سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب:اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون

باب: --

صفحو :3

 

  

ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي

 

”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون.“ جيئن ئي مون اهو جملو ڳالهايو، منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو: ’ڇا، مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن پٽاندر صحيح ڳالهايو؟‘

هڪ، ٻه، ٽي... ڪيترائي ڀيرا سوچيم ۽ مون کي پڪ ٿي وئي ته مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن پٽاندر غلط ڳالهايو.

پوءِ مون پاڻ وٽ ايندڙ ۽ ڪچهري ڪندڙ استادن، ليکڪن ۽ ٻين هر قسم جي عام ۽ خاص ماڻهن جي گفتن تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ڀاسيم ته اهڙيون چُڪون اسان جي عام ڳالهه ٻول ۾ عام جام پيون ٿين.

فطري هو ته سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن ۽ خاص طرح عالمن جي لکت ڏانهن ڌيان ڏيان. ڀروسو ڪريو يا نه، اها حقيقت آهي ته هڪ ٻن عالمن جي لکڻين کان سواءِ، ٻن سوَن کان وڌيڪ نثر توڙي نظم لکندڙ چوٽيءَ جي ليکڪن جي لکتن ۾ اها ساڳي چُڪ ٿوريءَ ڦيرگهير سان هزارين ڀيرا ورجائجندي نظر آئي، جيڪا مٿي ڏنل منهنجي جملي ۾ موجود آهي. (’ڇا، اوهان اها چُڪ پڪڙي؟‘)

سنڌي ٻويلءَ جي هڪ گهڻگهري ۽ شاگرد جي حيثيت ۾، سٺو اهو ئي رستو هو ته پنهنجن خيالن کي سنڌيءَ جي ليکڪن توڙي عالمن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي همت ڪريان ۽ کانئن رهنمائي وٺان. پنهنجي ڳالهايل جملي ۽ عام طرح ڳالهائجندڙ جملن تي جيڪا سوچ ڪيم ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪو ڪجهه (صحيح يا غلط) پلئه پيو، هيٺ پيش ڪجي ٿو، انهيءَ نيت سان ته جيڪو صحيح هجي، ان کي قبولجي ۽ جيڪو غلط هجي، ان کي رد ڪجي ته جيئن صحيح ۽ سٺي جو واڌارو ٿئي.

 

پڇاڙي ڇا آهي؟

دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ۽ سنڌيءَ ۾ به، ڪي آواز يا اکر اهڙا آهن، جيڪي (بظاهر) ڪا به معنى نه ٿا رکن ۽ گهڻي ڀاڱي مقرر آهن، جيڪي ڪنهن به مقرر لفظ جي اڳيان، پٺيان يا ان جي وچ ۾ جڏهن رکجن ٿا، تڏهن هڪ مخصوص معنى ظاهر ڪن ٿا.

اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي اڳيان، منڍ ۾ اچي، ڪا نه ڪا يا مقرر معنى ظاهر ڪن، انهن کي ’اڳياڙي‘ چئجي ٿو. مثال طور، ’ٻيٽ‘ جي آڏو ’اُپ-‘ اڳياڙي اچي ’اُپٻيٽ‘ ۽ ’جاڳ‘ جي آڌو ’-س‘ اڳياڙي اچي ’سجاڳ‘ ٺاهي.

اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي وچ ۾ اچي، ڪا نه ڪا يا مقرر معنى ظاهر ڪن، انهن کي ’وچاڙي‘ (”وچياڙي“) چئجي ٿو. مثال طور، ’مرڻ‘، ’کرڻ‘، ’ٺرڻ‘ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جي پهرئين اکر کان پوءِ ’-آ-‘ آڻڻ سان ’مارڻ‘، ’کارڻ‘، ’ٺارڻ‘ وغيره ٺهن ٿا.

اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ اچي ڪا نه ڪا يا مقرر معنى ظاهر ڪن، انهن کي ’پڇاڙي‘ سڏجي ٿو. مثال طور، ’لوهه‘ ۽ ’ڪُنڀ‘ جي پٺيان ’-اَر‘ يا ’-آر‘ اچي ’لوهر‘ يا ’لوهار‘ ۽ ’ڪنڀر‘ يا ’ڪنڀار‘ ۽ ’ڳنڍ‘ جي پويان ’-اَپ‘ اچي ’ڳنڍپ‘ ۽ ’ميل‘ جي پويان ’-آپ‘ اچي ’ميلاپ‘ ٺهن ٿا.

 

ضميري پڇاڙي ڇا آهي؟

اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ اچي ڪا نه ڪا يا مقرر معنى ظاهر ڪن، پر اهو اکر يا آواز هڪ ’ضمير‘ جي به نمائندگي ڪري، يا ان جو مَٽ هجي، ته اهڙي اکر يا آواز کي ’ضميري پڇاڙي‘ چئجي ٿو. مثال طور، ’ڏسندا‘، ’ويهندا‘، ’گهمندا‘، ’ڳالهائيندا‘ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جي پٺيان ’-اسي‘ (يا ’-اسون‘) ملائجي ٿو ته واريسر ’ڏسنداسي‘ (ڏسنداسون)، ’ويهنداسي‘ (ويهنداسون)، ’گهمنداسي‘ (گهمنداسون) ۽ ’ڳالهائينداسي‘ (ڳالهائينداسون) جهڙا ٺهيل لفظ فعل سان گڏ هڪ ضمير جو به ڏس ڏين ٿا ۽ اهو ضمير آهي ’اسان‘ يا ’اسين‘. هنن لفظن ۾ ’-اسي‘ (يا ’-اسون‘) هڪ ’ضميري پڇاڙي‘ آهي.

 

ڇا ضميري وچاڙيون ۽ ضميري اڳياڙيون به ٿينديون آهن؟

هن مهل تائين ’ضميري وچاڙي‘ ۽ ’ضميري اڳياڙي‘ جي عنوان تي (شايد) نه لکيو ويو آهي.

’لکيومانءِ‘ (مون تو ڏانهن لکيو) ۾ بظاهر ٻه ضميري پڇاڙيون آهن، پر قاعدي موجب انهن مان آخريءَ کي ’ضميري پڇاڙي‘ ۽ ان کان اڳ واريءَ کي ’ضميري وچاڙي‘ سڏڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح، ’لکانءِ ٿو‘، ’لکينمِ ٿو‘ ۾ اصولن ’ٻه ضمير‘ ظاهر ڪندڙ آواز آهن، جيڪي مڪمل فعل جي وچ ۾ آيا آهن، تنهنڪري ٻنهي کي ’ضميري وچاڙي‘ سڏڻ گهرجي، يعني ”لکانءِ ٿو“ ۾ به ٻه ضميري وچاڙيون آهن ته ”لکينم ٿو“ ۾ به.

’ضميري اڳياڙيءَ‘ جي لاءِ البت آءٌ ڪجهه چئي نه ٿو سگهان ـــــــــ ٿي سگهي ٿو ته هجي ـــــــــ باقي اها پڪ اٿم ته هن وقت تائين کوجيل يا ڄاتل ناهي. ان سلسلي ۾ هن مضمون اندر هڪ ٻه اشارا ملن ٿا. وڌيڪ عالمن جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.

 

زمان حال

(1) فعل ”لازميءَ“ جو ڦيرو اسان کي هن طرح پڙهايو/سيکاريو وڃي ٿو:

الف

 

   هيڪل/نَر

  هيڪل/نار

1. ضمير متڪلم

2. ضمير حاضر

3. ضمير غائب

* مان/آءٌ لکان ٿو.

* تون لکين ٿو.

* هي/هو/اِهو/اُهو لکي ٿو.

* مان/آءٌ لکان ٿي.

* تون لکين ٿي.

* هي/هو/اِهو/اُهو لکي ٿو.

 

 

 

 

   گهڻ/نَر

  گهڻ/نار

1. ضمير متڪلم

2. ضمير حاضر

 

3. ضمير غائب

* اسان/اسين لکون ٿا.

*توهان/اوهان/توهين/اوهين

   لکو ٿا.

* هي/هو/اِهي/اُهي لکن ٿا.

* اسان/اسين لکون ٿيون.

*توهان/اوهان/توهين/اوهين

   لکو ٿيون.

* هي/هو/اِهي/اُهي لکن ٿيون.

 

(2) فعل ”لازميءَ“ جي ڦيري ۾ فعل جي صورت هن طرح رهي ٿي:

ب

1. هيڪل، نر، ضمير متڪلم لاءِ    * لکان ٿو، پڙهان ٿو، گهمان ٿو.

                                      * ڏسان ٿو، ويهان ٿو، بِيهان ٿو.

2. هيڪل، نار، ضمير متڪلم لاءِ  * لکان ٿي، پڙهان ٿي، گهمان ٿي.

                                      * ڏسان ٿي، ويهان ٿي، بِيهان ٿي.

3. گهڻ، نر، ضمير متڪلم لاءِ      * لکون ٿا، پڙهون ٿا، گهمون ٿا.

                                    * ڏسون ٿا، ويهون ٿا، بِيهون ٿا.

4. گهڻ، نار، ضمير متڪلم لاءِ   * لکون ٿيون، پڙهون ٿيون، گهمون ٿيون.

                                    * ڏسون ٿيون، ويهون ٿيون، بِيهون ٿيون.

ٻ

1. هيڪل، نر، ضمير حاضر لاءِ      * لکين ٿو، پڙهين ٿو، گهمين ٿو.

                                      * ڏسين ٿو، ويهين ٿو، بِيهين ٿو.

2. هيڪل، نار، ضمير حاضر لاءِ     * لکين ٿي، پڙهين ٿي، گهمين ٿي.

                                      * ڏسين ٿي، ويهين ٿي، بِيهين ٿي.

3. گهڻ، نر، ضمير حاضر لاءِ         * لکو ٿا، پڙهو ٿا، گهمو ٿا.

                                      * ڏسو ٿا، ويهو ٿا، بِيهو ٿا.

4. گهڻ، نار، ضمير حاضر لاءِ       * لکو ٿيون، پڙهو ٿيون، گهمو ٿيون.

                                     * ڏسو ٿيون، ويهو ٿيون، بِيهو ٿيون.

ڀ

1. هيڪل، نر، ضمير غائب لاءِ      * لکي ٿو، پڙهي ٿو، گهمي ٿو.

                                      * ڏسي ٿو، ويهي ٿو، بِيهي ٿو.

2. هيڪل، نار، ضمير غائب لاءِ     * لکي ٿي، پڙهي ٿي، گهمي ٿي.

                                      * ڏسي ٿي، ويهي ٿي، بِيهي ٿي.

3. گهڻ، نر، ضمير غائب لاءِ         * لکن ٿا، پڙهن ٿا، گهمن ٿا.

                                      * ڏسن ٿا، ويهن ٿا، بِيهن ٿا.

4. گهڻ، نار، ضمير غائب لاءِ      * لکن ٿيون، پڙهن ٿيون، گهمن ٿيون.

                                    * ڏسن ٿيون، ويهن ٿيون، بِيهن ٿيون.

 

(3) فعلي صيغي جي بناوت، روپ، بيهڪ جو واسطو فاعل سان ڳنڍيل رهي ٿو، مفعول (جيڪڏهن هجي) سان نه، ۽ فعل هڪ مقرر صورت ۾ تبديل ٿئي ٿو. (مفعول هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نه ٿو وجهي.)

ت

1. فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير متڪلم

آهي ته:                              * مان خطُ/چٺي لکان ٿو.

                                      * مان خطَ/چٺيون لکان ٿو.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان

’- آن ٿو‘ ڳنڍجي ٿو:                * لکان ٿو، پڙهان ٿو، ڏسان ٿو.

2. فاعل نار، هيڪل ۽ ضمير متڪلم

آهي ته:                              * مان خطُ/چٺي لکان ٿي.

                                      * مان خطَ/چٺيون لکان ٿي.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان

’- آن ٿي‘ ڳنڍجي ٿو:               * لکان ٿي، پڙهان ٿي، ڏسان ٿي.

3. فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير متڪلم

آهي ته:                              * اسين خطُ/چٺي لکون ٿا.

                                      * اسين خطَ/چٺيون لکون ٿا.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان

’- اُون ٿا‘ ڳنڍجي ٿو:                * لکون ٿا، پڙهون ٿا، ڏسون ٿا.

4. فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير متڪلم

آهي ته:                              * اسان خطُ/چٺي لکون ٿيون.

                                      * اسان خطَ/چٺيون لکون ٿيون.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان

’- اون ٿيون‘ ڳنڍجي ٿو:         * لکون ٿيون، پڙهون ٿيون، ڏسون ٿيون.

5. فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير حاضر

آهي ته:                              * تون خطُ/چٺي لکين ٿو.

                                      * تون خطَ/چٺيون لکين ٿو.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان

’- اين ٿو‘ ڳنڍجي ٿو:               * لکين ٿو، پڙهين ٿو، ڏسين ٿو.

6. فاعل نار، هيڪل ۽ ضمير حاضر

آهي ته:                              * تون خطُ/چٺي لکين ٿي.

                                      * تون خطَ/چٺيون لکين ٿي.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان

’- اين ٿي‘ ڳنڍجي ٿو:              * لکين ٿي، پڙهين ٿي، ڏسين ٿي.

7. فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير حاضر

آهي ته:                              * توهين خطُ/چٺي لکو ٿا.

                                      * توهين خطَ/چٺيون لکو ٿا.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان

’- او ٿا‘ ڳنڍجي ٿو:                 * لکو ٿا، پڙهو ٿا، ڏسو ٿا.

8. فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير حاضر

آهي ته:                              * توهين خطُ/چٺي لکو ٿيون.

                                      * توهين خطَ/چٺيون لکو ٿيون.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان

’- اَو ٿيون‘ ڳنڍجي ٿو:              * لکو ٿيون، پڙهو ٿيون، ڏسو ٿيون.

9. فاعل نر، هيڪل ۽ ضمير غائب

آهي ته:                           * هي/هو/اِهو/اُهو خطُ/چٺي لکي ٿو.

                                   * هي/هو/اِهو/اُهو خطَ/چٺيون لکي ٿو.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان

’- اي ٿو‘ ڳنڍجي ٿو:                * لکي ٿو، پڙهي ٿو، ڏسي ٿو.

10. فاعل نار، هيڪل ۽ ضمير غائب

آهي ته:                          * هيءَ/هوءَ/اِها/اُها خطُ/چٺي لکي ٿي.

                                  * هيءَ/هوءَ/اِها/اُها خطَ/چٺيون لکي ٿي.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان

’- اي ٿي‘ ڳنڍجي ٿو:               * لکي ٿي، پڙهي ٿي، ڏسي ٿي.

11. فاعل نر، گهڻ ۽ ضمير غائب

آهي ته:                          * هي/هو/اِهي/اُهي خطُ/چٺي لکن ٿا.

                                  * هي/هو/اِهي/اُهي خطَ/چٺيون لکن ٿا.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان

’- اَن ٿا‘ ڳنڍجي ٿو:                 * لکن ٿا، پڙهن ٿا، ڏسن ٿا.

12. فاعل نار، گهڻ ۽ ضمير غائب

آهي ته:                          * هي/هو/اِهي/اُهي خطُ/چٺي لکن ٿيون.

                                  * هي/هو/اِهي/اُهي خطَ/چٺيون لکن ٿيون.

فعل (لکڻ) جي ڌاتو (لِک) سان

’- اَن ٿيون‘ ڳنڍجي ٿو:         * لکن ٿيون، پڙهن ٿيون، ڏسن ٿيون.

 

(4) هڪ قسم جي فاعل/ضمير (نر هجي يا نار، هيڪل هجي يا گهڻ) جي پٺيان ايندڙ فعل جي مڪمل صورت ڪنهن به ٻئي فاعل/ضمير جي پٺيان ايندڙ فعل جي مڪمل صورت کان ڌار ۽ نرالي نموني جي ٺهي ٿي ۽ اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو ڌاتو سان ڳنڍجندڙ ’پڇاڙي‘ ٻي، ڌار، نرالي قسم جي آهي. ڇا، توهان پرکي/تاڙي ورتو آهي ته فعل سان مخصوص پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري پاڻ فعل ۾ اهو گڻ به پيدا ٿي پيو آهي ته اهو پاڻ ۾ هڪ مخصوص ضمير کي به سمايل ڏيکاري سگهي؟

 

ٿ

1. ضمير متڪلم، هيڪل،

نر/نار جي حالت ۾:               * خطُ لکان ٿو/ٿي.

                                      * مضمونُ پڙهان ٿو/ٿي.

                                      * نظارو ڏسان ٿو/ٿي.

هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي، پر ڇا، توهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ’مان/آءٌ‘ آهي.

فعل جي ڌاتو سان ’-آن‘ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي، جو ’مان/آءٌ‘ (جيڪو ضمير متڪلم آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهي.

* ’-آن‘ مَٽُ آهي ’مان/آءٌ‘ جو. ’مان‘ جو ’م-‘ ڪيرائڻ سان اسان کي ’-آن‘ ملي ٿو. جنهن لفظ کي اسين ’آءٌ‘ لکون ٿا، ان جو حقيقي اچار ’آن‘ ’آنءُ‘ آهي.

* مان جو ’م-‘ ڪيرائڻ سان مليل ’-آن‘ يا ’آءٌ‘ جو حقيقي اچار ’آن‘ هتي هن زمان ۾ ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت ــــــــــ لکان، پڙهان، ڏسان، ٻڌان ـــــ ٺهي ٿي.

* فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ لفظ ’ٿو‘ ـــــــ لکان ٿو، پڙهان ٿو ـــــــ ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير مذڪر (نر) آهي ۽ لفظ ’ٿي‘ ــــــــ لکان ٿي، پڙهان ٿي ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير مؤنث (نار) آهي.

2. ضمير متڪلم، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾:  * خطُ لکون ٿا/ٿيون.

                                                 * مضمونُ پڙهون ٿا/ٿيون.

                                                 * نظارو ڏسون ٿا/ٿيون.

* هنن ٽنهي جملن (اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، توهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ’اسان/اسين‘ آهي.

* فعل جي ڌاتو سان ’- اُون‘ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي، جو ’اسان/اسين‘ (جيڪو ضمير متڪلم آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهي.

* ’- اُون‘ مَٽُ آهي ’اسان/اسين‘ جو. ان جو ڌاتو ڳولڻ لاءِ اسان کي ٽي امڪان ذهن ۾ رکڻا ۽ ڇنڊڻا ڇاڻڻا پوندا:

(1) ’اسان‘ ٿي سگهي ٿو ته ٻن جزن ’اس‘ ۽ ’آن‘ (اس+آن) جو ٺهيل هجي. ’اس‘ هي/هيءَ/اِهو/اُهو/هُو/هوءَ/هِن/هُن جي بدران ڪم اچي ٿو (اها ڳالهه هن مضمون ۾ ڪجهه دير کان پوءِ ڄاڻي سگهنداسين) ۽ ’آن‘ بابت ٿورو اڳ (ٿ-1) ۾ پڙهي آيا آهيون. ’اس‘+’آن‘ (هي ۽ مان) = ’اسان‘.

(2) ’اسين‘ ٿي سگهي ٿو ته ٻن جزن ’اس‘ ۽ ’اِين‘ (اس+اِين) جو ٺهيل هجي. ’هن/هي‘ جي بدران ’اس‘ ۽ ’-اين‘ نار کي گهڻ ڪرڻ جو/لاءِ هڪ آواز، يعني ’اس‘ + ’اِين‘ = ’اسين‘.

(3) ’اَسُون‘ بظاهر نئون لفظ ۽ اڻٻڌو ڀاسي ٿو، پر ’لکيوسون‘ ۽ ’لکنداسون‘ جهڙن هزارين ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظن کي جاچبو ته ايڏو اوپرو به نه لڳندو. ٿي سگهي ٿو ته هي لفظ ’اس‘ ۽ ’-اُون‘ جي ميلاپ سان ٺاهيو ويو هجي. ’اس‘ (هي/هن) ۽ ’-اُون‘، ’نر کي گهڻ ڪرڻ جو/لاءِ آواز‘.

* ’- اُون‘ هِتي، هن زمان ۾، ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت ــــــــــ لکون، پڙهون، ويهون، ڏسون، ٻُڌون ــــــــ ٺهي ٿي.

* فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ لفظ ’ٿا‘ ـــــــ لکون ٿا، پڙهون ٿا ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير ’نر‘ آهي ۽ لفظ ’ٿيون‘ ــــــــ لکن ٿيون، پڙهن ٿيون ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هي ضمير ’نار‘ آهي.

3. ضمير حاضر، هيڪل، نر/نار جي حالت ۾:  * خطُ لکين ٿو/ٿي.

                                                 * مضمونُ پڙهين ٿو/ٿي.

                                                 * نظارو ڏسين ٿو/ٿي.

* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ’تون‘ آهي.

* فعل جي ڌاتو سان ’-اِين‘ يا ’-اين‘ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ’تون‘ (جيڪو ضمير حاضر آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهي.

* ’-اِين‘ يا ’اين‘ مَٽُ آهي ’تون‘ جو. ’-اِين‘ يا ’-اين‘ جو ڌاتو هن وقت منهنجيءَ ڄاڻ ۾ نه آهي، پر جيڪڏهن ’لکندين‘، ’پڙهندين‘، ’ڏسندين‘ جهڙن هزارين ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظن کي جاچبو ته پڌرو ٿي پوندو ته ’-اِين‘ يا ’اين‘ ’تون‘ جو مَٽ آهي.

 * ’-اِين‘ يا ’اين‘ هِتي، هن زمان ۾، ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت ــــــــــ لکين، پڙهين، ڏسين، ٻُڌين ــــــــ ٺهي ٿي.

* فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ لفظ ’ٿو‘ ـــــــ لکين ٿو، پڙهين ٿو ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هيءُ ضمير ’نر‘ آهي ۽ لفظ ’ٿي‘ ــــــــ لکين ٿي، پڙهين ٿي ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هي ضمير ’نار‘ آهي.

4. ضمير حاضر، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾:     * خطُ لکو ٿا/ٿيون.

                                                  * مضمونُ پڙهو ٿا/ٿيون.

                                                  * نظارو ڏسو ٿا/ٿيون.

* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ’توهان/اوهان/توهين/اوهين‘ آهي.

* فعل جي ڌاتو سان ’- او‘ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي، جو ’توهان/اوهان/توهين/اوهين‘ (جيڪو ضمير حاضر آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهي.

* ’- او‘ مَٽُ آهي ’توهان/اوهان/توهين/اوهين‘ جو. ’- او‘ جو ڌاتو هن وقت منهنجيءَ ڄاڻ ۾ ناهي، پر جيڪڏهن ’لکندؤ‘، ’پڙهندؤ‘، ’ڏسندؤ‘ جهڙن هزارين ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظن کي جاچبو ته پڌرو ٿي پوندو ته ’-او‘ ’توهان/اوهان/توهين/اوهين‘ جو مَٽ آهي.

* ’-او‘ هِتي، هن زمان ۾، ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت ــــــــــ لکو، پڙهو، ڏسو، ٻُڌو ــــــــ ٺهي ٿي.

* فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ لفظ ’ٿا‘ ـــــــ لکو ٿا، پڙهو ٿا ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هيءُ فاعل ’نر‘ آهي ۽ لفظ ’ٿيون‘ ــــــــ لکو ٿيون، پڙهو ٿيون ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هي فاعل ’نار‘ آهي.

5. ضمير غائب، هيڪل، نر/نار جي حالت ۾:            * خطُ لکي ٿو/ٿي.

                                                  * مضمونُ پڙهي ٿو/ٿي.

                                                  * نظارو ڏسي ٿو/ٿي.

* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ’هي/هو/هيءَ/هوءَ/اِهو/اُهو/اِها/اُها‘ آهي.

* فعل جي ڌاتو سان ’- اي‘ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي، جو ’هي/هو/هيءَ/هوءَ/اِهو/اُهو/اِها/اُها‘ (جيڪو ضمير غائب آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهي.

* ’- اي‘ مَٽُ آهي ’هي/هو/هيءَ/هوءَ/اِهو/اُهو/اِها/اُها‘ جو. ’- اي‘ بگڙي ’هي‘ ٿيو آهي (ڪو ايئن به چئي سگهي ٿو ته ’هي‘ جي ’هه‘ ڪيرائي ’-اي‘ پڇاڙي ٺاهي وئي آهي).

* ’- اي‘ هِتي، هن زمان ۾، ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت ــــــــــ لکي، پڙهي، ڏسي، ٻُڌي ــــــــ ٺهي ٿي.

* فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ لفظ ’ٿو‘ ـــــــ لکي ٿو، پڙهي ٿو ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هيءُ فاعل ’نر‘ آهي ۽ لفظ ’ٿي‘ ــــــــ لکي ٿي، پڙهي ٿي ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هي فاعل ’نار‘ آهي.

6. ضمير غائب، گهڻ، نر/نار جي حالت ۾:    * خطُ لکن ٿا/ٿيون.

                                                 * مضمونُ پڙهن ٿا/ٿيون.

                                                 * نظارو ڏسن ٿا/ٿيون.

* هنن ٽنهي جملن (۽ اهڙن ٻين) ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر، ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل ’هي/هو/اِهي/اُهي‘ آهي.

* فعل جي ڌاتو سان ’- اَن‘ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي، جو ’هي/هو/اِهي/اُهي‘ (جيڪو ضمير غائب آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهي.

* ’- اَن‘ مَٽُ آهي ’هي/هو/اِهي/اُهي‘ جو. ’-اَن‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ هيڪل (واحد) کي گهڻ (جمع) ڪرڻ جو ڪم به ڪندو آهي. (وڻن، ٻوٽن، جانورن، آسمانن، گلن، ميوَن، ...) اِنَ/اِنَن ۽ اُن/اُنن (جن ۾ اسين ’هه‘ ملائي ’اِنهن‘ ۽ ’اُنهن‘ چئون ٿا) پڻ ان جو چٽو مثال آهن. اهڙيءَ طرح، اسان وٽ وَٽِن، سندن، کين، کانئن، ڏانهنِ، مٿن، مٿائن، هيٺائن، منجهن جهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جن جي پڇاڙي ’- اَن‘ ’هي/هو/اِهي/اُهي‘ جي نشاندهي ڪري ٿي.

* ’-اَن‘ هِتي، هن زمان ۾، ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جو ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي ڪري ئي فعل جي هڪ مخصوص صورت ــــــــــ لکن، پڙهن، ڏسن، ٻُڌن ــــــــ ٺهي ٿي.

* فعل جي ان مخصوص صورت کان پوءِ ايندڙ لفظ ’ٿا‘ ـــــــ لکن ٿا، پڙهن ٿا ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هيءُ فاعل ’نر‘ آهي ۽ لفظ ’ٿيون‘ ــــــــ لکن ٿيون، پڙهن ٿيون ــــــــ ٻڌائي ٿو ته هي فاعل ’نار‘ آهي.

7. هن زمان جي فعلي ڦيري جي حوالي سان ياد رکڻ جهڙيون ڪجهه ڳالهيون:

ٽ

1) ضميري پڇاڙي هر ’ضميري آڪهه‘ لاءِ ڌار، نرالي ۽ مقرر آهي:

نر توڙي نار، هيڪل        * مان/مون/آنءُ/آءٌ/آئون لاءِ ’- آن‘

                             * تون/تو لاءِ ’- اين‘ يا ’- اِين‘

                             * هي/هو/هيءَ/هوءَ/اُهو/اِهو لاءِ ’- اي‘

نر توڙي نار، گھڻ          * اسان/اسين/اسون لاءِ ’- اَون‘ يا ’- اُون‘

                             * توهان/توهين/اوهان/اوهين لاءِ ’-اَو‘ يا ’-او‘

                             * هي/هو/اِنهن/اُنهن/هِنن/هُنن لاءِ ’- اَن‘

2) ضميري پڇاڙي ملڻ جي ڪري، هر ضميري آڪهه لاءِ فعل جي صورت پڻ ڌار، نرالي ۽ مقرر صورت وٺي بيهي ٿي.

هيڪل                     * لکان

                             * لکين

                             * لکي

گهڻ                        * لکون

                             * لکو

                             * لکن

3) * هر هڪ هيڪل، نر فاعل جي پٺيان فعل جو حصو ’ٿو‘ اچي ٿو.

   * هر هڪ هيڪل، نار فاعل جي پٺيان فعل جو حصو ’ٿي‘ اچي ٿو.

   * هر هڪ گهڻ، نر فاعل جي پٺيان فعل جو حصو ’ٿا‘ اچي ٿو.

   * هر هڪ گهڻ، نار فاعل جي پٺيان فعل جو حصو ’ٿيون‘ اچي ٿو.

4) فعل جي مڪمل صورت ٻن حصن ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ فاعل جي جنس ۾ ڳڻپ بابت ڄاڻ ڏئي ٿي:

 

نر

نار

 

هيڪل

  * لکان ٿو، پڙهان ٿو

* لکان ٿي، پڙهان ٿي

ضمير متڪلم

 

  * لکين ٿو، پڙهين ٿو

* لکين ٿي، پڙهين ٿي

ضمير حاضر

 

  * لکي ٿو، پڙهي ٿو

* لکي ٿي، پڙهي ٿي

ضمير غائب

 

گهڻ

  * لکون ٿا، پڙهون ٿا

* لکون ٿيون، پڙهون ٿيون

ضمير متڪلم

 

  * لکو ٿا، پڙهو ٿا

* لکو ٿيون، پڙهو ٿيون

ضمير حاضر

 

  * لکن ٿا، پڙهن ٿا

* لکن ٿيون، پڙهن ٿيون

ضمير غائب

 

5) فعل جي هر صورت ۾ هڪ مقرر ضمير لڪل آهي.

6) اهو ضمير ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جي صورت ۾ موجود آهي.

7) اها ضميري پڇاڙي (يعني ضمير) فاعل جو ڪم ڪري ٿي ۽ ٺيڪ ان ڪري:

8) پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هن زمان جي حوالي سان اسان کي جيڪو فعلي ڦيرو پڙهايو وڃي ٿو (ڏسو 1-الف)، ان ۾ حقيقتاً ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا موجود آهي.

ڇا، ان کي وياڪرڻ جي درست سکيا سڏي سگهجي ٿو؟

 

هاڻي اچو ته فعل جي فڪ ٻي صورت جاچيون، جنهن کي ’هئڻ‘ يا ’هجڻ‘ جو فعل سڏجي ٿو. هن جو زمان به ’حال‘ ئي آهي.

1) هن فعل جو ڦيرو اسان کي هن نموني پڙهايو/سيکاريو وڃي ٿو:

ٺ

                         هيڪل/نر                 هيڪل/نار

1. ضمير متڪلم * مان (سُٺو) آهيان.       * مان (سُٺي) آهيان.

2. ضمير حاضر   * تون (سُٺو) آهين.       * تون (سُٺي) آهين.

3. ضمير غائب   *هي/هو/اُهو/اِهو (سُٺو) آهي. * هيءَ/هوءَ/اُها/اِها (سُٺي) آهي.

                         گهڻ/نر                    گهڻ/نار

1. ضمير متڪلم * اسان (سُٺا) آهيون.      * اسان (سُٺيون) آهيون.

2. ضمير حاضر   * توهان (سُٺا) آهيو.      * توهان (سُٺيون) آهيو.

3. ضمير غائب  *هي/هو/اُهي/اِهي (سُٺا) آهن.*هي/هو/اُهي/اِهي (سُٺيون) آهن.

2) اچو، ڏسون ته اکر ۽ لفظ ڪيئن ٿا ڳالهائن:

ث

(1) ’آهيان‘:

- ڪير؟

+ ’مان/آءٌ/آنءُ/آئون‘ ــــــــ جنهن کي ’ضمير متڪلم‘ چئبو آهي.

- زمان؟

+ حال (هن وقت، هاڻي، اجهو، هينئر)

- ڳڻپ؟

+ هڪ (اڪيلو، هيڪل، واحد، ڇَڙو)

- جنس؟

+ اها سُڌ تيستائين نه پوندي، جيستائين آڏو اسم يا صفت نه اچي ـــــــ اسم يا صفت نر هوندي ته ’نر‘ آهيان ۽ جي نار هوندي ته ’نار‘ آهيان.

- بناوت؟

+ بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ’لفظ‘ ۽ هڪ ’پڇاڙيءَ‘ جو ميلاپ. آهيان: ’آهه-‘ + ’-آن‘ = ’آهيان‘. ’آهه-‘ ’زمان حال‘ ۽ ’هجڻ‘ جو ڏس ڏي ٿو ۽ ’-آن‘ ’مان/مون/آءٌ/آئون/ آنءُ‘ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ’ آهه-‘ سان مليل پڇاڙي ’-آن‘ هڪ ’ضميري پڇاڙي‘ آهي، جيڪا ’ضمير متڪلم‘ ۽ ’هيڪل‘ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي.

- جيڪڏهن ضمير موجود آهي ته پوءِ اسان کي ساڳيو ئي ضمير متڪلم ’مان‘ ڳنڍي، ’مان آهيان‘ ڇو ٿو پڙهايو/سيکاريو وڃي؟ ڇا، ان نموني فاعل جو ڏس ڏيندڙ ضمير ’ٻه‘ نه ٿي پوندا؟

+ اهو سوال پنهنجن عالمن کان پُڇو.

 

(2) ’آهين‘:

- ڪير؟

+ ’تون‘ ــــــــ جنهن کي ضمير حاضر‘ چئبو آهي.

- زمان؟

+ حال

- ڳڻپ؟

+ هيڪل

- جنس؟

+ اها سُڌ تيستائين نه پوندي، جيستائين آڏو اسم يا صفت نه ٿي اچي ـــــــ اسم يا صفت نر هوندي ته ’نر‘ سڏبس ۽ جي نار هوندي ته ’نار‘ سڏبس.

- بناوت؟

+ بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ’لفظ‘ ۽ هڪ ’پڇاڙيءَ‘ جو ميلاپ. آهين: ’آهه-‘ + ’-اِين‘ = ’آهين‘. ’آهه-‘ ’زمان حال‘ ۽ ’هجڻ‘ جو ڏس ڏي ٿو ۽ ’-اِين‘ ’تون‘ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ’-آهه‘ سان مليل پڇاڙي ’-اِين‘ هڪ ’ضميري پڇاڙي‘ آهي، جيڪا ’ضمير حاضر‘ ۽ ’هيڪل‘ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي.

- ’تون آهين‘ ڇو ٿو سيکاريو وڃي؟

+ اهو سوال پنهنجن عالمن کان پُڇو.

 

(3) ’آهي‘:

- ڪير؟

+ ’هي‘ (هي/هيءَ/هُو/هوءَ/اِهو/اُهو/اِها/اُها) ــــــــ جيڪو ضمير غائب آهي. زمان ’حال‘ اٿس ۽ ڳڻپ ’هڪ‘. ’نر‘ يا ’نار‘ هجڻ جي خبر تڏهن پوندي جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي.

- بناوت؟

+ بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ’لفظ‘ ۽ هڪ ’پڇاڙيءَ‘ جو ميلاپ. آهي: ’آهه-‘ + ’-اي‘ = ’آهي‘. ’آهه-‘ ’زمان حال‘ ۽ ’هجڻ‘ جو ڏس ڏي ٿو ۽ ’-اي‘ ’هي/هيءَ/هُو/هوءَ/ اِهو/اُهو/اِها/اُها‘ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ’آهه-‘ سان مليل پڇاڙي ’-اي‘ هڪ ’ضميري پڇاڙي‘ آهي، جيڪا ’ضمير غائب‘ ۽ ’هيڪل‘ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ’هي آهي‘ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پُڇو.

 

(4) ’آهيون‘:

+ ’اسان/اسين‘ ـــــــــ جيڪو ’ضمير متڪلم‘ آهي، زمان ’حال‘ اٿس ۽ ڳڻپ ’هڪ کان وڌيڪ‘. ’نر‘ يا ’نار‘ هجڻ جي خبر تڏهن پوندي جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي. بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ’لفظ‘ ۽ هڪ ’پڇاڙيءَ‘ جو ميلاپ. آهي: ’آهه-‘ + ’- اُون‘ = ’آهيون‘. ’آهه-‘ ’زمان حال‘ ۽ ’هجڻ‘ جو ڏس ڏي ٿو ۽ ’- اُون‘ ’اسان/اسين/اسون‘ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ’آهه-‘ سان مليل پڇاڙي ’- اُون‘ هڪ ’ضميري پڇاڙي‘ آهي، جيڪا ’ضمير متڪلم‘ ۽ ’گهڻ‘ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ’اسين آهيون‘ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پُڇو.

 

(5) ’آهيو‘:

+ ’توهان/اوهان/توهين/اوهين‘ ـــــــــ جيڪو ’ضمير حاضر‘ آهي، زمان ’حال‘ اٿس ۽ ڳڻپ ’هڪ کان وڌيڪ‘. ’نر‘ يا ’نار‘ هجڻ جي خبر تڏهن پوندي جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي. بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ’لفظ‘ ۽ هڪ ’پڇاڙيءَ‘ جو ميلاپ. آهيو: ’آهه-‘ + ’-او‘ = ’آهيو‘. ’آهه-‘ ’زمان حال‘ ۽ ’هجڻ‘ جو ڏس ڏي ٿو ۽ ’-او‘ ’توهان/توهين/اوهان/اوهين‘ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ’آهه-‘ سان مليل پڇاڙي ’-او‘ هڪ ’ضميري پڇاڙي‘ آهي، جيڪا ’ضمير حاضر‘ ۽ ’گهڻ‘ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ’توهان آهيو‘ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پُڇو.

 

(6) ’آهن‘:

+ ’هي/هو/اِهي/اُهي‘ ـــــــــ جيڪو ’ضمير غائب‘ آهي، زمان ’حال‘ اٿس ۽ ڳڻپ ’هڪ کان وڌيڪ‘. ’نر‘ يا ’نار‘ هجڻ جي خبر تڏهن پوندي جڏهن اڳيان اسم يا صفت هجي. بظاهر هڪ لفظ (۽ هڪ لفظ ئي سمجهيو وڃي ٿو)، پر حقيقت اها آهي ته ٻن لفظن، درست ڪري چئجي ته هڪ ’لفظ‘ ۽ هڪ ’پڇاڙيءَ‘ جو ميلاپ. آهن: ’آهه-‘ + ’-اِن‘ = ’آهن‘. ’آهه-‘ ’زمان حال‘ ۽ ’هجڻ‘ جو ڏس ڏي ٿو ۽ ’-اِن‘ ’هي/هُو/اِهي/اُهي‘ جو. ان جو مطلب ٿيو ته ’آهه-‘ سان مليل پڇاڙي ’-اِن‘ هڪ ’ضميري پڇاڙي‘ آهي، جيڪا ’ضمير غائب‘ ۽ ’گهڻ‘ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي. باقي ’هي/هُو/اِهي/ اُهي آهن‘ سيکارجڻ جو سبب پنهنجن عالمن کان پُڇو.

 

3) هن فعلي ڦيري جي حوالي سان ياد رکڻ جهڙيون ڪجهه ڳالهيون:

پ

1. ضميري پڇاڙي هر ’ضميري آڪهه‘ لاءِ ڌار، نرالي ۽ مقرر آهي:

  هيڪل                   * مان/مون/آنءُ/آءٌ/آئون      لاءِ ’- آن‘

                   * تون/تو                     لاءِ ’- اين‘ يا ’- اِين‘

                    * هي/هو/هيءَ/هوءَ/اُهو/اِهو   لاءِ ’- اي‘

  گهڻ            * اسان/اسين/اسون           لاءِ ’- اُون‘ يا ’- اَون‘

* توهان/اوهان/توهين/اوهين  لاءِ ’- اَو‘ يا ’- او‘

* هي/هو/اِهي/اُهي          لاءِ ’- اَن‘

2. ضميري پڇاڙي ملڻ جي ڪري، هر ضميري آڪهه لاءِ فعل جي صورت پڻ ڌار، نرالي ۽ مقرر صورت وٺي بيهي ٿي.

هيڪل            * آهيان

                             * آهين

                             * آهي

گهڻ              * آهيون

                             * آهيو

                             * آهن

3. فعل جي هر صورت ۾ هڪ مقرر ضمير لڪل آهي.

4. اهو ضمير ’ضميري پڇاڙيءَ‘ جي صورت ۾ موجود آهي.

5. اها ’ضميري پڇاڙي‘ فاعل جي موجود هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي، ٺيڪ ان ڪري:

6. پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هن فعلي ڦيري جي حوالي سان به اسان کي جيڪو فعلي ڦيرو پڙهايو وڃي ٿو ]ڏسو 1-ٺ[، ان ۾ حقيقتاً ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا موجود آهي. ڇا، ان کي وياڪرڻ جي درست سکيا سڏي سگهجي ٿو؟

مٿي ڏنل سموريءَ ڳالهه ٻول جو نتيجو هي نڪري ٿو ته زمان حال ۾ اسان وٽ ’ڪَرڻ‘ ۽ ’هئڻ‘ واري فعل جي حوالي سان جيڪو ڪجهه ڳالهايو، لکيو، پڙهيو ۽ سيکاريو وڃي ٿو، ان ۾ بنا ڪنهن ضروري سبب جي ساڳئي قسم جو فاعل ٻه ڀيرا ورجايو وڃي ٿو: هڪ ’مان‘، ’اسان‘، ’تون‘، ’توهان‘، ’هي‘ ۽ ’اُهو/اِهو‘ جي شڪل ۾ ۽ ٻيو جيڪو ’ڪَرڻ‘ ۽ ’هئڻ‘ واري فعل جي حالت ۾ ضميري پڇاڙيءَ جي مليل يا اڳواٽ جذب ٿيل صورت ۾ آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته صحيح فعلي ڦيرو هيئن ٿيڻ گهرجي:

ڪَرڻ‘ واري فعل جي حوالي سان:

          * لکان ٿو، لکان ٿي، لکون ٿا، لکون ٿيون.

          * لکين ٿو، لکين ٿي، لکو ٿا، لکو ٿيون.

          * لکي ٿو، لکي ٿي، لکن ٿا، لکن ٿيون.

هن ڦيري مان جيڪڏهن شامل ضميري پڇاڙي ڪڍي ڇڏجي ۽ فاعل طور ڌار ضمير آندو وڃي ته ڦيري جي حقيقي ۽ اصولي صورت هن طرح بيهندي:

          * مان لکٿو، مان لکٿي، اسان لکٿا، اسان لکٿيون.

          * تون لکٿو، تون لکٿي، توهان لکٿا، توهان لکٿيون.

          * هي لکٿو، هيءَ لکٿي، هي/اهي لکٿا، هي/اُهي لکٿيون.

ساڳيءَ طرح ’هئڻ‘ واري فعل جو صحيح ڦيرو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن ان جي آڏو ڪو به ضمير فاعل طور نه آندو وڃي، ڇو ته واسطيدار ضمير فعلي صيغي سان ڳنڍيل آهي:

* ضمير متڪلم، هيڪل ــــــــ آهيان.            * ضمير متڪلم، گهڻ ــــــــ آهيون.

* ضمير حاضر،   هيڪل ــــــــ آهين.    * ضمير حاضر،    گهڻ ــــــــ آهيو.

* ضمير غائب،   هيڪل ــــــــ آهي.     * ضمير غائب،    گهڻ ــــــــ آهن.

زمان حال ۾ ’ڪَرڻ‘ جي فعل جي حوالي سان ’ٻه‘ ضميري پڇاڙيون به ڪم اچن ٿيون. انهن مان ڪجهه جو ٿورو ذڪر ڪجي ٿو. (ٻِٽي ضميري پڇاڙيءَ جي گڻن ۽ ان جي ڪري ٻوليءَ جي ڏات تي پوءِ ڳالهائبو.)

 

 فعل/مذڪر                                              فعل/مؤنث

ج            بناوت            مفهوم/معنى

لکانءِ ٿو = لک+آن+ءِ =  (مان) تو ڏانهن لکان ٿو.      لکانءِ ٿي.

لکانوَ ٿو = لک+آن+وَ =   (مان) توهان ڏانهن لکان ٿو.            لکانوَ ٿي.

لکانس ٿو = لک+آن+اس= (مان) هن ڏانهن لکان ٿو.    لکانس ٿي.

لکاننِ ٿو = لک+آن+ان = (مان) هنن ڏانهن لکان ٿو.    لکاننِ ٿي.

ڄ

لکينمِ ٿو = لک+اين+ام =(تون) مون ڏانهن لکين ٿو.            لکينمِ ٿي.

   ؟                      = (تون) (اسان ڏانهن لکين ٿو.)     ؟

لکينس ٿو = لک+اين+اس= (تون) هن ڏانهن لکين ٿو.            لکينس ٿي.

لکينِ ٿو  = لک+اين+ان =          (تون) هنن ڏانهن لکين ٿو.    لکيننِ ٿي.

جهه

لکيمِ ٿو = لک+اي+ام = (هو) مون ڏانهن لکي ٿو.      لکيمِ ٿي.

   ؟                     = (هو) (اسان ڏانهن لکين ٿو.)       ؟

لکيس ٿو = لک+اي+اس= (هو) هن ڏانهن لکي ٿو.      لکيس ٿي.

لکينِ ٿو  = لک+اي+ان = (هو) هنن ڏانهن لکي ٿو.      لکينِ ٿي.

لکيئه ٿو = لک+اي+ءِ = (هو) تو ڏانهن لکي ٿو.         لکيئه ٿو.

لکيوَ ٿو  =  لک+اي+وَ = (هو) توهان ڏانهن لکي ٿو.    لکيوَ ٿي.

ڃ

لکونئه ٿا = لک+اون+ءِ =  (اسين) تو ڏانهن لکون ٿا.    لکونئه ٿيون.

لکونوَ ٿا = لک+اون+وَ =(اسين) توهان ڏانهن لکون ٿا.             لکونوَ ٿيون.

لکونس ٿا = لک+اون+اس=(اسين) هن ڏانهن لکون ٿا.            لکونس ٿيون.

لکوننِ ٿا = لک+اون+ان = (اسين) هنن ڏانهن لکون ٿا.            لکوننِ ٿيون.

چ

لکوم ٿا = لک+اَو+ام =  (توهان) مون ڏانهن لکو ٿا.    لکوم ٿيون.

  ؟                      =  (توهان) اسان ڏانهن لکو ٿا.                ؟

لکوس ٿا = لک+اَو+اس=  (توهان) هن ڏانهن لکو ٿا.    لکوس ٿيون.

لکونِ ٿا = لک+اَو+ان  =  (توهان) هنن ڏانهن لکو ٿا.    لکونِ ٿيون.

ڇ

لکنۡنمِ (لکنّم) ٿا=لک+اَن+اِم=(اهي) مون ڏانهن لکن ٿا.  لکننم (لکنّم) ٿيون.

  ؟                           = (اهي) اسان ڏانهن لکن ٿا.       ؟

لکنۡنئِه (لکنئه) ٿا=لک+اَن+اَءِ = (اهي) تو ڏانهن لکن ٿا. لکننئِه(لکنّئه) ٿيون.

لکنۡوَ ٿا = لک+اَن+وَ      = (اهي) توهان ڏانهن لکن ٿا.   لکنوَ ٿيون.

لکنۡس ٿا = لک+اَن+اس = (اهي) هن ڏانهن لکن ٿا.     لکنس ٿيون.

لکنۡنِ (لکنّن) ٿا=لک+ان+اِن=(اهي) انهن ڏانهن لکن ٿا.  لکنن (لکنّن) ٿيون.

 

ٻِٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ مٿي ڏنل لفظن ۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا مڪمل جملا آهن، هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون:

1. ڪجهه لفظن جي اچار ۾ ’شد‘ جهڙي ڪيفيت نظر اچي ٿي. (عام طرح سمجهيو وڃي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ شد رکندڙ لفظ موجود ناهن، جنهن ڳالهه سان مون کي اختلاف آهي. شد رکندڙ لفظ يا اکر سنڌيءَ ۾ ئي نه، جيتري هندي ڄاڻان ٿو، ان ۾ به موجود نظر اچن ٿا. اهي لفظ سنڌيءَ ۾ زباني طرح ڳالهايا وڌيڪ ۽ لکيا گهٽ ٿا وڃن ۽ هنديءَ ۾ ’اڌ - اکر‘ وڌيڪ لکجي ٿو.)

2. ضميري پڇاڙيون ان ساڳيءَ ئي شڪل ۾ نظر اچن ٿيون، جيئن ’ڪَرڻ‘ ۽ ’هئڻ‘ واري فعلي ڦيري ۾ نظر آيون، ڪٿي ڪٿي تحرڪ وڌيڪ نظر اچي ٿو. (ها، ’مان‘ جي بدران ’- ام‘ ۽ ’هن‘ جي بدران ’- اس‘ ضميري پڇاڙي اڃا بحث هيٺ نه آيون آهن.)

]مٿي جيڪي به فاعل/ضمير ننڍي ڏنگيءَ ۾ ڏنل آهن، اهي رڳو ان ڪري، جيئن رسما رسمي طريقي موجب (جيڪو غلط آهي) ڳالهه سمجهه ۾ اچي سگهي.[

 

زمان ماضي

1- فعل ’لازمي‘ جو ڦيرو (زمان ماضي مطلق) اسن کي هن نموني پڙهايو /سيکاريو وڃي ٿو:

ح

 

   هيڪل/نَر

  هيڪل/نار

1. ضمير متڪلم

2. ضمير حاضر

3. ضمير غائب

  * مون لکيو.

  * تو لکيو.

  * هن/هن لکيو.

* مون لکيو.

* تو لکيو.

* هِن/هُن لکيو.

 

 

 

 

   گهڻ/نَر

  گهڻ/نار

1. ضمير متڪلم

2. ضمير حاضر

3. ضمير غائب

* اسان لکيو.

* توهان لکيو.

* هِنن/هُنن لکيو.

* اسان لکيو.

* توهان لکيو.

* هِنن/هُنن لکيو.

 

2- هن فعلي ڦيري کي جيڪڏهن هيئن پڙهجي ته:

خ

فاعل ضمير متڪلم، هيڪل، نر    * مون چِٺو لکيو.

                                      * مون چٺِي لکي (لکيي).

                                      * مون چٺا لکيا.

                                      * مون چٺيون لکيون.

ڌيان ڏئي سوچيو: ضمير متڪلم هيڪل نر جي بدران ڪو به ٻيو ضميرُ، فاعل طور آڻي پڙهبو، ته به جملي جي بيهڪ اها ئي رهندي. مثال طور:

                   * اسان/توهان/هن/هنن چٺو لکيو.

                   * اسان/توهان/هن/هنن چٺا لکيا.

                   * اسان/توهان/هن/هنن چٺي لکي.

                   * اسان/توهان/هن/هنن چٺيون لکيون.

ڌيان ڌئي سوچيو ته فاعل طور ضمير ڪهڙو به هجي، ضمير جي هر صورت سان هر هڪ فعل جون چار صورتون گڏجي، ٺهڪي ۽ درست نموني اچن ٿيون. ايئن ڇو؟

اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو زمان ’ماضيءَ‘ ۾ فعلي صيغي جو سڌو واسطو فاعل سان نه، مفعول سان رهي ٿو.

مفعول جيڪڏهن:

1.       هيڪل نر آهي ته  ـــــــ  لکيو، پڙهيو، ڏٺو.

2.      هيڪل نار آهي ته ـــــــ  لکي، پڙهي، ڏٺي.

3.      گهڻ نر آهي ته    ــــــــ  لکيا، پڙهيا، ڏٺا.

4.      گهڻ نار آهي ته   ــــــــ  لکيون، پڙهيون، ڏٺيون.

هتي، اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته زمان ماضيءَ ۾ فعل جون صورتون هڪ ڊگهو ۽ تفصيلي بحث ۽ ڇنڊڇاڻ گهرن ٿيون، ڇو ته زمان ماضيءَ ۾ فعلي صيغا جيڪا صورتخطي ۽ جيڪو اچار رکن ٿا، اهو ڪٿي فعل آهي ته ڪٿي اسم يا صفت.

مثال طور: ’(مان) لکيو آهيان‘ (هتي ’لکيو‘ اسم آهي).

            ’مون لکيو آهي‘    (هتي ’لکيو‘ فعل آهي).

            ’(مان) پڙهيو آهي‘  (هتي ’پڙهيو‘ فعل آهي).

هتي، انهن بحثن کان پاسيرو رهي، رڳو فعلي صيغي بابت ڳالهه ٻول ڪجي ٿي.

د

(1) مفعول هيڪل، نر جي حالت ۾:

                   * مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن  چٺو لکيو.

                   * مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن  گهوڙو ڏٺو.

مفعول هيڪل نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ’-اِيو‘ ڳنڍجي ٿو: لکيو، پڙهيو، گهميو، سمهيو. پر فعل جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو ’امر‘ فعل جي هڪ صورت ٺاهي (جيئن ’ڏسڻ‘ جي ’ڏِس‘ مان ’ڏِسيو‘ ــــــــ ’مان ڏسيو پيو اچان‘)، ۽ جنهن جو ’اسم‘ فعل جي ٻي صورت ٺاهي (جيئن ’ڏسڻ‘ جي اسم ’ڏٺ‘ مان ’ڏٺو‘) ته اهڙيءَ حالت ۾ اسم جي پوئين اکر (ٺ) سان ’-او‘ ملائجي ٿو ـــــــــــــ ڏٺو، ويٺو، بيٺو.

فاعل هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نه ٿو پوي.

 

(2) مفعول گهڻ، نر جي حالت ۾:

* مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن  چٺا لکيا.

                   * مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن  گهوڙا ڏٺا.

مفعول گهڻ نر آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ’-اِيا‘ ڳنڍجي ٿو ـــــــــــــ لکيا، پڙهيا، گهميا، سمهيا، پر فعل جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو ’اسم‘ فعلي صيغو ٺاهي ته اهڙيءَ حالت ۾’-آ‘ ملائجي ٿو ـــــــــــــ ڏٺا، ويٺا، بيٺا.

فاعل هيڪل هجي يا گهڻ ۽ نر هجي يا نار، فعلي صيغي تي ڪو به اثر نه ٿو پوي.

 

(3) مفعول هيڪل، نار جي حالت ۾:

                   * مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن  چٺي لکي.

                   * مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن  گهوڙي ڏٺي.

مفعول هيڪل نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ’- اِي‘ يا حقيقت ۾ ’-اِيي‘ ملائجي ٿو ـــــــــــــ لکي، پڙهي، پر فعل جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو ’اسم‘ فعلي صيغو ٺاهي ٿو ته اهڙيءَ حالت ۾ ’-اي‘ ملائجي ٿو ـــــــــــــ ڏٺي، ويٺي، بيٺي.

 

(4) مفعول گهڻ، نار جي حالت ۾:

* مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن  چٺيون لکيون.

                   * مون/تو/هن/اسان/توهان/هنن  گهوڙيون ڏٺيون.

مفعول گهڻ نار آهي ته فعل (لکڻ) جي امر (لک) سان ’-اِيون‘ ملائجي ٿو ـــــــــــــ لکيون، پڙهيون، پر فعل جيڪڏهن اهڙو آهي، جنهن جو ’اسم‘ فعلي صيغو ٺاهي ته اهڙيءَ حالت ۾’-اِيون‘ ملائجي ٿو ـــــــــــــ ڏٺيون، ويٺيون، بيٺيون.

 

3- زمان ماضيءَ ۾ ضمير جي صورت تي ڪجهه نه ڪجهه ۽ هڪ عجيب اثر پوي ٿو:

- ’مان/آءٌ/آنءُ‘ جي ڀيٽ ۾ ’مون ‘ وڌيڪ سونهي ٿو ـــــــــــــ مون لکيو.

- ’تون‘ جي ڀيٽ ۾ ’تو‘ ڪجهه هنڌن تي ڏاڍو ٺهي ٿو ـــــــــــــ تو لکيو.

- ’هي/هو/هيءَ/هوءَ/اِها/اُها‘ جي بدران ’هن/هُن/اِن/اُن‘ وڌيڪ ٺهڪي ٿو ـــــــــــــ هن لکيو.

- ’اسين‘ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولو لڳندڙ آواز ’اسان‘ آهي ـــــــــــــ اسان لکيو.

- ’توهين/اوهين‘ جي ڀيٽ ۾ ’توهان/اوهان‘ سٺو لڳي ٿو ـــــــــــــ توهان لکيو.

- ’هي/هو/اِهي/اُهي‘ جي بدران ’هِنن/هُنن/اِنهن/اُنهن‘ جو واهپو سونهي ٿو ـــــــــــــ هنن لکيو.

* ضمير جي ان صوتي تبديليءَ جو ڪارڻ (شايد) فعل جو مفعول سان لاڳاپيل هجڻ آهي.

 

هاڻي اچو ته فعل جي هڪ ٻي صورت جاچيون، جنهن کي ’هئڻ‘ يا ’هجڻ ‘ جو فعل سڏجي ٿو. هن جو زمان به ماضي ئي آهي.

ڌ

هيڪل/نَر

  هيڪل/نار

ضمير متڪلم

ضمير حاضر

ضمير غائب

1. مان هُيُس (’مان سچار هيس‘)

3. تون هُئين. (’تون سچار هئين‘)

5. هي هيو/هو. (’هي سچار هيو‘)

2. مان هيَسِ.

4.تون هُئِيئَن (هئينءَ؟)

6. هيءَ هُئي.

 

 

 

 

گهڻ/نَر

   گهڻ/نار

ضمير متڪلم

 

ضمير حاضر

ضمير غائب

7. اسين هياسي/هئاسي.

(مثال: ’اسين سچار هياسي/هئاسون‘)

9. توهان هُيَئو. (’توهان سچار هُيَئو‘)

11. هي هُيا/هئا. (’هي سچار هُيا‘)

8. اسين هيونسي.

 

10. توهين هُيَئو.

12. هي هُيون.

 

 

 

مٿي ڏنل ڦيري ۾ ضمير غائب، نر توڙي نار ۽ هيڪل توڙي گهڻ (5، 6، 11، 12) سان گڏ ڏنل فعل جون صورتون حقيقي ۽ صحيح آهن. ساڻن ضميري پڇاڙي ملڻ کان پوءِ به سندن صورت اهائي بيهي ٿي، باقي سمورن ضميرن سان ڳنڍيل فعلي صيغي ۾ ڪا نه ڪا ضميري پڇاڙي سمايل آهي، ۽ ان ڪري فاعل ٻه ڀيرا ورجائجي پيو آهي. ضمير متڪلم هيڪل، نر توڙي نار سان ضميري پڇاڙي ’-اُس‘ ۽ ’-اَس‘ ڳنڍيل آهن، جن بابت سمجهيو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته ضمير متڪلم هيڪل جي بدران، نر جي حالت ۾ ’-اُس‘ ۽ نار جي حالت ۾ ’-اَس‘ ڪم اينديون آهن ۽ ان لاءِ ڪو به علمي سبب يا دليل موجود ناهي. باقي ضمير متڪلم حاضر جي حالت ۾ جيڪي ضميري پڇاڙيون ڪم آيون آهن، اهي ضمير حاضر جي ئي نشاندهي ڪن ٿيون.

زمان ماضي ۾ ’هئڻ‘ جي فعل جون حقيقي صورتون هي آهن:

1.       فاعل هيڪل ۽ نر لاءِ   (ضمير ڪهڙو به هجي) ــــــــ  هيو (هئو).

2.      فاعل هيڪل ۽ نار لاءِ  (ضمير ڪهڙو به هجي) ــــــــ  هئي (هُيِي).

3.      فاعل گهڻ ۽ نر لاءِ     (ضمير ڪهڙو به هجي) ــــــــ  هيا (هئا).

4.      فاعل گهڻ ۽ نار لاءِ    (ضمير ڪهڙو به هجي) ــــــــ  هيون.

 

ان ڪري زمان ماضيءَ ۾ ’هئڻ‘ جي فعل جو ڦيرو هن طرح هئڻ گهرجي:

ڏ

* مان هيو (مان سچار هيو.)        * مان هئي (مان سچار هئي.)

* تون هيو (تون سچار هيو.)        * تون هئي (تون سچار هئي.)

* هي هيو (هي سچار هيو.)        * هيءَ هئي (هيءَ سچار هئي.)

* اسان هيا (اسان سچار هيا.)      * اسان هيون (اسان سچار هيون.)

* توهان هيا (توهان سچار هيا.)    * توهان هيون (توهان سچار هيون.)

* هي هيا (هي سچار هيا.)                   * هي هيون (هي سچار هيون.)

 

ضميري پڇاڙيءَ جي هجڻ ڪري، اهو ڦيرو هيئن ٿيندو:

ڊ

(1) ضمير متڪلم، هيڪل، نر جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ’-اُم‘ ملائجي ٿي ـــــــــــــ سچار هُيُم/هُئم (مان سچار هيو).

فعلي صيغي (هيو/هئو) جو آخري آواز ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ضميري پڇاڙي ’-اُم‘ آڻجي ٿي. ’ڪرڻ‘ واري فعل ۾ به مفعول هيڪل نر آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو ـــــــــــــ لکيُم، پڙهيُم، ڏٺُم، بِيٺُم.

 

(2) ضمير متڪلم، هيڪل، نار جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ’-اَم‘ ملائجي ٿي ــــــــــــ سچار هُيَم/هُئم (مان سچار هئي).

فعلي صيغي (هئي) جو آخري آواز ’-اي‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ضميري پڇاڙي ’-اَم‘ آڻجي ٿي. ’ڪرڻ‘ واري فعل ۾ به مفعول هيڪل نار آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو ـــــــــــ لکيي (لکي)، پڙهيي (پڙهي)، ڏٺيي (ڏٺي) جي بدران لکيَم، پڙهيَم، ڏٺَم.

 

(3) ضمير متڪلم، گهڻ، نر جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ’-اَسي‘ (يا ان جو مَٽ آواز ’-اَسون‘ يا ’-اسين‘) ملائجي ٿو. ’ڪرڻ‘ واري فعل ۾ به مفعول گهڻ نر آهي ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو ـــــــــــ لکيوسي/لکيوسون/لکيوسين، پڙهيوسي/پڙهيونسون/پڙهيوسين، ڏٺوسي/ ڏٺوسون/ڏٺوسين.

 

(4) ضمير متڪلم، گهڻ، نار جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ’-اَسي‘ (۽ ان جو مَٽ آواز ’-اسون‘ يا ’-اسين‘ ملائجي ٿي ــــــــــ سچار هُيونسي/هُيونسين (اسين سچار هيون).

فعلي صيغي (هيون) جي پٺيان ’-اسي‘ (يا ان جو مَٽ آواز ’-اسين‘ يا ’-اسون‘) ملائجي ٿو. ’ڪرڻ‘ واري فعل ۾ به مفعول گهڻ نار آهي، ته اهو ئي طريقو ڪم اچي ٿو: لکيونسي/لکيونسين، پڙهيونسي/پڙهيونسين، ڏٺيونسي/ڏٺيونسين.

 

(5) ضـمـيـر حـاضـر، هيـڪـل، نـر جـي حـالـت ۾ ضـمـيـري پـڇاڙي ’-اين‘ ملائجي ٿي ــــــــــ سچار هئين (تون سچار هيو).

فعلي صيغي (هئي) جو آخري آواز ’-او‘ ڪيرائي ان جي جاءِ تي ’-اين‘ ملائجي ٿو.

 

(6) ضـميـر حـاضـر، هـيـڪـل، نـار جـي حـالـت ۾ ضـميري پڇاڙي ’-اِين‘ ملائجي ٿي ـــــــــ سچار هئينءَ (تون سچار هئي).

فعلي صيغي (هئي) جو آخري آواز ’- اِين‘ ڪيرائي ان جي جاءِ تي ’-اينءَ‘ ملائجي ٿو.

 

(7) ضمير حاضر، گهڻ، نر جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ’-اَو‘/ ’-او‘ ملائجي ٿي: سچار هُيَئو (توهين سچار هيا).

فعلي صيغي (هيا) جو آخري آواز ’-آ‘ ڪيرائي ان جي جاءِ تي ’-او‘ ڳنڍجي ٿو.

 

(8) ضمير حاضر، گهڻ، نار جي حالت ۾ ضميري پڇاڙي ’-اِيون‘ ملائجي ٿي ــــــــــ سچار هيون (توهين سچار هيون).

فعلي صيغي (هيون) جو آخري آواز ’- ايون‘ ڪيرائي ان جي جاءِ تي ’-اِيون‘ آڻڻ جي ڪري، فعلي صيغي جي صورت ساڳي ئي رهي ٿي. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته ضميري پڇاڙي ’-ايون‘ فعلي صيغي جي آخري آواز ’-ايون‘ ۾ جذب ٿيل آهي.

 

(9) ضمير غائب، هيڪل، نر جي حالت ۾ فاعل ’هي/هو‘ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون ـــــــــ سچار هيو (هو سچار هيو.)

(1) زمان ماضيءَ ۾ هن صورت لاءِ ڪا به ضميري پڇاڙي مقرر ناهي. هيءَ ڳالهه عقل، منطق ۽ دليل جي ويجهو ناهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي گڻن کان پري آهي.

(2) ضميري پڇاريءَ طور ڪم ايندڙ آواز اهڙو ڪو آهي، جو فعل جي هن صيغي ۾ اهڙيءَ طرح ملي جذب/حذف ٿي وڃي ٿو، جو فعلي صيغي جي صورت ساڳي ئي بيهي ٿي (جيئن ضمير حاضر، گهڻ، نار جي سلسلي ۾ ٿيو هو.) مون کي اها ئي ڳالهه درست ڀاسي ٿي، پر هن کي ڪو ماهر ئي سمجهائي سگهي ٿو. زمان حال ۾ ’ڪَرڻ‘ ۽ ’هئڻ‘ واري فعل جي ڦيري ۾ اسان جاچي ورتو آهي ته ’هي/هو/هيءَ/هوءَ‘ جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙي ’- اي‘ آهي. ڀاسي ايئن ٿو ته اها ئي ضميري پڇاڙي هتي ڪم آئي آهي ۽ جذب ٿي گم ٿي وئي آهي.

(3) ضميري پڇاڙي ’-اُس‘ آهي پر اها ضميري پڇاڙي اچڻ کان پوءِ فعل جي صورت حقيقت ۾ ٻٽي ضميري پڇاڙيءَ جو مفهوم ظاهر ڪري ٿي ـــــــ ’آيس‘ معنى ’هُو هُن وٽ آيو‘، ’ويٺُس‘ معنى ’هُو هُن وٽ ويٺو‘. البت ’هُيس‘ ٻه معنائون ظاهر ڪري ٿو: پهرين ’هُن وٽ هو‘ ۽ ٻي ’هُو هُن وٽ هيو.‘ (پهرينءَ معنى لاءِ چئبو ته ’هوس‘ بگڙجي ’هيس‘ ٿيو آهي ۽ ٻيءَ معنى لاءِ چئبو ته ’هُيوس‘ بدلجي ’هيس‘ ٿيو آهي) تنهنڪري، ضمير غائب هيڪل، نر لاءِ درست ڳالهه اها ئي بيهي ٿي، جيڪا (2) هيٺ ڪيل آهي ۽ ان سان جڏهن وڌيڪ ’-اُس‘ ضميري پڇاڙي ملي ٿي ته اها ’هن‘، ’هن وٽ‘، ’هن کي‘، ’هن جو‘، ’هن تي‘ وغيره مطلب ظاهر ڪري ٿي.

 

(10) ضمير غائب، هيڪل، نار جي حالت ۾ سچار هئي (هيءَ سچار هئي) ــــــــ فاعل هيءَ/هوءَ بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالجيون ڪري سگهجن  ٿيون، جيڪي (9) هيٺ ڪيل آهن، سواءِ ان فرق جي ته ضميري پڇاڙي ’-اُس‘ بدران ’-اَس‘ هوندي.

 

(11) ضمير غائب، گهڻ، نر جي حالت ۾ فاعل هي/هو/اِهي/اُهي جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن  ٿيون، جيڪي (9) هيٺ ڪيل آهن.

* سچار هيا (هي/اهي سچار هيا). فعل جو صيغو اهو آهي جيڪو گهڻ، نر لاءِ ڪم اچي ٿو، ۽ ٻيو فرق اهو هوندو ته هيڪل، نر جي سلسلي ۾ ڄاڻايل ضميري پڇاڙي ’-اُس‘ بدران هتي ’-اَن‘ ڪم ايندي.

 

(12) ضمير غائب، گهڻ، نار جي حالت ۾ فاعل هي/هو/اِهي/اُهي جي بدران ڪم ايندڙ ضميري پڇاڙيءَ جي سلسلي ۾ به اهي ئي ٽي ڳالهيون ڪري سگهجن  ٿيون، جيڪي (9) هيٺ ڪيل آهن.

* سچار هيون (اهي سچار هيون).

هن ضميري پڇاڙيون رکندڙ ڦيري مان ملندڙ سبقن کي واضح ڪرڻ کان اڳ، سٺو لڳي ٿو ته ’ڪَرڻ‘ واري فعل جي حوالي سان به ضميري پڇاڙين جو ذڪر ڪري وٺجي.

ڍ

ضميري پڇاڙي-1: متڪلم هيڪل نر يا نار، فاعل ’مون ‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اُم‘ ۽ ’-اَم‘ ڪم اچي ٿي.

(1) مفعول هيڪل، نر آهي ته       * چٺو لکيُم (مون چٺو لکيو).

                                      * ڇوڪرو ڏٺُم (مون ڇوڪرو ڏٺو).

- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو، ڏٺو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اُم‘ ملائجي ٿو: لکيُم، پڙهيُم، ڏٺُم.

(2) مفعول گهڻ، نر آهي ته                   * چٺا لکيَم (مون چٺا لکيا).

                                      * ڇوڪرا ڏٺَم (مون ڇوڪرا ڏٺا).

- گهڻ، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اَم‘ ملائجي ٿو: لکيم، پڙهيم، ڏٺم. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته جمع جي صيغي (لکيا، ڏٺا) جو آخري ’-آ‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اَم‘ ملائجي ٿو.

(3) مفعول هيڪل يا گهڻ نار آهي ته * چٺي لکيَم (مون چٺي لکي).

                                   * چٺيون لکيم (مون چٺيون لکيون).

                                   * ڇوڪري ڏٺم (مون ڇوڪري ڏٺي).

                                   *ڇوڪريون ڏٺم (مون ڇوڪريون ڏٺيون)

                                      ]ڏسو ضميري پڇاڙي 1- (2)[

 

ضميري پڇاڙِي-2: ضمير حاضر هيڪل، نر يا نار، فاعل ’تو/تون‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اُءِ‘ ۽ ’-اَءِ‘ ڪم اچي ٿي:

(1) مفعول هيڪل نر آهي ته:       * چٺو لکيُئه (تو چٺو لکيو).

                                      * ڇوڪرو ڏٺُئه (تو ڇوڪرو ڏٺو).

- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو، ڏٺو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اُءِ‘ ملائجي ٿو ــــــــ لکيُئه، پڙهيُئه، ڏٺُئِه.

(2) مفعول گهڻ نر آهي ته:          * چٺا لکيَئه (تو چٺا لکيا).

                                      * ڇوڪرا ڏٺَئه (تو ڇوڪرا ڏٺا).

- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو، ڏٺو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اَءِ‘ ملائجي ٿو ــــــــ لکيَئه، پڙهيَئه، ڏٺَئِه. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته جمع صيغي (لکيا، ڏٺا) جو آخري ’-آ‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اَءِ‘ ملائجي ٿو.

(3) مفعول هيڪل يا گهڻ، نار آهي ته: * چٺي لکيَئه (تو چٺي لکي).

                                     *ڇوڪريون ڏٺَئه (تو ڇوڪريون ڏٺيون)

ڏسو ضميري پڇاڙي-2 (2)[

 

ضميري پڇاڙي-3: ضمير غائب، هيڪل، نر يا نار، فاعل ’هِن/هُن‘ جي بدران (ڪا اهڙي ضميري پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جنهن کي کوجي نه سگهيو آهيان يا وري) ’-اُس‘ ۽ ’-اَس‘ ڪم اچي ٿي. (هي نُڪتو ٻولڄاڻڪ ۽ ٻولي ڄاڻڪ طي ڪندا.)

 

ضميري پڇاڙي-4: ضمير متڪلم، گهڻ، نر يا نار، فاعل ’اسان/اسين‘ جي بدران ’-اَسي‘ (يا ان جو مَٽ ’-اَسو‘ يا پاڻ ’-اسين‘) ضميري پڇاڙيءَ طور ڪم اچي ٿي:

(1) مفعول هيڪل، نر آهي ته:    * چٺو لکيوسي (اسان چٺو لکيو)

                                   * ڇوڪرو ڏٺوسي (اسان ڇوڪرو ڏٺو)

- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جي پٺيان ’-اسي‘ يا ’-اَسون‘ يا ’-اسين‘ ملائجي ٿي: لکيوسي/لکيوسون/لکيوسين.

(2) مفعول هيڪل، نار آهي ته:  * چٺي لکيسي (اسان چٺي لکي)

                                  * ڇوڪري ڏٺيسي (اسان ڇوڪري ڏٺي)

- هيڪل، نار لاءِ فعلي صيغي (لکي، ڏٺي) جي پٺيان ’-اسي‘ يا ’- اَسون‘ يا ’- اسين‘ ملائجي ٿي: لکيسي/لکيسون/لکيسين.

(3) مفعول گهڻ، نر آهي ته:         * چٺا لکياسي (اسان چٺا لکيا)

                                      * ڇوڪرا ڏٺاسي (اسان ڇوڪرا ڏٺا)

- گـهـڻ، نـر لاءِ فـعـلـي صـيغي (لکيا، ڏٺا) جي پٺيان ’-اسي‘ يا ’-اَسون‘ يا ’-اسين‘ ملائجي ٿي: لکياسي/لکياسون/لکياسين.

(4) مفعول گهڻ، نار آهي ته:  * چٺيون لکيونسي (اسان چٺيون لکيون)

                           * ڇوڪريون ڏٺيونسي (اسان ڇوڪريون ڏٺيون)

- گهڻ، نار لاءِ فعلي صيغي (لکيون، ڏٺيون) جي پٺيان ’-اسي‘ يا ’-اَسون‘ يا ’-اسين‘ ملائجي ٿي: لکيونسي/ لکيونسين.

 

ضميري پڇاڙي-5: ضمير حاضر، گهڻ، نر يا نار، فاعل ’توهان/توهين‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اُو‘ ۽ ’-اَوَ‘ ڪم اچي ٿي:

(1) مفعول هيڪل، نر آهي ته:       * چٺو لکيُوَ (توهان چٺو لکيو)

                                      * ڇوڪرو ڏٺوَ (توهان ڇوڪرو ڏٺو)

- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اُوَ‘ ڳنڍجي ٿو: لکيُوَ/پڙهيُوَ، ڏٺُوَ.

(2) مفعول هيڪل، نار آهي ته:     * چٺي لکيَوَ (توهان چٺي لکي)

                                     * ڇوڪري ڏٺَوَ (توهان ڇوڪري ڏٺي)

- هيڪل، نار لاءِ فعلي صيغي (لکيو، ڏٺو) جو آخري’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اَوَ‘ ڳنڍجي ٿو: لکيَوَ/ پڙهيَوَ، ڏٺَوَ.

(3) مفعول گهڻ، نر يا نار آهي ته: * چٺا لکيوَ (توهان چٺا لکيا)

                                  * ڇوڪريون ڏٺوَ (توهان ڇوڪريون ڏٺيون)

                                      ]ڏسو ضميري پڇاڙي-5 (2)[

 

ضميري پڇاڙي-6: ضمير غائب، گهڻ، نر يا نار، فاعل ’هِنن/هُنن‘ جي بدران ضميري پڇاڙي ’-اُن‘ ۽ ’-اَن‘ اچي ٿي:

(1) مفعول هيڪل نر آهي ته:       * چٺو لکيُن (هنن چٺو لکيو)

                                      * ڇوڪرو ڏٺُنِ (هنن ڇوڪرو ڏٺو)

- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-اُن‘ ڳنڍجي ٿو: لکيُن، پڙهيُن، ڏٺُنِ.

(2) مفعول، هيڪل نار آهي ته:     * چٺي لکيَن (هنن چٺي لکي)

                                      * ڇوڪري ڏٺَن (هنن ڇوڪري ڏٺي)

- هيڪل، نر لاءِ فعلي صيغي (لکيو، پڙهيو) جو آخري ’-او‘ ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ’-ان‘ ڳنڍجي ٿو: لکيَن، پڙهيَن.

(3) مفعول، گهڻ، نر يا نار آهي ته:  * چٺيون لکيَن (هنن چٺيون لکيون)

                                      * ڇوڪرا ڏٺَنِ (هنن ڇوڪرا ڏٺا)

                                       ]ڏسو ضميري پڇاڙي-6 (2)[

زمان ماضيءَ جو ذڪر ڪندي لڳ ڀڳ ابتدا ۾ ئي بيان ڪيو هوم ته هي زمان فعلي ڦيري ۽ ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان هڪ ڊگهو بحث گهري ٿو. اها ڳالهه ورجائڻ جي گهرج ان ڪري پئي آهي جو هيٺ ٻه چار اهڙا مثال ڏجن ٿا، جيئن ان ڳالهه کي ڪجهه بهتر نموني ذهن ۾ آڻي سگهجي. اسان ڏٺو ته:

1- لکيُئِه، ڏٺُئِه ۽ پڙهيُئِه معنى، واريسر، ’تو لکيو‘، ’تو ڏٺو‘، ’تو پڙهيو‘، پر:

          * چِڙيُئِه: (هُو) ’تو تي چِڙيو‘

          * کِليُئِه: (هُو) ’تو تي کِليو‘

          * ڀُليُئِه: (هُو) ’تو تي ڀُليو‘، وغيره معنى بدلائي ڇڏين ٿا.

- اها ساڳي صورتحال (چِڙيَئِه، کِليَئِه، ڀُليَئِه، وغيره) فاعل جي گهڻ صورتن چڙيو، کِليو، ڀُليو وغيره ۽ چڙيَوَ، کِليَوَ، ڀُليَوَ وغيره سان به آهي.

2- ساڳيءَ طرح:  * هُيُن (هنن وٽ هو) ۽ هُيَن (هنن وٽ هئي)

                   * ٿِيُن (هنن کي ٿيو) ۽ ٿِيَن (هنن کي/سان ٿي)

                   * لَٿُنِ (هنن تان لٿو) ۽ لَٿَن (هنن تان لٿي) جي سلسلي ۾ به ڪجهه نيون ڳالهيون سامهون اچن ٿيون.

 

زمان ماضي جي سلسلي ۾ ٻي ڳالهه به ڌيان لهڻي ٿي ته فعل جو سڌو واسطو مفعول سان آهي، پر ڪجهه ضميري پڇاڙيون اهڙيون آهن، جيڪي فعلي صيغي سان ڳنڍجن ٿيون، تڏهن فعل جو سڌو واسطو مفعول کان ٽٽي فاعل سان ٿيو وڃي ــــــــ ۽ اها حالت رڳو ضمير غائب جي سلسلي ۾ ملي ٿي، ضمير متڪلم ۽ ضمير حاضر جي سلسلي ۾ نه. جڏهن ته زمان حال ۽ زمان ماضيءَ ۾، رڳو ضمير غائب جي سلسلي ۾ ئي سهي، فعل جي اهڙي ڪا به صورت نه ٿي ملي، جنهن جو سڌو واسطو فاعل بدران مفعول سان هجي. (الائجي ڇو؟)

 

ذ

1- ضمير غائب، هيڪل (نر يا نار) آهي ته:

          1) مفعول هيڪل، نر:     * چٺو لکيائين (هن چٺو لکيو)

          2) مفعول گهڻ، نر:       * چٺا لکيائين (هن چٺا لکيا)

          3) مفعول هيڪل، نار:    * چٺي لکيائين (هن چٺي لکي)

          4) مفعول گهڻ، نار:      * چٺيون لکيائين (هن چٺيون لکيون)

- هتي ضمير غائب (نر يا نار) جي بدران ڪم آيل ضميري پڇاڙي ’-آئين‘ آهي، جيڪا مٿي ڏنل:

 - پهرئين جملي ۾ فعل ’لکيو‘ جو آخري ’-او‘ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي،

 - ٻئي جملي ۾ فعل ’لکيا‘ جو آخري ’-آ‘ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي،

 - ٽئين جملي ۾ فعل ’لکي‘ سان ڳنڍي وئي آهي، ۽

 - چوٿين جملي ۾ فعل ’لکيون‘ جو آخري ’-اُون‘ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي.

2- ضمير غائب، گهڻ (نر يا نار) آهي ته:

          1) مفعول هيڪل، نر:    * چٺو لکيائون (هنن چٺو لکيو)

          2) مفعول گهڻ، نر:      * چٺا لکيائون (هنن چٺا لکيا)

          3) مفعول هيڪل، نار:   * چٺي لکيائون (هنن چٺي لکي)

          4) مفعول گهڻ، نار:     * چٺيون لکيائون (هنن چٺيون لکيون)

- هتي ضمير غائب (نر يا نار) جي بدران ڪم آيل ضميري پڇاڙي ’-آئون‘ آهي، جيڪا مٿي ڏنل:

 - پهرئين جملي ۾ فعل ’لکيو‘ جو آخري ’-او‘ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي،

 - ٻئي جملي ۾ فعل ’لکيا‘ جو آخري ’-آ‘ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي،

 - ٽئين جملي ۾ فعل ’لکي‘ سان ڳنڍي وئي آهي، ۽

 - چوٿين جملي ۾ فعل ’لکيون‘ جو آخري ’-اُون‘ ڪيرائي ڳنڍي وئي آهي.

 

ضميري پڇاڙين جي حوالي سان مٿي ڪيل ڳالهه ٻول چٽا سبق ڏي ٿي ته:

1- زمان ماضيءَ ۾ فعلن جا صيغا هڪ جهڙا هجڻ جي باوجود مختلف معنى، مفهوم ۽ وياڪرڻي بيهڪ رکن ٿا.

2- زمان ماضيءَ ۾ فعلن جو سڌو واسطو مفعول سان رهي ٿو.

3- ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، زمان ماضيءَ ۾ هڪ اهڙي فعلي بناوت ملي ٿي، جيڪا رڳو ضمير غائب جي نشاندهي ڪندي فاعل سان لاڳاپيل آهي، مفعول سان نه.

4- هي جو اسان ڏهاڙي ڳالهه ٻول ۾ ’مان لکيس‘، ’مان پڙهيس‘، ’مان آيس‘، ’مان ويس‘، ’مان ويٺس‘، ’مان بيٺس‘ جهڙا جملا ڳالهائيندا رهون ٿا، اهي سراسر غلط آهن. بالفرض، جي مٿي ڏنل فعلن پٺيان ضميري پڇاڙي ’-اس‘ جو مطلب ۽ مفهوم ’مان/آءٌ‘ هجي به، ته به ’مان آيس‘ جي معنى ٿيندي ’مان مان آيو‘، جنهن کي ڪنهن به طرح صحيح جملو سڏي نه ٿو سگهجي. جڏهن ته، حقيقت ۾، ’مان آيس‘ جو صحيح مفهوم ’مان هو هن وٽ آيو‘ آهي ۽ اهو ڪو جملو ئي ناهي. ٻٽي ضميري پڇاڙيءَ وارا فعل اسان جي هن ڳالهه جي تصديق ڪندا.

5- ’اسين آياسي‘ جي حقيقي معنى ’اسين اسين آيا‘ آهي. صحيح جملو ’آياسي‘ يا ’اسين آيا‘ آهي.

6- ’تون آئين‘ جي حقيقي معنى ’تون تون آيو‘ آهي. صحيح جملو ’آئين‘ يا ’تون آيو‘ آهي.

7- ’تون آئِيئن‘ (هي جملو لکڻ ۾ گهٽ ۽ ڳالهائڻ ۾ وڌيڪ اچي ٿو) جي حقيقي معنى ’تون تون آئي‘ آهي. صحيح جملو ’آئيئن‘ يا ’تون آئي‘ آهي.

8- ’توهان آيَو‘ جي حقيقي معنى ’توهان توهان آيا‘ آهي. صحيح جملو ’آيَو‘ يا ’توهان آيا‘ آهي.

9- ’هن لکيو‘ ۽ اهڙن ٻين ضميرن ۽ ضميري پڇاڙين بابت اميد ته ڪو نه ڪو، خاص طرح سَنڌيءَ جو ماهر، اسان جي رهنمائي ڪرڻ پسند ڪندو.

 

هيٺ ڏنل ٻٽي ضميري پڇاڙي رکندڙ لفظ اسان جي ان ڳالهه کي اڃا وڌيڪ پختگيءَ سان ظاهر ڪن ٿا:

ر

   هيڪل/نر                                                 هيڪل/نار

* لکيومانءِ = لک+يو+مان+ءِ      = مون تو ڏانهن لکيو      لکيومانءِ

* لکيومانوَ = لک+يو+مان+وَ       = مون توهان ڏانهن لکيو   لکيومانوَ

* لکيومانسِ=لک+يو+مان+اس =مون هن ڏانهن لکيو                  لکيومانسِ

* لکيومانِ=لک+يو+مان+انِ (لکيوماننِ)=مون هنن ڏانهن لکيو لکيومانِ

 

* لکيُئِه = لک+يو+اُ+ءِ (لک+يو+او+اُءِ)= تو مون ڏانهن لکيو     لکيُئِه

*   ؟                                    = تو اسان ڏانهن لکيو      ؟

* لکيُسِ=لک+يو+اُ+اس (لک+يو+او+اُءِ+اس)=تو هن ڏانهن لکيو         لکيُسِ

* لکيُنِ=لک+يو+اُ+ان (لک+يو+او+اُءِ+ان)=هن هنن ڏانهن لکيو           لکيُنِ

 

* لکيوم = لک+يو+او+ام         = هن مون ڏانهن لکيو       لکيومِ

*   ؟                                = هن اسان ڏانهن لکيو         ؟

* لکيوسِ = لک+يو+او+اس        = هن هن ڏانهن لکيو        لکيوسِ

* لکيونِ = لک+يو+او+انِ          = هن هنن ڏانهن لکيو       لکيونِ

 

    گهڻ/نر                                            گهڻ/نار

* لکيوسونئه = لک+يو+اسون+ءِ  = اسان تو ڏانهن لکيو      لکيوسونئه

* لکيوسيوَ = لک+يو+اسي+و    = اسان توهان ڏانهن لکيو   لکيوسيوَ/

        لکيوسونوَ

* لکيوسونسِ = لک+يو+اسون+اسِ= اسان هن ڏانهن لکيو   لکيوسونس

* لکيوسُونِ=لک+يو+اسون+ان(لکيوسوننِ)=اسان هنن ڏانهن لکيو   لکيوسونِ

 

* لکيوَم = لک+يو+اَو+ام         = توهان مون ڏانهن لکيو    لکيوم

*   ؟                                = توهان اسان ڏانهن لکيو      ؟

* لکيُوَسِ = لک+يو+اوَ+اس        = توهان هن ڏانهن لکيو     لکيُوَسِ

* لکيُوَنِ = لک+يو+اوَ+انِ          = توهان هنن ڏانهن لکيو    لکيُوَنِ

 

* لکيوم (؟) =                      = هنن مون ڏانهن لکيو      لکيوم

*   ؟                                = هنن اسان ڏانهن لکيو        ؟

* لکيوسِ =                         = هنن هن ڏانهن لکيو       لکيوسِ

* لکيونِ =                          = هنن هنن ڏانهن لکيو      لکيونِ

 

مٿي ڏنل ٻٽي ضميري پڇاڙين واري ڦيري ۾ ضمير غائب (هيڪل توڙي گهڻ ۽ نر توڙي نار) جي سلسلي ۾ ڪجهه ڏکيائون آڏو اچن ٿيون. شايد اهو ئي سبب آهي جو زمان ماضيءَ ۾ ۽ ضمير غائب جي حوالي سان اسان کي اهو ضميري پڇاڙي رکندڙ فعلي ڦيرو ملي ٿو، جنهن جو ذڪر ]ذ[ سري هيٺ ڪيو ويو هو. اهو ڦيرو، ٻٽي ضميري پڇاڙيءَ جي صورت رکندي، هن طرح ملي ٿو:

ڙ

   هيڪل/نر                                                    هيڪل/نار

* لکيائينمِ= لک+يو+آئين+ام = هن مون ڏانهن لکيو        لکيائينم

*    ؟                            = (هن اسان ڏانهن لکيو)         ؟

* ؟ (لکيائينءِ)                  = هن تو ڏانهن لکيو       ؟ (لکيائينءِ)

* لکيائينوَ (؟) =                = هن توهان ڏانهن لکيو      ؟ لکيائينوَ

* لکيائينسِ =                   = هن هن ڏانهن لکيو                  لکيائينسِ

* لکيائينِ (لکيائيننِ) =         = هن هنن ڏانهن لکيو         لکيائينِ

 

   گهڻ/نر                                                      گهڻ/نار

* لکيائونمِ                     = هنن مون ڏانهن لکيو         لکيائونم

*    ؟                           = )هنن اسان ڏانهن لکيو(         ؟

* لکيائونئه                     = هنن تو ڏانهن لکيو           لکيائونئه

* لکيائونوَ                      = هنن توهان ڏانهن لکيو       لکيائونوَ

* لکيائونسِ                    = هنن هن ڏانهن لکيو                  لکيائونسِ

* لکيائونِ (لکيائوننِ)           = هنن هنن ڏانهن لکيو         لکيائونِ

 

ٻِٽي ضميري پڇاڙي مٿي ڏنل ]ڏسو ر ۽ ز[ لفظن ۾، جيڪي حقيقت ۾ فعل لازمي وارا مڪمل جملا آهن، هي ڳالهيون ڌيان گهرن ٿيون:

1- لڳ ڀڳ سڀني فعلن کي سنڌيءَ جي اصولن موجب وري جاچڻ جي گهرج آهي.

2- ڪيترائي لفظ ڳالهايا وڌيڪ ۽ لکيا گهٽ وڃن ٿا.

3- چـٽـو ٿـي اچـي ٿـو تـه ’-ام‘ ضـمـيـري پـڇـاڙي ’مان/آءٌ‘ جي بدران، ’-اسـي/-اسـيـن/-اسـون‘ ضـمـيري پڇاڙي ’اسين/اسان‘ جي بدران، ’-اس‘ ضميري پڇاڙي ’هِن/هُن’ جي بدران ۽ ’-ان‘ ضميري پڇاڙي ’اِنهن/اُنهن/هِنن/ هُنن‘ جي بدران ڪم اچي ٿي.

هن مهل تائين اسان ٻن زمانن جي هڪ هڪ روپ ۾ ’ڪَرڻ‘ ۽ ’هئڻ‘ واري فعل جي حوالي سان مختصر جائزو ورتو آهي. ڪيتريون ئي ڳالهيون بحث طلب آهن، پر هتي ضميري پڇاڙيءَ جي حوالي سان ئي ڳالهه ٻول جاري رکبي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com