ دَعوُ اللهَ
مُخٌلِصِيٌنَ لہُ الدّ ِيٌنَ فَلَمَّا نَجَّاهُمٌ
اِلَي الٌبَرِّ اِذَا هُمٌ يُشٌر ِڪُوٌنَ○
ترجمو: پوءِ جڏهن سوار ٿين ٻيڙيءَ ۾، سڏين الله کي
نرميءَ سان ۽ نيت خالص سان، پوءِ جڏهن بچايون انهن
کي زمين جي طرف، ان وقت شرڪ ڪرڻ لڳن.
تفسير هن جو هن طرح آهي ته ٻيڙيءَ وارا سڪيءَ تي
سلامت پهچڻ بعد چون ٿا ته هائو، جيڪڏهن هوا سڻائي
نه لڳي ها ته اسان سلامت نه رهون ها. هاڻي، انهن
هوا کي به بچائڻ ۾ الله تعاليٰ سان شريڪ ڪيو، پر
حقيقت جي علم کان جيڪي شخص واقف آهن، اهي ڄاڻن ٿا
ته هوا چڱيءَ ۽ سڻائي به ته هڪڙي هوا آهي ۽ هوا به
پاڻهين ته نٿي هلي، جيستائين ان کي ڪو هلائڻ وارو
نه هجي. اهڙيءَ طرح هر چرندڙ شيءِ لاءِ ٻيو
چوريندڙ گهرجي، تانجو سلسليوار پهرئين چوريندڙ
تائين پهچي، جنهن جو چوريندڙ ڪوئي ٻيو نه آهي ۽ نه
وري اهو بذات خود چرڻ وارو آهي، جو الله تعاليٰ
آهي. پوءِ ٻيڙي وارن جي سلامت پهچڻ جو هوا جي
طرفان سمجهڻ اهڙو آهي، جهڙو ڦاسيءَ واري کي
بادشاهه جي روبرو ڪجي ۽ بادشاهه ان جي ڇڏڻ ۽ قصور
جي معافيءَ جو حڪم لکي ڏئي ته پوءِ هيءُ شخص
ڪُپڙي، ڪاغذ ۽ قلم، جنهن سان ڇڏڻ جو حڪم لکيو ويو
آهي، ياد ڪري ۽ چوي ته هائو، جيڪڏهن اهو ڪاغذ ۽
قلم نه هجي ها ته مان نه بچان ها. پنهنجو ڇوٽڪارو
قلم کان سمجي ۽ جنهن قلم کي هلايو، ان کان نه
سمجهي! هيءُ وڏي جهالت آهي ۽ جو شخص ڄاڻي ته قلم
مون کي ڪجهه به حڪم ڏئي نٿو سگهي، بلڪه اهو ڪاتب
جي هٿ ۽ وس ۾ آهي ته اهو قلم جي طرفان احسان نه
ڄاڻندو، سواءِ ڪاتب جي، ٻئي جو شڪر گذار ته نه
ٿيندو، پر انهيءَ پنهنجي ڇوٽڪاري جي خوشيءَ ۽
بادشاهي جي شڪر ۾ دل تي قلم ۽ ڪاغذ ۽ مس جي احسان
جو گمان به نه گذاريندو. اهڙيءَ طرح سج، چنڊ،
تارا، ڪتيون، مينهن، ڪڪر، زمين ۽ هرهڪ حيوان ۽ پٿر
وغيره سڀ خدا تعاليٰ جي قبضي ۽ قدرت ۾ مسخّر آهن،
جيئن ڪاتب جي هٿ ۾ قلم؛ پر هي مثال به فقط سمجهائڻ
لاءِ ڏنو ويو آهي، جو ماڻهو اهو اعتقاد رکندا آهن
ته دستخط بادشاهه ڪندو آهي. حقيقت ۾ ڪاتب الله
تعاليٰ آهي. جيئن پنهنجي پاڪ ڪلام جي سورة انفال ع
2 ۾ ٿو فرمائي:
وَمَا رَمَيٌتَ اِذٌ رَمَيٌتَ وَ لٰڪِنَّ اللهَ
رَمَيٰ○
ترجمو: ۽ تو ته هَنئين خاڪ جي مٺ جنهن وقت هينئين
مگر الله هنئين |