سنڌي هڪ مستحڪم
سڀيتا:
آرين جي آمد کان اڳ سنڌي سماج شڪاري ۽ ڌراڙڪو
ثقافتي ڏاڪو اڪري ڪَڏهوڪو پوکي راهيءَ جي دَور ۾
اچي ڪي ئي منزلون اڳتي وڌي چڪو هو. جڏهن به ٻه
ثقافتون ويڙهه ۽ چٽاڀيٽيءَ جي عمل ۾ داخل ٿين ٿيون
يا گڏ رهڻ تي مجبور هجن تڏهن، بهرحال، آخري نتيجو
اهو هوندو آهي ته برتر ثقافت پاڻ کان گهٽ ثقافت تي
ڇانئجڻ لڳندي آهي ۽ گهٽ ثقافت کي برتر ثقافت کان
گهڻو ڪجهه وٺڻو پوندو آهي، پوءِ ڇو نه اها ثقافت
ڪنهن اهڙي ٽولي سان واسطو رکندي هجي جنهن ڪنهن به
نموني پنهنجي حڪمراني قائم ڪري ورتي هجي ۽ سنڌ ۾
به اهو عمل ٿيو. آريا حڪمراني دوران سنڌي سماج به
گهڻو ڪجهه ورتو پر گهڻو ڪجهه ڏنو به. شڪاري آرين
کي، جيڪي پنهنجو گهر، گهر واري ۽ گهر وارا پاڻ سان
گڏ کڻي هلندا هئا، انهن کي ٽڪاءَ واري ثقافت، پوکي
راهيءَ جو رستو وٺڻو پيو.
·
کيتي ٻاڙيءَ جا لفظ ۽ اصطلاح به بيشمار آهن، جي
ڪٺا ڪجن ته هڪ چڱي چوکي لغت بڻجي پوي ۽ عجب لڳي ته
انهن جي پاڙ به سنسڪرت ۾ مشڪل سان ملندي. ٿورا ئي
اکر هت ڏجن ٿا، جي آهن:
کاڏو، پڙوو (کڏ)، ڪهر (وڍيل جهنگ جو ڍير)، آئنُو
(ٻني)، سانهر (ڪاٺ جو تختو)، ڀيل (پوک جو نقصان)،
منَهه، ڇنو، مهرو (اڀو گهڙيل نار)، ڪاڃڻ (ڊگهي
ڪاٺي)، ڀارونڀ (مڪڙي اٽڪائڻ واري ڪاٺي)، ارا (چڪر
جا ڦرها)، ڳاڌي (تختو)، بائڙ، ٽارا، ايريون (ڪوڙ
جون ننڍيون ڪاٺيون)، پاڙڇ (ڪاٺ جو وڏو نارو)،
رونبو، وهراج، ڊِڍو (ڪچڙو سنگ)، لابارو (ٻني لڻڻ)،
ڪڙٻ، پلال، پراڙ، ڳاهڻ، وائرڻ وغيره. (رچنداڻي
]1989[
36)
·
ڪوهستان ۾ عربن جي حملي کان پوءِ سما وڃي رهيا هئا
۽ سما سنڌ جي اصلي قومن مان هڪ قوم آهن. ان
ايراضيءَ ۾ جيڪي به هالو چالو لفظ آهن، سي پراڻي
سنڌيءَ جي مهڪ ڏين ٿا ۽ انهن جو مول سنسڪرت ۾ مشڪل
سان ملندو. انهن مان ڪجهه لفظ اجهي هي آهن:
سرڇو (آباد)، لوهيون (کلون)، ڳيڙو (برسات)، مڙيانو
(کير جي ڏُهائي)، پڇ (ڪپڙا)، ڇڇ (پيٽ)، گڊو
(موڙو)، ماڇاند (واڙو)، اوڙ (کيتي)، جهڪون
(ڏٻريون)، مرئيون (کٿيون)، ٿاڪيون (پٽڙيون)، جوال،
گريٿا (ڏاس مان ٺهيل ڳوڻيون)، ڀتي (مزدوري)، ڳڃ
(گهنج)، ڳم (نشو)، اڪورو (ٻاڪرو)، پاهو (ريڍو)،
سنڊ (برتڻ)، بڊي (چمڙي جي ڳوٿري)، ٻوڍو (ننڍي
مشڪ)، ڳاري (چقمقي پٿر)، روسي (دانهوڙ)، ٿور (ڦرڙن
جو ڌڻ)، ميڙايانو (ڌارائڻ)، سرڳون ۽ ارڳون (ٻڪرين
جا قسم)، ٻٽا (ڍڪ)، ڌڙڪي (رلي)، مندريا (اڙيا)،
گهورا (ڳولائو)، ننڌ (ڪنجوس)، ٽاڏ (گانيون)، ڦنڊڪ
(ٺونگو)، ڀنوري (ساجهر)، ڪڪر (پٿريلي زمين)، رٽ
(سيلابي زمين)، وٽ (وڏا پٿر)، کوريون ۽ گگڙيون
(وڻن جا نالا)، سنبهار (ٻوٽو)، سيونگ (گاهه جو
قسم)، کنڌي (ڀاڄين جو ڌڳ)، ارڪ (ٺونٺ)، ورانڊ
(پيشن، پوياڙي)، ٿوٻي (روٽي ڪرڻ لاءِ پٿر)، دالي،
شٺ (ڪٽهڙو)، ڍڳڙ (روٽلو)، جهمٽي (مڏي ٻيڙي)، ڏل
(تلسيءَ جو پن ۽ گل)، ڊس (کيپ، نواڙو)، ٻانڀ
(ٻيلا)، گهڙ (ٻيڻ نوڙيءَ جي)، ڍانڍ (اڙاهه، باهه
جو مچ)، ٻوڪو، دلُوچور (ڏول)، مونڊو يا جلويو
(سگري)، ونگاڙ (للڪار)، ڇڻاٽ (کڙڪو)، رُگهه (گُهٽ،
ڪاڙهو، اهمو)، ويڳڙ (مصالحو، چٽڻي)، اٻاٻ (سِڪ،
قرب)، اجهنڊو، ڀِڀ (اوندهه)، ڍَڪي (اسر، ڀنڀرڪو)،
گهينگو (ڦندڻ)، هوٻو (پڙاڏو)، هڏڪ (ٻرٻر، پرک،
آسرو)، ڇڄ (گاگڙو، سپ)، جڃ (جهنگل)، مڃر (ڌٻڻ)،
ولر، سنگهي (پکين جو ميڙ)، کير (رڍن جو ڌڻ)، لوگهو
(ٻرگهل)، ڪپڄ (جوٺ، اوجهر)، چير (لٽو، ڪپڙو)، ڇهر
(ڇوڪري)، ڪت (منهون، مڇر)، اير (ٻڪرار)، کگهه،
گھٽ، واڙل (ڪنٺ، مالا)، کهو، جهپاٽو (طوفان)، وهر
(گانءِ کي گرمي)، مهر (گهڙي کي گرمي)، سچ (راند
لاءِ کڏ)، تس (نديءَ ۾ سوراخ). (ايضاً، ص 37-36)
·
بيمارين جا به جيڪي نالا سنڌيءَ ۾ آهن، انهن جو
سنسڪرت مول ورلي ملندو. جهڙوڪ: پيچش، اک ۾ ڪٽر،
اڃ، آڱر ويڙهه، آرايون، اُٻاسي، ڳڍڙيون، ڦرڙي،
ڦوڦيندو، چوڪ، ڦيسر، ڏندڻ پوڻ، سرطاني
}!{
ڳوڙهو، سيٽ، سَٽ، سِيڪيون، ڪڇوراڙي، ڪڙنهن، ليس،
لڦ، موڪا، سرٽ، موهيڙا، نڪ هير، وائي سور،
چرندوار، هڏڪي، سائي وغيره. (ايضاً، ص 32-31)
·
پسار، ڀاڄين، مصالحن، بيمارين وغيره جا نالا به
ڪيترا اهڙا آهن جن جو آد سنسڪرت ۾ ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو
آهي ۽ جن مان ڪي پوءِ جي منزل واريءَ سنسڪرت ۾
داخل ڪيا ويا هوندا.
}هتي
هڪ ڊگهو شعر ڏنل آهي جنهن ۾ 88 مختلف وڙن جا نالا
ڏنل آهن...{
چانيهو، گيسوڦل، واءُ وڻنگ، هيرڻ، ڪاشني، ڊاک،
ڪرياتو، رسوَل، جرقل، پپلا مول، دالچيني، ڪباب
چيني، ڪنڊياري، ورڇ، پتو پتر، هريتر، آورا، ٻهيڙا،
گھيرو، ڌاتورو، ايريال، پپري، مروڙ ڦلي، بيلگري،
ناگ قيصر، ايريو، اتيس، ڪڙاچال، ڪيترو
}ڪتيرو{،
رال وغيره. (ايضاً، ص 31-30)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن پنهنجي ڪتاب
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ
]1990[
۾ البيروني (جنهن کي ڪي عالم ’سنڌي‘ سمجهندا آهن)
جي ڪتاب الصيدنه (1051-1050) ۾ آيل ستر کن سنڌي
نالن جي جدول ڏني آهي، جن ۾ جواڻ (جاڻ)،
جيرو/جيروا، مَرچ (مِرچ)، سِڱر (ڪنڊيءَ جا)،
کُنبهو، هلدر (هيڊ)، کٿوري، هڙتال، بُلو (ٻلهڻ)،
سُورن ڪُٽي (سونَ ڪُٽ)، رُپاڪُٽي (رُپا ڪُٽَ)،
هِڱ، هملو (هرمرو)، لِمَ (نم) وغيره پڻ شامل آهن.
رچنداڻي صاحب جن، سنڌي سازن ۽ زيورن جا ستر کن
نالا ته ڄاڻايا آهن، پر واضح طرح اهو نه ٻڌايو آهي
ته اهي ٻول سنسڪرت ۾ به موجود آهن يا نه، باقي
صفحي 29 ۽ 30 تي ”روزاني جيون ۾ چالو اکر به ٻنهي
ٻولين ۾ نرالي روپ وارا آهن، هتي ڪجهه مثال ڏجن
ٿا:“ چوندي سنسڪرت ۽ سنڌي ٻول ڏنا آهن. ڪي سنڌي
ٻول هيٺ ڏجن ٿا:
ونجهه، ٻهاري، مداري، ڌوٻي، پاوڙو، واڍو، شڪاري،
ڪلال، کٽاڻ، ڏاڏو، لوئي، مائو، چانور، واڱڻ، نانو،
مامو، ٺڳ، ريتي، چَڪي، لڏو، ملائي، آچار، بصر،
ڌاڳو، ساڙهي، مال پڙو، ڇاڇ، تُوري، چاچو، ناٺي،
ٽوڪري، جُوتو، ڪچوري، مکڻ، چٽڻي، ڀينڊي، ڌوتي،
انگوڇو، آهر، ٻاجهري، ڪدو، پڙڏاڏو، چاچِي، ڏيراڻي
}ڏيرياڻي{
وغيره.
·
جهمٽمل وسناڻيءَ وئتپتي ڪوش ۾ هزار ڏيڍ کن ته واهه
جو اهڙا ڌاتو ڏنا آهن، جي سنسڪرت جا چيا وڃن ٿا،
جيتوڻيڪ هن اهو به صاف ڄاڻايو آهي ته ”سڀ ڪو مول
شبد سنسڪرت ڌاتو نه آهي.“
}هيٺ
ٻنهي ٻولن جا هڪجهڙا اچار رکندڙ ٻول ڌار ڌار نه ٿا
ڏجن، باقي فرق رکندڙ سنسڪرت ٻول ڏنگيءَ ۾ ڏجن ٿا{:
هاڃ (هان)، سک، سِنڌ سَنڌ، ويلا، ورلو (ورل)، واٽ،
للاٽ، رڻ، ملهه (مل)، پيٽ، پَٽ (پٽڪ)، ڪڻڪ، هٺ سَر
(شر يعني ڪانوَ)، ويدن
}ويڌن؟{،
وت، ول، لنب، جاجڪ (ياجڪ)، مس، پت، نج، سارنگ،
ورت، ورهه، وارڻ، لوهه، روڪ، مڃ (منج)، پل، نم
(نمب) وغيره. (رچنداڻي
]1989[
26)
·
ڪي الفاظ نه ڪي سنسڪرت ۾ ته نه ڪي ايراني يا سامي
زبانن ۾ آهن، مگر سنڌي ۽ بروهڪي، ٻنهي ۾ يڪسان
موجود آهن:
سنڌي |
بروهڪي |
سنڌي |
بروهڪي |
منجهند |
منجن |
ڪڪڙا |
ڪڪڙا |
کُڙي |
ڪُري |
لُڪ |
لڪ |
کارِي (کاريندڙ) |
کارِي |
ڀولڙو |
بُولو |
اوجهري |
اوجرنڪ |
پِنِي (ڄنگهه جي) |
پِني |
جھڙ |
جڙ (ڪوهيڙو) |
ٿوم |
ٿوم |
کٻڙ |
کبڙ |
ڍڳي |
ڍڳي |
ڪوپري (مٿي جي) |
کوپڙي |
رنبي |
رنبي |
ٺونٺ |
ٽوٽ |
تنوار |
توار |
ڳوٿري |
گوٿري |
(بلوچ
]1990[
12) |
مٿي ڏنل سمورن ٻولن تي هڪ نظر وجھڻ سان ئي احساس
ٿئي ٿو ته انهن مان گھڻا اڄ به جيئن جو تيئن
اچاريا، ڳالهايا ۽ ساڳي مفهوم لاءِ ڪم آندا وڃن
ٿا.
|