سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: نيٺ ڇا ڪجي

باب: -

صفحو : 5 

باب ايڪيهون

 عجب انهيءَ ڳالهه جو نه آهي ته غلام پاڻ پنهنجي حيثيت کان واقف نه آهن، ۽ غلاميءَ کي، جنهن ۾ هميشه کان رهندا آيا آهن، انساني حياتيءَ جي هڪ قدرتي حالت ۽ غلاميءَ جي ظاهري شڪل ۾ ڪنهن خفيف ڦيرڦار کي محض عارضي يا اتفافي سمجهن ٿا، ۽ نه وري انهيءَ ڳالهه جو ئي عجب آهي ته مالڪ به ڪڏهن ڪڏهن ايمانداريءَ سان ائين سمجهن ٿا ته اشڪنجي جي هڪڙي پيچ کي ڍرو ڪري، هنن پنهنجا غلام آزاد ڪري ڇڏيا،- حلانڪ ٻيو پيچ هنن اڳ ۾ ئي پختو ڪري ڇڏيو هوندو آهي. حقيقت ۾ غلام توڙي غلامن جا مالڪ ٻئي پنهنجي پنهنجي حالتن تي هري ويا آهن؛ آزاديءَ کان اڻ واقف غلام، رڳو تڪليفن ۾ ڪمي يا تڪليف جي شڪل ۾ تبديلي چاهين ٿا، ۽ غلامن جا مالڪ وري پنهنجي بي انصافيءَ کي لڪائڻ ۽ غلاميءَ جي نون طريقن کي جائز ثابت ڪرڻ لاءِ، نت نيون معنائون ۽ سمجهاڻيون پيش ڪندا رهن ٿا. پر عجب ان ڳالهه جو آهي ته سائنس جنهن کي ”آزاد ۽ غير جانبدار“ چيو وڃي ٿو، سا به عوامي زندگيءَ جي اقتصادي حالتن جو جائزو وٺندي، عوامي زندگيءَ جي اقتصادي حالتن جي هن بنياد کي نظر انداز ڪري ڇڏي ٿي. عام طرح ائين سمجهوي ويندو آهي ته سائنس جو اصل مقصد قدرتي يا غير قدرتي علامتن ۽ سندن مشترڪه سبب جو باهمي رشتو معلوم ڪرڻ آهي. پر سياسي اقتصاد يات جي سائنس ان جي بنهه ابتڙ ڪري رهي آهي؛ هيءُ نام نهاد ”آزاد ۽ غير جانبدار“ علم، سماجي حقيقتن جي باهمي رشتن ۽ سندن اصليت کي تمام خبرداريءَ سان لڪائي، نهايت چالاڪيءَ سان سادن ۽ سنون سڌن ضروري سوالن جا جواب کائي وڃي ٿو. سچ پڇو ته اڄڪلهه سائنس به هڪ سست ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ گَهه ُ  ڪندڙ گهوڙي ٿي پئي آهي، جا هيٺانهينءَ تي ته سنئون سڌو ۽ مزي سان هلندي ٿي هلي، پر جيئن ئي ڪنهن چاڙهيءَ تي يا خود سنئين سڌي پٽ تي پٺيان گاڏيءَ يا ڪنهن بار کي اڳتي ڇڪڻو پيس، ته هڪدم گوهي ڪري، وٺي ڪنهن ٻئي پاسي منهن ڪندي، ڄڻ ته کيس اوڏانهن پنهنجي ڪنهن ضروري ڪم سان وڃڻو آهي. جنهن به وقت سائنس اڳيان ڪو سنجيده ۽ ضروري سوال پيش ٿئي ٿو، ته سائنس جا ابا هڪدم غير متعلق مسئلن تي ڪج بحثي شروع ڪري، اصل مطلب کان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ۾ جنبي وڃن ٿا.

توهان سوال پڇندا: انهيءَ غير قدرتي، غير واجبي، نامعقول ۽ نه رڳو بيڪار پر انتهائي نقصانڪار حقيقت جو آخر ڪهڙو سبب آهي، جو هڪڙا شخص ٻين شخصن جي مرضيءَ بنان نه پورهيو ڪري سگهن ۽ نه کائي پي سگهن؟

۽ سائنس، نهايت سنجيده انداز ۾ جواب ڏيندي: ڇاڪاڻ ته هڪڙا شخص ٻين شخصن جي پوروهئي ۽ داڻي پاڻيءَ کي ضابطي ۽ انتظام هيٺ رکن ٿا- پيداوار جو اهو اصول آهي.

توهان سوال پڇندا: هي ملڪيت جو حق ڪهڙي چيز آهي، جنهن جي بنياد تي هڪڙا شخص ٻين شخصن جي داڻي پاڻيءَ جي ذريعن، مثلا زمين وغيره ۽ پورهئي جي اوزارن کي پنهنجي ملڪيت بڻائين ٿا؟

۽ سائنس نهايت سنجيده انداز ۾ جواب ڌيندي: انهيءَ حق جو بنياد هيءُ آهي ته انسان جي پرهئي جي حفاظت ڪئي وڃي. يعني هڪڙن شخصن جي پورهئي جي حفاظت انهيءَ ۾ آهي ته ٻيا کانئن وڌيڪ سمجهدار ۽ طاقتور شخص سندن پورهيو پنهنجي ڪم لائيندا رهن!

توهان پڇندا: ڀلا اهي پئسا ڪهڙي بلا آهن، جيڪي هر حڪومت ٺاهي جوڙي جاري ڪري ٿي، ۽ جي زور زبردستيءَ سان مزورن جي موجوده نسل کان ته وصول ڪيا وڃن ٿا پر کين قومي قرضن جي شڪل ۾ سندن پوئين کان به وصول ڪيا ويندا؟ ڇا ٽئڪسن جي صورت ۾ وصول ٿيندڙ بي انداز پئسا، ڏيندڙ ۽ وٺندڙ جي اقتصادي لاڳاپن تي ڪو به اثر نٿا وجهن؟

۽ سائنس هڪ دفعو وري به پڪو منهن ڪري جواب ڏيندي: پئسا به کنڊ ۽ ڇيٽ جي ڪپڙي وانگر روز مره جي استعمال جي هڪ معمولي شيءِ آهن؛ ۽ مٽاسٽا جو بي ضرر ۽ تمام سولو ذريعو هجڻ ئي سندن خصوصيت آهي؛ باقي عوام جي اقتصادي حالتن تي ٽئڪسن جو ڪو خاص اثر نٿو پوي، ڇاڪاڻ ته پيدا وار جا قاعدا قانون جهڙوڪ مٽاسٽا ۽ دولت جي ورهاست هڪڙي شيءِ آهي، ٽئڪسون ٻي!

توهان پڇنداء: ڇا اها حقيقت  نه آهي ته حڪومت ڪنهن به  وقت ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق روزمره جي شين جا اگهه گهٽائي وڌائي سگهي ٿي، ۽ ٽئڪسن وڌائڻ سان سڀني بي زمين باشندن کي مالي غلاميءَ ۾ جڪڙي سگهجي ٿو؟ ڇا اها حقيقت اقتصادي حالتن تي اثر انداز نه ٿي ٿئي؟

۽ سائنس جواب ڏيندي: بلڪل نه! پيداوار، ورهاست ۽ مٽاسٽا جا قاعدا قانون هڪڙي سائنس آهي، ۽ ٽئڪسون توڙي ٻيو سرڪاري ڪاروبار ٻي، جنهن کي ”ماليات“ سڏجي ٿو.

پڇاڙيءَ ۾ توهان پڇندا: هي سڀ محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهو آخر حڪومت جي غلاميءَ ۾ گرفتار ڪيئن ٿيا؟ حڪومت کي اها طاقت ملي ڪٿان، جو جنهن کي وڻيس تنهن کي تباه ڪري ڇڏي، عام ماڻهن کان سندن پورهئي جي پيداوار ڦري وٺي، ۽ جيڪڏهن چاهي ته خود انهن ماڻهن کي سندن زمين تان تڙائي، کين فوجي غلاميءَ ۾ ڀرتي ڪري ڇڏي؟ ڇا اها حقيقت به عوام جي اقتصادي حالتن تي اثر انداز نٿي ٿئي.؟

پر سائنس توهان جي انهيءَ سوال جي جواب ڏيڻ جي تڪليف وٺڻ نه چاهيندي، ڇاڪاڻ ته اها هڪ بلڪل الڳ ڳالهه آهي، جنهن کي رياست جو جوڙجڪ يا دستور ۽ قاعدا قانون چون ٿا. سائنس جو، عوام جي اقتصادي زندگيءَ جي قاعدن زندگيءَ جي قاعدن قانون کي تمام سنجيدگيءَ سان جاچڻ ۽ ڏاڍي مڙس جي هر قدم کي عوامي زندگيءَ جي هڪ قدرتي ڳالهه سمجهي نظرانداز ڪرڻ به، ائين آهي جيئن ڪو شخص مختلف مالڪن جي شخصي غلامن جي زندگيءَ جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو تنقيدي جائزو وٺندي، انهن غلامن جي زندگيءَ تي سندن مالڪن جي وهمن ويچارن ۽ طور طريقن جي اثر کي نظر انداز ڪري ڇڏي.

انهن ڳالهين کي ڏسي، ٻيو ڪو جيڪر ائين سمجهي ته هيءَ ”سائنس“ محض جهالت وچان اها ڳالهه ڪري رهي آهي؛ پر جيڪڏهن ٿورو اونهو وڃي، ”سائنس“ جي نيت ۽ ارادن کي جاچي ڏسبو، ته خبر پوندي ته انهيءَ ڳالهه ۾ ”سائنس“ جي جهالت نه، پر وڏي حرفت لڪل آهي. ”سائنس“ کي هڪ باقاعدي سوچيل سمجهيل مقصد آهي، جنهن کي هوءَ برابر حاصل ڪندي رهي ٿي. حقيقت ۾ هن ”سائنس“ جو اصل مطلب عوام ۾ مختلف وهمن ۽ فريبن کي قائم رکي، سچائيءَ ۽ خوشحاليءَ ڏانهن انسان ذات جي رستي ۾ رنڊڪ وجهڻ آهي.

انسان جي ذهن ۾، گهڻي وقت کان هڪ خطرناڪ وهم رهندو آيو آهي، جنهن کيس ڪيترن مذهبي وهمن کان به وڌيڪ نقصان پهچايو آهي، ۽ انهيءَ وهم کي انسان جي هيءَ نام نهاد آزاد ۽ غير جانبدار سائنس پنهنجي پوريءَ طاقت سان قائم نام نهاد آزاد ۽ غير جانبدار سائنس پنهنجي پوريءَ طاقت سان قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. حقيقت ۾ هيءُ نئون ”سائنسي“ وهم به ٻين عام مذهبي وهمن جهڙو آهي- چي: انسان تي ٻين انسانن ڏانهن عام فرضن کان سواءِ، هڪ خيالي هستيءَ ڏانهن به ڪيترا  اهم ۽ ضروري فرض آهن. مذهب ۾ ته اها خيالي هستي خدا آهي، پر سياسياست ۾ ان کي ”رياست“ يا حڪومت چون  ٿا. مذهبي وهمن موجب، انهيءَ خيالي هستيءَ يعني خدا لاءِ قربانيون- ڪڏهن ڪڏهن انساني قربانيون پڻ- ڪرڻ ضروري آهن، ۽ عام ماڻهن کي هر حالت ۾ ائين ڪرڻ گهرجي- ائين ڪرڻ لاءِ مٿن زور زبردستي ڪرڻ به روا آهي. سياسي وهم وري رياست جي خيالي هستيءَ لاءِ قربانين ڪرڻ جي تلقين ۽ تنبيهه ڪن ٿا. انساني ذهن جو پاليل اهو ازلي وهم، جنهن جي پٺڀرائي پهريائين وڏا وڏا پادري ڪندا هئا، سو هينئر نام نهاد سائنس جي سهاري تڳي رهيو آهي. اڄ انسان کي هڪ اهڙيءَ خطرناڪ غلاميءَ ۾ جڪڙيو ويو آهي، جنهن جهڙي اڳ ڪڏهن نه ٻُڌي نه سئي؛ پر سائنس عوام کي دلاسو ڏيندي، چوي ٿي ته اها غلامي تمام ضروري آهي ۽ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه آهي.

رياست کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجو ڪاروبار چالو رکڻ گهرجي، ۽ سندس، عوام جي ڀلائيءَ يعني عوام تي حڪمراني هلائڻ ۽ کين سندن دشمنن کان بچائڻ، زنده رهڻ نهايت ضروري آهي. انهيءَ لاءِ رياست کي لشڪر ۽ خزانو ٻئي گهرجن، ۽ ظاهر آهي ته اهو خزانو رياست جي سڀني شهرين کي ئي مهيا ڪرڻو آهي، يعني عوام جا باهمي سماجي ناتا رياست جي لازمي تقاضائن جي نقطي نگاه کان ئي منظم ٿيڻ گهرجن.

هڪ سنئون سڌو، اڻ پڙهيل باشندو چوي ٿو: منهنجي مرضي آهي ته پنهنجي ٻڍي پيءُ کي سندس ڪم ۾ هٿ وٺايان. مان شادي به ڪرڻ چاهيان ٿو، پر مون کي ڇهن سالن لاءِ فوج ۾ زوريءَ ڀرتي ڪري، پري ”قازان“ ڏانهن موڪلين ٿا. ڇهه سال پورا ڪري مان وطن واپس وران ٿو ۽ ٻنيءَ تي ڪم ڪري پگهر جي پورهئي سان پنهنجي ڪٽنب کي پالڻ چاهيان ٿو. پر مون کي خبر آهي ته منهنجي چوڌاري سٺ ميلن اندر، پئسن پيارڻ کان سواءِ، هر هلائڻ جي منع آهي. مون وٽ ايترا پئسا آهن ئي ڪونه، ۽ گهرن به اهي شخصن ٿا، جن کي نه هر هلائڻ اچي ۽ نه پوک مان ڄاڻن، ۽ پئسا به وري ايترا ٿا گهرن، جو مان نيٺ خود وٽن يا ٻين اڳيان، پنهنجي پورهئي وڪڻڻ تي مجبور ٿي پوان ٿو. پر انهيءَ هوندي به مان پنهنجي پگهر جي پورهئي سان ڪمائيندو رهان ٿو، ۽ ٿورو گهڻو پنهنجي ٻارن ٻچن لاءِ بچائڻ به چاهيان ٿو؛ پر قسمت وري اهڙي، جو عين وقت تي ڪو سرڪاري عملدار اچي ٿو ۽ منهنجي سموري ميڙي چونڊي ٽئڪسن ۾ کڻي وڃي ٿو. مان وري به پنهنجي محنت مزوري ڪريان ٿو ۽ وري به ڪو نه ڪو  سرڪاري عملدار مون کي ڦُري وڃي ٿو. مطلب ته منهنجي ساري اقتصادي سر گرمي، حڪومت جي مالي مطالبن ۽ وصولين تي مدار رکي ٿي، ۽ مان ائين سمجهان ٿو ته مون جهڙن هزارن لکن پورهيتن ۽ مزورن سان گڏ، منهنجي حالت به تڏهن ئي سڌرندي، جڏهن اسان کي حڪومت جي انهن غير مناسب مطالبن ۽ وصولين مان ڇوٽڪارو ملندو.

پر سائنس سڳوريءَ جو ارشاد آهي: ”توهان جا هي سڀ خيال توهان جي جهالت جو نتيجو آهن. توهان کي سڀ کان اول پيداوار  جي ورهاست ۽ پئسن جي مٽاسٽا جا قاعدا قانون سکڻ گهرجن؛ ۽ مهرباني فرمائي اقتصاديات ۽ سياست جي مسئلن کي پاڻ ۾ ملائڻ جي ڪوشش نه ڪريو. توهان جن حقيقتن جو ذڪر ڪري رهيا آهيو، سي توهان جي حقن جي انحرافي نه پر ڪجهه ضروري قربانيون آهن، جي ٻين ماڻهن وانگر توهان کي به پنهنجي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ برداشت ڪرڻ گهرجن.

غريب ڳوٺاڻو، ڊڄي ڊڄي، چوي ٿو: پر، ڏس نه! منهنجو جوان پٽ وٺي ويا، ۽ چون ٿا ته ٻيا پٽ به جڏهن جوان ٿيندا ته کين زوريءَ ڀرتي ڪري، مون کان جدا ڪيو ويندو! منهنجي معصوم پٽ کي هتان ته زوريءَ وٺي ويا، پر شهر وڃي، اتان به هن کي بندوق ڏيکاري، خبر نه آهي ڪهڙيءَ ولايت وٺي ويا اٿس، جنهن جو نالو نشان گهٽ ۾ گهٽ اسان ته ڪڏهن ڪونه ٻڌو آهي، ۽ اهو به ڪونه ٿا سمجهي سگهون ته آخر ڪم ڪهڙي سان وٺي ويا اٿس! ۽ هي به ڏس نه! جنهن زمين تي اسان کي هر هلائڻ جي اجازت نه ٿي ملي ۽ جنهن تي ڪم ڪرڻ کان سواءِ اسان بک مري رهيا آهيون، سا ملڪيت به وري هڪ اهڙي شخص جي آهي، جنهن کي اول ته اسان سڃاڻون ڪين ۽ ٻيو جنهن جي ضرورت اسان جي سمجهه ۾ نٿي اچي سگهي، ۽ مون کي پڪ آهي ته اهي ٽئڪسون به، جن جي نه پيارڻ ڪري سرڪاري عملدار منهنجي ٻچن جي ڳئون ڦُري ويو، سي اڳ پوءِ انهيءَ عملدار جو ئي کيسو گرم ڪنديون، ۽ سمجهان ٿو ته ڪجهه حصو وزيرن مشيرن ۽ وڏن عملدارن تائين به پهچندو جن جي چڱمڙسيءَ توڙي ايمانداريءَ ۾ مون کي رتيءَ جيترو به ڀروسو نه آهي. هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته انهيءَ ۾ ظلم وستم جي سياست ۾ منهنجي آزادي ڪيئن سلامت رهندي ۽ هن اقتصادي ڦرلٽ ۾ منهنجي ڪهڙي خوشحالي ٿيندي؟

ڪنهن به شخص کي غلام ٿيڻ تي مجبور ڪرڻ ۽ جنهن ڪم کي هو برو سمجهي، سو کانئس زور زبردستيءَ سان ڪرائڻ ته ممڪن آهي، پر انهيءَ ظلم ستم سهندي به کيس ائين سوچڻ تي مجبور ڪرڻ ته هو آزاد آهي ۽ سندس اڄوڪي بدحالي کيس اڳتي هلي خوشحالي بڻائيندي، بلڪل ناممڪن آهي. ڏسڻ ته اهو ماممڪن پيو لڳي،- پر اها به حقيقت آهي ته سائنس جي مدد سان، هوبهو اهو سڀ ڪجهه اسان جي اکين اڳيان ٿي رهيو آهي.

هٿيار بند طاقتور شخص اهو فيصلو به خود ئي ڪن ٿا ته کين بي هٿيار ڪمزورن کان ڪيترو ڪجهه وصول ڪرڻ گهرجي؛ فجي ٻيٽن جي رهاڪن سان جُٺ ڪندڙ انگريزن وانگر، هي شخص به اهو فيصلو اڳواٽ ڪري ڇڏين ٿا ته پنهنجي غلامن کان ڪيترو پورهيو وٺن، انهيءَ پورهئي جي انتظام لاءِ کين ڪيترا ڪاراوا ۽ ڪمدار کپن، ۽ پنهنجي نائبن کي، سپاهين، زميندارن ۽ ٽئڪس وصول ڪندڙ ڪامورن جي شڪل ۾، ڪيئن منظم ڪن، ۽ غلام به پنهنجو پورهيو، سواءِ ڪڇڻ پڇڻ جي، پنهنجي مالڪن کي پيش ڪن ٿا، ۽ ساڳئي وقت انهيءَ غلط فهميءَ ۾ به مبتلا آهن ته هو پنهنجو پورهيو محض مالڪن جي مرضيءَ رکڻ لاءِ نه ٿا پيش ڪن، پر ان جو سبب هيءُ آهي ته سندن پنهنجي ذاتي آزاديءَ ۽ آسود گيءَ لاءِ، هڪ الاهي، مافوق الفطرت هستيءَ اڳيان، جنهن کي ”رياست“ چون ٿا، پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ ضروري آهي، ۽ انهيءَ الاهي هستيءَ جي خذمت چاڪري ڪندي ئي هو آزاد ۽ آسودا رهي سگهن ٿا.

هي شخص انهيءَ ڳالهه ۾ پڪو ويساه رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته اڳي مذهب ۽ مذهبي اڳواڻ ائين چوندا هئا ۽ هينئر سائنس توڙي عالم شخص سڀ ائين چون ٿا. پر انهن سڀني ڳالهين جي بيهودگيءَ ۽ نامعقوليت کي چڱيءَ طرح ڏسڻ لاءِ، اسان کي گهرجي ته اسين نام نهاد عالمن جي چوڻ تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪرڻ جي عادت ڇڏي ڏيون. اهي شخص، جيڪي پاڻ جهڙن ٻين انسانن تي هر قسم جو تشدد ۽ ظلم وستم روا رکن ٿا، سي هميشه کين انهيءَ ڳالهه جو يقين ڏياريندا آيا آهن ته اهو سمورو ظلم ۽ تشدد رياست جي سلامتيءَ ۾ مظبوطيءَ لاءِ نهايت ضروري آهي، ۽ عوام جي آزاديءَ توڙي آسود گيءَ لاءِ وري ملڪ جو سدا سلامت ۽ مظبوط هجڻ ضروري آهي؛ يعني ظالم، مظلوم کي آزاد رکڻ لاءِ ساڻس ظلم ڪري ٿو، ۽ سندس ڀلائيءَ  لاءِ ئي کيس ٿورو گهڻو نقصان پهچائي ٿو.

پر خوش قسمتيءَ سان هر انسان اٽي پاءُ کائي ٿو ۽ پنهنجو نفعو نقصان چڱيءَ طرح سمجهي ٿو ۽ پنهنجي ترقيءَ لاءِ هٿ پير هڻندو رهي ٿو؛ اهي معاملا جن جي چڱائي سندس سمجهه ۾ نٿي اچي سگهي يا جن لاءِ کيس مجبور ڪيو وڃي ٿو، سي هن جي نگاهه ۾ هن لاءِ ڪڏهن به مفيد ٿي نٿا سگهن،- ڇاڪاڻ ته عقلمند شخص صرف ان ڳالهه کي ئي چڱو چئي سگهي ٿو، جا سندس عقل ۾ چڱي نظر اچي! پر ڪي شخص جيڪڏهن جوش جذبي يا سمجهه جي گهٽتائيءَ سبب برائيءَ ڏانهن مائل ٿين ٿا، ته ٻيا شخص جيڪي برا نه آهن ۽ اهي ساڳيون غلطيون نٿا ڪن، سي بهر حال اهوئي ڪري سگهن ٿا ته انهن شخصن کي سندن سچيءَ ڀلائيءَ مطابق ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏين! ممڪن آهي ته ترغيب ڏيئي ڪن  شخصن کي مڃايو وڃي ته جيڪڏهن هو سڀ فوجي سپاهي بڻبا، زمين کان محروم ٿيندا ۽ پنهنجو سمورو پورهيو ٽئڪسن پيارڻ ۾ پورو ڪندا، ته ان سڀ ۾ خالص سندن چڱائي ٿيندي؛ پر جيستائين سڀ ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪن ۽ ان ۾ پنهنجي رضا خوشيءَ سان ان تي عمل ڪن، تيستائين انهيءَ چيز کي عام ماڻهن جي مجموعي چڱائيءَ جي ڳالهه چئي نٿو سگهجي. ڪنهن ڪم جي چڱائيءَ جي نشاني اها آهي ته عام ماڻهو اهو ڪم پنهنجي آزاد ارادي سان ڪن- ۽ هر انسان پنهنجي حياتيءَ ۾ اهڙا بيشمار ڪم ڪندو ئي رهي ٿو.

 ڏهه پورهيت گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ ضروري گهربل اوزار وٺن ٿا، ۽ اهڙيءَ طرح گڏجي ڪم ڪندي، ظاهر آهي ته، هو پنهنجي عام ڀلائيءَ لاءِ ئي محنت ڪري رهيا آهن؛ پر اهي ساڳيا پنهنجي عام ڀلائيءَ لاءِ محنت مزوري ڪندڙ شخص، جيڪڏهن ڪنهن يارهين شخص کي زور زبردستيءَ سان پنهنجي ڪم ۾ لڳائين، ته هو ڪڏهن به ائين نٿا چئي سگهن ته ان يارهين شخص جي ڀلائي به سندن عام ڀلائيءَ ۾ ئي آهي. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڪي سکر ماڻهو زوريءَ پنهنجي هڪ دوست کي قيمت تي ماني کارائين ٿا، ته ائين ڪڏهن به نه چئي سگهبو ته اها ماني انهيءَ شخص کي وڻي هوندي، جنهن کان انهيءَ مانيءَ لاءِ زوريءَ ڏهه روبيل ورتا ويا هئا، ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪي ڳوٺاڻا پنهنجي عام سهوليت لاءِ هڪ تلاءِ کوٽائڻ جو فيصلو ڪن ٿا، ته تلاء جي کوٽائي انهن شخصن کي ئي چڱي لڳندي جن جي خيال ۾ تلاءَ جو هجڻ ان تي ٿيل پورهئي جي لاڳت کان وڌيڪ مفيد هوندو، پر جنهن به شخص جي خيال ۾ انهيءَ تلاءَ جو هجڻ، سندس پٺيان رهيل ڪم- فصل جي لاباري وغيره- کان گهٽ اهميت وارو هوندو، ان جي نظر ۾ تلاء تي بيهي کوٽائيءَ جو ڪم ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ مفيد يا چڱو ٿي نه سگهندو.اهڙي نموني، هي عام رستا، عبادت جون جايون، عجائب گهر ۽ ٻيا ڪيترائي مختلف قسمن جا سياسي ۽ سماجي ڪم به فقط انهن شخصن لاءِ چڱا چئبا، جي انهن کي چڱو سمجهن، ۽ ڏهن  مزورن جي گڏجي ڪم ڪرڻ، سکر ماڻهن جي مانيءَ، يا تلاءَ جي کوٽائيءَ وانگر، پنهنجي رضا خوشيءَ سان انهن ڪمن ۾ شريڪ ٿين، انهيءَ لحاظ سان، هر اهو ڪاروبار جنهن ۾ عام ماڻهن کي سندن مرضيءَ خلاف زور زبردستيءَ سان شريڪ ڪيو ويندو، سو انهيءَ زور زبردستيءَ سبب عام ڀلائيءَ جي ڪم سڏجڻ لائق نه رهندو.

اها حقيقت اهڙي ته صاف ۽ سنئين سڌي پئي آهي، جو عام ماڻهن کي جيڪڏهن هيتري وقت کان اونده ۾ نه رکيو وڃي ها، ته ان کي کولي سمجهائڻ جي ڪڏهن ضرورت ئي نه پوي ها.

فرض ڪيو ته اسان هڪ ڳوٺ ۾ رهون ٿا، ۽ اسان سڀني ڳوٺاڻن هڪ کڏ (جنهن ۾ ٻڏڻ جو هر وقت ڊپ رهي ٿو) مٿان پُل ٻڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسان سڀني هڪ هڪ گهر مان هيترو ڪي هيترو چندو يا ڪاٺ يا پورهيو ڏيڻ قبوليو آهي يا ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي. ظاهر آهي ته اسان اها ڳالهه انهيءَ ڪري قبول ڪئي آهي، جو گهٽ ۾ گهٽ اسان جي پنهنجي خيال ۾ اها پُل اسان جي لاءِ مٿس ٿيل لاڳت کان وڌيڪ مفيد ثابت ٿيندي. پر اسان منجهه ڪي شخص اهڙا به آهن، جن جي لاءِ پئسن خرچڻ کان پل جو نه هجڻ بهتر آهي- يا گهٽ ۾ گهٽ سندن سمجهه ۾ ائين ٿو اچي! هاڻي ويچار ڪريو ته هنن ماڻهن کي زور زبردستيءَ سان پل ٺاهڻ جي ڪم ۾ شريڪ ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ سندن نظر ۾ مفيد ٿي سگهي ٿو؟ هر گز نه! ڇاڪاڻ ته جن شخصن پل ٺاهڻ جي مهم ۾ پنهنجي آزاد شرڪت نقصانڪار پئي سمجهي، سي زور زبردستيءَ سان انهيءَ مهم ۾ شريڪ ٿيڻ کي پاڻ لاءِ تيئن زياده نقصانڪار سمجهندا. فرض ڪريو ته اسان سڀني اها پل ٺاهڻ قبول ڪئي، ۽ انهيءَ ڪم لاءِ گهر گهر مان هيترو ڪي هيترو پورهيو يا پئسو به ڏيڻو ڪيو، پر اتفاق سان ڪن شخصن پنهنجي وعدي مطابق امداد نه ڏني، ڇاڪاڻ ته بدليل حالتن کين مجبور ڪيو ته هو پئسن خرچڻ بدران پل بنان رهڻ کي بهتر سمجهن، يا ائين چئجي ته هنن ماڳهين پنهنجو خيال بدلائي ڇڏيو آهي؛ يا ائين کڻي چئجي ته هي حضرت ٻين جي پورهئي تي پل ٺهڻ جو آسرو رکي ويٺا آهن ۽ اها به اميد اٿن ته پاڻ به ٻين وانگر پل استعمال ڪري سگهندا. ڇا انهن شخصن کي زور زبردستيءَ سان پل ٺاهڻ جي ڪم ۾ شريڪ ڪرڻ، سندن نظر ۾ مفيد ٿي سگهي ٿو؟ هر گز نه! ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن بدليل حالتن سبب (جن هنن جي لاءِ پل کان محروم رهڻ کي پل جي ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ کان زياده برداشت ڪرڻ جهڙو بڻائي ڇڏيو آهي)، هنن پنهنجو انجام نه پاڙيو، ته کانئن جبري ڪم وٺڻ ته هنن جي لاءِ پاڻ وڌيڪ مصيبت جو باعث ثابت ٿيندو؛ ۽ جيڪڏهن انڪار ڪندڙن جي دلي مراد ٻين جي پورهئي مان فائدو وٺڻ هئي، تڏهن به کين ان ڪم لاءِ مجبور ڪرڻ، محض سندن ارادن کي سزا ڏيڻ برابر ٿيندو- ۽ ارادا به اهي، جيڪي، ناڪرد. گناهن وانگر، عمل ۾ اچڻ کان اڳ سزاياب ٿيندا، تنهنڪري سندن پنهنجي مرضيءَ خلاف ۽ زور زبردستيءَ سان کين ڪم ۾ شريڪ ڪرڻ هنن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ مفيد ٿي نه سگهندو.

اهو ته خير تڏهن ٿيو، جڏهن ڪنهن صاف ۽ ظاهر ظهور فائدو واريءَ ۽ هر هڪ کي سمجهه ۾ ايندڙ مهم ۾ جبري ڪم ورتو ويو؛ پر خيال ڪريو ته هڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ، غير حقيقي ۽ گهڻو ڪري نقصانڪار مقصد لاءِ، هزارين لکن ماڻهن کي قربانين ڏيڻ تي مجبور ڪيو وڃي_مثلاً فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ ۽ نقد ٽئڪسون ادا ڪرڻ- ته اها ڪيتري قدر نه اخلاق، انصاف ۽ عقل جي خلاف آهي! پر ”سائنس“ جي نگاهن ۾، هر اهو ڪم جيڪو ٻين کي برو نظر اچي، سو عام ڀلائيءَ جو ڪم آهي، معلوم ائين ٿو ٿئي ته ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شخص ئي آهن، جن کي اها خبر پوي ٿي ته عام ڀلائي ڪهڙي ڪم ۾ آهي ۽ ڪهڙي ۾ نه! (پوءِ ڀلي باقي سڀ ماڻهو اهڙيءَ ”عام ڀلائيءَ“ کي برائي سمجهندا هجن)؛ ظاهر آهي ته اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شخص باقي سڀ ماڻهن کي انهيءَ برائيءَ تي مجبور ڪرڻ لاءِ ئي ان کي ”عام ڀلائي“ ڪوٺين ٿا.

حقيقت ۾ انهيءَ ڳالهه ۾ ئي اهو وهم ۽ فريب رکيل آهي، جنهن هن مهل تائين انسان ذات کي سچائيءَ ۽ عام ڀلائيءَ کان روڪي رکيو آهي. ۽ انهيءَ وهم ۽ فريب کي قائم رکڻ ئي سياسي ۽ سماجي علمن جو عام طرح ۽ سياسي اقتصاديات جو خاص طرح مکيه مقصد پئي رهيو آهي؛ هنن علمن جو مطلب ئي هيءُ آهي ته عام ماڻهن کان مٿن ٿيندڙ ظلم ۽ ستم ۽ مٿن عائد ڪيل غلاميءَ جي حالتن کي پوشيده رکيو وڃي. حقيقت هيءَ آهي ته غلامن جي سموريءَ اقتصادي زندگيءَ کي زور زبردستيءَ سان قبضي ۾ رکڻ لاءِ جيڪي به ذريعا اختيار ڪيا وڃن ٿا، تن کي ۽ خود ان زور زبردستيءَ کي ڄاڻي واڻي اڻ ٽر، ازلي ۽ عين فطرت جي اصولن مطابق ظاهر ڪيو ٿو وڃي، ۽ اهڙيءَ طرح محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن کي ٺڳي، کين پنهنجي مصيبتن جي حقيقي سببن کان ڄاڻي واڻي بيخبر رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

غلامن ته برابر گهڻي وقت کان ختم ڪئي ويئي آهي، ۽ اها رومي حڪومت جي زماني ۾ به ختم ڪئي ويئي هئي، ۽ ان کي روس ۽ آمريڪا ۾ به ختم ڪيو ويو آهي ؛ پر حقيقت ۾ غلاميءَ جو وجود نه، پر غلاميءَ جو رڳو نالو ختم ڪيو ويو آهي.

غلاميءَ جو مطلب آهي ته هڪڙا شخص، پاڻ پورهئي کان جند ڇڏائي، پنهنجو بار ٻين جي ڪلهن  تي رکن! ۽ جتي به ڪو شخص پورهيو نٿو ڪري- ائين نه آهي ته ڪو ٻيا شخص رضا خوشيءَ سان هن لاءِ پورهيو ڪن ٿا، پر ڇاڪاڻ ته هيءُ حضرت ٻين کي زور زبر دستيءَ سان پنهنجي لاءِ مفت ۾ پورهئي ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو- اتي غلاميءَ کي موجود سمجهڻ گهرجي: ۽ جتي به، جيئن سڀني يوروپي ملڪن ۾ آهي، ڪي شخص پاڻ جهڙن ٻين هزارين انسانن جو پورهيو، زور زبردستيءَ سان ڦٻائي، هضم ڪري سگهن ٿا، ۽ سمجهن ٿا ته کين ائين ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي؛ ۽ ٻئي پاسي، اهي هزارين لکين انسان انهيءَ زور زبردستيءَ اڳيان نمن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته ائين ڪرڻ سندن فرض ادائيءَ ۾ شامل آهي- اُتي پاڻ زياده خطرناڪ قسم جي غلامي موجود سمجهڻ گهرجي.

غلامي اڄ به موجود آهي.پر غلامي آهي ڇا ۾؟

غلامي هر انهيءَ ڳالهه ۾ موجود آهي، جنهن ۾ هميشه کان اها موجود رهي آهي ۽ جنهن کان سواءِ ڪڏهن به موجود رهي نٿي سگهي- يعني هيڻن بي هٿيارن خلاف ڏاڍن باهٿيارن جي زور زبر دستي!

شخصي زور زبردستيءَ ۽ تشدد جي ٽن بنيادي طريقن- فوجي ملازمت، فوجي طاقت سا مڙهيل زرعي ڍل، ۽ ساڳيءَ فوجي طاقت سان مڙهيل سڌي ۽ اڻ سڌي نقد ٽئڪس- تي ٻڌل غلامي، اڳي وانگر، هينئر به قائم آهي؛ پر اسان ان کي ڏسي نٿا سگهون، ڇاڪاڻ ته غلاميءَ جي هر نئين شڪل کي نئين تشريح سان صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش سندس اصلي شڪل کي اسان کان لڪائي ڇڏي ٿي. هيڻن خلاف ڏاڍن جو شخصي تشدد، مادر وطن کي سندس وهمي ويرين کان بچائڻ لاءِ جائز سمجهيو وڃي ٿو؛ پر حقيقت ۾ انهيءَ تشدد ۽ زور زبردستيءَ جو اڄ به اهو ئي اڳوڻو مطلب- ڏاڍن اڳيان هيڻن جي تابعداري- سمجهڻ گهرجي! هارين کي زمين کان زوريءَ بيدخل ڪري، سموري زمين چند ڏاڍن مڙسن جي حوالي ڪري ڇڏڻ- انهيءَ لاءِ ته انهن ڏاڍن مڙسن ملڪ جي ”بچاءَ“ ۽ ”عام ڀلائيءَ“ جون لافاني ” خذمتون“ سر انجام ڏنيون، جن جي عوض اهي جاگيرون هنن لاءِ ”خسيس“ اجورو هيون؛ جن جي عوض اڳتي هلي وراثت جي قانون موجب دائمي ۽ بي بدل ملڪيت جو درجو ڏيئي ڇڏيو ويو؛ ۽ انهيءَ ۽ اهڙي قسم جي لامتناهي ڦرلٽ کي ملڪي خذمتگذاريءَ ۽ عام ڀلائيءَ جو انعام ۽ اجورو سڏي ۽ قانون جي پشتي ڏيئي. حق بجانب ۽ عين انصاف تي ٻڌل سڏي ته سگهجي ٿو، - پر حقيقت ۾، هيءَ اهائي ساڳي عوام جي غلامي ۽ سندن زمين ۽ پورهئي جي ڦرلٽ آهي، جنهن کي آخري طور فوجي طاقت ۽ شخصي تشدد وسيلي ئي عمل ۾ آندو وڃي ٿو.

غلاميءَ جي آخري شڪل- نقد ٽئڪسن مڙهڻ جي مضبوط ۾ مضبوط ۽ اڄ ڪلهه مکيه ۾ مکيه طريقي- کي به نهايت عجيب نموني ۾ صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي؛ چون ٿا ته عوام کي، آزاديءَ ۽ عام ڀلائيءَ جي صدقي ئي، خانگي ملڪيت، شخصي آزاديءَ ۽ عام ذاتي مفاد کان محروم ڪيو وڃي ٿو! پر حقيقت ۾ اها به اُها ساڳي غلامي آهي،- فرق فقط اهو آهي ته اڳ غلامي شخصي هوندي هئي ۽ هيءَ غلامي شخصي نه آهي.

زور زبردستيءَ ۽ تشدد کي جتي به قاعدي قانون مطابق ۽ جائزو سمجهيو وڃي ٿو، اُتي غلامي قائم ٿئي ٿي. اها غلامي بادشاهن ۽ فوجي سردارن جي حملن جي صورت ۾ ظاهري ٿئي، جن جي زد ۾ اچي، معصوم ٻارن ۽ عورتن جو قتل عام ٿئي ٿو ۽ شهرن جا شهر ۽ ملڪن جا ملڪ تاراج ۽ برباد ٿين ٿا؛ يا غلامن کان جاگيري زمينن لاءِ مفت ۾ پورهئي ۽ پئسي جي وصوليءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي، جنهن ۾ پئسي يا پورهئي نه ڏيڻ جي حالت ۾ فوجي سنگينون غلامن جي پٺيءَ ۾ پيوست ٿين، يا انهيءَ صورت ۾ ظاهر ٿئي، جو هڪڙا شخص ٻين کان ڏن ۽ محصول اُڳاڙيندا رهن، ۽ ان لاءِ هو ڳوٺن ۾ هٿيارن سان گهوڙن تي سوار ٿي ٽاپ ٽاپ  ڪندا پيا هلن چلن؛ يا وزارت داخله طرفان صوبائي گورنرن ۽ پوليس عملدارن معرفت نقد ٽئڪسن وصول ڪرڻ ۽ ٽئڪسن نه ملڻ جي حالت ۾ انڪار ڪندڙن کي زوريءَ فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي- مطلب ته ٿوري ۾ ائين کڻي چئجي ته جيستائين تلوار جي نوڪ تي زور زبردستيءَ کي قائم رکيو ويندو.تيستائين ملڪ جي دولت ملڪ جي ماڻهن ۾ انصاف موجب ڪڏهن به تقسيم ٿي ڪانه سگهندي، تيستائين محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن جا هٿ دولت تائين ڪين پهچي سگهندا، ۽ تيستائين دولت صرف اميرن وزيرن ۽ وڏن ماڻهن جا کيسا ئي گرم ڪندي رهندي.

انهيءَ ڳالهه جي صداقت جو عمدو مثال اسان کي ”هينري جارج“* جي پيش ڪيل زمين کي قومي ملڪيت بڻائڻ واريءَ رٿا ۾ ملي ٿو. جارج جي رٿا آهي ته سموريءَ زمين کي سرڪاري ملڪيت تسليم ڪري، پوءِ ڪنهن قسم جي سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ ٽئڪس بدران، صرف زمين جي مسواڙ يا ايريو وٺڻ گهرجي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته هر اهو شخص، جيڪو زمين کي استعمال ڪري، سو سڌيءَ طرح انهيءَ زمين ٽڪر جي مسواڙ يا ايريو سرڪاري رکي ڏئي

           انهيءَ مان فائدو؟

رياست اندر زرعي غلامي ختم ٿي ويندي، يعني زمين سرڪاري جي ملڪيت ٿيندي. انگلنڊ کي پنهنجي زمين ٿيندي ۽ آمريڪا کي پنهنجي، ۽ انسان کي اڳ جيڪو پنهنجي غلاميءَ جو عيوضو ڏيڻو پندو هو، سو هينئر صرف هو جيتري زمين استعمال ڪندو، تنهن مطابق کيس ادا ڪرڻو پندو.

هن تجويز تي عمل ڪرڻ سان ٿورن زرعي پورهيتن جي حالت شايد سڌري به پوي، پر جيستائين اها زمين جي مسواڙ يا زرعي ٽئڪس زوريءَ وصول ڪئي ويندي، تيستائين غلامن به قائم رهندي، ڪو به آبادگار، جيڪڏهن، فصل گهٽ لهڻ ڪري، اها زوريءَ وصول ٿيندڙ زرعي ٽئڪس نه ڏيئي سگهندو، ته لاچار کيس، پنهنجا ڍورڍڳا ۽ گهر گهاٽ بچائڻ لاءِ، پاڻ کي ڪنهن پئسي واري وٽ گروي رکڻو پوندو.

جيڪڏهن پاڻيءَ جو ڏول وهي ٿو، ته ضروري ڪٿي نه ڪٿي سوراخ هوندس. هيٺان نهارڻ سان ممڪن آهي ته معلوم ٿئي ته پاڻي گهڻن ئي سوراخن مان پيو وهي، ۽ انهن خيالي سوراخن کي ٻاهران بند ڪرڻ جي اسان ڪيتري به ڪوشش ڪريون، پر پاڻي وهندو ئي رهندو. پاڻيءَ جي وهڪري کي

 

*  اوڻيهين صديءَ جو مصنف، جنهن ”پراگريس پاورٽي“ ڪتاب لکيو.

بند ڪرڻ لاءِ اسان کي گهرجي ته جنهن هنڌان پاڻ وهي ٿو، سو هنڌ ڳولي لهون، ۽ ان کي اندران بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. دولت جي غلط تقسيم کي بند ڪرڻ لاءِ به-سماج جي انهن سوراخن کي بند ڪرڻ واسطي جتان دولت عوام جي هٿن مان وهي وڃي ٿي – ساڳيا قدم کڻڻ گهرجن.

ڪي شخص چون ٿا، ”مزورن جي جماعتن کي منظم ڪريو“، ”سرمايه کي قومي ملڪيت بڻايو“، ”زمين کي قومي ملڪيت بنايو“، وغيره. حقيقت ۾ اهي سڀ  ڏول جي سوراخن کي ٻاهران بند ڪرڻ جا طريقا آهن. مزورن جي محنت کي عياش اميرن جي هٿن ۾ وهي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته انهيءَ سوراخ کي اندران ڳولي لهون، جتان اها نڪري ضايع ٿئي ٿي. سماج جو اهو بنيادي سوراخ ”هيڻن خلاف ڏاڍن جي زورزبردستي ۽ تشدد“ ئي آهي! اهو سوراخ تلوار جي نوڪ ۽ فوج جو تشدد ئي آهي، جنهن جي مدد سان عام ماڻهن کي سندن زمين تان هڪاليو ۽ مزورن جي محنت جو ڦل کانئن زوريءَ ڦريو وڃي ٿو. تنهنڪري جيستائين هڪڙو به هٿياربند شخص ڪٿي به موجود آهي، ۽ ڪهڙي به قسم جي ٻئي شخص کي قتل ڪرڻ پنهنجو حق سمجهي ٿو، تيستائين سماج ۾ پئسي ۽ دولت جي غلط تقسيم – جا ئي ٻين لفظن ۾ غلامي آهي- برابر قائم رهندي.

 

باب  ٻاويهون

مون کي هي لفظ، جيڪي هر وقت ۽ هر هنڌ ٻڌندو ٿو رهان، هميشه حيرت ۾ وجهندا آهن: ”هائو! نظرياتي طور ته ائين برابر آهي، پر اها ڳالهه عمل ۾ ڪيئن اچي؟ ڄڻ ته نظريي جي معنيٰ گفتگو لاءِ گهربل ٻه چار سهڻا سهڻا اصطلاح ئي آهن، جن کي عملي جامو پهرائڻ يعني پنهنجي زندگيءَ جي سرگرمين جو بنياد بڻائڻ ضروري نه آهي. هي عجيب خيال، جو ايترو مقبول عام ٿي ويو آهي، سو شايد انهيءَ ڪري، جو دنيا ۾ شروع کان ڪي بنهه اڻ ڳڻت غير معقول ۽ غلط نظريا گهڙبا پئي آيا آهن، جن ماڻهن کي ايترو ڪڙائي ڇڏبو آهي!

انسان ڪنهن خاص موضوع تي جيڪي ڪجهه سوچي، تنهن کي ”نظريو“، ۽ جيڪي ڪجهه ڪري، تنهن کي ”عمل“ چئبو آهي. پوءِ ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪو شخص ڪنهن ڪم کي هڪ نموني ۾ ڪرڻ جو خيال ڪري، عمل ۾ وري ان کي ٻئي نموني آڻي؟ جيڪڏهن ماني پچائڻ جي ”نظريي“ مطابق، پهريائين اٽو ڳوهي، پوءِ ان کي پچائجي، ته چرئي کان سواءِ ٻيو ڪو به شخص ان جي ابتڙ نه ڪندو. انهيءَ هوندي به اڄڪلهه ائين چوڻ فئشن ٿي پيو آهي ته ”هائو! نظرياتي طور ته ائين برابر آهي، پر اها ڳالهه عمل ۾ ڪيئن اچي؟

مان هن وقت جنهن مسئلي جي ڇنڊڇاڻ ۾ مشغول آهيان تنهن مان هڪ ڳالهه جنهن کي هميشه مان صحيح سمجهندو پئي آيو آهيان، ان جي صداقت منهنجي نگاه ۾ آخرين طور ثابت ٿي چڪي آهي؛- يعني مون کي يقين ٿي ويو آهي ته عمل جو علم پوئتان اچڻ اڻٽر آهي، ۽ مان ائين ته خير ڪونه چوندس ته علم جي صداقت عمل مان ظاهر ٿئي ٿي، پر ايترو ضرور چوندس ته علم ۽ عمل هڪ ٻئي جا دشمن نٿا ٿي سگهن؛ ۽ ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي سوچ ويچار ڪري، ان کي چڱيءَ طرح سمجهي ورتو آهي، ته ڪوشش ڪري پنهنجي سمجهه مطابق ان ڳالهه تي عمل به ضروري ڪندو.

مان غريبن جي مدد ڪرڻ پئي چاهي، ڇاڪاڻ ته مون وٽ پئسا هئا، ۽ مان انهيءَ وهم ۾ مبتلا هوس ته پئسو پورهئي جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ پئسو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ چڱي ۽ جائز چيز آهي. پر مون جڏهن پئسا ورهائڻ شروع ڪيا، تڏهن مون کي خبر پيئي ته مان ته رڳو پاڻ وٽ گڏڪيل ”هُنڊيون“ پيو ڏيان، جن جي رقم اڳي پوءِ انهن غريبن کي ئي واپس ادا ڪرڻي پوندي. مان ته رڳو اهو ڪجهه ڪري رهيو هوس، جيڪو اڪثر زميندار ۽ جاگيردار ڪندا هئا. هڪڙو سڃو شخص ٻئي سڃي شخص کي ڇا ڏيئي سگهندو؟ مون ڏٺو ته پئسي جو هر استعمال، پوءِ چاهي اهو ڪجهه خريد ڪرڻ يا ڪنهن کي سوکڙي پاکڙي ڏيڻ هجي، غريبن تي هڪ هنڊي جاري ڪرڻ يا ٻئي ڪنهن شخص معرفت انهن کان هُنڊي وصول ڪرڻ برابر آهي.تنهنڪري منهنجي اها سموري بڪواس- غريبن کي عذاب ڏيئي، غريبن جي مدد ڪرڻ- مون تي جلد ظاهر ٿي پيئي. مون ڏٺو ته پئسو نه رڳو بذات خود چڱو نه آهي، پر هڪ ظاهري ظهور بُري ڳالهه پڻ آهي، جنهن جي مدد سان عوام کي سندن وڏي ۾ وڏي نعمت، يعني پورهئي ڪرڻ ۽ پورهئي جي ڦل ماڻڻ، کان محروم ڪيو وڃي ٿو. ۽ مان اها نعمت ڪنهن کي واپس ورائي نٿو ڏيئي سگهان، ڇاڪاڻ ته مان پاڻ انهيءَ نعمت کان محروم ڪيو ويو آهيان- مان پاڻ پورهيو ڪو نه ٿو ڪريان، ۽ تنهنڪري پنهنجي پورهئي جي ڦل ماڻڻ جي خوشي مون کي به ميسر ڪانه آهي.

ڪو شايد ائين سمجهي ته ”پئسو ڇا آهي؟“ جي سوال تي ايتري سوچ ويچار ڪرڻ جي خاص ضرورت نه هئي؛ پر انهيءَ سوچ ويچار، جنهن کي مون پنهنجي زندگيءَ ۽ ان جي تلخ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيو هو، تنهن مون کي هڪ ٻئي سوال- ”اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“- جو جواب مهيا ڪري ڏنو، ۽ مون جيئن ئي ڌن ۽ ناڻي جي حقيقت معلوم ڪري ورتي، مون کي نه رڳو خالص پنهنجي سوال- ”مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“- جو جواب صاف ۽ چٽو ڏسڻ ۾ آيو، پر ساڳئي وقت هن سوال جو جواب پڻ مون کي ملي ويو ته ”هر شخص کي ڇا ڪرڻ گهرجي“- ۽ پڻ بنهه يقين جي حد تائين اڳتي هلي سمجهي ويس ته ”لازمي طور اسان سڀني کي ائين ئي ڪرڻو پوندو.“

پر سچ پڇو ته مون کي رڳو اهو ڪجهه معلوم ٿيو، جنهن جي مون کي اڳ ۾ ئي خبر هئي، يعني اُها ساڳي ازلي صداقت جيڪا انسان ذات کي صدين کان ”گوتم ٻڌ“، ”لائوزي“ ۽ ”سقراط“ کان معلوم ٿيندي آئي آهي، ۽ جا اسان کي خاص طرح وڌيڪ صفائيءَ ۽ سٺيءَ سمجهاڻيءَ سان ”يسوع مسيح“ ۽ سندس استاد ”جان“ کان معلوم ٿي. عوام جي انهيءَ سوال جي جواب ۾ ته ”پوءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“- ”جان“ تمام سادگيءَ، صفائيءَ ۽ چٽائيءَ سان چيو: ”توهان مان جنهن وٽ به ٻه ڪوٽ آهن، سو هڪڙو ڪوٽ انهيءَ کي ڏئي، جنهن وٽ هڪڙو به نه آهي، ۽ جنهن وٽ اناج آهي، سو به ائين ڪري“. يسوع مسيح به ساڳي ڳالهه وڌيڪ صفائيءَ سان ٻڌائي: ”مبارڪ هجي غريبن کي، ۽ عذاب نازل ٿئي اوهان تي، جيڪي امير آهيو!“ ”توهان (ڀانيو ٿا ته) ساڳئي وقت ڌڻيءَ ۽ ڌن جي خذمت ڪري سگهندا!“ يسوع مسيح پنهنجي سڀني معتقدن کي پئسن گڏ ڪرڻ توڙي ”ٻن ڪوٽن“ رکڻ جي منع ڪري ڇڏي هئي. هڪ دفعي هڪ امير زادي کي چوڻ لڳو: ”تون شاهوڪار آهين، تنهنڪري خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿي نه سگهندين؛ ڇاڪاڻ جو اُٺ سُئيءَ جي پاکي مان سولائيءَ سان لنگهي ويندو، پر شاهوڪار خدا جي بادشاهت ۾ ڪڏهن به داخل نه ٿي سگهندا.“ هُن سڀني کي چتائي ڇڏيو هو ته جنهن به شخص پنهنجو سڀ ڪجهه ترڪ نه ڪيو آهي، سو سندس پوئلڳ نه ٿي سگهندو،- ڪسي ڪه ڪشته نه شد از قبيلهء ما نيست. يسوع مسيع هڪ شاهوڪار شخص جي ڳالهه ٻڌائي هئي، جنهن اسان جي اڄوڪن شاهوڪارن وانگر ڪو خراب ڪم ته ڪونه ڪيو هو، پر رڳو عمدا ڪپڙا پائي هلندو هو، ٺٺ ٺانگر سان رهندو هو، ۽ شاندار شيون واپرائيندو هو، ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو روح ”ڪارو“ ڪري ڇڏيو هئائين. ۽ ٻئي هڪ غريب شخص ”لزارس“ (Lazarus) جي ڳالهه پڻ ٻڌائي هئائين، جنهن ڪا خاص چڱائي ته نه ڪئي هئي، پر رڳو ان ڪري نجات مليس، جو غريب هو.

اها صداقت مون کي گهڻي وقت کان معلوم هئي، پر دنيا جي غلط تعليم ان کي اهڙو ته جهڪو ڪري ڇڏيو هو، جو مون به ان کي محض هڪ ”نظريو“ ڪري ورتو هو- يعني، خالي بي مطلب ۽ بيڪار الفاظ! پر مان جيئن ئي پنهنجي شعور مان ”تعليم“ جي ڪج بحثين کي ڪڍي ڇڏڻ ۾ ڪامياب ٿيس، نظريو ۽ عمل هم آهنگ نظر آيم، ۽ منهنجي پنهنجي توڙي ٻين سڀني ماڻهن جي زندگيءَ جي صداقت، مٿئين نظريي جي عدوليءَ جو منطقي نتيجو معلوم ٿيڻ لڳيم.

مون اهو سمجهي ورتو ته انسان کي پنهنجي ذاتي خوشحاليءَ لاءِ  زنده رهڻ کان سواءِ ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ به لازمي طور ڪجهه ڪرڻ گهرجي؛ ۽ جيڪڏهن جنهگلي جانورن جي زندگيءَ مان پنهنجي لاءِ سبق ڳولي لهون ٿا. جيئن اسان جا ڪي دوست انساني سماج ۾ جهيڙي فساد ۽ زور زبردستيءَ لاءِ وحشي زندگيءَ جي خود- حفاظتي جدوجهد جو مثال دليل طور پيش ڪرڻ جا شوقين آهن- ته اسان کي سماجي جانورن، جهڙوڪ ماکيءَ جي مکين، وغيره، کان سبق سکڻ گهرجي؛ ۽ تنهنڪري سمجهڻ گهرجي ته انسان کي، سندس عقل يا عام انسانن لاءِ سندس بنيادي انس ۽ محبت ته خير پري رهيا، پر خود سندس فطرت به ان ڳالهه تي مجبور ڪري ٿي ته هو ٻين عام ماڻهن جي خذمت ڪري، ۽ انسان ذات جي مشترڪه مقصدن کي ڪامياب بڻائڻ جي ڪشش ۾ شريڪ ٿئي! مون سمجهي ورتو ته انسان لاءِ اهو ئي هڪ قدرتي قانون آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ سان هو پنهنج دلي مقصد ۾ ڪامياب ٿي، پاڻ کي خوش رکي سگهي ٿو. مون سمجهي ورتو ته انسان سماج ۾ انهيءَ قدرتي قانون جي انحرافي ڪئي ويئي آهي، ۽ اڄ به ڪئي وڃي ٿي،-ڇاڪاڻ ته بيڪار ۽ مفتخور مَکن وانگر انسانن ۾ به ڪي شخص زور زبردستيءَ سان پورهئي کان پاڻ ڇڏائي، ٻين جي پورهئي تي پلجن ٿا، ۽ انساني پورهئي کي سماج جي عام ڀلائيءَ لاءِ نه، پر پنهنجي شخصي لذتن خاطر استعمال ڪن ٿا، ۽ اهڙي قسم جي بيڪار محض زندگي گذاريندا، آخر پاڻ به انهن بيڪار محض ۽ مفتختور مَکَن جو موت مرن ٿا. مون سمجهي ورتو ته عام انسانن جي بدحاليءَ ۽ بدقسمتيءَ جو مکيه ڪارڻ هڪڙن شخصن جو ٻين شخصن کي غلاميءَ ۾ گرفتار ڪرڻ ئي آهي. مون سمجهي ورتو ته اسان جي دوءر جي غلامي، فوجي تشدد، زمين جي تصرف ۽ پئسن جي ڦُر ۽ استحصال جي ئي پيدا ڪيل آهي. ۽ اهڙيءَ طرح انهيءَ نئينءَ غلاميءَ جي اِنهن ٽنهي هٿيارن کي چڱيءَ طرح سمجهڻ کان پوءِ، هن کان سواءِ ته مان پاڻ کي ظلم جي اِن اشڪنجي جي پيچڪشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ کان علحده رکڻ جي ڪوشش ڪريان- ٻيو ڪجهه به سوچي نه سگهيس.

مان پاڻ جڏهن غلام ڪڙمين جو مالڪ هوس ۽ محسوس ڪيو هوم ته اُها منهنجي بد اخلاقي هئي، تڏهن مون به، ٻين وانگر جن ائين ئي ٿي سمجهيو، پاڻ کي ان بد اخلاقيءَ مان آزاد ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي هئي. غلام ڪڙمين تي پنهنجي مالڪاڻي حقن کي اخلاق ۽ انسانيت خلاف سمجهندي، مون ڪوشش ڪئي هئي ته اهي انسانن تي مالڪاڻا حق جيترو گهٽ ٿي سگهي اوترو گهٽ مڃايان ۽ استعمال ڪريان، آئنده اهڙي نموني ۾ پاڻ جيئان ۽ ٻين کي به جيئڻ ڏيان، جو ڄڻ ته انهن منهنجن ”حقن“ جو في الواقع به ڪو وجود ڪونه هو؛ ۽ ساڳئي وقت مون هر ممڪن طريقي سان ٻين زميندار مالڪن کي به سندن پنهنجي انهن خيالي حقن جي غلطي ۽ انسانيت سوزي ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش هئي.

موجوده غلاميءَ متعلق به مان ساڳي ڳالهه ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو ڪري سگهان. مان جيستائين پنهنجي دولت ۽ زرعي ملڪيت معرفت هٿ آيل ”حقن“ کي مڪمل طور ترڪ ڪري سگهان (جن کي فوجي تشدد ۽ زور زبردستيءَ سان قائم رکيو وڃي ٿو)، تيستائين رڳو ايترو ڪري سگهان ٿو ته پنهنجي اِنهن موروثي ”حقن“ کي جيترو گهٽ ٿي سگهي، اوترو گهٽ استعمال ڪريان، ۽ ساڳئي وقت جيترو ممڪن ٿي سگهي اوترو ٻين کي به انهن نام نهاد حقن جي بداخلاقي ۽ انسانيت سوزي ذهن نشين ڪرايان. غلامن جي مالڪ جي غلاميءَ جي سرشتي ۾ شرڪت انهيءَ ۾ آهي ته هو ٻين جي پورهئي کي پاڻ استعمال ڪري، پوءِ انهيءَ غلاميءَ جو بنياد سڌيءَ طرح غلامن تي قائم ٿيل سندس مالڪاڻي حقن تي ٻڌل هجي، يا سندس پئسن ۽ زمين جي ذاتي تصرف ۽ قبضي تي.

تنهنڪري ڪوبه شخص جيڪڏهن سچ پچ غلاميءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ ان گندگيءَ ۽ ناپاڪائيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ نٿو چاهي، ته سڀ کان پهرين ڳالهه کيس اها ڪرڻ گهرجي ته هو، زمين جي ملڪيت، ڪنهن سرڪاري عهدي، يا ڌن دولت جي مدد سان، ٻين جو پورهيو پنهنجي ڪم نه آڻي! ۽ ٻين جي پورهئي کي مفت ۾ استعمال ڪرڻ جي هنن رسمي ذريعن کي ختم ڪرڻ کان پوءِ، لازمي طور اهڙي مفتخور شخص کي هڪ طرف پنهنجون گهرجون گهٽائڻيون پونديون، ته ٻئي طرف پنهنجي گذران لاءِ خود پاڻ پورهيو به ڪرڻو پندس.

اها ڳالهه، جا هڪ تمام سادي ۽ سنئين سڌي منطقي ڳالهه آهي، منهنجي زندگيءَ جي جز بنجڻ ۽ ان جي هر عمل ۾ ڪارفرما ٿيڻ شرط، ان کي يڪسر بدلائي ڇڏي ٿي، ۽ مون کي هڪدم انهن اخلاقي اذيتن کان پڻ آزاد ڪري ٿي، جيڪي عام ماڻهن جي دک درد سان زندگيءَ کي ڏسڻ وقت مون محسوس ڪيون هيون؛ ۽ وڏي ڳالهه ته اهي ٽي ئي سبب ان هڪڙي نڪتي کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان ناس ٿي وڃن ٿا، جن منهنجي لاءِ غريبن جي مدد کي ناممڪن بڻايو هو ۽ جيڪي مون پنهنجي ناڪاميءَ جي سببن ڳولڻ وقت پنهنجي اکين آڏو صاف ڏٺا هئا.

منهنجي ناڪاميءَ جو پهريون سبب عام ماڻهن جو شهرن ۾ گڏ ٿيڻ ۽ ڳوٺن جي ڌن دولت جو شهرن ۾ خرچ ٿيڻ هو. انسان لاءِ رڳو اهو ضروري آهي ته هو سرڪاري نوڪريءَ، زرعي ملڪيت يا ڌن دولت ذريعي ٻين جي پورهئي کي پنهنجي ڪم آڻڻ جي خواهش نه ڪري،- ۽ ان جي عيوض پنهنجي گهرجن کي، پنهنجي  طاقت ۽ لياقت کان ڪم وٺي، پاڻ پوري ڪرڻ جي مرضي هجيس، ۽- جي ائين ٿيو، ته  پوءِ ڳوٺ ڇڏي، شهرن ۾ اچڻ جو خيال سندن دماغ ۾ ڪڏهن به نه ايندو، ڇاڪاڻ ته ڳوٺ ۾ پنهنجون گهرجون تمام آسانيءَ سان پوريون ڪري سگهجن ٿيون، ۽ شهرن ۾ روزانه استعمال جي هر چيز ٻين جي محنت جو نتيجو آهي، ۽ ان کي خريد ڪرڻو پوي ٿو. تنهن کان سواءِ، هڪ حساس ۽ هر شخص جو ڀلو چاهيندڙ انسان ڳوٺ ۾ ئي مسڪينن ۽ محتاجن جي پوري مدد ڪري سگهندو، ۽ ڪڏهن به اُتي بيوسيءَ ۽ بي چارگيءَ جو اهو جذبو محسوس نه ڪندو، جيڪو مون ماسڪو شهر ۾، پنهنجي پورهئي سان نه پر ٻين جي پورهئي سان، غريبن جي مدد ڪرڻ وقت محسوس ڪيو هو.

منهنجي ناڪاميءَ جو ٻيو سبب اميرن جو غريبن کان الڳ رهڻ هو. انسان لاءِ رڳو اهو ضروري آهي ته هو سرڪاري نوڪريءَ، زرعي ملڪيت يا ڌن دولت ذريعي ٻين جي پورهئي کي پنهنجي ڪم آڻڻ جي خواهش نه رکي، ۽ پوءِ پنهنجون گهرجون پاڻ پوريون ڪرڻ هن تي لازم ٿي پوندو،- جي ائين ٿيو، ته پوءِ کيس محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن کان پري رکندڙ ديوار هڪدم پنهنجو پاڻ ڪري پوندي، ۽ هو به انهن سان گڏ رهي، ساڻن ڪلهو ڪلهي سان ملائي، ضرورت وقت سندن هر قسم جي مدد ڪري سگهندو.

منهنجي ناڪاميءَ جو ٽيون سبب هيءُ هو ته جن پئسن سان ٻين جي مدد ڪرڻ ٿي چاهيم، تن جي ناجائز  قبضي ۽ تصرف جو مون کي شعور هو ۽ ان سبب انتهائي شرمندگيءَ جو احساس رهندو هوم. اسان لاءِ رڳو اهو ضروري آهي ته سرڪاري نوڪريءَ، زرعي ملڪيت ۽ پئسن جي ذريعي ٻين جي پورهئي کي پنهنجي ڪم آڻڻ جي خواهش نه ڪريون، ۽ پنهنجون گهرجون پنهنجي پگهر جي پورهئي سان پوريون ڪريون،- ته پوءِ اسان وٽ ڪڏهن به اها اجائي ۽ ”چري“ دولت گڏ نه ٿيندي، جنهن تي منهنجي تصرف ۽ قبضي ٻين شخصن جي دلين ۾، جن وٽ ڪجهه به نه هو، اهڙيون ۽ ايتريون ته عجيب وغريب خواهشون پيدا ڪيون، جو مان، هيترن سارن پئسن هوندي به، اهي پوريون ڪري نه سگهيس، ۽ خود منهنجي پنهنجي اندر ۾ برخود غلط هجڻ جو احساس پيدا ٿيو.

 

باب  ٽيويهون

مون ڏٺو ته عام ماڻهن جي دک درد جو ڪارڻ هڪڙن جو ٻين وٽ غلام هجڻ آهي، تنهنڪري مان سنئون سڌو انهيءَ نتيجي تي پهتس ته مان جيڪڏهن سچ پچ ٻين جي مدد ڪرڻ ۽ سندن دک درد مٽائڻ چاهيان ٿو، ته مون کي سڀ کان پهريائين اهي دک درد پيدائي نه ڪرڻ گهرجن- يعني محنت مزوري ڪندڙ عام ماڻهن کي غلام بڻائڻ واريءَ سازش ۾ پاڻ شريڪ نه ٿيان. پر جنهن ڳالهه مون کي ان سازش ۾ شريڪ ڪري ورتو آهي، سا اها اهي ته مان ننڍي هونڍي کان وٺي ڪم نه ڪرڻ ۽ ٻين جي پورهئي کي پنهنجي ڪم آڻڻ تي هريل آهيان، ۽ مان شروع کان وٺي هڪ اهڙي سماج ۾ رهيو آهيان ( ۽ اڃا تائين رهان پيو). جو نه رڳو ٻين کي غلام بڻائڻ تي هريل آهي، پر هر حيلي بهاني ۽ حرفتبازيءَ سان انهيءَ حرڪت کي صحيح به ثابت ڪري ٿو. تنهنڪري هينئر مان انهيءَ فيصلي تي پهتو آهيان ته ٻين لاءِ دک درد ۽ مصيبت پيدا نه ڪرڻ لاءِ، مون کي گهرجي ته جيترو ئي سگهي اوترو وڌيڪ پاڻ پورهيو ڪريان. نهايت افسوس اٿم، جو ايڏي وڏي وڪڙ کان پوءِ مان هاڻ انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان، جنهن تي هزارين سال اڳ چين ملڪ جو هڪ فيلسوف پهتو هو،- چي، ” جيڪڏهن. هڪڙو شخص سست آهي، ته ٻيو ضرور بک مرندو هوندو.“ اڄ مان به هن سادي، سنئين سڌي ۽ قدرتي نتيجي تي پهتو آهيان ته مون کي جيڪڏهن پنهنجي سواريءَ واري ٿڪل گهوڙي تي قياس اچي ٿو، ۽ ان جي رحم جوڳيءَ حالت تي سچ پچ افسوس اٿم، ته مون کي پهرين ڳالهه اها ڪرڻ گهرجي ته گهوڙي تان هڪدم هيٺ لهي، پنهنجي پيرن تي پنڌ ڪرڻ شروع ڪري ڏيان.

اِهو، اسان جي اخلاقي احساسن کي مڪمل طور مطمئن ڪندڙ جواب منهنجي اڳيان صاف ۽ کليل هر وقت موجود هو ۽ اڳي وانگر اسان سڀني جي اڳيان اڄ به صاف ۽ کليل موجود آهي، پر اسان ان کان منهن ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري ٿا ڇڏيون ۽ ان کي ڏسون ئي ڪونه ٿا. سماجي براين جو علاج ڳوليندي، اسان ٻين سڀني رستن- سرڪاري، غير سرڪاري، انقلابي، سائنسي ۽ خيراتي وهمن فريبن- ڏانهن ته ٻئي اکيون ڦاڙي نهاريون ٿا، پر پنهنجي اکين آڏو جيڪي ڪجهه وهي واپري ٿو، تنهن جي خبر ئي ڪانه ٿا رکون.

جيڪو شخص پنهنجي چوڌاري دک درد ۽ مصيبتون ڏسي، پاڻ به سچ پچ دکي ٿئي ٿو، تنهن لاءِ تمام سولو، صاف ۽ سنئون سڌو رستو، جنهن کي پنهنجين سڀني سماجي بيمارين جي علاج طور ڪم آڻي سگهجي ۽ ائين پڻ محسوس ڪجي ته اسين حق حلال جي ۽ صالح حياتي گذاري رهيا آهيون، سو اهو ساڳيو رستو آهي، جيڪو استاد ”جان“، ”-ته پوءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ جي جواب ۾، ڏنو، ۽ پوءِ جنهن جي تصديق وري يسوع مسيح به ڪئي! ”-هڪ کان وڌيڪ ڪوٽ رکڻ نه گهرجن ۽ پئسا پاڻ وٽ نه رکجن“- يعني پرايو پورهيو پنهنجي ڪم نه آڻجي، ۽ تنهنڪري جيترو پڄي سگهي، پنهنجو ڪم پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪجي.

ڪهڙي نه صاف ۽ سنئين سڌي ڳالهه پيئي آهي! پر اها ڳالهه تڏهن ئي صاف ۽ سنئين سڌي آهي، جڏهن اسان جون گهرجون صاف ۽ سنئيون سڌيون هجن، ۽ اسان پاڻ به تازا توانا ۽ سستيءَ توڙي تن آسانيءَ جا ماريل نه هجون. مان هڪ ڳوٺڙي ۾ رهان ٿو. رات جو چلهه جي ڀرسان سمهي پوندو آهيان، ۽ پنهنجي مقروض پاڙيسريءَ کي ڪاٺين چيرڻ ۽ چلهه کي گرم رکڻ جي فرمائش ڪري ڇڏي اٿم. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته مان بيڪار ۽ سست آهيان، ۽ پاڙيسريءَ کي سندس پنهنجي ڪم کان روڪيو ويٺو آهيان. جيڪڏهن مٿين سنئين سڌي ڳالهه سمجهه ۾ ويهي وڃيم، ته ظاهر آهي ته ڪجهه وقت کان پوءِ، مان ڏاڍوشرمسار ٿيندس، ۽ هڪ هنڌ پئي پئي ڪُڙجي به پوندس، ۽ جيڪڏهن منهنجا هڏا مضبوط آهن ۽ ڪم ڪرڻ تي هريل آهيان، ته پاڻ ئي وڃي ڪاٺيون چيري ايندس. پر غلاميءَ جي رسم ماڻهوءَ کي تمام گهڻي وقت کان خراب ڪندي رهي آهي. ۽ ان ڪري ماڻهوءَ جون هٿراڌو گهرجون به تمام گهڻيون پيدا ٿي پيون آهن؛ انهن هٿراڌو گهرجن جا محتاج بندا به وري هڪ نه ٻئي ڌاڳي سان پاڻ ۾ ڳنڌيا ۽ جڪڙيا پيا آهن. مطلب ته صدين کان وٺي ماڻهن کي ايترو ته لاڳ ڏياري خراب ڪيو ويو آهي، ۽ سستيءَ ۽ عيش آرام جي حق ۾ ايترا ته گهڻا ۽ منجهائيندڙ حيلا بهانا ۽ سبب اسباب گهڙيا ويا آهن، جو سُستن جي سردار، ڪنهن اميرزادي، لاءِ هن گناه کي گناه سمجهڻ ايتروئي ڏکيو آهي، جيترو خود هڪ پورهيت ڪڙميءَ لاءِ، جيڪو ٻئي جي آرام واسطي ڪاٺيون چيري چلهه گرم ڪندو رهي ٿو.

سُستيءَ جي ڏاڪڻ جي چوٽيءَ تي بيٺل شخصن لاءِ اهو سمجهڻ ته مٿن به ٻين جا ڪي حق آهن، ۽ سماج ۾ کانئن به ڪجهه گُهريو وڃي ٿو، ڏاڍو مشڪل آهي. اهي شخص جڏهن ڪوڙ ۽ فريب جي ڏاڪڻ تي مٿان بيهي هيٺ ڌرتيءَ ڏانهن نهارين ٿا، جتي پنهنجي زندگي انتهائي عيش آرام سان نه پر واجبي ۽ معقول نموني ۾ گذارڻ لاءِ کين لهڻ گهرجي؛ ته سندن اوسان خطا ٿي وڃن ٿا، ۽ انهيءَ ڪري ئي اها صاف، سولي ۽ سنئين سڌي ڳالهه کين سمجهه ۾ نٿي اچي.

ائين برابر آهي نه هڪ اهو شخص، جنهن وٽ ڏهه ڏهه نوڪر، عمدا ويس وڳا، عيش عشرت جو سڀ سامان، پيانو، هارمونيم وغيره آهن، تنهن کي پنهنجي کاڌ خوراڪ ۽ پاڻ کي گرم رکڻ لاءِ گهربل ڪاٺيون پاڻ ڏارڻ، پنهنجا مٽيءَ ۾ ٿڦيل بوٽ پاڻ صاف ڪرڻ، پنهنجي جسماني صفائي لاءِ گهربل پاڻي پاڻ کڻي اچڻ ۽ پنهنجي گهر جو گندو پاڻي پاڻ ٻاهر ڪڍڻ، وغيره، ڏاڍو عجيب ۽ واهيات لڳندو.

پر سچ کان ذاتي طور ايترو پري رهڻ کان سواءِ، هڪ ٻيو سبب به آهي، جيڪو کين اها حقيقت ڏسڻ نٿو ڏئي ته انهن لاءِ سولي ۾ سولو بنهه قدرتي ڪم، يعني جسماني پورهيو، ڪيترو نه ضروري آهي. اهو سبب هيءُ آهي ته جنهن طبقاتي ماحول ۾ هو رهن ٿا، اهو ماحول، سندن طبقاتي مفادن جا جيڪي لاڳاپا ۽ واسطا آهن، اهي واسطا ۽ لاڳاپا، اهڙا ته منجهيل ۽ منجهائيندڙ آهن، جو هنن جي خواب خيال ۾ به اها ڳالهه نه ٿي اچي سگهي ته ان مانڊاڻ مان نڪرڻ ڪو ضروري آهي، يا ڪڏهن ممڪن به آهي.

اڄ صبح جو، مان ٻاهر ورانڊي ۾ نڪري ويس، جتي چلهيون ٻرنديون آهن. هڪڙو ڪڙمي چلهه ۾ ٻارڻ وجهي، منهنجي پٽ جي ڪمري کي گرم ڪري رهيو هو. مان اندر ڪمري ۾ گهڙي ويس؛ صاحبزادو اڃا سُتو پيو هو. ڏينهن جا يارهن وڳا هئا. اڄ موڪل آهي؛ ۽ اهڙا هڪ هزار هڪ بهانا- مطلب ته اڄ سڪول نه وڃڻو اٿس!

هڪ ٿلهو متارو، ڏاڙهيءَ سان ارڙهن سالن جو نوجوان، جنهن رات جو خوب پيٽ ڀري کاڌو هو، سو يارهين بجي تائين سنئون نئون ٿيو سمهيون پيو آهي. سندن عمر جو ئي هڪ ڳوٺاڻو غريب ماڻهو صبح جو سويل اٿيو آهي، گهڻو ڪم لاهي ڇڏيو اٿس، ۽ هينئر اسان جهڙن امير زادن جي گهرن جي هيءَ ڏهين چلهه ٻاري رهيو آهي. هوڏانهن هيءُ منهنجو صاحبزادو آهي، جو اڃان کونگهرا پيو هڻي! ” بهتر آهي ته اهڙي سست ۽ حرامخور جسم کي گرم رکڻ لاءِ هيءُ ڳوٺاڻو چلهه ئي نه ٻاري!“ مون خيال ڪيو. پر پوءِ هڪدم مون کي ياد آيو ته اها ساڳي چلهه اسان جي چاليهن سالن جي ٻڍيءَ نوڪرياڻيءَ جو ڪمرو به گرم ڪندي آهي، جنهن صبح جو ٽين بجي تائين منهنجي پٽ جا طعام تيار ڪيا، ۽ کيس ماني کارائي، ٿانو ٿپا پاساوان ڪري، سمهاريو، ۽ ستن بجي اُٿي وري پنهنجي ڪم ڪار کي لڳي ويئي هئي. صبح جي وقت، هيءَ ويچاري پنهنجي ڪمري کي گرم رکڻ لاءِ چلهه نه ٻاري سگهندي آهي- غريب کي ايترو وقت ئي ڪٿي ٿو ملي! هو ڳوٺاڻو نوجوان انهيءَ ٻڍيءَ لاءِ به چلهه ٻاري رهيو هو، ۽ ان جي طفيل هيءَ سست ۽ ڪمچور انسان به گرم رهي ٿو!

ائين برابر آهي ته اسان سڀني جا مفاد، تاڃي پيٽي وانگر، هڪ ٻئي سان ڳنڌيا پيا آهن، پر ڪنهن به خاص سوچ ويچاري يا شعوري ڪوشش کان سواءِ، هر شخص جو ضمير کيس ٻڌائيدو رهي ٿو ته پورهيو ڪير ٿو ڪري ۽ سست ڪير آهي! ۽ اها ڳالهه رڳو ضمير ئي ڪونه ٿو ٻڌائي، پر سڀ کان وڌيڪ صفائيءَ سان هر ڪنهن کي خود پنهنجي حساب ڪتاب مان به خبر پوي ٿي. جيڪو شخص جيترا وڌيڪ پئسا خرچ ٿو ڪري، سو اوتروئي وڌيڪ ٻين کان پنهنجي لاءِ ڪم ٿو وٺي؛ ان جي ابتڙ جيڪو شخص جيترو گهٽ خرچ ڪري ٿو، اوترو ئي وڌيڪ هو پاڻ محنت ٿو ڪري.

سوال ٿا پڇن ته ”جي ائين آهي، ته پوءِ صنعتڪاري، عام مفاد جا ڪم، ۽ سڀ کان وڌيڪ رعبدار چيز- تهذيب ۽ ثقافت- يعني علم ۽ فن جي ترقي، وغيره—انهن ڳالهين جو ڇا ٿيندو!“

 

باب  چوويهون

 

پر سال*[1] مارچ ۾، هڪ شام جو، دير سان گهر ڏانهن موٽي رهيو هوس، ته ”زبوف“ گهٽيءَ کان ”خامونڪي“ گهٽيءَ ڏانهن مُڙڻ وقت، ”ورجنس فيلڊ“ چوءسول وٽ برف تي پريان ڪي ڪاريون ڪاريون شيون ڏٺيم. مون ڏٺو ته ڪي جاندار شيون هيون، جي چُري رهيون هيون. مان جيڪر ان ڳالهه ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏيان ها، پر خامونڪي گهٽيءَ جي مُنهن تي بيٺل پوليس واري اوڏانهن منهن ڪري رڙ ڪئي:

”وسيلي! انهيءَ رن کي هيڏانهن ڇو نٿو وٺين اچين؟“

”ايڏانهن نٿي اچي!“ ڪارين شين وٽان جواب آيو، ۽ جهٽ کان پوءِ، ڪاريون شيون پوليس واري ڏانهن آهستي آهستي اچڻ لڳيون. مان پوليس واري وٽ بيهي رهيس، ۽ پڇيومانس ته ڳالهه ڇا هئي. هن ٻڌايو ته ”رزانوف هائوس وٽ رنن کي پڪڙيو اٿن، ۽ کين پوليس ٿاڻي تي وٺي ويا آهن. هيءَ هڪڙي پوئتي رهجي ويئي هئي؛ ڏسينس ٿو، هلي ئي نٿي!“ پوستين پهريل هڪ مزور انهيءَ عورت کي گهليندو پئي آيو. هوءَ اڳ ۾، ۽ مزور کيس پٺيان ڌڪا پئي ڏنا. اسان ٽنهي، يعني مزور، مون ۽ پوليس واري، کي سياري جا گرم ڪپڙا پيا هئا، پر هن عورت کي رڳو رواجي سٿڻ قميص اوڍيل هئي. شام جي منهن اونداهيءَ ۾، مان لفظ سندس ناسي ڪپڙا، ۽ مٿي ۽ گَلي ۾ ويڙهيل هڪ رومال ڏسي سگهيس. هوءَ ننڍي قد جي، ننڍين ٽنگن تي، هڪ عجيب ويڪري ۽ بي ڊولي، بکايل عورت پئي معلوم ٿي.

 

”هاڻي ڏس، مرُدار! اسان تنهنجي لاءِ ترسيا بيٺا آهيون. چوانءِ ٿو تڪڙي ٿيءُ، نه ته اهڙي سيکت ڏيندوسانءِ، جو ساري عمر ياد ڪندينءَ !“ پوليس واري رڙ ڪري چيس. ظاهر هو ته پوليس وارو ٿڪجي پيو هو ۽ هينئر هن ڪنيءَ عورت سان وڌيڪ صبر نه ٿي ڪري سگهيو. اسان ٻنهي کان وڏيءَ عمر وارو شريف مزور (مان کيس چڱيءَ طرح سڃاڻان) هن عورت کي ٻانهن کان وٺي گهلڻ لڳو، ۽ ڪاوڙيل شڪل بڻائي چيائينس:

”هَلُ ته مان ٿو توکي بيهڻ سيکاريان! جلد ڪر!“ هُن ڏند چپن سان ملايا ۽ منجهيل آواز ۾ ڪجهه چوڻ لڳي؛ هر لفظ جيڪو اُچاريائين پئي، تَنهن جو آواز گهگهو هو، ۽ ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ ته ڪيڪڙاٽ پئي ڪيائين.

”چڱو ڀلا! مون کي ڌڪا ڇو ٿا ڏيو؟ مان پاڻهي پهچي ويندس!“

”تون ڄمي برف ٿي ويندينءَ“ مزور وراڻيون.

”مان ڪونه ڄمنديس! مان گرم تنور آهيان!“

هُن ته خير چرچي طور ائين چيو، پر ٻڌڻ کان پوءِ، ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته ڪا وڏي گار ڏني هئائين. اسان جي گهر جي وڏي دروازي کان ٿورو پرڀرو کُتل بجليءَ جي ٿنڀي وٽ، هوءَ وري به بيهي رهي، ۽ اڱڻ جي ٻاهرينءَ ڪاٺ واريءَ ڀت کي ٽيڪ ڏيئي پنهنجي گندين، ساڻين ۽ نستين آڱرين سان، قميص جي کيسي ۾ ڪجهه ڳولڻ لڳي. پوليس واري ۽ مزور هڪ دفعو وري به رڙ ڪري، کيس پاڻ ڏانهن سڏيو، پر هن رڳو ڀڻ ڀڻ ڪئي، ۽ کيسي ۾ ڪجهه ڳوليندي رهي! پوءِ هڪ هٿ ۾ ڪمان وانگر مڙيل سگريٽ جهليائين، ۽ ٻئي هٿ ۾ ماچيس جون ٻه چار تيليون! مان بيهي رهيس، ۽ هن جي سامهون لنگهي وڃڻ کان شرم محسوس ڪرڻ لڳس، جيتوڻيڪ اُتي پري کان بيهي ڏسڻ ۾ به اوتروئي شرم پئي آيم. نيٺ دل پڪي ڪري، وٽس ويس؛ هوءَ ڪاٺيءَ جي ڪٽهڙي کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي، ۽ ماچيس جي تيلين کي، ڪٽهڙي جي ڪاٺ سان گهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي، کين پري اڇلائي ڇڏيائين. هوءَ بکن جي ماريل هئي، پر مون کي عمر جي به ننڍي ڏسڻ ۾نٿي آئي-منهنجي خيال ۾ ٽيهن ورهين جي ٿيندي. ميرانجهڙو منهن، ننڍڙيون نشيدار ۽ جهڪيون اکيون، ڍڪڻ جهڙو نڪ، ڏنگا ڦڏا چپ، ۽ رومال هيٺان نظر ايندڙ خشڪ وارن جي چڳ! سندس منهن ننڍو پر ويڪرو، ۽ هٿ پير ڳُتيل هئا. مان وڃي آمهون سامهون بيٺو مانس، ۽ مون ڏانهن عجيب بيپرواهيءَ سان ڏسي، ٿورو مُرڪڻ لڳي- ڄڻ ته مان جيڪي ڪجهه سوچي رهيو هوس، تنهن جي کيس اڳ ۾ ئي خبر هئي.

مون محسوس ڪيو ته مون کي هن سان ڪجهه ڳالهائڻ گهرجي؛ مون کيس ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته مون کي سندس حالت تي ڏاڍو قياس هو.

” تنهنجا ماءُ پيءُ جيئرا آهن؟ “ مون پڇيومانس.

هوءَ گهگهي آواز سان کلڻ لڳي، پوءِ هڪدم پنهنجي کل بند ڪري، اکيون مٿي کڻي مون ڏانهن نهاريائين .

”تنهنجا ماءُ پيءُ جيئرا آهن؟“  مون وري به ساڳيو سوال پڇيومانس. هوءَ هڪ دفعو وري به ساڳيءَ بي پرواهيءَ سان مُرڪي، ڄڻ ته چوندي هجي:

”تون به ڪهڙو نه عجيب شخص آهين! پڇڻ لاءِ ڳالهه به اها ڳولي لڌيئه؟“

”مون کي ماءُ آهي. پر به تنهنجو ان سان ڪهڙو ڪم؟“ هن جواب ڏنو.

”تنهنجي عمر گهڻي ٿيندي؟“

”مان پندرهن کان مٿي آهيان،“ ڇوٽ ۾ چئي ڏنائين. انهيءَ قسم جي سوال جواب تي هوءَ هريل هئي.

”هاڻي هل ڀلا! هتي برف ۾ ته توسان گڏ اسين به ڄمي وينداسين!“ پوليس

 

واري رڙ ڪري چيس، ۽ هوءَ به ڪٽهڙي کان هٽي پري ٿي، خامونڪي گهٽيءَ تان ٿيڙ کائيندي، پوليس ٿاڻي ڏانهن ويندهي رهي؛ مان به وڏي دروازي وٽان مُڙي، پنهنجي گهر اندر داخل ٿيس، ۽ پنهنجي ڌيئن جي پڇا ڪيم ته گهر موٽيون هيون يا نه. گهران ٻڌايائون ته هو هڪ پارٽيءَ ۾ ويون هيون، ڏاڍا مزا ماڻي موٽي آيون هيون، ۽ اچڻ سان سمهي پيون هيون.

ٻئي ڏينهن صبح جو، مون خيال ڪيو ته پوليس ٿاڻي تي وڃي خبر وٺان ته هن بد نصيب عورت سان ڇا وهيو واپريو، ۽ تنهنڪري ڪجهه سوير ڀرو ٻاهر نڪري وڃي رهيو هوس، ته رستي تي هڪ شريفزادو مليم، جنهن جي ڪمزورين کيس عيش واري زندگيءَ تان ڪيرائي آڻي ڪجهه پٽ تي هنيون هو. مان هن شخص کي ٽن سالن کان سڃاڻان. انهيءَ وچ ۾ هن شخص ڪيترائي دفعا پنهنجا ٽپڙ، ويندي بت تي پيل وڳو به، گروي رکيا هئا. اهڙي نڀاڳ هن کي بنهه ويجهڙائي ۾ ورايو هو، ۽ هينئر هو پنهنجون راتيون رزانوف هائوس جي سستيءَ مسواڙ وارين ڪوٺين ۾ ڪاٽيندو هو، ته ڏينهن مون وٽ گذرندا هئس. مان جيئن ٻاهر وڃي رهيو هوس، ته هو مون کي رستي تي ملي ويو، ۽ منهنجي ڳالهه بڌڻ کان سواءِ ئي هڪدم ئي رزانوف هائوس ۾ ٿيل رات وارو واقعو بيان ڪرڻ لڳو. ڳالهه اڌ مس پوري ڪئي هئائين، ته اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو، رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ کڻي ڀت ۾ منهن وڌائين. هن شخص، جنهن زندگيءَ کي هر زوايي کان ڏٺو هو، مون کي سموري ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي. سندس ڳالهه سورهن آنا صحيح هئي. مان پاڻ واردات واريءَ جاءِ تي وڃي، ان ڳالهه جي پڪ ڪئي، ۽ ڪجهه وڌيڪ تفصيل به معلوم ڪيم.

رزانوف هائس جي هيٺئين طبقي جي 23 نمبر ڪمري ۾، جتي منهنجو مذڪور دوست سمهندو هو، رات جي ٻين مختلف مسافرن سان گڏ، جيڪي پنج پنج ڪوپيڪ ڏيئي ساڳيءَ ڪوٺيءَ ۾ گڏ رهندا هئا، هڪ سهڻي، موچاريءَ شڪل واري، اٽڪل ٽيهن سالن جي عمر جي، هڪ ڌو ٻياڻي به رهندي هئي؛ هيءَ ڌوٻياڻي هونئن ته ڏاڍي خاموش ۽ سٺي اخلاق واري عورت هئي، پر ويچاري گهڻو ڪري بيمار گذاريندي هئي. انهيءَ 23 نمبر ڪمري جي مالڪياڻي هڪ ميربحر جي يار هئي، جو اونهاري ۾ ته هڪ ٻيڙي ڀاڙي تي هلائيندو هو، پر سياري ۾ ٻئي گڏجي، رات لاءِ ويهاڻي کان سواءِ ٽڻ ڪوپيڪن ۾، ۽ ويهاڻي سان پنجن ڪوپيڪن ۾، في تختو ڀاڙي تي ڏيئي، گذران ڪندا هئا. اها ڌوٻياڻي ڳچ مهينن کان اتي رهندي هئي، ۽ گهڻو ڪري خاموش زندگي گذاريندي هئي. پر ڪجهه وقت کان سندس سڀئي ساٿي کانئس ناراض هئا، ڇاڪاڻ ته هن جي کنگهه ٻين کي سمهڻ نه پئي ڏنو. خاص ڪري هڪ اسي ورهين جي اڌ چري عورت، ويچاريءَ ڌوٻياڻي کان سخت نفرت ڪرڻ لڳي هئي، ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ ننڊ ڦٽِڻ تي هن غريب کي گهڻو ستائيندي هئي. ڌوٻياڻي ويچاري ماٺ ۾ هئي، ڇاڪاڻ ته پوري مسواڙ ڪانه ڏني هئائين، ۽ تنهنڪري پاڻ کي گنهگار پئي سمجهندي هئي؛ مستقل بيماريءَ سبب سندس سگهه جواب ڏيئي چُڪي هئي، ۽ تنهنڪري ٻاهر ڪم ڪار لاءِ به نه وڃي سگهندي هئي. گذريل هفتي ته هڪ ڏينهن به ڪم تي نه ويئي، ۽ کنگهي کنگهي سڀني کي بيزار ڪري ڇڏيو هئائين- خاص ڪري انهيءَ اڌ-چريءَ ٻڍيءَ عورت کي، جيڪا پاڻ به ڪڏهن ٻاهر نه ويندي هئي. چار ڏينهن اڳ؛ جاءِ جي مالڪياڻيءَ چيس:

”تون رزانوف هائوس ۾ هاڻ نه رهي سگهندينَ! تنهنجي مٿان اڳي ئي سٺ ڪو پيڪن جو قرض چڙهي چڪو آهي؛ تختا ته خير سڀ والاريل آهن، پر ٻين مسواڙين کي تنهنجي کنگهڻ تي به سخت اعتراض آهي.“

مالڪياڻيءَ جڏهن چيس ته ”حساب ڇڏاءِ، يا هتان هلي وڃ“، ته اها اڌ چري ٻڍي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ هڪدم هن کي ڪڍي ٻاهر پڌر ۾ ڇڏي آئي، پر ڪلاڪ کان پوءِ هوءَ وري موٽي آئي، هن دفعي مالڪياڻيءَ جي دل به نٿي چاهيو ته کيس ڌڪي ٻاهر ڪڍي؛ ۽ پوءِ ٻئي ٽئين ڏينهن به هن کي ڪير هٿ لائي نه سگهيو.

”مان ڀلا هاڻي ڪاڏي وينديس؟“ هن سڀني کان پڇيو.

پر ٽئين ڏينهن، مالڪياڻيءَ جي يار، جيڪو ماسڪو ۾ رهڻ ڪري شهري قاعدن قانونن کان باقاعدي واقف هو، وڃي پوليس ۾ فرياد ڪئي. هن جي فرياد تي، ڳاڙهي پٽي تي چڙهيل تلوار ۽ پستول سان هڪ پوليس وارو مسافرخاني ۾ گهڙي آيو، ۽ نهايت ادب ۽ فضيلت سان ٻه چار شانائتا لفظ چئي، ڌوٻياڻيءَ کي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي گهٽيءَ ۾ وٺي ويو. مارچ مهيني جو صاف، سج وارو پر پاري جهڙو ٿڌو ڏينهن هو؛ پاڻي نالن مان هيٺ وهندو پئي ويو، ۽ سرڪاري مزور رستن تي ڄميل برف صاف ڪري رهيا هئا، گاڏين جا ڦيٿا رستي تي ڄميل برف مٿان لنگهندا، جڏهن صاف پٿرن سان ٿي ٽڪرايا، ته ڏاڍا چيڪاٽ پئي ڪيائون. ڌوٻياڻي ٿڌ کان بچڻ لاءِ چاڙهيءَ جي اُس واري پاسي ڏانهن چڙهي ويئي، ۽ ديول ۾ اندر وڃي، ڏيڍيءَ جي اس واري پاسي کان ٿي ويٺي. پر وري جڏهن سج گهرن پٺيان لِڪڻ شروع ڪيو، ۽ گندي پاڻيءَ سان ڀريل کڏون کوٻا برف سان ڍڪجڻ لڳا، ته هن کي سيءَ تپ اچي ورتو ۽ هن جو سڄو جسم رڦڻ لڳو. هوءَ في الحال ته اُٿي کڙي ٿي، ۽ پاڻ کي گهلڻ لڳي...... پر ڪيڏانهن؟ گهر ڏانهن؟ ها، انهيءَ ساڳئي گهر ڏانهن، جيڪو پوئين ڏينهن ۾ سندس اڪيلو آجهو آسرو هو! ايتري ۾ رستي تي اونده ٿيڻ لڳي، ۽ هوءَ دروازي وٽ پهچي، اندر وڃڻ تي هئي، ته پير کسڪي ويس، ۽ هڪ سرد آهه ڀري ڪِري پئي. هن جي ڀرسان هڪڙو شخص لنگهي ويو، ۽ ان کان پوءِ ٻيو-”ضرور پيتل هوندي!“ چوندا ٻئي هليا ويا. هڪ ٻيو شخص به لنگهيو، ۽ هن بيواه عورت مٿان ٿاٻڙجڻ سبب، چوڪيدار کي حاڪماڻي نوع ۾ چيائين:

”دروازي وٽ هڪ نشئي عورت پئي اٿئي؛ مان ته هن مردار مٿان ٿاٻڙجي، ذري گهٽ ڪريو هوس. اٿ! وڃي پري ڪرينس.“

چوڪيدار دروازي وٽ ڏسڻ ويو... پر ڌوٻياڻي غريب اڳ ۾ ئي هيءُ جهان ڇڏي چڪي هئي!

منهنجي دوست مون کي اها ڳالهه ٻڌائي. متان ڪو ائين سمجهي ته مان هتان هتان هڪ اڌ واقعو کڻي پنهنجي مطلب جي ڳالهه پيو گهڙيان. اهي ٻئي ڳالهيون- ”پندرهن ورهين“ واريءَ رنڊيءَ سان ملاقات ۽ ڌوٻياڻيءَ جو درد ناڪ موت- ته ائين هڪڙيءَ رات ۾ ٿي گذريون. تاريخ ته مون کي ياد نه آهي، پر ايتري خبر اٿم ته اها 1884ع جي مارچ جي هڪ رات هئي.

پوءِ پنهنجي دوست کان اها ڳالهه ٻڌي، مان پوليس ٿاڻي ڏانهن روانو ٿيس، ۽ خيال ڪيم ته اُتان ٿي ڌوٻياڻيءَ بابت وڌيڪ خبر چار وٺڻ لاءِ رزانوف هائوس ڏانهن ويندس. موسم وڻندڙ هئي، سج صاف روشن بيٺو هو، ۽ رات جي ڄميل شفاف پاري هيٺان وهندڙ پاڻي وري به نظر اچي رهيو هوس؛ ٻئي پاسي خامونڪي چونڪ جي هر چيز سج جي تپت ۾ پگهرجي، پاري مان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي؛ پاڻي باقاعدي وهي رهيو هو؛ ۽ وهندڙ واهن ۽ دريائن جي پاڻيءَ جو شور به صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو. دريائن جي پاڻيءَ جو شور به صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو. درياءَ جي پرئين ڪپ تي بيٺل ”سئنس سوسي“ باغن جا وڻ نِيرا نظر اچي رهيا هئا؛ ناسي رنگ واريون جهرڪيون، جن ڏانهن سياري ۾ ڪنهن جو ڌيان ئي نه ويندو آهي، سي هينئر بهاريءَ ۾ سڀني کي هر کائي رهيون هيون، ۽ ماڻهن ۾ به خوش گذارڻ جي خواهش نئين سر جاڳي رهي هئي؛ پر هر شخص هڪ نه ٻئي فڪر ۾ غلط هو. ايتري ۾ گرجا جي گهنڊن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ انهن هڪ ٻئي سان وچڙندڙ آوازن جي پس منظر ۾، پوليس بئرڪن ۾ بندوقون ڇٽڻ لڳيون، ۽ گولين جون سيٽيون ۽ ٺڪاءَ پڻ ٻڌا ويا.

مان پوليس ٿاڻي تي آيس. اتي ڪيترائي هٿيارن بند پوليس وارا بيٺا هئا، جي مون کي پنهنجي بالا عملدار وٽ وٺي ويا. سندن عملدار کي پڻ تلوار ۽ پستول پيل هئا، ۽ هو پنهنجي اڳيان ڦاٽل ڪپڙن ۾ بيٺل هڪ ڏڪندڙ ٻڍي بابت، جيڪو سندن سوالن جا جواب به پورا نه پئي ڏيئي سگهيو، پوليس واري کي ڪجهه چئي رهيو هو. ٻڍي مان جند ڇڏائي، هن مون ڏانهن منهن ڪيو. مان کانئن ڪالهه واريءَ ڇوڪريءَ متعلق پڇيو. پهريائين ته مون کي گهڻي ڌيان سان ٻُڌائين، پر پوءِ قاعدن قانون ۽ پوليس ٿاڻي تي اهڙين عورتن کي وٺي اچڻ جي سبب کان منهنجي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ خاص ڪري ڇوڪريءَ جي جوانيءَ تي منهنجي حيرت ڏسي، ڪجهه مرڪڻ لڳو.

”ڇو؟ هتي ته ڪيتريون ئي ٻارهن ٻارهن سالن ۽ چوڏهن چوڏهن سالن جون ڇوڪريون اينديون آهن.“ پوليس عملدار مونکي کلندي ٻڌايو.

ڪالهه واري ڇوڪريءَ بابت منهنجي سوال جي جواب ۾ چيائين: ”انهيءَ ڇوڪري کي شايد تپاس ڪاميٽيءَ ڏانهن موڪليو اٿن! پر وري جڏهن پڇيو مانس ته ڇوڪريءَ رات ڪٿي گذاري، ته سنئون سڌو جواب نه ڏيئي، لنوائي ڇڏيائين؛ مان جنهن ڇوڪريءَ بابت کانئس پڇي رهيو هوس، سا ياد ڪانه هيس. روزانو الاجي اهڙيون ڪيتريون ڇوڪريون انهن وٽ اينديون هونديون.

رزانوف هائوس پهچي، 23 نمبر ڪمري ۾ مون ڏٺو ته ديول جو دعا- گهرندڙ پادري، اڳ ۾ ئي فوتي عورت مٿان بيٺو، مقدس انجيل مان ڪجهه پڙهي رهيو هو. فوتي عورت پنهنجي انهيءَ ساڳئي پراڻي تختي تي پئي هئي، مسواڙين (جي سڀ جيتوڻيڪ ڦڪڙ هئا) ڪفن دفن توڙي جنازي نماز لاءِ پاڻ ۾ چندو چيرو ڪيو هو، ۽ ٻڍين مائين، کيس غسل ڏيئي ٻاهر رکيو هو. ديول جو دعا گو جهڪيءَ روشنيءَ ۾ ڪجهه پڙهي رهيو هو، هڪ چوغو پهريل عورت پنهنجي هٿ ۾ موم بتي جهلي بيٺي هئي، ۽ اهڙي ٻي موم بتي وري هڪ مرد (جنهن کي هڪ شريف انسان چوڻ گهرجي) جي هٿ ۾ هئي، جيڪو هڪ عمدي استرا خان ڪالر واري اوورڪوٽ،  چمڪندڙ وڏي بوٽ ۽ ڪلف لڳل قميص ۾ بيٺو هو. هي شخص انهيءَ ڌوٻياڻيءَ جو ڀاءُ هو، جنهن کي گهڻيءَ تلاش کان پوءِ، هٿ ڪري وٺي آيا هئا.

فوتي عورت وٽان لنگهي، مان مالڪياڻيءَ ڏانهن ڪنڊ ۾ ويس، ۽ سربستو احوال پڇيومانس. پهريائين ته منهنجا سوال ٻڌي، ڊڄي ويئي، شايد ائين پئي سمجهيائين ته مٿس نه ڪو الزام اچي؛ پر ٿوري وقت کان پوءِ، هوءَ کُلي ڳالهائڻ لڳي، ۽ مون کي سڀ ڪجهه ٻڌايائين. مان جيئن ٻاهر ويس، ته فوتي عورت تي به هڪ نظر وڌيم. اهڙي وقت هونئن به هر فوتيءَ جي منهن تي هڪ قسم جي رونق هوندي آهي، پر هيءَ عورت پنهنجي ”پيتيءَ“ ۾ خاص طور سهڻي ۽ موهيندڙ پئي لڳي: صاف پيلو منهن، بند اکيون، اندر تي پيل ڳَل، ۽ شاهي ڀِرن مٿان نرم ڀورا وار- هڪ ٿڪل، مهربان منهن، جو اُداس نه پر حيران پئي معلوم ٿيو. سچ پچ، جيڪڏهن زنده انسان ڪجهه نٿا ڏسن، ته مردا ضرور حيرت ئي کائيندا.

جنهن ڏينهن مون هيءَ ڪٿا لکي پوري ڪئي، ان ڏينهن ماسڪو ۾ هڪ وڏي پر تڪلف ناچ گاني جي محفل هئي.

مان ان ڏينهن شام جو اٺين بجي گهران نڪتس. مان جنهن گهر ۾ رهندو آهيان، ان جي چوڌاري ڪارخانا ئي ڪارخانا آهن، ۽ جنهن وقت مان ٻاهر نڪتس، ته ڪارخانن جا گهگهو، مزورن کي، ڇهن ڏينهن جي لڳاتار محنت کان پوءِ، هڪ ڏينهن جي موڪل ڏيئي رهيا. مون کي رستي تي ڪيترائي مزور مليا، جيڪي گتن ۽ شرابخانن ڏانهن پئي ويا. ڪيترا ته اڳ ۾ ئي پي آيا هئا، ۽ ڪيترن کي رنون به ساڻ هيون.

مان ڪارخانن جي وچ ۾ رهندو آهيان. هر صبح جو پنجين بجي هڪ سيٽي وڄندي آهي، ۽ ٻي، ٽين، ... ڏهين ۽ ٻيون- پري پري تائين ٻڌبيون رهبيون آهن. پهرينءَ سيٽيءَ جي معنيٰ ته زالن، ٻارن ۽ ٻڍن لاءِ ڪم شروع ٿيو آهي. اٺين بجي وري اڌ ڪلاڪ لاءِ رسيس جي ٻي سيٽي وڄندي آهي، منجهند جو ٻن پهرن جي مانيءَ لاءِ ٽين، ۽ رات جو اٺين بجي چوٿين سيٽي ڪم بند ٿيڻ جو اعلان ڪندي آهي.

عجب وري اهڙو، جو منهنجي ڀر وارن ٽنهي ڪارخانن ۾ رڳو آرائش ۽ ناچ لاءِ گهربل چيزون ٺهنديون آهن. ڀر سان واري ڪارخاني ۾ جوراب ٺهندا آهن، ته ٻئي ۾ ريشمي ڪپڙا، ۽ ٽئين ۾ خوشبودار تيل ۽ ڪريم، وغيره.

ممڪن آهي ته اهي سيٽيون ٻُڌي، وقت معلوم ڪرڻ کان سواءِ انهن کي ٻي ڪابه اهميت ڪير نه ڏيندو هجي.

”ڏس! سيٽي وڳي آهي، منهنجي گهمڻ جو وقت ٿي ويو!“ پر ائين به ته ٿي سگهي ٿو ته حقيقت جي تهه تائين پهچي وڃجي: يعني صبع سوير پنجين بجي واريءَ سيٽيءَ جو مطلب آهي ته گندين، آلين ڪوٺين ۾ ستل شخص- گهڻو ڪري هڪ ٻئي سان گڏ ستل زالون مرد- اونده جو اڌ ننڊ ، مان اٿن، ڌڪ ڌڪ ڪندڙ مشينن ڏانهن تکا تکا ڀڄندا وڃن، ۽ پهچڻ سان پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ لڳي وڃن- جيتوڻيڪ انهيءَ ڪم ۾ پنهنجو ڪو به فائدو ڪونه ٿا ڏسن ۽ جنهن جي ڪڏهن ختم ٿيڻ جي به ڪا اميد نه اٿن- ۽ اهڙيءَ طرح باهه جهڙين گرم، سوڙهين ۽ بدبو دار ڪوٺين ۾ مشين سان مشين بڻيا، هڪ، ٻن، ٽن ... ٻارهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اڃا به وڌيڪ ڪلاڪن لاءِ ڳهندا رهن! هُو ڏينهن جي سخت ۽ ٿڪائيندڙ پورهئي کان پوءِ، رات جو سمهن به فقط انهيءَ لاءِ ٿا، ته جيئن صبح جو سوير اٿن، ۽ پنهنجي پنهنجي ڪم کي جاري رکن- ڪم به اُهو، جيڪو هنن لاءِ ڪا معنيٰ نٿو رکي، ۽ جنهن کي جاري رکڻ لاءِ کين سندن ضرورتون ئي مجبور ڪن ٿيون.

اهڙيءَ طرح هفتيوار موڪلن سان، سندن هفتن پٺيان هفتا گذارندا رهن ٿا- ۽ هتي ته مون پنهنجن اکين سان کين هڪ اهڙيءَ موڪل لاءِ ڪارخانن مان آزاد ٿيندي ڏٺو. ڪارخانن مان ڇوٽڪارو پائيندي ئي، هو چو طرف رستن تي پکڙجي ويا، ۽ چوءڌاري گتن، شرابخانن، ٽڪرين ۽ چڪلن ۾ ڪاهي پيا؛ نشن ۾ چُور، هڪ ٻئي کي ٻانهن کان گهليندا، ڇوڪريون ساڻ ڪري، ڀاڙي جي گاڏين تي هڪ اڏي کان ٻئي ڏانهن ٿڙندا، ٿاٻڙندا ۽ گهمندا ڦرندا رهيا، ۽ هڪ ٻئي سان اهي اهي ڳالهيون ڪندا ٿي رهيا، جن کي هو پاڻ به سمجهي ڪين ٿي سگهيان.

مون اڳ به اهڙا بدمست ۽ موالي مزور ڏٺا هئا ۽ گهڻو ڪري نفرت وچان کانئن لنوائي هليو ويندو هوس. پر مون جڏهن کان اهي روز روز وڄندڙ سيٽيون ٻڌيون آهن، ۽ انهن جي اصل حقيقت جي خبر پئي اٿم، تڏهن کان مان عجب کائيندو آهيان ته انهن سيٽين تي ڪم ڪندڙ اِهي سڀئي ماڻهو اهڙا غنڊا ۽ لفنگا ڇو نه آهن جهڙن سان ماسڪو ڀريو پيو آهي، ۽ اُتي ڪم ڪندڙ اهي سڀئي عورتون اهڙيون ذليل ڇو نه آهن جهڙين مان هڪ مون پنهنجي گهر ڀرسان ڏٺي هئي.

اهڙيءَ طرح اٽڪل يارهين بجي تائين، مان انهن بدمست مزورن کي

 

گهٽين ۾ گوڙ گهمسان ڪندو ڏسندو رهيس. ان کان پوءِ هنن جي چرپر ڍري ٿيڻ لڳي؛ رڳو ٻه چار نشئي باقي رهجي ويا، ۽ ڪي زالون ۽ مرد، جن کي پوليس وارا ٿاڻي ڏانهن پئي وٺي ويا؛ ۽ پوءِ هر طرف کان وڏيون ۽ پوشيده گاڏيون اچڻ لڳيون، جي سڀ هڪ ئي طرف ڏانهن وڃي رهيون هيون.

گاڏين ۾ مٿي تختن تي ڪوچوان ۽ ٻيا نوڪر عمديءَ پوشاڪ ۽ ڪلنگيدار ٽوپين سان ويٺا هئا. گاڏين ۾ سنجيل ٿلها متارا چوپايا، رستن تي ڄميل برف مٿان چوڏهن ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامندا پئي ويا، ۽ گاڏين اندر ماسڪو شهر جون شريفزاديون، گرم ڪپڙن ۾ ملبوس، گلن لڳل چوٽين کي نهايت خبرداريءَ سان سنڀالي ويٺيون هيون. گاڏين، گهوڙن جي سنجن، رٻڙ جي ڦيٿن ۽ ڪوچوان جي گرم ڪوٽ جي ڪپڙي کان وٺي ويندي گنجين، جورابن، بوٽن، مخملي ڪپڙن، دستانن ۽ خوشبودار تيل ڦليل تائين- مطلب ته اميرن جي استعمال جي هر اها چيز جيڪا انهن ئي بد نصيب شخصن ٺاهي آهي، جن مان ڪي مسافرخانن جي تختن تي نشي ۾ چور اونڌا پيا هوندا آهن، ته ڪي وري پوليس حوالات ۾ يا بدڪار عورتن وٽ رات گذاريندا آهن- اُن کي استعمال ڪندا، ۽ انهن ئي شخصن کي چيڙائيندا، رنگ روپ جا هي شوقين، اڄ اڌ رات جو، برف ۽ بک کان بي پرواه ناچ گهر ڏانهن اُڏامندا وڃي رهيا آهن؛ ۽ اها ڳالهه ته سندن کوپڙيءَ ۾ به نه ٿي اچي سگهي ته هن ناچ گاني- جنهن شوق کي پوري ڪرڻ لاءِ هو ٺهي سنڀري گهران نڪتا آهن- ۽ هنن بدمست ۽ موالي مزورن جي وچ ۾ به ڪو گهرو لاڳاپو آهي، جن کي سندن نوڪر ۽ ڪوچوان بدشد ڳالهائيندا پيا وڃن.

هي ٻالا ڀولا ۽ ستل ضمير وارا شخص، رنگ روپ جي محلفن ۾ ٺينگ ٽپا ڏيئي پاڻ کي وندرائين ٿا.

پاڻ کي وندرائين ٿا! رات جي يارهين بجي کان وٺي صبح جي ڇهين بجي تائين- سڄي رات- جڏهن ٻيا هزارين لکين بدنصيب انسان مسافرخانن ۾ پيٽ سان پٿر ٻڌي سمهي رهن ٿا، يا مٿي ذڪر ڪيل ڌوٻياڻيءَ وانگر ولهه ۾ ڄمي برف ٿي مري وڃن ٿا.

امير زادن جي وندر انهيءَ ۾ آهي ته جوان جماڻ ڪنواريون ڇوڪريون ۽ شادي شده عورتون، سينا اگهاڙا ڪري، پنهنجي سونهن سوڀيا جي اهڙيءَ بي غيرتيءَ سان نمائش ڪن، جو هڪ شريف ڳوٺاڻي عورت جيڪر ٻنهي جهانن جي عيوض به ڪنهن غير مرد اڳيان ائين نه ڪري؛ ۽ انهيءَ اڌ اگهاڙيءَ حالت ۾، شهرن جون وڏ گهراڻيون جوان جماڻ ڪنواريون ڇوڪريون ۽ شادي شده عورتون، پنهنجي ڇاتين کي ٺاهي ٺيڪ ڪري، چست لباس پهري، تيز روشنيءَ ۾، ساڳيءَ طرح عجيب وغريب ڪپڙن پهريل غيرمردن سان بي تڪلف ملن ٿيون، هم آغوش ٿين ٿيون ۽ جادوءَ جهڙي اثر پيدا ڪندڙ راڳ جي آواز ٻڌڻ سان انهن غير مردن سان نچڻ شروع ڪري ڏين ٿيون.

ڪيتريون ڪرڙوڍ عورتون پڻ، جوان ڇوڪرين وانگر، اڌ اگهاڙي جسم مان اچي غير مردن جي وچ ۾ ويهن ٿيون، کائن پين ٿيون، ۽ هيڏانهن هوڏانهن جا دلفريب نظارا ڏسي، پنهنجا نيڻ ٺارين ٿيون؛ عمر چڙهيل مرد به ائين ڪن ٿا! انهيءَ ۾ ڪو عجب نه آهي ته هي سڀ ڪجهه دير دير سان رات جو ٿئي ٿو، جڏهن عام ماڻهو ننڊ جي حالت ۾ ڪجهه به نه ٿو ڏسي سگهن. پر حقيقت ۾ اهو سڀ انهيءَ ڳالهه کي لڪائڻ لاءِ نٿو ڪيو وڃي، هي شب بيدار شوقين سمجهن ٿا ته انهيءَ ۾ لڪائڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي، ۽ جو ڪجهه ٿئي ٿو سو بلڪل ٺيڪ آهي ۽ پنهنجي انهيءَ وندر سان (جنهن ۾ هزارين مزورن جي محنت مفت ۾ اڏائي وڃي ٿي) هو نه رڳو ڪنهن کي رنجائين نٿا پر پاڻ غريبن جي پيٽ گذران جو بندوبست ڪري رهيا آهن!

رنگ روپ جي محفل ۽ ناچ وغيره ۾ واقعي ڪافي مزو حاصل ٿيندو هوندو، پر هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿو ٿئي؟ اسان پنهنجو پاڻ ۾ ئي جڏهن ڏسندا آهيون ته ڪنهن ماني نه کاڌي آهي يا سيءَ تپ ۾ ورتو پيو آهي، ته اسان کي ڪنهن به ڳالهه ۾ مزو نه ايندو آهي، کل خوشي وسري ويندي اٿئون ۽ کائڻ پيڻ ۾ تيستائين شرم محسوس ڪندا آهيون، جيستائين انهيءَ شخص کي به ماني ملي يا سيءُ تپ لهيس؛ پر خبر نٿي پوي ته هي حضرت ٻين جي پورهئي تي، ۽ انهن کي تڪليف ڏيئي، پاڻ ڪيئن ٿا خوش گذاري سگهن! اسين جڏهن ڏسندا آهيون ته ڪو حرڪتي ڇوڪر، ڪتي جي پڇ کي ڇڪ ڏيئي، پاڻ خوش ٿو ٿئي، ته اسان اها ڳالهه به پسند نه ڪندا آهيون، ۽ ڇوڪر جي اها خوشي سمجهه ۾ ئي نه ايندي اٿئون!

پوءِ ڀلا ائين ڇو آهي، جو اسان هن کيل تماشي ۽ وندر ورونهن ۾ بنهه اکيون پوري ويهي ٿا رهون ۽ ڏسي نٿا سگهون ته اسان جي موج مزي ۾ ڪيترن محنت مزوري ڪندڙ ماڻهن جو پگهر پاڻيءَ وانگر وهي رهيو آهي؟

انهن شهري شريفزادين مان جيڪي ڏيڍ ڏيڍ سوء روبيل جا ويس وڳا پائي، ناچ گهر ڏانهن دل وندرائڻ ويون هيون، هڪڙي به ڪنهن ناچ گهر ۾ يا مئڊم ”منانڪيت“ [2] جي گهر ۾ نه ڄائي هئي- انهن مان هر هڪ ڳوٺ ۾ رهي آهي، ڪڙمي ڏٺا اٿس پنهنجي نرس ۽ نوڪرياڻيءَ کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿي، ۽ اها به خبر اٿس ته اهي سڀ ماڻهو ڏاڍا غريب آهن، جن جي ساري زندگيءَ جي مراد اها آهي ته ڪنهن طرح ڏيڍ سوء روبيل بچائي. پاڻ لاءِ ڪٿي مٿي لڪائڻ جو اجهو ٺاهي سگهن. هيءَ شريفزادي اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي- پوءِ به خبر نٿي پوي ته اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به ته ناچ ڪرڻ وقت هوءَ پنهنجي نوڪرياڻيءَ جي ڀاءُ جي ساريءَ زندگيءَ جو خواب- ڏيڍ سوء روبيل- پنهنجي اڌ- اگهاڙي جسم تي خرچ ٿي ڪري، پاڻ ڪيئن ٿي موج ماڻي سگهي؟ پر مڃيوسين ته اهو خيال نه آيو هوندس، تڏهن به اها حقيقت ته مخمل، ريشم، ويس وڳا، عطر عنبير، مٺايون وغيره پنهنجو پاڻ، جهنگلي گاه ٻوٺن وانگر نه اڀرندا آهن، بلڪه انسان محنت مزوريءَ جو ئي نتيجو آهن- هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن کي ڄاڻڻ کان سواءِ ڪو رهي نٿو سگهي؛ يا ڪهڙي قسم جي ماڻهن، ڪهڙين حالتن هيٺ ۽ ڪهڙن سببن ڪري اهو سمورو سازسامان ٺاهيو آهي- اها به هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن کان ڪو بيخبر نه هوندو. هن شريفزاديءَ کي اها به خبر هوندي ته جنهن درزياڻيءَ کي رات ڇنڊ ڪڍي هئائين، تنهن سندس پيار وچان نه پر پيٽ جي مجبوريءَ کان سندس ڪپڙا سبيا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح، سندس ڪپڙن وانگر، سندس ٻيون شيون به ساڳئي سبب ڪري ۽ ساڳين حالتن هيٺ ٺهيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته انهن سڀني حقيقتن تي ڪو اهڙو ڌنڌ ڇانيل آهي، جو هيءَ شريفزادي ۽ ٻيا اهڙا شخص اِهي ڏسي نٿا سگهن،- پر ائين ڪڏهن به ممڪن نٿو لڳي ته پنج ڇهه مسڪين ٻڍا نوڪر ۽ نوڪرياڻيون هن ميم صاحبه لاءِ پنهنجي ننڊ ڦٽائي، تڪيلف سهن ۽ کيس ان ڳالهه جي خبر ئي نه پوي ! هن اڪثر سندن ٿڪل منهن ۽ ننڊا کرا نيڻ ڏٺا هوندا؛ کيس اها خبر به ضرور هوندي ته انهيءَ عيش واريءَ رات، ٿرماميٽر جو پارو ٻڙيءَ کان 31 درجا هيٺ بيٺو هو، ۽ سندس پيءُ جيڏو ٻڍو ڪوچوان ساري رات ولهه ۾ گاڏيءَ تي مٿي چڙهيو، گاڏيءَ جي سنڀال ۽ هن جي انتظار ۾ ويٺو هو.

پر مون کي خبر آهي ته هي شخص سچ پچ اهو نه ٿا ڏسن؛ ۽ جيڪڏهن رنگ روپ ۽ ناچ گاني جي مسميريزم هيٺ، هي شوقين ڇوڪريون ۽ شادي شده عورتون اهو نٿيون ڏسي سگهن، ته کين ڏوهه به نه ڏيڻ گهرجي؛ هي ويچاريون شريف عورتون ته رڳو اهو ڪجهه ڪن ٿيون، جو سندن وڏا سهي سمجهن ٿا. پر هنن وڏڪن جي ڏاڍ مڙسيءَ ۽ زور زبردستيءَ کي ڪير سمجهائي سگهندو؟

هي شخص پنهنجي ڪارنامن جي هميشه هڪڙي ۽ ساڳي سمجهاڻي پيش ڪندا رهيا آهن: ”مان ڪنهن کي مجبور ڪونه ٿو ڪريان؛ مان ته رڳو زندگيءَ لاءِ گهربل شين جي خريدوفروخت ڪريان ٿو، ۽ عام ماڻهن کي مزوريءَ تي بيهاريان ٿو؛ وڻج واپار ڪرڻ، يا پئسا ڏيئي ڪنهن کان ڪم وٺڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ ڪنهن تي زور ڪونه ٿو ڪريان، پنهنجي مزوري وٺن ٿا؛ پوءِ، مون ڪهڙي غلطي ڪئي؟“

تنهن ڏينهن مان هڪ واقفڪار وٽ لنگهي ويس. پهرئين ڪمري مان لنگهندي، ميز ڀرسان ٻه عورتون ويٺل ڏسي، مان ڏاڍو حيران ٿي ويس، ڇا ڪاڻ ته مون کي خبر هئي ته منهنجو واقفڪار اڃا ڪنوارو آهو. هڪ سنهي، پيلي منهن واري، اٽڪل ٽيهن ورهين جي عمر جي، وقت کان اڳ ٻڍي معلوم ٿيندڙ عورت، جنهن جي مٿي تي رومال ٻڌل هو. سا ميز هيٺان، پنهنجي هٿن ۽ آڱرين سان تڪڙو الاجي ڇا ڪري رهي هئي، ۽ چرين وانگر عجيب انداز ۾، ويٺي ويٺي، هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦٿڪي. سندس ڀرسان ئي هڪ نينگري ويٺي هئي ۽ اها به هن وانگر ڪجهه ڪري هئي، ۽ هن کي به سک ڪونه هو. هي ٻئي ڄڻيون ائين پئي نظر آيون، ڄڻ ته ڪنهن ”جن“ جو اثر ٿي رهيو هون. اهو ڏسڻ لاءِ ته آخر ڪهڙيءَ ڪرت ۽ مشغول هيون، مان انهن وٽ وڌي ويس. هنن هيڪر منهن مٿي کڻي مون ڏانهن نهاريو، ۽ پوءِ وري ساڳيءَ ڌن سان پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويون. هنن اڳيان ڪجهه ڇڊو تماڪ ۽ ڪاغذ ٽڪرا پيا هئا. هو سگريٽ ٺاهي رهيون هيون. وڏي عورت پنهنجي هٿن ۾ تماڪ مهٽي، هڪ مشين ۾ پئي وڌو، ۽ مشين کي دٻائي، ٽوٽي ٺاهي، ڇوڪريءَ ڏانهن ٿي اڇلايائين.ڇوڪريءَ وري ڪاغذ ٽڪري ويڙهي، ان ۾ تماڪ جي ٽوٽي وجهي، سگريٽ ٺاهي هڪ پاسي تي رکي، ۽ وري ٻي ٿي هٿ ۾ کنيائين. اهو سمورو ڪم اهڙيءَ ته ڦڙتائيءَ ۽ تيزيءَ سان ٿي رهيو هو، جو جنهن شخص پنهنجي اکين سان نه ڏٺو آهي، تنهن کي سمجهائي نه ٿو سگهجي. مان رهي نه سگهيس، ۽ سندس ڦڙتائيءَ تي پنهنجي عجب جو اظهار ڪري ڏنم.

”چوڏهن سالن کان اهو ئي ڪم ڪنديون رهيون آهيون،“ مائيءَ مون کي ٻڌايو.

” ڪيئن ڏکيو آهي؟ “

”هائو ! ڇاتي ڏکي ٿي، ۽ ساه کڻڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي ٿئي.“

سچ پچ ان ڳالهه ٻڌائڻ جي کيس ڪائي ضرورت نه هئي؛ کين هڪ دفعو ڏسڻ سان ئي سڀ ڪجهه معلوم پئي ٿي سگهيو.ڇوڪري ٻن اڍائي سالن کان اهو ڪم ڪري رهي هئي، ۽ کيس ڪم ڪندو ڏسي هر شخص ائين ئي چوندو ته سندس ڪاٺي ڏاڍي مضبوط آهي، پر ويچاريءَ هاڻي کان ئي جهرڻ شروع ڪري ڏنو هو. منهنجي انهيءَ ”نرم دل“ ۽ ”آزاد خيال“ دوست، کين اڍائي روبل في هزار سگريٽ ڀرڻ تي بيهاريو هو. هن وٽ پئسو آهي، ۽ کين سندن محنت جي مزوري ڏئي ٿو ! پوءِ انهيءَ ۾ ڪنهن کي ڪهڙو نقصان آهي؟

هي شخص منجهند جو ٻارهين بجي ننڊ مان اٿي ٿو، شام جو ڇهين بجي کان وٺي رات جو ٻي بجي تائين پتن راند يا پياني ته دل وندرائي ٿو، ۽ لذيذ، مٺا مٺا ۽ مقوي طعام نوش جان ڪري ٿو. سندس سمورو ڪم ٻيا شخص ڪن ٿا. ويهي ويهي هن حضرت پنهنجي لاءِ هڪ نئين وندر ڳولي ڪڍي. يعني تماڪ نوشي ! آءُ هي انهيءَ ڪري چوان ٿو، جو مون کي ياد آهي ته هن ڪڏهن سگريٽ پيڻ شروع ڪيو هو.

هيڏانهن هي ٻه غريب زالون آهن، جيڪي مشين وانگر ڪم ڪري ڪري، مشڪل سان پيٽ پالي سگهن ٿيون، ۽ ساه سان گڏ تماڪ کڻندي پنهنجي صحت تباهه ڪري رهيون آهن. ٻئي پاسي، هن امير زادي وٽ جهجو پئسو آهي، جيڪو هن پاڻ ڪونه ڪمايو آهي، ۽ پنهنجا سگريٽ پاڻ ٺاهڻ کان، رمي راند کيڏڻ وڌيڪ پسند ڪري ٿو. هي حضرت هنن مسڪينن عورتن کي پيٽ پالڻ جيترا پئسا ته برابر ڏي ٿو، پر انهيءَ شرط تي ته هو هميشه زندگيءَ جي عذابن ۾ ڳهندي ڳهندي، هن اميرزادي لاءِ ٽنڊيون منڊيون ٿي، هڪ هنڌ ويهي،سگريٽ ٺاهينديون رهن !

هڪ ٻئي حضرت جي ڳالهه ٻڌو : هي شخص ڏاڍو صفائي پسند آهي، ۽ پنهنجي ڌوٻياڻيءَ کي رڳو انهيءَ شرط تي پئسا ڏيندو آهي ته سندس ڏينهن ۾ ٻه دفعا لٿل قميص هوءَ کيس ڌوئي ڏئي. انهيءَ ڪم سندس ڌوٻياڻيءَ جي رهي کهي طاقت ختم ڪري ڇڏي، ۽ هوءَ ويچاري گذاري ويئي.

”انهيءَ ۾ آخر برائي ڪهڙي آهي؟ ٻيا ماڻهو ته محنت مزوريءَ تي ماڻهو رکندا رهندا، چاهي مان ائين ڪريان نه ڪريان ؛۽ مان جيڪڏهن نه به ڪندس، ته ٻيا ماڻهو اُهوئي مسڪينن ۽ محتاجن کي مجبور ڪري پنهنجي لاءِ مخمل ۽ مٺايون تيار ڪرائيندا رهندا،  مزورن جي محنت خريد ڪري پنهنجي عيش لاءِ سگريٽ ٺهرائيندا، ۽ پنهنجون قميصون ڏينهن ۾ ٻه دفعا ڌوئاريندا رهندا. تنهنڪري جيڪڏهن دنيا جو ڪاروبار ائين ئي هلندو آيو آهي، ۽ ائين ئي هلي ٿو،ته مان ڇو پاڻ کي مخمل، مٺاين، سگريٽن ۽ صاف سٿرن ڪپڙن کان محروم رکان؟“ مان گهڻو ڪري اهوئي دليل ٻڌندو آهيان. چريا ماڻهو به جڏهن ڪا ٺهيل ٺڪيل چيز ڊاهيندا آهن، ته اهو ئي دليل ڏيندا آهن، ۽ ڪُتن ۾ به جڏهن هڪڙو ڪتو ٻئي ڪُتي تي حملو ڪندو آهي، ته باقي ڪُتا انهي ساڳئي دليل جي زور تي ڪريل ڪتي کي وڌيڪ ڪيرائيندا آهن، ۽ ان کي چيري ڦاڙي پنهنجو ڀاڱو کڻي وٺندا آهن. ”اهو سلسلو جو هڪ دفعو چالو ٿيو ۽ چير ڦاڙ يا ڦرلٽ شروع ٿي، ته پوءِ اسان به ڇو نه ان ۾ شريڪ ٿيون؟“ ”چڱو ڀلا، جيڪڏهن مان ميري قميص پائيندس، يا پنهنجا سگريٽ پاڻ ٺاهيندس، ته انهيءَ مان ڪهڙي چڱائي ٿيندي؟ ڪنهن کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟“ پاڻ کي هر ڳالهه ۾ صحيح ثابت ڪندڙ هي شريفزادا سدائين اهو سوال پڇندا آهن. اسان جيڪڏهن سچ کان ايترو پري نه هجون ها، ته اهڙي سوال ٻڌڻ ۽ ان جي جواب ڏيڻ ۾ شرم محسوس ڪريون ها، پر اسان دنيا داريءَ جي چڪر ۾ اهڙا ته ڦاٿا پيا آهيون، جو هيءُ سوال بنهه قدرتي پيو لڳيسون،- پر شرم محسوس ڪندي به اسان کي انهيءَ سوال جو جواب ضرور ڏيڻ گهرجي.

”ڪهڙو فرق پوندو جيڪڏهن مان ڏينهن ۾ ٻه دفعا قميص بدلائڻ بجاءِ ست ڏينهن سانده پايان، ۽ پنهنجا سگريٽ پاڻ پنهنجي هٿن سان ٺاهيان يا مرڳو پيڻ ڇڏي ڏيان؟“

فرق اهو پوندو ته ڪا ڌوٻياڻي ۽ ڪا سگريٽ ٻڌندڙ عورت گهٽ تڪليف وٺندي، ۽ اهي پئسا جيڪي هونئن ڪپڙن جي ڌوپ ۽ سگريٽن تي خرچ ڪريون ٿا، سي انهيءَ ڌوٻياڻيءَ يا ٻين ڪيترين ڌوٻياڻين ۽ مزوري ڪندڙ عورتن کي ڏيئي سگهنداسين، جيڪي محتاج ۽ لاچار آهن ۽ جيڪي پنهنجي وت کان وڌيڪ بارکڻڻ بدران آرام ڪرڻ ۽ چانهه پيڻ چاهين ٿيون. پر مون کي انهيءَ جو جواب به اڪثر ڏنو ويندو آهي (عيش پسند ۽ شاهوڪار ماڻهن جي دماغ جي ڪاهلي ۽ نرجائي ته مشهور آهي- پنهنجي حيثيت کي صحيح طور سمجهڻ کان هميشه نٽائيندا ئي رهندا آهن): ”مان جيڪڏهن ميري قميص به کڻي پايان، سگريٽ پيڻ به ڇڏي ڏيان، ۽ اهي پئسا به ڪنهن غريب محتاج کي ڏيان، تڏهن به ڇا ٿيندو؟ غريب مزور کان بهرحال سڀ ڪجهه ڦرجي ئي ويندو، هو غريب جو غريب رهجي ويندو، ۽ ڪني پاڻيءَ جي درياءَ ۾ هڪ صاف قطري ڦٽي ڪرڻ مان نيٺ به ڪهڙو کڙ تيل نڪرندو!“

انهيءَ جواب جو جواب ڏيڻ وڌيڪ شرمسار ڪندڙ آهي؛ بهر حال جواب ڏيڻوئي پوندو. مٿيون جواب اڄڪلهه ڏاڍو عام ٿي پيو آهي، ۽ ان جو جواب به ڏاڍو سولو ۽ سنئون سڌو آهي.

فرض ڪريو ته مان ڪن وحشين ۽ جهنگلين وٽ مهمان ٿي وڃان ٿو، ۽ هو مون کي ڀڳل گوشت ۽ سيخ ڪباب کارائين ٿا، ۽ ٻئي ڏينهن معلوم ٿو ٿئيم ته اهو ڪباب توڙي گوشت جا ٽڪرا هڪ قيديءَ کي ذبح ڪري ۽ سندس ماس کي قيمو ڪري ٺاهيا ويا هئا، هاڻي مان جيڪڏهن انساني گوشت کائڻ ٺيڪ نٿو سمجهان، ته ڀڳل گوشت ۽ سيخ ڪباب ڪيترو به لذيذ ذائقي وارو ڇو نه هجي، منهنجي مهربان ميزبانن ۾ انساني گوشت کائڻ جي رسم ڪيتري به عام ڇو نه هجي، ۽ منهنجي انڪار ڪرڻ سان وٽن ٻين آدم زاد قيدين کي ڪيترو به گهٽ فائدو ڇو نه پهچي- مان وري اهو انساني گوشت ڪڏهن به نه کائيندس، نه وري ڪو کائي ئي سگهندس! بفرض محال بک کان مجبور ٿي مان شايد انساني گوشت کائي به وڃان، پر انساني گوشت کائڻ جي ڪڏهن به ڪنهن کي دعوت نه ڏيندس، ۽ نه پاڻ اهڙيءَ دعوت ۾ وري ڪڏهن شريڪ ٿيندس، نه وري اهڙي انساني شڪار تي ڪڏهن فخر ئي محسوس ڪندس.


 


[1]   يعني، 1884ع ۾.

[2]  ماسڪو جي هڪ فئشنيبل وار- ٺاهيندڙ خاتون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org