سُرُ
مُومَلَ راڻو
سر بابت:
هِن نالي سان، ڪابه هندستاني راڳڻي ڪانهي. سر جو
نالو، مضمون مطابق رکيو ويو آهي.
هن سر ۾ پڙهڻيون ۽ ترتيب، ڊاڪٽر گربخشاڻي واري
اختيار ڪئي وئي آهي. داستان جو اختصار هرهڪ داستان
جي اڳيان ڏنو ويو آهي.
آکاڻي:
هن سر جو مضمون مومل ۽ راڻي جي مشهور قصي تي مبني
آهي، جو مختصر طور هيٺ ڏجي ٿو.
پندرهينءَ عيسويءَ صديءَ جي اوائل ۾، راجا نند
نالي، گجر ذات جو هڪ راجپوت سردار، ميرپورماٿيلي
جو حاڪم هو. هن کي نوَ نياڻيون هيون، جن مان مومل
حسن ڪري هاڪاري ۽ سول سياڻپ ڪري مشهور هئي.
هڪ ڏينهن جيئن راجا شڪار پئي ڪيو، تيئن سنڌوندي ۾
هڪ سئور ٽپندو نظر آيس. جتان ٿي سوئر لنگهيو اتان
پاڻي سڪي ٿي ويو. اهو لقاءُ ڏسي راجا نند سوئر جي
پٺيان پيو ۽ وڃي ٻي ڀڪ تي پهتس. سوئر کي ماري، ان
جي هرهڪ عضوي کي، پاڻيءَ ۾ وجهندو ويو، تان جو
سوئر جي ڏند ۾، اها ڪرامت ڏٺائين، جو پاڻيءَ ۾ پوڻ
سان، اتان پاڻي سڪي ٿي ويو. اهو ڏند پاڻ سان کڻي
درياه ۾ گهڙيو، ته پاڻي ويو اتان سڪندو. پوءِ هن
پنهنجو سارو خزانو کڻي، درياه جي پيٽ ۾ پوشيدو ڪري
رکيو. هن مام جي ڪنهن کي به ڪل ڪانه ڏنائين.
جادوءَ جي ذريعي، ڪنهن فقير کي، هن اسرار جي پروڙ
پئجي ويئي. هڪ ڏينهن راجا سانگي سان سر سڌاريو.
سندس غير حاضريءَ ۾ فقير اچي محلات جي در تي صدا
هنئي. مومل دريءَ مان منهن ڪڍيو ۽ ڪهل وچان فقير
جي چوڻ تي، اهو ڏند آڻي هن کي ڏنائين. فقير هن کي
دعائون ڪندو رمندو رهيو، ۽ ڏند جي وسيلي درياه
سڪائي، سارو لٽيل خزانو، ڍوئي وڇي ڪنهن ڏوراهين
ڏيهه ۾ ديرو دمايائين.
راجا نند سفر تان موٽڻ تي، جان کڻي دٻلي کولي تي
ڏند لڀيئي ڪونه. گهڻوئي ڳولا ڦولا ڪيائين، پر
وڃايل شيءِ واپس هٿ نه آيس. آخر پڇا ڳاڇا ڪرڻ مان
معلوم ٿيس، ته اهو ڏند، مومل ڪنهن رمتي فقير کي
ڏيئي ڇڏيو آهي. اها ڳالهه ٻڌڻ شرط هو باهه ٿي ويو.
نڪا ڪيائين هم نڪا تم، جلهه ڪري ويو، مومل کي
مارڻ، سومل اها روئداد ڏسي، پيءُ کي دلاسو ڏنو ته،
”مومل نه ماريو؛ اهو خزانو توهان مون کان لهڻو.“
سومل جادوءَ جي فن ۾ ماهر هئي، تنهن ويچار ڪيو، ته
اهڙو ڪو منڊ منڊجي جو ججهو مال متاع هٿ چڙهي. اها
سٽ سٽي، هوءَ ڀينرون ۽ ٻيون ٻانهيون ساڻ ڪري،
ماٿيلي مان نڪري، جيسلمير جي ويجهو لڊاڻي جي شهر ۾
وڃي رهي.
ٿورن ئي ڏينهن ۾ ڀرسان، ڪاڪ نئين جي ڪنڌيءَ تي، هڪ
طلسمي رنگ محل تيار ڪرايائين. محل جي چؤڌاري هڪ
عمدو باغ رکيائين. باغ جي چؤڌاري وڻراهه مان، اهڙو
انگڙ ونگڙ پيچرو بنايائين، جو جنهن ۾ جيڪو هڪ
واريءَ گهڙيو، سو گم- محلات جي ٻنڀي وٽ شيشي جو
تلاءُ ٺهرايائين، جنهن ۾ طلسمي پاڻيءَ، اهڙيون
ڇوليون پي ماريون، جو ڏسندڙ جو ڏيل ڏڪيو ٿي ويو.
دروازي وٽ ۽ محلات جي چئن ئي ڪنڊن تي، جادوءِ جا
شينهن کڻي کڙا ڪيائين، جن جي گجگوڙ آسمان ڏاري ٿي
وڌو. ديوان خاني ۾، ست کٽولا هڪ جهڙا سنواريل ۽
سينگاريل وڇارائي ڇڏيائين. انهن مان ڇهه کٽولا ڪچي
سٽ سان واڻيل هئا ۽ هرهڪ جي هيٺان هڪ اونهو کوه
کنيل هو، باقي ستين کٽولي ۾ ڪوبه کوٽ کريب رکيل
ڪونه هو.
محلات ٺهي راس ٿيڻ تي، شهر ۾ پڙهو گهمايائين، ته
”جيڪو باغ لنگهي، تلاءُ اُڪري، شينهن جي چنبي کان
پاڻ بچائي، سچي کٽولي تي اچي وهندو، تنهن کي مومل
جو هٿ نصيب ٿيندو.“
لڊاڻي جو شهر هڪ تيرٿ هو، جتي همون پرديسي پيا
ايندا هئا. هوڪو پيو ۽ ساري ملڪ ۾ ڳالهه باهه
وانگر پکڙجي وئي. مومل جي سونهن جي هاڪ ٻڌي، ڪيترا
بادشاهه، مومل جي ٻانهن حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪٿان ڪٿان
ڪاهي ايندا هئا.
جيڪو عاشق ايندو هو، تنهن کي پهرين باغ جي در وٽ
رکيل نغاري تي ڏؤنڪو هڻڻو پوندو هو. ڀير تي ڏؤنڪي
لڳڻ شرط، مومل پنهنجي پاڙهيل ٻانهي ناتر کي
آڌرڀاءَ لاءِ موڪليندي هئي. پوءِ ناتر اڳيان هلندي
هئي ۽ مهمان سندس ڪڍ لڳو ايندو هو. تانجو ناتر
گوهي هڻي گم ٿي ويندي هئي ۽ مهمان پيو لوهون ڏيندو
هو. پوءِ مومل جا ماري، هن کان سڀ هيرا جوهار ڦري،
ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هئس. هو اهڙي خواري جي خبر، يا
اهڙي جٺ جو سور ساٿين سان ڪين سليندو هو. اهري ريت
مومل مايا ميڙي، پئي پنهنجي پيءُ راجا نند کي
پهچائيندي هئي. جيڪڏهن ڪو پيچدار پيچرو لتاڙي، وڃي
کوٽي کٽوليءَ تي وهندو هو، ته کوهه ۾ ڪرندو هو ۽
اتي چيچلائي چيچلائي مرندو هو.
انهيءَ زماني ۾، همير سومرو عمرڪوٽ جو حاڪم هو.
کيس ٽي وزير هئا، جن مان مينڌرو، سندس سالو پڻ هو.
هڪ ڏينهن هو چارئي شيل شڪار ڪندا، ڪنهن سواميءَ
سان گڏيا. ”سندس بت ڀڀوت سان ڀريل هو. ڪلهن تي
سائي شال هيس، ڳچيءَ ۾ سوني مالها ۽ مٿي تي مڳٽ.“
شڪل نوراني هيس ۽ اکيون ڳاڙهيون جهڙيون لعل،
گفتگوءَ جي دوران ۾ سواميءَ کان، مومل جو سارو قصو
ٻڌائون ۽ پڪو پهه ڪيائون ته مومل کي ملڻ ڌاران،
وطن ڏي واڳ ڪانه وارينداسون.
چارئي يار ڀلن اُٺن تي سوار، ٽن ڏينهن ۾ 150 ميل،
پنڌ ڪري اچي ڪاڪ پهتا. مومل جي چارين هيءَ خبر
پهچائي ۽ مومل سندن استقبال لاءِ حسب معمول ناتر
کي روانو ڪيو. چارئي سونهن جا صاحب هئا، پر راڻي
جي موهڻيءَ مورت ناتر تي البت عجيب اثر ڪيو. موٽي
وڃي سانئڻ کي راڻي سان سڱ ڪرڻ جي صلاح ڏنائين.
غيرمعمولي طرح ناتر کي سفارش ڪندو ٻڌي، مومل کي
ملوڪ لاءِ محبت جاڳي؛ پر تنهن هوندي به ڪاڪ جي
قانونن موجب کيس کٽڻ تي زور ڏنائين. ناتر هئي
نوڪرياڻي، سو ڪيئن سنئڻ سان سينو ساهي. آخر امر تي
عمل ڪرڻ لاءِ آماده ٿي.
يارن مان حاڪم همير، پهرين قسمت آزمائي، پر جڍيون
جهلي واپس وريو. پوءِ ٻين ٻِن پڻ نصيب آزمايو، پر
ناڪام ٿي موٽڻو پين. پڇاڙي ۾ راڻي جو وارو آيو. هو
ناتر سان پيچدار پيچري ۾ گهڙيو، ته ناتر گوهي ڏيڻ
جي ڪئي؛ پر راڻي کڻي چوٽيءَ کان ورتس، تان جو
پيچرو پورو ڪري اچي طلسمي تلاءِ تي پهتا. اتي ناتر
کسڪي ويس. راڻو ٿورو گهٻرائجي ويو؛ پر ستت ئي سرت
سنڀالي اڳتي وڌڻ جي ڪيائين. چشمي جي خوناڪ ڇولين
کي ڏسي، خيال آيس ته هي جادوءَ جو ٽڪساٽ آهي.
خاطري ڪرڻ لاءِ هڪ سوپاري ڪڍي، پاڻيءَ مٿان ڦٽي
ڪيائين، جا ٻڏي وڃڻ بدران تلاءَ ۾ تڙڳندي رهي.
هاڻي هيڪاري پڪ ٿيس ته هيءُ مڙوئي منڊ آهي.
مومل دريءَ مان هيءَ ساري روئداد ويٺي ڏٺي ۽ راڻي
جي فهم ۽ فراست تي هرکي پئي. مومل هڪ ٻي ٻانهي
ڏياري موڪلي، جيڪا هن کي ديوان خاني ۾ وٺي ويئي.
ٻانهيءَ چيس ته: ”سائين! توهان هتي کٽولي تي وسرام
ڪريو ته آءٌ سانئڻ کي، توهان جي آمد جو اطلاع ڏيئي
ٿي اچان.“ ست ساڳيا کتولا ڏسي، راڻو شڪيو ۽ ڪمان
جي نوڪ سان ويو هرهڪ تي زور ڏيندو. ڇهن کوٽن کٽولن
جي هيٺان کوهه ڏٺائين، جنهن ڪري ڪاڪ جو سارو طلسم
ڀانپي ويو ۽ ستين سالم پلنگ تي پاٿولي ماري ويهي،
مومل جي ٻانهن جو پاڻ کي حقدار بنايائين. ٻانهيءَ
اهو سارو رنگ لڪيو ويٺي ڏٺو، تنهن وڃي سانئڻ سان
سربستو احوال ڪيو. مومل راڻي کي ماڙي تي گهرايو.
راڻو وڃي ڏسي ته نَوَ ڄڻِيون قطار ڪيو بيٺيون آهن.
هرهڪ حسن جي حور آهي، پر منجهائن ڪهڙي مومل آهي سو
سمجهي نه سگهيو. اڃا انهي فڪر ۾ هو ته اُنهن مان
هڪ تي ڀؤنر ڀرڻ لڳو. سهي ڪيائين ته اهائي مومل
آهي. وڌي وڃي کيس مخاطب ٿيو. سڀ سندس سياڻپ،
سورهيائي ۽ سونهن جي تعريف ڪرڻ لڳيون. حجاب جو
پردو لٿو. ڪاڪ جا شرط پورا ٿيا ۽ شادمانا ٿي
ويا.ٻنهي لائون لڌيون ۽ ساري رات محبت ونڊيائون.
راڻو صبح جو اچي ساٿين ڀيڙو ٿيو، جن پڻ ڪاميابيءَ
تي مبارڪون ڏنيس. همير سومري مومل جي منهن ڏسڻ جي
خواهش ڪئي. آخر همير ساڻس ميهارڪو ويس ڪري اندر
ويو. مومل مام معلوم ڪري وئي، سو همير کي چيائين
ته ”هيءَ مينهن ته ڏهي ڏي.“ ويچارو اچي ڦاٿو، اهڙو
شڪي ٿيو، جو واپس موٽي ويو. انهيءَ جٺ ڪري راڻي تي
ڏاڍو ڪاوڙيو. ٻئي ڏينهن راڻي کي چوائي موڪليائين،
ته ”اسين وطن وڃون ٿا، هلڻو اٿئي ته هل.“ راڻي
نياپو موڪليو ته ”آءٌ هاڻي ڪاڪ ۾ ڏينهن ڪاٽيندس“،
پر مومل چيس ته ”وڃي مٽن مائٽن کان موڪلائي اچو.“
نيٺ راڻو ساٿين سان ساڻيهه ويو، جتي همير کڻي قيد
ڪرايس ۽ ٿوري عرصي بعد، انهيءَ شرط تي آزاد
ڪيائينس، ته ”وري مومل جو منهن نه ڏسندين.“
راڻي کي مومل سواءِ ڪٿي ٿو آرام اچي؟ هو وجهه وٺي،
ڀلي اٺ تي ڪاڪ ڏي ڪاهيندو هو ۽ مومل سان رهاڻيون
ڪري واپس ورندو هو. ڪجهه وقت ته انهيءَ ڳالهه جي
ڪنهن کي به ڪل ڪانه پئي، پر آخر ڳالهه ڦاٽي پئي،
ڇاڪاڻ جو ”عشق ۽ مشڪ به ڪري ڪڏهن ڳجها رهيا؟“-
واعدي وا نه ڪرڻ ڪري، همير وري به کني راڻي کي
ترنگ ۾ هنيو، پر وري به پنهنجي راڻيءَ يعني راڻي
جي ڀيڻ جي چوڻ تي هن کي آزاد ڪري ڇڏيو. آزادي ملڻ
تي راڻو هڪ پل به اتي نه رهيو. اُٺ پلاڻي ڪاڪ ڏي
رخ رکيائين.
هيڏانهن مومل راڻي جي فراق ۾ بحال ۽ بيقرار هوندي
هئي. دل بهلائڻ لاءِ سومل کي راڻي جو ويس اوڍائي
رهاڻيون رچائيندي هئي. قضاني، جنهن رات راڻو ڪاڪ
پهتو، انهيءَ رات ٻئي ڀينرون ٻک وجهيو، اگهور ننڊ
۾ پيون هيون. راڻي هيءَ حالت ڏسي، سمجهيو ته ڪو
غير مومل سان ستو پيو آهي. ڏاڍي غيرت آيس.
پهريائين ڀانيائين ته هڪ ئي ضرب سان ٻنهي کي پورو
ڪري ڏيان، پر پوءِ سور پي، پنهنجو لڪڻ نشانيءَ طور
مومل جي ڀرسان رکي راهي ٿيو ۽ اچي عمرڪوٽ پهتو.
صبح جو راڻي جو لڪڻ پاسي ۾ پيل ڏسي، مومل مام
معلوم ڪري ويئي ته راڻو رسي ويو آهي. پوءِ ڏانهس
گهڻائي قاصد موڪليائين، پر راڻو راضي نه ٿيو. آخر
وڻجارڪو ويس ڍڪي، ڪاڪ ڪڙي ڪري، عمرڪوٽ ڏانهن
اُسهي.
اُتي راڻي جي محلات جي سامهون هڪ ماڙي کڻي
اڏارايائين. پاڙيسري هئڻ ڪري، هڪ ٻئي سان ڏيٺ ٿين
۽ دوستانو تعلق ويو وڌندو. هڪ ڏينهن جيئن چؤپڙ
راند ڪري رهيا هئا، تيئن مومل جي ٻانهن تان ڪپڙو
لهي ويو ۽ راڻي سندس ٻانهن جا تِرَ سڃاڻي ورتا.
پوءِ مومل پاڻ ظاهر ڪري، رٺل راڻي کي پرچائڻ جا
ڪئين حيلا هلايا، پر راڻو هوڏ تان نه لٿو.
مومل نااُميد ٿي، ڪاٺين جو هڪ آڙاه تيار ڪرايو ۽
کڻي پاڻ کي ان ۾ اڇلايائين. ستت ئي راڻي کي سماءُ
پيو، سو ڊوڙندو آيو، هيءُ منظر ڏسي، دل ڀرجي آيس؛
متي مچ ۾ ڪاهي پيو؛ ۽ پتنگ وانگر شمع تان سڙي، ساه
فدا ڪيائين.
روحاني راز:
شاه عموماً سڀني سرن ۾، سورمين کي سالڪ ۽ سائين کي
انهن جو مطلوب بنايو آهي؛ هر هن سر ۾ خود خدا کي
سلاڪ جو ڳولائو ڪري ڄاڻايو اٿس. ٻين سرن ۾ شاه پڻ
اهڙا اشارا ڏنا آهن، ته حق تعاليٰ طالب ٿئي ٿو،
جڏهن سالڪ سندس سڪ ۽ سوز ۾ سڙي ٿو. مثلاً سر سسئي
۾ فرمائي ٿو:
”اَندَرِ جَنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃِيو اُنِ کي.“
هيءَ مصرع مولانا رومي جي هيٺين بيت جو ترجمو آهي:
”تشنگان گر آب جويند از جهان،
آب هم جويد بعالم تشنگان.“
وري سر سهڻيءَ ۾ فرمائي ٿو:
”پُڇَنِ جي ميهارَ کي، پُڇي سي مِيهار.“
وري سر ڪلياڻ ۾ فرمائي ٿو:
”تو جَنِين جِي تاتِ، تَن پُڻِ آهي تُنهنجِي.“
وري فرمائي ٿو ته خدا ڪڏهن عاشق آهي، ته ڪڏهن
معشوق:
”عاشِقُ چؤُ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چؤُ مَشعُوقُ.“
وري فرمائي ٿو ته خدا حسين خلقي به ٿو، ته انهن جو
طالب به ٿئي ٿو:
”پاڻِهين خَلقي خُوبُ، پاڻهي طالِبُ تَنِ جو.“
مطلب ته، ٻين سرن ۾ به شاه ڄاڻائي ٿو ته حق انسان
جو طالبو آهي.
”ڪائنات ڪيڏي به ڪشادي هجي ۽ مطلوب پاڻ کي ڪهڙيءَ
به ڪنڊ ۾ کڻي لڪائي، تڏهن به حق ان کي ڳولي لهڻ ۾
ڪامياب ٿئي ٿو. مومل وڏائي وس ڪيا ته ڪنهن عاشق جي
ور نه چڙهان، پر حق جي اڳيان سندس سڀيئي حيلا نه
هليا ۽ سندس باطل بازيون ڀڄي پيون.“
راڻي مان رب، ۽ مومل مان انهيءَ منهن موڙيندڙ مومن
جي مراد آهي، جيڪو پاڻ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيئن
مومل پاڻ کي پوشيدي رکڻ لاءِ پيچدار پيچرا ۽ ٻيا
منڊ منڊيا، تيئن انسان به پنهنجي چوڌاري حرص هوس ۽
ٻين دنيوي اسبابن جي ديوار جوڙي، پاڻ کي ڌڻيءَ کان
دور رکڻ جي ڪوشس ڪري ٿو، پر اهي حيلا ۽ حرفتون، حق
اڳيان نٿيون هلنس. ممڪن آهي ته اهي موتمار
مونجهارا معمولي طالبن لاءِ، موت ثابت ٿين ۽ انهن
مان ڪي پيچدار پيچرن ۾ پساه پورا ڪن، ته ڪي کتولن،
يعني مطلوب کان هڪ منزل اڳي واري ماڳ تي پهچي به
اوڙاهه ۾ اونڌا ٿي پون: پر جت راڻي يا رب جهڙو
سٽاڻو ۽ جبرو عاشق سندس طلب ڪندو، اتي اهي سڀيئي
طلسم ٽٽي پوندا.
جڏهن حق، ڪنهن انسان کي پنهنجو مطلوب بنائي، سندس
بازيون ڀڃي، کيس هٿ ڪري ٿو، ته حق جي مدعا اهائي
ٿئي ٿي، ته سندس اهڙو مقبول ٻانهو هميشه سندس محبت
۾ مخمور رهي. جيڪڏهن هو حق سان همڪنار ٿي وڃڻ بعد
به، ساڻس سچو نٿو رهي، ته پوءِ کيس ڏهاڳ جو اهڙو
ڏنءُ ڏئي ٿو جو عمر پيو ياد ڪندو.
خدا نهايت غيرت وارو آهي. کيس شرڪ بلڪل پسند
ڪونهي. سندس اڳيان شرڪ جهڙو ٻيو ڪبيرو گناه ڪونهي.
رسول ﷺ جن جو فرمودو آهي ته: اِنّ سَعداً لَغَيُور
وَ اَنَا اَغيَرُ مِن سَعِد، واللهُ اَغيَرُ
مِنّي، وَ مِن غَيرِتَہ حَرّمَ الفَوَاحِشَ
مَاظَهَر مِنهَا وَ مَا بَطَنَ.“
يعني ”بيشڪ سعد (هڪڙي اصحابيءَ جو نالو) غيرت وارو
آهي ۽ آءٌ سعد کان وڌيڪ غيرتمند آهيان، پر خدا مون
کان به وڌيڪ غيرتمند آهي ۽ پنهنجيءَ غيرت وچان هن
سڀني ڳجهين توڙي پڌرين بڇڙاين کان روڪ ڪري ڇڏي
آهي.“ هن سر ۾ مٿين حديث ۾ ڄاڻايل حقيقت جو ذڪر
ڪيل آهي.
مومل پنهنجي ڀيڻ کي راڻي جا ويس وڳا اوڍائي، روح
رهاڻ ڪئي، جنهن تي راڻي جي غيرت جنبش ۾ آئي ۽
انهيءَ کَنَ جي خطا خاطر، عمر جو ڏهاڳ ڏئي ويس.
وري تيستائين وصال جي وائي به نه وري، جيستائين
مومل پاڻ ماري مات نه ڪيو. ساڳيءَ طرح، اهو مقول ۽
محبوب ٻانهو، جيڪو عارضي وڇوڙي وقت، وهلور وڃيو
روح ريجهائڻ جا ٻيا وسيلا ڳولي، تنهن کي وري خدا
جو وصال، تيستائين حاصل نٿو ٿئي، جيستائين هو غير
گمان ڪڍي، مرڻ کان اڳي، پاڻ کي نٿو ماري.
سومل جا مومل سان ستي، تنهن مان مراد آهي بدعتون ۽
غيرشرعي ڪم. راڻي ۽ روح جي وچ ۾ غير نٿو گهرجي.
جڏهن مومل وچ ۾ غير واقع ٿيو، تڏهن راڻي کيس
جدائيءَ جو داغ ڏنو. انهيءَ ڏهاڳ جي ڏنءُ کي مٽائڻ
لاءِ مومل کي ڪاڪ (جنهن مان مراد آهي هي جهان ۽ ان
جا ڦندا) ترڪ ڪري، راڻي جي راڄ ۾ وڃڻو پيو هو.
ساڳئي طرح شاه صاحب سالڪ کي تلقين ٿو ڪري، ته ”اي
سالڪ! ڪاڪ وارا ڪوجها ڪم ترڪ ڪر، تان ته حقيقي
راڻي کي رسين.“
سُر مومل راڻو
داستان پهريون
اختصار:
ڪاپڙي فقير جو همير سومري ۽ سندس ساٿين کي گڏجڻ.
1
ڪالَهه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي،
بابُو
بيکارِي،
سامِيءَ
سيلو
سِرَ تي، مالها
موچارِي،
ڏيئِي ڏيکارِي،
ڦَٽي دِلِ فَقِيرُ وِيو.*
2
ڪالَهه گَڏيوسُون ڪاپَڙي، جَهڙو ماهُه
مُنِيرُ،
فَيض
فِراقَ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي ويو.
3
ڪالَهه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَهَرَ سِڄَ کان پوءِ،
پَسو سونهن سامِيءَ جِي، رَتَ وَرَنو
روءِ،
جو مُنهن مُومَلَ جي پوءِ،
موٽَڻُ تنهن مَسَ ٿِئي.
4
ڪالَهه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بانَ
بَرِي،
سائِي سالَ
ڪُلهنِ ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي،
خَبَرَ ڏي کَرِي،
ڪا مُومَلَ جي مجازَ
جِي.
5
ڪالَهه گڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو رَنگِ ڀَڀُوتُ،
سَرِيوسُون
سُڪُوت،
جوڳِيءَ سَندِيءَ ذاتِ کان.
6
بيکارِيءَ کي بَرَ ۾، وِيو ڪَيفُ
چَڙهِي،
ڳالِهيون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙِي،
ڪا جا اَنگُ
اَڙِي، جيئن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙي پِيا.*
7
سِڄُ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ،**
اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگَهٽَ
بُوءِ،
سا ڏيکارِيَهُون
جُو،
جِتان لاهُوتِي
لَعلُ
ٿِيو.***
8
سِڄُ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيءَ سائِي وَڻِڪَ،
سَهِي نَه سَگهان ساتَ
سيئن،
تنهن
جي راسِن
جِي رَونَقَ،
ڪِ رَتائِين لاکَ ۾، ڪِ ڏِنائِين پانَنِ پِڪَ+؟
سَندِيءَ سوڍَلِ
سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهلِيُون.++
9
جوڳيءَ تي جَڙاءُ،
نِسورو ئِي نينهن جو،
پَتَنگَ جيئن پَيدا ٿِيو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ،*
آيو ڪاڪِ
تَڙاءُ،
ڪُنوارِينِ
ڪَڪورِيو.
وائي
تان تُون وِهُه
سَبَهِي، ساٿِي مِيان! پانڌِي مِيان!
ڪاڪِ هَلِبو ڪَڏِهين؟
لَکين لُڊُوڻِيان
مَڻِي،
مَٿي واٽَ وِيا ٿِي
مِيان؟
ڪاڪِ هَلِبو ڪَڏِهين؟
جنهن کي پُڇان، سو چَوي: ”آئِيو ڪونَه اُئان
ٿِي مِيان!“
ڪاڪِ هَلِبو ڪَڏِهِين؟
ڪوٺائُو
ڪَرِيمَ جو، آئِيو پَهِي
پِرِيان
ٿِي مِيان!
ڪاڪِ هَلِبو ڪَڏِهين؟
حُڪمُ ڏيندَءِ هَٿَ ۾، ”هاڻي هَلُ هئان
ٿِي، مِيان!“
ڪاڪِ هَلِبو ڪَڏِهين؟
اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، پِرِيَنِ پاسِ
پُران
ٿِي، مِيان!
ڪاڪِ هَلِبو ڪَڏِهين؟
داستان ٻيو
اختصار:
مومل جي سونهن جي فقير کان هاڪ ٻڌي، يارن جو روح
رِسڪَڻُ- يارن جو ڪاڪ ڏي وڃڻ ۽ سوڍي جو سوڀارو
ٿيڻ.
1
آءُ لانگوٽِيا
لالَ،
ڪنهن پَرِ
ڏِٺِئي گُجَرِيُون؟
آبُ اَرَتو
اَکِيين، لُڙڪَ وَهائِيين لالَ،
ڏِٺُئِي جي جَمالَ، سامِي! ڪُهُه نَه سَلائِيين؟
2
گُجَرِ کي گَجَميلَ
جُون، تارَنِ
۾ تَبَرُون،
هَڻِي حاڪِمِيَنِ
کي، زورَ ڀَرِيُون زَبَرُون،
ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ
قَبَرُون، پَسو پَرَڏيهِيَنِ
جُون.
3
گُجَرِ گاروڙِيَنِ،
اَچِيو آڏِي
اُڀيي،
مَٿان پيئِي تَنِ،* ٻَڌا
ٻاڻَ
هَڻَنِ جي.
4
مُومَلَ کي مَجازَ
جا، اَکين ۾ اَلماسَ،
نَه ڪا عامَ نه خاصَ،** جي وِيا سي وَڍِيا.
5
مُومَلَ کي مَجازَ جا، اکين ۾ اَنبُورَ،
هَڻي حاڪِمِيَنِ کي، پَٽِ نِهاري پُور،*
گهوٽَ پهرينءَ گُهورَ، جي وِيا، سي وَڍِيا.
6
مُومَلَ ماري مِيرَ، آهيڙِيَنِ
کي آڪِرِي،
سوڍِيءَ گَهڻا سَڪائِيا،
پڙِهيا، پَڻِتَ
پِيرَ،
هَڻي تَنِ کي تِيرَ، مَڻِيُو جَنِ مَٿَنِ ۾.
7
جوڳِيءَ جاڳائي، ماري وِڌو مامِري،
لَنءُ
لُڊوڻي ڪَنڌِيين
اَمَيو
آهي،
وَڇو جي ڪاهي، تَه نِڪُون
پَسو نينهن جُون.
8
هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙين، جِتي نينهن اُڇَلّ،
نه ڪا جَهلَ نَه پَلّ، سَڀُڪو پَسي پرينءَ کي.
9
هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙين، جِتي گَهڙِجي نينهن،
نه ڪا راتِ نَه ڏينهن، سَڀّڪو پَسي پرينءَکي.
10
هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙين، چَرُو
جِتِ چَڙهَنِ،
ڪوڙيين رَنگَ رَچَنِ، پانوڙِيءَ
پِڪَ سين.
11
ڪَرها! ڪارَڻِ ڪاهَه،
توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِيو،
ساري ڏيج. سَيّدُ چي، لُڊاڻي تان لاهَه،*
مُقابِلو
مُومَلَ سين، ٿيندو سَنجِهه صُباحَ،
سوڍي جِيءَ صَلاح،
ڪَؤنرَ
چَرَندين ڪاڪِ جا.
12
آکُون،
ڊاکُون، سِرکَنڊ
شاخُون، جِتِ چوکا
چَندَن ڪَؤنرَ،
مَيي سيئِي ماڻِيا، جِتِ نَه ڀِرَنِ
ڀَؤنرَ،
ڪُنوارِيُون ۽ ڪَؤنَر، ڪاهِه تَه پَسُون ڪاڪِ جا.
13
نَنڍو،
تان ڪوهُه،
پَرَ وِکين آهي وِتَرو،**
وَڃِيو ڪاڪِ ڪَنڌِينِ ۾، پَهَسَ
پَکِيءَ جيئن پوءِ،
اِنَ ڪُرَ
سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو
نَه ٿِئي.
14
ڪَرَها! ڪاڪِ چَڙهي، ونءُ
وَڻائُون
نِڪَرِي،
لُڊُوِڻيا،
لَطِيفُ چي، آيو ڪو نَه وَرِي،
گهڻا اِتِ گِهڙِي، وَڳَ
وِساري هَلِيا.
15
چَڙهِيا چارَئِي يارَ، سُوڌا
شِڪاري،
فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي،
سوڍي سوپاري،*
وِيا ڪاهِيندا ڪاڪِ ڏي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
موٽِيا نَه مارِي،
ڪَؤنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.
وائي
راڻا جي رَجبوتَ**. مُومَلَ سَهِي
پَسَندا.
پَڙِهيا، پَڻِتَ،
پيرَ، توڻي مِيرَ، هَمِيرَ
مَرَندا،
مُومَلَ سَهِي پَسَندا.
مَڃِي رَضا رَبّ جِي، هِئان
سَڀِ هَلَندا،
مُومَلَ سَهِي پَسَندا.
ڪَلِمي ساڻُ لَڏائِيين، هادِي! هِنَ هَنڌا،
مُومَلَ سَهِي پَسَندا.
سَهُکِي
سَڪراتِ
ڪَرين، والِي! ويرِ وِداعَ،
مُومَلَ سَهِي پَسَندا.
اَهُکِيَ ويرِ اَچيج تُون اُتي اَحمدَ1،
مُومَلَ سَهِي پَسَندا.
مَتان ڇَڏِيين مَڱڻو،
مَهندان،
مُرشِدا،
مُومَلَ سَهِي پَسَندا.
ڪُلّ نَفسِ ذَائِقَةُ المَوتِ،
سَچِي اِيءَ صَدا،
مُومَلَ سَهِي پَسَندا.
اَصلِ لِکِيو اَنگَ ۾، ٿِيندو تان پِ
اَدا،
مُومَلَ سَهِي پَسَندا.
اَدِيُون، عَبدُاللّطِيفُ چي، فائِقَ
فَضُلُ ڪَندا،
مُومَلَ سَهِي پَسَندا.
داستان ٽيون
اختصار:
مومل ۽ سندس سهيلين جي سوڀيا جو احوال- مومل ۽
راڻي جي رهاڻ- ۽ راڻي جو رسڻ.
1
جِهَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِهَڙا مَٿَن
ويسَ،
چوٽا تيل چَنبيلِيا،
ها ها هو
هَميشَ،
پَسِيو سُونهن سَيّدُ چي، نينهن اَچَنِ نيشَ،
لالَڻَ جي لِبيسَ،
آتَڻِ
اَکَرُ نَه اُڄَهي*.
2
جِهَڙا پانَنِ پَنّ، تِهڙِيُون سالُون مَٿِنِ
سائُيون،
عَطُر ۽ عَبِيرَ سين، تازا ڪِيائُون تَن،
مَڙِهيا گَهڻُو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَن،
سُونهَن رُپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ
ڪَنّ،
ڪِيائين، لالُ لَطِيفُ چي، وَڏا ويسَ وَرَنّ،
مَنجِهه مَرَڪِيُس مَن،** ”سوڍي سين سَڱُ ٿِيو.“
3
سونَ وَرَنِيُون
سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ،
اَگَرَ
اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِيُون کَٽُنّ،
اوتِيائُون عَبِيرَ جا، مَٿي طاقَ
تَڙنّ،
ٻاٽَنِ
ٻيلُون
ٻَڌِيُون، پَسيو سونهن سَڙَنِّ،
ٿِيا لاهُوتِي، لَطِيفُ چي، پَسَڻَ لَئي پِرِينِ،
اِجهي ٿا اَچَنّ، ڪاڪِ ڪَڪورِيا
ڪاپَڙِي.
4
جي ڪاڪِ ڪَڪورِيا، ڪاپَڙِي، تَنِ لَهي نَه لالِي،
ڪَڙي ڪَيفَ
خُمارِيا، مَئي
پِي مَوالِي،
ڪَري حاصُلُ هَلِيا، ڪَيفِيَتَ
ڪَمالِي،
وَتَنِ
وِصالِي،
لُڊُوڻِيان لوڌِي
ٿِيا.
5
لُڊُوڻِيان لوڌِي ٿِيا، وَتَنِ مَنجِهه وِصالَ،
اَڄ اَرَتو
اَکِيين، ڪاڪِ پِيتائُون ڪالَ،
ويئي ويچارَنِ وِسَرِي، صُباحَ جِي سَنڀالَ*،
پَرينءَ کان پاسي ٿِيا، مامويَنِ
مِثالَ،
جانِبَ جي جَمالَ، رَڱي، پَسُ! ريٽو
ڪِيا.
6
رَچِي جي ريٽو ٿِيا، ڪينَ اُٻاٽجَنِ
اوءِ،
کُنڀُ نَه کاري تنهن کي، جو هالاري
هوءِ،
توڻي ڌوٻِي ڌوءِ، ته لالِي تِنهِين نَه لَهي.*
7
جنهن تَڙِ ڌوڙُون،
ڌُونِ، چوٽا چَندَنَ چِڪَ ڪِيو،**
اَچَنِ ڀَؤنرَ ڀَنڀولِيا،
پاڻِيءَ تِنهين پُونِ،
راوَلَ
رَتو رُونِ، ڪو وَهُه
لَڳو واسُئين.***
8
جِتِ رايائِين
راڻَن کي، چَندَنُ چِڪَ ڪَري،
هاڻي اُنهِين
ڀيڻيين،
وِرِهُه
وَراڪا ڏي،
سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماري هَلِيو!
9
گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسِ گهاءُ،
مينڌري مُلاءُ
لَڳُس ڪانُ ڪَپارَ ۾.
10
رُوءِ راڻي جي ناهِه ڪو،+ سوڍو سَوائِي،
لُڊُوڻِيان، لَطِيفُ چي، لالِي تنهن لائِي،++
ڪانهي ٻِي وائِي،
ٿِيو مِڙوئِي مَينڌَرو.
11
رُوءِ راڻي جي ناهِه ڪو، سوڍو سَڀَن سونهن،
لاٿائِين، لَطِيفُ چي، مَٿاءَ دِلينِ دُونهن،
ڪانهي ٻِي وِرُونهن،
ٿِيو مِڙوئِي مَينڌرو.
12
رُوءِ راڻي جي ناهِ ڪو، سوڍا ٻِيا پِه سُڄانَ،
نِسورِيائِي
نينهن جِي، ڪَسِيائِين
ڪَانَ،
ڇَڏي وِيا ڇوهَه ۾،
دَعوائُون دِيوانَ،
ٻِي رَهِيائِي ڪانَ،
ٿِيو مِڙوئِي مينڌرو.
13
ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ تي، پاڻان وِيا پَئِي،
لوڍِيَئڙَنِ،
لَطِيفُ چي، سوڍو ڪِيو سَهِي،
مُومَلَ ماڳِ رَهِي، ٿِيو مِڙوئِي مينڌَرو.*
14
ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ تي، پاڻان وِيا پَري،
تَنِ کي ناتَرِ
ڪوهُه ڪَري، جي لُڊُوڻيان لَنگهي وِيا.
15
ڪاڪِ نَه جَهلِيا ڪاپَڙي، موهيا نَه مَحلَن،
ٻائِنِ
۽ ٻانهين جي، ٻَنڌَڻِ
ڪِينَ ٻَجَهن،**
لَکين لاهُوتَينِ، اِهَڙيُون اورِيان
ڇَڏِيُون.
16
اِهَڙيُون اوريان ڇَڏي، وِيا لاهُوتِي، لَکَ،
پايو پِٽِين ويٺِيُون، ڪاڪِ ڌَڃاڻِيُون
ڪَکَ،
پيئِي اِيءَ پَرَکَ،
تَه سوڍِيُون سِجهائي
وِيا.
17
ڪاڪِ نَه جَهليا ڪاپَڙِي، موهِيا ڪنهن نَه مالَ،
سوڍِيُون سِجهائي وِيا، هِهَڙا جَنِين حالَ،*
جي ڇورين ڏِنا ڇالَ، تَه پِه لاهُوتِي لَنگهي
وِيا.
18
توڻي ناهِه نَصِيبَ ۾، مُومَلَ! مينڌرو،
پُوندءِ، جِمَ
پاهِين
وَرين،
مَنجهان پِرِتِ پَرو،+
راڻي لَئي مَ رو، وهُه طَعني
سين واڳِجِي.**
19
مُومَلَ ناهي مينڌرو، توڻي مَنجِهه نَصِيبَ،
مُون کي، مُون
حَبِيبَ! طَعنو ئِي تنهنجو.
20
آئُون طَعني سُوڌِي تنهنجي، تُون طَعنوئِي مُون،
سو ڪِين
سَرِيوسُون،
جو سَرَتِيون! ڪنهن نَه سَرِيو.
21
سُڻِي طَعنو تنهنجو، حالُ وِڃايُمِ حَقَ،
لَکين لوڌِي
آئيا، سوڍي لاٿَمِ شَڪَ،
ڏِنَمِ ڪاڪِ ڪَهَڪَ،
سِگهو موٽج سُپِرِين.
22
ڪَڪورِي ڪاڪِ وَهي،* راڻا! ڀانءِ مَ رَتُ،
سوڍا! اِيءَ شَربَتُ، نِسوروئِي نينهن جو.
وائي
مينڌرا! مُون کي، راڻا! جِمَ وِساري ڇَڏِيين.
مُون کي طَعنا تُنهنجا، ڏيهُه مِڙوئِي ڏي،
جِمَ وِساري ڇَڏيين.
راڻي تي
رِيسَ ڪِئِي، کَر
سين کِلِيُم جي،
جِمَ وِساري ڇَڏيين.
داستان چوٿون
اختصار:
مومل جي راڻي لاءِ انتظاري ۽ بيقراري.
1
شَمَعَ
ٻارِيندي شَبَ،
پِرِهَه باکُون
ڪَڍِيُون،
موٽُ، مَران ٿِي، مينڌرا! راڻا ڪَارَڻِ رَبَّ،
تنهنجي تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ
ڪاڪِ جا.
2
اُڀي اُڀاريامِ،
نَکَٽَ
سَڀِ نَئِي
وِيا،
هِڪُ مَيو،
ٻِيو مَينڌِرو، راتِ سَڄِي سارِيامِ،
ڳوڙها ڳَلِ ڳاڙِيام، سُورِجَ شاخُون
ڪَڍِيُون.
3
ڏِيا
تيلَ ڦُليلَ
جا، ٻارِيَمِ تائِين ٻانگَ،
ڍولو ڍَٽ
رَهائِيو، ڪنهن سَٽاڻي
سانگَ،
چانگي
چَڙهِي آءٌ تُون، لالَ! وَرائي لانگَ،
ڪوڙيين ڀَتين
ڪانگَ، اُڏايامِ، اَچيج تُون.
4
وَٽَ سورِيندي،
وَلها،
وِيو تيلُ ٻَرِي،
موٽُ، مُسافِرَ سُپِرِين! چانگي تي چَڙهِي،
راڻي لاءِ رَڙِي، ويئِي وِهامِي راتَڙي.
5
ڪَتِيَن
ڪَرَ موڙِيا*، ٽيڙو
اُڀا ٽيئي،
راڻو راتِ نَه آئِيو، ويلَ ٽَرِي ويئِي،
کوءِ
سا کاڻِي
راتَڙِي! جا پرِيَنِ ري پيئِي،
مُون کي ڏَنءُ ڏيئِي، وَڃِي ڍولو ڍَٽِ قَراريو.
6
سوڍي ڌاران
سَرَتِيُون! پِيو ڀِتِنِ ۾ ڀَنگُ،*
اُٻاٽِجِي اَڄُ وِيو، راڻا! تو رِيءَ رَنگُ،
هينئين سان هاڃو ٿِيو، پِيو اوسِيئڙي اَنگُ،**
مون توهِي سين سَنگُ،
پُڇايو پُڇان پَهِي.
7
توکي مَعلُومُ منهنجو، سوڍا! سَڀيئِي،
آڳانڍو
اَرِواحَ کي، آهِيين اُهوئِي،
وِهَڪَ
مُون ويئي، پُڇايو، پُڇان پَهِي.
8
ڍاٽِي
گهڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍي وِنگَسِيو،
ڪا جا لائِي مينڌري، لالِ کي لِڱنّ،
راڻو اَکَڙِيَنِ،*** وِسارِيان، نَه وِسَري.
9
راڻو ڪا راتِ وِيو، ڳُجِهي ڳالِهه ڪَري،
سوڍي رِيءَ، سَرَتِيُون! هَڏِ نَه ساهَه سَري،
وَڃِي، مانَ وَري! آسائِتِي
آهِيان.
10
سوڍي سُتي لوءِ،
ڪا جا مُون سين ڳالِهه ڪِي،
سا جي پَڌرِ پوءِ،
تَه سَرَتِيُون! ڪا نَه سُمَهي.
11
راڻا تنهنجي راهه تي، ڏيِهاڻِي
ڏيکان،
راڻي جِي رِهاڻ
جُون، رُوح اَندَرِ ريکان،
مَحَبَتَ جُون، ميکان،
توسين لالَ! لِپيٽِيُون.
12
آءُ، راڻا راحَتَ! ڌاڃَ!
ڌَرَتِيءَ جا ڌڻِي،
سِڪَنِ ٿِيُون سُهاڳِڻِيُون، سوڍا! تنهنجي سَٿَ،
مُون تان لاهِه مَ هَٿَ، ڪامِلَ ڌَڻِي ڪاڪِ جا.
وائي
مَيو تُون موٽاءِ، مُون رُوندي
راتِ وِهاءِ،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.
گَهرَ مَهارا
گهوريا، سُرَهو
مُون نَه سُهاءِ،
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.
ڪاڪِئان
وَڃَڻُ ڪيڏهِين، راڻا! تو نه رِهاءِ،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، لا! تو نه رِهاءِ،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.
سَٺَمِ ساهيڙيَنِ جا، طَعنا توهِين لاءِ،
سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.
سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان، پيرُ پَرَچي پاءِ،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.
آسائِتِيءَ کي، عَبدُاللّطِيفُ چي، مولا! مُحِبُ
مِلاءِ،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.
داستان پنجون
اختصار:
شاه جي مومل کي تنبيهه ۽ هدايت ۽ مومل جون ڪارون
پڪارون.
1
سَڱُ ڪَري سين سِنهَن،
ڪَنڌُ م ڦيرِجِ ڪيڏَهِين،
رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتَئُون مَنجهان نينهن؛
ايئن مَ وَسِج عامَ تي، جيئن، مُومَل وَسَنِ
مينهن،
سَندي حَشَرَ ڏينهن، سوڍو سارِيندينءَ گهڻُو.
2
وَٺِيو وَڃِجِ واٽَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرجِ ڪيڏَهِين،
لَوڻِي ڦيرَ
لَپاٽَ، لَڳَندِيِيئَي، لَطِيفُ چي.
3
ڪَنڌُ مَ ڦيرجِ ڪيڏَهِين، وَٺِيو وَڃِج راهَه،
اَڄُ ڪِ سَنجّهه صُباحَ، نيئِي ڌَرِيندئي ڌُوڙِ ۾.
4
جا ڀُون
پيرين مُون، سا ڀُون مَٿي سَڄَڻين،*
ڌِڱ
لَٽِيا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون،
ڏينهن مِڙيئِي ڏُون،
اُٿِي لوچِ لَطِيفُ چي.
5
لَڏِيو لَطِيفَن،
پَلاڻي پَنڌَ پِيا،**
هَٿان حَبِيبَن، ڪونه ڏُکيو ڪڏهين.
6
راڻو ڀانئيو راندِ، وڃِيو ڪيئن وِڙُ
رائِيين؟***
وَرُ وِڏُوڻو
اِيَهِين،
جيئن پَرُ
پُچِتوءِ
پاندِ،
هَئي! ڀَڳِيءَ هيڪاندِ،
سوڍو سارِيندينءَ گهڻُو.
7
رُسُ مَ، رُسَڻُ گهوريو، اُٺُ اوراهُون
آڻِ،
ليڙي جو، لَطِيفُ چي، تَنگُ سَوارو
تاڻِ+،
شَرمِندِيُون سَڀِين پَرين،
پُٺِيءَ لائِجِ پاڻ++،
اَچِي مُشڪَ ماڻ،+++ تَه سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.
8
رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، اُٺُ اوراهُون ڇوڙِ،
تورِيءَ ڪاڪِ ڪَڙي ٿَئِي،
ساڻُ سِرکَنڊُ
سوڙهه،
اَچِي چَندَنُ چوڙِ،
تَه سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.
9
رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، پَرَچُ، مَ وانءُ
پَري،
مارِيَسِ ڦَٽَ فِراقَ جي، جِهَتَ
جي ذَري،
لالَنِ جِي، لَطِيف چي، سُونهائِي
سَري،
آيَس تو ڳَري
تَه، سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.
10
رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، راڻا! ڇَڏِ رِياءُ،
ميٽِ مَدايُون، موٽُ تُون، ڪَري نِرِتِ نِياءُ،
لالَنَ جو، لَطِيفُ چي، ڪونهي سونهن سِياءُ،
اَوّڳُڻَ
ڍَڪي آءُ، تَه سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.
11
رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، ڇَڏِ، راڻا! ريڏائِي،
منهنجي ميٽِ، مينڌرا، عاقِلَ! اَگَلائِي،
لِپيٽِج،
لَطِيفُ چي، ڪامِلَ! ڪَچائِي،
ڪَرِ مَعافُ مَدائِي، تَه سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.
12
ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، جَلِي منهنجي جانِ،
رَکي ڪامَ
ڪِڻِڪِيو،
مارِيَسِ تنهن گُمانَ،
هَڏِ نَه جِيان
هاڻِ، سِگهو موٽِجِ سُپِرين!
13
ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، ٻَرِيا مَحَلَ ماڳَ،
سوڍي جي، سَرَتِيُون! وِڌِيَسِ وَهه
ويراڳَ،
سُورَنِ لائِيا سانگَ،
سگهو موٽِجِ سُپرين!
14
ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، ٻَرِيا رَنگَ رَتولَ،
تو پُڄاڻان سُپِرِين، هينئڙي اَچَنِ هَولَ،
جي مون سين ڪِيَئي قَولَ، سي سِگها پارِجِ،
سُپِرِين!
15
ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، لُوٺو
لُڊاڻو،
تو پُڄاڻان سُپِرِين! آتَڻُ
اُجهاڻو،
مُيِنِ
سين ماڻو، مُناسِبُ نَه مَينڌرا!
16
حالُ قُربانُ، مالُ قُربانُ، گهورِيان لُڊاڻو،
فِدا ٿِيءُ
فَقِيرِ جو، شَلَ رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَه مَينڌرا!
وائي
ڏُورِ وَڃِيو ڏينهن لائي، ڪا سوڍَلَ کي سَمُجهائي،
جيڏِيُون! منهنجي راڻَلَ کي ڪا ٻاجَهه پُئي!
ڇَنا، مَنهَه ماڙِيُون، اوڏاهِين اَڏائي،
جيڏِيُون! منهنجي راڻَلَ کي ڪا ٻاجَهه پُئي.
ميڙِ مُنجان ٿِي،* مِينڌرا! تو دَرِ تيلاهي،
جيڏِيُون! منهنجي راڻَلَ کي ڪا ٻاجَهه پُئي.
مِنٿَ منهنجي مينڌرو، مانَ مَ موٽائي،
جيڏِيُون! منهنجي راڻَلَ کي ڪا ٻاجَهه پُئي.
ڦَٽيَلَ مينهَن فِراقَ جا، ويٺي وَسائي،*
جيڏِيُون! منهنجي راڻَلَ کي ڪا ٻاجَهه پُئي.
سوڍا! سِرُ پُڻِ گهورِيان، آءُ ڪَرَهو ڪاڪِ
وَرائي،
جيڏِيُون! منهنجي راڻَلَ کي ڪا ٻاجَهه پُئي.
لُڊُوڻِئان، لَطِيفُ چي، شَلَ پيرُ مُئِيءَ ڏي
پائي،
جيڏِيُون! منهنجي راڻَلَ کي ڪا ٻاجَهه پُئي.
داستان ڇهون
اختصار:
مومل جا ورلاپ.
1
نَه وارِثُ،
نَه وَلَهو،
نَه سَڱُ،
نَه سِياڪو،
تو پُڄاڻان سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو،
پانڌِيا!
پاراپو،
ڏِجان ڍاٽِيءَ ڍولَ کي.
2
ڏِجان ڍاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنيهو ساري،
مون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌرا! ماري،
اَچين جي واري،
ڪَرَهو ڪَمِيڻِيءَ تي.
3
ڪَرَهو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا! وارِ سُڄاڻَ!
ڪُهُه ڪَرِيان ڪاڪِ کي، تَنَ توهِين ڏي تاڻَ،
لاهي غَيرَ گُماڻَ،
اَڱڻِ آءُ اَڪَنڍِيين.
4
اَڱڻِ آءُ اُڪَنڍِيين، پَرچِي پِيارا،
پَلَڪَ پَرانهُون
نَه سَهَئين،
جِيءَ جا جيارا،
نِينهان،
نيزارا،
سَڃ،
تَه مان
سُورُ لَهي.
5
سَڃ ته مان سُورُ لَهي، اَکِيُون ڀَري ٻاجَهه،
راڻي جِيَ رِهاڻِ کي، ويٺِي وِجهان واجَهه،
سوڍا! لَهِي ساجَهه،
پَسُ توشَڪُون،
تَڪِيا.
6
پَسُ توشَڪُون، تَڪِيا سيئِي وِهاڻا،
پَسِيو هَنڌَ
پَچي هِينئون، جي حَبِيبَنِ- هاڻا،*
هِڪُ ڏُنگا
ڏاڏاڻا،
ٻِيو موٽِيو تان نَه مينڌرو.
7
ڪَري موٽَ مينڌرو، جي لُڊُوڻِيان لالُ،
گَهرُ مِڙوئِي گهورِيان، هوند پنهنجو حالُ،
راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَه گُهرجي مالُ،
سوڍي کي سُوالُ، ڪَرِيان ٿِي قُربَ جو.
8
سوڍا! سُورَ سُڪائِيُون، اَکِيُون آبُ نَه ڪَنِ،
راڻي جِي رِهاڻِ کي،
وِرُوڻِيُون،
وَڃَنِ،
سي ڪيئن مينڌرا! مَچَن،
جي تو سُورِيءَ چاڙِهُيون.
9
لوڌِي،
لَکَ اَچن، رُوءِ
راڻي جي ناهِه ڪو،
هِڪُ اَکِيُون، ٻِيا اَڱڙا،
پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ،
سي ڪيئن مينڌرا! مَچَنِ، جي تو سُورِيءَ
چاڙِهيُون.
10
مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري،
وَلِيُون واسَ- وَرَنِيُون
چانگي کي چاري،
جَڏِهن تَڏهِن،
سُپِرين، اِيندُمِ اوتاري،
سوڍي سين ساري، ڳالهيون ڪَندِيَسِ ڳُجَهه جون.
11
سوڍا تنهنجي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون،
لائِيُون،
راڻا! رِهاڻِيَن جا، مارِينِمِ مَذڪُورَ،
طَعنا ڏِينِمِ تُورَ،
آءُ تَه پَرَچُون پاڻَ ۾.
12
راڻا! رِهاڻِيُون، سوڍا! ويٺِي سارِيان،
سَهَسين سِڄَ اُلٿا، راتِيُون وِهاڻِيُون،
ڪوڙيين مُون ڪاڻِيُون،
ڍولا! ڍَڪي، آءُ تُون.
13
مُون گَهرِ اَچِي جي ٿئي، مَينڌَرو مِهماڻُ،
آڻي جهوڪِيان آڳِ ۾، ڄيري،
وِجهان ڄاڻُ،
تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري
هَڻان ڀاڻُ،
پِيُڪَنِ،
سُوڌو پاڻُ، گَهرُ تَڙَ گهورِيان پَرَ
تان.
14
اَڄَ نَه ڳالهائونِ،
هُونِ ڏيهاڻِي
نِجُهري،*
پَسو پَهُه پِيونِ،** آتَڻُ سُڃو اُن ري!
15
اَڄُ نَه پَسان سي، آتَڻِ ڪِتُم جَنِ سين،
هاڻِي تَنِين کي،
ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ نِهارِيان.
16
تُون ڍاٽِي، ڍَٽَ- ڌڻِي، ڍولا! تنهنجو ڍَٽُ،
پائي تُراڙِيءَ،
تورِيان، تَه ملڪُ نَه تنهنجو مَٽُ،
لاهي ڪَسَرَ،
ڪٽُ، اَچِي کوڙِ قَناتون،
ڪاڪِ ۾.
17
کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾، راڻا! ويهُه رَهِي،
ماڙُهو جي محلاتَ جا، سوڍا! ڪِجِ سَهِي،*
وِينديِئي ڳالهِه وَهِي،** وِڪَرِ
پُوندين
وَلهَا.
وائي
نيئِي نيئِي ڏيجِ، اي اَدا، اَدا، پانڌي،
ساٿِي پِرِينءَ سَنيهو.
پيرين وِجِهي هَٿَڙا، زارِيُون زورِ ڪَريجِ،
ساٿِي پِرِينءَ سَنيهو.
ڪالَهه ڪُوماڻا گُلَڙا، سُڪا مَٿي سيڄَ،
ساٿِي پِرِينءَ سَنيهو.
تو لَئي هَنجُون هاريان، هي جي مَنجهان هيجَ،
ساٿِي پِرِينءَ سَنيهو.
جي تو ڀيرو نَه ڪِيو، تان مون
مُئِي سُڻيجِ،
ساٿِي پِرِينءَ سَنيهو.
نِماڻِيءَ جي نِجُهري، پيهِي تُون پُڇيجِ،
ساٿِي پِرِينءَ سَنيهو.
اَهُکِيءَ، عَبدُاللّطِيفُ چي، اَچِي آڌَرَ ڏيج،
ساٿِي پِرِينءَ سَنيهو.
داستان ستون
اختصار:
مومل جو ورلاپ.
1
ڍَٽِ مَ وَڃِج، ڍولَ! ڪاڻِيارِي
ڪاڪِ ڪَري!*
آئُون اَڳَهِين
آهِيان، ٻَڌِي تنهنجي ٻولَ،+
توکي ساري، سُپِرِين! رُنُم مَنجهه رَتولَ،
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ،** وِسَهُه
مُون وهُه ٿِيا.
2
جي هئا ڪوڏيا ڪاڪ جا، سُتا سي سونهن،
لُڊوڻيان لطيف چي، لڏيو لوڍيئڙن،
سي موٽِي مَسَ اچن، جي آتڻ آرامِي ٿيا.
3
لڊُوڻِئان،
لَطِيفُ چي، کَٽُون کَنيائُون،
ڇَڏي حِيلا هَلِيا،*** مُومَل مارِيائُون،
ڀيرو ڀَڳائُون، آسَڻِ آرامِي ٿِيا.
4
ڀيرو ڀَڃُ مَ، ڪاپَڙِي!
لاهي ويهُه مَ لاڳَ،
تان مُون هينئڙو ماڳَ+، جان تُون، جوڳِي! جُوءِ
۾.
5
سوڍي سِرُ نِيو، هِتِ ڪَرَنگَهرُ
سَکِڻو،
راڻي جي رِهاڻِ کي، سِڪي ساهُه پِيو،
پَسان ڪِينَ ٻِيو، تو رِيءَ اَکَڙِيَنِ سين.
6
سوڍي منهنجي ساهَ سين، جيڏِيُون! جيئن ڪِيو،*
ڪَڙِي مُون ڪاڪِ ٿِي، آتَڻُ وِسَرِيو،
پَسان ڪِينَ ٻِيو، تو رِيءَ اَکَڙِيَنِ سين.
7
جيڏِيُون! منهنجي جِيءَ سين، راڻي رِڻُ ڪِيو،*
قَلبُ
ڪاڪِ ڪَنڌِيَنِ ۾، پُرزا ٿِي پِيو،
ٻُجهان،
ٻَهَرِ وِيو، هِينئون هَنڌِ نَه اَڳِيين.
8
راڻي رِڻُ ڪِيو، جيڏِيُون! منهنجي جِيءَ سين،
مَنُ مينڌري وَڍِيو، ڌُٻِي
ڌَڙُ پِيو،
ٻُجهان، ٻَهَرِ وِيو، هينئون هَنڌِ نَه هيڪَڙي.
9
راڻا! نَه ڄاڻان، ڪيئن وِڏُوڙِئين
وَلَها!
اَچِي ڪاڪِ ڪَنڌِينِ ۾، پَرَچِي ڏي پاڻان،
مينڌرا! ماڻا،
تو رِيءَ ڪَندِيَسِ ڪَنِ سين؟
10
رُئان ٿِي، راڻا! هَنڌَ نِهاريو حُجِرا،
پيئِي کهَه
کَٽُنِ تي، ٿِيا پَلَنگَ پُراڻا،
ڌَرِيائِي
ڌُوڙا ٿِيا،
وَرَ
رِيءَ
وِهاڻا،
جايُون، گُلَ، جَباتَ،
وَڻَ، تو رِيءَ ڪُوماڻا،
مَينڌَرا ماڻا، تو ريءَ ڪنديسِ ڪَنِ سين.
11
مِيان مَينڌرا! موٽُ، بَخشُ ڪَرِ بُڇائِيُون،
تون گَهِڻنِ جو گهوٽُ، مُون وَرُ تُونهِين هيڪَڙوئ
12
جيئن اِيندي
موٽئين،
مَينڌَرا! وَڏي جاڙَ
ڪِياءِ،
وَرُ نَه هُئين وَلَها! هوند جَٽي
مُون جاڳاءِ،
تَه سُتي جِي ساڃاءِ،
سوڍا! سِگِهيائِي ٿِئيَئي.
13
جَڳُ جِيهِين
چوءِ، سوڍو تيئن نَه سِکِيو،
راڻو تيئن نَه روءِ، ڳوڙهو جيئن ڳَلِ ڳَڙي.*
14
سَهَسين جِئان
سِڪَنِ، تِئان
مُومَلَ موٽَڻُ لِکِيو،
سي هونهين
جاڙِ
جِيئَنِ، جي ڪوڙي ڪاغَذِ
آئِيُون.
15
ويٺِي نِتُ نِهارِيان، راڻا! تنهنجو راهُه،
موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندوءِ اَللهُ،
سوڍا! تو ڳَرِ
ساهُه، ناتَه راڻا گَهڻا راڄَ ۾.
16
راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسو! پَڳَهُه
پِيومِ،
ٻيڙِيءَ جيئن ٻَڌِي وِيو، سوڍو ساهُه سَندومِ،
وِيهَڻُ وِهُه ٿِيومِ، جاڳِيو ٿِي جَرُ
هارِيان.
17
تَنِ باغَنِئُون
بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا،
سوڍي رِيءَ، سَرَتِيُون! ڪاڪِ نَه اَچي ڪَسِ،
راڻي پائي رَسِ،
تَنُ ٻيڙِيءَ جيئن تاڻِيو.
18
لُوٺِيَس لُڊاڻي، پَسو! جو پِرِيَن ري،
جيڏِيُون! جيهائِي ڪِئِي، راتِ رُسِي راڻي،
هَلِبو هاڻي، ويرا،
ڪاڪِ وِهُ ٿَئِي.
وائي
ڪيئن ڪَريان، ڪاڏي وَڃان، مُون کي سوڍو سَجُهه
نَه ڏي.
راڻو راتِ وِيو، ڪَرَ
ٿِي ڪُل
مَٿي،
ڪيئن ڪَرِيان، ڪاڏي وَڃان.
اَچِيو آتَڻَ وارِيُون طَعنا ڏِينِمِ تي،
ڪيئن ڪَرِيان، ڪاڏي وَڃان.
پَٿَرِ
وارَ وِڇائِيان، رِيجِهي
راڻي کي،
ڪيئن ڪَرِيان، ڪاڏي وَڃان.
کارايان کِيرولِيُون، چاريان چانگي کي،
ڪيئن ڪَرِيان، ڪاڏي وَڃان.
اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چي، ايندُمِ هوتُ هِتي،
ڪيئن ڪَرِيان، ڪاڏي وَڃان.
داستان اٺون
اختصار:
مومل جو پڇتاءُ، صبر ۽ شڪر.
1
ڪِين ساڱاهِيُمِ
سُپِرِين، جاڙُون ڪِيُمِ جالَ،
سوڍا! مون کي ڪالَ،
موٽِي مُنهن ۾ آئِيُون.*
2
ڪِين ساڱاهِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيُمِ جِتِ،
سوڍا! مون کي تِتِ، موٽِي مُنهن ۾ آئِيُون.
3
ڪِينَ ساڱاهِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيُمِ جي،
سوڍا! مون کي سي، موٽِي آئيُون مُنهن ۾.
4
خامُوشِي
خَبَرَ
جِي، مُومَلَ ٿِي مَت،*
صَبر ٿِيو سُپَتَ،
مُنهنجي حَقّ، مينڌرا!
5
سوڍا! صبر تنهنجو، مومَلَ مَتِ ٿيو،
تو جو ڪالهه ڪِيو،
تنهن مَدِيُونِ ميٽي ڇَڏِيُون.
6
تو ۾ ٻَڌِيَس تي،** جي مُنهن ۾ مَدِيُون نَه
ڏِيين،
ڍولا! جي ڍَڪيَئي، سي مَتان عيبَ اُپَٽِيين.
7
جي منهن ۾ مَدِيُون نَه ڏِيين، تو ۾ تي ٻَڌِياس،
سوڍا! اِن سُهاڳَ کي، ويٺي واجهاياس،
ڍولي ڍَڪِيياسِ، ڏيئِي پاندُ پَناهَه جو.
8
ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَسِ اُگهاڙِي،
ڏيِئي لَکَ
لاڙِي،
ڪَڪَرُ
ڪِيائِم ڪاڪِ جو.
9
ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَس اُگهاڙي اَڳَ،
جوڙي
جَڳَ، ڪَڪَرُ ڪِيائِمِ ڪاڪِ جو.
10
ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَسِ اُگهاڙِي آنءُ،
رَکِي پنهنجو نانءُ،* ڪَڪَرُ ڪِيائِمِ ڪاڪِ جو.
11
ڪَڪَرُ ڪِيائِم ڪاڪِ جو، ڏيئِي لاڙِيءَ لِکَ،
هاڻي مَٿي ڏِکَ،
چَڙهِيو ٿِي چاڳَ ڪَريان.
12
سوڍا! صَبرُ تنهنجو، مَرَڪُ لَڄايَنِ،
چُپ
سين جي چَوَنِ، اَدَبُ ڪِجي اُنِ جو.
13
سوڍا! صَبرُ تنهنجو، لَڄايَنّ مَرَڪُ،
نَه ڪُڇَڻَ سين نَڪُ، رِيءَ رُڪَ
راڻي وَڍيو.**
14
سوڍا! صبر تنهنجو، سَڀَنِ سيکاري،
مُومَلَ جي واري،
ڪُهُه ڄاڻان، ڪُهُه ٿِيو.
15
سوڍا! صبر تنهنجو، سيکاري سَهَسَ،
پُڄِي تِئان پَهَسَ،
مون کي نَصِيبَ نيئِي جَهليو.
16
سوڍا! صبر تنهنجي، ماڙُهو ڪِي
مُومَل،
ڪُپَرِ
منجهان ڪَل،
پييَم پِرِين! تنهنجي.
17
سوڍا! صبر تنهنجو، مون کي نَصِيحَتَ،
ريلا ڪَندِيَسِ رَتَ، مَينڌرا! تو مهندان.
18
سوڍا! صبر تنهنجو، بي عَقُلَنِ عَقُلُ،
آهي اُنگ
اَمُلُ،
ماٺِ تنهنجي مَينڌرا!
19
سوڍا! صبر تنهنجو، بي عَقُلَ آڻي بازِ،
سَندي صبر ساز،
توبَهَه ڪارِيَمِ تَڪَڙِي.
20
سوڍا شَرمايُون، پَسِيو عَيبَ اَڳِيان،
نَڪَ نِرِڄايُون،
هُيُون منهنجي حَقّ ۾.
21
موٽي آيو مُنهن ۾، سوڍا! شَرَمُ جَنِ،
سي لَڄايُون لُڇَنِ، پَسِيو عَيبَ اَڳِيان.
22
اَدِيُون آتَڻَ وارِيُون! نرڄا نَڪَ ٿِيا،
وَڍِيا، نان نَه وِيا، پاڻان مورِيا
مُنهن ۾.
23
موري مُنهن وَڏا ٿِيا، وَڍِيا، تان نَه وَڃنِ،
اَدِيُون! اَڻاسِنِ،
تَنِ ڪوجَهنِ کي ڪيئن ڪَرِيان.
24
جَنِين سَندي مُنهن ۾، نِهائِيُون
نَڪَنِ،
تِئان وَڍِيو هيڪَڙو، تَه ڪِهَڙو ٿورو
تَنِ،
سي مَرُ سُڃا ئِي سُونهنِ، جَنِ ڀَلِي ڀِينگَ
ڀَرَمَ جِي.
وائي
آءُ راڻا! راتِ، تنهنجي چانگَلَ کي چَندَنُ
چارِيان،
راتِيان ڏيهان رُوحَ ۾، تَنَ تُونهِين جِي
تاتِ،
تنهنجي چانگَلَ کي چَندَنُ چارِيان.
ويٺِي نِتُ نِهاريان، اَچين جي پِرڀاتِ،
تنهنجي چانگَلَ کي چَندَنُ چارِيان.
مُون کي آهي، مَينڌرا! وائِي تنهنجِي واتِ،
تنهنجي چانگَلَ کي چَندَنُ چارِيان.
اَدِيون! عَبدُالّلطيف چي، ڏاتَرُ ڏِيندُم ڏاتِ،
تنهنجِي چانگَل کي چندَنُ چارِيان.
داستان نائون
اختصار:
راڻي وٽان دلداريءَ ۾ دلاسي جو نئون نياپو.
1
راڻي جي رِهاڻِ
مان، ڪو آديسِي
آيو،
چوڏِهينءَ ماهه چَنڊَ جيئن، ڪِيو سامِيءَ سُهائو،
لَٿو اُونداهو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ
سان.
2
راڻي جِي رِهاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي،
کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ
سَڀِ واسِي،
سُوو سَناسِي، اُتاهِين
ٿِي آئِيو.
3
راڻي ريٻارو،
تو ڏانهن
مُڪو تَڪَڙو،
لُڊُوڻِئان، لَطِيفُ چي، ماڻِجِ موچارو،
صُبُحِ سَوارو، ڪاڪِ گِهڙَندو ڪَرَهو.
4
راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ،
چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، مومَلَ لِنبي ماڳ،
سوڍي جي سُهاڳَ، ڍَٽُ مِڙوئِي ڍَڪِيو.
5
نَئُون نِياپو آئِيو، راڻي مُلا
راتِ،
لَڌِيسُون، لَطِيفُ چي، ڪَنان
ڏاتَرَ اتِ،
ڪِهَڙِي پُڇين ذاتِ، جي آئِيا، سي اَگِهيا.
6
ڪيڏانهن ڪاهِيان ڪَرَهو،
چَؤڏِسِ چِٽاڻو،
منجَههِين
ڪاڪِ
ڪَڪورِي، منجَههِين لُڊاڻو،
راڻو ۽ راڻو، رِيءَ راڻي ٻيو ناهِه ڪو.*
7
ڪيڏانهن ڪاهِين ڪَرَهو، چِٽاڻو چَؤڌارَ،
منجَههِين ڪاڪِ ڪَڪورِي، منجَههِين باغَ بَهار،
ڪانهي ٻِي تنوارَ،
ٿِيو مِڙوئي مينڌَرو.
وائي
ڪِي جو ڪاڪِ تَڙاءُ چانگي چَرَهو
چَکِيو.
ڪَرَهو سَرَهو ڏيهَه ۾، نَه تنهن ڊَپُ نه ڊاءُ،
چانگي چَرَهو چَکِيو.
پاهُه
پِرائي آئِيو، لالِي لُڊُوڻِياءُ،
چانگي چَرَهو چَکِيو.
ڪَرَهي ڪانيٽا
رَتا
نائي
ناڪيلاءُ،
چانگي چَرَهو چَکِيو.
وَگُ
واسِيائِين
پانهنجو، سَڀَ ئِي سُراهِئاءُ،
چانگي چَرَهو چَکِيو.
تُون ڍاٽِي، ڍَٽَ- ڌَڻِي، تُون راڻو، تُون راءُ،
چانگي چَرَهو چَکِيو.
مُومَلَ مَحُتاجِيُون ڪَري، عاجِزِيُون اَڳياءُ،
چانگي چَرَهو چَکِيو.
آءُ تون، عَبدُاللّطِيفُ چي، موٽِي هِنَ مَحَلاءُ،
چانگي چَرَهو چَکِيو.
|