سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: لطائف الطوائف

 

صفحو :3  

باب ٽيون

بادشاهن ۽ حاڪمن جي خوشطبعي جون ڳالهيون

 

فضل پهريون

بادشاهن جي خوشطبعي

69- ڪتاب ”توفيقات غعبلي“ ۾ آهي ته سڪندر، هند جي بادشاهه ڏي لکيو ته مون کي شڪ ٿو پوي ته شيرين مان آهين، هند جي بادشاهه جواب ۾ لکيو ته جيڪو ماڻهو پاڻ بڇڙو آهي، سو ٻئي ۾ به بڇڙائي جو گمان ٿو ڪري، جڏهن ڪو ماڻهو ٻئي جو عيب ظاهر ڪرڻ گهرندو آهي، تڏهن جيڪو عيب منجهس هوندو آهي، سوئي پهرين سندس زبان مان جاري ٿيندو آهي، سڪندر کي هن جو جواب نهايت پسند آيو ۽ آفرين ڪيائينس.

70- بغداد جي خليفي جي عزيزن مان هڪڙي جو ننڍڙو پٽ مري ويو،هو رڙيون ڪري روئڻ لڳو، خليفي انهيءَ ڏي خط لکيو ته جڏهن اهو ٻار جيئرو هو، تڏهن انهيءَ مان تون ڏاڍو خوش هئين، پر حقيقت ڪري قرآن موجب اهو فتنو آهي ۽ جڏهن اهو مئوآهي، تڏهن انهيءَ مان تو کي ڏاڍو ڏک ٿو رسي ۽ حقيقت ڪري حديث موجب اهو پيءُ جي رحمت ۽ شفاعت جو سبب آهي.

71- خليفو سليمان بن عبدالملڪ طاعون پوڻ ڪري شهر ڇڏي ڀڄي ويو، ڪن خوشطبع عالمن ڏانهنس لکيو ته قرآن ۾ فرمايل آهي ته منافقن کي چئو ته موت يا قتل کان ڀڄڻ مان اوهان کي ڪو به فائدو ڪو نه رسندو، مگر ٿورو وقت سليمان جواب ۾ لکيو ته مون به انهيءَ ٿوري وقت جي فائدي لاءِ ائين ڪيو آهي، يعني ماڻهوءَ ججي لاءِ ٿوري حياتي ورهائي ڏنل آهي ۽ اهو انهيءَ ٿوريءَ جي طلب ۾ آهي، اسان جي ۽ اوهان جي دل جي خبر خدا کي آهي.

72- هڪڙو ٺڳ زاهد، ڪنهن خوشطبع بادشاهه وٽ ويو، جو هميشه شراب جي خمار ۾ رهندو هو، چيائينس ته ”رات حضرت پيغمبر ﷺ جي خواب ۾ مون زيارت ڪئي، پاڻ فرمايائون، فلاني سلطان کي وڃي چئو ته ٿورو شراب پيئندو رهي، بادشاهه جواب ڏنس ته آءٌ قسم ٿو کڻان ته اهو خواب تو ڪوڙو ٺاهيو آهي،“ زاهد چيس ته ”تون ڪيئن ٿو چوين ته هي خواب ڪوڙو آهي؟ بادشاهه چيو ته ”انهيءَ ڪري ٿو چوان جو تون ٿو چوين ته حضرت جن چيو اهي ته ٿورو شراب پيئندو ڪر! انهيءَ مان ظاهر آهي ته حضرت جن شراب پيئڻ جي موڪل ٿا ڏين، پر حقيقت ۾ شرع موجب شراب جو گهڻو يا ٿورو پيئڻ حرام آهي ۽ ان جي منع ڪيل آهي، حضرت جن ڪڏهن به ٿوري شراب پيئڻ جي موڪل نه ڏني هوندي،“ زهاد شرمندو ٿيو ۽ حاضر اميرن، بادشاهن جي خوشطبعيءَ ۽ تيز فهميءَ تي آفرين ڪئي.

 

فصل ٻيو

بادشاهن جي وڏي شان ۽ پڪي ارادي ۽ همت بابت

73- ارد شير بادشاهه جي نسبت ۾ شڪايت ٿيڻ لڳي ته حرم کان ٻاهر ٿورو نڪري ۽ ماڻهن کي پنهنجو ديدار ٿورو ٿو ڏيکاري، جڏهن اها ڳالهه سندس ڪن تي پئي، تڏهن چوڻ لڳو ته ”ماڻهن مان سڀ کان بهادر ماڻهو اهو آهي، جو شينهن کي گهڻو ٿو ڏسي.

74- هڪڙو عرب، معاويه ابن ابي سفيان وٽ آيو، جنهن وقت هو عراق، عرب، ۽ شام جو بادشاهه هو ۽ سندس اڳيان شڪايت ڪري چيائين ته ”زماني جو غم مون کي زمين ۾ ٿو رکي ۽ روزگار جو فڪر مون کي بي آرام ٿو رکي، “ معاويه چيس ته ”تون زماني جي شڪايت نه ڪر، اسين بادشاهه زمانو آهيون، جنهن کي مٿي چاڙهيون ٿا، سو مٿي چڙهي ٿو ۽ جنهن کي هيٺ لاهيون ٿا، سو خوار ۽ بيمانو ٿو ٿئي. ٻئي ڪنهن ماڻهو هن کي چيو ته ”احنف بن ڪيس ظاهر ٿو ڪري ته ماڻهو مون کي بخيل ٿا سڏين پر مون ۾ اهڙا گڻ آهن، جو هڪڙو هڪڙو انه مان مان لک دينار ٿو لهي،“ معاويه چيو ته “پهريون وڏو بخل هن ۾ اهو آهي ته پنهنجي گڻ تي ملهه ٿو ٺهرائيءَ ۽ لک دينار انهيءَ تي قيمت ٿو رکي!“

75 – ابو محمد يزيد جو بغداد جي اميرن مان هو، تنهن هارون الرشيد ڏي لکيو ته تنهنجن اميرن امن ڪي مجلس ۾ منهنجي نسبت تو وٽ شڪايت ٿا ڪن، هارون جواب ۾ لکيو ته منهنجي مجلس هڪڙي بساط يا فراسي آهي، جا جڏهن مجلس پوري ٿي ٿئي، تڏهن ويڙهجي ٿي وڃي، يعني جڏهن منهنجي مجلس ۾ ڪا شڪايت ٿئي ٿي، تڏهن اها مجلس جي پوري ٿيڻ تائين هلي ٿي، پوءِ گم ٿيو وڃي ۽ جنهن جي نسبت ۾ شڪايت ٿي ٿئي، تنهن تي انهيءَ جو ڪو به اثر ظاهر نٿو ٿئي ۽ انهيءَ مان هن کي ڪو به نقصان نٿو رسي.

76- سڪندر کي چيائون ته ”هيترا ملڪ ورتا اٿئي ته اڃا تو قناعت ڪا نه آئي آهي؟“ سڪندر جواب ڏنو ته “قناعت حيوانن جي عادت آهي، يعني قانع ٿي ماٺ ڪري ويهڻ ۽ آرام وٺڻ جانورن جي عادتن مان آهي ۽ مٿي چڙهڻ جي طمع رکڻ اسنان جي عادت آهي.“

77- يعقوب بن ليث، بادشاهه ٿيڻ کان اڳي، هڪڙي ڏينهن پنهنجي قبيلي جي ڪن جوانن سان گڏ، هڪڙي هنڌ ويٺو هو ته سندس مائٽن مان هڪڙي ٻڍي اڍي ٻين مجلس وارن جي اڳيان چيس ته ”اي يعقوب، تون چڱو خوبصورت جوان آهين، تون شاديءَ جي تياري ڪر ته قبيلي جي معتبر ماڻهن مان ڪا تنهنجي لائق ڪنوار ڳوليان؟“ يعقوب چيو ته ”اي پيءُ، مون پنهنجي ڪنوار اڳيئي هٿ ڪري ڇڏي آهي ۽ انهيءَ جو ڏاج به موجود ڪري ڇڏيو اٿم.“ هن پڇيو ته ”اها ڪير آهي؟“ يعقوب کپ مان ترار ڪڍي ڏيکاريس ۽ چيائينس ته ”مون مشرق ۽ مغرب جي ڪنوار سان نڪاه ڪيو آهي ۽انهيءَ جو ڏاج جو هيءَ جوهردار و ترار آهي!“

78- خليفي مامون کي ميٽ يا مٽي کائڻ جي ڏاڍي خراب عادت هوندي هئي، انهيءَ ڪري هڪڙي خراب مرض ۾ گرفتار ٿي پيو، طبيبن گهڻائي علاج ڪيا، پر فائدو ڪو نه ٿيو، نڪي وري هو اها عادت ڇڏي سگهيو، نيٺ خبر ڏنائونس ته ”بيت المقدس جي جبلن جي هڪڙي غار ۾ هڪڙو طبين ويٺل آهي، اهو سندس علاج ڪري سگهندو،“ مامون، ماڻهو موڪلي انهيءَ کي گهراوي، طبيب جڏهن مامون وٽ آيو، تڏهن چوڻ لڳس ته ”اي مامون، تون ڏاڍو عاقل، فاضل، ڏاهو ۽ سمجهو جوان آهين۽ وڏن بادشاهن مان هڪڙو آهين، پڪو ارادو ڪري ۽ وڏي همت جهلي نٿو سگهين! بادشاهن کي اهڙو ارادو ڪرڻ گهرجي، جو وري انهيءَ کان ڦري نه سگهن، تون ميٽ نه کائڻ جو پڪو ارادو ڪري نٿو سگهين. تڏهن بادشاهي ڪم ڪيئن ڪري سگهندين؟“

اها نصيحت ٻڌي، مامون پڪو ارادو ڪيو ته اها عادت ڇڏي ڏي، جڏهن ڪڏهن دل ميٽ کائڻ لاءِ ڇڪي ڏيندي هيس، تڏهن پاڻ کي روڪيندو هو، آخر عادت ڇڏي ڏنائين ۽ مرض به ڇڏي ويس.

 

فصل ٽيون

بادشاهن جي شهوت پرستي ڇڏڻ بابت

79-ابوسلمه حلاق، جو خليفي سفاح جو وڪيل هو، تنهن ڏانهنس لکيو ته جي حڪم ڏين ته تنهنجي لاءِ خوبصورت ٻانهيون ڳولي هٿ ڪريان؟ خليفي جواب ۾ لکيو ته جيئن جيئن بادشاهن جي طاقت زياده ۽ وڏي ٿيندي آهي. تيئن تيئن انهن جي شهوت گهٽ ٿيندي ويندي آهي.

80- وزيرن منجهان هڪڙي، سڪندر بادشاهه کي چيو ته “خدا تعاليٰ تو کي گهڻو ملڪ ڏنو آهي ۽ علم به تو کي گهڻو آهي. جنهن ڪري جهان جي بادشاهن مان سڀني کان وڏو آهين، ڇو نٿوگهڻيون زالو پرڻجين، ته اولاد گهڻو ٿيئ ۽ زمين تي تنهنجو نسل گهڻي وقت تائين هلي ۽ تنهنجي يادگيري قائم رهي ۽ گهڻن ملڪن جا وارث پيدا ٿين.“ سڪندر جواب ڏنس ته ”اولاد يادگار نٿو رهي، پر چڱا افعال ۽ اخلاق يادگار ٿا رهن، جنهن مڙس تي ضعيف زالو غالب ٿي وڃن سو مڙس نه چئبو.“

81- هڪڙو حاذق حڪيم ۽ قابل طيب بغداد جي خليفي وٽ آيو ۽ چيائينس ته ”مون تنهنجي لاءِ ٽي تحفا آندا آهن،جي بادشاهن کانسواءِ ڪنهن کي به ڏيڻ جي لائق نه آهن.“ خليفي پچيس ته ”اهي ڪهڙا آهن؟“ حڪيم چيو ته ”پهرين هڪڙو اهڙو خضاب يا ڪيس آهي، جنهن جي لائڻ سان وار وري ڪڏهن به اڇا نه ٿيندا، ٻيو تحفو هڪڙي اهڙي معجون آهي، جنهن جي کائڻ سان ماڻهو ڪهڙو به ۽ ڪيترو به کاڌو کائيندو ته هضم ٿي ويندو ۽ نقصان نه ڪندو، ٽيون تحفو هڪڙي دوا آهي، جنهن جي کائڻ سان قوت زياده ٿئي ٿي ۽ شهوت ضعيف نٿي ٿئي،“ خليفي خيال ڪري، حڪيم کي چيو ته ”انهن تحفن ۽ ناهن ڳالهين جو مون وٽ ڪو به قدر ڪونهي. مڳون سمجهيو ٿي ته تون زياده عقل۽ فضيلت وارو آهين، اهو تنهنجو ڪيس ٺڳي ۽ معذوريءَ جو مايو آهي، ڇا لاءِ جو وارن جي ڪاراڻ اونداهي وانگي آهي ۽ اڇاڻ نور ۽ روشنائيءَ جي مثال آهي، ڪو بيوقوف هوندو جو اونداهيءَ تي سوجهرو مٽيندو، معجون جي نسبت ۾ تو کي خبر هجي ته آءٌ انهن ماڻهن مان ناهينا جي گهڻي کائڻ ۽ عمدن طعامن مان خوشي ۽ لذت حاصل ڪن ٿا، ائين ڪرڻ سان ڪيترائي مرض پيدا ٿين ٿا، جي لا علاج ٿا ٿين ۽ جنهن ٽي دوا جون تون ذڪر ٿو ڪرين سا شهور ۽ زالن جي صحبت ڏي مائل ڪرڻ واري آهي، جنهن جي گهڻائي مان جنون ۽ دماغ جي حرڪت پيدا ٿئي ٿي، افسوس جي ڳالهه آهي ته خدا جي خلق جو ڌنار يعني ملڪ جو بادشاهه، هڪڙي ضعيف زال جي اڳييان ڪنڌ جهڪائي ۽ انهيءَ جي خوشامد ڪري ۽ اها مٿس غالب پوي!

 

 

فصل چوٿون

بادشاهن جي سياست ۽ غيرت بابت

82- هڪڙي ڀيري سڪندر بادشاهه ڪنهن وڏي ڏوهاري کي مارائڻ جو حڪم ڏنو، انهيءَ ماڻهوءَ عرض ڪيو ته ”سائين اهو جيڪو مون ڏوهه ڪيو آهي، سو ڏاڍي لاچار کان ڪيو اٿم ۽ خوشيءَ کان ڪين ڪيو اٿم ۽ ڪري پوءِ پيشمان ٿيو آهيان، تنهن ڪري تون به ائين ڪر ۽ منهنجي مارائڻ ۾ خوشي نه ڏيکار ۽ اڳرائي نه ڪر،“ سڪندر کلي هن کي معافي ڏني.

83- نوشيروان، پنهنجي راڄ جي پڇاڙيءَ ڌاري ڪنهن قصور ڪري، پنهنجي وزير بورزجهر کي مارائڻ جو حڪم ڏنو، هن معافي گهري ۽ عرض ڪيو ته ”معافي ڏيڻ هڪڙي نهايت عمدي وصف آهي ۽ آءٌ بادشاهه کي هڪڙي چڱي وصف جي لاءِ هدايت ٿو ڪريان.“ نوشيروان جواب ۾ چيو ته؛

”پڪي پوک جڏهين لڻڻ ٿيو صواب

جي ان کي نه لڻبو ته ٿيندي خراب“

84- خسرو پرويز، هڪڙي وڏي عالم کي پاڻ وٽ گهرايو جو هن ماڻهن تي گهڻا ظلم ڪيا هئا، هن اچڻ کان نٽايو، بادشاهه انهيءَ هنڌ جي حاڪم ڏي لکيو ته؛ جڏهن انهيءَ عالم جو سڄو بدن مون تائين اچڻ جي لاءِ ڳرو ٿي پيو آهي، ته انهيءَ جو سڀ کان هلڪو عضووئي مون ڏي وڍي ڏياري موڪل يعني سندس سسي.

85- ڪتاب ”جامع حڪايات“ ۾ آهي ته؛ سلطان محمود غزنويءَ جي پٽ بهرام شاهه، هڪڙي حاڪم کي غور ڏي موڪليو. انهيءَ اتي جي ماڻهن تي ڏاڍي سختي ۽ زبردستي ڪئي، آخر اهي سڀئي بادشاهه وٽ غزني دانهين آيا.

بادشاهه انهيءَ حاڪم جي نالي هڪڙو وڏو سخت حڪم فهمائش جو لکي، هنن کي ڏنو، اهو انهن آڻي حاڪم کي ڏنو، حاڪم اهڙو شوخ ۽ بد طبيعت ۽ ڪاوڙيل هو، جو اهو حڪم ڦاڙي ڇڏيائين ۽ جنهن غوريءَ اهو آڻي پهچايو هوس، تنهن کي ڏاڍي مار ڏنائين، اهو شخص وري پيرين پيادو غزنيءَ ۾ آيو ۽ سارو احوال بيان ڪري ٻڌايائين، بهرام شاهه حڪم ڏنو ته ”انهيءَ حاڪم ڏي زياده سخت تاڪيد لکو ۽ اڳي کان به ڊگهي ڪاغذ تي لکيو!“ منشي هڪرو وڏو پنو کڻي لکڻ ويٺو، غوريءَ چيس ته ڪ”سائين خدا جي واسطي اهو حڪم ڪنهن ننڍي ڪاغذ جي ٽڪري تي لک ته آسانيءَ سان کائي سگهان، اڳوڻي ڪاغذ جي کائڻ ۾ مون کي ڏاڍي تڪليف ٿي آهي،“ اهو جواب ٻڌي، بادشاهه کلڻ لڳو، غوريءَ چيس ته ”حضور کلي ٿو، پر جي بادشاهيءَ جي ڪا غيرته هجيس ته جيڪر کلڻ جي بدران روئي، جو حضور جو نوڪر، حضور جي حڪم جي پرواهه ڪا نه ٿو رکي!“ بهرام شاهه کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ سندس غيرت جاڳي، هن کي چيائين ته ”اي غوري، تون سچ ٿو چوين، آءٌ قسم ٿو کڻان ته جيسين انهيءَ حاڪم کان انهيءَ بي ادنيءَ جو وير نه وٺان ۽ هن کي جوڳي سزا نه ڏيان، تيسين مون کي کاڌو ۽ ننڊ حرام آهي،“ هڪدم اٿي ترار چيلهه سان ٻڌائين ۽ غور ڏي چڙهي روانو ٿيو ۽ لشڪر کي حڪم ڏنائين ته ”منهنجي پٺيان هليا اچو، جو آءٌ غور جي ڪوهستان ڏي شڪار لاءِ ٿو وڃان.“ انهيءَ بهاني تي هو غور ۾ آيو، حاڪم بادشاهه جي اچڻ جي خبر ٻڌي، استقبال لاءِ نڪري آيو ۽ ڪيتريون شيون دستور موجب نذرانو ڪري آڻي پيش ڪيائين، پر انهيءَ غوري شخص کي بادشاهه سان گڏ ڏسي، البت بي آرام ٿيڻ لڳوڳ، هڪدم گهوڙي تان لهي بادشاهه جوو رڪاب چميائين. بادشاهه حڪم ڏنو ته ”هن جو ڪنڌ ۽ ٻانهون قابو ڪري ٻڌو.“ ۽ چيائين ته ”جيسين هن کي جوڳي سزا نه ڏيندس. تيسين گهوڙي تان نه لهندس“ حڪم ڏنائين ته ”ويهه سير شيهي جا هڪدم کڻي اچو!“ پنهنجي روبرو اهو شيهو باهه ۾ پگهاري هن جو وات زور سان پٽائي هن جي نڙي ۾ اوتائي وجهارايائين. هن جي مرڻ کانپوءِ چيائين ته ”جيڪو بادشاهه جو حڪم نه مڃي ۽ بي ادبي ڪري، تنهن کي اها سزا آهي،“ پوءِ هڪڙو چڱو ۽ انصاف وارو حاڪم، غور ۾ مقر ڪري پاڻ موٽي غزنيءَ ۾ آيو.

فصل پنجون

بادشاهن جي حشمت ۽ تدبير بابت

86- هڪڙو ٻهراڙي جو ماڻهو خليفي منصور وٽ پنهنجي ملڪ جي حاڪم جي ظلم ۽ زبردستيءَ بابت دانهين ٿي آيو، منصور هن جو سارو احوال ٻڌي، انهيءَ حاڪم جي نالي هڪڙي ڪاغذ جي ٽڪر تي هيئن لکي، انهيءَ ماڻهو جي هٿان موڪليو ته هن شخص جو ڪم پورو ڪر، نه ته آءٌ تنهنجو ڪم پورو ڪندس، انهيءَ ڪاغـذ رسڻ تي، حاڪم هڪدم انهيءَ ماڻهوءَ جو اهنج لاٿو، ٻئي به هڪڙي ڏي لکيائين ته تنهنجي ظلم جي مون کي شڪايت پهتي آهي، يا چڱو ٿيو ۽ سنڀالي هلڻ لڳو.

87- لکيل آهي ته ڪثير بن عبدالله خليفي منصور جو وزير هو، انهي کان ڪو قصور ٿي پيو، خليفي هن کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن قيد ۾ رهي هن کي تمام گهڻا ڏينهن گذريا. تڏهن پنهنجي ڇوٽڪاري جي لاءِ قرآن جي هيءَ آيت لکي خليفي ڏي موڪليائين، ”يعفوا عن ڪثيرهم“ يعني هنن مان گهڻن کي معافي ڏنائون ۽ ڪثير، جنهن جي معنيٰ گهڻا آهن، سو سندس نالو به هو، يعني عرض ڪيائين ته ”قرآن جي واسطي، ڪثير ويچاري کي معافي ڏي.“ خليفي وري به قرآن مان هي جواب لکي ڏياري موڪليس ته؛ ”لا خير في ڪثير“ يعني گهڻن ۾ چڱائي ڪانهي، يا اشاري سان چيائينس ته ”ڪثير“ کي ڇڏي ڏيڻ مان ڪا چڱائي ڪا نه ٿيندي.

88- خليفي عمر بن عبدالعزيز، هڪڙي ملڪ جي حاڪم جي نسبت ۾ شڪايت ٻڌي، ته ڦر مار ڪري دولت پيو گڏ ڪري ۽ مفت جو مال کائي پي، ٿلهو ٿيندو وڃي، هن ڏي لکي موڪليائين ته: ائين نه ڪر ڍورن وانگي چري ٿلهو ٿيندو وڃين. ياد رک ته جڏهن چوپايو مالو ٿلهو ٿيندو آهي، تڏهن ڪسندو آهي!

 

فصل ڇهون

بادشاهن جي شجاعت ۽ همت بابت

89- سڪندر بادشاهه، جڏهن دارا سان جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو، تڏهن دارا لکي موڪليس ته: دارا، اسي هزارن جي وچ ۾ آهي، ڀانيائين ته هو ايتري لشڪر جو ٻڌي، ڊڄي ويندو، پر سڪندر ساڳي طرح مختصر جواب لکيس ته ڪاسائي کي رڍن ۽ ٻڪرين جي گهڻائي کان ڊپ ڪو نه ٿيندو آهي.

90- ڪتاب ”ربيع الابرار “ ۾ آهي، ته ؛ ايران جي بادشاهه هر مز کي حضرت عمر جي خلافت ۾ قيد ڪري مديني ۾ آندائون، خليفي هن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هرمز چيو ته ”مون کي ڏاڍي اڃ لکي آهي، پهرين مون کي پاڻي پياري ڍو ڪرايو، پوءِ مون کي ماريو،“ هڪڙو پيالو ڀري، آڻي هٿ ۾ ڏنائونس، هو اهو جهلي ويهي رهيو ۽ هٿ پي ڏڪيس، پڇيائونس ته ڇو نه پاڻي ٿو پين؟

هن چيو ته ”اهو ڊپ اٿم ته متان پاڻي پيئڻ کان اڳي، منهنجو رت پاڻي وانگي وهائين؟“ خليفي عمر چيس ته ”جيسين تون پاڻي پي بس نه ڪندين، تيسين تو کي پڪ نه ماريندا.“ اهو ٻڌي هن هڪدم پاڻي هاري ڇڏيو، خليفي حڪم ڏنو ته ”هاڻي سي لاهيوس!“ هن هڪدم چيو ته ”تو بادشاهه ٿي مون کي امان ڏنو ۽ وعدو ڪيئي ته جيسين پاڻي پي بس نه ڪندين. تيسين مون کي نه ماريندا، مون پاڻي نه پيتو آهي، تنهن ڪري بادشاهي قول موجب مون کي ڪو به ڪو نه هٿ لائي!“ خليفي لاچار ٿي چيو ته ”خدا تو کي ماريندو، جو ٺڳي ڪري مون کان تو امان ورتو آهي ۽ مون کي انهيءَ جي خبر نه پئي،“ انهيءَ طرح هرمز سلامت رهجي ويو.

91- ابراهيم بن مالڪ اشتر، هڪڙي ڀيري عم ابن زياد سان جنگ ڪرڻ لاءِ ٿي ويو، وٽس ڪي پاليل ۽ هريل ڪبوتر هئا، سي لڪائي هڪڙي پنهنجي ويساهه واري ماڻهن کي ڏنائين ۽ چيائينس ته ”جڏهن ڏسين ته منهنجو لشڪر ضعيف ٿيڻ لڳو آهي ۽ منهنجو دشمن غالب ٿو ٿئي، تڏهن هنن ڪبوترن کي لشڪر گاهه ۾ اڏائي ڇڏجن، جيئن ٻئي ڪنهن کي به خبر نه پئي،“ پوءِ پنهنجن ماڻهن کي چيائين ته ”مون پاڪ ڪتابن ۾ ڏٺو اهي ته هن جنگ ۾ اسان کي ملائڪ مدد ڪندا ۽ سفيد ڪبوترن جي صورت ۾ اسان جي لشڪر ۾ اچي لهندا. انهيءَ دلاسي تي سپاهين کي ڏاڍي همت آئي ۽ ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهيا، انهيءَ هوندي به دشمن جي لشڪر گهڻي هئڻ ڪري، هنن جي ضعف جي نشاني ظاهر ٿين لڳي ۽ ڀڄڻ تي هئا، تڏهن انهيءَ شخص اهي ڪبوتر لڪائي کڻي اڏايا. جي مٿان لشڪر تي آيا، ماڻهن کي اهي ڏسي پڪ ٿي ته ملائڪ مدد لاءِ آيا، ماڻهن کي اهي ڏسي پڪ ٿي ته ملائڪ مدد لاءِ آيا؛ ”الله اڪبر“ جا نعرا هڻي، دشمن جي لشڪر تي ڪاهي پيا، هڪدم انهن کي ڀڄائي ڪڍيائون ۽ سندن سردار ابن زياد جي سسي ڌڙ کان ڌارڪري ڇڏيائون.

 

فصل ستون

بادشاهن جي دينداري ۽ اسلامي غيرت بابت

92- حضرت علي عليہ السلام لکيل آهي ته پنهنجي خلافت جي زماني ۾ سارو ڏينهن حڪومت ۾ رعيت جي ڪم ڪرڻ ۽ معاملن فيصل ڪرڻ ۾ مشغول رهندا هئا ۽ رات جو جاڳڻ ۽ خدا تعاليٰ جي عبنادت ۾ مشغول رهندا هئا.سندن اصحاب کين ڏينهن يا رات جو آرام وٺڻ لاءِ عرض ڪندا هئا ته انهن کي جواب اهو ڏيندا هئا ته ”جي ڏينهن جو آرام وٺندس ته دنيا ۾ خدا جي خلق جو ڪم خراب ٿيندو ۽ جي رات جو آرام وٺندس ته آخرت ۾ منهنجو ڪم خراب ٿيندو. ڇا لاءِ جو دنيا، آخرت جي ٻني آهي، جڏهن هتي پوکيندس، تڏهن هتي لڻندس.“

93- هڪڙي بادشاهه ڪنهن ڏوهاريءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ چهبڪ ٿي هڻيا، هن انهيءَ وچ ۾ بادشاهه کي گاريون ڏنيون ۽ اجايو سجايو ڳالهايو. جيڪي حاضر هئا، سي اهي ٻڌي، ڏاڍا شرمندا ٿيا ۽ ڪنڌ هڻي هيٺ ڪيائون، يقين ڄاتائون ته بادشاهه پهرين هن جي زبان وڍائي، پوءِ هن کي مارائي ڇڏيندو، پر جڏهن بادشاهه هن جون گاريون ٻڌيون. تڏهن هڪدم هن کي معافي ڏئي ڇڏيائين! درٻارين کي عجب لڳو، هن جو عجب ڏسي بادشاهه چيو ته ”مون هن کي جو ڏوهه لاءِ سزا ٿي ڏني، سو شريعت جي حڪم پوري ڪرڻ لاءِ، پر هاڻ جڏهن هو مونکي گاريون ڏيڻ لڳو، ۽ مون کي ڪاوڙ آئي، تڏهن منهنجي نفس چيو ته هن کي قتل ڪرائي، هن جوو رت هاريان، جي آءٌ ائين ڪريان ها ته ڄڻ نفس جي تابعداري ڪيم نه شريعت جي انهيءَ ڪري هن کي معافي ڏئي ڇڏيم.

94- اهڙي ساڳي ڳالهه حضرت عليہ السلام جي نسبت ۾ لکيل آهي ته: هڪڙيءَ غزا ۾ هڪڙي بهادر ڪافر سان وڙهي، هن کي ڪيرائي سندس سيني تي چڙهي ويٺو ۽ خنجر ڪڍي ڀانيائين ته هن جي سسي وڍي، هن انهيءَ مهل بي حيا ٿي حضرت عليءَ جي منهن ۾ ٿڪ هڻي ڪڍي، حضرت علي هڪدم هن جي سيني تان لهي پيو! هن ڪافر کي حيرت لڳي، پڇڻ لڳو، ته ”اي علي، تو مون کي دسيو ۽ مون کي مارڻ تي هوئين، پوءِ جڏهن مون ههڙي بي ادبي ۽ بيعزتي ڪئي، تڏهن زياده چڙڻ جي بدران پاڻ مون کي ڇڏي ڏني،! تنهن جو سبب ڇا آهي؟“ حضرت علي فرمايو ته ”مون جو تو سان دشمني ڪا نه هئي، خدا جي خوشي لاءِ ائين ٿي ڪيم، جو تون ڪافر هوئين ۽ خدا کي ۽ سندس حڪم کي ۽ سندس نبيءَ کي نٿي مڃئي ۽ مون سان ٿي وڙهئين. پر جڏهن تو منهنجي منهن ۾ ٿڪ هنئي، تڏهن مون کي ڪاوڙ ڏياريئي. پوءِ جي تو کي ماريان ها ته پنهنجي نفس کي خوش ڪريان ها، نه خدا تو کي تنهن ڪري مون پنهنجي نفس جي تابعداري ڪرڻ نه گهري، هن ڪافر تي حضرت عليءَ جي سچي نيت جو اهڙو اثر ٿيو، جو اسلام قبول ڪيائين.

 

فصل اٺون

بزرگن ديندارن کي، بادشاهن جي تعيظم ڏيڻ بابت

95- ڪتاب نوادر ثعلبي ۾ آهي ته؛ هڪڙي ديندار بزرگ ڪا تحفي جهڙي شيءِ سوکڙي ڪري، ڪنهن بادشاهه ڏي موڪلي ۽ پيغام اهو ڏيئي موڪليائين ته ”اسان فقيرن جي هي سوکڙي تو جهڙي بادشاهه ڏي موڪلڻ اهڙي آهي، جهڙي کجور بصري ڏي موڪلڻ“ يعني بلڪل بيقدر آهي، بادشاهه جواب ۾ لکيس ته ”ائين ناهي، اڪثر مديني مان کجور تبرڪ جي رستي بصري ڏي موڪليندا آهن.“ يعني انهيءَ جو مون وت وڏو قدر آهي.

96- هڪڙي شاهين، تحفو ڪري، بادشاهه خسرو پرويز وٽ آندائون ۽ چيائون ”ته هي پکي ههڙو ننڍو آهي، ته به هڪڙي وڏي باز کي شڪار ڪيو اٿس.“ بادشاهه هڪدم حڪم ڏنو ته ”هن جي سسي پٽي، هن کي ماري ڇڏيو، جيڪو ننڍو ۽ گهٽ درجي وارو پائون وڏي تي غالب پوي، انهيءَ جي اها سزا آهي.“

97- چنگيز خان جي مجلس ۾ هڪڙو شخص آيو، جنهن هڪڙي ڀوئنر کي هيراو هو، جو مٿي هوا ۾ وڃي ڪونج کي اک ۾ چڪ هڻي انڌو ڪري، ڪيرائي وجهندو هو ۽ انهي طرح اهو ماڻهو ڪونجن جو شاڪر ڪندو هو ۽ انهي ڀوئنر کي هڪڙي نڙ ۾ وجهيو ڪپڙن ۾ ويڙهيو کسيو وتندو هو، جڏهن چنگيز خان پنهنجي روبرو اهو تماشو ڏٺو، تڏهن حڪم ڏنائين ته ”انهي ڀوئنر کي به ماري ڇڏين ۽ انهيءَ ماڻهو جا هٿ به وڍي ڇڌين!“ ماڻهو حيران ٿي ويا، جو هنن ڀانيو ٿي ته انهيءَ ماڻهو کي اهڙي هنر سيکارڻ لاءِ پان ڪو وڏو انعام ملندو، چنگيز خان هنن کي چيو ته ”جيڪو ننڍو پاڻئون وڏي تي غلبو ڪري انهيءَ کي مارڻ کپي ۽ جيڪو ننڍن کي ائين ڪرڻ سيکاري، انهن جا هٿ وڍڻ کپن.“

 

فصل نائون

فقيرن ۽ غريبن تي بادشاهن جي شفقت بابت

98- نوشيروان بادشاهه کي ٻڌايائون ته ”فلاڻو حاڪم رعيت کان ايترو مال ٿو وٺي ۽ گڏ ڪري، جو شاهي خزاني ۾ انهيءَ جي ڏهين پتيءَ جيترو به ڪونهي.“ بادشاهه جواب ۾ چيو ته ”خدا جو شڪرانو آهي ته اسان جي رعيت اسان کان زياده دولتمند آهي۽ اسان جي ئي عدل ۽ انصاف جي ڪري ۽ ساڳئي وقت انهي حاڪم کي سيکت به ڏنائين ۽ اهڙو حڪم جاري ڪيئاين ته ”حاڪم اهڙي ماڻهو کي ڪرڻ گهرجي، جو چڱن سان چڱو ۽ بڇڙن سان بڇڙو هجي ۽ جو ظالمن تي زبردستي ڪري ۽ مظلومن ۽ غريبن جي مدد ڪري.“

99- هڪڙي وقت ڪن رعيتي ماڻهن هارون الرشيد وٽ اچي عريصي ڪئي ته ”مڪڙ اسان جي ساري ٻوک وٽ کئي چٽ ڪري ويا آهن،“ جواب ۾ هنن کي چيائين ڪته ”مڪڙن کان وڌيڪ اسين اوهان جي مهمانيءَ جا لائق آهيون.“ انهيءَ سال جي ڍل به انهن کي معاف ڪيائين ۽ جو ٻج وڌو هئائون سو به هنن کي ڏياريائين.

100- هڪڙو ماڻهو خليفي عمر بن عبدالعزيز وٽ دانهين آيو ۽ گهڻيون اجايون دانهون ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو، اميرن مان هڪڙي هن کي ڌمڪايو ۽ اجايو سجايو ڳالهايو ۽ چيائينس ته ”اثي وڃ، خليفي کي تڪليف نه ڏي.“ هو فريادي ويچارو دل شڪستو ٿي هليو ويو، عمر انهيءَ امير کي چيو ته ”مون کي هن غريب جي رڙين مان ايتري تڪليف نه پهتي، جيتري تنهنجي رڙين مان پهتي. پوءِ انهي غريب جو دادا ڪيائين ۽ سندس اهنج لاٿائين.“

 

فصل ڏهون

بادشاهن جي معافي ڏيڻ بابت

101- رافع بن نصر سيار، خليفي ڏي عريضو لکيو ۽ کانئس آمان گهريائين، خليفي جواب ۾ هيءَ قرآن جي آيت لکي موڪليس، جنهن ۾ ”رافع“ جو لفظ اچي ٿو ۽ جا حضرت عيسيٰ علي السلام ڏي خطابٿي ڪري، ”يا رافيع اسي، رافيعڪ الي و مطهيرڪ عزالذين ڪفر وا“ يعني آءٌ تو کي مٿي چاڙهي، پاڻ ٿو آڻيان ۽ ڪافرن مان ڪڍي پاڪ ٿو ڪريان.

102- هڪڙي بادشاهه، ڪنهن ڏوهاريءَ جي نسبت پنهنجي هڪڙي امير سان صلاح مشورت ڪئي، انهيءَ چيو ته ”جي آءٌ بادشاهه جي جاءِ تي هجان ته ههڙي ڏوههه جي لاءِ جيڪر انهيءَ ماڻهو کي تمام سخت سزا ڏيان ها،“ بادشاهه چيو ته ”خدا جا شڪرانو جو تون منهنجي جاءِ تي ناهين،جو منهنجو ڪم تنهنجي خيال جي برخلاف آهي.“ پوءِانهيءَ ڏوهاريءَ کي معافي ڏيئي ڇڏي ڏنائين ۽ انهيءَ امير کي موقف ڪري ڇڏيائين جو هن اهڙيءَ بي ادبيء جي ڳالهه ڪئي هئي.

103- عبدالله بن طاهر لکي ٿو ته؛ آءٌ خليفي جي خدمت ۾ ويٺو هوس۽ نوڪرن مان مهل ڪو به حاضر ڪو نه هو، خليفي نوڪرن کي سڏ ڪيو، اوچتو هڪڙو ترڪ غلام لنگهي آيو ۽ شوخيءَ مان چڏوڻ لڳو ته ”غلامن ۽ نوڪرن کي به کائڻ، پيئڻ، هنگڻ، مٽڻ، وضو ڪرڻ، نماز پڙهڻ ۽ ٿوري آرام ڪرڻ جي اهڙي ضرورت ٿئي ٿي، جهڙي اوهان کي آهي، اڃا لحظو پاسي ٿا هٿئون ته رڙي پئي پوي ته اي غلام، اي غلام، خليفي ڪنڌ هيٺ ڪري ٻڌو. عبدالله ٿو چوي ته ”هي ٻڌي مون دل ۾ خيال ڪيو ته خليفو اجهو ٿو ، ڪنڌ مٿي کڻي، انهيءَ غلام جي سسي لاهڻ جو حڪم ڪري، پر سگهو ئي ڪنڌ مٿي کڻي، هن کي چوڻ لڳو ته ”اي عبدالله،سچ آهي ته جڏهن ڪنهن ماڻهو جا اخلاق به خراب ٿا ٿين، هاڻ اسان کي گهرجي ته اسين به پنهنجا اخلاق چڱا ڪريون ته اسان جا غلام به اخلاق چڱا ڪن.“

104- نوشيروان کي ٻڌايائون ته؛ تنهنجا وڪيل، نڪي تنهنجي مال ۽ اوڳڙ مان پاڻ ڪي ڪجهه و‎ٺن ٿا ۽ نڪي ٻين کي ڪي ڏين ٿا، بادشاهه جواب ڏنو ته ”جيسين ڪا نهر پهرين پيڻ جي ڪم ۾ نه ايندي. تيسين ٻئي ڪنهن هنڌ وهي وڃي پاڻي ڏئي نه سگهندي.“

105- ڪسريٰ بادشاهه ڪنهن ڏينهن مجلس ڪئي هئي، هڪڙو سونو جڙائو پيالو چورائجي ويو ۽ ڏسي ورتو هئائين ته سندس مائتن مان هڪڙي کنيو آهي ۽ وٽس لڪل آهي، جڏهن مجلس پوري ٿي، تڏهن جنهن ماڻهو جي حوالي پيالا هئا، تنهن سڀني ماڻهن کي چيو ته هڪڙو پيالو گم ٿي ويو آهي، ڪو به ڪو نه ٻاهر نڪري، جيسين ڪ ان جي بدن تلاشي نه ڏني وڃي، بادشاهه هن کي منع ڪئي، چيائينس ته ”جنهن اهو پيالو کنيو هوندو سو موٽائي نه ڏيندو ۽ جنهن اهو ڏٺو هوندو، سو ظاهر ڪين ڪندو!“ اهو وقت نه گذريو پر ڪن ڏينهن کان بادشاهه ڏٺو ته اهو سندس مائٽ تمام قيمتي ڪپڙا ڍڪيو ۽ جڙائو ترار ڪمر سان ٻڌيو گهمندو وتي.

 سڏي، اشاري سان چيائينس ته ”هي نوان ۽ قيمتي ڪپڙا انهي شيءِ منجهان ٿيا آهن.“ انهي شخص بادشاهه جو مطلب سهي ڪري چيو ته ”هائو هي ترار به انهي شئ منجهان ورتي اٿم“ ڪسريٰ کلي ڏنو ۽ هن کي هزار مثال سون جا ٻيا به ڏياريائين ۽ چيائين ته ”هن مان به وڃي ٻيون شيون پنهنجي لاءِ ٺهراءِ ۽ جڏهن اها رقم پوري ٿئي، تڏهن ٻي به اهڙي اچي وٺج!“ انهي ڱان پوءِ هو ڪسريٰ جي مقرربن مان ٿيو ۽ مقرر لوازمو ملندو هوس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org