سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: نيٺ ڇا ڪجي

باب: -

صفحو : 11

 

ضميمو

 

]ٽالسٽاءِ، پنهنجي ڪتاب تي آخرين نظرثاني ڪرڻ وقت، ان مان هيٺيان صفحا ڪڍي ڇڏيا هئا، پر انهن کي محفوظ رکڻ مناسب سمجهي، هينئر انهن کي ضميمي طور پيش ڪجي ٿو.

هن ڪتاب جي چئن (17، 18، 19، ۽ 20) بابن ۾ پئسي متعلق جا اپٽار ٿيل آهي، سا شروع شروع ۾ هيٺ ڏنل مختصر مضمون ۾ سمايل هئي، جنهن کي پوءِ غير ضروري سمجهي، ان جي جاءِ تي اهي چار باب وجهي ڇڏيا هئائين. پڙهندڙ، تنهن هوندي به، شايد انهيءَ مختصر ۽ مائيدار تنقيد کي محفوظ رکڻ مناسب سمجهن. هي مضمون، پندرهين باب ۾ بيان ٿيل واقعي جي حوالي سان شروع ٿئي ٿو، پر ڪتاب جي اوئلي ڇاپن ۾ ايڪيهين باب جي پڇاڙيءَ ۾ آيل آهن.[

 

مون کان غلطي اها ٿي، جو مان سمجهڻ لڳس ته منهنجا پئسا به ”سائمن“ جي پئسن جهڙا هئا، ۽ مان پنهنجي پئسن سان ٻين جي مدد ڪري ٿي سگهيس، پر حقيقت ائين نه هئي.  

عام طور ائين چيو ۽ سمجهيو ويندو آهي ۽ پئسو پورهئي  جو نتيجو آهي ۽ ڌن دولت جي نمائندگي ڪري ٿو، ۽ تنهنڪري پئسو معنيٰ پورهيو يا پورهئي جو حقيقي ترجمان! هيءُ خيال به اوترو ئي صحيح ۽ حقيقت تي ٻڌل آهي، جيترو اهو خيال ته رياست جي هر تنطيم هڪ ”معاهدي“ يا ”سماجي سمجهوتي“ جو نتيجو ٿيندي آهي. هر شخص اها ئي ڳالهه مڃڻ چاهي ٿو ته پئسو ته رڳو پورهئي جي مٽاسٽا جو ذريعو آهي. مون جتيون ٺاهيون آهن، توهان ان اپايو آهي، ۽ هن رڍون پاليون آهن، هاڻي، پنهنجي پيداوار جي سهوليت سان ڏي وٺ ڪرڻ جي لاءِ، اسان پئسي کي وچ ۾ آڻيون ٿا، پئسو پورهئي جي نمائندگي ڪري ٿو، تنهنڪري، ان جي مدد سان، اسان چمڙي جون جتيون، اناج ۽ رڍون هڪ ٻئي کي ڏيئي وٺي سگهون ٿا ! پئسي جي ذريعي اسان پنهنجي پنهنجي پيداوار جي مٽاسٽا ڪري سگهون ٿا، ۽ اسان وٽ جيڪو پئسو آهي، سو اسان جي پورهئي جي نمائندگي ڪري ٿو! ائين برابر آهي – پر رڳو تيستائين، جيستائين پئسي جي مٽاسٽا ڪندڙ برادريءَ ۾ هڪ شخص جي ٻئي شخص تي سختي ۽ ڏاڍ مڙسي نه هلندي هجي – نه رڳو جيئن جنگ ۽ غلاميءَ ۾ هڪ شخص جي محنت تي ڏاڍ مڙسيءَ سان قبضو ڪيو ويندو آهي، پر جڏهن هڪ شخص جي پورهئي جي پيداوار جو ٻئي شخص جي پيداوار خلاف ڏاڍ مڙسيءَ سان قبضو ڪيو ويندو آهي، پر جڏهن هڪ شخص جي پورهئي جي پيداوار جو ٻئي شخص جي پيداوار خلاف ڏاڍ مڙسيءَ سان بچاءُ پڻ نه ڪيو وڃي. پئسو فقط ان برادريءَ ۾ ئي پورهئي جي نمائندگي ڪندو، جنهن جا فرد مسيحائي اصولن تي سختيءَ سان عمل ڪندا – هڪ اهڙيءَ  برادريءَ ۾، جنهن ۾ گهرجائو شخص جيڪي گهرندو سو کيس ڏنو ويندو، ۽ ڏنل شيءِ جي موٽ ۾ کائنس ڪجهه به نه گهريو ويندو. پر جيئن ئي ڪنهن برادريءَ ۾ سختي ۽ ڏاڍ مڙسي عمل ۾ ايندي، تيئن ڏاڍي مڙس جي لاءِ پئسي جي اها معنيٰ – ته پئسو پورهئي جي نمائندگي ڪري ٿو – نه رهندي، پر ان جي حالت ۾، پئسو هڪدم هڪ نئين، پورهئي تي نه پر سختيءَ ۽ ڏاڍ مڙسيءَ  تي ٻڌل ناحق جي، معنيٰ اختيار ڪري وٺندو.

جيئن ئي ڪٿي لڙائي لڳي ۽ هڪ شخص ٻئي کان ڪجهه ڦري ورتو، تيئن پورهئي جي باب ۾ پئسي جي نمائندگي گويا ختم ٿي – هڪ فوجيءَ يا سندس ڪمانڊر کي، مال غنيمت وڪڻڻ سان، جيڪي پئسا مليا، سي ڪنهن به صورت ۾ سندن پورهئي جي پيداوار نه آهن، ۽ ”جتين ٺاهڻ“ جي عيوض مليل پئسن کان بلڪل مختلف معنيٰ رکن ٿا. ۽ نه وري غلامن ۽ آقائن جي موجودگيءَ ۾، ائين چئي سگهجي ٿو ته پئسو پورهئي جي نمائندگي ڪري ٿو. گهريلو عورتن ڪجهه ڪپڙو اڻيو، وڪيائون، ۽ کين چار ڏوڪڙ مليا، غلام ڪڙمين به پنهنجي مالڪ زميندار لاءِ ڪپڙو اڻيو، مالڪ اهو ڪپڙو وڪڻي ڇڏيو، ۽ پئسا وصول ڪيائين. هي پئسا ۽ هو پئسا ڏسڻ ۾ ته هڪجهڙا آهن، پر هڪڙا پگهر جي پورهئي جي پيداوار آهن، ۽ ٻين کي سختيءَ ۽ ڏاڍ مڙسيءَ پيدا ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت، جيڪڏهن ڪنهن اجنبي شخص يا فرض ڪريو ته منهنجي پيءُ مون کي ڪجهه پئسا ڏنا آهن، ۽ پئسن ڏيڻ وقت کيس خبر هئي، مون کي خبر آهي ته هر شخص کي خبر آهي، ته مون کان ڪو به شخص اهي پئسا ڦُري نه ٿو سگهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن شخص مون کان انهن پئسن ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي يا هڪ دفعو منهنجي مرضيءَ سان مون کان وٺي وعدي تي موٽائي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ته اختياريءَ  وارا منهنجي پاران قانوني قدم کڻندا، ۽  کيس مجبور ڪندا ته مون کي منهنجا پئسا  واپس ڏئي – ته پوءِ وري به اهو ئي ثابت ٿيو ته هي پئسا پورهئي جي نمائندگي نه ٿا ڪن، تنهنڪري هڪ اهڙيءَ برادريءَ يا سماج ۾، جتي ڪنهن به شخص جا پئسا زور زبردستيءَ سان ڦريا وڃن ٿا يا زور زبردستيءَ سان سندن بچاءُ ڪيو وڃي ٿو، اُتي پئسا هميشه پورهئي جي نمائندگي نه ٿا ڪري سگهن. اهڙيءَ  برادريءَ ۾ پئسا ڪڏهن پورهئي جي ۽ ڪڏهن زور زبردستيءَ جي نمائندگي ڪن ٿا.

انتهائي آزاد لڳ لاڳاپن واري معاشري ۾ به، جيڪڏهن هڪ شخص جو ٻئي شخص خلاف ڪٿي ڪو ڏاڍ مڙسيءَ جو واقعو ٿيو، ته ساڳي اها ڳالهه واقع ٿيندي، پر  هينئر، جڏهن ڌن دولت صدين جي طرح طرح جي ڏاڍ مڙسيءَ منجهان گذري چڪي آهي، جڏهن اها ڏاڍ مڙسي، رڳو صورت بدلائيندي، اڄ به سرگرم عمل آهي، جڏهن (جيئن هر شخص قبول ڪري ٿو) خود اهي پئسا گڏ ٿيڻ ڪري، ڏاڍ مڙسيءَ جو سبب بڻجن ٿا، ۽ جڏهن پگهر جي پورهئي سان ڪمايل پئسا ڏاڍ مڙسيءَ جي سڀني نمونن سان گڏ ڪيل پئسن جو تمام ٿورو حصو آهي – تڏهن ائين چوڻ ته پئسا پئسي وارن جي پورهئي جي نمائندگي ڪن ٿا، هڪ ظاهر ظهور غلطي يا ڄاڻي واڻي ٺهيل گهڙيل ڪوڙ آهي. ممڪن آهي ته ڪو چوي ته ”جي ائين نه آهي، ته ٿيڻ ضرور ائين ئي گهرجي، يا جيڪر ائين ٿئي ته ڏاڍو چڱو“، پر پڪ آهي ته ائين هرگز ڪو به ڪو نه چئي سگهندو ته اڄ اسان جي سماج ۾ واقعي ائين ئي آهي.

پئسو پورهيو جي نمائندگي ڪري ٿو! هائو، پئسو برابر پورهئي جي نمائندگي ڪري ٿو، پر ڪنهن جي پورهئي جي؟ اسان جي سماج ۾، رڳو انتهائي اڻ لڀ حالتن ۾، پئسو پنهنجي ڌڻيءَ جي پورهئي جي نمائندگي ڪري ٿو، باقي ذري گهٽ سڀني حالتن ۾، پئسو ڌڻيءَ نه پر ٻين شخصن جي – گذريل يا آئنده – پورهئي جي پيداوار آهي. عام طور ڏٺو ويو آهي ته پئسو صرف ٻين جي محنت مزوريءَ تي ڏاڍ مڙسيءَ سان ڄمايل حق جي نمائندگي ٿو ڪري.

پئسو، مختصر ۽ معنيٰ سان ڀريل لفظن ۾، ائين کڻي چئجي ته ڌن جي روايتي نشاني آهي، جا پنهنجي مالڪ کي، ٻين شخصن جي محنت مزوريءَ کي مفت ۾ استعمال ڪرڻ جو حق، يا اڃا به ائين چئجي ٿو ته طاقت، عطا ڪري ٿي. پنهنجي مثالي يا نظرياتي معنيٰ مطابق، پئسي کي اهو حق يا طاقت فقط تڏهن ئي عطا ٿيڻ گهرجي، جڏهن پئسو پنهنجي سر پاڻ پورهئي جي نمائندگي ڪندو هجي، ۽ اهڙو پئسو ان سماج ۾ ئي موجود ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڏاڍ مڙسي نه ٿيندي هجي. پر جيئن ئي ڏاڍ مڙسي، يعني پاڻ پورهئي ڪرڻ کان سواءِ ٻين جي پورهئي کي مفت ۾ ڪم آڻڻ جي زبردستي، واقع ٿيندي، ته اها ڏاڍ مڙسي به، علاوه انهيءَ ڳالهه جي ته ڪهڙا ڪهڙا شخص ان جا شڪار  ٿيا، پئسي جي زور تي ئي ڪئي ويندي.

هڪ مالڪ – زميندار پنهنجي غلام ڪڙمين کي، ڪپڙي اناج ۽ چوپائي مال جي ڪنهن مقرر انداز يا اوترن پئسن جي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو. هڪڙو غلام ڪڙمي چوپايو مال به آڻي ڏئي ٿو، ۽ ڪپڙي بدران وري اوترا پئسا آڻي ٿو ڏئي. مالڪ، ڪپڙي بدران، هن کان اوترا پئسا وٺي ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته پئسن سان هو گهربل ڪپڙو خريد ڪري سگهي ٿو (عام طور هو حساب کان ڪجهه وڌيڪ ئي وٺندا آهن، انهيءَ لاءِ ته گهربل ڪپڙو برابر خريد ڪري سگهن): هن مان ظاهر آهي ته اهي پئسا ان مالڪ کي ٻين شخصن جي پورهئي تي حق وٺي ڏين ٿا.

غلام ڪڙمي اهي پئسا ڏيئي، ڄڻ ته ڪن غير واقف شخصن جي نالي هُنڊي لکي ڏئي ٿو، پر انهن شخصن ۾ ڪي اهڙا آهن، جيڪي انهن پئسن لاءِ گهربل ڪپڙو اُڻي ڏيندا. ڪپڙي اُڻي ڏيڻ جو ذمو کڻندڙ وري انهيءَ ڪري ڪپڙو اُڻندا، ڇاڪاڻ ته هو رڍون ڌاري نه ٿا سگهن، ۽ کين رڍن جي گوشت وغيره لاءِ پئسا ڏيڻا ٿا پون، هوڏانهن جيڪو ڪڙمي کين رڍون وڪڻي، کانئن انهن جا پئسا وٺي ٿو، تنهن جو فصل هيل نه ٿيو آهي، ۽ تنهنڪري کيس اهي پئسا ڏيئي چار داڻا خريد ڪرڻا آهن. اهو ئي طريقو ۽ دستور هن ملڪ، توڙي ٻين ملڪن ۽ ساريءَ دنيا ۾ اجهو ائين پيو هلي.

هڪ شخص پنهنجي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جي محنت جي پيداوار وڪڻي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي قوت گذران لاءِ رکيل ان ڪڻا به کيس وڪڻڻا پون ٿا، انهيءَ لاءِ نه ته هن جي لاءِ پئسا مٽاسٽا جو سولو ۽ سٺو ذريعو آهن – هو ته پئسن کان سواءِ به پيداوار جي مٽاسٽا ڪري پئي سگهيو – پر ڇاڪاڻ ته پئسن جي صورت ۾ ئي، سندس محنت تي، زور زبردستيءَ سان مڙهيل ڌن کانئس وصل ڪيا وڃن ٿا.

جڏهن قديم مصري بادشاهه پنهنجي غلامن کان پورهيو گهرندا هئا، ته غلام سمورو پورهيو کين ڏيئي ڇڏيندا هئا – پر رڳو پنهنجي ماضيءَ ۽ حال جو پورهيو، ڇاڪاڻ ته غلام پنهنجي مستقبل جو پورهيو کين ڏيئي نه پي سگهيا. پر هينئر، پئسن جي پکڙجڻ ۽ ڏيتي ليتيءَ سبب، هر شخص جي لاءِ پئسن جي عيوض پنهنجي مستقبل جي محنت ڏيڻ جو ممڪن ٿي پيئي آهي. پئسا، سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍ مڙسيءَ جي سرشتي جي پس منظر ۾، هڪ قسم جي غير شخص (Impersonal) غلاميءَ جي عمارت جا بنياد بنجي بيهن ٿا، جيڪا قديم شخصي غلاميءَ جي جاءِ تي تعمير ٿئي ٿي. اڳين ڏينهن ۾، غلامن جي مالڪ کي فقط پنهنجي غلامن – ”پيٽر“، ”اوان“ ۽ ”صدور“ – جي پورهئي تي ئي پورو پورو حق هوندو هو. اڄ ڪلهه، جڏهن هر شخص کان پئسن جي طلب ٿي رهي آهي، پئسن جو مالڪ، انهن سڀني، واقف ۽ غير واقف، شخصن جي پورهئي تي پنهنجو حق ڄمائي سگهي ٿو، جن کي پئسن جو احتياج آهي. پئسو اهي سڀ دشواريون دور ڪري ڇڏي ٿو، جيڪي غلاميءَ جي دور ۾، غلام جي پورهئي تي مالڪاڻي حقن جي وصوليءَ وقت، مالڪ کي درپيش اينديون هيون، ۽ ساڳئي وقت، پئسو غلام ۽ مالڪ جي وچ ۾ قريبي انساني تعلقات پڻ مٽائي ڇڏي ٿو، جيڪي، شخصي غلاميءَ جي دور ۾، غلامن کي جن سختين سان منهن ڏيڻو پوندو هو، تن کي نرم ۽ قابل برداشت ڪندا هئا.

مان انهيءَ حقيقت ڏانهن اشارو ڪو نه ٿو ڪريان ته انسان ذات جي سڌاري ۽ واڌاري وغيره لاءِ شايد انهن ڳالهين جو هجڻ ضروري هو – مان انهن ڳالهين م هتي پوڻ نه ٿو چاهيان. مون ته رڳو پنهنجي لاءِ پئسن جي تصور کي واضح ڪرڻ ۽ پئسن کي پورهئي جي نمائنده سمجهڻ جي غلطيءَ کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ۽ مون کي پنهنجي آزمودي مان هيءُ يقين ٿي ويو ته پئسو پورهئي جي نمائندگي نه ٿو ڪري – اڪثر حالتن ۾ پئسو سختيءَ ۽ ڏاڍ مڙسيءَ يا انهن جي بنياد تي بيٺل خاص طور پيچ در پيچ چالبازين جو هڪ پڪو گماشتو ٿي ڪم ڪري ٿو.

پئسي، اسان جي ڏينهن ۾، پنهنجي مناسب معنيٰ – انسان جي سندس پنهنجي پورهئي جي نمائندگي ڪرڻ جي معنيٰ – وڃائي ڇڏي آهي، ائين برابر آهي ته اڄ به ڪن خاص غير معمولي حالتن ۾، پئسو پورهئي جي نمائندگي ڪري ٿو، پر هيءَ حقيقت آهي ته، عام طور، پئسو رڳو ٻين شخصن جي پورهئي کي مفت ۾ هضم ڪرڻ جي حق يا امڪان جو ٻيو نالو آهي.      

پئسو، پئسي جي جمعبندي، ۽ پئسي جي سڀني مابدل علامتن جو پکڙجڻ، پئسي جي مٿئينءَ معنيٰ جي باقاعدي تصديق ڪري ٿو. مطلب ته پئسو محض ٻين شخصن جي پورهئي کي مفت ۾ هضم ڪرڻ جي حق يا امڪان جو ئي حامل آهي.

پئسو غلاميءَ جي نئين شڪل آهي ۽ غلاميءَ جي اڳينءَ پراڻيءَ شڪل کان رڳو پنهنجي غير شخصي هجڻ ۽ غلام سان آقا جي انساني تعلقات کي صريحاً قطع ڪري ڇڏڻ ۾ ئي مختلف آهي.   

پئسو بهرحال پئسو آهي – هڪ نهايت قيمتي ۽ هر وقت پنهنجي مُلهه واري وٿ آهي، جنهن کي هميشه سورهن آنا صحيح ۽ معقول سمجهيو وڃي ٿو، ۽ وڏي ڳالهه ته ان کي اخلاق ۽ انصاف جي خلاف به نه ٿو سمجهيو وڃي، جيئن غلاميءَ کي سمجهيو ويندو هو.

مان اڃا ننڍو هوس، جو اسان جي محفلن ۾ ”لوٽو“[1]راند جو رواج پيو. هر شخص وڏي شوق سان اها راند کيڏندو هو، ۽ چوندا هئا ته گهڻن ئي ماڻهن پاڻ کي ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن کي انهيءَ راند ۾ تباهه ڪري ڇڏيو هو – ماڻهو ان جي چوس ۾ امانت رکيل پئسا اُڏائي ڇڏيندا هئا، سرڪاري پئسا هارائي ڇڏيندا هئا، ۽ نا اميد ٿي آپگهات ڪندا هئا، تنهنڪري سرڪاري طور راند تي بندش پئجي ويئي، ۽ اڄ ڏينهن تائين ”لوٽو“ راند تي بندش پيل آهي.

مون کي ياد آهي ته مان جڏهن به پراڻن غير جذباتي کيڏارين سان ملندو هوس، ته هو مون کي ٻڌائيندا هئا ته ”لوٽو“ راند ڏاڍي مزيدار راند هئي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن کي به خبر نه پوندي هئي ته ڪير ٿو هارائي، جيئن ٻين  راندين ۾ گهڻو ڪري ٿيندو آهي، کيڏاري پئسن ساڻ کڻي اچڻ جي به تڪليف نه وٺندا هئا، ڳوٽيون البت ساڻ هونديون هين، هر شخص ٿورو گهڻو داءُ هارائيندو هو ۽ سندس تڪليف محسوس ئي نه ٿيندي هئي . . . ”روليٽ“ [2] راند جي به ساڳي ڳالهه آهي – روليٽ تي به هر هنڌ بند پيل آهي، ۽ ظاهر آهي ته اها بندش بي سبب نه هوندي.

پئسي جي راند به ساڳئي قسم جي آهي: مون وٽ ڄڻ ته علاو الدين وارو  جادوءَ جو ڏيئو يا هڪ اڻ کٽ ڳوٿري آهي، ۽ مان رڳو ڳوٿريءَ مان ٻه چار ڪاغذ وقت بوقت ڪڍندو ٿو رهان، ۽ پاڻ کي دنيا جهان جي ڪم ڪار کان بي نياز بنائي ٿو ڇڏيان! ائين ڪرڻ سان مان ڪنهن کي ڏکويان به ٿو؟ نه، هر گز نه! مان ته هڪ نهايت صلح پسند ۽ قياس وارو شخص آهيان! مون وٽ رڳو جهجهو پئسو آهي، مان پئسي جي راند کيڏان ٿو. لوٽو ۽ روليٽ راندين وانگر هن راند ۾ به مان رڳو نوٽ ڦاڙيندو خرچ ڪندو وڃان ٿو، ۽ خبر ئي نه ٿي پويم ته مون کي اهي نوٽ ڪنهن ڏٺا، ڪڏهن ڏنا ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڏک ڏسي، گهر ٻار تباه ڪري، پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي، بک ۽ برف ۾ بيحال ٿي، مون لاءِ هن هيترو سارو عيش آرام ميسر ڪيو.

مون ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، نه  ڪريان ٿو ۽ نه وري ڪڏهن ڪندس، سواءِ ان جي ته اهي ننڍڙا ننڍڙا، سهڻا سهڻا، رنگ برنگي نوٽ ٻٽونءَ مان ڪڍندو خرچ ڪندو ٿو رهان ۽ ان ڳالهه تي ايمان ٿو رکان ته پئسو پورهئي جي نمائندگي ڪري ٿو! ڪهڙي نه عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي! چرين کي اڃا سڱ ٿيندا آهن! انهيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ چريائپ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ هڪ سمجهدار، پڙهيل لکيل ۽ ٻئي هر معاملي ۾ معقول شخص ايڏي غير معمول زندگي گذاري، ۽ پنهنجي خيالن کي واضح ڪرڻ لاءِ جا هڪ ڳالهه ئي ضروري آهي بس سا ئي ڳالهه پاڻ کان ۽ ٻئي هر ڪنهن کان لڪائيندو، دل وندارئيندو رهي - ۽ يقين ڪيو ويٺو رهي ته هر صورت ۾ پاڻ صحيح ۽ حق بجانب آهي! نوٽ پورهئي جي نمائندگي ڪن ٿا! هائو! پورهئي جي !! پر ڪنهن جي پورهئي جي؟ ظاهر آهي ته جنهن ڏنو  ان جي ڳوٿريءَ  ۾ اُهي نوٽ آهن، تنهن جي پورهئي جي نه، پر محنت مزوري ڪندڙ ٻين پورهيتن جي پورهئي جي!

پئسو به هڪ قسم جي غلامي آهي، ان جو مقصد ۽ مراد به ساڳي آهي، ته سندس نتيجا به ساڳيا آهن. پئسي جو اصل مقصد (جيئن هڪ هاري اديب  [3] سچ پچ چيو به آهي) پاڻ کي زندگيءَ جي اولين ۽ زندگيءَ جي قدرتي قانون – پنهنجي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ پاڻ پورهئي ڪرڻ – کان آزاد رکڻ آهي. ۽ هر غلاميءَ مان هيٺيان نتيجا نڪرندا آهن: مالڪ جي لاءِ تنزل ۽ ذلت، گهڙيءَ گهڙيءَ پيدا ٿيندڙ نين نين گهرجن جو شيطان جي آنڊي وانگر ڊگهو ۽ ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ سلسلو، هڏن جو ويهجي وڃڻ، ۽ ذهني پريشاني وغيره، ۽ غلام جي لاءِ، هڪ انسان جي هٿان سختيءَ ۽ ڏاڍ مڙسيءَ جو شڪار ٿيڻ ۽ انسان جي درجي تان هيٺ ڪري جهنگلي جانور ٿيڻ تي مجبور ٿيڻ.

پئسو غلاميءَ جي هڪ نئين ۽ نهايت خطرناڪ شڪل آهي، ۽ پراڻيءَ شخصي غلاميءَ وانگر، هيءَ غلامي پڻ غلام ۽ مالڪ، ٻنهي کي بي هميت ۽ بيڪار بڻائي ٿي - ۽ پاڻ ان کان ڪجهه وڌيڪ – ڇاڪاڻ ته هيءَ نئين زماني جي نئين سڌريل غلامي، غلام ۽ مالڪ کي، شخصي ۽ انساني تعلقات جي تقاضائن ۽ ان جي محدود مفيد نتيجن کان به آزاد ڪري ڇڏي ٿي.

 

 

 

 

ٽالسٽاءِ جو ايم. اي. اينگلهارڊ ڏانهن لکيل هڪ خط

 

منهنجا پيارا ايم – اي – ،

مان توکي ”پيارا“ ڪري خطاب ڪريان ٿو، انهيءَ ڪري نه ته عام طور ائين ڪيو ويندو آهي، پر انهيءَ ڪري، جو تنهنجي خطن، ۽ انهن ۾ به خاص ڪري ٻئي خط، ملڻ کان پوءِ، مان محسوس ٿو ڪريان ته تون مون کي ڏاڍو ويجهو آهين، ۽ مان توکي ڏاڍو گهڻو چاهيان ٿو.

منهنجي انهيءَ جذبي ۽ ڪشش ۾ ڪجهه ڪجهه خود غرضي به شامل آهي. تون شايد اهڙي ڳالهه محسوس نه به ڪرين، پر تون تصور به نه ٿو ڪري سگهين ته مان ڪيتري قدر اڪيلو آهيان، ۽ منهنجا عزيز قريب خود مون کي – منهنجي ذات کي – ڪيترو نه ڌڪارين ٿا. مون کي خبر آهي ته ’جيڪو پڇاڙيءَ تائين سور سهندو، سو ڇوٽڪارو پائيندو‘. مون کي اها به خبر آهي ته ننڍڙين ننڍڙين ڳاليهن ۾ ئي، انسان کي پنهنجي محنت جي ڦل کائڻ يا ان ڦل کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ جي نعمت نصيب ٿيندي آهي، ۽ جيستائين اصل حقيقت يا مطلق حق جو تعلق آهي، انسان ويچارو ته پنهنجي محنت جو ڦل، ۽ سو به چئن ڏينهن جي مختصر زندگيءَ ۾، ڏسي ئي نه ٿو سگهي. مون کي انهن سڀني ڳالهين جي خبر آهي، پر تنهن هوندي به مان اڪثر دل هاري ويهندو آهيان، ۽ تنهنڪري توسان واسطو رکڻ ۽ تو ۾ هڪ اهڙي شخص کي ڳولي لهڻ جي اميد – يقين جي حد تائين اميد – رکڻ، جيڪو بلڪل ايمانداريءَ سان منهنجي منزل جهڙيءَ  منزل ڏانهن، منهنجي رستي جهڙو رستو وٺي، وڃي رهيو آهي، هڪ وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي.

خير، هينئر تنهنجي سوالن جي سلسليوار جوابن ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. تنهنجا ”اڪساڪوف“  [4] ڏانهن لکيل خط، خاص طور انهن مان پويون خط، مون کي گهڻو وڻيا. تنهنجا ثبوت قطعي آهن، پر هن جي لاءِ ڪا حيثيت نه ٿا رکن. هو، جو ڪجهه چوي ٿو، تنهن جي ته مون کي گهڻي وقت کان خبر آهي، اها ئي ڳالهه زندگيءَ، ادب ۽ گفتگو ۾ هر وقت دهرائي وڃي ٿي. اها هيءَ آهي ته ”ها، ها، مون کي خبر آهي! هنن هنن سببن ڪري فلاڻي ڳالهه سچي آهي ۽ فلاڻي ڪوڙي، ۽ هنن هنن سبب ڪري فلاڻي ڳالهه سٺي آهي ۽ فلاڻي خراب!“ اڪساڪوف ۽ هن جهڙن ٻين شخصن کي واقعي خبر آهي ته سچ ڇا آهي، ۽ تون جيڪي کين ٻڌائڻ چاهين ٿو، تنهن جي ٻڌڻ کان اڳ ۾ ئي، هو سمجهن ٿا ته اها سچي ڳالهه آهي. پر هو پنهنجي عمر ڪوڙ ۾ گذارين ٿا، ۽ هڪ اهڙو شخص، جيڪو هڪ زنده دل انسان وانگر ڀلائيءَ سان پيار ۽ برائيءَ  کان نفرت ڪري ٿو ۽ جنهن کي عقل سليم پڻ مليل آهي – عقل سليم، جنهن جو هڪڙو مقصد سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ آهي – جيڪڏهن ڪوڙ، فريب ۽ برائيءَ ۾ رهي، انهن جي خذمت ڪرڻ چاهي ٿو، ته ظاهر آهي ته کيس سچ کان اکيون ٻوٽي ئي ڇڏڻيون آهن، ڇاڪاڻ ته ٻيءَ حالت ۾ کيس برائيءَ ۾ رهڻ ۽ ان جي خذمت ڪرڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿيندي. اهڙا سڀ شخص پنهنجي اکين آڏو ساڳيو هڪڙو ئي پردو ٽنگي ڇڏين ٿا: ”تاريخي نظريو“، ”خارجي نقطه نگاه“، ”ٻين جو خيال“، ۽ سچ ۽ چڱائيءَ سان پنهنجي زاتي لاڳاپي جي سوال کان ڪن لاٽار!

 

اڪساڪوف ۽ سولوويوف [5]، ۽ مذهبي اڳواڻ، ملڪي مدبر، سياسي اقتصاديات جا ماهر، ۽ اهي سڀ شخص، جيڪي سچ ۽ چڱائيءَ جي ابتڙ زندگي گذارين ٿا، سي سڀ ائين ڪن ٿا.    

انجيل مقدس (جان 3، 19 – 21) ۾ اها ئي ساڳي ڳالهه نهايت صفائيءَ سان بيان ٿيل آهي، ان کان وڌيڪ بهتر بيان ان جو مان نه ڪري سگهندس. [6]مان ائين ٿو سمجهان ته انهن شخصن اڳيان موتي ڦٽا نه ڪرڻ گهرجن، پر انهن شخصن بنسبت هڪ خاص روش اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جيئن ماڻهوءَ جي گهڻي قوت ضايع نه ٿئي ۽ مٿا ڪٽ کان بچي پئجي: انهن سان جهيڙو ڪرڻ نه رڳو بيڪار آهي، پر ائين ڪرڻ سان اسان جي پنهنجي مقصد کي نقصان پڻ پهچندو. هو توکان ڪجهه نه ڪجهه مبهم ۽ منجهيل ڳالهيون پڇي، توکان ڪجهه چوارائيندا، ۽ پوءِ انهيءَ هڪ ڳالهه تي ڳنڍ ٻَڌي، تنهنجي خيال جي ٻين سڀني اهم نڪتن کي وساري، توکي هر وقت پريشان
[7]ڪندا. مان انهن شخصن سان جنهن خاص روش اختيار ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهيو آهيان ۽ ٻين کي به ان جي صلاح ڏيئي رهيو آهيان، سا اها آهي، جيڪا مان جيڪر هڪ غلطڪار ۽ هٺيلي شرابيءَ سان رکان، جو منهنجي سورهن ورهين عمر جي معصوم پٽ کي پنهنجي عياشيءَ  ۾ شريڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي، مان انهيءَ عياش شرابيءَ تي رڳو رحم کائي سگهان ٿو، ۽ جيڪر کيس سڌارڻ جي ڪوشش ئي نه ڪريان، ڇاڪاڻ ته سمجهان ٿو ته ائين ڪرڻ ناممڪن آهي، هو سڌرڻ کان چڙهي چڪو آهي، ۽ جيڪو سو مون کي  منهنجي پٽ اڳيان ڏٺو ڪندو. مان جيڪر پنهنجي پٽ کي زور زبردستيءَ سان به هن کان جدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريان، ڇاڪاڻ ته منهنجو پٽ مجبوريءَ کان جيڪڏهن اڄ نه، ته سڀاڻي ضرور ان سان يا ان جهڙن ٻين شخصن سان جي ملڻ چاهيندو ته وڃي ملندو. مان ته پنهنجي پٽ کي ان شخص جي برائي به جيڪر نه ٻڌايان. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هو پاڻ اها برائي ڳولهي لهي. مان رڳو پنهنجي پٽ جو روح کي اهڙي نموني ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس، جيئن هو، انهن خوار خراب شخصن جي عيش آرام تي هر کجي، پاڻ کي خراب ڪرڻ لاءِ آماده نه ٿئي، نه ته ٻيءَ حالت ۾، مان رڳو ’ڪانون اڳيان موتي ڦٽي ڪري‘، پنهنجي رهي کُهي طاقت ضايع ڪندس، ۽ هو قيمتي موتين کي پنهنجي غليظ چهنب سان ٺونگي ٺونگي پيرن هيٺان لتاڙي، رڳو مون کي، توکي ۽ ن. ن. کي نه، پر هيڏيءَ ساريءَ هيبتناڪ اونده ۾ هر ٻرندڙ ڏيئي کي اجهائي ختم ڪري ڇڏيندا.    

۽ اهڙيءَ طرح، ڳالهه پٺيان ڳالهه ڪندي، مان سنئون سڌو ۽ اتفاق سان هاڻ تنهنجي خط جي ٻئي ۽ مکيه نُڪتي تي آيو آهيان. ”اسان عام ماڻهن جون اکيون ڪيئن کوليون، ۽ کين خراب ماڻهن جي صحبت کان ڪيئن بچايون، جڏهن اسان کي زور زبردستيءَ سان ائين ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٿو؟ الهامي تعليم جي ڪاميابيءَ کي ڪيئن پهچون؟ جڏهن عام ماڻهو منهنجي اکين اڳيان تباه ۽ برباد ۽ قتل ڪيا وڃن ٿا، تڏهن ڇا مان سندن پاسو نه کڻان، يا جيڪڏهن مون کي مدد لاءِ پڪارين، ته کين آزاد ڪرڻ جي لاءِ ضروري طاقت ۽ تشدد استعمال نه ڪريان؟“ منهنجو خيال آهي ته عام ماڻهن جي حمايت به، طاقت ۽ تشدد جي استعمال سان، نه ڪرڻ گهرجي، ۽ نه وري کين اهڙيءَ ريت آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ئي ڪجي، ڇاڪاڻ ته زور زبردستيءَ – برائيءَ – ذريعي ڀلائي ڪرڻ جي ڪوشش نه رڳو ناممڪن، پر معقول پڻ آهي.

منهنجا پيارا دوست! خدا جي واسطي، تڪڙ نه ڪر، جوش ۾ هوش نه وڃاءِ، ۽ پنهنجي خيالن جي صحت ۽ سچائيءَ جا ثبوت ايجاد ڪرين، تنهن کان اڳ ضروري آهي ته منهنجي لفظن تي نه، پر انجيل مقدس جي لفظن تي، ۽ انهن تي به خدا، يسوع مسيح يا ٻئي ڪنهن جي چيل لفظن طور نه، پر هڪ سڀ کان صاف، سولي، عملي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ تعليم طور، سوچ ويچار ڪر!

منهنجي اکين اڳيان جيڪڏهن ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي ماريندي هجي، ته مان ڇا ڪريان؟ ياد رک ته سوال اهو آهي ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي، يعني مناسب ۽ معقول ڇا آهي، ۽ نه اهو ته اهڙيءَ حالت ۾ منهنجو پهريون جذبو يا پهريون رد عمل ڪهڙو ٿيندو. اسان جي جڏهن به شخصي بي عزتي ٿيندي آهي، ته اسان ۾ سڀ کان پهريائين بدلي وٺڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي، پر سوال ٿو اُٿي ته ڇا اها ڳالهه معقول آهي؟ ساڳيءَ طرح هتي به اهو سوال ٿو اُٿي ته ڇا مٿي ذڪر ڪيل ماءُ جي خلاف طاقت ۽ تشدد استعمال ڪرڻ مناسب ٿيندو؟ جيڪڏهن ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي ماري ٿي، ته ڪهڙي ڳالهه آهي، جا مون کي ڏکوئي ٿي ۽ جنهن کي مان برو سمجهان ٿو؟ ڇا اها ڳالهه آهي ته هڪڙي معصوم ٻار کي تڪليف پهتي، يا هڪڙي بدنصيب ماءُ، مامتا جي فضيلت ماڻڻ بدران، ڪاوڙ جو دک ڀوڳي رهي آهي؟ منهنجو خيال آهي ته ٻئي ڳالهيون بريون آهن. هڪڙو ۽ اڪيلو انسان ڪڏهن به برائي نه ٿو ڪري سگهي. انسان جي وچ ۾ نفاق ئي برائي آهي، ۽ تنهنڪري جيڪڏهن مان ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو، ته فقط انهيءَ نفاق کي ناس ڪرڻ، ۽ ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ مڪمل اتفاق آڻڻ جي مقصد سان ئي ڪجهه ڪري سگهان ٿو. پوءِ ڀلا مان ڪهڙو قدم کڻان؟ ڇا ٻار جي ماءُ تي هٿ کڻان؟ ائين ڪرڻ سان ماءُ ۽ سندس ٻار جي وچ ۾ نفاق ته دور نه ڪندس، پر اٽلو انهيءَ ماءُ ۽ پنهنجي وچ ۾ نفرت جي هڪ نئين نگاه جو ٻج ڇٽيندس. پوءِ ڀلا ٻيو ڇا ڪريان؟ رڳو هيءُ ته مان پاڻ کي انهيءَ ٻار جي جاءِ تي رکان – ڪم از ڪم اهو نامعقول نه ٿيندو. ”دوستووسڪي“ جيڪي لکي ٿو – ۽ جنهن کان مون کي سخت نفرت آهي – سو مون اڳ ۾ ئي راهين، ۽ پوپ، پادرين کان ٻڌو آهي، يعني هيءُ ته لڙائي ڪرڻ جائز آهي، ڇاڪاڻ ته بچاءَ ۾ لڙي وڃي ٿي – اها پنهنجي ڀائرن جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ برابر آهي! مون انهيءَ جو هميشه هيءُ جواب ڏنو آهي: ”پنهنجو سينو سپر ڪري، پنهنجو يا ٻين جو بچاءُ ڪرڻ ٺيڪ آهي، پر بندوق سان ٻين جي جان وٺڻ، بچاءُ نه پر قتل ڪرڻ آهي.“

انجيل مقدس جي معنيٰ تي ذرا غور ڪر، ۽ تون ڏسندين ته ”چوٿون“ مختصر حڪم – ”بري سان برو نه ٿيءُ“، يعني برائيءَ جي بدلي ۾ برائي نه ڪر! – ئي، سڀ کان مکيه حڪم ته شايد نه، پر ايترو ضرور چوندس ته يسوع مسيح جي سموريءَ تعليم سان واسطو رکندڙ اهم ڪڙي آهي، ۽ ٺيڪ اهو ئي حڪم آهي، جنهن کي نام نهاد عيسائي تعليم نهايت حرفتبازيءَ سان لنوائي ڇڏيو آهي. اهو ئي اصول آهي، جنهن جي عدم – قبوليت کي، هر انهيءَ ڳالهه جي بنياد طور استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن کان تون نفرت ڪرين ٿو. ”نڪائيا ڪائونسل“ (Council of Nicaea)، جنهن هيترو سارو نقصان پهچايو آهي، سا پڻ مسيحي تعليم جي انهيءَ غلط فهميءَ جي بنياد تي ٻڌل هئي – يعني خود يسوع مسيح جي اوئلي خليفن جي ڏينهن ۾، سندس مقدس نالي ۽ چڱائيءَ جي پردي ۾ طاقت ۽ تشدد جي استعمال جي بنياد تي ٻڌل هئي – ان جي ترغيب خود متقي ”پال“ (Paul) ۽ ان جي قول اقوال ۾ موجود آهي - ۽ اڄ به نيڪيءَ جي نالي ۾ طاقت ۽ تشدد جي انهيءَ ترغيب ۽ استعمال سان، مسيحي تعليم جي معنيٰ ۽ تبليغ شروع ڪئي وڃي ٿي، ۽ مسخ ٿيندي ٿي رهي.

مون جڏهن به مسيحي پادرين توڙي سماجي انقلابين سان گفتگو ڪئي آهي، جي سڀئي مسيحي تعليم کي پنهنجي خارجي مقصدن جي حصول لاءِ هڪ هٿيار سمجهي ڪتب آڻڻ پنهنجو حق سمجهن ٿا، تڏهن انهن پادرين توڙي هنن نام نهاد سندن انتها پسند مخالف شخصن، يسوع مسيح جي مٿئين مکيه بنيادي حڪم کان هميشه ۽ باقاعدي انڪار ڪيو آهي، ۽ توکي خبر آهي ته ان وقت مان ڪيترو نه اداس ٿيندو آهيان. انهن پاڪ پادرين کي، مذهبي تعليم، صاف لفظن ۾، پنهنجن مخالفن کي تڙي ڪڍڻ، تڪليفن ڏيڻ ۽ ناس ڪرڻ يا خون خرابيءَ ۽ جنگبازيءَ لاءِ دعائن گهرڻ کان منع ڪئي آهي، اها ساڳي تعليم انقلابين کي به موجود شيطاني لاقانونيت ۽ بي ضابطگيءَ کي – جنهن کي اڄڪلهه ”قاعدو قانون“ يا ”ضابطو“ سڏيو وڃي ٿو – ختم ڪرڻ لاءِ، طاقت ۽ تشدد جي استعمال کان روڪي ٿي. معلوم ٿو ٿئي ته پاڪ پادري ۽ عزت ماب حڪمران، ”ضابطي“ ۽ تشدد کان سواءِ انساني زندگيءَ جي تصور به نه ٿا ڪري سگهن: انقلابين سان به اها ئي ڳالهه آهي. وڻ جي خبر سندس ميوي مان پوندي آهي، هڪ سٺو وڻ ڪڏهن به موتمار  ميوو نه ڏيندو – مسيحي تعليم به ساڳيءَ طرح ساهه گهٽڻ يا هٿن پيرن ۾ زنجيرن وجهڻ جو ڪم نه ڏيئي سگهندي. تنهنڪري انهن ٻنهي قسمن جا شخص، مسيحي تعليم کي بنيادي طرح بگاڙي، خراب ڪري، پاڻ کي سچ – سچ جي ڪنهن حصي پتيءَ نه، پر مڪمل سچ – مان ملندڙ طاقت کان محروم ڪري رهيا آهن. ”تلوار اڀي ڪندڙ، تلوار سان ئي تباه ٿيندا“ – اها ڪا پيشنگوئي نه، پر هڪ عام ڄاتل سڃاتل حقيقت جي تصديق آهي. انجيل (مئٿيو 6، 22 – 23 – 24) کي کڻي پڙهي ڏس. تون جنهن کي نيڪي ٿو سمجهين، سا ئي جيڪڏهن برائي آهي، ته پوءِ تنهنجي زندگيءَ ۽ تنهنجي عملن جي برائي ڪيڏي نه وڏي برائي هوندي! خدا ۽ شيطان ٻنهي جي ساڳئي وقت خذمت ڪرڻ ناممڪن آهي، ۽ انجيل مقدس جي تعليم اهڙي نامعقول نه آهي، جهڙي نموني ۾ پادري ان کي پيش ڪن ٿا. اتي هر ڳالهه بي قاعدي نه پر اهڙي ته حُسن ۽ انتظام سان بيان ٿيل آهي، جو ان جي سموريءَ تعليم سان سلسليوار ڳنڍيل پئي معلوم ٿئي. تنهنڪري بُري مان بُري نه ٿين وارو حڪم، ساري انجيل ۾ ساه سمان هلي ٿو، ۽ گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر ۾ ته، انهيءَ حڪم کان سواءِ، انجيل جي سموري تعليم بي معنيٰ آهي. نه رڳو انهيءَ حڪم کي ڪيترائي دفعا اهڙيءَ سادگيءَ ۽ صفائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي، جو هينئر ان کي لڪائي ئي نه ٿو سگهجي، نه رڳو يسوع مسيح جي پنهنجي زندگيءَ جو بيان انهيءَ حڪم جي عملي شڪل آهي، ۽ نه رڳو جان، ڪئفاس (Caiaphas) متعلق، چوي ٿو ته هو انهيءَ سچ کي نه سمجهي سگهيو ۽ عوامي مفاد جي نالي ۾ يسوع مسيح جي حياتي ورتائين پر انجيل ۾ سنئون سڌو ۽ صاف صاف بيان ٿيل آهي ته طاقت ۽ تشدد جي استعمال مان برائيءَ جو مقابلو ڪرڻ هڪ اهڙي خطرناڪ ۽ موتمار لالچ ۽ آزمائش آهي، جنهن جي شڪار ٿيڻ کان نه رڳو يسوع مسيح جا ٻيا ساٿي پر هڪ ڀيري خود يسوع مسيح به پنهنجو پاڻ بچائي ڪين سگهيو.

ان کان به وڌيڪ، هينئر مون کي ائين پيو نظر اچي ته جيڪڏهن يسوع مسيح ۽ سندس اها تعليم نه به هجن ها، ته مان پاڻ ئي انهيءَ سچ کي ڳولي لهان ها – هينئر اها ڳالهه مون کي اهڙي صاف، سولي ۽ سنئين سڌي نظر اچي ٿي! پڪ اٿم ته توکي به ائين ئي نظر ايندي. هينئر مان چڱيءَ طرح ڏسان ٿو ته جيڪڏهن مان پنهنجي ليکي ڪنهن تمام وڏيءَ برائيءَ خلاف ٿوري به سختي ۽ ڏاڍ مڙسي استعمال ڪندس، ته ٻيو به انهيءَ بنياد تي ٿوري سختي ۽ ڏاڍ مڙسي استعمال ڪندو، ۽ اهڙيءَ طرح ٽيون، چوٿون، ۽ ڏسندي ڏسندي، ظلم ۽ تشدد جا هزارين لکين ننڍڙا ننڍڙا ڪم گڏ ٿي، هڪ نهايت خطرناڪ برائيءَ جي صورت وٺي بيهي رهندا.

تو جيڪڏهن منهنجو عرض مڃيو آهي ۽ هن سِٽ تائين منهنجو خط صبر سان پڙهيو اٿيئي، ۽ پنهنجي راءِ جي ثابتيءَ ۾ دليلبازيءَ کان پرهيز ڪئي اٿيئي، ۽ جو ڪجهه مون پيش ڪيو آهي، تنهن کي سمجهيو اٿيئي، ته مون کي اميد آهي ته تون اقرار ڪندين ته، تنهنجي راءِ جي ابتڙ، هن خيال جي فائدي ۾ مظبوط دليل آهن، ۽ مون کي اميد آهي ته انجيل جي انهيءَ مختصر ترجمي ۽ تشريح پڙهڻ کان پوءِ، تون اڃا به وڌيڪ ان جو اقرار ڪندين!

جيتري قدر مان سمجهي سگهيو آهيان، تون هينئر هيٺينءَ ڪيفيت ۾ آهين: تنهنجو عقل تو کي ٻڌائي ٿو ته آءٌ صحيح آهيان، پر تنهنجي دل، برائيءَ سان عدم تشدد يا اهنسا وسيلي منهن ڏيڻ واري منهنجي ڳالهه، نٿي مڃي. تون پاڻ کي چوين ٿو: ” هن ۾ ڪانه ڪا غلطي ضرور هوندي، اهو دليل اڻپورو آهي، ۽ مان ضرور ڳولي ان کي ظاهر ڪندس ۽ ثابت ڪري ڏيکاريندس، ڇاڪاڻ ته ائين ٿي نٿو سگهي، جو يسوع مسيح جي تعليم- پنهنجي انسان ڀاءُ سان پيار ڪرڻ جي تعليم- اهو سيکاري ته دنيا ۾ پنهنجي اکين آڏو هر طرح جي خون خرابي ٿيندي ڏسي به هٿ هٿ تي رکي ماٺ ڪري ويهي رهجي!، تو چوين ٿو: هڪ ٻڍي ڪمزور شخص جي لاءِ، سُستڪاريءَ وچان، اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ ۽ عام ماڻهن کي برائيءَ اڳيان پيش پوڻ جو تاڪيد ڪرڻ ته خير ٺيڪ آهي- هن کي پاڻ کي ڪابه تڪليف نه آهي، سٺو کائي پئي ٿو، مطمئن آهي، جو گهري سو حاضر اٿس، پنهنجي زندگيءَ جي گرمجوشي گذاري چڪو آهي، ۽ هينئر مڙئي پنهنجا ڏينهن پيو پورا ڪري! پر بحث ڪرڻ کان سواءِ، مان محسوس ٿو ڪريان ته منهنجي روح ۾ جو سچ ۽ نيڪيءَ لاءِ پيار ۽ ڪوڙ ۽ بديءَ لاءِ ڌڪار جو ٻج موجود آهي، سو ڪو اجايو نه آهي، ۽ مان نه رڳو ان کي بيان ڪرڻ کان رهي  نه سگهندس، پر منهنجو فرض آهي ته مان ان کي پنهنجي زندگيءَ جو مکيه مقصد پڻ بڻايان؛ منهنجي زندگيءَ جو هر قدم، برائيءَ خلاف جهاد آهي، ۽ مون، پنهنجا ڄاتل سڃاتل سڀ ذريعا ڪم آڻي، سڀني براين خلاف جدو جهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: عام ماڻهن ۾ پنهنجي اصولن جي اثرائتي تبليغ، باغي فرقي وارن سان دوستي، حڪومت تي دٻاءُ، وغيره، وغيره.

توکي اهڙن خيالن تي آماده ڪندڙ احساس ڏاڍو سٺو احساس آهي، ۽ مان  ان ڪري به توسان محبت ڪريان ٿو. پر توکي ياد رکڻ گهرجي ته اهوئي احساس هو، جنهن ”پيٽر“ (Peter) کي تلوار کڻڻ ۽ هڪ زر خريد غلام جي ڪن وڍڻ تي آماده ڪيو هو. ويچار ڪر ته جيڪڏهن يسوع مسيح انهن احساسن کان کيس منع نه ڪري ها، ته ڇا ٿئي ها؟ فساد ٿي پوي ها. ممڪن آهي ته يسوع مسيح جا پوئلڳ ڪامياب ٿين ها ۽ جيروسلم تي به قبضو ٿي وڃين ها. پر، هو هڪڙن کي ماري ناس ڪن ها، ۽ ٻيا موٽ ۾ کين ماري ناس ڪن ها. پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته مسيحي تعليم جو ڪهڙو حشر ٿئي ها؟ سچ پڇ ته مسيحي تعليم جو نالو نشان به نه رهي ها، ۽ اسان لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪو اَڌار ۽ آسرو نه بچي ها. اسان هينئر اڪساڪوف ۽ سولوويوف کان به وڌيڪ قياس جوڳيءَ حالت ۾ هجون ها.

پنهنجي خيال کي وڌيڪ صفائيءَ سان پيش ڪرڻ لاءِ مان توکي ٻڌائيندس ته مسيحي تعليم مان منهنجي ڪهڙي مراد آهي- مسيحي تعليم جي مبهم ۽ مابعدالطبيعاتي معنيٰ نه، پر ان جي صاف، سولي ۽ جاندار معنيٰ ڪهڙي آهي. تون چوين ٿو ته عيسائيت جي معنيٰ آهي ”ڌڻيءَ ۽ پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪرڻ،. پر ڌڻي ڇا آهي؟ ”پيار ڪرڻ“ معنيٰ؟ هڪ غير محدود ۽ بي پايان چيز- ڌڻيءَ- سان پيار ڪرڻ جي ڇا معنيٰ آهي؟ ”پاڙيسري“ ڪنهن کي چئجي؟ ”مان“ ڪير آهيان؟

اهي لفظ منهنجي لاءِ هيءَ معنيٰ رکن ٿا: ڌڻيءَ سان پيار ڪرڻ معنيٰ سچ سان پيار ڪرڻ؛ پاڙيسريءَ سان به پاڻ جهڙو پيار ڪرڻ معنيٰ پنهنجي اَصُلَ، پنهنجي روح ۽ پنهنجي زندگيءَ جو هر انساني زندگيءَ سان –ابدي صداقت سان- ڌڻيءَ سان، لاڳاپو تسليم ڪرڻ. پر مان سمجهان ٿو ته اهي مبهم ۽ منجهيل لفظ ٻيءَ هڪ علحده معنيٰ ۾ به سمجهي سگهجن ٿا، ۽ گهڻا ماڻهو ته جنهن طرح آءٌ هنن لفظن کي سمجهان ٿو، تيئن انهن کي سمجهي ئي نٿا سگهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اهي لفظ نه مون تي ۽ نه وري ٻئي ڪنهن شخص تي ڪو فرض ئي عائد ڪن ٿا، ۽ نه وري اهي ڪنهن ڳالهه کي ڪو صاف ئي ٿا ڪن.

انهيءَ ڌڻيءَ سان پيار به ڪيئن ڪجي، جنهن کي هر شخص پنهنجي پنهنجي نموني ۾ سمجهي ٿو، جنهن کي ڪي شخص ته بنهه مڃين ئي نٿا؛ يا پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪيئن ڪجي، جڏهن هر وقت پاڻ سان پيار ڪرڻ جو جذبو مون کي ٻين سان پيار ڪرڻ جي مهلت ئي نٿو ڏئي، ۽ اڪثر ٻين کان نفرت ڪرڻ تي آماده ڪري ٿو؟ اهي لفظ اهڙا ته مبهم، منجهيل ۽ عمل ۾ نه اچڻ جهڙا آهن، جو محض بي  معنيٰ ۽ خالي لفظ ئي رهجي وڃن ٿا. منهنجي خيال ۾ ته اهو هڪ مابعدالطبيعاتي مسئلو آهي، هڪ تمام مکيه مسئلو؛ پر جڏهن زندگيءَ جي اصول ۽ قاعدي جي حيثيت ۾ ان کي سمجهيو وڃي ٿو، ته هڪ نامعقول نظريو پيو معلوم ٿئي. ۽ بد قسمتيءَ سان ان کي اڪثر سمجهيو به ائين ئي ويندو آهي.

هي سڀ ڪجهه مان رڳو هن ڳالهه جي سمجهائڻ لاءِ ٿو چوان ته، هر مذهب وانگر، عيسائيت جي اهميت به سندس مابعدالطبيعاتي اصولن ۾ نه (ڇاڪاڻ ته اهي مابعدالطبيعاتي اصول ته ساريءَ انسان ذات جي لاءِ- گوتم ٻڌ، ڪنفيوشش، سقراط، ۽ ٻين جا ٻڌايل- هميشه ساڳيا رهيا آهن، ۽ هميشه ساڳيا رهندا)، پر زندگيءَ ۾ انهن جي استعمال، ۽ اُن استعمال سان حاصل ڪيل انسان ذات ۽ هر انسان جي خوشحاليءَ جي زنده مثالن، ۽ انهن جي پنهنجي عملي حيثيت، ۽استعمال جي قاعدن قانونن ۾ ئي آهي.

توريت (باب ه) ۾ ته اول ئي چيل هو ته ”ڌڻيءَ ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪريو!“ پر توريت ۾ انهيءَ اصول جو استعمال فقط طهر ڪرائڻ، آچر جي مقدس ڏينهن ملهائڻ، ۽ مروج فوفجداري قانون جي پيروي ڪرڻ تائين محدود آهي!

عيسائين جي اصلي اهميت پيار جي قانون تي عمل ڪرڻ جي امڪان ۽ ان مان ملندڙ دل جي راحت جي خوشخبريءَ جي بيان سمجهائڻ ۾ آهي. يسوع مسيح، پنهنجي جبل تي بيهي ٻڌايل خطبي (Sermon on the Mount) ۾ صاف صاف ٻڌايو هو ته انهيءَ پيار واري اصول کي پنهنجي شخصي ۽ ٻين ماڻهن جي عام خوشيءَ لاءِ ڪيئن عمل ۾ آڻي سگهجي ٿو ۽ آڻڻ گهرجي. انهيءَ ساڳئي خطبي- جنهن کان سواءِ مسيحي تعليم رهي ئي نه ها- جنهن ۾ يسوع مسيح پڙهيل لکيل عالمن ۽ فاضلن کي نه، پر اڻ پڙهيلن ۽ اڻ گهڙيلن کي خطاب ڪيو هو،  ۽ جنهن جي تمهيد ۾ هو ان شخص جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو انهن مسيحي حڪمن مان ڪنهن به هڪ کي پورو نٿو ڪري. . . ۽ جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ هو چوي ٿو ته اصول کي بيان ڪرڻ نه، پر ان تي عمل ڪرڻ ضروري آهي- هُن جي انهيءَ هڪ خطبي ۾ سڀ ڪجهه چيل آهي، ۽ ان جي تعليم کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ مزيد پنج حڪم به ڏنل آهن.

جبل تي ڏنل انهي خطبي ۾، ڌڻيءَ ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان پيار جي اصول تي عمل ڪرڻ جا سادي ۾ سادا، سولي ۾ سولا ۽ تمام سهوليت سان سمجهه ۾ ايندڙ قاعدا بيان ٿيل آهن، ۽ حقيقت اها آهي ته مذڪور اصول کي مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ کان سواءِ، عيسائيت جو نالو کڻڻ به ناممڪن آهي؛ ۽ هي چوڻ ڪيترو به عجيب ڇو نه لڳي، پر مان چوندس ته، 1800ورهين کان پوءِ، اهي ساڳيا قاعدا مون کي ڄڻ ته نئين سر ڳولي لهڻا پيا آهن. انهن قاعدن کي سمجهڻ کان پوءِ ئي، مان مسيحي تعليم جي اهميت کي سمجهي سگهيو آهيان.

اهي قاعدا هر شخص ۽ سموريءَ انسان ذات جي پوريءَ زندگيءَ لاءِ هڪ اهڙيءَ ته همه گيرت جا حامل آهن، جو اسان جيڪڏهن انهن تي رڳو عمل ڪريون، ته اسان جي اکين اڳيان، هن ڌرتيءَ تي، هوند سچ جي حڪومت هڪدم قائم ٿي وڃي.

پوءِ تون انهن قاعدن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ لاڳو ڪري، کين الڳ الڳ جاچي ڏس، ته خبر پويئي جي حاصلات به اِنهن ئي واضح، سادن ۽ صاف قدرتي قانونن تي عمل ڪرڻ ذريعي ممڪن آهي، جي نه رڳو سولا، پر عملي طور اطمينان بخش ۽ دلپذير پڻ آهن. سچ جي حڪومت کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ انهن حڪمن مان ڪنهن به هڪ کان انڪار ڪرڻ ممڪن به آهي؟ نه! مان جيڪڏهن مسيحي تعليم جي انهن پنجن قاعدن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڄاڻان ها، ته مان تڏهن به اڄ جهڙو عيسائي هجان ها.ڪاوڙ نه ڪريو، نفساني خواهش نه رکو. قسم نه کڻو، ڪورٽن ۾ نه وڃو، پاڻ ۾ نه وڙهو،- منهنجي لاءِ ته اهوئي مسيحي تعليم جو نچوڙ آهي.

مسيحي تعليم جي اها صاف ۽ سادي سمجهاڻي عام ماڻهن کان لڪائي ويئي آهي، ۽ تنهنڪري انسان ذات سدائين، انهيءَ تعليم کان انحرافي ڪري، ٻن انتها پسند فرقن ۾ ورهايل پئي رهي آهي.

ڪن شخصن، مسيحي تعليم ۾ روح جي نجات جي ڳالهه ڏسي، هڪ اڻ گهڙيل تصور-۾- آندل ابدي زندگيءَ خاطر، هن دنيا کي ترڪ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ ڳالهه ۾ ئي مشغول رهن ٿا ته هو پنهنجي روح لاءِ ڇا ڪن،  ۽ اڪيلائيءَ ۾ ويهي پاڻ کي ڪيئن مڪمل بڻائين – جنهن ڳالهه تي جيڪڏهن قياس نه ٿو اچي، ته عجب ضرور لڳي ٿو، ۽ انهن حضرتن، پاڻ کي عام ماڻهن کان الڳ رکي، اڪيلائي ۾ صرف پاڻ ۽ پنهنجي روح کي معراج تي پهچائڻ جي ناممڪن ۽ نامعقول ڪم ۾ عمريون ضايع ڪيون آهن. ٻيا ڪيترائي بهترين شخص وري، پهرين جي بنهه ابتڙ، آئنده زندگيءَ ۾ اعتبار نه رکي، رڳو عام ماڻهن جي لاءِ ئي زنده رهيا آهن، ۽ اهو نه ڄاتائون، ۽ نه وري انهيءَ ڄاڻڻ جي مرضي هُين، ته کين پاڻ لاءِ ڇا کپندو هو، يا ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪهڙين ڳالهين جي ضرورت هُئي، يا سندن ان ٻين جي ڀلائيءَ لاءَ جيئڻ جو اصل مقصد ڪهڙو هو.

مان ته ائين ٿو سمجهان ته اهي ٻئي ڳالهيون لازم ملزوم آهن، ڪو به شخص ٻين سان ملڻ جلڻ ۽ ساڻن ڀلائي ڪرڻ کان سواءِ، پاڻ سان ڪڏهن به ڀلائي نه ڪري سگهندو، ۽ ساڳيءَ طرح پنهنجي ضرورتن ڄاڻڻ ۽ انهن کي پوري ڪرڻ کان سواءِ، هو ڪڏهن به ٻين سان ڀلائي نه ڪري سگهندو. مان پهرئين قسم جي شخصن سان پيار ڪندي به، سندن تعليم کان نفرت ڪريان ٿو، ۽ ساڳيءَ طرح ٻئي قسم جي شخصن سان پڻ دليون جانيون پيار ڪندي به، سندن تعليم کان ساڳي نفرت ڪريان ٿو. منهنجي نظر ۾ اها ئي تعليم سچي ۽ صحيح آهي، جيڪا هڪ اهڙي عمل جي راه ڏيکاري، جنهن تي هلي، اسان پنهنجي روح جون ضرورتون پوريون ڪري سگهون، ۽ ساڳئي وقت پاڻ کان سواءِ ٻين عام ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ به هر دم سرگرم رهون.

يسوع مسيح جي اها ئي تعليم آهي. اها تعليم جيترو مذهبي گوشه نشينيءَ ۽ پنهنجي روح بابت اڻ تڻ کان پري آهي، اوترو ئي انهيءَ شخص کي پنهنجي ”انقلابي“ جوش کان پري رکي ٿي، جيڪو ٻين سان ڀلائي ڪرڻ جي خواهش ته رکي ٿو، پر نه ٿو ڄاڻي ته سچي، پر ضرر ۽ لافاني ڀلائي ڇا منجهه آهي.

مسيحي زندگيءَ ۾، پاڻ سان، پنهنجي  روح سان، ڀلائي ڪرڻ کان سواءِ، ٻين سان ڀلائي ڪرڻ، يا پنهنجي پاڙيسرين سان ڀلائي ڪرڻ کان سواءِ، پاڻ سان ڀلائي ڪرڻ ناممڪن آهي. مسيحي زندگي، گوشه نشينيءَ ۽ گوڙ گهمسان، ٻنهي کان هڪ جيترو پري آهي.

تنهنجي طبيعت جهڙا نوجوان شخص سچيءَ مسيحي تعليم کي وهمي

 

۽ ضعيف العتقاد راهبن جي گوشه نشيني سان هم آهنگ تصور ڪن ٿا، ۽ تون ائين ٿو سمجهين ته طاقت ۽ تشدد جي استعمال سان برائيءَ کي روڪڻ کان انڪار ڪرڻ ڏاڍو آسان ۽ سهوليت وارو آهي، ۽ ائين ڪرڻ سان عيسائيت جو مقصد زائل ٿئي ٿو، ۽ مسيحي تعليم طاقت وڃائي ڪمزور ٿئي ٿي. پر اهو غلط آهي. توکي سمجهڻ گهرجي ته يسوع مسيح جو پوئلڳ انهيءَ ڪري طاقت ۽ تشدد جي استعمال کان پري نه ٿو رهي، جو هو، جن شين سان تون پيار ڪرين ٿو، انهن سان پيار نه ٿو ڪري، يا هو صاف طور اهو نه ٿو ڏسي ته بُرائي کي ڏسندي ئي هر شخص کي ان جي خلاف تشدد جي هٿيار جو استعمال ئي موزون ۽ مناسب نظر ايندو آهي، پر انهيءَ ڪري، جو هو ڏسي ٿو ته تشدد ۽ طاقت جو استعمال کيس پنهنجي مقصد ڏانهن نيڻ بدران، ان کان پري ڪري ٿو - ۽ اها ڳالهه کيس معقول نظر نه ٿي اچي. تشدد ۽ طاقت جي استعمال کان پري رهڻ ڪو آسان نه آهي، جهڙيءَ ريت لٺ کڻي زمين کي ويهي مارڻ کان ڪوڏر سان زمين کوٽڻ آسان نه آهي. پر هن جي لاءِ تشدد ۽ طاقت جي استعمال کان پري رهڻ فقط ان ڪري آسان ٿي پيو آهي، جو هو ان ڳالهه ۾ پڪو ايمان رکي ٿو ته يسوع مسيح جي چوڻ موجب، ڌڻيءَ جي مرضيءَ کي تڏهن ئي بهترين نموني ۾ پورو ڪري سگهندو، جڏهن برائيءَ جو مقابلو تشدد ۽ طاقت جي استعمال سان نه، پر نيڪيءَ ۽ سچائيءَ سان ڪندو. تون باهه کي باهه سان نه اُجهائي سگهندين، پاڻيءَ کي پاڻيءَ سان خشڪ نه ڪري سگهندين، ۽ نه وري برائيءَ کي برائيءَ سان ناس ڪري گهندين. عام ماڻهو ته اصل کان ائين ئي ڪندا رهيا آهن، ۽ تون پاڻ ڏسين ٿو ته انهن ڳالهين اسان کي اڄ ڪهڙا ڏينهن ڏيکاريا آهن. وقت آيو آهي، جو انهيءَ پراڻي طريقه کي ترڪ ڪري، هڪ نئون ۽ وڌيڪ معقول ۽ مناسب رستو اختيار ڪريون. دنيا ۾ جيڪڏهن ٿورو گهڻو سڌارو ٿيو به آهي، ته انهيءَ ڪري، جو ڪن خدا جي بندن، برائيءَ جي عيوض ڀلائي ڪئي آهي. ڪهڙي نه چڱي ڳالهه ٿئي ها، جو طاقت جي زور سان برائيءَ جي مقابلي ۾ خرچ ٿيل ڪوششن جي هزارين پتي، برائيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ بغير، برائيءَ کي صبر سان برداشت ڪرڻ، ۽ انسانيت جي روشني – انسان جي شرافت جي روشني پکيڙڻ ۾ خرچ ٿئي ها. ڇو نه تجربي طور ئي اها ڪوشش ڪري ڏسجي؟ پراڻي رستي تي هلڻ سان ته ڪجهه نه مليو، تنهنڪري ڇو نه نئين واٽ وٺون – جڏهن اها نئين واٽ وڌيڪ صاف، کليل ۽ وڻندڙ به آهي؟ مثال طور، گذريل ويهن سالن جي روس تي ئي کڻي ويچار ڪر. اسان جي نوجوان روشن خيال طبقي، سچ کي بحال ڪرڻ ۽ عوام سان ڀلائي ڪرڻ لاءِ ڪيتري سچي منصفانه خواهش ۽ خود قربانيءَ جي چستي ڏيکاري آهي؟ ۽ ان سڀ مان هن مهل تائين ڇا هڙ حاصل ٿيو آهي؟ ڪجهه به نه! ”ڪجهه به نه“ کان به ڳالهه وڌيڪ حوصله شڪن آهي. بي انداز روحاني قوتون خوامخواهه ضايع ٿيون آهن، زمين تي لٺيون هڻي هڻي، لٺيون ڀڄي پيون، زمين اڳي کان وڌيڪ سخت ٿي پيئي، ۽ نتيجو اهو نڪتو، جو کاٽي کڻڻ لاءِ مرڳو ڪوڏر ئي بيڪار ٿي ويئي. نوجوانن جي انهن خطرناڪ قربانين، بندوقبازين، خفيه ڇاپخانن جي بندوبست، وغيره، بدران ڇا ٿي پوي ها، جيڪڏهن اهي شخص رڳو يسوح مسيح جي تعليم ۾ اعتبار  رکن ها، يعني ائين سمجهن ها ته عيسائي زندگي ئي معقول زندگي آهي؟ ڇا ٿي پوي ها، جيڪڏهن طاقتن جي انهيءَ خطرناڪ ڇڪتاڻ بدران، هڪ، ٻه، ڏهه ٻارهن يا سؤ ڏيڍ شخص فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ وقت رڳو ائين چون ها: ”اسان خونين جي حيثيت ۾ ڪا به خذمت نه ڪري سگهنداسين، ڇاڪاڻ ته اسان يسوع مسيح جي تعليم ۾ اعتبار رکڻ وارا آهيون – جنهن جي توهان پاڻ به دعويٰ ڪريو ٿا. يسوع مسيح جي حڪم اسان کي اهڙي ڪم کان منع ڪئي آهي“ – جيڪڏهن هو وفاداريءَ جي قسم کڻڻ وقت، ۽ عدالتن ۾، ائين چون ها، ۽ جيڪڏهن ملڪيت کي محفوظ رکڻ لاءِ تشدد ۽ طاقت استعمال ڪرڻ وقت به، ائين چون ها ۽ ان تي عمل ڪري ڏيکارين ها؟ مون کي خبر نه آهي ته ان مان فوري ڪهڙي نتيجو نڪري ها، پر ايترو سمجهان ٿو ته معاملو مڙيئي ڪجهه اڳتي وڌي ها، ۽ انهيءَ رستي تي هلڻ سان ئي اسان جا مقصد برصواب ٿيندا اچن ها – يعني مسيحي تعليم جي خلاف هر سرگرميءَ کان نابري وارڻ، ان سلسلي ۾ مسيحي تعليم کي صفائيءَ ۽ همت سان بيان ڪندو رهڻ، ۽ اهو سڀ رڳو ڪن ظاهري مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نه، پر پنهنجي ضمير جي اطمينان ۽ تسڪين لاءِ، جنهن جي معنيٰ اها ئي آهي ته ”جيڪڏهن ڪنهن سان ڀلائي نه ٿي ڪري سگهجي، ته ان سان برائي به نه ڪرڻ گهرجي“.

تون پنهنجي سوالن ۾ پڇين ٿو ته ”اسان کي ڪهڙي ڪوشش ڪرڻ گهرجي؟“ منهنجو ته اهو جواب اٿيئي. اسان کي گهرجي ته پاڻ مسيحي حڪمن بجا آڻڻ ڪري حاصل ٿيل دل جي روشنيءَ ۽ من جي خوشيءَ کان واقف ڪريون. اهو سڀ ڪجهه، وري به انجيل مقدس (مئٿيو 5، 13 – 16) ۾ زياده بهتر نموني سمجهايل اٿيئي.

مون کي، تنهنجي طرفان هڪ ٻيو اعتراض به سُجهي ٿو. تون چوندين: انهن حڪمن کي عمل ۾ ڪيئن آڻجي، ۽ اهي حڪم اسان کي ڇا کڻي ڏيندا، سا ڳالهه ته صاف ٿيل ئي ڪا نه آهي، ۽ انهن حڪمن مطابق اسان ملڪيت، حڪومت ۽ بين الاقوامي معاملن سان ڪهڙو وهنوار رکون؟

تون سمجهين ٿو ته يسوع مسيح جي لفظن ۾ هڪ قسم جو ابهام آهي، پر حقيقت ۾ يسوع مسيح جا لفظ ته سج چنڊ کان به وڌيڪ صاف آهن. حڪومت سان ڪهڙو وهنوار رکجي. سو ”ڏن جي پئسن واريءَ آکاڻيءَ“ ۾ ڏنل اٿيئي. پئسو – ملڪيت – ته هڪ غير مسيحي چيز آهي، جا حڪومت وٽان اچي ٿي، تنهنڪري آزاد روح، مطلق حق يعني ڌڻيءَ کان آيو آهي، ۽ تنهنڪري تنهنجو فرض آهي ته تون پنهنجي سموري سرگرمي – پنهنجي معقول ۽ مناسب آزاديءَ جو عمل – ڌڻيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به نه ڏي. هو توکي ماري سگهن ٿا، پر پنهنجي هٿ سان ڪنهن کي مارڻ، يا ٻئي ڪنهن غير – مسيحي ڪم ڪرڻ لاءِ، توکي مجبور نه ٿا ڪري سگهن. ملڪيت، انجيل مقدس ۾ ته ملڪيت آهي ئي ڪا نه، ۽ افسوس آهي انهن شخصن تي، جيڪي پاڻ وٽ ملڪيت رکن ٿا. يعني هنن ويچارن جي نهايت بري حالت آهي. تنهنڪري هڪ مسيحي، ڪهڙيءَ به حيثيت ۾ هوندو، ملڪيت جي معاملي ۾ هو ڪڏهن به تشدد ۽ طاقت جي استعمال ۾ شريڪ نه ٿيندو، ۽ ٻين کي ضرور سمجهائيندو ته ملڪيت هڪ قسم جي رڃ ۽ ڏٺو وائٺو دوکو آهي، ملڪيت ته آهي ئي ڪا نه، هي سڀ ڪجهه هڪ قسم جي رسمي ڏاڍ مڙسي آهي، جا عام ماڻهو دنيوي بي بقا شين جي استعمال لاءِ روا رکندا ٿا رهن، ۽ جيڪا ڏاڍي خراب آهي. هڪ اهڙي شخص جي لاءِ ملڪيت جو سوال ته اٿي ئي نه ٿو سگهي، جو پنهنجي چوغي کسجڻ تي ماڻهن کي پنهنجو ڪوٽ به لاهي ڏئي. بين الاقوامي تعلقات جو سوال به ساڳيءَ طرح ڪو  نه ٿو اٿي سگهي. سڀ انسان هڪجهڙا ڀائر آهن، ۽ جيڪڏهن ڪو ”زولو“ وحشي منهنجي ٻارن کي ڪباب ڪرڻ ايندو، ته مان فقط کيس اها ئي ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته اهو ڪم سندس پنهنجي لاءِ سٺو ۽ مفيد نه آهي، سندس طاقت اڳيان پيش پوڻ سان گڏوگڏ کيس بس اها ئي ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس – خاص طور جڏهن منهنجي لاءِ هن سان وڙهڻ ۾ ڪو به فائدو نه آهي. يا ته هو مون کان ڏاڍو ٿي ويندو، ۽ منهنجا اڃا به گهڻا ٻار ڪباب ڪري کائيندو، يا مان کيس شڪست ڏيئي سگهندس - ۽ منهنجا ٻار اڄ نه ته سڀاڻي بيمار ٿي، انهيءَ کان ئي وڌيڪ خراب حالت ۾ مري ويندا. ڇا به هجي، پر پيش پوڻ وارو منهنجو عمل بهرصورت يقيناً بهتر ئي آهي، ۽ مقابلي واري عمل جا نتيجا بنهه بي ڀروسي آهن.

تنهنڪري منهنجو جواب ته اهو اٿيئي: اسان سٺي ۾ سٺو ڪم اهو ئي ڪري سگهون ٿا ته يسوع مسيح جي سموريءَ  تعليم تي پاڻ عمل ڪريون، ۽ ائين ڪرڻ جي لاءِ پهريائين ان ڳالهه ۾ يقين رکون ته مسيحي تعليم اسان مان هر شخص ۽ ساريءَ انسان ذات جي لاءِ برحق آهي. توکي اهڙو يقين آهي؟

مان سمجهان ٿو ته تنهنجو مضمون ڇاپڻ ڏاڍو مفيد ٿيندو، پر ان ۾ آيل شخصن جا نالا مخفي رکڻ گهرجن.

منهنجو خيال آهي ته تون مون کان ٻه ٻيا سوال به پڇندين. پهريون اهو ته ’جيڪڏهن، جيئن مون چيو، هڪ ”زولو“ وحشيءَ يا هڪ پوليس واري اڳيان پيش پئجي، ۽ برو ماڻهو جو ڪجهه ڦرڻ چاهي، سو سڀ کيس پنهنجي هٿن سان کڻي ڏجي، يا جيڪڏهن قانوني عدالتن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٻين سرڪاري ادارن ۾ حصو نه وٺجي ۽ ڪنهن به ملڪيت جي دعويٰ نه ڪجي، ته سماجي ڏاڪڻ جي سڀ کان هيٺئين ڏاڪي تي هوند اچي ڪرجي، ۽ پينو فقير ٿي دربدر ڀٽڪڻو پوي، ۽ اسان جي اندر ۾ جا روشني رکيل آهي، سا ضايع ٿي وڃي، ۽ ان مان ڪو به فائدو نه وٺي سگهي – تنهنڪري ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته انسان محتاجيءَ کان بچڻ لاءِ پاڻ کي هڪ مقرر سماجي معيار تي قائم رکي، ۽ ان معيار جي لاءِ ٿوري گهڻي تعليم ۽ جيترو ٿي سگهيس اوترو عام ماڻهن سان ميل ميلاپ رکڻ جي ڪوشش ڪري؟‘ سچ پچ صورتحال ڏسڻ ۾ ائين ٿي اچي، پر اها به حقيقت آهي ته اها رڳو ڏسڻ ۾ ائين ٿي اچي؛ جو اسان پنهنجي زندگيءَ جي سکن، پنهنجي تعليم، ۽ ٻين سڀني خيالي خوشين کي وڏي اهميت ڏيون ٿا؛ ان کان سواءِ اسان باقي ٻي جيڪا به ڳالهه چئون ٿا، تنهن ۾ سچا نه آهيون. تنهنجو اهو خوف صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته انسان سماجي طور ڪيترو به هيٺانهين درجي تي ڇو نه بيٺو هجي، هو هميشه ٻين پاڻ جهڙن انسانن جي صحبت ۾ رهندو، ۽ تنهنڪري انهن سان ڪنهن نه ڪنهن چڱائي ڪري سگهڻ جي طاقت منجهس اوس رهندي. پر اهو سوال ته- ڇا يونيورسٽيءَ جا پروفيسر، عيسائيت جي ڪم لاءِ، محتاج خاني جي مسڪينن يا سراءِ: جي مسافرن کان وڌيڪ اهميت وارا ۽ مفيد نه آهن؟ هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جو قطعي جواب ڪنهن وٽ به ڪونهي. منهنجو پنهنجو احساس ۽ يسوع مسيح جو عملي مثال، مسڪينن جي حق ۾ ئي ان جو جواب پيش ڪن ٿا.

رڳو مسڪين ۽ غريب ئي انجيل جي تبليغ يعني معقول زندگيءَ جي تبليغ، ڪري سگهن ٿا. مان ڪيترا به دليل ڏيان ۽ سچي نيت رکان، پر جيستائين ٻيا اهو ڏسندا ته مان هڪ وڏي محلات ۾ رهان ٿو، ۽ پنهنجي ڪٽنب سان هڪ ڏينهن ۾ ايترو خرچ ڪريان ٿو، جنهن سان هڪ ضرورتمند ڪٽنب جي لاءِ ٻارهن مهينن جو کاڌو ميسر ٿي سگهي ٿو، تيستائين هڪڙو شخص به مون تي اعتبار نه ڪندو، ۽ جيستائين اسان جي وڏي فخر واريءَ تعليم جي نعمت جو تعلق آهي. وقت آيو آهي، جو اسان ان کي نعمت ڪوٺڻ ئي ڇڏي ڏيون. اها تعليم انسان کي پوريءَ ريت خراب ڪري سگهي ٿي، (۽ سؤ مان نوانوي کي يقيني طور خراب ڪري رهي آهي.) پر سندس چڱاين ۾ ڪو به واڌارو نه ٿي ڪري. توکي ”ستائيف“ جي ته ضرور خبر هوندي. هو هڪ اڻ پڙهيل ڪڙمي آهي، پر عام ماڻهن ۽ اسان جي روشن خيال طبقي تي سندس اثر، روس جي سڀني عالمن، فاضلن، اديبن، شاعرن – ”پشڪن“، ”بيلنسڪي“، ۽ ”تريدياڪووسڪي“[8]کان وٺي، ويندي اڄ ڏينهن جي استادن تائين، سڀني کان گهڻو وڌيڪ ۽ گهڻو اهم آهي. تنهنڪري ان معاملي ۾ به نقصان جي گنجائش ڪانهي، ۽ هر اهو شخص، جو پنهنجو گهر، پيءُ ماءُ، ڀائر ڀينر يا ٻار ٻچا ڇڏي نڪري ٿو، سو نه رڳو هن دنيا ۾ ئي سوين گهر، ماءُ پيءُ، ڀائر ڀينر  ۽ ٻار ٻچا ڏسندو، پر هڪ ابدي، لازوال زندگي پڻ ماڻيندو، ۽ ڪيترائي، جي پيش پيش آهن، پوئتي رهجي ويندا. (انجيل، مئٿيو 19، 29 – 30)  

انهيءَ سوال مان سنئون سڌو ۽ پنهنجو پاڻ هڪ ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو: ’چڱو ، پر اهو ته تون – ليئو نڪولائي وچ – چوين ٿو، پر ان تي عمل ڪيئن ٿيندو؟‘          

اهو بلڪل قدرتي سوال آهي، ماڻهو هميشه مون کان اهو ئي سوال پڇندا آهن، ۽ هميشه ڪاميابيءَ سان منهنجو وات بند ڪري ڇڏيندا آهن. ’تون وعظ ته ڪرين ٿو، پر پاڻ رهين ڪيئن ٿو؟‘ ۽ مان جواب ڏيندو آهيان ته مان ائين ڪو نه ٿو چوان، مان ڪجهه ڪو نه ٿو چئي سگهان، جيتوڻيڪ دلي خواهش اٿم ته ائين چوان. مان ته پنهنجي عملن سان ئي ڪجهه چئي ٿي سگهيس، ۽ منهنجا عمل خراب آهن. مان جو ڪجهه چوان ٿو، سا ڪا نصيحت يا ڪو وعظ نه، پر مسيحي تعليم جي غلط سمجهاڻيءَ جي ترديد ۽ ان جي صحيح ۽ سچي معنيٰ جي سمجهاڻي آهي. مسيحي تعليم جي معنيٰ اها نه آهي ته اسان ان جي نالي ۾، تشدد ۽ طاقت جي استعمال سان سماج جي نئين تنظيم ڪريون: مسيحي تعليم جو مقصد آهي ته اسان هن دنيا ۾ پنهنجي زندگيءَ جي صحيح ۽ سچي معنيٰ دريافت ڪريون. يسوع مسيح جي مٿي ذڪر ڪيل پنجن حڪمن جي تعميل ئي اها معني ٻڌائي ٿي. جيڪڏهن تون عيسائي ٿيڻ چاهين ٿو، ته توکي اهي پنج حڪم پورا ڪرڻا پوندا، پر جيڪڏهن تون انهن کي پورا ڪرڻ نه ٿو چاهين، ته مهرباني ڪري عيسائيت جو نالو نه کڻ!    

ماڻهو مون کي چون ٿا – پر جيڪڏهن ’تون سمجهين ٿو ته انهيءَ مسيحي تعليم جي تعميل کان سواءِ زندگي غير معقول آهي، ۽ جيڪڏهن تون معقول زندگيءَ سان محبت ڪرين ٿو، ته پوءِ انهن حڪمن جي تون پاڻ تعميل ڇو نه ٿو ڪرين؟‘ مان انهن کي چوان ٿو ته مان هڪ نجس ۽ غليط شخص آهيان، ۽ انهن حڪمن جي عدم تعميل سبب لعنت ۽ ملامت جي لائق آهيان. پر تنهن هوندي به مان پنهنجي بي اصوليءَ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ نه، پر ان جي سمجهاڻيءَ طور چوان ٿو: اوهان منهنجي پهرينءَ ۽ اڄوڪيءَ زندگيءَ تي ويچار ڪري ڏسندو، ته مان انهن حڪمن کي پوري ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪريان ٿو. ائين برابر آهي ته اڃا ان تعميل جي ڏهه هزارين پتي به پوري نه ڪئي اٿم (ان لاءِ بيشڪ ملامت جي لائق آهيان)، پر ان ۾ مان هن ڪري پوئتي ڪو نه ٿو پوان ته مان ڪو انهن حڪمن کي پورو ڪرڻ نه ٿو چاهيان، پر ان ڪري، جو مون کي اڃا پوري خبر نه آهي ته آءُ انهن کي ڪيئن پورو ڪريان. توهان ئي کڻي مون کي ٻڌايو ته مان نفساني خواهشن ۽ هن مايا ڄار مان ڪيئن آجو ٿيان، منهنجي مدد ڪريو، ۽ مان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته انهن حڪمن کي پوري ڪرڻ جي باقاعدي ڪوشش ڪندس، پر اوهان جي مدد يا ٻيءَ ڪنهن اهڙيءَ ٻاهرينءَ مدد کان سواءِ به، مان ائين ڪرڻ جي ڀرپور خواهش ۽ اميد رکان ٿو. مون کي ڀلي ڏوهه ٿيو – مان پاڻ به پاڻ کي ڏوهه ڏيندو آهيان – پر ڏوهه مون کي ئي ڏيو ۽ نه منهنجي رستي کي، جنهن تي مان هلڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، ۽ ٻين کي به ٻڌايان ٿو ته منهنجي خيال ۾ صحيح رستو ڪهڙو آهي! مان جيڪڏهن پنهنجي گهر جي رستي کان واقف آهيان، ۽ نشي ۾ مست ٿي ٿڙندو ٿاٻڙندو ان تي هلي رهيو آهيان – ته ڇا منهنجي انهيءَ حرڪت ڪري رستي کي غلط چئي سگهبو؟ جيڪڏهن اهو غلط آهي، ته مهرباني ڪري مون کي صحيح رستو ڏيکاريو، مون جيڪڏهن پنهنجو رستو وڃايو آهي ۽ اوجهڙ وڃي پيو آهيان، ته منهنجي مدد ڪريو، سنئين رستي لڳايو، جهڙيءَ طرح مان توهان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر مهرباني ڪري مون کي منجهايو نه، منهنجي گمراهيءَ تي خوش نه ٿيو، ۽ ائين نه چئو: ’ڏسوس ڏسوس! پيو آهي گپ ۾، ۽ چوي ٿو ته گهر  ڏانهن ٿو وڃان!‘ ان تي کلي خوش نه ٿيو، پر مون کي سمجهايو ۽ منهنجي مدد ڪريو.

ڇاڪاڻ ته، سچ پچ، توهان جي گپ کان ٻاهر بيٺل نه آهيو، ۽ مون وانگر، توهان کي به پنهنجي گهرن ڏانهن هلڻو آهي. ڏسو، مان اڪيلو آهيان، ۽ ڪڏهن به گپ ۾ ڪرڻ نه چاهيندس. منهنجي مدد ڪريو! مان ڏسان ٿو ته اسان سڀ اوجهڙ ۾ وڃي پيا آهيون، ۽ مان پنهنجي پوريءَ طاقت سان سنئين رستي تي هلڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو – پر توهان، هر ناڪاميءَ تي، پاڻ تي ۽ مون تي رحم کائڻ بدران، مون کي بي همت ڪريو ٿا، ۽ خوشيءَ وچان رڙ ڪري چئو ٿا: ’ڏسوس ڏسوس! اسان سان گپ ۽ اوجهڙ ۾ پيو هلي!‘  

تنهنڪري، دوست! مسيحي تعليم ۽ ان جي تعميل سان منهنجو ته اجهو اهو لاڳاپو اٿيئي! مان پنهنجي ڀرپور طاقت سان ان تي هلڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، ۽ هر ناڪاميءَ تي، نه رڳو پڇتايان ٿو، پر ٻين کان مدد پڻ پنان ٿو، ۽ هر انهيءَ شخص سان ملي ۽ کيس ٻُڌي ڏاڍو خوش ٿيان ٿو، جو مون وانگر صحيح رستي جي تلاش ۾ نڪتو آهي.

هن خط جون ڳالهيون، تون اڃا به چڱيءَ طرح سمجهي سگهندين، جيڪڏهن هن خط  سان گڏ موڪليل منهنجو ڪتاب پڙهندين! جواب ضرور ڏجانءِ! مان توسان تعلق پيدا ڪري، ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، ۽ تنهنجي جواب لاءِ منتظر رهندس!

1882ع


[1] ”لوٽو“ (Lotta) جوا جي قسم جي هڪ راند، جا هڪ وڏيءَ ميز جي وچئين ڦرندڙ گول تي کيڏي ويندي هئي.

 

[2] ”روليٽ“ (Roulette) هڪ قسم جي جوا، جا ”لوٽو“ وانگر ئي کيڏبي آهي.

[3]   بوند بروف (Bondarev): ”ماني ۽ محنت“ جو ليکڪ.

[4]   آءِ. ايس. اڪساڪوف (I.S. Aksakov)، سلويائي (Slav) آزاديءَ جي تحريڪ جو باني ۽ مهندار.

[5]  ان زماني جي جنگي – تحريڪ سان اڪساڪوف ۽ سولويوف جي تعاون ڪرڻ ڏانهن اشارو آهي، جيڪا تحريڪ 1875 ڌاري سلويائي (Slav) رياستن کي ترڪي سامراج مان آزاد ڪرائڻ جي فائدي ۾ لڙي ڪئي ويئي هئي. ٽالسٽاءِ پنهنجي مشهور ناول ”انا ڪرينينا“ جي آخري حصي ۾ ان تحريڪ کان ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو، جنهنڪري هن جو ”اناڪرينينا“ کي قسط وار ڇپائيندڙ رسالي جو مالڪ، خاتڪوف، سان تڪرار ٿي پيو.

[6] ”۽ اهو ئي عذاب آهي، جو دنيا ۾ روشنيءَ جي اچڻ کان پوءِ به، ماڻهن اونده سان پيار ڪيو – ڇاڪاڻ ته سندن عمل خراب هئا، هر اهو شخص، جيڪو برائي ڪري ٿو، سو نه روشنيءَ سان پيار ڪندو ۽ نه وري روشنيءَ ۾ ئي ايندو – انهيءَ لاءِ ته متان سندس عمل ڏسي، ڪو کيس تنبيهه ڪري. پر جيڪو سچ ڳالهائي ٿو ۽ نيڪي ڪري ٿو، سو خوشيءَ سان وڌي روشنيءَ ۾ اچي ٿو بيهي – انهيءَ لاءِ ته سندس عمل ظاهر ٿين، ۽ سڀني کي خبر پوي ته خدا ڪارڻ ئي اهي ڪم ڪيا اٿس.“

 

[7]  ان زماني جي جنگي – تحريڪ سان اڪساڪوف ۽ سولويوف جي تعاون ڪرڻ ڏانهن اشارو آهي، جيڪا تحريڪ 1875 ڌاري سلويائي (Slav) رياستن کي ترڪي سامراج مان آزاد ڪرائڻ جي فائدي ۾ لڙي ڪئي ويئي هئي. ٽالسٽاءِ پنهنجي مشهور ناول ”انا ڪرينينا“ جي آخري حصي ۾ ان تحريڪ کان ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو، جنهنڪري هن جو ”اناڪرينينا“ کي قسط وار ڇپائيندڙ رسالي جو مالڪ، خاتڪوف، سان تڪرار ٿي پيو.

[8]  پشڪن: روس جي وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي (1837 – 1799) بيلنسڪي (48 1810) ادب ۽ فن جو وڏو نقاد هو. تريد يا ڪووسڪي (69 1703) هڪ مشهور عالم هو، جنهن جي سعيي ۽ ڪوشش جو، روس ۾ روسي ٻوليءَ جي اديبانه استعمال، خاص طرح نثري ادب جي دائري ۾ وڏو هٿ هو.  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org