باب ستون
مشائخن، فقيهن، قاضين ۽ واعظن جي خوشطبعي
فصل پهريون
مشائخن جون لطيف ۽ نصيحت آميز ڳالهيون
180- ترمش جو عراق جي محقن مان هو، تنهن جو چوڻ آهي ته عبدالله
خصرمي، مشهور صوفي، ويهه ورهيه ماٺ ۾ گذاريو ۽ ان
عرصي ۾ ڪي به ڪين ڳالهائين، انهيءَ کان جڏهن پڇيو
ويو ته صوفي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن؟ تڏهن قرآن مان
ورندي ڏني ته ”رجال صدقوا، ماعاهدوا“ يعني اهڙا
ماڻهو آهن، جي جيڪي واعدو ڪن ٿا، سو سوچو ٿا ڪن يا
پورو ٿا ڪن، مطلب ته جيڪو عهد خدا سان ڪيو اٿن، سو
پاڙين ٿا ۽ انهيءِ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به اطاعت
نٿا ڪن،
181- محمدبن يوسف، مشهور اهل طريقت ۽ حقيقت وارن مان هو، شيخ
جنيد بغدادي انهيءِ کي بزرگ سمجهندو هو، هڪڙي
ڏينهن، جنيد، علي بن سهل اصفهائي ڏي خط لکيو ته
پنهنجي استاد محمد يوسف کان پڇ ته ”ما الغالب
عليڪ“ يعني توتي ڪهڙو حال غالب آهي؟ علي بن سهل
اهو خط محمد بن يوسف کي ڏيکاريو، هن جواب ۾ چيو ته
”جنيد لک ته والله عليٰ امره،“ يعني خدا پنهنجي
امر تي غالب آهي، اها قرآن جي آيت آهي.
182- هڪڙي بادشاهه ڪنهن رباني عالم کي چيو ته ”مون کي ڪا نصيحت
ڪر، جنهن مان خلق جو توڙي خدا جو راضپو حاصل ٿئي.“
هن ورندي ڏني، ”ڏينهن جو مسڪين جو داد ڪر ته خلق
تو مان راضي رهي ۽ رات جو فقيرن کي داد ڏي ته خدا
تو مان راضي رهي.
183- هڪڙي رباني عالم، ڪشف ۽ يقين واري شيطان کي خواب ۾ ڏٺو،
پڇيائين، ”اي معلون، آدم کي سجدو ڇو نه ڪيئي؟“ هن
وراڻيو، ”جو آءٌ نوراني باهه مان خلقيل هوس، ۽
ظلمانيءَ مٽيءَ مان، مون کي شرم آيو ته هن کي ڪيئن
سجدو ڪريان.“ تنهن تي هن ورندي ڏنيس، ”هڪڙي فاسق
ماڻهوءِ کي زاني زال سان گڏ ٿو ڪرين ۽ انهيءِ جي
در تي دربان ٿي ٿو ويهين، اهڙيا بيحيائي جا ڪم
ڪرين ٿو، باقي آدم صفي الله جي اڳيان سجدي ڪرڻ کان
شرم ٿو اچيئي!“ اهو جواب ٻڌي، شيطان شرمند ٿيو ۽
چوڻ لڳو ته ”مون کي اڳي ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ اهڙو
شرمند نه ڪيو، جهڙو توڪيو،“ ۽ پوءِ هن جي نظرن کان
غائب ٿي ويو.
فصل ٻيو
علمائن جي خوشطبعي
184- هڪڙي ڏينهن سليمان به عبدالملڪ، ديول جي گهنڊ جو آواز ٻڌي،
پڇيو ته ”هي ڇا جو آواز آهي؟“ جواب ڏنائونس ته
”اها انصارن جي نماز جي وقت جي نشاني آهي، جا
پنهنجي ديول جي ڇت تي ٿا وڄائين، جهڙي ريت مسلمان
نماز جي بانگ ڏيندا آهن.“ خليفي پوءِ اها ديول
ڊهرائي ڇڏي ۽ اهو گهنڊ به ڀڃرائي ڇڏيائين. جڏهن
اها خبر روم جي قيصر کي پيئي، تڏهن هن خليفي
سليمان ڏانهن لکيو ته اها عمارت اڳواڻن نبين
ٺهرائي هئي ۽ تو جو اها ڊهرائي آهي، سو خطا جو ڪم
ڪيو اٿيئي، پر جي تو چڱو ڪم ڪيو آهي ته پوءِ هنن
خراب ڪم ڪيو هو، جا ڳالهه باطل آهي، ڇا لاءِ جو
نبي معصوم ۽ بي خطا هوندا آهن.“ سليمان عالمن
فاضلن کي گڏ ڪيو ۽ انهن کي اهو سوال ٻڌائي چيائين
ته ”هن خط ج جواب لکو“ هر هڪ عالم هڪڙي ڳالهه لکي
جا خليفي کي پسند نه آئي، انهن ۾ ابونواس فرزوق
مشهور عالم به هو ۽ شاعر به هو، انهيءَ چيو ته
”منهنجي دل ۾ ٿو اچي ته هيءَ هڪڙي قرآن جي آيت هن
ڏي جواب ۾ لکي موڪلجي ته ففهناها سليمان ڪلما
آتيناه علما وحڪما يعني پوءِ مون سليمان کي
سمجهايو ته اسان ڇا ڇا علم ۽ حڪمت مان هن کي عطا
ڪيو هو، خليفي کي اهو جواب پسند آيو ۽ اهو قيصر ڏي
لکي موڪليائين ۽ فرزوق کي چڱو انعام ڏنائين.
185- زمخشري، جنهن ”ڪشاف“ نالي ڪتاب لکيو آهي، سو ڪعبي جي گهر ۾
ويٺو هو ۽ در بند ڪري لکڻ ۾ مشغول هو، شيخ نجم عمر
نسفي جو (تفسير التيسير“ جو مصنف آهي، سو در تي
آيو ۽ در کڙڪائين، زمخشري پڇيو ته ڪير آهي؟ نسفي
چيو ته عمر هن چيس ته انصرف يعني موٽي وڃ، نسفي
چيو ته عمر لانيصرول، يعني عمر ڪين موٽي ويندو،
زمخشري تڏهن چيس ته اذانڪر صرف، يعني جڏهن نرڪه
گهرندين، تڏهن منصرف ٿيندو، يعني نحو جي قاعدي
موجب موٽندو،
186- هڪڙو عالم جماعت جي نماز پڙهڻ لاءِ ڪٿي ويو هو، اوچتو قرآن
جي قراته ڪندي ڀلجي ويو ۽ اچي منجهيو، جماعت مان
به ڪنهن ڏس نه ڏنس، نيٺ آيت جي پڇاڙيءَ وارو ڀاڱو
پڙهيائين ته اليس منڪم رجل رشيد، يعني اوهان مان
اهڙو ڪونهي ڇا جو رهنمائي ڪري ۽ ڏس ڏئي، تڏهن
جماعت مان هڪڙي اها وسريل آيت ياد ڏياريندس.
187- هڪڙي ڀيري خواجه نصير طوسي گهوڙي تي سوار ٿيو، رستو ڏيو ٿي
يوو ۽ مولانا قطب الدين جو سندس شاگرد هو، سو سندس
رڪاب سان پيادو گڏيو ٿي ويو، هو نهايت خوبصورت ۽
ڊگهن زلفن وارو هو، خواجه نصير طوسي چرچو ڪري چيس
ته ”پاليتني ڪنت، ترابا،“ يعني جي آءٌ مٿي هجان ها
ته چڱو هو، يعني ته زلفن تي اچي پوان ها، تڏهن
مولانا قطب الدين جواب ۾ اهائي آيت مٿڀرو پڙهي
ٻڌايس ته يقول الڪافر پاليتني ڪنت ترابا، يعني
ڪافر ٿو چوي ته آءٌ مٿي هجان ها ته چڱو هو.
188- مولانا نور الله خوارزمي، هرات جي مشهور ڏاهن مان هو، هڪڙي
ڏينهن مولانا محمد حاجر جي بيماري وقت کانئس خير
عافيت پڇڻ ٿي آيو، اهو زماني جي مولوين جو استاد
هو، پر نظر البت گهٽ هوندي هيس ۽ پيرن به سور
هوندو هوس ۽ محرقه تپ به هوندو هوس، مولانا نور
الله کي چيائين ته ”مون تي ضعف اهڙو غالب ٿيو آهي،
جو نماز ئي پڙهي نٿو سگهان، انهيءَ ڪري مون کي
ڏاڍو ارمان آهي.“ مولانا نور الله قرآن جي آيت
پڙهي ٻڌايس، ته ”ليس عليٰ لاعميٰ جرح و عليٰ
الاعرج جرح ولا عليٰ لمرض جرح، يعني نه انڌي تي
گناهه آهي نه منڊي تي ۽ مريض تي، انهن کي خدا
معافي ڏني آهي.
189- قاضي عضد تمام ٿلهو ۽ ڳرو مڙس هو، هڪڙي ڏينهن مولانا
بادشاهه شيرازيءَ سان مذهبي بحث پئي ڪيو، جو تمام
ضعيف ۽ ڏٻرو هو، بحث مان وڏو تڪرار ٿي پيو، اتفاقا
مولانا بادشاهه جي اڳيان سس ۽ قلم رکيا هئا، قاضي
ٽوڪ طرح چيو ته ”انهيءَ مس جي پٺيان ڪو آواز ٿو
اچي، ڏسو ته ڇا آهي؟“ مولانا انهيءَ اشاري جي جواب
۾ قاضي کي چيو ته ”هڪڙي نطفي کان وڌيڪ هن ۾ رهي
ڪين سگهندو.“ انهيءَ جواب ٻڌڻ ڪري هو ڏاڍو شرمندو
ٿيو ۽ هميشه انهيءَ جي شرم ۾ رهندو هو.
190- هڪڙو فاسق ۽ فاجر شخص وار مٿي تي رکي، دينا جي هٻڇ تي پاڻ
کي سيد سڏائڻ لڳو، هڪڙي ڏينهن هڪڙو عالم، جنهن کي
هن جي حسب نسب جي خبر هئي، سو پاسي کان لنگهي هليو
ويس ۽ سلام ڪو نه ڪيائينس. هو ڪاوڙيو ۽ چيائينس ته
”آءٌ رسول جي آل مان آهيان ۽ تون منهنجي ڏاڏي جي
امت مان آهين، تنهنجي دل ڪيئن چيو جو مون کي سلام
ڪرڻ کان سواءِ مون کان اڳي لنگهي وڃڻين ۽ هوڏي
ڏهاڙي پنجئي وقت نماز جا مون تي صلواة ۽ سلام ٿو
پڙهين ۽ چوندو آهين. اللهم صل صليٰ محمد و آله
محمد.“ عالم چيو ته ”آءٌ چوندو آهيان، ته اللهم
صلي عليٰ محمد وآله الطاهرين، تون نڪي طبيب آهين،
نڪي طاهر آهين.“ انهيءَ تي اهو سيد ۽ اهو عالم ٻئي
وڙهي پيا ۽ سيد رڙيون ڪري چوڻ لڳوو ته ”واآدماه
واحداه.“ ماڻهن پڇيس ته هي ڇا ٿو چوين، عالم چيو
ته ”هو منهنجي ڏاڏي محمد کي شفيع ڄاڻي سڏي ٿو ته
ثابت ڪري ته محمد جي اولاد مان آهي ۽ آءٌ پنهنجي
ڏاڏي آدم کي شفيع انهيءَ ڪري ٿو سڏيان، هن کي
پنهنجي سيادت ثابت ڪرڻ لاءِ گهڻي تڪليف ڪڍڻي
ٿيندي، پر ساري جهان کي خبر آهي ته آءٌ آدم عليہ
السلام جي اولاد آهيان.
191-هڪڙو عالم ڪنهن بخيل جي گهر ويو ۽ چيائينس ته ”مون ٻڌو آهي
ته تو پنهنجي مال جو ڪو ڀاڱو مستحقن کي ڏيڻ جي
لاءِ ڌار ڪري رکيو آهي، سو آءٌ مستحق آهيان، ۽
قرضي آهيان ۽ احتياج وارو آهيان،“ بيل بهانو ڪري
چيو ته ”برابر، مون ائين ڪيو آهي، مگر انڌن جي
لاءِ ڪڍي رکيو اٿم ۽ تون انڌو ڪين آهين.“ عالم چيو
ته ”آءٌ بربار انڌو آهيان، جو رازق ۽ خالق کان
منهن مٽي، تو جهڙي مخلوق ۽ بخيل وت آيو آهيان.“
بخيل تي هن جي ڳالهه جو اثر ٿيو ۽ هن جي پٺيان
ماڻهو ڊوڙايائين، پر هو نه موٽيو.
فصل ٽيون
مولانا قطب الدين جي خوشطبعي
192- مولانا قطب الدين مشهور ظريف عالمن مان هو.مولوي سعيد
مولتاني سندس شاگردن مان هو، اهو تمام ڪاري رنگ جو
هو هن هڪڙي ڏينهن اتفاق سان پنهنجي سدريءَ تي مس
هاري وڌي ۽ انهيءَ جو هن کي سمآءٌ ڪو نه پيو، جڏهن
مدرسي ۾ آيو، تڏهن ٻين چيس ته ”مولانا، هي ڇا آهي،
سدريءَ تي ڪارا داغ ٿيا پيا آٿو؟“ داغن کي ڏسڻ کان
اڳيئي موالانا چيس، ”ڪي به ڪين آهي، هن جو پگهر
نڪتو آهي،“ يعني هي اهڙو ڪارو آهي، جو هن جو پگهر
به ڪارو آهي.
193- مولانا قطب الدين واٽ وٺيو ٿي ويو، مٿان اتفاق سان هڪڙو
شخص ماڙيءَ تان ڪري هن جي ڪنڌ تي اچي پيو ۽ ڏاڍي
ضرب رسيس، انهي ڪري ڪيترا ڏينهن بستر نشين ٿيو پيو
هو، گهڻائي بزرگ پڇڻ جي لاءِ آيس ۽ پڇيائونس ته
”سائين، ڪهڙو حال آهي؟“ هن چيو ته ”هن کان وڌيڪ
ٻيو ڪهڙو بڇڙو حال ٿي سگهي ٿو ته ڪري پيو ۽ ڪنڌ
ڀڄي منهنجو.“
194- هڪڙي ڀيري مولانا قطب الدين ڪنهن بيمار پاڙيسري يهوديءَ کي
پڇڻ ويو، پڇڻ کانپوءِ چوڻ لڳو، ”مون کي ڪي سڃاڻو
ٿا ته آءٌ اسلام جي عالمن مان آهيان ۽ دين اسلام
کي مدد ڪندڙ آهيان.“ هن چيس ته ”هائو اسان کي خبر
آهي ته تون اهڙو آهين.“ تڏهن مولانا چيو ته ”هاڻي
منهنجي دل مسلمانيءَ کان بيزار ٿي آهي، جي چاليهه
ڏينهن برابر اوهين منهنجي چڱي خدمت چاڪري ڪندو ۽
مزي مزي جا طعام کارائيندو ته پوءِ اوهان جي دين ۾
ايندس. پوءِ اوهان جي دين کي اهڙي مدد ڪندس، جهڙي
هتي ٿو ڪريان،“ هنن پاڻ ۾ صلاح ڪي چيو ته جڏهن
مولانا اسان جي طرف ٿيو، تڏهن اسان جي دين کي ڏاڍي
مدد ايندي، هوءَ پوءِ سدنس خدمت چاڪري نهايت عمدي
طرح ڪرڻ لڳا، جڏهن چاليهه ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن
هنن چيس ته ”هاڻي ٺهرايل مدت پوري ٿي آهي، اوهان
کي پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ گهرجي.“ هن چيو ته ”ڏهه
ڏينهن ٻيا به منهنجي خدمت ڪريو ته پوءِ اوهان جي
دين ۾ اچان، “ هنن ائين ڪيو، جڏهن پنجاهه ڏينهن
پورا ٿيا ۽ مولانا جي مذهب بدلائڻ جو ڏينهن آيو،
تڏهن يهودين جا سڀئي پريا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽
چيائونس ته ”هاڻي سگهو ٿي خير جي ڪم ۾ دير ڪرڻ
چڱي نه آهي.“ هن چيو ته ” اي ٻارو، اوهين ڏاڍا ڪي
بيعقل ٿا ڏسجو، منهنجي عمر پنجاهه ورهه آهي، اهو
سارو عرصو مون مسلمانن جو پئي کاڌو پيتو آهي ۽
انهن جو ڪپڙو ڍڪيو آهي ته به اڃا برابر مسلمان نه
ٿيو آهيان، تڏهن هنن پنجاهن ڏينهن ۾ ڪيئن ٿي
سگهندس.“ تڏهن يهودي هن کان منهن موڙي ويا ۽
پشيمان ٿيا، جڏهن انهيءَ ڳالهه جي خبر بادشاهه کي
ڏيئي، تڏهن ارادو ڪيائين ته انهيءَ سان چرچو ڪري،
پوءِ عمدا عمدا طعام تيار ڪرائي، وڏا وڏا عالم ۽
فاضل دعوت ڏئي گهرائي، هڪڙي مجلس تيار ڪرايائين ۽
مولانا قطب الدين کي گهرائي سڀني کان مٿانهين جاءِ
تي ويهاريائينس.
جڏهن دستر خانو وڇائي، ماني رکي ويا، تڏهن هڪڙو ڍڪيل ٿانءَ
مولانا جي اڳيان به رکي ويا، پر ڪنهن کي خبر ڪا نه
هئي ته انهيءَ ٿانو ۾ ڇا آهي، بادشاهه جي حڪم
پٺيان دنبي جا خاص عضوا يعني آنورا وغيره انهيءَ ۾
رکيا ويا هئا، جڏهن کائڻ جي مهل ڍڪڻ لٿو، تڏهن
سڀني جي نظر انهيءَ تي پيئي، ماڻهن سمجهيو ته
بادشاهه مولانا سان چرچو ڪيو آهي، هڪ ٻئي ڏي نهارڻ
لڳا، جڏهن خود مولانا جي نظر انهيءَ تي پيئي، تڏهن
هڪدم چڪ ڪئي اٿو، هي ڍاڪون شاهي حرمخاني جو ڀل ۾
هيڏي کڻي آيا آهيو.“ سڀئي هيٺ ڪنڌ ڪري کلڻ لڳا ۽
بادشاهه ڏاڍو شرمندو ٿيو.
فصل چوٿون
قاضين جي خوشطبعي
195- هڪڙو شخص ڪنهن قاضيءَ وٽ ويو ۽ هڪڙيءَ خوبصورت زال تي دعوا
ڪيائين ۽ چوڻ لڳو ته ”سائين، منهنجي هن تي دعوا
آهي ۽ ثابتي موجود آهي جا ڏئٻي جهڙي روشن آهي.“
قاضي زال کي نهايت خوبصورت ڏسي ۽ پسند ڪري، هن کي
چيو ته ”ميان سو ته برابر پر هاڻي سج اڀريو آهي ۽
روز روشن ٿيو آهي، اهو ڏيئو اجهائي ڇڏڻ کپي.“
196- هڪڙي زال پنهنجي مڙس سان قاضيءِ وٽ ويئي ۽ هن تي دانهن ڏيڻ
لڳي، زال جون اکيون تمام چڱيون هيون، ليڪن ٻيو،
منهن خراب هوس جو ڍڪيو پيو هوس، قاضي انهيءَ زال
جون اکيون ڏسي مست ٿي ويو، مڙس کي چيائين ته ”ميان
هن ويچاريءَ تي ڇو ٿو ايترو ظلم ڪرين، جو تو تي
دانهين ٿي آهي،“ مڙس سهي ڪيو ته قاضيءَ کي زال جو
ميل ٿيو آهي، پوءِ زور ڪري زلا جي منهن تان ڪپڙو
لاٿائين ۽ چوڻ لڳو ته ”سائين، انصاف ته ڪريو، ههڙي
منهن سان هيءَ مون سان انگل، ماڻا ۽ معاملا ٿي
ڪري!“ قاضيءَ جڏهن هن جو منهن ڏٺو، تڏهن زال کي
چيائين ته ”اٿ، اٿ! وڃ پنهنجي مڙس سان هن سان نه
وڙهه، تنهنجون اکيون برابر مظلوم آهن، پر تنهنجو
منهن ظالم آهي.“
197- هڪڙيءَ خوبصورت زال، پنهنجي مڙس کي گهلي قاضيءَ وٽ آندو ۽
انهيءَ کي چوڻ لڳي ته ”سائين آءٌ جوان زال آهيان،
مڙس منهنجي پوري سنڀال نٿو ڪري، ساري رات مون ڏي
پٺي ڪري سمهي ٿو.“ مڙس چيو ته ”اي قاضي صاحب،
منهنجي زلا ڪوڙ ٿي ڳالهائي، آءٌ ڏهاڙي ٽي ڀيرا هن
جي خدمت چاڪري ٿو ڪريان ته به راضي نٿي رهي.“ زال
چيو ته ”آءٌ پنجن ڀيرن کان گهٽ راضي ٿيڻ واري نه
آهيان.“ تڏهن قاضيءَ هنن کي چيو ته ”هاڻ اوهين پاڻ
۾ جهيڙو نه ڪريو، باقي ٻه ڀيرا آءٌ پنهنجي ذمي ٿو
ڪريان ته پورا پنج ٿين ۽ زال راضي رهي،“ مرش چيو
هت ”واه قاضي صاحب، مسلماني ۽ دينداري اها آهي.“
198- هڪڙي زال، هرات جي قاضي محمد هروي وٽ آئي ۽ چيائينس ته
”سائين مڙس مون کي هڪڙي سوڙهيءَ جاءِ ۾ ويهاريو
ويٺو آهي. آءٌ ڏاڍي تنگ ۽ بي آرامي ٿي گذاريان.“
قاضي چيس، ”مائي، ماٺ ڪر، زال جي جاءِ جيئن تنگ ۽
سوڙهي، تيئن چڱي.“
199- ٻه ماڻهو پان ۾ تڪرار ڪري قاضيءَ وٽ آيا، هڪڙي چيو ته
”سائين هن مون کي گيدي ۽ بيشرم چيو“ ۽ سندس شاهد
شاهدي ڏني ته ”هن هن کي زال جو دلو سڏيو.“ قاضيءَ
هن کي چيو ته ”تون چيون ٿو ته هن تو کي گيدي ۽ بي
شرم چيو ۽ شاهد ٿو چوي ته هن تو کي زال جو دلو
سڏيو، فرياديءَ کي شاهد ڪا به تصديق نٿو ڏئي ۽
مخالف ڳالهين هئڻ ڪري آءٌ ڪي به ڪين ٿو ڪري
سگهان.“
فصل پنجون
قاضي شريح جي سياڻپ جون ڳالهيون
200- قاضي شريح، جو تابعين جي عالمان مان آهي ۽ حضرت علي عليہ
السلام جو مقرر ڪيل هو، تنهن وٽ ڪوفي ۾ ڪا زال
پنهنجي مڙس سوڌي ويئي، انهيءَ مهل شعي ڪوفي، جو پڻ
وقت جي وڏن عالمن مان هو، سو اڳي ئي وٽس ويٺو هو،
زال ورئي مڙس تي فرياد ڪرڻ لڳي، شعيءَ کي ڏاڍو درد
ٿيو ۽ قاضي شريه کي چيائين ته ”ڀائنجي ٿو ته هن
سان ظلم ٿيل آهي ۽ هيءَ سچ ٿي چوي.“ قاضيءَ چيو ته
”ائين ضروري نه آهي. حضرت يوسف جا ڀائر به ظالم
هئا، پر انهن به يوسف کي گمن ڪري پوءِ پيءُ وٽ اچي
پئي رنو، جيئن قرآن ۾ آهي ته:
وجاءُ واباهم عشاءَ يبڪون،“ شعي ماٺ ڪري ويهي رهيو
۽ قاضي انهيءَ معاملي جي جي جاچ ڪرڻ لڳو، نيٺ
شعيءَ کي توڙي ٻين حاضرينن کي جاچ مان معلوم ته
مڙس حق تي هو ۽ ڏوهه زال جو هو ۽ انهيءَ ڪوڙ ڪري ي
رنو، شعي، قاضيءَ جي سياڻپ تي آفرين ڪئي.
201- ٻه شخص شريح وٽ آيا، هڪڙي ٻئي تي ڪنهن وڏيءَ رقم جي دعوا
ڪئي ۽ ٻئي بنهه انڪار ٿي ڪيو ۽ بڪ شڪ ڪرڻ لڳو، هن
جي ڳالهين مان قاضيءَ اهڙو ڪو اکر ٻڌو، جنهن مان
سمجهائين ته هو رقم جو قبولدار ٿيو آهي، حڪم
ڪيائينس ته هڪدم وڃي، هن کي اها رقم ڏي، هو دانهون
۽ گهوڙا گهوڙا ڪرڻ لڳو ته ”سائين هي ڇا، اڃا مقدمو
هلي پورو ئي نه ٿيو آهي ۽ شاهد گواهه ئي نه پڇيا
ويا آهن، اڳواٽ ڪهڙيءَ طرح منهنجي بر خلاف فيصلو
ٿيو آهي.“قاضيءَ چيس ته ”شاد شاهدي ڏيئي ويو آهي.“
هن پڇيس ته ”ڪهڙو شاهد؟“ قاضيءَ چيو ته ”تنهنجي
ماسيءَ جو ڀاڻيجو، يعني تو پاڻ اهڙي شاهدي ڏني
آهي.“
202- هڪڙي شخص بر پٽ ۾ سڃي هنڌ، ماڻهن کان پري هڪڙي وڻ جي پاڻ ۾
هزار مثال سون جا ٻوري، ڪنهن سفر ٿي هليو ويو،
جڏهن موٽي آيو، تڏهن ڏسي ته وڻ جي پاڙ کوٽي پئي
آهي ۽ سون ڪو ڪڍي ويو آهي.ڏاڍو بي آرام ٿيو، قاضي
شريح وٽ ويو ۽ گوشائتو احوال ڏنائينس، قاضيءَ چيس
ته ”هينئر وڃ، ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ مون وٽ وري
آءٌ، پر انهيءَ وچ ۾ ٻئي ڪنهن سان اها ڳالهه متان
ڪرين،“ اهو شخص هليو ويو، قاضي شهر جي هڪڙي مشهور
طبيب کي گهرائي، انهيءَ کي پنهنجيءَ ڀر ۾ ويهاري
پڇيائين، ”فلاڻي قسم جي وڻ جي پاڙ جي ڪهڙي خاصيت
آهي؟، هن چيس ته ”انهي جون گهڻيون خاصيتون آهن“
چيائينس ته ”ويجهڙائي ۾ ڪنهن کي علاج لاءِ انهيءَ
وڻ جي پاڙ جو ڪو ڏس ڏنو اٿئي؟“ هن چيو ته ”هائو،
مهينو کڻ ٿيندو ته فلاڻو شخص بيمار ٿي آيو، تنهن
کي مون انهيءَ وڻ جي پاڙ جو ڏس ڏنو هو، انهيءَ مان
هن کي فائدو ٿيو.“ قاضيءَ انهيءَ طبيب کي موڪل ڏئي
ڇڏي ۽ انهيءَ شخص کي گوشائتو سڏي، پاڻ وٽ
ويهاريائين ۽ ساڻس ڏاڍي مهربانيءَ مروت سان
ڳالهائيندي ۽ ڏاڍيون نصيحتون ڪيائين ۽ آيتون ۽
حديثون پڙهي ٻڌايائينس. هن دل نرم ٿي ۽ آخر
قبولدار ٿيو ته انهيءَ وڻ جي پاڙ کوٽيندي، هن
دينار لڌا هئا، اهي هن کان وٺي مالڪ کي پهچائي
ڏنائين.
203- هڪڙي ڏينهن ٻه ماڻهو قاضي شريح وٽ آيا ۽ هڪڙي ٻئي تي ڪنهن
وڏي رقم جي دعوا ڪئي ۽ هو انهيءَ کان انڪاري ٿيو ۽
چوڻ لڳو ته ”مون هن کي اڳي ڪڏهن ڏٺوئي ڪين آهي ۽
نه ساڻس ڪا ڏيتي ليتي ڪئي اٿم،“ قاضيءَ مدعيءَ کان
پڇيو ته ”اهي پئسا تو هن کي ڪهڙي هنڌ ڏنا.“ هن چيو
ته ”فلاڻي جهنگ ۾ هڪڙي وڻ هيٺ،“ اهو وڻ شهر کان ٽي
ميل پري هو، قاضيءَ مدعيءَ کي چيو ته ”چڱو وڃي،
انهيءَ وڻ مان ٻه پٽي آءٌ ته انهن کان شاهدي
وٺان.“ مدعي پن پٽڻ ويو ۽ مدعا عليہ تيستائين اتي
ويهي رهيو ۽ قاضي ويهي ٻيا معاملا هلائڻ لڳو. ٿوري
وقت کان پوءِ انهن کي غافل ڏسي هن کان اوچتو
پڇيائين ته ”اڙي هو هيستائين وڻ وٽ پهتو، هوندو يا
نه؟“ هن چيو ته ”تو پهرين چيو ته مون کي ڪا به خبر
ڪانهي ۽ نه اهوو وڻ ڏٺو اٿم، نڪو هن سان ڪو وهنوار
ڪيو اٿم، جي نه ڏٺو هجئي ها ته ڪيئن چئي سگهين ها
ته هو اڃا اتي ڪين پهتو هوندو.“ هو شرمندو ٿيو،
پوءِ قاضي هن کي شاباس ڏئي نصيحتون ڪري سچي ڪرائي.
جڏهن مدعي پن پٽي آيو. تڏهن هن کي چيائين. ”تنهنجي
اچڻ کان اڳي پنن شاهدي ڏني ۽ معاملو فيصلو ٿي
ويو،“ مدعا عليہ مدعيءَ جي ٻانهن وٺي اٿي هليو ۽
چيائينس ته ”هل ته تو کي پنهنجي امانت ڏيان.“ ۽
پوءِ اهي پئسا ڏنائين .
فصل ڇهون
قاضي اياس جي سياڻپ جون ڳالهيون
204- قاضي اياس بن معاويه بصري، مشهور عالمن ۽ فقيهن مان هو،
ڪنهن ماڻهوءَ هن جي نسبت ۾ اهو اعتراض آندو ته هو
تڪڙو آهي ۽ مسئلن تي ويچار ڪرڻ کان سواءِ هڪدم
جواب ڏئي ٿو، قاضي اياس هن کان پڇيو ته ”ڀلا مون
کي ٻڌاءِ ته هٿ ۾ گهڻيون آڱريون آهن؟“ هن هڪدم چيو
ته ”پنج“ قاضيءَ چيس ته ”تو ڇو نه ڳڻي ۽ ويچار ڪري
واب ڏنو ۽ هڪدم ٻڌايئي؟“ هن چيو ته ”مون کي به
ديني مسئلن حل ڪرڻ ۾ ويڍار ڪرڻ جي ضرورت نٿي ٿئي.“
205- سڀئي عالم ۽ فاضل قاضي اياس جي برخلاف تي اعتراض آڻڻ لڳا،
هڪڙو اهو ته تڪڙو ٿي جواب ڏئي ٿو، ٻيو اهو ته نيچ
ماڻهن سان صحبت ۽ سنگت ٿو رکي، ٽيون اهو ته سادي
پوشاڪ ٿو ڍڪي، انهن کي قاضيءَ هيءَ ورندي ڏني
ته”ڀلائي ڪري ٻڌايو ته ”ٽي گهڻا يا پنج؟“ هنن کلي
چيو ته ”پنج“ اياس چيو ته ”ڇو تڪڙو جواب ڏنو ۽
ويچار نه ڪيو؟“ هنن چيو ته ”ويچار جو ضرور ڪو نه
هو، اڳيئي انهن جي خبر هئي.“ قاضيءَ چيو ته ”ديني
مسئلن جي نسبت ۾ منهنجو جاوب اهو ئي آهي.“ ٻيو
چيائين ته ”گهٽ درجي وارا ماڻهو منهنجي چڱي خدمت
ڪن ٿا ۽ مون کان عيوض ۾ ڪنهن خدمت جي طمع نٿا رکن،
تنهن ڪري انهن کي پاڻ وٽ اچڻ وڃڻ ڏيان ٿو ۽ انهن
سان صحبت ڪريان ٿو، وڏي درجي وارن ماڻهن جي پاڻ کي
خدمت ڪرڻي ٿي پوي، سادي پوشاڪ نبين ۽ ولين جي پر
آهي. انهيءَ ۾ ڪوبه عيب ڪونهي.“
206- ڪن ٻن زالن جو رسي جو هڪ ويڙهيءَ تي تڪرار ٿي پيو، هڪ چيو
ته منهنجو آهي ۽ ٻي چوي ته منهنجو آهي، ٻيئي قاضي
اياس وٽ آيون، قاضيءَ چيو ته ”اڌو اڌ ڪري ورهائي
کڻو.“ ٿوريءَ دير کان پوءِءَ هنن کي سڏي، پڇيائي
ته ”اهو رسو ڇاتي ويڙهيل آهي؟“ هڪڙيءَ چيو ته
”ڪاٺيءَ تي ۽ ٻيءَ چيو ته ڪپڙي تي، .“ جڏهن رسو
کوليائون ته ڪاٺي نڪتي، پوءِ رسو انهيءَ کي موٽائي
ڏنائين، جنهن سچ چيو هو ۽ جنهن ڪوڙ هنيو هو. تنهن
کي چهبڪ هڻائي ڪڍيائين.
207- ٻن ماڻهن هڪڙيءِ پڳ تي تڪرار ڪري دعويٰ قاضيءَ وٽ آندي، هڪ
چوي منهنجي ته ٻيو چوي منهنجي، هنن جي ڳالهائڻ مان
قاضيءَ کي هڪڙي جي نسبت ۾ ڪوڙ جو شڪ پيو، انهيءَ
کي چيائين ته ”ڀلا اٿي منهنجي اڳيان هيءَ پڳ مٿي
تي ٻڌ،“ هن ٻڌي ته وڏو ٽڪر بچي پيو، وري لاهي
سوڙهو سگهوڙو ڪري ٻڌي پورو ڪيائين، وري ٻئي کي
چيائين ته ”هاڻ تون ٻڌ،“ هن عادت موجب اهڙيءَ ٻڌي
جو سڄي پوري ٿي آئي، پوءِ پڳ انهيءَ کي ڏنائين ۽
ڪوڙي مدعي کي مار ڏيئي، اٿاري ڪڍيائين.
فصل ستون
فقيهن جي خوشطبعي
208- ڪنهن مجلس ۾ حجاج جي ظلم جو ذڪر پئي هليو، هڪڙي شخص زال جي
طلاق جو قسم کنيو ته ”حجاج دوزخي آهي.“ ماڻهن هن
کي ملامت ڪئي ته ”جڏهن عاقبت جي حقيقت معلوم ناهي،
تڏهن تو اهڙي ڳالهه ڇو ڪئي ۽ اهڙو قسم ڇو کنئي؟“
سڀني راءِ ڏني ته انهيءَ شخص جي زال تي طلاق ٿي
چڪي. هو ويچارو غمگين ۽ ملول ٿي عمرو عبيره، مشهور
فقيره ۽ عالم وٽ آيو ۽ ڳالهه ڪري ٻڌايائينس. هن
دلاسو ڏئي چيس ته ”زال کي طلاق نه ڏي، جي خدا
تعاليٰ حجاج کي هيترن ظلمن هوندي بخشيندو.“ هو
ويچارو ڏاڍو خوش ٿيو.
209-صدر الشريع پنهنجي وقت جو فقيہ ۽ عالم هو ۽ چرچائي به هو،
اڪثر ڀنگ جي تري ڪم آڻيندو هو، ڪنهن شخص پڇيس ته
”ڀنگ حرام آهي يا حلال؟ هن چيو ته ”يحب الڪف عنہ“.
يعني انهيءَ مان تريءَ جيترو واجب يا حلال آهي ۽
عربيءَ ۾ ڪف، جي معنيٰ گوشو ڪرڻ به آهي، فارسيءَ ۾
ڪف جي معنيٰ تري آهي.
210- ابو يونس مشهور فقيہ ۽ خوشطبع هو، هڪڙي ڀيري خليفي مامون
الرشيد هن سان ويٺي چرچا ڪيا، چيائينس ته ”تو کان
هڪڙو مسئلو ٿو پڇان، سمجهي ويچار ڪري جواب ڏجئين.“
هن چيو ته ”جيڪي ايندم سو عرض ڪندس.“ مامون چيو ته
”ڪنهن شخص گهيٽو خريد ڪيو، انهيءَ گهيٽي اهڙو زور
سان کر هنيو، جو ڪنهن واٽهڙوءَ جي کان ۾ وڃي لڳو ۽
هو انڌو ٿي پيو، هاڻي اک جو عيوضو ڪنهن تي آهي،
خريد ڪندڙ تي يا يا وڪڻندڙ تي؟“ هن چيو ته ”وڪڻندڙ
تي.“ مامون چيو ته ”سو ڪيئن؟“ هن چيو ته ”گهيٽي
وڪڻڻ مهل هن خريدار کي نه چيو ته هن گهيٽي کي ڪا
اهڙي عادت آهي ته انهيءَ جي کڻڻ ۾ يا هڪلڻ ۾ سنڀال
ڪرڻ اچي.“
211- هڪڙي فقهه جي عالم کان پڇيائون ته ”ڪهڙي ڏينهن مٿو ڪوڙائڻ
گهرجي ۽ ڪهڙي ڏينهن ننهن لهرائڻ گهرجن ۽ مڇون
ڪهڙي ڏينهن ڪترائڻ گهرجن؟“ هن چيو ته ”دراز شنبه
جي ڏينهن، يعني جڏهن گندگي دور ڪرڻ چڱي لڳي ۽ ضرور
ٿئي.“
212- ابو منصور سجستاني هڪڙي فقيہ کان پڇيو ته ”بيابان ۾ جڏهن
وهنججي، تڏهن منهن ڪهڙي پاسي ڪرڻ گهرجي؟“ هن چيو
ته ”پنهنجن ڪپڙن پاسي، متان اهي چور کڻي وڃي؟“
213- هڪڙي جوان ڪنهن فقيہ کي اچي چيو ته ”منهنجي زال خوبصورت
آهي ۽ منهنجي هن سان ڏاڍي دل آهي، هوءَ تمام نازڪ
بدن آهي، اٽي گوهڻ، ماني پچائڻ ۽ ٻوڙ رڌڻ جي هن ۾
طاقت ڪانهي ۽ نه ڪپڙا ڌوئي يا جاءِ ٻهاري ٿي سگهي،
مون کي ايتري دسترس به ڪانهي، جو ڪا نوڪرياڻي
رکان، ڀانيان ته ڪنهن پورهيت زال سان شادي ڪريان
ته اهي ڪ، سڀئي ڪري، اهڙي زال هٿ به ڪئي اٿس، مگر
انهيءَ جا مائٽ راضي نٿا ٿين. چون ٿا ته پهرين زال
کي طلاق ڏي ته پوءِ اها ٻانهن تو کي ڏيون، هاڻ
منهنجو عرض آهي ته مون کي اهڙي تجويز ڏسيو. جو اها
زال به پرڻجان ۽ هن کي به طلاق نه ڏيان؟“ هن چيس
ته ”پنهنجي زال کي قبرستان ڏي ڏياري موڪل، پوءِ
جڏهن هو تو کي چون ته پهرين زال کي طلاق ڏي، تڏهن
چئين ته قبرستان واري زال کان سواءِ ٻي جيڪا زلا
مون وٽ هجي، تنهن کي طلاق ٿو ڏيان، هو ڄاڻندا ته
تنهنجي زال مري ويئي آهي. تنهن ڪري اها ٻانهن تو
کي ڏيندا.“ هن ائين ڪيو ۽ ٻانهن مليس، پوءِ پنهنجي
زال وري قبرستان مان گهرائي ورتائين.
فصل اٺون
واعظمن جي خوشطبعي
214- هڪڙي ڏينهن ڪو بادشاهه سچ چوڻ واري واعظ جي وعظ ۾ حاضر هو،
واعظ، وعظ ڪندي ساڻس مخاطب ٿي سندس نالو وٺي سڏيو،
بادشاهه اها بي ادبي سمجهي، هن تي ڪاوڙيو ۽ اهڙي
فهائش ڏيڻ لاءِ ماڻهو موڪليائين، جنهن هن ي چيو ته
”بادشاهه اولوالامر آهي، انهيءَ جي تعظيم ۽ اطاعت
واجب آهي، تو کي گهريو هو ته بادشاهه جو ڪنيت وٺين
ها، نه نالو،“ واعظ چيو ته ”خدا تعاليٰ نبين کي
نالو وٺي سڏيو آهي ۽ جيڪي خراب ماڻهو آهن، تن کي
ڪنيت سڏيو اٿس، جئين ته عيسيٰ، موسيٰ وغيره ۽ ما
محمد الارسول ۽ تبت يدا ابي لهب، “ بادشاهه کي اهو
جواب ڏاڍو وڻيو ۽ واعظ ڏي چڱو انعام ڏياري
موليائين.
215- هڪڙي دولتمند ماڻهو ڪنهن واعظ خوشطبع کي سوني منڊي ڏني،
جنهن کي ٽڪ جنهن کي ٽڪ ڪانه هئي ۽ چيائين ته ”منبر
تي منهنجي حق ۾ دعا گهر.“ واعظ هٿ کڻي دعا گهري
ته يا خدا هن شخص کي بهشت ۾ سوني ماڙي ڏجئين، جنهن
کي ڇت ڪا نه هجي. پوءِ منبر تان هيٺ لهي آيو، تڏهن
انهيءَ دولتمند ماڻهوءَ ويجهو اچي چيس ته ”هيءَ
ڪهڙيءَ دعا گهريئي؟“ هن چيو ته ”تنهنجي منڊيءَ ۾
ٽڪ هجي ها ته ماڙي به ڇت سان ملئي ها.“
216- درويش احمد سمرقندي، هرات ۾ وعظ ڪندو هو ۽ وڏا وڏا فاضل،
عارف ۽ درويش انهيءَ وعظ ۾ حاضر ٿيندا هئا، ٿورا
ڏينهن وعظ بند ڪري وري وعظ آهن. هڪڙا اهي جن جو
منهن حق ڏي آهي ۽ پٺ خلق ڏي، اهي حق جي ڳالهه ڪندا
آهن ۽ خلق تي مهرباني ۽ مروت ڪندا آهن ۽ انهن جي
افعالن مان به واعظ ۽ نصيحت جا مثال ملن ٿا، اهي
جن جو منهن خلق ڏي آهي ۽ پٺ حق ڏي، انهن کي دنيا
جي مال ۽ عزت جي طمع ٿي رهي، اهي وعظ کان بس نه
ڪندا آهن.“ |