باب چوٿون
بادشاهن، اميرن ۽ وزيرن جي خوشطبعيءَ جون ڳالهيون
فصل پهريون
بادشاهن جي روبرو اميرن ۽ وزيرن جي خوشطبعي
106- خليفي عبدالملڪ بن مروان وٽ، جعفر بن اميه، اميرن مان هڪڙو
هو، جڏهن مصعب بن زبير، عبدالمالڪ سان وڙهڻ جي
لاءِ فساد ڪيو، تڏهن جعفر وڃي هن سان گڏيو، جڏهن
مصعب مارجي ويو، تڏهن جعفر وري اچي عبدالمالڪ وٽ،
نوڪر رهڻ لاءِ حاضر ٿيو، خليفي پڇيس ته ”جڏهن اسان
کان ڦري، اسان دشمن سان وڃي شامل ٿئين، تڏهن وري
ڇو اسان وٽ آيو آهين.؟“ چيو ته “سائين مون آزمائي
ڏٺو آهي، ته ڌارين سان شامل رهن ڪري منهنجو پير
ڳرو ٿو ٿئي ۽ انهن کي نقصان ٿو رسي! هاڻي ڌارين کي
پورو ڪري وري پنهنجن وٽ آيو آهيان، جن وٽ منهنجو
پير سڀاڳو آهي، “ عبدالملڪ کلڻي هن کي معافي ڏني ۽
وري پاڻ وٽ اڳئي وانگي امير ڪري رکيائينس.
107- خليفي منصور دوانقيءَ امير سلطان بن وابل کي موصل جو حاڪم
مقرر ڪري موڪليو ۽ ٻه هزار عجمي ساڻس ڏنائين ۽
چيائينس ته ”ڏس تون سليمان آهين ۽ هزار شيطان تو
کي ساڻ ٿو ڏيانته تو کي حڪومت جي ڪم ڪار ۾ مدد
ڪندا رهن.“ جڏهن سلمان، موصل ۾ پهتو، تڏهن اهو
سندس عجمي لشڪر ماڻهن تي ظلم ڪرڻ لڳو ۽ سپاهين
تمام خراب ڪم ڪيا ۽ انهن جي ظلم جي خبر منصور کي
پهتي، سليمان ڏي لکائين ته ”ڪفرت النعم يا سليمان
هيءَ قرآن جي آيت جواب ۾ لکي موڪلي ته ”ما ڪفر
سليمان والاڪن السياطين ڪنفروا“ يعني سليمان ڪفر
نه ڪيو، مگر شيطانن ڪفر ڪيو. خليفي منصور کي هن جو
جواب ڏاڍو وڻيو ۽ هزار عرب سپاهي موڪلي ڏنائينس ۽
عجمي سپاهي اتان ڪڍي ڇڏيائين.
108- ذواليمين، خليفي جي مقرين مان هو ۽ نهايت فاضل ۽ عالم هو،
انهيءَ کي علي بن عيسيٰ بن هارون سان وڙهڻ جي لاءِ
مقرر ڪري موڪليائين هن وڃي انهن سان وڙهي انهي کي
ماريو ۽ فتح جي خوشخبري خليفي ڏي لکي موڪليائين ۽
خط ۾ هيئن لکيائين ته ”ذواليمين، علي ٻن عيسيٰ جي
سسي پنهنجي اڳيان رکي ۽ انهيءَ جي منڊي پنهنجي آڱر
۾ وجهي، هي خط عرض ٿو رکي.
109- هڪڙي ڏينهن، جعفر برمڪي، هڪڙي بيابان ۾ خليفي جي پاسي کان
چڙهيو پي هليو، اوچتو ڪن مانحن سون جا ڪي اٺ خليفي
وٽ آندا، خليفي پڇيو ته ”هي سون سان ڀريل اٺ ڪنهن
جا آهن؟“ چيائون ته ”علي بن عيسيٰ خراسان مان تحفو
ڪري موڪليا آهن“ انهيءَ وقت خليفي، جعفر جي ڀاءُ
فاضل بن يحيٰ برمڪيءَ کي موقوف ڪري، علي بن عيسيٰ
کي خراسان جو حاڪم ڪري موڪليو هو، تڏهن خليفي جعفر
ڏي منهن ڪري، خندي طرح پڇيو ته ”ڀاڻين جي ڏينهن ۾
هي مال ڪٿي هو؟“ هن ورندي ڏني ته ”انهيءَ جي مالڪن
جي کسين ۾.“
110- مامون بن رشيد، هڪڙي علي بن منضم تي اچي ڪاوڙيو ۽ هن جي
قتل ڪرڻ جو حڪم ۽ ساڳئي وقت هن جي قتل ڪرڻ کانپوءِ
هن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، خليفي جي
وزير، اهمد بن ابي دائود اڳڀرو ٿي عرض ڪيو ته
”جڏهن هو پاڻ مارجي ويو، تڏهن مال ڪنهن کان وٺبو!“
خليفي چيو ته ”هن جي وارثن کان.“ احمد چيو ته
”جڏهن هو مئو، تڏهن ملڪيت ان جي وارثن جي ٿي، نه
ههن جي، اهڙي قسم جو ظلم، خليفي جي لائق نه آهي،
جو هڪڙي جي عيوض ٻئي جو مال وٺي!“ مامون چيو ته
”تڏهن هن کي قيد ۾ وجهه ۽ پوءِ سندس مال ضبط ڪر ۽
پوءِ هن کي قتل ڪر.“ اجمد ٻاهر نڪري هن کي قيد
ڪرايو، جڏهن خليفي جي ڪاوڙ ڍري ٿي ۽ وري هن تي
مهربان ٿيڻ لڳو، تڏهن احمد کي آفرين ڏنائين ۽ اڳين
کان زياده مان ڏنائينس.
111-هڪڙو شخص خليفي معتبصم باالله وٽ آيو ۽ نبوت جي دعويٰ
ڪيئاين، معتبصم پڇيس ته ”نبوت جي ثابتي ڪهڙي اٿئي
۽ ڪهڙو معزور مليل اٿئي؟“ هن چيو ته ”آءٌ مئن کي
جياريندو آهيان.“ خليفي چيو ته ”چڱو پهرين تو کي
قتل ڪرايان ٿو، پوءِ تون پاڻ کي جيار، جي پان کي
جيائري نه سگهئن ته ٻين کي ڪيئن جياريندين؟“ هن
چيو ته ”اي خليفا، تنهنجي روبرو وزير کي ٿو ڪهان ۽
وري انهيءَ دم جيئرو ڪري ٿو ڏيانو؟“
خليفي چيو ته ”چڱو“ ۽ وزير ڏي منهن ڪري چيائين ته ”ڪيئن، تون ڇا
ٿو چوين؟“وزير چيو ته ”سائين پاڻ کي مارائڻ مشڪل
آهي، سواءِ ڪهڻ جي آءٌ هن تي ايمان ٿو آڻيان،
اوهين انهيءَ جا شاهد هججو.“ معتصم کلي، وزير کي
نوازيو ۽ هن ڪوڙي نسيءَ کي سزا ڏنائين.
112-نوح بن منصور سامانيءَ، خر اسان جي فتح ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي
هڪڙي امير کي اتي جو والي ڪيو ۽ پاڻ بخارا ڏي ويو،
اهو امير جڏهن ڄمي ويهي رهيو، تڏهن سرڪشي ڪرڻ ۽
خودمختيار ٿيڻ جي ڪوشش ڪيئاني، نوح هن ڌي فهمائش
جو خط لکيو ۽ پڇاڙيءَ ۾ قرآن جي هيءَ آيت لکيائينس
ته ”اذا اردناه ان نهلڪ قريته آمرنا مترفيها
ففسقوا فيها فحق عليه القول فد مرناه تدميرا“ يعني
جڏهن اسان جي مرضي ٿيندي آهي ته ڪنهن ڳوٺ کي ناس
ڪريون، تڏهن انهيءَ هنڌ جي دولتمندن کي حڪم ڪندا
آهيون ۽ هو اتي سرڪشي ڪندا آهن. ۽ پوءِ انهن کي
سختيءَ سان ناس ڪندا آهيون، جڏهن نوح جو خطا انهي
واليءَ کي رسيو، تڏهن هن پنهنجا وزير، امير ۽ مشير
گڏ ڪيا ۽ انهن کي چيائين ته ”هن خط جو آءٌ سخت
جواب لکڻ ٿو گهران، اوهين ڪو ڊگهو مسودو تيار
ڪرايو!“ عبدالملڪ، خراسان جي وزير عرض ڪيو ته ”جي
اجازت هجي ته آءٌ تمام مختصر جواب عرض ڪريان“ جنهن
مان گهڻي سختي معلوم ٿيندي.“ واليءَ اجازت ڏنيس ۽
هن انهيءَ خط جي پٺيان هي قرآن جي آيت لکي ته ”يا
نوح قد جاد لتنا فاڪثرت جدالنا فائتنا بماتعدنا ان
ڪنت مين الصادقين.“ يعني اي نوح، تو اسان سان
جهيڙو جهڳڙو ڪيو ۽ اسان جو جهيڙو، گهڻو ڪري وڌئي،
هاڻ جيڪو تو اسان سان وعدو ڪيو هو سو آڻ يعني
پنهنجو عذاب، جي سچ ٿو ڳالهائين.
113- اسماعيل بن محمد پنهنجي وقت جي فصيح ۽ بليغ فاضلن مان هو،
هڪڙي ڀيري، نيشاپور ۾ آيو ۽ اتي جي آبهوا پسند
آيس، اتي ٻارهن واهيون زمين جي اندران وهندڙ هيون،
ليڪن اتي جي ماڻهن سندس گهڻي سنڀال نه ڪئي، تنهن
ڪري هنن سان رنج هو، هڪڙي ڀيري، خليفي لکي پڇيس ته
”انهيءَ هنڌ جي آبهوا ۽ ماڻهن جي هلت چلت بابت مون
کي خبر ڏي؟“ هن جواب ۾ لکيس ته ”نيشاپور ڏاڍي مزي
جهڙي جاءِ آهي. بشرطيڪ جيڪو پاڻي زمين جي پيٽ ۾
آهي. سو جي انهيءَ جي مٿان هجي ۽ جيڪي ماڻهو
انهيءَ جي مٿان آهن، سي جي انهيءَ جي پيٽ ۾ هجن!“
114- خليفي پنهنجن اميرن مان هڪڙي ماڪان نالي کي اهواز جو حاڪم
مقرر ڪري موڪليو هو، اتي وڃي ظلم ۽ بي انصافي ڪلرن
لڳو، انهيءَ بابت خليفي کي دانڳهون پهتيون، خليفي
هڪڙي وڏي امير کي جاچ بعد، هن کي سزا ڏيڻ لاءِ
موڪليو ۽ انهيءَ کي چيائين ته ”جڏهن جاچ ڪري رهين،
تڏهن نتيجي جي خبر مختصر عبارت ۾ مون ڏي لکجئين!“
امير اتي وڃي جاچ ڪري، ماڪان کي نهايت ظلم ڪرڻ ڪري
قتل ڪيائين ۽ هيٺين لفظن ۾ خليفي کي اطلاع ڏنائين،
ته ”ماڪان صار ڪاسمھ“ يعني ماڪان پنهنجي نالي
وانگي نابود ٿي ويو، ڇا لاءِ جو عربيءَ ۾ ماڪان جي
معنيٰ آهي، ته اهو ئي ڪو نه.
115- ابو ايوب، خليفي منصور جي مقرين ۽ اميرن مان هو، جڏهن ڪڏهن
خليفو هن کي پاڻ وٽ سڏيندو هو، تڏهن ڊپ کان هن کي
ڏڪڻي اچي پوندي هئي، هڪڙي ڏينهن ڪنهن دوست
خلاصگيءَ ۾ انهي کي چيو ته ”خليفي کي تون ايتري
قدر ويجهو ٿو رهين ۽ ساڻس هميشه صحبت ڪندو آهيو،
ڪهڙو سبب آهي، جو جڏهن تو کي سڏ ٿو، تڏهن دپ کان
تنهنجا عضوا پيا ڏڪن؟“ ابو ايوب ورندي ڏني ته
”هڪڙي باز ڪنهن ڪڪڙ کان پڇيو ته تون ماڻهن جي گهرن
۾ پلجي وڏو ٿيو آهين ۽ هو تو کي هٿ سان کارائيندا
پيئاريندا آهن ۽ پنهنجي پاسي ۾ ويهاريندا آهن،
ڪهڙو سبب آهي، جو جڏهن ماڻهو تو کي پڪڙڻ ٿا گهرن،
تڏهن دانهون ۽ رڙيون ٿو ڪرين ۽ ڀڄندو وتين؟ آءٌ
جهنگلي پکي آهيان ۽ جبل تي پلجي وڏو ٿو ٿيان ۽
جڏهن ماڻهو مون کي وٺن ٿا، تڏهن آءٌ هنن جي هٿ تي
ٿو ويهان ۽ ڪنهن شڪار تي ڇڏين ٿا ته انهيءَ کي
پڪڙي وري وٽن ٿو اچان ۽ تون وانگي دانهون رڙيون
ٿون ڪريان، ڪڪڙ چيو ته اي باز، تو ڪڏهن ڪو ٻڌو يا
ڏٺو ته ڪنهن باز کي ڪهي ڪباب ڪري کاڌو آهي؟ هن چيو
ته نه ڪڪڙ چيو ته مون پاڻ جهڙن گهڻن کي ڪسندو،
ڪباب ٿيندو ڏٺو آهي ۽ کاڄندو ڏٺو آهي، تنهنڪري
دانهون ڪوڪون ٿو ڪريان! منهنجو حال به خليفي جي
روبرو انهيءَ ڪڪڙ جهرو آهي.“
116- مير علي، جو شاهرخ ميرزا جي اميرن مان هڪڙو هو، سو هميشه
وڏيون وڏيون رقمون غريبن مسڪينن کي انهيءَ انجاام
تي آڌاريون ڏيندو هو ته جڏهن بادشاهه مرندو، تڏهن
موٽي ادا ڪندا، اها خبر هن جي دشمنن بادشاهه شاهرخ
ميرزا تائين رسائي ۽ انهيءَ کي چوري، هن جي برخلاف
ڪرڻ گهريائون، هڪڙي ڏينهن، چڙ مان هن کي چيائين
ته، ”تو کي دولت مون کان حاصل ٿي! عجب آهي ته تون
منهنجو مرڻ جلد ٿو گهرين؟“ امير عليءَ چيو ته ”آءٌ
انهيءَ لاءِ ائين ٿو ڪريان ته هو خدا کان دعا
گهرندا رهن ته اوهان جي عمر وڏي ٿئي ته جلد قرض
موٽائي ڏيڻو نه ٿئين.“ شاهرخ اهو جواب ٻڌي ڏاڍو
خوش ٿيو ۽ اگي کان به وڌيڪ مٿس مهرباني ڪرڻ لڳو.
فصل ٻيو
وزيرن ۽ عملدارن کي فهمائش ۽ سيکت
117- هڪڙي وزيري پنهنجي پٽ جي تعليم لاءِ ڏانهنس خط ۾ هينئن
لکيو ته تنهنجي لاءِ سڀني کان چڱو ڪپڙو اهوآهي، جو
ٻيا ڍڪين ۽ سڀني کان چڱو ڪپڙو اهو آهي، جو ٻيا
ڍڪين ۽ سڀني کان چڱو وهٽ اهو آهي، جو ٻين جي
چڙهيءَ هيٺان هجي.
118- خواجه پير احمد خواقي، ميرزا شاهرخ وٽ چاليهه ورهيه وڏي
هلنديءَ وارو وزير هو ۽ خواجه احمد بن دائود به وٽ
وزير هو، مگر اهو ڪار يرنگ جو هو ۽ اصل هندوءَ جو
پٽ هو، هڪڙي ڏينهن، خواجه احمد خواقي ويٺو هو ۽
ٻٽاڪ هڻي ٻي چيائين ته ”اسين مدبر آهيون،“ يعني
تدبير ڪندڙ وزير، هن انهيءَ جي جواب ۾ چيو ته
”اوهين مدبر ناهيو، پر مدبر آهيو.“ يعني ادبار
وارا يا بدبخت.
119- هڪڙي ربيع جي فصل جي شروع ۾ مٿيان ٻئي خواجه، هرات جي
کاهيءَ جو ڪنارو ڏئي ٿي لنگهيا، کاهي ۾ ڪي وڻ بيٺل
هئا، ٽن ۾ ڪي جهرڪيءَ جيڏا پکي هئا، انهن جي مستي
جا ڏينهن هئا، سو ٻوليون پي ڪيائون، انهن جي
ٻوليءَ جو آواز اهڙو هو، جو ڄڻ ته ذري ذري ”ڪاڪا
رشيد“ ٿي چيائون، انهيءَ ڪري، انهن کي ماڻهو
سڏيندائي ڪاڪا رشيد هئا، جڏهن انهن ٻنهي وزيرن
ٻولي ٻڌي، خواجه احمد بن دائود، جو اصل هندو هو، ۽
ڪارو هو، تنهن خواجه احمد خواقيءَ کان پڇيو ته
”هيءَ ڇا ٿا چون؟“ هن ورندي ڏني ته ”ڪاڪا رسيد،
ڪاڪا رسيد“ يعني شيدي آيو، آهي. شيدي آيو آهي.
120-خواجه شرف الدين ۽ محمد دجاجي، ٻئي شاهرخ جي وزيرن مان هئا،
هڪڙي ڏينهن،ٻئي ديوان ۾ ويٺا هئا، هڪڙي شخص، هڪڙو
خط آڻي محمد کي ڏنو ۽ چيائينس ته ”فلاڻي بزرگ هي
اوهان ڏانهن لکيو آهي ۽ نياز ڏنا اٿس.“ محمد اهو
خط کولي پڙهڻ لڳو، جڏهن پنهنجي نالي ۽ لقبن تي
آيو. تڏهن اوچتو هڪڙي پکيءَ مٿانئس وٺ لاٿي. جا
اچي سندس نالي تي پئي، خواجه شرف الدين هن ڏي منهن
ڪري چيو ته ”عند ذڪرا الصالحين تنزل الرحمته .“
يعني جڏهن صالحن جو ذڪر هلندو آهي، تڏهن رحمت نازل
ٿيندي آهي.
121- خواجه فرنخودي، هرات جي شهر ۾ واعظ هو ۽ ديواني عامل به
هو، هڪڙي ڏينهن، شاهرخ ميرزا پنهنجي وزير خواجه
احمد خواقيءَ کان پڇيو ته ”خواجه احمد ڪهڙي قسم جو
واعظم آهي؟“ هن چيو ته ”هن زماني ۾ جيڪو واعظ
پنهنجي وعظ تي عمل ٿو ڪري، سو هڪڙو خواجه احمد ئي
آهي.“ ميرزا کلي ڏنو.
122- هڪڙي ڏينهن، ابوالقاسم اسماعيل بن عباد سلطان مويد الدوله
ديلميءَ جو وزير هوو، فخر الدوله ڏاڍو فاضل ۽ سالم
طبع وارو ماڻهو هو، تنهن کي حاڪم ڪري، خوار شهر ذي
موڪليو، جو ري ولايت ۾ آهي ۽ حڪم ۾ هينئن لکيائونس
ته ”ارسلت اليٰ خوار عجلا جسدا لھ خوار،“ يعني
خوار جي شهر ڏي مون هڪڙو ٿلهو ماڻهو موڪليو، جو
گانبي وانگر رنڀي ٿو، انهيءَ جملي جو پوئيون ڀاڱو
قرآن مان آهي، جنهن ۾ خوار، لفظ اچي ٿو. ۽ انهيءَ
جي معنيٰ آهي، ڍڳي جو آواز يا رنڀ.
123- عباس بن حسين، عباسي خليفي الملڪتفي باالله جو وزير هو ۽
پوءِ المقتدر بالله جو وزير ٿيو، انهيءَ هڪڙيءَ
عملدار کي مٿانهين عهدي تان ڪنهن هيٺانهين عهدي تي
موڪليو، انهيءَ ڏانهنس عريضو لکيو ته ”مون اوهان
جي اقبال سان وڏو درجو حاصل ڪيو هو، مون ڪهڙو قصور
ڪيو، جو اوهان مون کي لاهي هيٺانهين درجي تي آندو،
جنهن ڪري آءٌ پاڻ جهڙن منجهه شرمندو ٿو ٿيان!“
عباس جواب ۾ لکيس ته ”سرڪاري عملدار درزيءَ جي
مثال آهن، جي هڪڙي ڏينهن قيمتي پٽ جو ڪپڙو ٿا سبن
۽ هڪڙي ڏينهن پراڻو سادو ڪپڙو.“
فصل ٽيون
وزيرن ۽ عملدارن کي فهمائش ۽ سيکت
124- سليمان بن وهب، عباسي خليفي المهتدي با الله جو وزير هو.
تنهن، فضل نالي هڪڙي عامل ڏي هڪڙي ڀيري لکيو ته
”بافضل الحق الناس بالفضل اهل الفضل.“ يعني اي
فضل، ماڻهن مان فصل جا زياده حقدار فضل يا فضيلت
وارا ماڻهو آهن.
125- ابوالجيش، مصر جو زبردست حاڪم هو ۽ پڻس احمد بن طولون به
مصر جو والي هو، اهو ڏهاڙي صبح جو هڪڙو عمدو وڳو
ڍڪيندو هو، جنهن جو ملهه هزار دينار هوندو هو ۽
شام جو اهو لاهي غريبن کي ڏيئي ڇڏيندو هو، جيڪي
عملدار انهن وڳن ٺهرائڻ جو بندوبست ڪندا هئا، سي
ڏاڍا تنگ آيا ۽ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪري، انهن ماڻهن
کان اهي ڪپڙا گهٽ ملهه تي وٺي ٿورا ڏينهن پاڻ وٽ
رکي، وري ٻيو ڀيرو پيش ڪندا هئا ۽ اهي وري ٻيو
ڀيرو هو ڏئي ڇڏيندو هو، جڏهن هن کي انهيءَ حرڪت جي
خبر پئي، تڏهن جيڪو وڳو ڍڪيندو هو، تنهن تي لاهڻ
مهل مس سان آڱر ڀري نشان ڪري پوءِ ڏئي ڇڏيندو هو
ته متان اهي ڪپڙا وري پيش ٿين.
126- انهيءَ ابوالجيش جو پيءُ احمد بن طولون، جو پڻ مصر جو حاڪم
هو، سو خليفي هارون الرشيد وٽ پلجي وڏو ٿيو هو،
هڪڙي ڏينهن، هارون قرآن ويٺي پڙهيو، جڏهن هن آيتي
تي آيو ته ”قال ياقوم اليس لي ملڪ مصر و هذه
الانهار تجري من تحتي“ يعني فرعون چيو ته اي قوم،
مصر جو ملڪ ۽ هي جيڪي نهرون منهنجي هيٺان پيون
وهن، سي منهنجي قبضي ۾ ناهن ڇا؟ تڏهن سندس دل ۾
مصر جي نسبت ۾ فخر پيدا ٿيو، تنهنڪري قرآن پڙهڻ
بند ڪري، درٻار۾ آيو ۽ اميرن کي اها آيت پڙهي
ٻڌايائين ۽ چيائين ته ”مصر جو ملڪ ڪهڙي شيءِ آهي.
جنهن تي فرعون ايترو فخر ٿي ڪيو! هاڻي اهو منهنجي
هٿ ۾ آهي، اهو آءٌ هڪڙي خسيس ماڻهو کي ڏئي ڇڏڻ ٿو
گهران، اهڙو ڪو نهايت نيچ ماڻهو ڳولي پيدا ڪريو!“
ڪيترائي ماڻهو انهيءَ ڪم لاءِ ملڪن ۾ پکڙي پيا،
چار مهينا برابر هو رلندا وتيا، پر ٺهرايان وصفن
وارو ماڻهو ملي نه سگهين، سواءِ هڪڙي ماڻهوءَ جي،
جنهن جو نالو طولون هو، جو شڪاري ڪتا ڌاريندو هو،
انهن سان گڏ رهندو، کائيندو پيئندو هو ۽ انهن سان
گڏ سمهندو هو، هن ڪڏهن پنهنجو منهن نه ڌوتو هو، نه
وار لهرايا هئائين ۽ نه ننهن، نه بت ڌوتو هئائين!
اهو به خود بغداد مان لڌو، ٻاهرين ملڪن ۾ اهڙو ڪو
به ماڻهو ڪو نه لڌائون، حڪم موجب اهو انهيءَ حال ۾
پنهنجن ڪتن سوڌو آڻي، هارون جي خدمت ۾ حاضر
ڪيائيون، هارون چيو ته ”هن کي حمام ۾ وهنجاري وار
ڪترائي، بادشاهي پوشاڪ ڍڪائي وٺي اچو!“ حڪم موجب،
هو انهي کي سمجهو ۽ سياڻو ڏٺائين! سڀ ماڻهو هن جي
گفتگو ٻڌي، حيران ٿي ويا، هارون هڪدم طولون جي
نالي، مصر جي حاڪمي جو پروانو لکائي ۽ خلعت انعام
ڏئي، ضروري سامان ۽ عملي سميت هن کي مصر ڏي روانو
ڪيو، ڪيترائي ورهي هن حڪومت هلائي، ڏاڍاو عدل ۽
انصاف ڪيائين، رعيت ۽ زبردستن جي تمام چڱي سنڀال
ڪيائين ۽ عمدا قانون جاري ڪيائين، انهيءَ جي مرڻ
کانپوءِ سندس پٽ احمد بن طولون، پيءُ جي جاءِ تي
حاڪم ٿيو ۽ پيءُ وانگي ئي حڪومت ڪيائين ۽ چڱو نالو
ڪڍيائين ۽ انهيءَ کان پوءِ وري سندس پٽ ابوالجيش
حاڪم ٿيو جو خليفي المعتقد باالله جي وقت ۾ هو ۽
انهيءَ به تمام چڱي حڪومت ڪئي! اهوئي ابوالجيش آهي
جنهن جو مٿي هن فصل ۾ ذڪر آيو آهي.
فصل چوٿون
وزيرن جي خوشطبعي ۽ انهن جون نصيحتون ظالمن حاڪمن کي
127- هڪڙي بزرگ، صاحبعباد، ڏي ڪنهن ظالم شخص جي سفارش لکي جو
انهيءَ تي هن جو حڪم جاري ڪيو هو، اهو حڪم هيءَ هو
ته هڪڙو حوض پاڻيءَ سان ڀرائي، انهيءَ ۾ ٻوڙي
مارينس! صاحبعباد، انهيءَ بزرگ جي جواب ۾ هي قرآن
جي آيت لکي موڪلي ته ”لاتخابني في الذين ظلموا
انهم مغقون.“ يعني جن ظلم ڪيو آهي، تن جي نسبت ۾
مون کي ڪي به ڪين چئو، جو آهي ٻوڙي ڪاريلن مان
آهن.
128- وزير يحييٰ بن خالد بر مڪي، هڪڙي عملدار حيات نالي کي ڪنهن
ڏوهه ڪرڻ جي قصاص ۾ سخت ۾ سخت سزا جو حڪم ڏنو هو،
ڪن سکر ماڻهن انهيءَ عملدار جي معافيءَ لاءَ گڏجي،
وزير يحييٰ کي عريضي ڪئي، انهيءَ جي جواب ۾ يحييٰ
هي حڪم لکايو، جو قرآن جي آيت ۾ آهي؟”ولمڪم في
القصاص حيات يا اولي الالباب “ يعني اي عقل وارو،
قصاص ۾ اوهان لاءِ حيات يا حياتي آهي. (جتي حيات
لفظ به آيل آهي)
129- هڪڙي عامل، ڏاڍا ظلم ڪيا هئا ۽ مٿس دانهون آيون هيون، تنهن
تي صاحبعباد هن کي سزا ڏيڻ جي لاءِ هئين لکيو ته
”هن جي ڳلن جي پوک ۾ لابارو وجهي ڇڏيو ۽ هن جي پٺن
جي ڪاغذ ي چهبڪ سان نقش ڪڍو!“ يعني هن جي ڏاڙهي
پٽيو ۽ چهبڪ هڻايوس ته ٻيا انهيءَ مان عبرت وٺن ۽
اهڙا ظلم نه ڪن.
فصل پنجون
وزيرن جي خوشطبعي، اڪابرن ۽ فاضلن سان
130- خالد برمڪيءَ جي وقت ۾، وڏن ساداتن مان هڪڙي بزرگ سيد اجل
نالي کي، ڪنهن تهمت هيٺ قيد ۾ کڻي وڌو هئائون،
گهڻا معتبر ماڻهو گڏجي، هن جي ڇوٽڪاري لاءِ آيا ۽
عرض ڪيائون ته ”گهڻو ئي وقت هو قيد ۾ رهيو آهي،
هاڻي هن کي آزاد ڪجي؟“ خالد جواب ۾ قرآن مان لکيو
ته ”لڪل اجل، ڪتاب.“ يعني سڀ ڪنهن ٺهرايل ڪم يا
وقت جي لاءِ حڪم لکيل آهي، (جنهن ۾ لفظ اجل جو به
آيل آهي) يعني نه جڏهن ٺهرايل وقت ايندو، تڏهن
پاڻيهي هن کي ڇڏبو.
130- فاضلن مان هڪڙي، صاحبعباد ڏي هڪڙو خط لکيو، جنهن ۾ تمام
عمدا فصاحت ۽ بلاغت جهڙا جملا خود صاحبعباد جي
ڪتابن مان ڪڍي وڌا هئائين، انهيءَ لاءِ ته انهي
ڪري هو خوش ٿيندو، صاحبعباد، هن جي خوشامد معلوم
ڪري، جواب ۾ قرآن جي هيءَ آيت لکي، جا سورت يوسف ۾
آهي، ”هذا بضاعتنا ردت الينا.“ يعني هيءَ ته خود
اسان جي موڙي آهي، جا وري اسان کي موٽائي ڏني
ويئي آهي.
132- ڪتاب ”بشارت القلوب“ ۾ لکيل آهي ته ابوالعينا، جو فصيحن ۽
ظريفن مان هو، تنهن خليلفي مامون جي وزير، احمد بن
ابي دائود وٽ وڃي هي ذڪر ته ”مون کي دشمن گهڻا ۽
زور وارا ٿيا آهن ۽ مون کي ايذاءَ رسائڻ جي ٻڌي
ڪري، ٿيار ٿيار آهن،“ هن جاب قرآن مان ڏنس ته
“يدالله فوق ايديهم“ يعني خدا جو هٿ هنن جي هٿن تي
آهي، هن وري چيو ته ”هو ڏاڍي مڪر ۽ فريب وارا آهن
۽ گهڻائي حيلا هلائيندا،“ تڏهن هن وري به قرآن مان
جواب ڏنو ته ”ولا يحيق المڪر السييءَ الا باهل“
يعني خراب مڪر ضرور وري موٽي انهن تي ٿو اچي، جي
اهي مڪر ڪن ٿا.
هن وري چيو ته ”هو پاڻ ۾ گهڻا آهن ۽ آءٌ بيڪس ۽ بي پناهه
آهيان،“ تنهن جي جواب ۾ هن وري قرآن جي ٻي آيت
پڙهي ته ”ڪم من قليلقه غلب عليٰ فتقه ڪثيره باذن
الله“ يعني اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ٿوڳرا گهڻن تي
خدا جي حڪم سان غالب ٿيندا آهن. |