پنج هڪ ڏينهن جون ڳالهيون
اڻاسو
ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ماستر هوس. رسيس ۾ اڪثر ٻاهر بندر روڊ
تي هوٽل ۾ چانهه پيئڻ ويندو هوس. هڪ ڏينهن جيئن
چانهه ڪوپ پي، هوٽل مان ٻاهر نڪتس، ته ڏٺم ته هڪڙو
چڱو موچارو ٿلهو ماڻهو، سوٽيل بوٽيل، ٽوپلو مٿي
تي، ڪڇ ۾ ٻه چار فائيل، هڪڙي هٿ ۾ ڪيلن جو ڇڳو
کنيو، ٻئي هٿ سان ڪيلي جون کلون لاهيندو، بي
پرواهيءَ سان اڳيان اڇليندو به وڃي ۽ ڪيلو کائيندو
به وڃي. پنج ڏهه وکون اڳيان پئي ويو. اوچتوئي
اوچتوئي، همراهه جو پير پنهنجي ئي اڇلايل ڪيلي جي
کل تي اچي پيو ۽ وٺي ٿو مڙس ترڪي بس. ڌو پٽ تي!
ڪيڏانهن ويو ٽوپلو، ڪيڏانهن ويا فائيل! ٿڙي ٿڦڙي
اٿيو. فائيل ميڙيائين، ٽوپلو هٿ ڪيائين. ڪيلا ته
هٿ ۾ هئس ئي. ۽ اوچتو نظر ٿي پويس پاسي ۾ فٽ پاٿ
تي ويٺل هڪ ويچاري گهورڙئي تي، جنهن خالي لفافا،
رٻڙ، پينسلون وغيره پئي وڪيون! بس سائين پوءِ ته
صاحب نه ڪئي هم نه تم. ويچاري گهورڙئي تي رڙ ڪري
الرجي ويو. چي، ههڙا تهڙا شرم، نٿو اچيئي. فٽ پاٿ
تي رستو روڪيو ويٺو آهين. ماڻهو کي هلڻ به ڪين
ڏيندين ڇا؟ ويچارو گهورڙيو اچي ڦاٿو. جي ٿو جواب
ڏئي ته ٿو گوڙ وڌي ۽ پوليس وارو. اجهوڪي اجهو. اچي
ٿو اٿاريس! مڙئي جيئن تيئن ڪري جند ڇڏايائين!
هيڏانهن هيءَ سنئون سيبتو سوٽيل بوٽيل همراهه
غريب تي ڪاوڙ ڇنڊڻ کان پوءِ اٿي اڳتي هليو. مون
پنهنجي اکين سان اهو لقاءُ ڏٺو. صاحب بهادر کي
اهوئي مٿي ۾ ٽوپلو. ڪڇ ۾ اهي ئي فائيل ۽ هٿ ۾
اهوئي ڪيلن جو ڇڳو. اٿي هليو. خالي هٿ سان ڪيلي
جون کلون ڇليندو، بيپرواهيءَ سان اڳيان اڇلائيندو.
ڪيلي کي چڪيندو، منهنجي اڳيان ئي اڳيان، سڌوئي
سڌو، بندر روڊ جو فٽ پاٿ وٺيو. اڳتي ويندو رهيو.
ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو.
(”مهراڻ“ بهار 2_ 1955ع)
اسپرنگ ٽٽي پوندا...
حيدرآباد وڃڻو هوم، گاڏي پلئٽفارم تي بيٺي هئي. ٽڪيٽ وٺي اندر
ويس ته پهريون ئي سيڪنڊ ڪلاس گاڏو جيڪو منهن پيم،
سو خالي ڏٺم. منجهس فقط هڪڙو صاحب ويٺل ڏٺم. گاڏي
۾ چار گاديلا هئا ٻه هيٺ ۽ ٻه مٿي، سامهون وري
هيٺئين گاديلي تي هيءُ صاحب بوٽ سميت ڄنگهون
ڊگهيون ڪيو، سگريٽ ڇڪڻ ۽ اخبار پڙهڻ ۾ مشغول، بالم
ٿيو پيو هو. گرمي البت غير معمولي هئي، سو گاڏيءَ
۾ جيڪي ٻه بجليءَ جا پکا هئا، تن ٻنهي جو منهن هن
صاحب پاڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو هو ۽ پنهنجي مٿان واري
گديلي کي مٿي کڻي ڇڏيو هئانين ته جيئن ٻنهي پکن جي
سموري هوا سڌي سنئين کيس ملي سگهي. ٻئي مٿئين
گاديلي تي صاحب جو سامان سٿيو پيو هو ٻه وڏيون
لوهيون پيتيون، چمڙي جي بئگ نيٽ جي وڏي ڇلي. ٻه
ڪاٺ جا کوکا، ميوي جو ٽوڪرو، هڪ انتهائي ڦوڪيل
بسترو! مون وٽ سامان خير ڪو هو فقط هڪڙي ننڍڙي بئگ
هٿ ۾ هيم. سا لاچار کڻي هيٺ رکيم. ايندي ايندي،
آمريڪي هفتيوار رسالو ”ٽائيم“ ورتو هوم تنهن کي
پڙهڻ ۾ لڳي ويس. گهڙيءَ کن کان پوءِ هڪڙو ٻيو صاحب
پنهنجي بيگم صاحبه سميت گاڏيءُ ۾ اچي چڙهيو. ڪافي
سامان هو هن صاحب کي به ٻه مزور ساڻس هئا سو
ڏٺائين جو ته ڪهڙو مٿيون گاديلو اڳي ئي سامان سان
ڏٽيو پيو آهي ۽ ٻيو وري خالي مٿي کڄيو پيو آهي.
تڏهن لڳو ان ٻئي گاديلي کي هيٺ لاهڻ، ۽ مزور وڌيا
ان تي سامان رکڻ لاءِ هڪدم اڳواٽ ويٺل صاحب رڙ
ڪئي. ”جناب، اهي سيڪنڊ ڪلاس جا گاديلا سامان رکڻ
لاءِ نه بلڪ مسافرن جي سمهڻ لاءِ هوندا آهن.
انهيءَ گاديلي تي سامان نه رکو: ان جا اسپرنگ ٽٽي
پوندا.“ ويچارو نئون صاحب لڳو ٻئي مٿئين گاديلي
ڏانهن نهارڻ ۽ مون ڏانهن نهارڻ مون هڪدم کيس تسلي
ڏني ته اهو سامان منهنجو نه پر هن ٻئي صاحب جو هو!
ان صاحب اهڙي ڪن ٽار ڪئي. جو ڄڻ اهو منهنجو گفتو
ٻڌوئي ڪونه! نئين صاحب ٻيو ڪو چارو نه ڏسي نيٺ
پنهنجو سامان هيٺ رکائي ڇڏيو.
جنگشاهي اسٽيشن تي لهي، آءٌ پاسي ۾ انٽر ڪلاس گاڏي ۾ هڪ دوست وٽ
وڃي ويٺس ۽ ڪوٽڙيءَ تائين اتي ويٺو رهيس. ڪوٽڙيءَ
تي ٻئي دوست هيٺ لٿاسين، جهٽ رکي پنهنجي گاڏي ۾
جهاتي پاتيم ته ٻيو صاحب ۽ سندس بيگم صاحبه لهي
ويا هئا: ۽ هو پهريون صاحب منهنجي رسالي ”ٽائيم“
جي ورق گرداني ڪري رهيو هو. گاڏي ڇٽي ۽ آءٌ وري به
وڃي دوست سان انٽر ڪلاس ۾ ويٺس. حيدرآباد جي
اسٽيشن آئي بئگ کڻڻ لاءِ جو پنهنجي گاڏي ۾ آيس ته
ڏٺم ته منهنجو همسفر صاحب به لهڻ جون تياريون ڪري
رهيو هو. آءٌ بئگ هٿ ۾ کڻي، لڳس رسالو ”ٽائيم“
ڳولڻ. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم ڪٿي نظر نه آيو. آخر هن
صاحب کان پڇيم، ”جناب، هتي منهنجو رسالو هو؟“ جواب
مليو، ”هو صاحب ڪوٽڙيءَ تي لهي ويو. تنهن جي بيگم
جي هٿ ۾ هو پڙهيائين پئي: شايد پاڻ سان کڻي ويئي،
کڻي جو صاحب جي هٿ ڏانهن نهاريان ته سندس اخبار جي
وچ ۾ منهنجو رسالو ظاهر ظهور ويڙهيو پيو آهي! ڏسي،
اهڙي ته تپرس ۾ پئجي ويس، جو حرف وات مان نه
اڪليم. هو صاحب مزورن کان سامان کڻائي، چپ چاپ
گاڏي مان لهي ويو: ۽ آءٌ ڏانهس ڏسندو ئي رهجي
ويس.!
(”مهراڻ“ اونهارو. 3. 1955ع)
ير، پڇانس ها ته واه واه!
حيدرآباد کان ڪراچيءَ وڃي رهيو هوس. رواجي طرح، گاڏي شام جو
سوائين ڇهين بجي ڇٽڻي هئي. ۽ ڪراچيءَ تي پهچڻ جو
وقت تقريبن يارهين بجي هوس. يارهين بجي تائين به
ڪير ٿو سمهي؟ سو هن گاڏي ۾ ڪوبه مسافر سمهڻ جي
جڳهه محفوظ ڪين ڪرائيندو آهي. پر هن موقعي تي
پنجاب جي ٻوڏن ۽ مينهن سبب گاڏي ڏيڍ ڪلاڪ ليٽ هئي:
تنهنڪري جيڪي مسافر ننڊ جا زياده شيدائي هئا، تن
پنهنجي لاءِ برٿ رزرو ڪرائي ڇڏڻ وڌيڪ مناسب سمجهيو
هو. مون کي گاڏيءَ ۾ ليٽ هئڻ جي اڳواٽ خبر نه هئي:
تنهنڪري ڊنو ڊپ ڪري اصلوڪي وقت پٽاندر جڏهن ساڍي
پنجين بجي کن اسٽيشن تي پهتس، تڏهن ٽڪيٽن واري
بابوءَ کان معلوم ٿيو ته ڏيڍ ڪلاڪ ليٽ مان پورو
ڪلاڪ ته گاڏي اڳواٽ ڪڍي چڪي هئي. ۽ هاڻي فقط اڌ
ڪلاڪ ليٽ پئي آئي سو به ڪراچيءَ پهچندي پهچندي
شايد ڪڍي ويندي: تنهنڪري سمهڻ جي وقت کان اڳ ئي
ڪراچيءَ پهچي وڃبو برٿ محفوظ ڪرائڻ جي ضرورت ئي
ڪهڙي! هيءَ گاڏي هونئن ايندي ته لاهور کان آهي. پر
هڪڙوسيڪنڊ ۽ فرسٽ ڪلاس جو پورو گاڏو حيدرآباد کان
ساڻس ڳنڍيو ويندو آهي. مون به ٽڪيٽ وٺي سڌو وڃي
سيڪنڊ ڪلاس گاڏي جو هڪڙو چئن گاديلن وارو ڪمرو
وسايو. مٿيان ٻه گاديلا ۽ هڪڙو هيٺيون گاديلو ته
اڳ ئي والاريا پيا هئا. باقي بچيل هيٺئين گاديلي
تي آءٌ به بالم ٿي دريءَ لڳ ويهي رهيس.
گهڙي نه گذري ته هڪڙو بنهه ناسي رنگ جو ديسي صاحب لوڪ اچي در تي
بيٺو پنهنجي رزرويشن چٽڪيءَ کي ڏسي. گاديلي جي
نمبر ڏانهن ڏسي: گاديلي جي نمبر ڏانهن ڏسي مون
ڏانهن ڏسي تپرس ۾ اچي ويو ته ههڙي ويڌن ساڻس آخر
ڪيئن ٿي ٿي! هڪدم خاطري ڏياريمانس ته گاديلو سندس
ئي جاگير هئي پر اجهي ٿي يارهين بجي ڪراچيءَ
پهتاسون، پوءِ سڄي رات هر ڪو وڃي گهر آرامي ٿيندو!
صاحب بهادر آخر خطا بخش ڪئي ۽ ترت ئي موڊ ۾ اچي
اوڀارين لهوارين ڳالهين ۾ ريجهي ويو.
ايتري ۾ هڪڙو اسان جي سنڌ ديس جو وڏيرو بت ۾ البت زياده ڀريل،
قد جو مڙيو ئي لاٺيرو، ڪپڙين لٽين ضرورت کان وڌيڪ
ڍڪيل، گولين سان جهنجهيل پٽي سميت پستول ڪلهي ۾
لٽڪائيندو ٻئي هڪڙي پاڻ جهڙي همراهه سان گڏ، پريان
پلئٽفارم تان اهڙيءَ ته ارڏائي ۽ البيلائي سان
ايندو ڏٺم، ڄڻ آسپاس جي ڪا شيءِ هن جهنگ جي
بادشاهه جي نگاهن ۾ بنهه موجود ئي ڪانه هئي! رئيس
جو رخ هو اسان جي گاڏي ڏانهن دل ۾ چيم، ”ياخدا
خير!“ گاڏي جو در مزور کان کولرائي، ورانڊي کان
ڦري، نيٺ اچي ڀوتار اسان جي ڪمري ۾ منهن وڌو. هن
جو منهن وجهڻ ۽ ڀرسان منهنجي ويٺل صاحب جي کيس هڪل
ڏيڻ ”هي رزرو آهي. اڳتي هلو!“ وڏيرو صاحب گهڙي پلڪ
هٻڪي، ائين بيهي رهيو، جيئن ڪو مدت کان نسي ويل
جانور پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي، بيهي رهندو آهي. پر
صاحب به اکيون ڍڪي، وٺي جو ڏنيس ٻي اڇل ته وڏيرو
صاحب جيئن هو تئين ٻٽجي هڪدم ٻاهر هليو ويو. نيٺ
گاڏي ڇٽي، گهڙيءَ بعد ٻاهر جو نڪران ته ڏسان ته
وڏيرو صاحب ۽ سندس همراهه گاڏي جي ٻاهران ورانڊي ۾
بيت الخلا جي ڀرسان، سامان سميت براجمان ٿي ويٺا
آهن.
گاڏي هلندي رهي، صاحب بهادر ۽ منهنجي ڪچهريءَ ۾ ڳالهين پٺيان
ڳالهيون نڪرنديون رهيون تان جو ويٺي ويٺي گاڏي اچي
ڪراچيءَ جي صدر اسٽيشن تي بيٺي. صاحب لهي پيو
”مزور! مزور!“ پر گاڏو هو بنهه پويون. سو مزورن جو
پتو ئي ڪونه لڀي. ايتري ۾ اسان جي سنڌ ديس جي وڏي
شان ۽ مان وري وڏيرو وڏ ڌڻي ڊوڙي اچي صاحب جي حضور
۾ حاضر ٿيو”سائينءَ جن هتي لهندا؟ سائينءَ جن جو
سامان؟ اڙي رحيمداد. ڦري گاڏي مان صاحب جو سامان
ته ٻاهر ڏي!“ بس پوءِ ته وڏيري جو همراهه رحيمداد
اندر. وڏيرو صاحب ٻاهر جو ميدان خالي، سو ٽيڪ ڏيئي
اتي گاڏي ۾ اندر ئي ويهي رهيو. وڏيرو صاحب پوءِ
لڳو مزور جي ڳولا ۾، مڙس ڏسو ته کٿي نه پيو ماپي!
ذري هيڏانهن لوهي، ذري هوڏانهن ، سڏن پٺيان سڏ
”مزور، او مزور، اڙي او...“ نيٺ ڏٺوسون ته مزور
اڳيان، وڏيرو پويان: مزور سهڪندو، وڏيرو رڦندو تکا
تکا ٻيئي اچي صاحب جي سامان مٿان بيٺا. مزور سامان
سٿي ڪيو بس، ته لڳو هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ ته ڪو
هٿ وجهائيس پر ڪنهن جي بخت سان ريس ڪانهي: اها
سعادت ته وڏيري صاحب کي ئي حاصل ٿي. سامان کڻائي
صاحب ته ٿيو اڳتي روانو: پر وڏيري کي ڄڻ ڪيميا
ڏيئي ويو مڙس ڏسو ته بهار بهار پيو ٿئي: خوشي ڏسوس
ته بس اڦرڪي منهان پيئي نڪريس. اڇلجي اچي پنهنجي
همراهه ڀيڙو ٿيو ”رحيمداد، ڪلٽر هوئي! منهنجو
شڪريو پيو مڃي! ٻه ڀيرا هٿ ڏنائين! مان ته
پهريائين سڃاتومانس پر ادا مون کي به ٿڏي تي ئي
سڃاڻي ويو هوئي! جڏهن نه پنهنجي ضلعي تي هو، تڏهن
دعوت ڪئي هئي مانس! هاڻ الائي ڪهڙي ضلعي تي هوندو؟
ير پڇانس ها ته واه واه!...“
مون کي لهڻو ته هونئن سٽي اسٽيشن تي هو پر ڪنڌ هيٺ ڪري، بئگڙي ۾
هٿ وجهي.، اتي صدر تي ئي لهي پيس.
(”مهراڻ“ سرءُ 4. 1955ع)
روزي جي ماني
زندگيءَ جي بي ترس جانڊهه ۾ پيسجي پيسجي. شام جي ٻاجهاريءَ فضا
۾، ڪراچيءَ جي برنس گارڊن جو سير سو به بهار جي
موسم ۾! بس زندگيءَ ۾ انسان جو ايمان تازو ٿيو
وڃي! سارو ڏينهن چئن داڻن لاءِ پرڙا سٽي سٽي.
ڌرتيءَ کان دور ڀڄندو، ڀانت ڀانت جا، پيارا پيارا
پکي، ولرن جا ولر ڪيو، وڻ وڻ مٿان اچيو ڳاهٽ ٿين:
رات جا چار پهر هر ڪنهن کي. ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن ڏار
تي. ڪنهن لام تي. ڪنهن پن جي اوٽ ۾ آرام لاءِ اجهو
ملي ئي ويندا! اداس ڌرتيءَ لاءِ ڏکن ڀرئي ڏينهن جي
پڄاڻيءَ جي هيءَ پوئين گهڙي به ڪيتري نه اثر
آفرين ٿي ٿئي! ڪنهن الميه افساني جو پڙهندي پڙهندي
ڄڻ ڪنهن پنو اٿلائي ڇڏيو هجي!
برنس گارڊن جي اترئين دروازي وٽان الهندي طرف ڏانهن ويندڙ، اٽڪل
چاليهارو قدم ڊگهي هڪ فٽ پائري وڇايل آهي، جنهن تي
خانه بدوش گيدڙين جا ڪي نه ڪي ٻه چار ڪٽنب هميشه
پيا ئي رهندا آهن. هيءَ فٽ پائري الهندي واريءَ
ڪنڊ کان مڙي. ٻيا چاليهارو کن قدم سڌو ڏکڻ ڏانهن
ويندا، سنڌي مسلم لا ڪاليج جي دروازي وٽان ٿورو
اوڀر ڏانهن ڦري، پاسي ۾ هڪ نئين ٺهيل مسجد شريف جي
چائنٺ وٽ وڃي ٿي ختم ٿئي. سامهون پنج ماڙ بلڊنگ
جون ٽي قطارون اڀيون. چپ چاپ هڪٻئي کي گهورينديون.
وڃيو ٻئي پاسي مئڪلوڊ روڊ سان مليو بيهن. هنن
بلڊنگن ۾ اصل ته ٻيا رهندا هئا، پر پاڪستان ٿيڻ
کان پوءِ اهي هندستان هليا ويا ۽ هندستان مان
اهڙائي ٻيا خدا جا بندا ڪجهه لوڌجي، ڪجهه چاهه
پئي، اچي هنن بلڊنگن ۾ آباد ٿيا آهن، لا ڪاليج جي
ڀر واري مسجد شريف به هنن ئي ايمان وارن جي جذبه
بندگيءَ جو نتيجو آهي: نه ته هونئن ان جاءِ تي اصل
برنس گارڊن جي گلن ٻوٽن جي هڪ نرسري رکيل هئي.
گذريل روزن وارو مهينو بهار جي موسم ۾ وارد ٿيو هو: هن برڪتن
ڀرئي مهيني جي بنهه پوين تاريخن ۾، هڪڙي ڏينهن شام
جو برنس گارڊن منجهان ڦري گهري، جيئن ٻاهر نڪتس،
تيئن فٽ پائريءَ تي سامهون خانه بدوش گيدڙين جو
هڪڙو اٺن ڏهن سالن جو معصوم ٻالڪ پٺن اگهاڙو، وارن
منجهيل، مٽي ۽ مر ۾ لتل، ابداڻي کان رانن تائين
لتاڙيل گاڏڙي ۾ پنهنجي ڪنهن پنگلي مائٽ کي وجهيو.
ٿيلهيندو. اڳتي هلندو پئي ويو. نما شام جي هن ننڊ
اکريءَ فضا ۾ گاڏي ۾ پيل پنگلي جي دل نپوڙيندڙ
دانهن اڄ به منهنجي ڪنن ۾ پيئي گونجي.....”آءٌ
بکيو لاچار.....بابل! ڏئي وڃ نالي الله جي...! آءٌ
بکيو لاچار... بابل...“
الهندي واريءَ ڪنڊ کان مڙي جيئن ئي پنج ڏهه قدم اڳتي ٿيس، تيئن
سامهون وارين بلڊنگن جي ڪنهن ديندار گهر جو هڪڙو
هر طرح سان صاف سٿرو. ٻارنهن چوڏهن ورهين جو
سٻاجهو نينگر، ٻنهي هٿن ۾ ڍڪيل ٺهيل، شانائتي ماني
کنيو، آڏو ايندو ڏٺم. هيءُ ماني شايد خوش بخت
روزيدارن جي ئي نذر ٿيڻي هئي: پر روزي کلئي وقت ٿي
چڪو هو. ۽ نمازي سڳورا مسجد مان نڪرڻ وارا ئي هئا.
ٻه وکون ڀري ڇوڪرو مانيءُ سوڌو اچي پنگلي وٽ بيٺو.
غريب ٻالڪ پنهنجا ٻيئي هٿ ڊگهيريا. ڇوڪري چيس.
”ائين نه، ٿانءُ ڪڍ ته ڏيان!“
”ٿانءُ“ جو نالو ٻڌڻ ۽ گاڏي کي اتي ئي ڦٽي ڪري وٺي ٻالڪ پوئتي
ڊوڙ پاتي خوشيءَ ۾ اهڙو وٺي ڀڳو. جو کڙيون ڪياڙيءَ
سان لڳنديون ويس بس واءُ ٿي ويو! پنگلي جي دانهن
بند ٿي ويئي.
اوچتو سامهون ڪنڊ کان رڙ ٿي: ”طفيل، او طفيل! ماني ڪنهن مسلمان
فقير کي ته ڏي. بدبخت!“ طفيل جو مسلمان پيءُ مسجد
مان روزو کولي، نماز پڙهي ٻاهر نڪتو هو. ۽ گهر
ڏانهن ويندي. طفيل کي هن اجوڳ ڪم ڪندي پڪڙي ورتو
هئائين!
پرڀرو هڪڙي مسلمان پوڙهي فقيرياڻي بيٺي هئي تنهن پاڻ کي وڌيڪ
حقدار سمجهي. آسرو پختو ڪري. رڙهي اچي پاسو ڏنو.
هوڏانهن گيدڙي ٻالڪ به جمن هٿ ۾ کنيو. يڪ ساهيءَ
ڊوڙ موٽي پئي آيو. ايتري ۾ طفيل جو پيءُ تکو تکو
وڌي اچي جاءِ واردات تي پهتو، ۽ پٽ جي هٿن مان
ماني ڊوهي، اتي جو اتي سڀ کڻي مائيءَ جي ڪشتي ۾
وڌائين. گيدڙي ٻالڪ خالي جمن کي سامهون ڪيو:
”سائين ٿوري مون کي!“ پيرن ۾ جو پنگلو پيو هوس،
تنهن کن رکي، دانهن ڪئي: ”هي بکيو لاچار... باب!
ڏي ڪجهه نالي الله جي...!“
طفيل ۽ طفيل جو پيءُ ته هليا ويا... پر هنن جي پٺ ڏيڻ سان ئي،
پوڙهيءَ فقيرياڻيءَ ڪشتي ۾ هٿ وجهي، جيڪي ڪجهه
مليو هوس ٻه ڊڳڙ، مٺ خشڪا. ڏوئي بوڙ جي، قيمي جي
هڪ ٽڪي ۽ مٺائيءَ جو هڪڙو لڏون تنهن سڀ مان اڌ
ڪڍي، گيدڙي ٻالڪ جي جمن ۾ کڻي وڌو... ۽ ٻار جي مٿي
تي مهر جو هٿ ڦيري پنهنجي راهه وٺي ويندي رهي!
نئين سر انسان ۾ منهنجون اميدون، جاڳي اٿيون ۽ وساڻل زندگي.
بهار جا نوان ويس ڍڪي. هڪ ڀيرو ٻيهر منهنجي اڳيان
اچي بيٺي.
(”مهراڻ“ 1_2. 1957ع)
قرباني ۽ بک
حيدرآباد جا منگهه ۽ ڪني پاڻيءَ جون ڪسيون مشهور آهن. اونهاري ۾
صبح جي پهر ۽ سانجهيءَ کان وٺي ساري رات حيدرآباد
مٿان بهشت جون دريون کلنديون آهن، ۽ حيدرآباد جا
منگهه هنن بهشتي هوائن جا جهول ڀري گهر گهر ۾
اوتيندا آهن.
هن شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ کليل ڪني پاڻيءَ جون ڪسيون به ڪنين
تار وهنديون آهن. جن مان هر هنڌ ساهه کي مروٽيندڙ
اوٻر اٿندا رهندا آهن ڄڻ دوزخ جو تاءُ ڪي ماس جا
دوڳ سجائي ۽ ساڙي رهيو هجي. هي اوٻر ۽ هي هوائون
موت ۽ حياتيءَ جا سدا موجود روح اوهان کي حيدرآباد
جي گهر گهر ۽ گهٽي گهٽيءَ ۾ هڪٻئي سان زور
آزمائيءَ ۾ مصروف نظر ايندا. پر ميدان سرءُ ۾
پوريءَ طرح ۽ سياري ۾ گهڻي قدر موت جي حوالي هوندي
آهي. ۽ اونهاري ۾ ان جو قبضو حياتيءَ جي هٿن ۾
هوندو آهي. بهار جي موسم ته حيدرآباد جي چئي ڇا
چئجي! ٿئي سا بنهه ٿوري ٿي. پر جن حيدرآباد جي
بهار نه ڏٺي سي چئبو ڄڻ مورئون ڪونه ڄاوا.
پر حيدرآباد جو حشر ۽ ڪوس واري عيد ٻين موسمن ۾ ته ٺهيو. پر
بهار ۽ اونهاري ۾ به شل ڪڏهن نه اچن. پوءِ ته موت
جي منحوس ديو سان نه منگهه ئي هٿ ڳنڍين ۽ نه ان کي
بهشتي هوائون ئي رسن. الامان والحفيظ! چوڌاري رت ۽
پونء جا اوٻر هوندا. جيڪي ساهه کي مٺ ۾ جهليو،
نپوڙيو، سوگهو ڪيو بيٺا هوندا. حيدرآباد جي شهر تي
انهن ڏينهين ڪني پاڻيءَ جي ڪسين جو راڄ هوندو آهي.
۽ حيدرآباد جا منگهه ائين بيڪار بنيا. وائڙا ٿيا،
شهر جي مٿان سڪل وڻ جي ڇانڀن جيان بيٺا هوندا آهن،
ڄڻ ڪنهن اوچتيءَ آيل آفت جي آڏو، پڪي فصل جا هاري.
ٻاهر ميدان ۾ آسمان ۾ اکيون وجهيو. پنهنجيءَ قمست
کي پٽڻ لاءِ، هٿين خالي اڀا بيٺا هجن.
هن سال قربانيءَ جي عيد اونهاري ۾ ئي آئي. جنهن گهٽيءَ ۾ ۽
جيڏانهن وڃ. تيڏانهن رت جا اڌ ڄميل اڌ پٽڙا پڙد ۽
ڦاٽل، سوڻل اوجهريون. ۽ اڌڪچي، اڌ پڪي ڇيڻي ۽
اوجهه ۾ لتل آنڊن جون ويڙهيون اڇليون پيون هجن. جن
تي سرڻين جا اوچتا لامارا مکين جا ڍير ۽ ڪتن جي
ڊوهه ڊوهان لڳي پيئي هجي. ٻه قدم کڻ ته پير رت
ڇيڻي ۾ لپجيو وڃي. هوا ۾ اٻس ۽ ڌپ ايتري، جو ساهه
کڻڻ ته روڙيون پيون اچن. گندي پاڻيءَ جون ڪسيون
اوجهرين جي داڦن ۽ آنڊن جي ويڙهين سان هنڌين هنڌين
ڏٽيون. رستن ۽ گهٽين ۾ ٻوڙ ٻوڙان لايو بيٺيون هجن.
اونهاري جي موسم ۾ به ڪي ڏينهن مئي ۽ جون جي مهينن ۾ اهڙا يندا
آهن. جڏهن ملڪ تي گرميءَ جي خاص لهر ڇانيل هوندي
آهي. ۽ لڪ منهن کي باهه جي ڄراٽ وانگر ساڙيندي
ويندي آهي. پر هن موسم جا اهي ڏينهن سڀ کان بڇڙا،
جيڪي بنهه گهٽ جا هوندا آهن هوا بلڪل بند، پتو به
نه چري ۽ ساهه جي ايتري مونجهه، جو ڀانئجي ته اها
منهن ساڙيندڙ لڪ ئي چڱي. جنهن ۾ ساهه ته کڄي سگهي!
حيدرآباد جي هيءَ ڪوس جي عيد اونهاري جي هڪڙي اهڙي
ٻوٽيل، ترم جهڙي گهٽيل ڏينهن تي آيل هئي. ۽ اچي
اسان کي ته وري به پنهنجي سڄي خير ۽ برڪت سان
نوازي ويئي. پر اسان کان هيڻن، هزارن لکن گگدامن
لاءِ، جيئن ٻين هنڌ تئين هتي حيدرآباد ۾ به، اجائي
موت جو پيغام بڻجي، قيامت برپا ڪري، انهن جا آنڊا
۽ اوجهريون رستن ۽ گهٽين ۾ رولي ۽ کلون کلن. کائو
جانورن جي حوالي ڪري، آسماني وڄ وانگر اوچتي
ڌرتيءَ تي ڪري وري چڙهي ويئي.
عيد جي ٻئي ڏينهن آءٌ صبح جو سج اڀرئي، ٽريننگ ڪاليج جي اترين
ڀت سان لاڳو گهٽي ڏيو، مارڪيٽ کان ٿيندو، واپس
ڪاليج طرف پئي آيس، جيڏانهن منهنجو گهر هو. ساڄي
هٿ تي نور محمد هاءِ اسڪول جي ڀت آهي. ۽ کاٻي هٿ
تي هندن جي رهڻ جون پراڻي نوع جون ٺهيل پڪ سريون
جايون آهن، جن ۾ هاڻي قربانيءَ جي عيد تي قربان
ٿيندڙ اسان جهڙن مومن مسلمانن جا ٻه خاندان آباد
ٿي اچي ويٺا آهن. جاين جي پاسي کان ڀت سان لڳو لڳ
هڪڙي چڱي موچاري ۽ موڪري پر اگهاڙي ڪسي وهندڙ آهي.
جنهن تي انهن گهرن مان اچڻ وڃڻ لاءِ ٻن ٽن ڏاڪن
جون ٺهيل دڪيون اڏيل آهن. انهن مان ٻيءَ دڪيءَ جي
ڀت واريءَ هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ڏٺم ته ٻن ٻارن سان هڪ
فقيرياڻيءَ مٿڀرئي گهر جي در ۾ اکيون وجهيو ويٺي
آهي. ۽ صدائن مٿان صدائون پيئي هڻي: ”مائي سڳوري!
منهنجا ٻار بکيا! مان بکي! نالي الله جي ڪو لولو!
حاجياڻيءَ سڳوري، نالي رسول جي ڪو ڳڀو...“ هڪڙو
ٻار ٿڻن تي سندس هنج ۾ هو ۽ ٻيو ڀت جي ڪر سان
ڪسيءَ جي بنهه ڪپ تي سنئون نئون پيو هو. جنهن کي
ڪسيءَ ۾ ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هن پنهنجي هڪ ڄنگهه آڏ
طور ڪسيءَ ڏانهن لاڙي ڇڏي هئي. فقيرياڻيءَ جي هيڻي
حال جو ڇا ذڪر ڪجي! ڪپڙا ليڙون ليڙ، منهن ۽ هٿ
ميرا جهڙا گپ، وارن جون چڳون اهڙيون منجهيل ۽
گهريون. جهڙيون ڏاس جون پراڻيون وٽيل نوڙيون.
ٻيئي هن جا ٻار الف اگهاڙا هئا. ۽ مکين جا ڪٽڪ
انهن تي پئي اڏاڻا ۽ مچا ڪيو پئي انهن کي پٽيائون،
فقيرياڻيءَ جي رکي رکي اهائي صدا پئي اٿي“ مائي
سڳوري نالي الله جي! بيبي، منهنجا ٻار بکيا...
حاجياڻي ڪو لولو! خبر ناهي هن جون اهي صدائون
ڪيتري مهل چوڌاري ٻرنديون رهيون هيون ۽ ڪسيءَ مٿان
دڪيءَ واي در سان ٽڪرنديون پوئتي سٽبيون، هوا ۾
ائين گم ٿينديون پئي رهيون. ڄڻ اهي انساني آواز
نه، پر ڪتي جا ڀونڪاٽ هئا، يا ڪنيءَ ڪسيءَ جي ڪني
پاڻيءَ سان وهندڙ ڪن جا ڪي ذرا هئا، جي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ
لاءِ نه پر ائين ئي ٻرندي رهڻ ۽ وهندي وڃڻ لاءِ
هوندا آهن.
پر نه! ڪيڏيءَ مهل در کليو ۽ مائي سڳوري درمان منهن ڪڍيو. ٻنهي
هٿن ۾ ڪجهه هوس.
”هان، جهولي پٿار! هي ڳني وٺ!“ مائي سڳوري ڪڇ جي ميمنياڻي هئي.
فقيرياڻيءَ هڪدم وٺڻ جي تياري ڪئي. تڪڙ ۾ مرڳو ڪسيءَ تي پيل ٻار
سرڪي هيٺ ڪني پاڻيءَ ۾ ٿي ويس. جيئن تيئن هن کي
جهلي ورتائين.، ان گسر ڦسر ۾ گهڙي پلڪ لڳي ويس،
مٿان مائي سڳوريءَ ڪجهه تاءُ ڪيو. فقيرياڻي سري
پري، ٻن ٻارن لاءِ پاڻ سوئي سڪوئي، جاءَ ڪري، ٻيو
ته جهٽ پلڪ ۾ ڪجهه ڪري نه سگهي. سو ٻيئي خالي هٿ
جهلي، کڻي مٿي ڪيائين. هوڏانهن مائي سڳوري جا پاڻ
جهلي جهلي، ڪجهه ٿڪي هئي سو بسم الله ڪري ٻنهي هٿن
جي چنبي کي هڪدم کڻي ڍرو ڪيائين. فقيرياڻيءَ، جو
عين انهيءَ گهڙيءَ اکيون مٿي کنيون ته سندس نظر
وڃي قربانيءَ جي ماس جي ٻن اڍائن سيرن جي ٻوٽن تي
پيئي، ۽ هن به هڪدم پنهنجا ڊگها ڪيل هٿ کڻي پوئتي
ڪيا. برڪت ڀريءَ قربانيءَ جي گوشت سڳوري لاءِ ٻي
جاءِ ته باقي ڪانه رهي سواءَ وهندڙ ڪني پاڻي جي
ڪسيءَ جي، سو ڌوڪري، سڌو وڃي ان ۾ چڀڙاٽ ڪيائين. ۽
هئو به، جو ڪجهه وڏي مقدار ۾، سو حالي ته ڪسيءَ جو
پاڻي جهلي بيهي رهيو. فقيرياڻيءَ جي ٻارن مٿان. جي
مکين جا ڪٽڪ ڀوڻاٽ ڪيو پئي ڦريا ۽ انهن جا مچا،
سندن منهن تي ۽ بدن تي هنڌ هنڌ ميڙا لايو ويٺا
هئا. انهن ۾ گوشت جي ان چڀڙاٽ ۽ ڪني پاڻيءَ جي
اٿندڙ ڦڻنگن تي ڪجهه ٽاهه پيو، ۽ انهن جو اڌ کن
لشڪر ٻارن تان هٽي فورن وڃي ڪسيءَ ۾ پيل ان ڪني
ٿيل ڪوس جي گوشت تي ويٺو.
فقيرياڻيءَ، جو پاڻ سنڀاليو ۽ ڏٺو ته ڪني پاڻيءَ جي وهندڙ ڪسي
ائين بند ٿي ويئي، سو اهو ويچار ڪي ته ڪنو پاڻي
ڪٺو ٿي، ڪسيءَ جي وٽ تي پيل سندس ٻار جي مٿان نه
وري وڃي، سو اٿي کڙي ٿي: هڪڙي ٻار کي ٻانهن جي
ٻيڪڙ ۾ رکيائين، انهيءَ ئي هٿ ۾ پنهنجي سڄيءَ هوند
سوند جي ڳنڍ جهليائين. ۽ ٻئي ٻار کي هڪڙيءَ
کنڀڙاٽيءَ مان وٺي کڻي مٿي کنيائين، ۽ جهٽ جهٽ
گهٽيءَ جي ٻيءَ وٽ سان سامهون اس ۾ وڃي ويٺي. جتي
صبح جي ڪجهه هلڪي هلڪي هير پئي لڳي، ۽ جتي ڪني ڪسي
به ڪانه هئي ۽ آسپاس ڪوس جو ڪنو گوشت به ڪو پيل
ڪونه هو.....۽ اتي ويهي راهه ويندڙن کي لولي
مانيءَ لاءِ پيسي پيسي جون صدائون ڏيڻ لڳي.
(آگسٽ. 1953ع ۾ لکيل ”سنگت“ 1980ع ۾ شايع ٿيل) |