ٻيٽ
سنڌونديءَ ۾ ٽي ٻيٽ آهن: زنده پير، ساڌ- ٻيلو ۽ بکر، جيڪي سڀئي
سکر ۽ روهڙيءَ جي ڪنارن جي وچ ۾ آهن.
زنده پير: خواجه خضر جو آستان چيو وڃي ٿو. هتي هر سال ’چيٽي
چنڊ‘ جو ميلو به لڳندو آهي.
ساڌ ٻيلو: ساڌن جو آستان آهي، هيءَ هندن جي تيرٿ جي جاءِ آهي،
منجهس هڪ خوبصورت مندر آهي.
سکر ۽ روهڙيءَ جي پل جي وچ ۾ ’بکر جو ٻيٽ‘ آهي. شاهه بيگ ارغون
هتي هڪ قلعو ٺهرايو هو، جيڪو هاڻي ڀڄي ڀُري ويو
آهي.
عربي سمنڊ ۾ به سنڌ جا ٽي ٻيٽ آهن، جن مان منهوڙي جو ٻيٽ،
ڪياماڙيءَ جي ڪناري کان صاف نظر پيو اچي، جتان
لانچن ۾ چڙهي ماڻهو اصلي سمنڊ جو نظارو ڪرڻ ۽
انهيءَ جي ڪناري سان سير تفريح ڪرڻ خاطر ويندا
آهن. اُتي بحري فوج جو صدر مقام پڻ آهي ۽ ”لائيٽ
هائوس ٽاور“ آهي، جيڪو جهازن کي روشنائيءَ جي
وسيلي رستو ڏيکاري ٿو. ٻيا ٻه ٻيٽ به ڪراچيءَ جي
ويجهو آهن. اُنهن جا نالا آهن ”ڀٽ ۽ بابا“. هتي
مهاڻا قوم جا ماڻهو رهن ٿا.
جبل، نيون ۽ شاهراهون
سنڌ جي اولهه ۾ هالار جبلن جون قطارون آهن، جن سان لڪيءَ ۽
آمريءَ وٽ سنڌونديءَ جو پاڻي آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾
ٽڪرائجي، پوئتي وري ٿو. هاڻي انڊس هاءِ وي
(شاهراهه سنڌو يا سنڌونديءَ جو شاهي دڳ) کي اوچو
ڪيو پيو وڃي، جيئن ٻوڏ وقت پاڻي رستو پار ڪري،
جبلن ۽ انهن جي دامن ۾ آباد ٿيل ماڻهن جي ڳوٺڙن
ڏانهن وڌي نه سگهي. ريلوي لائين به اُتان لنگهي
ٿي، تنهنڪري اُٿل کان بچاءَ جو هر سال اڳ کان وڌيڪ
انتظام ڪيو پيو وڃي.
هالار جبل جا خاص ٽي ڀاڱا آهن: ڪَرُو، کِيرٿَــرُ، ۽ پَٻُ.
ڪرو جبل: سنڌ جي اُتر- اولهه طرف لاڙڪاڻي ضلعي جي سرحد سان آهي.
ڪرو جبل جي هڪ شاخ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آهي، جنهن کي
ڏاڙهيالو جبل چوندا آهن. هتي هوا ٿڌي ۽ وڻندڙ
آِهي. هن جبل تي هڪ قبر آهي، جنهن کي ”وفادار ڪُتي
جي قبر“ چوندا آهن.
کيرٿر جبل: هيءُ دادو ضلعي جي اولهه ۾ آهي، جتي گَــڊَ، سَرَههَ
۽ ٻيا شڪار لاءِ جانور گهڻا ٿين ٿا. کير ٿر جبل ۾
ڪيتريون سهڻيون ماٿريون آهن، جيڪي وسڪاري کانپوءِ
سرسبز ۽ وڻندڙ ٿيو پون.
کيرٿر واري ڀاڱي ۾ وري ڪيترا ننڍا جبل آهن. جيئن سيوهڻ کان
باجارا جهانگارا رستي سان لاهوت لامڪان واري واٽ
وٺي وڃبي، ته جتي نئنگ وارو رستو نڪري ٿو، اُتي
”ڪارو جبل“ آهي ۽ اڳتي نئنگ ڳوٺ جي اولهه ۾ ”ڀت
جبل“ آهي. اهڙيءَ طرح ڀڳو ٺوڙهو، لڪيءَ وارا جبل ۽
محال ڪوهستان وارا جبل، کيرٿر جا ٻچڙا آهن، جن جي
اوٽ ۽ اولي ۾ بروهي، بوزدار، رند، جمالي، شاهاڻي،
بلوچ، جت ۽ ٻيون ڪيتريون ذاتيون ۽ نسل آباد آهن.
اُهي سوڪ يا ٻوڏ جي حالت ۾، اچيو پڪي يا ڪچي تي
مال چارين، لابارن ۾ ونڊيون ڪن، ۽ اُن، کلن ۽ مال
جو واپار ڪن ٿا. لڪيءَ وارن جبلن ۾ گرم پاڻيءَ جا
چشما آهن، جتي ڦٽ ڦرڙيءَ ۽ چمڙيءَ جي بيماريءَ
وارا ماڻهو وهنجي چڱا ڀلا ٿين ٿا.
وري جو هيٺ هلبو، ڪراچي ضلعي جي دنگ سان ته ’پٻ جبل‘ ايندو. شاه
لطيف جا بيان ڪيل وندر، حب ۽ هاڙهو جبل پڻ پٻ جبل
جا حصا آهن. ڪراچيءَ جي ويجهو اُن جي شاخ منگهو
پير آهي، جتي پڻ گرم پاڻيءَ جا چشما آهن.
سکر ۾ آدم شاهه جي ٽڪري، روهڙيءَ ۽ سکر جي وچ ۾ بکر جو ٽڪر، ٻيٽ
بنيو بيٺو آهي. روهڙيءَ جي ٽڪرين کان هيٺ وري شادي
شهيد ۽ ادهم سلطان وارا ٽڪر آهن، جن کي گهاڙ جا
ٽڪر پڻ چوندا آهن. هتي زبردست اوليائن جا مقبرا
آهن. روهڙي لڳ اروڙ ۾ ڪالڪان جي ٽڪري آهي، جنهن ۾
ڪالڪان ديويءَ جو مندر آهي. روهڙي وارين ٽڪرين مان
”چُن جو پٿر“ ملي ٿو ۽ شادي شهيد وارن ٽڪرن مان
”ميٽ“ لڀي ٿو. خيرپور رياست ۾ ادهم سلطان سان
لاڳيتو گوندرڙي جي ٽڪرين کان ڪوٽ ڏيجيءَ تائين پڪا
ٽَڪَر آهن. گوندرڙي وارين ٽڪرين ۾ ”ميٽ“ جون
کاڻيون آهن.
انهن ٽڪرن کانسواءِ، حيدرآباد جي ويجهو ”گنجو ٽڪر“ آهي - جنهن
تي نه آهي وڻ نه ٽڻ - تنهنڪري نالو به اٿس گنجو
ٽڪر.
ٿر پارڪر ضلعي ۾ ننگر پارڪر جي ڀرسان ڪارونجهر جبل آهي، جتي
ڪارو پٿر ملي ٿو. چون ٿا ته اڳي هيءَ ٻرندڙ جبل
هو.
ٺٽي ۾ مڪليءَ جي ٽڪري آهي، جنهن تي مائي مڪليءَ جي تربت
کانسواءِ پنج سؤ کن قبن واريون قبرون ۽ بيشمار بنا
ڍڪ واريون مزارون آهن. هيءَ ٽڪري اَٺ ميل ڊگهي ۽
هڪ ميل کن ويڪري آهي، جنهن جي سيني ۾ ڄڻ ته سنڌ جي
سياسي ۽ مذهبي تواريخ پوريل آهي.
نيون
مٿي بيان ڪيل ڪاڇي جي ايراضي ۾ چار نيون آهن جي رڳو برسات جي
ڪري وهنديون آهن. برسات جبلن تي جي نه پوي ته ٺلهي
جون ٺلهيون. اهي نيون آهن: نئن گاج، جيڪا کيرٿر
جبل مان نڪري، وڃيو دادو ڪئنال ۾ پوي؛ نئن باران،
جيڪا کيرٿر جبل جي ڪوهستان واري حصي مان نڪري،
ڪوٽڙيءَ جي ڏکڻ ۾ سنڌونديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي؛ نئن
ملير، جيڪا ڪوهستان مان نڪري وڃيو، عربي سمنڊ ۾
پوي؛ نئن حب، جنهن کي ”حب ندي“ به سڏيندا آهن،
جيڪا برسات جي ڏينهن ۾ ڏاڍي زور سان وهندي آهي،
جنهنڪري ڪيترا حادثا ٿي پوندا آهن. حب ندي کيرٿر
جبل مان نڪري، 120 ميل پنڌ ڪري، ڪراچيءَ جي ڀرسان
راس مانز جي لڳ عربي سمنڊ ۾ پوي ٿي.
سامونڊي ڪنارو
سنڌ جو سامونڊي ڪنارو تراکڙو ۽ آڻ ڀڳل آهي. انڪري قدرتي بندر
ڪين اٿس. اُن هوندي به سمنڊ جون اُهي کاريون، جتي
سنڌوندي ڪيترن وهڪرن ۾ ورهائجي ڇوڙ ٿي ڪري، اهڙي
نموني جون آهن، جو اتان گذريل زماني ۾، دهلي
شهنشاهت جي مرڪز دهليءَ، ملبار اڀرندي گهاٽن ۽
ڀونوچ سمنڊ جي ڪنارن تائين هتان جا ٻيڙا ۽ غوراب
هلندا هئا. سنه 1838ع جو واقعو آهي: جڏهن لطف الله
گجراتي، انگريز ريزيڊنٽ جو منشي ۽ فارسيءَ جو
استاد بڻجي، جهاز رستي، سنڌ ۾ آيو. سندس ڊائريءَ
مان هڪ ورق پيش ڪريان ٿو. جنهن تي عنوان آهي:
”سنڌ_ڏانــہُ!“ وڌيڪ لکي ٿو ته: ”پهرين ڊسمبر
1838ع جي آڌيءَ رات جو اسان جي جهازن جو آرماڙ سنڌ
ڏانهن روانو ٿي ويو. انهن جهازن ۾ انگريزي فوج جي
هڪ رجمنٽ سوار هئي. ٻي تاريخ صبح جو اسين ’گهوڙي
ڪي چر‘ واري وارياسي مان اچي مٽياسين. گهوڙي ڪي
چر، هاڻي هڪ وڏو وارياسو ڪنارو آهي. ويهه سال اڳي
هتي هڪ گهوڙي بندر نالي بندر هوندو هو، جو هاڻي
سامونڊي لهرن هيٺان اچي ويو آهي. انهيءَ وارياسي
ڪناري تي پهچڻ تي جمعي مون کي پاڻي چکي ڏسڻ لاءِ
چيو، ۽ منهنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي، جڏهن ڏٺم ته
اسان جي جهاز جي هڪڙي پاسي تازو مٺو پاڻي ته ٻئي
پاسي کان صفا کارو پاڻي وهي رهيو هو! سبب پڇڻ تي
معلوم ٿيو ته درياءَ جي تکيءَ سير جو تيز وهڪرو
ايتري فاصلي تائين سمنڊ اندر تازو مٺو پاڻي کنيو
اچي. رات جو 9 بجي ڌاري اسان، ويڪرباڙ کان ڏهن
ميلن جي مفاصلي تي اچي، لنگر هنيون، چوٿين تاريخ
فضا نهايت سانتيڪي ۽ هوا بلڪل بند هئي. انڪري اهو
سڄو ڏينهن ويڪر باڙ تائين پهچڻ ۾ لڳي ويو. هتي
اسان يارهن برطانوي جنگي جهاز، ۽ ٻيا جهاز، ۽ سؤ
کن بتيلا بيٺل ڏٺا. منهنجو دوست، جهونو ٽنڊيل،
وارياسي ڪناري تي، ڪناري سان لڳي، تازي تباهه ٿيل
هڪ جهاز جي ڀرسان اچي لانگهائو ٿيو، جنهن تي مون
کيس چيو ته ”هن جهاز جي تباهي، اسان جي لاءِ هڪ
قسم جو چتاءُ آهي ته جيڪڏهن اسين هن جهاز واري
قسمت نٿا چاهيون ته اسان کي ڪناري جي ويجهو اچڻ نه
گهرجي. مگر هن ٻڍڙي دريائي ڌاڙيل جواب ڏنو ته ان
جهاز جو ٽنڊيل يا انڌو هوندو يا جهاز کي ٻوڙڻ ۾
سندس ڪو خاص مقصد هوندو. نه ته هتان جا ٻار به هن
ڪناري جي چپي – چپي کان واقف آهن. رات جو اسين بار
۾ اچي لنگر انداز ٿياسون. پنجين تاريخ درياءَ جي
ڇوڙ وٽان اچي، اسين سنڌونديءَ ۾ گهڙياسون، ۽ ڇهين
تاريخ ويڪر کان ستن ميلن جي فاصلي تي اچي پهتاسون.
جتي درياءَ جي کاٻي ڪناري تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو.
آئون لهي، اهو ڳوٺ ڏسڻ ويس، ۽ ڳوٺ جي پَٽيل سان
مليس، ۽ جمعي ناکئي جي ذريعي ساڻس ڪچهري ڪيم. هن
جي مادري زبان سنڌي هئي. اسان جي سوالن جا جواب هن
ٻُڍڙي پَٽيل اهڙي ته وڏي آواز سان ڏنا، جو
پهريائين ته مون سمجهيو ته هو يا ته اسان کي ٻوڙو
ٿو سمجهي يا اسان جي هن طرح سندس ڳوٺ ۾ گهڙي اچڻ
تي ناراض آهي. پر جمعي کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو
ته اُن ۾ ڪابه برائي نه هئي. ڏاڍي ڳالهائڻ جو هتِ
عام رواج آهي. هِتان جا ماڻهو نهايت مسڪين ڏسڻ ۾
ٿي آيا، ۽ سندن جهوپڙا اهڙا هئا جهڙا هندستان ۾
ماڻهو پنهنجي ڍورن جا وٿاڻ ٺاهيندا آهن. سارو ڪٽنب
هتي يڪي گهر ۾ رهيل هوندو آهي. جنهن ۾ زال، مڙس،
پٽ نُنهن ۽ ٻار وغيره سمورا هڪڙي ئي يڪي دالان ۾
گاهه جي مٿان تَڏا وڇائين. ان کي هنڌ بڻائي، سُمهي
پوندا آهن. هِنن جو کاڌو عام طرح چانورن جي ٿلهي
ماني، ۽ تازي يا سُڪل مڇي آهي، هي ماڻهو تماڪ ۽
بصرن جا ڏاڍا شوقين آهن. ڳوٺ جي پٽيل پڻ اسان کي
اهي شيون تحفي طور ڏيڻ جي آڇ ڪئي. مون پٽيل کان
سندس ملڪ ۾ ڍلن ۽ محصول جي رواج بابت پڇيو. هُن
ٻڌايو ته ”هتي ڍلون يا محصول گهڻو ڪري جنس جي صورت
۾ ورتا ويندا آهن. پوک گهڻي تڻي رڳو چانورن جي ٿئي
ٿي، جي هِت چڱي انداز ۾ ٿيندڙ آهن. هاريءَ کي فصل
جو پنجون حصو ملندو آهي، ۽ باقي چئن حصن مان اڌ
سرڪار کڻي ٿي ۽ اڌ زميندار کي ملندو آهي.“
لطف الله صاحب گجراتيءَ جي ڊائريءَ جو مٿيون ترجمو هڪ ڪتاب تان
ورتل آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ سنه 1956ع ۾ ڇاپيو
آهي. هيءُ ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي. انهيءَ مان پتو پيو
ته انهيءَ دؤر ۾ ڪراچيءَ جو بندر اڃا نه ٺهيو هو ۽
سنڌ جو سمنڊ سان ڳانڍاپو ۽ وڻج واپار سنڌونديءَ ۽
سامونڊي ڪناري جي کارين وسيلي قائم هو.
انهيءَ کان اڳ اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ بدين سامونڊي بند هو.
اڃا به هزار سال کن اڳي عربن جي سنڌ تي ڪاهن ڪرڻ
وقت، سنڌ جا مختلف سامونڊي بندر هئا، جهڙوڪ ”بندر
ٿاڻو“، جنهن تي حضرت عمر رضه جي زماني ۾ بحرين جي
عامل عثمان ثقفيءَ پنهنجي ڀاءُ حڪم کي جهازن جي
دستي سان سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ مُڪو هو. عثمان
ثقفي ٻيهر پنهنجي ڀاءُ مُغيره کي ديبل بندر تي
سامونڊي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو، جنهن ۾ هو وڙهندي
شهيد ٿيو. سنه 38 هجريءَ ڌاري حارث عبدي ڪوڪن جي
ڪناري تي ٿاڻي تي سامونڊي حملو ڪيو، ۽ لاتعداد
قيدي هٿ ڪري سلامتيءَ سان موٽيو. آخري ۽ فيصلي
وارو حملو به سامونڊي بندر ديبل تي ٿيو، جڏهن سنه
711ع ۾ محمد بن قاسم سنڌ کي اسلام جو دروازو
بنائي، اندر داخل ٿيو.
سنڌ جي سامونڊي ڪناري تواريخ جا ڪيترائي دؤر ڏٺا آهن. هتان جا
اصلي ماڻهو مهاڻا، ماڇي ۽ گندرا ذات جا آهن، جن جا
وڏا حضرت عيسى کان ڪيتريون صديون آڳاٽو، طاقت وارا
حڪمران هئا. مهاڻن کي تواريخ ۾ ميد لکيو اٿن. اهي
سنڌ ۾ حصرت عيسى کان چوڏهن سؤ سال اڳ آيا، پر
هميشہ لاءِ ٽپڙ کڻي تڏهن اچي رهيا، جڏهن عيسوي سن
کان ڇهه صديون اڳ سندن ايراني مٿانهين پٽ ۾
”ميڊيا“ واري حڪومت ايران جي شهنشاهه سائرس نيست
نابود ڪري ڇڏي.
اُتان ٽڙي پکڙي، هو مڪران ۽ سنڌ ۾ اچي رهيا، پوءِ جهاز راني ۽
مڇيءَ جي شڪار جو ڌنڌو شروع ڪيائون. سنڌ ۾ وارد
ٿيڻ کان پوءِ هو سمنڊ جهاڳڻ لڳا ۽ بحري ڦورو بنجي
ويا. سندن موجودگيءَ ۾ سنڌ ۾ گهڻا انقلاب ايندا
رهيا. اهي ميربحر هئا، جن سرانديپ جي جهازن کي
ديبل بندر وٽ ڦري، عرب بيوه عورتن ۽ يتيم ٻارن کي
قيد ڪيو هو.
ماڇي قوم جنهن کي سولنڪي يا سولنگي به چئجي ٿو، اصل ۾ راجپوت
راجائون هئا، جن جي مهاراشٽر، سوراشٽر ۽ ملبار تي
راڄ هو.
عربن جي پوئين زماني ۾، هُنن سنڌ ۾ ”ماڻڪ تاره“ رياست قائم ڪئي،
جنهن جو حاڪم جيسر پٽ حجہ ماڇي سولنڪي هو.
گندرا وري اصلي گنڌارا جي هڪ سڌريل ۽ دولت مند قوم هئي، جيڪا
زماني جي گردش سبب مڇي- مار مهاڻي قوم بنجي ويئي.
وري نوري گندريءَ سمي سلطان ڄام تماچيءَ جي راڄ ۾
هن قوم جو مُنهن مٿي ڪيو. نوري نماڻيءَ جي نياز ۽
نئڙت جو نقشو ڀٽائي گهوٽ هيئن بيان ڪيو آهي:
تُون سَمُون آئون گَندري، مون ۾ عيَبَن لَکَ،
هِن منـــهنجـــي حالَ جـــي، توکي سَڀَ پَرَکَ،
ڪـــــارڻ رَبّ الَــــکَ، مَــــتان ماڱـــَر مَــــٽِييـــن.
|