وائي
ساٿِيَنِ نَنڌا
[1] بارَ، وو! تَنِ
پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ
[2] اَکڙِيُنِ ۾.
پاتا پاڙيوارِييـٖـن، پَڳَهَه
[3] مَنجِهه پاتارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
پَتَڻُ ٿو پُورَ
[4] ڪَري
[5] ، آئِي تنهنجَڙِي
[6] وارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
سَڄِيُون راتِيُون سُمَهيـٖـن، کِيو
[7] مَنجِهه خُمارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
ڪِ
[8] تو ڪَنين نه
سُئِي، هَلَڻَ جِي هاڪارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
تائِبَ ٿِيو
[9] تَڪِڙا، سَچِي
اِيءَ سَنڀارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
نِنڊَ نه ڪِجي ايتَرِي، سُڻجِ، اَدا يارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
سائِينءَ مُڪهءِ
[10] سَچَ کي، تون
ڪُوڙو مَنجِهه قَطارَ
[11] ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي
[12]، ڪَپَرَ جِي
ڪُوڪارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
گِهڙان ٿِي رِيءَ
[13] گَهڙي، اِلاهِي
تُهارَ
[14] ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
هُو جو شَڪُ شارِڪَ
[15] جو، تِئان
[16] رَکُ
[17] ، سَتارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
ڪُلَ نَفسِ ذائِقَةالمَوتِ
[18] ، پَڙهو اِيءَ
پَچارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
شِڪارُ تون شَهبازَ
[19] جو، تون تان
مَنجِهه شِڪارَ
[20] ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
يومَ يَفرّالمَرَءُ مِن اَخِيہِ
[21]، جِتِ ڀَڄِندا
ڀارَ
[22] ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
تُرَهو ڇِنو تارِ ۾، اَچِجِ تُون، اوسارَ
[23] !
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
لَکَ مِڙيئِي لُٽِيا، هُنهِين
[24] وِيا هَزارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
ڏِنَئِي جي اَللهَ کي، هُوند ٿِييـٖـن پَرييـٖن پارَ
[25] ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
جوٽَن
[26] مَٿان جُٽِڪي
[27] ، دُنِي
[28] تُنهنجي دارَ
[29] ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
جِيفو
[30] حَدِيثَ ۾،
اَنڌِيءَ اِي آچارَ
[31] ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
وَٽِيَئِي
[32] ڪِينَ وِلَهَنِ
[33] سين، ڪَنبِي
ڀَرِ قَهارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
سا
[34] ڪيئن هَلي تو
سين، جا ڀَڳِي کان ڀَتارَ ؟
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
جِيئَڻُ، جالَ نه نِبَهي
[35] سُڻِجِ اِيءَ
سَنڀارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
جِمَ
[36] وِسارِين ويسَرا
! ڀِتِنِ
[37] جِي ڀُلڪارَ
[38]،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
داستان چوٿون
1
سَڀيئِي سَئِين ڪَرين، ڪو مَ مُنجهايين واٽِ،
سُپيرِيان جي ساٿِ، لائو
[39] لَڱو
[40] ميڙِيين!
2
سَڀيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي ڪَمَ،
ٿِيءُ تَحقيقُ تَسلِيمَ ۾، لاهي غَمَ وَهَمَ،
قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصُلُ ڪَري حاجَ تو.
3
چَڱنِ ساڻُ چَڱائِيُون، ايئن سَڀَڪو هوءِ،
تو جيئن ڪَري نه ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلائِيون.
4
چَڱا ڪَنِ چَڱائِيُون مَٺائِيون مَٺَنِ،
جو وَڙُ
[41] جُڙي جَنِ سين،
سو وَڙُ سيِئي ڪَنِ.
5
مَيَنِ
[42] مَٿي سَمَرا،
[43] کُهِيَنِ
[44] سَڏَ ڪَرينِ،
ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيءُ پَرِ سَندِي سَڄَڻين.
6
وِتُ
[45] وِيمي
[46] جو جي لَهيـٖـن،
ته ٻِي ڪارِ نه ڪَرِييـٖـن ڪا،
سا پَرُوڙِج ڳالَهڙي، وَڻجارَنِ وٽان،
موتِي جَنِ هَٿان، آندَءِ گهڻي اَدَبَ سين.
7
اَمُلَهه آڇ مَ اُنِ کي، جي نه پَرُوڙِنِ مَٽِ
[47] ،
جِتِ گَڏِجيـٖـئِي جوهَرِي، ماڻِڪُ تِيَهين
[48] مَٽِ،
جَنِين سونَ سين سَٽِ
[49] ، تَنِ هَڻِي
رِيءُ
[50] رَدِ ڪِيو.
8
سونا
[51]! وانءُ
[52] صَرافَ[53]
سِينءَ، ڀَڃِي ڇَڏِ بازِي
[54]،
چاندِي ڪِيو چَلائِييـٖـن، رُپو
[55] رَوازِي
[56] ،
جِتِ ٿِيندو رَبُ قاضِي، اُتِ تورِيندا تَجِويزَ
[57] سين.
9
سونا! وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو لاهِ مَ لَڏِ،
سودو سوئِي ڇَڏِ، جنهن ۾ جَواهِرُ ناهِ ڪِين.
10
سونا! وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو هَڏِ مَ لاهِه،
آهي تُنِ اُنداهِه، جَنِ جَواهِرَ ضايَع ڪِيا.
11
جُهه
[58] صَرافَنِ، تَه
تُون پُڻِ لَڏِج، سونَ!
قُدُرُ لَهَندُءِ ڪونه، نيئِي گَڏِيندَءِ
[59] سين.
12
جي نَه سُڃاڻَنِ سَچَ کي، ويهُه مَ تِنِي وَٽِ،
اَمُلهه کي اَڌَ ڪَري، پاڻان هَڻَندا پَٽِ،
وَڃِي مُهرَ
[60] تِنِي وَٽِ، جي
پارَکُو
[61] پارِسَ جا.
13
قَدُرَ وارا ڪَم
[62] ٿِيا، کُٽا
خَرِيدارَ،
پاڻِيَٺَ
[63] جـٖـي پَرَکَڻا
[64]، وِيا سي
وِينجهارَ
[65] ،
ڪَنيَرُ
[66] پائِي اَکِيين،
لَهَنِ سڀڪنهن سارَ،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو
[67] ٿِئـٖـي
[68] !
14
اَگِهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي،
پَلَئه پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
15
وِيا سي وينجهار، هِيرو لَعلُ وِنڌِينِ
[69] جي،
تَنِين سَندا پوئِين، سِيهي لَهَنِ نه سارَ،
ڪُٽِنِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنِين
[70] ڀيڻييـٖـن
[71] .
16
وَڃَنِ مَ وِينجارَ پاڻِيَٺَ جي پَرَکَڻا،
ڪَنَيرُ پايو اَکِييـٖـن، لَهَنِ سڀ ڪنهن سارَ،
موتِيءَ جي مزارجَ جو قَدرُ مَنجِهه ڪِنارَ
[72] ،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
17
ٿا صَراف سُڄَنِ،
[73] پاڻُ ڪوٺائِنِ
جو هَرِي،
ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ
[74] وَٺِي وَٽِ
تَنِ،
سَندُسِ ئِي سَيّدُ چي، ڪِهَڙو قَدُرُ ڪَنِ،
پاڻِيَٺُ ئِي پَرکَنِ، ڪِ ڪَئِنچَلُ
[75] گَڏِنِ ڪَچَ
سين؟
18
اَمُلُهه، اَسارِي پئِي
[76]، ڀورِي
[77]! ڀَڳُئِي جِتِ،
[78]
ڪُلهه
[79] نه رُنِئي تِتِ،
ٻَئِي اَڌَ هَٿِ ڪَري.
19
اَمُلُهه، اَسارِي پَئِي، ڀورِي! ڀڳئي جيئن،
وانءُ صَرافَنِ سيئن
[80]، ٻَئِي اَڌَ
هَٿِ ڪَري.
20
ماڻِڪَ، مُنڌَ
[81] هَٿان، پيتِيءَ
[82] ۾ پُرِزا ٿِيو،
سَڄو تان، سَيّدُ چي، لَهي لَکُ سَوا،
ڀَڳي پُڄاڻا
[83]، پَدَمان
[84] ئِي پَري
[85] ٿِيو.
21
جِتي ماڻِڪ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو
[86] ،
سَنئُون تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ
[87] جَنِ اوباهِيو
[88] .
22
چورُ
[89] اُڀو ايئن چوءِ،
ته آئُون اُهوئِي آهِيان،
جي اَسِي اَکِيَنِ هوءِ، ته لِڪئـٖـي
[90] کي ڪونَه لَهي.
23
جَهنگُ
[91] کامِي پَٽُ ٿِيو
لَٿِي چوران لِڪَ،
وَئِي وُجُودان نِڪِري، جيڪا دَڙِي دِڪَ
[92] ،
هِڪُ سَڄَڻُ، ٻِي سِڪَ، ٻَئِي پَهڻا
[93] پاڻَ ۾.
وائي
جاڳو، يارا جيڏِيُون! پاڻِ پَرَنِجي
[94] ،
جاڳو جوشا
[95] ، جيڏِيُون !
پاڻُ پَرَنِجي.
هلندي حَبِيبَنِ ڏي، ويلو
[96] وِچِ نه ڪِجي،
جاڳو جوشا، جيڏِيُون!
مَٿان اُهِسَ
[97] اُسِرِي، پَتنگَ
جيئن
[98] پَئجي،
جاڳو جوشا، جيڏِيُون!
عَرَضَ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيَ ڀَتِ
[99] چَئجي،
جاڳو جوشا، جيڏِيُون!
ڪَري نِيازُ نِڪَڻُو
[100] ، واحِدَ ڏي
وَرِجي،
جاڳو جوشا، جيڏِيُون!
آهي موتُ مِڙِنِ تي، گوڙِيُون ڪِيو گَجي،
جاڳو جوشا، جيڏِيُون!
اَجَلُ
[101] اِيندُءِ
اوچتو، جو سَدا ٿو سُڄي
[102] ،
جاڳو جوشا، جيڏِيُون!
اَڳِيان اُونداهِيءَ
[103] جو، سَمَرُ
[104] ساڻُ ڪِجي،
جاڳو جوشا، جيڏِيُون!
کَڻُ تُون قُوتُ قَبَرَ جو، گَهڻُو ٿو گُهرِجي،
جاڳو جوشا، جيڏِيُون!
آگو
[105] عَيبَ اَوهِنجا
[106] ، ڍَڪِيا
ڳُجَهه ٻُجهي
[107] ،
جاڳو جوشا، جيڏِيُون!
جيڪِين وَهي وُجُودَ ۾، صاحبُ سو سَمُجهي،
جاڳو جوشا، جيڏِيُون!
ڊِڄِي ڊاءِ
[108] ڌَڻِيَ جي ،
جيڪو ڀَئِي
[109] ڀڄي،
جاڳو جوشا، جيڏِيُون!
اَمُنُ اهي اُنَ کي، جو مَنجِهه اَلله اَجهي
[110] ،
جاڳو جوشا، جيڏِيُون!
داستان پنجون
1
مون ٿي چَيُئه، ڪانُدَ
[111]! ڀُتِي
[112] ڀاڙِ مَ
مَڪُرِي
[113] ،
سِڙَهَه پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون سَهِي
[114] لَڳَندِيُون.
2
لَهرِن ليکو ناهِه ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا،
آڇارا
[115] عَمِيقَ
[116] جا، اَچَنِ
اوڀارا،
اُٿِي، اَسارا
[117] ! وِيرِ وِڙَ
هندِيءِ، ويسَرا
[118] !
3
وِيرِ وِڙَهندِيءِ، ويسَرا! اُٿِي توهُه
[119] طَلَبِ،
سائِرَ
[120] ڪنهن سَبَبِ،
ڪالَهه نه وڌءِ
[121] ڪُنَ ۾.
4
ڪالَهه وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا
[122] جُنگَ
[123] جَهازَ،
تنهنجي اَڄُ تَرازَ
[124]، آهي آرَ
[125] اکين ۾
[126] .
5
آهي آرَ اَکِينِ ۾، ناکُئا! ڪِجِ نِگاهَه،
وَڏا ٻيڙا ٻوڙِيا، سائِرَ ڏيئِي ساهه
[127] ،
مُلاحِظو
[128] ، مَلاحَ !
ڪِجِ ڪو اِنهيءَ
[129] ڪُنَ جو.
6
مُلاحِظو مِهراڻَ
[130] جو، مُورِ مَ
لاهِه مَناءُ
[131] ،
سامُونڊِي! سَنڀالِ، ڪِين،
[132] سُمَڻَ آيَئِه
ساءُ
[133] ،
جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تاريٖ وانءُ
[134] تَرازَ
[135] کي.
7
تاري وانءُ تَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ!
دانهُون ڪَنِ درياهَه جُون، اونِهي جا آگاهَ
[136] ،
سُونهَنِ
[137] جِي صَلاحَ،
وَٺ ته وِيرَ لَنگهي وَڃِين.
8
سُونهان سُڌِيُون
[138] ڏِينِ، هِنَ
ديواني درياهَه جون،
ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِين،
[139] رُڳو سَچُ
سودِينِ،
عِجزَ جو اَڌَ راتِ کي، وَکَرُ وِهائِينِ،
ساٿُ
[140] نِباهِيو نِينِ
ثابِتُ انهين
[141] سيرَ مان.
9
ثابِتُ لَنگِهيا سِيرَ، لَهرِن لوڏِيا ڪِينَ ڪِين،
وَڃِي پَهُتا پارَ کي، نِرِ تُؤن
[142] مَنجهان نِيرَ
[143] ،
ماءِ
[144] پَهُتا مِيرَ،
ٻارِ
[145] لَنگِهيائُون
ٻاجَهه سين.
10
تون ويسَرو، وِيرَ!
[146] ساٿِيَنِ
سَنڀَتِ
[147] پَنڌَ جِي،
جوڙي جُنگَ جهازَ کي، ڪوڏِ
[148] هَڻائِج ڪِيرَ
[149]،
وَهي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانهن بَهِيرَ
[150] ،
گَهرِ تَنِين جي کِيرَ
[151]، جَنِ لاڳيدارَ
[152] لَنگهائِيا.
11
ڦَرَڦَلَ
[153]، ڦوٽا، پارِچا
[154] ، پاڻِيَٺَ
[155]، پاتائون
[156]،
ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائون
[157]،
لاڄُنِ
[158] مَنجِهه، لطيفُ
چي، ٻِيڙا ٻَڌائون،
نَذَرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙهندي چَيائون،
جي ڇُهي
[159] ڇوڙِيائون، سي
ٻيڙيون رَکين ٻاجَهه سين!
12
وِچَينءَ جان ويهِي، جَرِ پَلئو پائِيان
[160] ،
”تَڙِ ٻيڙا، گَهرِ سُپِرِين،“ اوسَهِه
[161] اِيءَ پيئِي،
جيئن وَڻجارو سين وَکرين، سَرَها سَڀيـٖـئِي،
حُرمَتَ
[162] ساڻُ حَبِيبَ
جي، سُنگِئا
[163] نه سيئِي،
پاڻِهي اُوءِ ٻيـٖـهِي، کَنڊَ – کيڙائُو
[164] آئِيا.
وائي
عُمرِ سَڀَ عبَثُ
[165] ويلَ
[166] وِڃايَمِ،
وَقتَ وِڃايَمِ پانهنجا،
ويٺي لِکيو لوڙِيان
[167]، جيڪِين
[168] ڪِيڙو مَسُ،
ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.
اَچي اَڀاڳِيَنِ کي رَسِجِ، اَچِي رَسُ،
ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.
حالُ مُنهنجو هِهَڙو جِهَڙو
[169] ، تان تُون
پِرِيمِ! پَسُ،
ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.
قَلبُ جو ڪارو ٿِيو، ڪاتِبَ
[170]! لاهِين ڪَسُ
[171] !
ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.
داستان ڇهون
1
تانگهـٖـي ۾ تاڻـٖـي، ٻَڌُ پنهنجو تُرَهو،
اُونهـٖـيءَ ۾ آڻـٖـي، ڪونَه ڏيندُءِ ڪو ٻِيو.
2
ڪوڙيين جي ڪائو
[172] ٿِئي، سَمُنڊَ
ڪِيئن نه سِڪَنِ
[173]؟
پاڻِيءَ سين پيکُ
[174] ڪِيو تيلانهن
وَڻِجارَنِ،
لالُون سي لَهَنِ، جِنِين سودو سَچَ سين.
3
تارُن تَرِيو وَڃَنِ، ننڍا وَڏا واهُڙا،
هَئـٖـي، ٻَرِ!
[175] اَتارُنِ
[176] جيئن ڳَرا
مَٿِنِ مولِهيا
[177] .
4
ڏوري لَهُه ڏاتارُ، جِمَ ويـٖـهين ويسَرو!
هَڪيو هوئجِ
[178] هُشِيارُ،
کِنوَڻِ
[179] کِوَندِئي
اوچِتِي.
5
سُتين
[180] ڪِهَڙِيءَ
سارَ، وِڄُ کِوَندِيئي، ويسَرا !
تو جيڏا تو يارَ لَهِرِن لَهِوارا ڪِيا
[181].
6
سُتيـٖـن سَنجهيئِي، وِڄُ کِوَندِيئي، ويسَرا!
وِيرَ وَرِي ويئِي، اَسارَنِ تان اوچتي.
7
کِنوَڻِ کِنوايو، آيَئِي نِنڊَ اَڀاڳَ
[182] جي،
جَنين نه ڀئو ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
8
سامُنڊِي! ٿو سَنبَهيـٖـن، ساڄو
[183] جَهلِ سُکاڻُ،
لَڳي واءُ وَڏاندَرو
[184]، مُنجهائـٖـي
مَهراڻُ،
جَنِين ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
9
نَڪو سُکُ نَکَٽيـٖـن
[185]، نَه ويساندِ
[186] نَئين
[187]،
جيڪا اَچَئِي سامُهِين ، ڀايين سا سَنئين
[188] !
مُوڙِي
[189] ڪوهُه
[190] مَئين
[191]؟ جيئن
[192] سَڄِيُون
راتِيُون سُمَهين!
10
اَهُکِي راهَ اَللهَ جِي، اَهُکِي، اَهُکِيَ ڀَتِ
[193] ،
هُوءِ جي ڏِيهائِي ڏيهَه جا
[194]، تَنِ پُڻِ
مُوڙهِي مَتِ،
آڇارانِ اُبَتِ
[195]، گِهڙِجِ
گهاٽـٖـي نينهن سين.
11
مَ ڪِين هيجِ، مَ هوجِ
[196]، تَرسُ مَ،
تاڻِ جَهازَ کي،
چ؟و ڪَلِمُو مُحَمّدَ تي، ته اَڳِيان اَچيئِي اوڄَ
[197]،
سَهُکِيَ ڀَتِ، سَٻوجَهه
[198] ، تنهنجي
مَڪـٖـي ڍُڪي مَڪُرِي.
12
تَنَ ۾ تَرازَ توهَه جِي، گَهڻُو لَهُه گهورُ
[199]،
اَدَبَ ۽ اِخلاصَ جا، سِڙَه ٻَڌِجِ سوري،
وَکَرُ وينَتِيُنِ جو، تنهن ۾ پاءِ توري،
ته عادَنِئُون
[200] اوري، تنهنجو
تَوائِي نه ٿِئـٖـي.
13
توڻي تُوائي، توءِ
[201] تنهنجو آسَرو،
سَڄَڻَ ڳَرِ لائِي
[202] کِيرُون
ڏِيندِيَسِ جيڏِييـٖـن.
وائي
هي جي، هُو جي لَڪَ! مون مارِيندا لَڪَ،
مون مارِينديا لَڪَ!
يا والِي ڪيچُ نه اوڏِيءَ ڇَڪَ
[203] !
مون مارِينديا لَڪَ!
اَتُ
[204] نه ڏِجي عامَ
کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،
مون مارِينديا لَڪَ!
پاڻَ ۾ پارِيُون
[205] ڪَري، نينهن
وَهائِجي نِڪَ
[206]
[207] ،
مون مارِينديا لَڪَ!
سر سامونڊي
سر بابت
سامونڊيءَ نالي، بابت نه ڪو راڳ ۽ نه ڪا راڳڻي سجهي. هيءُ نالو
شاهه جي رسالي کي ترتيب ڏيندڙن جو، من گهڙت لفظ ٿو
ڏسجي، جو هنن ضرور، هن سر کي مضمون ۽ موضوع جي
مدنظر ڏنو هوندو.
هي هڪڙو سر آهي، جنهن ۾ نه ڪو ڌاريون بيت هو ۽ نه ڪو شاهه جو ڪو
بيت ترڪ ڪيل ٿو ڏسجي. هن سر ۾ عموماً ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ واريون پڙهڻيون قائم رکيون ويون آهن،
جي ٻين نسخن ۾ به گهڻو ڪري ساڳيون ئي آهن.
|