استدلال
جو اهو طريقو غلط آهي
’سنڌ سجاڳ‘، ماهوار، ڪراچي جي آگسٽ 1995ع واري
پرچي ۾ علمي دنيا جي هڪ وڏي نالي گنگارام سمراٽ جن
جو هڪ مضمون سنڌي ٻولي، 22 کان 26
صفحي تائين ۽ 66 صفحي تي هڪ ڪالم جي صورت ۾ ڇپيو
آهي، جنهن ۾ سراج (سراج الحق ميمڻ) صاحب جن جي
اپريل 1964ع ۾ لکيل هڪ ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ تي
تنقيد ڪئي وئي آهي. سمراٽ صاحب جن جو اهو مضمون،
لڳ ڀڳ 25 ورهه اڳ لکيل، جيئن ته اڻلڀ ٿي چڪو هو
تنهنڪري ”پڙهندڙن جي ڄاڻ وڌائڻ ۽ لسانيات بابت
اٿاريل ”نقطن“ تي بحث ڪرڻ لاءِ هيءُ مضمون“ ڇپيو
ويو آهي.
گنگارام سمراٽ صاحب جن جو نالو سنڌ هند ۾ سنڌي
علمي دنيا جي حوالي سان پنهنجي هڪ مخصوص عزت ۽ ساک
رکي ٿو. ليکڪ سندن هڪ عالماڻي ڪاوش آريه ورت
کان واقف آهي، پاڻ پنهنجون ڪيتريون ئي تحقيقون
سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ سماج جي حوالي ڪري چڪا آهن.
سراج الحق ميمڻ صاحب جن جو نالو پڻ سنڌ هند ۾ هڪ
مخصوص عزت ۽ ساک رکي ٿو. ليکڪ جي ڄاڻ موجب 1955ع
کان شاعريءَ، افسانه نگاريءَ، ترجمن، مختلف موضوعن
تي تحقيقي مضمونن، ايڊيٽوريلن ۽ سياسي ڪالمن ۽ پڻ
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت هڪ مخصوص نڪتهءِ نظر
جي حوالي سان علمي، ادبي ۽ لسانياتي دنيا ۾ ڄاتا
سڃاتا وڃن ٿا.
1959-1961ع دؤران ٻوليءَ جي بڻ بابت لکيل ڪجهه
مضمونن، 1964ع ۾ ’سنڌي ٻولي‘ ڪتاب ۽ پوءِ
آيل ڪجهه مضمونن، تقريرن ۽ انٽرويوئن، جن ۾
لسانياتي حوالي سان اهو مخصوص نڪتهءِ نظر ورجايو
وڃي ٿو، پاڻ مختلف عالمن ۽ علمي حلقن پاران سخت
تنقيد جو شڪار رهيا آهن. سمراٽ صاحب جن جو ذڪر هيٺ
مضمون پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي هو.
ليکڪ (محبت ٻرڙو) 1972ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۽
لسانيات جو به هڪ ’غير اسڪولي‘ شاگرد ٿي رهيو آهي
۽ پنهنجن وسيلن آهر جيڪو به مواد کيس ميسر ٿي
سگهيو آهي، ان کي هڪ چاهيندڙ پاٺڪ جي حيثيت ۾
پنهنجيءَ سمجهه موجب پڙهندو، پرجهندو ۽ هنئين سان
هنڊائيندو رهيو آهي. ليکڪ ڪنهن کان به، جيڪڏهن، ڪو
هڪ به ٻول يا نُڪتو سکيو آهي، ان کي پنهنجي عزت
لائق استاد جي جاءِ تي ڏسي ٿو ۽ بلڪل واجبي ۽
روايتي حد ادب ۾ رهڻ گهري ٿو.
بحث ۽ ڇنڊڇاڻ هيٺ موضوع جو واسطو سنڌي ٻوليءَ جي
بڻ سان آهي.
سنڌي
ٻوليءَ جي بڻ بابت ڪي نظريا:
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بابت لسانيات ۽ سنڌي ٻوليءَ جي
ڄاڻن وٽ مختلف قسمن جا نظريا/رايا موجود آهن. ايم
ايڇ پنهور صاحب جن انهن کي هڪ چارٽ جي صورت ۾ آڻي
پنهنجي مضمون سنڌ جون ٻوليون (انگريزي) ۾
انهن تي بحث ڪيو ۽ پڻ پنهنجو نڪتهءِ نظر/نظريو ڏنو
آهي.
]نوٽ:
اهو مضمون ”ڪلچرل هيريٽيج آف سنڌ“ نالي ڪتاب ۾
ڇپيو ويو. ان جي مليل فوٽو اسٽيٽ ڪاپيءَ تان ليکڪ
ترجمو ڪيو ۽ ’ڪينجهر‘، ماهوار، حيدرآباد جي اپريل
1995ع واري پرچي ۾ ان جي پهرين قسط شايع ٿي.[
انهن چارٽن کي لکت ۾ هيٺ پيش ڪجي ٿو:
1-
ارنيسٽ ٽرمپ جو نظريو:
* سنسڪرت ـــــــ پراڪرت ـــــــ پالي ـــــــ
سوشيني ـــــــ اپڀرنَش ـــــــ وراچڊ ـــــــ
سنڌي (11-هين صديءَ ۾).
2-
اي. جي. گريئرسن جو نظريو:
* سنسڪرت سميت پهريت (Primary،
اولين، ابتدائي، قديم) پراڪرتون ــــــــ سنسڪرت ۽
پهريت پراڪرتون ـــــــــ ٻئيت (Secondary،
ثانوي) پراڪرتون ۽ سنسڪرت-2.
3-
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جو نظريو:
* سنسڪرت ـــــــ پراڪرتون ـــــــ اپڀرنش ـــــــ
وراچڊ ـــــــ اپڀرنش ـــــــ سنڌي (11-صديءَ ۾).
4-
جيرامداس دولترام جو نظريو:
* سنڌي پراڪرت ـــــــ سنڌي اپڀرنش ـــــــ سنڌي
(11-صديءَ ۾).
5-
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نظريو:
* پروٽو-سيمائيٽ (Proto-Semite)
ــــــــ اويستي+يوناني+ترڪي داردي ـــــــ پالي ۽
پراڪرت+ترڪي داردي+پهلوي ـــــــ مقامي
ٻوليون+عربي+فارسي ـــــــ سنڌي (11-صديءَ ۾).
6-
سراج الحق ميمڻ جو نظريو:
* سنڌو ماٿر سڀيتا جي ٻولي، جيڪا دنيا جي وڏي حصي
۾ اِنڊو-يورپي ٻولين، ميسوپوٽاميا سڀيتائي ٻولين ۽
انڊو-پرشين ٻولين ۽ انڊو-آرين ٻولين جي صورت ۾
پکڙجي وئي.
7-
ڊاڪٽر غلام علي الانا جو نظريو
(ڪالڊويل جي نڪتئه نظر تي بيهاريل):
* توراني ــــــ موهن جي دڙي واري ٻولي ـــــــ
سئنڊو ـــــــ پراڻي سنڌي ـــــــ وچولي زماني
واري سنڌي ـــــــ جديد سنڌي.
8-
ايم ايڇ پنهور جو نظريو:
* پروٽو-انڊو يورپين (اوڀرائين شاخ) ـــــــ
پروٽو-انڊو ايراني ـــــــ پروٽو-انڊين+دراوڙي
ـــــــ پروٽو-سنڌي+رگويدي سنسڪرت+پوئين (Late)
سنسڪرت+آرامي ۽ پهلوي+پالي ۽ يوناني+پهلوي ـــــــ
اوائلي (Early)
سنڌي+عربي ۽ سنسڪرت ـــــــــ وچين زماني واري
سنڌي پارسي ـــــــ (وچ 19 هين صديءَ واري)
سنڌي+انگريزي ۽ فارسي ـــــــ جديد سنڌي.
ڪهڙي ٻولي
’سَم‘ ڪئي وئي؟
ليکڪ جو مرڪزي موضوع ڪنهن به طرح سنڌي ٻوليءَ جي
بڻ بابت بحث ڪرڻ ناهي. سمراٽ صاحب جن سنسڪرت کي
’قديم ٻولين جي ماءُ‘ ۽ سنڌيءَ کي ان جي ’ڌيءُ‘
سڏيو آهي ۽ سندن مقصود سراج صاحب جن جي انهيءَ
نڪتهءِ نظر کي رد ڪرڻ آهي جنهن ۾ اڳ-آڳاهين سنڌو
سڀيتا جي ٻوليءَ کي دنيا جي گهڻين ئي ٻولين جو بڻ
قرار ڏنو ويو آهي. سراج صاحب جن جي نڪتهءِ نظر ۾
جيڪو ڪجهه غلط سڏي سگهڻ جوڳو آهي، اصولي ۽ علمي
طرح ٿيڻ ايئن گهربو هو ته سمراٽ صاحب جن ان کي
واضح ڪندي دليلن ۽ ثبوتن سان رد ڏين ها ۽ پنهنجي
ليکي اها راءِ، ته سنسڪرت دنيا جي قديم ٻولين جي
ماءُ ٿئي، قبول ڪندي ٻين جي مٿان مڙهڻ بدران
شاهدين وسيلي ثابت ڪن ها، پر پاڻ اهي ٻئي بنيادي ۽
اصولي ڪم نه ڪيا اٿئون. ان ڪري سراج صاحب جن جي
ڏنل دليلن (جهڙا به آهن) جي ڀيٽ ۾ سندن بحث علمي
هجڻ ۽ بنجڻ بدران اهو ٿي پوي ٿو جنهن کي عام طرح
فتوى بازي چيو ويندو آهي ۽ ان فتوى ۾ ڪي شخصي حملا
به شامل آهن، جيڪي بهرحال، ڪنهن به عالم جي لکت ۾
نه رڳو سونهن نه ٿا، پر ان جي ڪمزوريءَ جو بدنما
داغ به ٿي پون ٿا.
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بابت مٿي ڏنل نظرين تي هڪ نظر
وجهڻ سان ئي پڌرو ٿي پوي ٿو ته، گهٽ ۾ گهٽ، اٺ
اختلافي نظريا موجود آهن، جن مان ٽي سنسڪرت کي، ٻه
سنڌي ٻوليءَ کي، هڪ تورانيءَ کي، هڪ سامي ٻولين کي
۽ هڪ انڊو-يورپي ٻولين کي اوليت ڏئي ٿو. اتي بنا
ڪنهن مضبوط دليل جي سمراٽ صاحب جن جي فتوى کي مڃڻ
ممڪن نه آهي (بيشڪ سراج جن سان به اختلاف هجي).
ليکڪ جنهن موضوع کي هتي بيان ڪرڻ گهري ٿو، ان جو
مرڪزي نُڪتو سراج صاحب جن کي درست سمجهڻ يا سمراٽ
صاحب جن کي غلط سمجهڻ ناهي، پر اهو آهي ته سمراٽ
صاحب جن جو انداز سخن ۽ استدلال سندن پنهنجي ئي قد
جيڏو عالمانه، اوچو ۽ مدلل ناهي ۽ پاڻ تنقيد جي
معياري پيماني تي پورا نه لٿا آهن. اهو سمجهڻ
لاءِ، ليکڪ ضروري ٿو سمجهي ته انهيءَ پس منظر کي
چٽو ڪيو وڃي، جنهن جي تَر تي مٿي ڄاڻايل مضمون ۽
موضوع تنقيد جو بنياد بيٺل آهي.
سمراٽ صاحب جن (’دليل‘ ڏيندي) چون ٿا:
·
”هاڻي اچو انهيءَ مول ڳالهه تي. مٿي لکيو ويو آهي
ته، ليکڪ
}سراج{
سنڌيءَ کي ان ڪري ايڏي اهميت ڏني آهي جيئن پاڻ اهو
ثابت ڪري سگهي ته خود قديم ٻولين جي ماءُ سنسڪرت
کي، پنهنجي ڌيءُ سنڌيءَ جي ڌيءُ ثابت ڪري ڏيکاري.
عجيب منطق چئبو! ماءُ پيءُ جا مهانڊا ٻار تي ضرور
پوندا آهن، ڇو ته ٻار مائٽن جو عڪس آهي. پوءِ ٻار
جا مهانڊا ڏسي ايئن چئبو ڇا ته سندس ماءُ پيءُ
کانئس پوءِ پيدا ٿيا؟... ڀلا، ڪئميرا واري عڪس کي
ڏسي ايئن چئبو ڇا ته خدا ان ڪئميرا واري عڪس کي
ڏسي ڪري ئي ان انسان جي شڪل جوڙي؟“ (سمراٽ
]1995[
22، ڪالم-3)
منطقي طرح، ٿي سگهي ٿو ته، اهي ’دليل‘ ڏاڍا سٺا،
معقول ۽ وزنائتا محسوس ٿين، پر انهن جو جواب جيڪو
سمراٽ صاحب جن ماڻڻ گهرن ٿا، تڏهن ملي سگهندو جڏهن
انهن جيان اڳواٽ ۽ پاڻ-هرتو اهو مڃيو ويو هجي ته:
1-
سنسڪرت دنيا جي قديم ٻولين جي ماءُ آهي،
2-
سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڌيءُ آهي،
3-
سنسڪرت تي سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به اثر موجود ناهي، ۽
4-
سنسڪرت جي حاڪميت مهل قديم سنڌي ٻوليءَ جو ڪنهن به
روپ ۾ ڪو به وجود نه هو.
۽ اهي ڳالهيون مڃڻ ۽ مڃائڻ لاءِ جن شاهدين، دليلن،
ثبوتن ۽ حقيقتن جي گهرج رهي ٿي، اهي سمراٽ صاحب جن
جي لکت ۾ ڪٿي به موجود ناهن.
هڪ عالم يا ڪو به علمي حلقو جيڪڏهن ڪن به دليلن جي
بنياد تي اهو سمجهي ٿو ته خود سنسڪرت ۽ سنسڪرت
آڻيندڙ/ٺاهيندڙ/ڳالهائيندڙ ماڻهن کان به اڳ سنڌو
ماٿر سڀيتا جي بنهه پنهنجي ٻولي موجود هئي، سنسڪرت
پاڻ پنهنجيءَ اوسر ۽ جڙاوت ۾ ان ٻوليءَ کان/جو اثر
ورتو آهي ۽ ان ڪري سنسڪرت ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪي ئي
گڻ موجود آهن، جنهنڪري اها سڌيءَ طرح نه سهي،
اڻسڌيءَ طرح سنڌيءَ جي ڄائي آهي وغيره، ان لاءِ
سمراٽ صاحب جن جي ڏنل ’منطقي دليلن‘ جي حيثيت ئي
ڪهڙي؟ پوءِ ته جيڪو ماڻهو/عالم سنڌي ٻوليءَ کي
سنسڪرت کان آڳاٽي، جهوني، وڏڙي ۽ سماجي طرح ڇانيل
ٻولي سمجهي ٿو، اهو پڻ ساڳي ئي ڳالهه، ساڳي ئي شد
مد سان هن طرح به پڇي سگهي ٿو:
”هاڻي اچو انهيءَ مول ڳالهه تي. مٿي لکيو ويو آهي
ته ليکڪ (سمراٽ) سنسڪرت ٻوليءَ کي ان ڪري ايڏي
اهميت ڏني آهي، جيئن پاڻ اهو ثابت ڪري سگهي ته خود
قديم ٻولين جي ماءُ سنڌي ٻوليءَ کي، پنهنجي ڌيءُ
سنسڪرت ٻوليءَ جي به ڌيءُ ثابت ڪري ڏيکاري.
”عجيب منطق چئبو! ماءُ پيءُ جا مهانڊا ٻار تي ضرور
پوندا آهن، ڇو ته...“
سمراٽ صاحب جن اهڙيءَ صورتحال ۾ ڇا اهو سوال نه
پڇندا ته ”ڀاؤ! توهان جو سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت جي
ماءُ سمجهو ٿا، سو وري ڪيئن؟“
انهيءَ سوال جو جواب ته هر حالت ۾ ڏيڻو پوندو.
سراج صاحب جن جي راءِ موجب:
·
”... پر ان مضمون ۾ به مون اهو چيو هو ته باوجود
ان ڳالهه جي ته سنڌي ۽ سنسڪرت جو مائٽاڻو ناتو
ثابت ٿئي ٿو، سنڌيءَ جي تاريخ سنسڪرت کان به ڪهني
آهي ۽ هڪ طرح سان سنسڪرت ۽ ان سان لاڳاپيل تمدن
سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ مان اسريا آهن...
... سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جو مائٽاڻو لاڳاپو ته آهي، پر
ايئن نه، جيئن اسان وٽ زبان زد آهي: دراصل ڳالهه
ته مورڳو ابتي آهي ـــــــــ سنڌي جيڪڏهن ڪن
سنسڪرت لفظن جي مرهون منت آهي ته سنسڪرت تي ته
سنڌيءَ جو ان کان به وڏو قرض آهي. سنسڪرت ته هڪ
طرح سان سنڌيءَ جي ڄائي آهي ـــــــــ سڌيءَ طرح
نه سهي، اڻسڌيءَ طرح سهي.“ (سراج
]1964[
پيش لفظ)
”... تاريخ کان اڳ واري دؤر ۾ هڙپا کان موهن جي
دڙي تائين يعني هاڻوڪي سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجهه حصي
تائين هڪ قوم آباد هئي، جا هر لحاظ کان هڪ سڌريل
قوم هئي، جنهن وٽ هڪ سٺو تمدن هو، سڌريل زبان هئي
۽ جنهن جا ماڻهو رهڻي ڪرڻيءَ ۾ دنيا جي ڪيترن ٻين
ملڪن کان وڌيڪ سکيا ستابا ۽ منظم هئا. سندن تهذيب
جو نظارو هڙپا، موهن جي دڙي ۽ ڪاهوءَ جي دڙي جي
منظرن مان ظاهر آهي... ان قوم وٽ پنهنجي زبان هئي،
جا ڪم از ڪم، ڪن مستثنات کان سواءِ، سنڌ جي
هاڻوڪيءَ ايراضيءَ اندر رائج آهي.“ (ايضاً. ص-22)
”جيڪڏهن لفظن تي ٿو غور ڪجي ته سنڌيءَ جا اصلوڪا
لفظ ويدڪ سنسڪرت سان ئي ويجهي ۾ ويجهو لاڳاپو رکن
ٿا. هاڻ، ان حقيقت مان ٻه نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا ته
سنڌي
}ٻولي{
سنسڪرت مان ٺهي يا سنسڪرت
}ٻولي{
سنڌيءَ مان. پهرئين نتيجي ۽ نظريي لاءِ آرين نسل
جو ٻاهران اچڻ ۽ سموري هندستان ۾ ڦهلجڻ کي ثبوت
طور پيش ڪيو ويندو آهي ــــــــ ۽ ايئن چيو وڃي ٿو
ته آريا اها زبان ٻاهران کڻي آيا... پروفيسر
لئنگڊن، ڊاڪٽر هنٽر، هرانزي ۽ ٻيا ماهر اهو ثابت
ٿا ڪن ته ويدڪ لکيتن جو اولين رڪارڊ جنهن جو رسم
الخط ’برهمي‘ ۽ ’ديوناگري‘ آهي، سا ’برهمي‘ ۽
’ديوناگري‘ موهن جي دڙي جي مورتي-ٻوليءَ (Pictograph)
مان ٺهي آهي. هاڻي جڏهن ٻوليءَ جي لکيل صورت کي ان
وقت جي ويدڪ ماڻهن موهن جي دڙي جي لکيل صورت مان
ٺاهيو، ته اڻپُڇو چئي سگهجي ٿو ته نه رڳو رسم الخط
ويدڪ ماڻهن کي سنڌو تهذيب مان مليو، پر خود سندن
ٻوليءَ جو بنياد به اتي ئي پيو.“ (ايضاً. ص 28-27)
جيڪڏهن، ڪو سراج صاحب جن سان سهمت هجي ته اهو
يقيناً سمراٽ صاحب جن کان مٿي ڄاڻايل ’منطقي
دليلن‘ بابت سوال جواب ڪري سگهي ٿو. ٻئي پاسي،
سراج صاحب جن جي سڀني يا ڪجهه راين سان بيشڪ
اختلاف ڪري سگهجي ٿو، ان هوندي به هر اهو عالم
جيڪو سمجهي ٿو ته سنسڪرت دنيا جي گهڻين يا مکيه يا
قديم ٻولين جي ماءُ ٿئي، ان کي به گهٽ ۾ گهٽ ان هڪ
سوال جو جواب پڪيءَ طرح مهيا ڪرڻو پوندو ته نيٺ
اها ڪهڙي ٻولي هئي جنهن کي ’سم ڪيو‘ ويو؟
·
”سنسڪرت لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي، ’ڪر‘ (Kri)
معنى ’ڪرڻ‘، جنهن جو اسم مفعول ’ڪرت‘ معنى ’ڪيو‘
يا ’ڪيل‘. ’سم‘ هڪ اڳياڙي (Prefix)
آهي، جنهن جي معنى آهي ’چڱو‘ تنهنڪري سمڪرت
(سنسڪرت) ٻولي معنى چڱي يا صاف ٿيل يعني اجاريل يا
سڌاريل ٻولي (Polished
or refined language).
سنسڪرت ۾ قاعدو آهي ته ’ڪر‘ ڌاتو جي اڳيان جيڪڏهن
’سم‘ اچي ته ’س‘ جو اچار بالائي گڏڻ گهرجي. ان سبب
’سمڪرت‘ بدران ’سمسڪرت‘ (سنسڪرت) ۽ ’سمڪار‘ بدران
سمسڪار (سنسڪار) چئبو آهي.“ (ڀيرومل
]1972[
24)
اها ئي وصف ڪجهه بدليل لفظن ۾ ’قديم سنڌ‘ (ڀيرومل
]1992[)
جي صفحي 33 تي پڻ آندل آهي.
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جن پڻ سنڌ جي تاريخ ۽ ٻوليءَ
جي حوالي سان هڪ وڏو نالو آهن. سندن ٽي ڪتاب ’قديم
سنڌ‘، ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ ۽ ’وڏو سنڌي
وياڪرڻ‘، جيڪي هن وقت ليکڪ جي نظرن سامهون آهن
پنهنجو موضوع پاڻ ٻڌائن ٿا. ڀيرومل جن سوين ڪتاب
ڀيٽي، انهن جو تت ۽ ڳر سنڌي پڙهندڙن لاءِ انهن ٽن
ڪتابن جي صورت ۾ مهيا ڪيو ۽ پاڻ جيئن ته دل و جان
سان ۽ پڪيءَ طرح سنسڪرت ٻوليءَ کي سنڌيءَ جي
’ماءُ‘، ’ناني‘ يا ’پڙناني‘ سمجهندڙ هئا، ان ڪري
وٽن جيتري به علمي ۽ منطقي ڄاڻ هئي، انهيءَ سلسلي
۾ ڪم آندائون. ليکڪ سمجهي ٿو ته سنڌيءَ ۾ لکندڙ
عالمن مان پاڻ ڀيرومل جن ئي آهن، جن پنهنجي پوري
ايمان، جوش ۽ جذبي سان سنسڪرت جي وڏائي بيان ڪئي ۽
ساک ڀري. انڪري سنسڪرت جي وڪالت ۾ سندن وڌ کان وڌ
حوالا پيش ڪيا ويندا.
اصلوڪي ٻولي:
·
”صدين کان يورپي لوڪ ايئن وسهندا هئا ته هيبريو (Hebrew)
يعني عبراني يا يهودين جي ٻولي، جنهن ۾ سندن آڳاٽا
ديني ڪتاب (بائيبل يا انجيل وغيره) لکيل آهن، سا
سڀني کان قديم ۽ مقدس يا پاڪ ٻولي (پوتر ڀاشا) آهي
۽ دنيا جون ٻيون سڀ ٻوليون انهيءَ عبرانيءَ مان
پيدا ٿيون آهن! هندستان ۾ ڪوٺين وجهڻ کان اڳ ڪيترن
يورپي لوڪن کي ايتري به ڪل ڪا نه هئي ته هندستان ۾
سنسڪرت نالي ڪا ٻولي ٿيندي آهي! جن ٿورن کي اها سڌ
هئي، تن سنسڪرت کي آخر ۾
}به{
نه پئي آندو. هينئر جو سر وليم جونس ٻڌايُن ته
سنسڪرت ۽ يورپي ٻولين جو بڻ ئي ساڳيو آهي ته
انهيءَ ڳالهه تي ڪنهن به ويساهه نه پئي ڪيو.“
(ڀيرومل
]1972[
4-3)
]نوٽ:
رڳو هن مضمون جي حد تائين اها ڳالهه ذهن ۾ رکي وڃي
ته ڪنهن به عالم جي
Quote
ڪيل ٽڪري ۾ ڪو لفظ يا ڪي لفظ جيڪڏهن
}
{
۾ ڏنل هجن ته اهي ليکڪ پاران سمجهيا وڃن.[
مٿي ڏنل ٽڪري ۾ جيڪڏهن نالن جي مٽاسٽا ڪئي وڃي،
يعني
’عبراني‘ جي جاءِ تي ’سنسڪرت‘،
’سنسڪرت‘ جي جاءِ تي ’سنڌي‘،
’يورپي لوڪ‘ جي جاءِ تي ’ڪي عالم‘ (جيڪي سنسڪرت کي
اهو ڪجهه سمجهن ٿا جيڪو ڪجهه ’يورپي لوڪ‘ ڪالهه
تائين ’عبراني‘ کي سمجهندا هئا)، ۽
’سر وليم جونس‘ جي جاءِ تي ’سراج‘ صاحب جن جو نالو
رکي، اهو ئي ٽڪرو پڙهيو ويندو ته لڳ ڀڳ اها ساڳي
صورتحال پيدا ٿي پوندي، جيڪا سر وليم جونس جي راءِ
ٻڌڻ کان پوءِ ’يورپي لوڪن‘ جي ٻڌائي وئي آهي. ٻئي
پاسي، هڪ حد تائين اهو نڪتهءِ نظر واضح ٿي ايندو
جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان سراج صاحب جن بيان
ڪن ٿا.
·
”يورپي لوڪن لاءِ هاڻي وڏو مسئلو پيدا ٿيو. هُو
چوڻ لڳا ته هندستان ۽ ايرانُ، جي يورپ کان ٽي هزار
کن ڪوهه پري آهن، تن جي ٻولين جو پاڻ ۾ جگري ناتو
ڪيئن ٿيو؟ هيءَ پرولي سَلي ڪير؟ هندن جي ’رگ ويد‘
مان پتو پين ته اهي آريا لوڪ هئا.“ (ايضاً، ص 6-5)
·
”هندن جا چار ويد آهن، جن مان رگ ويد سڀني کان
آڳاٽو آهي. رگ ويد ۾ جيڪي منڊل (باب) آهن، سي جدا
جدا زمانن جا لکيل آهن، تنهنڪري خود رگ ويد جي
ٻوليءَ ۾ ڦير آهي. رگ ويد جون ڪي ڪي رچنائون (Hymns)
اهڙي ڪنهن قديم سنسڪرت ۾ لکيل آهن، جو جيڪي رشي،
ويدن واري زماني کان سگهو ئي پوءِ ٿي گذريا، سي به
انهن جو مطلب سمجهي نه ٿي سگهيا... ٻين ٽن ويدن جي
ٻوليءَ ۾ به ٿورو فرق آهي، پر ٿلهي ليکي انهن چئن
ويدن ۾ ڪم آيل ٻوليءَ کي ’ويدڪ سنسڪرت‘ يعني ويدن
جي زماني واري سنسڪرت سڏيو اٿن.“ (ايضاً، ص 25-24)
رگ ويد جون ڪي ڪي رچنائون، نيٺ ڇو، ويدن واري
زماني کان ”سگهو ئي پوءِ ٿي گذريل“ رشي به نه ٿي
سمجهي سگهيا؟
·
”گنڌار (قنڌار) وارو پاسو توڙي ڪيڪيه پرڳڻو، جو
هاڻوڪي ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان کان وٺي
ملتان جي حدن تائين هو، سي ٺيٺ سنسڪرت جي ڪري
ايتري قدر مشهور هئا، جو خود مڌيه پرديش وارا
انهيءَ اتر طرف وديا
}علم{
پرائڻ ويندا هئا. انهيءَ اتر طرف کان جيڪي علم
پِرائي ايندا هئا، تن جا اچار صحيح ۽ چٽا هوندا
هئا ۽ ماڻهو کين سَد
}سَنَد{
ڪري ليکيندا هئا.“ (ايضاً، ص 28-27)
·
”مڌيه ديش وارن آرين نه رڳو ڌرمي ۽ پنگتي وغيره
ڳالهين بابت سخت قاعدا جاري ڪيا، پر پنهنجي ٻوليءَ
جو به اونو ڌاريائون. هيءُ حڪم جاري ڪيائون ته:
شودرن کي ويدن پڙهڻ جو ڪو به اڌڪار (حق) ڪونهي،
پڙهڻ پاڙهڻ جو ڪم رڳو برهمڻ ڪن ته
}جيئن{
ويدن جا منتر اهي پوريءَ طرح اچارين.“ (ايضاً، ص
27)
سنسڪرت ٻولي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته، ٻولن جو ججهو
ذخيرو، ڳوڙهو وياڪرڻي سٽاءُ، معنوي گهرائي ۽ فصاحت
۽ بلاغت جون مڙيئي خوبيون رکندڙ ٻولي آهي. مٿي ڏنل
ٽڪرن ۾ ان جي معياري محاوري جي علائقي ۽ ان جي
تعليم ۽ سنڀال لاءِ ورتل ڪوشش جو پڻ ذڪر اچي ٿو.
·
”پراڪت
}پراڪرت{
ٻوليءَ جي معنى پرڪرتيءَ مان پيدا ٿيل ٻولي.
’پرڪرتي‘ لفظ جي هڪڙي معنى آهي ’قدرت‘ (Nature)
۽ ٻي معنى اٿس ’اصلوڪي صورت‘، جنهن جو ضد آهي
’وڪرتي‘ معنى ’بگڙيل صورت‘... اها ٻولي عام طرح ڪم
ايندي هئي. تنهنڪري پراڪرت معنى عام يا رواجي ٻولي
به آهي. هر هڪ پرڳڻي جي پراڪرت پنهنجي پنهنجي هئي،
تنهنڪري پراڪرت ٻولي معنى پرڳڻي جي ٻولي به آهي.
هن وقت سنڌ جي پراڪرت هاڻوڪي سنڌي ٻولي آهي.“
(ڀرومل
]1972[
ص 39-38)
هن ٽڪري ۾ جنهن هنڌ خال/ڊئش ڇڏيو ويو آهي، ان هنڌ
هي لفظ لکيل آهن:
”پراڪرت ٻوليءَ جي پرڪرتي يا اصلوڪي صورت آهي
سنسڪرت تنهنڪري پراڪرت ٻولي معنى اصلوڪي صورت يعني
سنسڪرت مان پيدا ٿيل ٻولي، جا قدرتي طرح يا پاڻ
مرادو سنسڪرت مان ٺهي پئي.“
انهن لفظن پڙهڻ سان جيڪو مفهوم ظاهر ٿئي ٿو، اهو
ڪنهن به طرح ’سنسڪرت‘ ۽ ’پراڪرت‘ ٻولن جي اصولي ۽
اصطلاحي معنى سان هم آهنگ ناهي ۽ ليکڪ سمجهي ٿو
ته، جيئن ته ڀيرومل جن ذهني طرح اڳواٽ ئي اهو طي
ڪري ڇڏيو ته پراڪرت هر حال ۾ سنسڪرت مان ئي اسريل
آهي، تنهنڪري ’پراڪرت‘ لفظ جي معنى کي ’منطقي موڙ‘
ڏئي سنسڪرت کي اصلوڪي يا قدرتي ظاهر ڪيو ويو آهي،
جڏهن ته اها آهي ڪو نه، اها ته ’سمڪرت‘ آهي.
اچو ته انهن ٻولن جي متبادل ٻولن تي ڌيان ڏيون:
1-
’سنسڪرت‘ معنى
Polished or Refined
2-
’پراڪرت‘ معنى
Natural or Original
جيڪي ماڻهو
Polished
يا
Refined
ٻولي ڳالهائيندا هئا، اهي ڪن ٻين ماڻهن بابت چوندا
هئا ته اهي
Natural
يا
Original
ٻولي ڳالهائيندا رهن ٿا ۽ اها قدرتي يا اصلوڪي
ٻولي ڳالهائيندڙ گهڻي ڀاڱي عام ماڻهو ئي هئا.
Polished
يا
Refined
ٻولي ڳالهائيندڙ، گهڻي ڀاڱي برهمڻ ۽ حڪمران جيڪي
پنهنجي ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ عام ماڻهن ۽ شودرن تي
پابندي پڻ مڙهي سگهندا هئا، جڏهن ته
Natural
يا
Original
ٻولي ڳالهائيندڙ عام يا محڪوم ماڻهو هئا.
جيڪا قدرتي (Natural)
يا اصلوڪي/بڻائتي (Original)
ٻولي آهي، عام طرح ڪم ايندڙ ٻولي آهي، عام ۽ رواجي
ٻولي آهي، علائقي ۽ علائقي جي رهاڪن جي ٻولي آهي،
تنهن کي مخصوص مذهبي، سياسي، معاشي، ثقافتي وغيره
مفاد رکندڙ حڪمران طبقي جي صاف ڪيل/اجاريل (Polished)
يا سڌاريل (Refined)
ٻوليءَ مان پيدا ٿيل قرار ڏيڻ لفظن کي غلط معنى
پهرائڻ جي عمل کي ظاهر ڪري ٿو.
ڀيرومل جن جي ساڳي ئي ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ (ص-49) ڏنل
هيٺ آندل ٽڪري کي پڙهي ڏسو:
”حقيقتئون ’پراڪرت‘ نالو ئي انهن ٻولين تي پيل
آهي، جي پاليءَ کان وڌيڪ بگڙيل هيون.“
يعني ’اصلوڪيون/بڻائتيون‘ يا ’قدرتي‘ ٻوليون
’اجاريل‘ يا ’سڌاريل‘ ٻوليءَ جي به هڪ بگڙيل
محاوري مان وجود ۾ آيون!؟ ۽ اهي وري ٿيون ’اصلوڪي
صورت‘ سنسڪرت جي!
·
”مهاراجا اشوڪ پاڻ مگڌ يعني بهار جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾
رهندو هو، پر اتي جي پالي ٻوليءَ کان سنڌ جي پالي
ٻولي وڌيڪ ٺيٺ هئي.“ (ايضاً، ص-45)
·
”سنڌيءَ ۾ اهڙا ڪي ئي لفظ آهن، جن جي اصلوڪي
سنسڪرت صورت ايتري قدر مٽجي وئي آهي، جو اهي سڃاڻڻ
ئي مشڪل، پر پالي ۽ پراڪرت جي اچارن سان انهن جي
ڀيٽ ڪجي ته، پوءِ سڃاڻڻ سولا ٿين ٿا.“ (ايضاً،
ص-48)
يعني ٺيٺ پالي ٻوليءَ جو مرڪز سنڌ هئي ۽ سنڌي
ٻوليءَ جا ڪيترائي ٻول سنسڪرت جي ڀيٽ ۾ انهن کي
وڌيڪ ويجهو آهن.
·
”عالمن جو خيال آهي ته سنڌي ٻولي پراڪرت جي هڪ شاخ
آهي جا آرين جي اچڻ کان اڳ واديءِ سنڌ ۾ ڳالهائي
ويندي هئي. پراڪرت (پراڪريتي) جي معنى آهي نج يا
صاف ۽ ان جي ابتڙ سنسڪرت (سمسڪريتا) جي معنى آهي
گاڏڙ يا مليل جُليل.“ (ممتاز پٺاڻ
]1977[)
·
”ٻنهي لفظن ــــــــ پراڪرت ۽ سنسڪرت ـــــــــ جي
معنى ۽ وصف جي جائزي کان پوءِ اهو سوال ٿو پيدا
ٿئي ته اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته ’سڌاريل يا
صاف ٿيل يا اجاريل‘ ٻولي (سنسڪرت) مان ’قدرتي يا
اصلوڪي‘ ٻولي (پراڪرت) ڦٽي نڪتي هوندي؟ پر حقيقت ۾
ته پاڻ ’اصلوڪي يا قدرتي‘ ٻولي (پراڪرت) مان، صاف
ٿيل يا اجاريل ٻولي يعني سنسڪرت ڦُٽي نڪتي هوندي.“
(الانا
]1974[
ص 22-23)
ٽي مخالف
ــــــــ هڪ اتحاد:
الانا صاحب جن ۽ سراج صاحب جن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ
بابت جيڪو نڪتهءِ نظر رکن ٿا ، توڙي جو ان ۾ ڪا به
هم آهنگي موجود ناهي، پر فطري آهي ته، سنسڪرت جي
حوالي سان ٻنهي کي همنوا سمجهيو وڃي.
·
”موجوده سنڌي ٻولي سنئون سڌو سنسڪرت مان نڪتل
ناهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري مقامي پراڪرت يا
پراڪرتن مان اسري. اها هند-آريائي ٻولي آهي.
’لهندا‘ (سرائيڪي-بهاولپوري-ملتاني-ديري
والي-هندڪو)، ’ڪشميري‘ ۽ اترئين سنڌو ماٿر جون
داردي ٻوليون ان جون ڀينرون آهن. بود و باش جي
لحاظ سان اهي مڙيئي سنڌو ماٿر جون آڳاٽيون
هند-آريائي ٻوليون آهن، پر سٽاءَ ۽ تاريخي ارتقا
جي لحاظ سان اهي هن برعظيم جي ٻين ’هند-آريائي‘
ٻولين کان نراليون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي بناوت ۽
اوسر ۾ مُنڊا ۽ دراوڙي ٻولين کان سواءِ هند-ايراني
۽ اولهه کان ٻين داخل ٿيندڙ ٻولين جي اثر کي پڻ
دخل آهي.
”سنڌي انهيءَ ’وراچڊ اپڀرنش‘ مان نڪتل ڪانهي، جنهن
جو اڳين نحوين ذڪر ڪيو آهي. سنڌي جو خمير سنڌ جي
سر زمين ۾ تيار ٿيو، ان جو پنهنجو موروثي سرمايو
ئي آهي، جنهن جي تاريخ سنسڪرت کان اڳ واري
’پروٽو-پراڪرت‘ يا ’پهرين-پراڪرت‘ تائين پهچي ٿي.“
(بلوچ
]1990[
ص 32-33)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد
بابت نڪتهءِ نظر جي حوالي سان سراج صاحب جن ۽
الانا صاحب جن سان ڪا به هم آهنگي نه ٿا رکن، اڃا
به ايئن چئجي ته ٽيئي هڪ ٻئي جا تنقيد نگار رهيا
آهن، پر ڏسي سگهجي ٿو ته سنسڪرت جي حوالي سان ٽنهي
۾ همنوائي موجود آهي. تيئي سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄوڪي
سنڌي سماج جا وڏا نالا آهن، ٽيئي هڪ ٻئي جا تنقيد
نگار (۽ سچ چئجي ته مخالف) آهن، ٽنهي جي تحقيق
سنسڪرت ۽ سنڌي جي حوالي سان هڪ ئي نقطي تي مرڪوز
ٿئي ٿي (۽ انهيءَ حوالي سان سچ چئجي ته اڻ-ڄاتل/اڻ
ووڙيل اتحادي آهن) ۽ ٽيئي اها ڳالهه پنهنجي دلئون
گهڙي ڪو نه ٿا ٻڌائن، مختلف ۽ ڀروسي لائق عالمن ۽
محققن جي راين جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه بيان ڪن ٿا.
·
”يورپ ۽ هندستان جا ڪيترائي لسانيات جا ماهر هاڻ
ان راءِ جا آهن ته پاڪ و هند جون سڀ ڏيهي ٻوليون
مختلف پراڪرتن جون ئي بدليل صورتون آهن، ۽ نه ڪِ
سنسڪرت جون بدليل صورتون، يعني ته سڀ ڏيهي ٻوليون
پراڪرتن مان ئي ڦٽي نڪتل آهن، جيڪي (پراڪرتون) ان
زماني ۾ عوامي ٻولين يعني روزمره وارين ٻولين طور
ڪم اينديون هيون، انهيءَ دعوى جي آڌار تي چئبو ته
سڀني ڏيهي ٻولين جي ماءُ سنسڪرت نه، پر قديم
پراڪرت آهي.“ (الانا
]1974[
23)
·
”اها ته پڪ آهي ته اهي پراڪرتون سنسڪرت جون شاخون
نه آهن. جيئن هندستاني ۽ مغربي عالم ـــــــــ
هوفر، لئسن، ڀنڊاڪر ۽ جئڪب ـــــــــ سمجهي ويٺا
آهن.“ (پشيل جو حوالو، ڏسو الانا
]1972[
23-24)
ديسج ٻولي:
·
”هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ ڪيل
بحث جو تت هي آهي ته: سنڌي ٻولي هڪ غير آريائي
خاندان واري ٻولي آهي، جنهن جون پاڙون ’موهن جي
دڙي‘ واريءَ تهذيب ۾ کتل آهن، جا آرين جي اچڻ کان
گهڻو اڳ نه فقط ڳالهائي ويندي هئي، پر لکي به
ويندي هئي...“ (الانا
]1974[
’ذ‘)
·
”گرامر آف سنڌي لئنگويج جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ لکي
ٿو: ’سنڌي ٻوليءَ پنهنجي اصلي بڻ کان ڇڄڻ واريءَ
حالت جي وقت واريون قديم پراڪرت جهڙيون سڀ خوبيون
پاڻ وٽ سانڍي رکيون آهن، پر اهي سنڌيءَ جي ٻين
سڀني ڀينر ٻولين قائم نه رکيون آهن.‘“ (رچنداڻي
]1989[
22)
·
”مقامي ٻولين جي ڊگهي ارتقائي دور سان گڏوگڏ اسان
کي ڪلاسيڪل سنسڪرت به اسرندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جا
پرائمري پراڪرت جي هڪ لهجي مان ڇڄي سنسڪرت جي نالي
سان وجود ۾ اچي رهي هئي.“ (گريئرسن جو حوالو،
الانا
]1974[
25)
·
”مهاپنڊت واڪپتراج پنهنجي پراڪرت ڪاويه گئڙوهو ۾
ڄاڻايو: سڀ ٻوليون پراڪرت مان ئي پيدا ٿيل آهن.“
(رچنداڻي
]1989[
23)
·
”سنسڪرت جي معنى آهي ’سڌاريل‘ ۽ ’نئين صورت ڏنل‘.
سنسڪرت
}ٻولي{
پراڪرت (يعني اصلوڪي) ٻوليءَ مان نڪتي آهي.“ (شري
ڀرٽ آچاريه جو حوالو، الانا
]1974[
25-26)
·
”ڪهڙي ٻولي قديم ۽ پراڻي آهي: سنسڪرت يا پراڪرت؟
سنسڪرت مان پراڪرت جو ڦٽي نڪرڻ، هڪ غير فطري اصول
آهي. سڌاريل ۽ سنواريل غير اصلي ٻولي يعني سنسڪرت،
ضرور دير سان يعني اصلي ٻوليءَ يعني پراڪرت کان
پوءِ ۽ دير سان وجود ۾ آئي هوندي... پراڪرت ويدڪ
جو اوائلي روپ ٿي لڳي.“ (الانا
]1974[
26)
·
”ديشي يا ديسج (ديس
=
ڏيهه+ج
=
جن
=
ڄڻ) معنى ديس ۾ ڄاول يا پيدا ٿيل. ديشي (ديسي يا
ڏيهي) لفظ اهي آهن، جي آرين جي اچڻ کان اڳ ئي ديس
(هندستان) ۾ چالو هئا، يا آرين جي اچڻ کان پوءِ
ديس ۾ چالو ٿيا، پر بنياد سنسڪرت مان نه اٿن. اهي
ڪولن، سنٿالن، دراوڙن ۽ ٻين اصلوڪن رهاڪن جي ٻولين
مان اڌارا ورتل ليکجن ٿا.“ (ڀيرومل جو حوالو.
ايضاً، ص-35)
·
”ٻئي پاسي اسان لفظن جو ڪجهه اهڙو ذخيرو به هٿ ڪيو
آهي، جنهن کي قديم مقامي ٻوليءَ جا لفظ چئي سگهجي
ٿو، جنهن (ٻوليءَ) جي نالي جو اڄ اسان کي پتو پئجي
نه ٿو سگهي، پر ممڪن آهي ته اها قديم ٻولي تاتار
خاندان (Tatar
stock)
جي شاخ هئي ۽ جا آرين جي اچڻ کان اڳ پوري برصغير
تي ڇانيل هئي؛ ڇاڪاڻ ته برصغير جي مڙني ٻولين ۾
ساڳئي قسم جو غير-آريائي ذخيرو موجود آهي، جنهن کي
پراڪرت جي پراڻن وياڪرڻين ديسي (Provincial)
لفظ سڏيو آهي.“ (ٽرمپ جو حوالو. ايضاً، ص-36)
·
”ڪن لفظن کي وري ديسيه (ڏيهي) ٺهرايو ويو آهي،
جنهن غير آريائي اوائلي لوڪن جي ٻولين مان آيل ٿا
ڏسجن ۽ جن کي ڌنپال ۽ هميچندر ته ديسيه اکر ڪري
ٺهرايو آهي پر سنسڪرت جا شدائي انهن جو بنياد به
سنسڪرت ۾ ئي ڳولي رهيا آهن:
اَڪڙ، اٿلهه، اِيس (کٽ جي)، اونهو، اکوڙڻ، اڳاڙڻ،
اُجڙ، اٿل پٿل، اُلٽڻ، اُڀو، اوڪارڻ، اوڳارڻ،
اوٽي، اوڍڻ، اولو، اوس، ڪچرو، ڪچوري، ڪڻڀي، ڪڙٻ،
ڪپڻ، کٿو، کجڻ، کڏ، کل کل، گاڏي، چڀڙ، چڪڻ، چؤڙو،
جهنڊو، ڊڊُو، ٿيلهو، ٿورو، ٿوٿر، دير، دڙ، ڌنڌو،
ننڍو، پٺو، ٻڏڻ، پتلو، ڦٽڻ، ڦسلائڻ، وڄائڻ، بڙ بڙ،
ٻهُو، ٻاٽ، مٺو (ڏڌ جو)، ملائي، ماڙي، رڏ، ريتي،
ريوڙي، لٺ، لڙڻ، لسو، لوءِ (گرم هوا)، وکار
(گدام)، ستائڻ، سئا، گهوٽ، ڇڻڻ، ڇنال، ڇيڙو، ٿر
ٿر، نانو، جار، پاکر (گهوڙي جو)، ڦيرو، ٻيڙو،
جهڙپ، ڏونگر، ماڪوڙو، مامو، لاڏ، لاڏي، گهوڙو، وٽ
(ٺاٺ)، ڳنڍيري، گودڙي، وهي (چوپڙي)، ٺڪر، وانڍو
وغيره.“ (رچنداڻي
]1989[
25)
رچنداڻي صاحب جن سوين اهڙا مثال ڏنا آهن، جن ٻولن
جو سنسڪرت سان ڪو به سڌو واسطو نه آهي.
|