گرڙو گابار
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙو ڪو ڇورو ڇنو غريب نينگر هوندو هو، جو
پنهنجي پوڙهيءَ نانڙيءَ وٽ رهندو هو. ۽ شهر جا
گابا وڇون چاري پيو پنهنجو ۽ پنهنجي نانيءَ جو
ڏکيو سکيو گذر ڪندو هو. هن جا ڪپڙا هميشه ليڙون
ليڙون ۽ ميرا جهڙا گپ، وارن ۾ مڻ مٽيءَ جا لتا پيا
هوندا هئس ۽ بت تي ڌوڙ ۽ ڇيڻن جا ڇوڙا چڙهي ويا
هئس، هر ڪو هن کي ”گرڙو گابار“ ڪري پيو چيڙائيندو
هو.
هڪڙي ڏينهن، جيئن هو شهر جا گابا پهرايو، جهنگ ڏانهن ڪاهيو پئي
ويو، ته واٽ تي هن کي هڪڙي جهور پوڙهي مائي گڏي،
جنهن کي هن اڳي هن جوءِ ۾ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو.
پوڙهيءَ چيس، ”اڙي بابا، مون کي اکين کان ديد پوي
ٿي ڪانه: ڏس مليو اٿم ته هتي ڪو گرڙو گابار آهي،
سو جي مون انڌيءَ کي ڪا لٺڙي وڍي، ٽيڪ لاءِ هٿ ۾
ڏيندو، ته منهنجون اکيون ٿي پونديون! تو ڪو اهڙو
گرڙو گابار ڪٿي ڏٺو؟
گرڙي گابر جو هيءَ پوڙهيءَ جي ڳالهه ٻڌي، سو ماٺڙي ڪري گابن کي
هڪلڻ واري پنهنجي لٺ کڻي هن کي هٿ ۾ ڏنائين... ته
خدا جي اهڙي قدرت جو اتي پوڙهيءَ کي به دئو پوڻ
لڳو! ۽ هوءَ اهڙي ته خوش ٿي، جو گرڙي گابار کي هٿ
کان جهلي، چيائين ته ”مون کي منهنجي ناني ٻڌايو
هو، جا مون کان به پوڙهي هئي، ته گرڙو گابار هن
ملڪ جي شهزاديءَ سان شادي ڪندو، ۽ وڏو راڄ ڀاڳ
ماڻيندو. سو ڙي ابا، اهو گرڙو گابار تڏهن تون
آهين!“ ائين چئي، اها پوڙهي مائي پوءِ لٺڙي
ٽيڪيندي، پنهنجو منهن وٺي هلي ويئي، ۽ گرڙو گابار
به گهڻيءَ گهڻيءَ دير تائين بيهي هن ڏانهن پري پري
تائين نهاريندي نهاريندي آخر پٺي ورائي، ڊوڙي وڃي
پنهنجن گابن کي رسيو، ۽ پوڙهيءَ کان جيڪي ٻڌو
هئائين، تنهن کي سڄو ڏينهن، ۽ پوءِ هر هميشه اٿندي
ويهندي دل ۾ ورجائيندو رهيو.
گرڙي گابار جا گابا به ڏسو ته اڄ ڪٿي بيهي هڪ هنڌ چرن ئي نه
جيئن پوءِ تيئن سندن اڳتي منهن! آخر هلندي هلندي،
گرڙي گابار جا گابا اچي هڪڙي صاف سٺي ۽ شيشي جهڙي
اڇي شفاف پاڻيءَ جي واهه تي بيٺا. پوءِ هن ڇا ڪيو،
جو جيسين گابا پاڻي پي اڳتي وڌن تيسين واهه مان
وهنجي سهنجي ڦول ٿي، وري اچي گابن جي اڳيان بيهي
رهيو. گابا وري اٿي اڳتي هليا، ۽ هلندي هلندي کيس
هڪ چانديءَ جي واهه تي آڻي ڪڍيائون، ۽ پوءِ هن ان
واهه ۾ به گهڙي تڙ ڪيو....اتي سندس منهن هيڪاري
ٻهڪڻ لڳو. وري اڳتي هلي گابن هن کي هڪ سوني واهه
تي آڻي بيهاريو، پوءِ هن ان ۾ به گهڙي، تڙ ڪيو...
ته سندس سڀ وار سونا ٿي پيا! پوءِ ڇا ڪيائين، جو
ساڳيا پنهنجا اهي ليڙون ليڙون ٿيل ۽ گپ جهڙا ميرا
ڪپڙا ڍڪي، گابن کي هڪلي، گهر جي ٻاهران مٽيءَ ۾
ڇاڦولي کوڙي، اچي ويهي رهيو...
هوڏانهن گرڙي جي ناني، جا هن لاءِ سڄو ڏينهن در ۾ اکيون وجهيو
ويٺي هئي، تنهن جو ڏٺو ته هو اڃا نه آيو آهي، سا
هن جي ڳولا ۾ نيٺ ٻاهر نڪتي. ٻاهر نڪري ڏسي ته
گرڙو گابار در تي مٽيءَ ۾ لتو ويٺو آهي، سو کيس
ڏاڍا دڙڪا ڏنائين چي، ”تون اتي ويٺو آهين، ۽ گابا
به ملڪن کي پهتا الاجي نه پهتا! اتي مٽيءَ ۾ ڇا
وڃايو اٿئي، جو انڌن وانگر ويٺو ان کي اجايو
ڦولهارين!“
گرڙي کلي چيس، ”ناني ڇا ڪريان، منهنجي اکين سان الائي ڪهڙو ترڪٽ
ٿي ويو آهي جو پورو گهر سونهون به نٿو ٿيان!“ هي
ٻڌي ويچاريءَ پوڙهي نانس کان رڙنڪري ويئي، ۽
روئندي روئندي کيس هٿ کان جهلي گهر وٺي آئي.
جڏهن صبح ٿيو، ته نانس، ماڻهن جي گهرن مان گابا پهرائي، چارڻ
لاءِ، آڻي کيس ڏنا، ۽ هو گابن کي هڪلي انهن جي
پٺيان پٺيان هليو ويو ۽ ائين هو هر روز چپ چاپ
گابا پيو چاريندو هو.
هڪڙي ڏينهن جيئن هوگابا ڪاهيو، شهر جي ڪنهن گهٽيءَ کان پئي
لنگهيو، ته هن کي شاهي محلات جي دريءَ ۾ هڪڙي چنڊ
جهڙي حسين شهزادي ويٺل ڏسڻ ۾ آئي، ۽ ڏسڻ سان هي
شهزاديءَ تي ڇڪن ٿي پيو، ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته
ڪيئن به ڪري هن شهزاديءَ سان شادي ڪندس.
جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو، تڏهن گرڙي نانيءَ کي چيو ته ”ناني ڙي ناني!
مون کي ڪالهه ڏس مليو آهي ته جي شهزاديءَ جي وارن
جي ڦڻي اکين تي گهمائيندين ته تنهنجون اکيون اڳي
کان اڳريون ٿي پونديون! تنهن ڪري تون وڃ ۽ وڃي
شهزاديءَ کان مون کي ڦڻي آڻي ڏي!“
نانس چيس ته ”ابا تون گرڙو غريب، تولاءِ شهزاديءَ ڦڻي ڪيئن
ڏيندي؟“ پر لاچار رواني ٿي، ۽ ڏاڍيون وڃي هن کي
زاريون نيزاريون ڪيائين، ۽ هن جي ايترين ميڙن
منٿن تي شهزاديءَ لاچار، هن پوڙهيءَ تي رحم آڻي،
هڪ بيڪار ڦڻي ڏيڻ جو حڪم ڪيو، جا ٻانهيءَ آڻي، کيس
ڏني، ۽ هن اها کڻي آڻي گرڙي پنهنجي ڏوهٽي کي ڏني،
گرڙو پوءِ سڄو ڏينهن جهنگ ۾ اها ڦڻي ڏيندو رهيو، ۽
شام جو ان ڦڻيءَ ۾ پنهنجا سونا وار وجهي، هڪ سٺي
رومال ۾ ويڙهي، اچي نانيءَ کي ڏنائين ته ”هاڻ هيءَ
ڦڻي وڃي شهزاديءَ کي موٽائي ڏي!“ نانس چيس ته ”ابا
شهزادي هيءَ ڦڻي اسان کان ڪيئن موٽائي وٺندي!“
گرڙي چيس ته ”ناني، تون کيس وڃي چئه ته اسان کي ڏس
مليو آهي ته جي شهزادي ڦڻي واپس نه وٺندي، ته
اکيون ڇٽڻ بدران بنهه انڌيون ٿي پونديون!“ پر خيال
ڪج متان اها ڪنهن ٻئي کي ڏين: ڦڻي بنهه شهزاديءَ
کي هٿ ۾ ڏجانءِ!“
”آخر گرڙي جي ناني ڦڻي کڻي، وڃي شهزاديءَ کي ڏني، جنهن چيس
ته”مان ڪا سڃي آهيان ڇا، جو ڪين جهڙي ڦڻي توکان
واپس وٺان؟“ پوءِ ڪراڙي گرڙي واري سڄي ڳالهه ڪري
ٻڌايس، تنهن تي لاچار شهزاديءَ ڦڻي ورتي، ۽ ائين
ئي ڪاوڙ ۾ اندر هلي ويئي، پر اندر وڃي، کڻي جو ڦڻي
ڏسي ته واهه، هن ۾ ته ٻه سهڻا سونا وار پيا آهن ۽
انهن کي ڏسي، هوءَ ڏاڍي خوش ٿي.“
ٻئي ڏينهن صبح جو ڪراڙي وري ڦڻي وٺڻ آئي... ته شهزاديءَ خوشيءَ
سان کيس هڪ نئين ڦڻي کڻي ڏني، انهيءَ ڏينهن وري
گرڙي چار سونا وار وجهي موڪليس، ۽ اهڙيءَ طرح ٽئين
ڏينهن وري اٺ وار وجهي، شهزاديءَ ڏانهن ڦڻي
موڪليائين، اتي شهزادي به سمجهي ويئي ته هي گرڙو
نه پر ڪا ٻي شيءِ آهي! ۽ پوءِ شهزاديءَ کي پرپٺ هن
جو نينهن لڳي ويو... ۽ ڏسو ته ڏيهاڙي وڃي بدن ۾
لهندي! پڻس سندس ڏاڍا علاج ڪيا مگر هيءُ مرض ئي ڪو
ٻيو هو.
آخر هڪڙي ڏينهن پيءُ کي چيائين ته ”بابا سائين، آءٌ شادي ڪنديس
پر پنهنجو ڀتار پاڻ پسنديءَ تي ڪنديس.“ تنهن تي
بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جي مرضي مڃي، پڙهو گهمارايو
ته ”شهزاديءَ سڀاڻي پنهنجو ور پاڻ چونڊيندي،
تنهنڪري هر ڪو لائق جوان تيار ٿي محلات جي سامهون
اچي بيهي.“ بس پوءِ ته سڀ جوان مڇن کي تاءُ ڏيئي،
ڏاڍي شوق سان محلات جي سامهون، سينو تاڻي، اچي
بيٺا.
اتي گرڙي به نانيءَ کي چيو ته ”ناني اڄ آءٌ به اهو مزو ڏسڻ
ويندس نيٺ گرڙو به اتي آيو ۽ سڀ کان پري هڪ گند جي
دڙي تي اچي بيهي رهيو. شهزاديءَ به دريءَ کان سڀني
کي ڏسي ۽ جانچي، پنهنجي ٻانهيءَ کي حڪم ڪيو ته
”هيءُ هار کڻي، ان گند تي ويٺل گرڙي کي وڃي
پاراءِ!“ ٻانهي ڀلا حڪم جي بندي، تنهن لاچار ائين
ڪيو، جنهن تي سڀ حيران ٿي ويا. ۽ سڀني چيو ته
”ٻانهي ڀلي آهي، ۽ شهزاديءَ کان ٻيهر پڇيو وڃي!“
آخر ٻيهر ٻانهيءَ وڃي پڇيو ته کيس وري به حڪم مليو
ته ”وڃي گرڙي کي هار پاراءِ!“ ٻانهيءَ وري به وڃي
گرڙي کي ڳچيءَ ۾ هار وڌو، اتي وري به هر ڪنهن چيو
ته ”ٻانهي ڀلي آهي.“ نيٺ جڏهن ٽيون ڀيرو به گرڙي
جي ڳچيءَ ۾ اچي ٻانهيءَ هار وڌو تڏهن، سڀ ”ٿو ٿو“
ڪندا، ٽڙي پکڙي ويا... ۽ وڏي ڳالهه ته بادشاهه کي
به ڏاڍا خار لڳا.
پر ٻي ڪا واهه نه ڏسي، بادشاهه لاچار هنن جي شادي ڪرائي، پر حڪم
ڪيائين ته ”هنن کي نيئي گهوڙن جي ڪڙهه ۾ ڇڏيو، ته
ڀلي اتي ئي رهن!“ پوءِ گرڙي ۽ شهزادي لاچار اتي
گهوڙن جي ڪڙهه ۾ رهڻ لڳا. پر شهزاديءَ ڏاڍي اتي
تنگ ٿي، ۽ نيٺ گرڙي کي چيائين ته ”تون گرڙو ته نه
آهين! آخر ڪيترا ڏينهن هتي هن ڪڙهه ۾ پيا ڪنا
ٿينداسين! هاڻي پنهنجي اصلي صورت ۾ اچ، ته حياتيءَ
جا چار ڏينهن هلي ڪٿي سک سانت جا گذاريون!“ پوءِ
گرڙي شهزاديءَ جي چوڻ تي، وٺي جو اهو پنهنجو ليڙون
ليڙون ٿيل گپ جهڙو ميرو لباس لاٿو، ته هڪ بنهه سج
جهڙو حسين شهزادو ٿي پيو. شهزادي هن کي سندس اصلي
صورت ۾ جو هيئن ڏٺو، سو بس نهال نهال ٿي ويئي، ۽
بادشاهه کي اميرن وزيرن سميت گهرائي، پنهنجو سونن
وارن وارو سهڻو ور ڏيکاريائين، هوسڀ ڏسي حيران ٿي
ويا. ۽ جڏهن کين خبر پيئي ته هيءُ اهڙو ڀاڳ وارو ۽
سوڀيا وان شهزادو آهي. ته ڏاڍا خوش ٿيا. ۽ نئين سر
سندن ڌام ڌوم سان شادي ڪرائي، آڻي شاهي محلات ۾
کين رهايائون.
... گرڙي گابر جي پوڙهيءَ نانيءَ ته تنهن ڏينهن نچڻ سان هائيون
ڪري ڇڏيون. آءٌ به ان ڏينهن اتي هوس، ۽ جيڪي ٽڪن
جا ٿالهه گهوري سرگس ۾ پئي اڇلايائون. تن مان هڪڙو
ٽڪو مون به لڌو هو جيڪو آڻي گنجڙي ”ڦلوءَ“ کي ڏنم،
پر اهو هن ليڙي ئي کپائي ڇڏيو!
(”گل ڦل“ مارچ 1959)
بادشاهه ۽ ٽرڙو ڪانءُ
هڪڙو هو بادشاهه - بادشاهه پاڻ خدا آهي، پر هيءُ زماني جو
بادشاهه هو. هن جو حڪم ماڻهن کان سواءِ پکي پکڻ،
جيت جڻئي، ديون پرين ۽ جنن ڀوتن تي پڻ هلندو هو.
هڪ ڀيري هن جي ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو. ان جي اڻهوند
سبب غريب ماڻهو پاڻ ته پيٽ کي پٽيون ٻڌيو پيا
گهمندا هئا، پر پنهنجن ٻارڙن کي به سڪل مانيءَ ڳڀو
هٿ ۾ ڏيئي، پرڀائي پرڀائي، راند تي موڪلي ڇڏيندا
هئا. مٿان اچي ملڪ ۾ ڪانو ساماڻا، سي لامارا ڏيئي،
ٻارڙن کان اهو مانيءَ ڳڀو به کسي هليا ويندا هئا.
ٿورين گهڻين ڏينهين اها خبر وڃي بادشاهه تائين پهتي ته ڪانون
اصل ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. ننڍڙا ٻارڙا اڃا مانيءَ ٽڪر
هٿ ۾ کڻي نڪرن ئي مس ٿا، ته ڪانو اچيو انهن کان
اهو ڦريو وڃن! سو بادشاهه حڪم ڪيو ته ”سڀئي ڪانو
اچي مون وٽ حاضر ٿين!“ اوهان هيءُ ڪهڙو ظلم ٻاري
ڏنو آهي؟“ ڪانو جواب ڏنو ته ”جيئندا قبلا، اسين
جيڪي به ڪانو آهيون، سي ٻارن کان ماني ٽڪر ڦري،
وڃي پنهنجي جهوني ڪانءُ کي ڏيندا آهيون جيڪو اسان
سڀني جو سردار آهي، اهو تمام پوڙهو آهي، ۽ ڪو وقت
سنڀري“ بادشاهه حڪم ڪيو ته ”انهيءَ ڪانءَ کي مون
وٽ حاضر ڪيو وڃي!“ ڪانو ويا ۽ ان پوڙهي ڪانءَ کي
کڻي آيا. بادشاهه ڪانءَ کان پڇيو ته ”ڪيترو وقت
سنڀرين؟“ هن جواب ڏنو ته ”بادشاهه سلامت! تنهنجي
ناني جي ناني تنهنجي نانيءَ جي ناني ۽ ان جي فقير
وارو وقت سنڀران.“ بادشاهه ”ڳالهه ڪر“ ڪانءَ چيو
ته ”تنهنجي ناني جو نانو تنهن جي ناني جو نانو
هوندو هو. ان جي بادشاهيءَ ۾ هڪڙو فقير پنڻ آيو ۽
اچي سندس محلات جي در تي سين هنيائين. ٻانهي خيرات
کڻي آئي، پر فقير وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چي،
”مون کي خود راڻي اچي خيرات ڏيئي وڃي!“ فقير جو
اهو ضد ڏسي، آخر ڪار راڻي پاڻ خيرات کڻي آئي، پوءِ
ته ٻنهي جون اکيون اٽڪي ويون ۽ ٻيئي اتي ئي ڄمي
بيهي رهيا. ڪو پهر اڌ ته ائين ئي گذري وين. آخر
اتان جڏهن ڪو ماڻهو اچي لنگهيو. تڏهن راڻيءَ فقير
کي چيو ته ”تون فلاڻي هنڌ وڻ هيٺان هلي ويهه، ته
آءٌ به اتي اچان ٿي.“
”فقير ان هنڌ هڪ وڻ هيٺيان وڃي ويٺو، گهڙي کن کان پوءِ راڻي به
وڃي اتي پهتي، ۽ وري جو هڪٻئي سان اکيون ملين ته
رات لنگهي وين ۽ مٿان اچي ڏينهن ٿيو! هوڏانهن جڏهن
بادشاهه کي خبر پيئي ته راڻي ڀڄي وئي آهي، تڏهن
ملڪ ۾ هلائي ڇڏيائين ته راڻي مري ويئي آهي.
ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ ان ملڪ جو وزير اچي، انهيءَ وڻ هيٺان
لنگهيو. ڇا ڏسي ته راڻي ۽ فقير ٻيئي اتي ويٺا آهن،
وزير انهن ٻنهي جي وچ ۾ کڻي ڪپڙو ڏنو، ته راڻي
سجاڳ ٿي ۽ فقير کي چيائين ته ”فقير، ساهه سڌير!
هاڻي بادشاهه جي اچڻ جي مهل ٿي آهي. تنهنڪري آءٌ
محلات ڏي ٿي هلان. وزير وري جو کڻي اهو ڪپڙو پري
ڪيو ته انهن جو اهوئي ساڳيو حال.
وزير وڃي ساري حقيقت بادشاهه کي ٻڌائي، بادشاهه اچي ڏٺو ته اهي
ٻيئي برابر ائين ئي ويٺا هئا. بادشاهه کي جو لڳي
خار، سو ڇا ڪيائين جو انهن ٻنهي جيئرن جاڳندن مٿان
هڪڙو چوگرد بند قبو جوڙائي ڇڏيائين، جو اڃا بيٺو
آهي.
بادشاهه پوڙهي ڪانءَ کي چيو ته ”تون اهو قبو مون کي
ڏيکاريندين!“ ڪانءَ چيو ته ”هائو سائين پر مون ۾
اڏامڻ جي طاقت ڪانهي، مون کي محافي ۾ وجهائي،
کڻائي هلين، ته پوءِ مان اهو قبو هلي توکي اکين
سان ڏيکاريان.“ اهو ٻڌي بادشاهه پنهنجن نوڪرن کي
حڪم ڪيو ته اوهين ڪانءَ کي کڻو ۽ جيڏانهن هلڻ لاءِ
چئي، اوڏانهن وٺي هلوس.“
آخر اهي سڀ اچي هڪڙي قبي وٽ پهتا، پر قبو هو چوڌاري بند، سو
بادشاهه حڪم ڏنو ته ”قبي ۾ سوراخ ڪيو وڃي.“ جڏهن
ڪانءَ اها ڳالهه ٻڌي ته تڏهن اچي ڏڪڻيءَ ورتس، نيٺ
قبي ۾ سوراخ ڪيو ويو. پر ان ۾ اندر ته ڪي به ڪين
هو. تڏهن بادشاهه حڪم ڪيو ته هن ٽرڙڪانءَ کي جهلي،
سوراخ مان اندر اڇلائي، ورائي قبو لنبي ڇڏيو. هيءُ
رڳو پراوا ٽڪر کائي ڄاڻي، ۽ ڪوڙ گهڙيو ٻٽاڪون
ٻڌايو، سڀني کي ڄمايو ويٺو آهي.“ ٻين ڪانون، جو
پنهنجي سردار جو هيءُ حال ڏٺو، سو زوريءَ ٻارن کان
ٽڪر ڦرڻ جي اڳتي لاءِ توبهه ڪيائون، جڏهن ٻار بي
خيالا هوندا آهن، نه ته ٿوروئي دهمان ڪرين ته
ڪوهين پري پيا پڄن.
ڌڻيءَ جي قدرت اهڙي ٿي، جو ڪانون کان جو اتان جي ماڻهن جي هيئن
جند ڇٽي، سو چوڌاري ملڪ ۾ سڪار ٿي ويا، ۽ سڀ ماڻهو
پنهنجي بادشاهه کي ڏينهن رات دعائون ڪرڻ لڳا.
(”سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“ جلد ٻيون. 1963ع)
انڌو حلوائي
هڪڙو ٻهراڙيءَ جو ڪو غريب شخص هو، تنهن جو سانگي سان هڪ ڀيري
ڪنهن وڏي شهر ۾ وڃڻ ٿيو. گهمندي ڦرندي، هن جي نظر
وڃي هڪڙي حلوائيءَ جي دڪان تي پيئي. ڏسي ته
مٺائيءَ جا وڏا وڏا ٿالهه ۽ خونچا آهن، سي چوٽيارا
ڀريا چوڌاري رکيا آهن، ۽ حلوائي آهي. سو ڦوڪيو
شوڪيو چپ چاپ انهن ۾ اکيون وجهيو ويٺو آهي! هيءُ
حالت ڏسي هي ويچارو غريب حيرت ۾ پئجي ويو ته هيءَ
ڪهڙي ڳالهه، جو هيتريءَ مٺائيءَ هوندي هن همراهه
جو رڳو وات به پاڻي ڪين ٿو ٿئي! سو پڪ ڪرڻ لاءِ ڇا
ڪيائين، جو پر ڀرو بيهي ڊڄي ڊڄي، پنهنجي هٿ واي لٺ
سڌي ڪري لڳو حلوائيءَ جي اکين کي جاچڻ، اتي حلوائي
ڪا گهڙي ته اکيون ڦاڙيو ڪڏهن هن ۾ ته ڪڏهن هن جي
لٺ کي ڏسندو رهيو، پر جڏهن ڏٺائين ته لٺ جي چوڪ
سان مرڳو ٿي اک نڪريس، تڏهن بل کائي، پري هٽي، وٺي
ٻوڪڙ ڪيائين، چي، ”ميان عقل ڪو کٽو اٿئي، ڪين اکين
کان انڌو آهين پري ڪر پنهجيءَ لٺ کي مرڳو ٿو
منهنجي اک ڪڍين!“ حلوائيءَ جو هيءُ ٽاڪڙ ٻڌي، هي
ويچارو غريب هيڪر ته دهلجي ويو. ۽ لٺڙي هٽائي پري
بيهي رهيو، ۽ ڪا مهل ته حلوائيءَ جي اکين ۾ اکيون
وجهيو بيٺو رهيو... تان جو ڪيڏيءَ مهل دانهن نڪري
ويس چي، ”مار آهي ته سنئون سڄو، پر ڏيو انڌن کي به
شهه ويٺو آهي!“
(ٻارن جو رسالو ”گل ڦل“، مارچ 1959ع)
گدڙ ۽ ڪڪڙ جي آکاڻي
گدڙ کي هڪڙي ڏينهن دل ۾ اچي خيال ٿيو ته ”ڪڪڙ کائي اڄ ڪو ڍئو
ڪجي!“ سو صبح ساڻ سوير مڙس اٿي پنڌ پيو. ۽ هلندي
هلندي ڳوٺ جي ٻاهران ڪانگڙ ۾ لڪي وڃي ويهي رهيو.
ايتري ۾ ڪڪڙ به ٻانگون ڏيندو. لوڙهو ٽپي، ڪنهن
مهل وڃي اتي نڪتو. گدڙ سوچيو ته ”جي ٿو ڪڪڙ کي جهٽ
هڻان ته ويندو ڀڄي: ڳوٺ جا ڪتا پيا ٿا آسپاس ڦرن،
مرڳو پئجي ويندس آزار ۾!“ سو ماٺڙي ڪري، ڇپ هڻي
ويهي رهيو...تان جو ڪڪڙ به لڏندو لمندو، اورڀرو
اچي، هن جي ويجهو پهتو، اتي گدڙ هيٺانهين وٺي ڪڪڙ
کي چوڻ لڳو ته ”يار ڪڪڙ، جهنگ ۾ ٻير ڪي ڏسي آيو
آهيان ڪيئن، بس ڳالهه ئي نه پڇ!اڄ ته ير هل ته هلي
ٻير کائي ڪو چڙهه ڪيون!“ ڪڪڙ به نه ٿئي اياڻو، سو
گدڙ جي ڳالهه تي لڳي، اٿي هن جي پويان هليو. هلندي
هلندي، نيٺ اچي جهنگ ۾ گهڙيا، ۽ گدڙ سڌو وڃي
هڪڙيءَ ٻير جي هيٺان بيٺو. ٻير هئي سا ٻيرن ۾
جهنجهي بيٺي هئي، ۽ گدڙ جو ڏسو ته بنهه وات پيو
پاڻي ٿئي. پر ٻيرن کان وڌيڪ هن کي ته هو اڄ ڪڪڙ
کائڻو، سو پاسو ڏيئي ڪڪڙ کي چوڻ لڳو ته ”ڪڪڙ يار،
رات واءُ تي جيڪي ٻير ڇڻيا، سي آءٌ جو آيس توکي
وٺڻ. ته پٺيان ٻيا گدڙ چونڊي هڙ کائي ويا! هاڻي ڪر
ڪو وارو نه ته جهڙا آياسين تهڙا نه آياسين. توکي
ته خبر آهي ته ٻير تي پاڻ چڙهي ڪونه ڄاڻون، سو تون
ئي ڪا ڀڙڪي ڪر، مٿي چڙهي تون به ٻير کاءُ ۽ ڪجهه
هيٺ موڪل ته کائي ڪا هينيئن جهل اسين به ڪري
وٺون!“
گدڙ جي هيءُ سنئين سڌي ڳالهه ٻڌي، ڪڪڙ ٽپ ڏيئي وڃي ٻير جي هڪڙي
لام تي ويٺو. ۽ امالڪ چهنب سان ٻه هڪڙا ڳاڙها
ڳاڙها پڪا، وڏا، مٺا ٻير پٽي، هيٺ گدڙ کي اڇلائي
ڏنائين. جيڪي گدڙ جهٽ هڻي، هڙپ ڪري. اتي جو اتي
کائي ڇڏيا. پوءِ ڇا ٿيو، جو هڪڙا ڪچا. چهچ ساوا،
کٽا، ڪنا ٻير ڪنهن طرح پٽجي اچي هيٺ پٽ تي ڪريا. ۽
اهي به جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، گدڙ کائي ويو. ايتري ۾،
ڪڪڙ جو پيٽ ڀلا جهرڪيءَ جيڏو، سو ويو ڀرجي....سو
سمجهيائين ته گدڙ جو پيٽ به ڀرجي ويو هوندو. پر
هوڏانهن گدڙ به ويٺو هو تاڙ ۾ سو جهڙو ٿو ويچارو
ڪڪڙ ٽپڪي ڏيئي هيٺ لهي تهڙو گدڙ دير ئي ڪانه ڪئي ۽
جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ڇڏيئنس.
بس پوءِ ته ڪڪڙ کائي، ڄڻ ڇتو ٿي پيو. اچي جا ڏاٺ هريس ته ڀانئي
ته کان ته کان! پيٽ به هجيس ڪا انود ڪاسائيءَ واري
کڏ، سو ڀرجيس ئي نه! جهڙيون مڙس کي ڀنواٽيون! وٺي
هڪڙي پاسي لوهه ڪيائين! ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته
ڏسي ته هڪڙي پوڙهي مائي آهي، سا دال ويٺي رڌي،
پوڙهيءَ کي چيائين ته ”پوڙهي ڙي پوڙهي توکي
کائيندس!“ پوڙهي چيس ته ”مون کي کائيندين؟ مون
تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“ گدڙ چيس ته ”ٻه ڪچا
ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻيرکاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم،
توکي نه کان!“ ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري،
پوڙهيءَ کي دال سوڌو ڪنيءَ سوڌو کائي ڇڏيئين.
... ۽ وٺي ڀڳو اڳتي. ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙي
ڇوڪري آهي، سا ڇيڻا ويٺي چونڊي. ڇوڪريءَ کي چيائين
ته ڇوڪري ڙي ڇوڪري، توکي کائيندس! ڇوڪريءَ چيس ته
”ڇو مون کي کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو
آهي؟“ تنهن تي گدڙ چيس ته ”ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه
پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي
پوڙهي مائي کاڌيم ائين چئي ڇوڪريءَ کي ڇيڻن سوڌو،
کاري سوڌو، کائي ڇڏيئين.
... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙو
ٻڪرار آهي. سو ٻڪريون بيٺو چاري. ٻڪرار کي چيائين
ته ”ٻڪرار ڙي ٻڪرار، توکي کائيندس!“ ٻڪرار چيس ته
”ڇو مون کي کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو
آهي؟“ چيئين ته ”ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير
کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي مائي
کاڌيم، ڇيڻا چونڊيندي ڇوڪري کاڌيم، توکي نه کان!“
ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، ٻڪرار کي ٻڪرين سوڌو،
ڇيلن سوڌو، کائي ڇڏيئين.
... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ڏسي ته هڪڙو ريڍار
آهي، سو رڍون بيٺو چاري. ريڍار کي چيائين ته
”ريڍار ڙي ريڍار، توکي کائيندس!“ ريڍار چيس ته ”ڇو
مون کي کائنيدين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“
چيئين ته ”ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ
پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي مائي کاڌيم،
ڇيڻا چونڊيندي ڇوڪري کاڌيم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار
کاڌم، توکي نه کان!“ ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ ڪري،
ريڍار کي رڍن سوڌو کائي ڇڏيئين.
... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙو
ڳنوار آهي، سو ڳئون بيٺو چاري. ڳنوار کي چيائين ته
”ڳنوار ڙي ڳنوار، توکي کائيندس!“ ڳنوار چيس ته ”ڇو
مون کي کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“
چيئين ته ”ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، دال
رڌيندي پوڙهي مائي کاڌيم، ڇيڻا چونڊيندي ڇوڪري
کاڌيم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار کاڌم، رڍن چاريندي
ريڍار کاڌم، توکي نه کان!“ ائين چئي جهٽ هڻي، هڙپ
ڪري، ڳنوار کي، ڳئن سوڌو، گابن سوڌو، کائي ڇڏيئين.
... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙو
ميهار آهي، سو مينهون بيٺو چاري. ميهار کي چيائين
ته ”ميهار ڙي ميهار، توکي کائيندس!“ ميهار چيس ته
”ڇو مون کي کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو
آهي؟“ چيئين ته ”ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير
کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي مائي
کاڌيم، ڇيڻا چونڊيندي ڇوڪري کاڌيم، ٻڪرين چاريندي
ٻڪرار کاڌم، رڍن چاريندي ريڍار کاڌم، ڳئن چاريندي
ڳنوار کاڌم، توکي نه کان!“ ائين چئي، جهٽ هڻي، هڙپ
ڪري، ميهار کي مينهن سوڌو وڇين سوڌو، پاڏن سوڌو
کائي ڇڏيئين.
... ۽ وٺي اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته هڪڙو
اوٺار آهي، سو اٺيون بيٺو چاري. اوٺار کي چيائين
ته ”اوٺار ڙي اوٺار، توکي کائيندس!“ اوٺار چيس ته
”ڇو مون کي کائيندين؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو
آهي؟“ چيئين ته ”ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير
کاڌم، ڪڪڙ پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي مائي
کاڌيم، ڇيڻا چونڊيندي ڇوڪري کاڌيم، ٻڪرين چاريندي
ٻڪرار کاڌم، رڍن چاريندي ريڍار کاڌم، ڳئن چاريندي
ڳنوار کاڌم، مينهن چاريندي ميهار کاڌم، توکي نه
کان!“ ائين چئي جهٽ هڻي، هڙپ ڪري، اوٺار کي اٺين
سوڌو، گورن ۽ گورين سوڌو، کائي ڇڏيئين.
... ۽ وٺي جو اڳتي ڀڳو، ڀڄندو وڃي، ڀڄندو وڃي، ته ڏسي ته درياءُ
آهي سو ٻنهي ڪنڌئين تار ڀريو، ٽمٽار ٿيو، گڙگاٽ
ڪندو وهندو پيو وڃي، اتي گدڙ کي به اچي اڃ ورايو،
سو سهڪندو سهڪندو، وڃي درياهه جي ڪپ تي بيٺو، ۽
درياءَ کي چيائين ته ”دريا ڙي درياهه آءُ توکي
کائيندس!“ درياءَ کلي چيس ته ”ڀلوڙي ميان گدڙ
ڀلو، سڃاتو اٿمئين! پر يار هي ته ٻڌاءِ، مون کي
پيئندين، ڪين کائيندين؟“ گدڙ اتي گهڻو ئي ککو وکو
ٿيو، پر منهن پڪو ڪري، درياءَ کي چوڻ لڳو ته ”دريا
ڙي درياهه، ٻه ڪچا ٻير کاڌم، ٻه پڪا ٻير کاڌم، ڪڪڙ
پنهنجو يار کاڌم، دال رڌيندي پوڙهي مائي کاڌيم،
ڇيڻا چونڊيندي ڇوڪري کاڌيم، ٻڪرين چاريندي ٻڪرار
کاڌم، رڍن چاريندي ريڍار کاڌم، ڳئن چاريندي ڳنوار
کاڌم، مينهن چاريندي ميهار کاڌم، اٺين چاريندي
اوٺار کاڌم، توکي ڪيئن نه کان!“ ائين چئي جهٽ هڻي،
لڳو، درياهه کي هڙپ ڪرڻ، ڪيڏانهن درياهه، ڪيڏانهن
گدڙ! گدڙ جو ڏسو ته پيٽ ڦوڪجي ويو. دوڏا ٻاهر نڪري
آيا، ۽ باقي رڳو وڃي ڪن بچيس، پر تڏهن به بس کڻي
ڪري ته به ٺهيو! اهڙي ڪا اُلي هيس جو درياهه ۾
منهن جو وڌائين، سو ٻاهر نه ڪڍي، پيئندو وڃي،
پيئندو وڃي، پيٽ وڃيس تيئن ڦوڪبو....درياهه کٽي ئي
نه. پيئندي... پيئندي... پيئندي... ۽ ڪيڏيءَ مهل
ٺا“...ته ڦوڪڻي وانگر پيٽ ڦاٽي پيس، پيٽ جو ڦاٽي
پيس ته پاڻي جيڪو پيتو هئائين سو گڙ گڙ ڪندو، موٽي
درياهه ۾ وهي ويو...ٻه ڪچا ٻير به اڇلجي وڃي پري
پيا ۽ ٻه پڪا ٻير به اڇلجي وڃي پري پيا ۽ ڪڪڙ هو،
سو ڪڪڙو...ڪو....ڪري جهڙو هو تهڙو هڪدم ٻاهر نڪري
آيو.
... ڪالهه ڏٺوسون ته پوڙهي مائي هئي تنهن ويٺي دال رڌي، ڇوڪري
هئي تنهن ويٺي ڇيڻا چونڊيا، ٻڪرار هو تنهن بيٺي
ٻڪريون چاريون ريڍار هو تنهن بيٺي رڍون چاريون،
ڳنوار هو تنهن بيٺي ڳئون چاريون، ميهار هو تنهن
بيٺي مينهون چاريون اوٺار هوتنهن بيٺي اٺيون
چاريون ۽ گدڙ هو جو سڪل ڍنگهر وانگر ٽنگون ٽيڙيو
درياهه جي ڪپ تي پيو هو ۽ سرڻيون ۽ ڳجهون هيون سي
مٿائنس ولر ڪيو ويٺيون هيون ۽ هوڏانهن درياهه شاهه
بادشاهه هو سو اهوئي اڳي وانگر ٻنهي ڪنڌئين تار
ڀريو ٽمٽار ٿيو، گڙ گڙ ڪندو اڳتي وهندو پئي ويو.
(ٻارن جو رسالو ”گل ڦل“، جون 1959ع)
ڪانءَ ۽ جهرڪي
هڪڙو هو ڪانءُ ۽ ٻي هئي جهرڪي. هڪڙي ڏينهن ڪانو جي دل ۾ اچي
خيال ويٺو ته هيءُ جهرڪي آهي، جا ماڻهن جي گهرن ۾
آکيرا ٺاهيو ويٺي آهي ته به ڪيو هن کي الفان بي به
ڪونه ٿو چوي. ۽ هيڏانهن آءٌ آهيان جو ڪنهن کي ڏٺي
به ڪين ٿو وڻان! بس آهي ناهي اهو شر انهيءَ
جهرڪيءَ ۾ آهي، جا وڃي ٿي منهنجي برخلاف ماڻهن جا
ڪن ڀري. بس هاڻي منهنجون ۽ انهيءَ جهرڪيءَ جون
خبرون آهن يا اها منهنجي پيٽ ۾ يا آءٌ هن جي پيٽ
۾!
اهو خيال ڪري، ڪانءُ تاڙ رکي ويهي رهيو. گهڙي نه گذري ته جهرڪي
به ٻاهران ڀڙڪو کائي، ڀر سان اچي ڪٿي ويهي رهي.
اتي وجهه وٺي، ٻه چار ٽپڪيون ڏيئي، ڪانو رڙهي وڃي
جهرڪيءَ جو پاسو ورتو. ۽ پنهنجي منهن ٿي، چوڻ لڳس
ته ”مائي جهرڪي، تون چوڳي جي ڏاڍي تکي آهين! اڄ
پاڻ کڻي ٿا شرط ٻڌون! اهو ڪڻڪ جو ڇڄ جيڪو گهر جي
ڌياڻيءَ سڪائڻ لاءِ اس ۾ رکيو آهي، اهو نه جي اڄ
کائي وئين، ته مڃڻ مراد آهي، مون هارايو تو کٽيو.
۽ پوءِ جي وڻيئي ته مون کي به کائي ڇڏج. پر جي مون
کٽيو ۽ تو هارايو ته پوءِ تون منهنجي وس ٿينديئن.
۽ جي وڻيم ته آءٌ توکي کائيندس.“
مائي جهرڪي بس ائين ويٺي ويٺي، ڪانو جي ڳالهه ۾ اچي ويئي ۽ کڻي
هائو ڪيائين... ۽ انهيءَ ئي گهڙيءَ ڀڙڪي ڏيئي وڃي
ڇڄ تي ويٺي. پر جهرڪيءَ ويچاري جي ڳچي ئي ڪيڏڙي!
تڪڙ تڪڙ ۾ ٻه چار چهنبون ڀريل ڇڄ ۾ مس هنيائين ته
ڍاپجي پيئي ۽ منهن ورائي اتي ئي پاسو ڪري ويهي
رهي. تنهن تي ڪانو اڳڀرو وڌي چيس ته ”مائي جهرڪي
بس! ڪجهه ته مڙسي ڪر!“ جهرڪيءَ ويچاريءَ وري به
مڙسي ڪري، ٻه ٽي چهنبون ٻيون به ڇڄ ۾ هڻي ڪڍيون،
پر نيٺ به ته جهرڪي هئي، سو بنهه آڦرجي پيئي، ۽
وري به کڻي بس ڪيائين. اهڙيءَ طرح ڪانو جي چوڻ تي
ٽيون ڀيرو به جهرڪيءَ همت ڪئي، پر هن ڀيري ته بس
هڪ اڌ چهنب ڀري نه ڀريءَ جهڙي، بنهه بان ڪري ڇڄ
تان اٿي آئي. ۽ ڳچي لاڙي، اڳو پوءِ پري ويهي رهي،
اتي ڪانءُ به ڇڄ لوڏيندي منهن موڙيندي، وڃي
جهرڪيءَ جي ويجهو ويٺو چي، ”جهرڪي مائي، تو شرط
هارائي، مون کٽي، هاڻي ته آءٌ توکي کائيندس!“
جهرڪيءَ ويچاريءَ جو، موت اکئين ڏسي، هيڪر ساهه
لڪيءَ ۾ اچي ويو: پر اتي ئي من جاءِ تي آڻي، ڪانو
کي چيائين ته ”کائين ته مون کي ڀلي کاءُ، پر
پهريائين پنهنجي اها گند ڀريل چهنب ته ڌوئي اچ! ڇو
ته کائڻ ۾ مزو ايندوئي!“
بس ڪانو جو اها ڳالهه ٻڌي، سو خوشيءَ ۾ اٿي اڏاڻو ۽ جهٽ ۾ وڃي
درياهه وٽ پهتو، جيڪو ڀرسان پئي وهيو چي، ”درياهه
ڙي درياهه، مون کي پاڻي ڏي ته پاڻيءَ سان چهنب
ڌوئان ۽ چهنب ڌوئي جهرڪي کان!“ درياهه چيس: پاڻي
ته توکي ڏيان پر پاڻي وٺندين ڇا ۾؟ هوءَ مينهن
بيٺي اٿيئي تنهن کان وڃي سڱ وٺي آءُ ته ان ۾ توکي
پاڻي ڏيان، پوءِ تون چهنب ڌوئي، ڀلي وڃي جهرڪي
کاءُ!“
هيءُ ٻڌي، ڪانءُ ويو مينهن وٽ چي، ”مينهن ڙي مينهن مون کي سڱ
ڏي، سڱ درياهه کي ڏيان، درياهه پاڻي ڏئي، پاڻيءَ
سان چهنب ڌوئان چهنب ڌوئي جهرڪي کان!“ مينهن چيس
ته ”سڱ ته توکي ڏيان پر پهريائين گاهيءَ کان گاهه
آڻي ڏي ته مان گاهه کائي ڍو ڪريان، پوءِ مان توکي
سڱ ڏيان، تون سڱ نيئي درياهه کي ڏي درياهه توکي
پاڻي ڏئي، پوءِ پاڻي سان چهنب ڌوئي، تون ڀلي وڃي
جهرڪي کاءُ!“
تنهن تي ڪانءُ اڏامي ويو گاهي وٽ: گاهيءَ کي چيائين: گاهي ڙي
گاهي مون کي گاهه ڏي. گاهه مينهن کي ڏيان. مينهن
سڱ ڏئي، سڱ درياهه کي ڏيان، درياهه پاڻي ڏئي،
پاڻيءَ سان چهنب ڌوئان. چهنب ڌوئي جهرڪي کان!“
گاهيءَ جواب ڏنس ته ”پهريائين مون کي لوهار کان
ڏاٽو آڻي ڏي، ته ڏاٽي سان آءٌ گاهه لڻي توکي ڏيان،
پوءِ تون گاهه نيئي مينهن کي ڏي، مينهن توکي سڱ
ڏئي سڱ نيئي درياهه کي ڏي. درياهه توکي پاڻي ڏئي،
پوءِ پاڻي سان چهنب ڌوئي، تون ڀلي وڃي جهرڪي
کاءُ!“
هيءُ ٻڌي، ڪانءُ ويو لوهار وٽ. لوهار کي چيائين: لوهار ڙي
لوهار، مون کي ڏاٽو ڏي، ڏاٽو گاهيءُ کي ڏيان. گاهي
گاهه ڏئي، گاهه مينهن کي ڏيان مينهن سڱ ڏئي، سڱ
درياهه کي ڏيان درياهه پاڻي ڏئي پاڻيءَ سان چهنب
ڌوئان، چهنب ڌوئي جهرڪي کان!“ لوهار چيس: ڏاٽو ته
توکي آءٌ واهه جو ڏيان، پر منهنجي بٺي ٿڌي ٿي پئي
آهي، تون ڪٿان ٽانڊا کڻي اچ ته بٺي ٻاري، توکي
ڏاٽو ٺپي ٺاهي ڏيان. پوءِ تون ڏاٽو نيئي گاهي کي
ڏئي، گاهي توکي گاهه ڏئي، گاهه نيئي مينهن کي ڏي،
مينهن توکي سڱ ڏئي، سڱ نيئي درياهه کي ڏي، درياهه
توکي پاڻي ڏئي، پوءِ پاڻي سان چهنب ڌوئي تون ڀلي
وڃي جهرڪي کاءُ.“
تنهن تي ڪانءُ وري وٺي اڏاڻو، اڏامندو وڃي، اڏامندو وڃي، ته ڏسي
ته هڪڙي پوڙهي مائي آهي، جا هيٺ پڌر ئي پڌر ۾
باهڙي ٻاريو. ڪني چاڙهيو ويٺي آهي ۽ دال پيئي رڌي،
بس پوءِ هيءُ به گولاٽي ڏيئي، هيٺ لهي، پوڙهيءَ جي
اڳيان ٿورو پرڀرو وڃي ويهي رهيو. ۽ دل جهلي،
پوڙهيءَ کي چيائين ته ”پوڙهي ڙي پوڙهي، مون کي
ٽانڊو ڏي. ٽانڊو لوهار کي ڏيان، لوهار ڏاٽو ڏئي،
گاهيءَ کي ڏيان، گاهي گاهه ڏئي، گاهه مينهن کي
ڏيان مينهن سڱ ڏئي، سڱ درياهه کي ڏيان درياهه پاڻي
ڏئي، پاڻيءَ سان چهنب ڌوئان. چهنب ڌوئي جهرڪي
کان!“ پوڙهيءَ چيس ته ”ٽانڊو ته توکي ڏيان پر
کڻندين ڇا ۾!“ ڪانو کي ڀلا جهرڪيءَ کائڻ جو شوق
کنيو بيٺو هو، سو چيائين ته ”پوڙهي، تنهن جو تون
خيال نه ڪر، تون ٽانڊو کڻي منهنجي کنڀن جي وچ ۾
منهنجي پٺيءَ تي رک: لوهار جو دکڻ پنڌ ڪونهي. ڀڙڪي
ڏيئي اجهو ٿو وڃي اتي رسان!“
پوڙهيءَ به ٻيو ڪو خيال ڪونه ڪيو ۽ چپڙي ڪري، ٻسانگيءَ ڪاٺيءَ ۾
ٽانڊڙو وجهي، کڻي ڪانو جي کنڀن جي وچ ۾ سندس پٺيءَ
تي رکيائين. ۽ ڪانءُ وٺي اڏاڻو. پر ڇا لڳي ڪانءُ
ڇا لڳن ڪانو جا کنڀ، ۽ ڇا لڳي ٽانڊو! اڃا ڀڙڪي
کائي مٿي ويو ئي مس ۽ سنئون ئي ڪين ٿيو ته ڀنڀٽ
مچي ويو. ۽ اچي باهه ورايس. ڪانءُ غريب آئيءَ ۾
اچي ويو. وڃي ته ڪيڏانهن وڃي! ايتري ۾ هيٺ وڃي
ساڳئي درياهه تي نظر پيس. جو ڀرسان پئي وهيو، بس
پوءِ ته ڇوهه مان ٻه ٽي کنڀڙاٽيون هڻي، ڌو وڃي
پاڻيءَ ۾ پاڻ ڦٽو ڪيائين. مرندي، ماڻهو ڇا نٿو
ڪري! ۽ ڪانءُ ويچارو ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهيو!
خير، پاڻيءَ ۾ پوڻ سان باهه ته وسامي ويس ۽ سڙڻ کان بچي ويو. پر
هاڻي غريب لڳو ٻڏڻ. باهه مان نڪري اچي پاڻيءَ ۾
پيو. درياهه به هو سانوڻيءَ جو سو ٻه ٽي گهوتا به
آيس. ۽ بنهه ٻڏڻ تي هو ته ايتري ۾ پريان هڪڙي
ميربحر جي وڃي مٿس نظر پيئي، جنهن پنهنجي ڊونڊيءَ
تي ويٺي پلا ماريا. ميربحر ڏاڍو ڪو ٻاجهارو ماڻهو
هو، تنهن کي ڪانو تي ڪهل اچي ويئي، سو ڇا ڪيائين
جو پنهنجي ڊونڊيءَ کي لاڙي. وڃي ڪانو کي ڳيرو
ڏنائين ۽ ونجهه ڊگهيري کڻي آڻي ٻيڙيءَ جي آڳيل تي
رکيائينس. پوءِ ته هي کنڀن سڙيل پاڻيءَ پسيل ڪانءُ
جهڙو هو تهڙو بوندو بنجي اتي ويهي رهيو. نه چري نه
پري. جهرڪيءَ جي ڊل ڪرڻ جي ڳالهه ته ڪڏهو ڪو دل
تان لهي ويئي هيس نيٺ جڏهن ٿورو تڙڪو لڳس ۽ ڪجهه
ڦکرائي ٿيس، تڏهن هيڏي هوڏي هلڻ ڪرڻ جهڙو ته ٿيو.
پر نئين سر کنڀن نڪرڻ لاءِ کيس ڏاڍا ڪي ڏينهن ڏسڻا
پيا. وري به شابس هجي ويچاري ميربحر کي، جنهن جا
هٿ نصيب ٿيس، نه ته ڪانءُ مسڪين وڃڻ کي ويو هو، ۽
آخر جڏهن کنڀ نڪتس، تڏهن اتان اڏري، منهن ڪري.
ڪنهن پاسي هليو ويو.
بس، اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن، ڪانو وري ڪڏهن جهرڪيءَ جو نالو ڪونه
ورتو. مائي جهرڪي اهائي ماڻهن جي گهرن ۾ آکيرا
ٺاهيو. مزا ويٺي ڪري، ۽ ڪانو ڪني جا هن سان ريس
ڪئي، تنهن جي حالت اڄ به اهائي آهي، جيڪا اڳي هئي
ماڻهن کي اصل ڏٺي نه ڪين وڻي. پري کان هرڪو پيو
هڪليس.
(ٻارن جو رسالو ”گل ڦل“، نومبر ڊسمبر1960ع) |