شهر ۽ ٻهراڙيون
سنڌ جي نقشي تي نظر ڪبي ته ڏسبو ته سنڌ جي سينڌ سنڌوندي جڏهن
سکر شهر کان مُنهن ڪڍي ٿي، ته سندس ڪُلهي گَسَ
روهڙيءَ وارين ٽڪرين سان ٿئي ٿي. اتان کان ٽڪر،
ٽڪريون، شهر، ٻهراڙيون ۽ ٻيلا پنهنجي سٻاجهي ماءُ
سنڌونديءَ کي ڀاڪر ۾ ڪري، آڻي سپرينءَ سمنڊ ڀيڙو
ٿا ڪن، جتان سامونڊي ڪنارو شروع ٿئي ٿو جنهن ۾
کاريون ۽ ناريون ۽ پوءِ عربي سمنڊ آهي.
پر جي پاڻ پنهنجي سر انهيءَ سير سفر تي نڪربو ته ڏٺي ٻڌي جا فرق
معلوم ٿيندا. سنڌوندي سکر ۽ روهڙيءَ جي وچان
وَهندي ڪهڙو نه نظارو ٿي ڏيکاري! اهڙو ئي ڪو نظارو
ڪينجهر ۾ پسي شاهه لطيف فرمايو هو:
هيٺان جَرُ مٿان مَڃَرُ پاسي ۾ وڻراهه،
اچي وڃي وچ ۾ تماچيءَ جو ساءَ،
لڳي اُتر واءَ، ڪينجهر هندورو ٿئي.
روهڙيءَ ۽ سکر جا شهر پاڻ ۾ سنڌونديءَ تي ٻڌل پل رستي ڳنڍيل
آهن. اُها پل به ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، جن جي وچ ۾
بکر جو ٻيٽ آهي. هڪ اديب جو چوڻ آهي ته ”سکر يا
بکر کان بيهي جيڪڏهن روهڙي شهر ڏانهن نظر ڪبي، ته
ائين ڏسڻ ۾ ايندو ڄڻ ڪنهن ست سمنڊ پار پرين جي ديس
تي نظر پئجي رهي آهي.“
پرڏيهي سيلاني اهو نطارو ڏسي، روهڙي شهر جي ڀيٽ اٽلي ملڪ جي
مشهور سهڻي شهر وينس سان ڪندا آهن.
سنڌونديءَ جي وهڪري وانگر سنڌ جي تاريخ به ورن وڪڙن واري پئي
رهي آهي ۽ ان جو خاص اثر شهرن جي اڏاوت يا
رٿابنديءَ تي رهيو آهي. موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ
بعد جيڪو شهر نڪري ظاهر ٿيو آهي، ان جون گهٽيون
ويڪريون، سڌيون ۽ پڪسريون آهن. پاڻيءَ ۽ گند ڪچري
جو نيڪال اڄ به اُن ۾ سهڻو نظر اچي رهيو آهي. موئن
جي دڙي جو زمانو امن امان ۽ خوشحاليءَ جو دؤر هو،
جنهن ۾ صدين کان سنڌ ڌارين جي ڪاهن، ڏاڍ ۽ ظلم کان
آجي رهي هئي. بعد ۾ اهڙو دؤر آيو، جو سنڌ جي زرخيز
زمين، آسودا شهر ۽ سکيون ٻهراڙيون ڌارين جي لالچ
جو شڪار ٿيڻ لڳيون- چوڌاري بدامني ۽ ڏاڍ زندگيءَ
جو معمول بنجي ويو. اُنهيءَ دور ۾ جيڪي شهر ٻڌا،
انهن جي اڏاوت نرالي آهي. مثال طور ”پرين جي ديس“،
”سنڌ جي وينس“ روهڙي شهر ۾ ٻاهريون قدرتي ڏيک ڇڏي،
جڏهن اندر داخل ٿبو، ته شهر جي سوڙهين ۽ ورن وڪڙن
وارين گهٽين ۾ ائين اچي منجهبو، جيئن مومل جي ڪاڪ
۾ پرديسي شهزادا اچي منجهندا هئا. سوڙهيون سوڙهيون
گهٽيون، جن کي سر نه پير، هڪ ڀيرو ڪنهن گهٽيءَ مان
لنگهي وڃبو، ته موٽي اها هٿ ڪرڻ ناممڪن ٿيو پوي.
سنڌونديءَ جي ڪناري سان توڙي انهن جي ڍنڍن ڍورن، واهن ۽ پڪي تي
اڏيل سڀني آڳاٽن شهرن جي رٿابندي اهڙيءَ ريت ڪيل
آهي، جو ان دؤر جا ماڻهو ڦورن ۽ ڌارين غنيمن جي
اوچتي چڙهائيءَ جي حالت ۾ قلعي بند ٿي سگهندا هئا
۽ ڪاهه ڪندڙن مان فقط ڪي ٻه – ٽي ڄڻا هڪ ئي وقت
حملو ڪري سگهندا هئا. اهڙا مثال اڄ به سنڌ جي
آڳاٽن شهرن، جهڙوڪ بوبڪ، سيوهڻ، هالا، مٽياري،
ٺٽي، سجاول، چوهڙ جماليءَ وغيره ۾ ملن ٿا.
اڄ جي زماني ۾، جڏهن اهڙي قسم جو بچاءُ اجايو آهي- ۽ هوائي حملي
جي حالت ۾ ته ڪڪڙن جي کڏين وانگر ٺاهيل گهر ۽
گهٽيون هڪ ئي بم سان خاڪ ٿي وينديون- شهري رٿابندي
به سهڻي ۽ سڌريل نموني ٿي رهي آهي.
سيوهڻ جو قديم شهر، سيوهڻ ڪامپليڪس جي جديد اڏاوتن ۽ رستن جي
ڪري، پراڻي ۽ نئين دؤر جي حالتن جو فرق ڏسجي رهيو
آهي.
اهڙيءَ طرح حيدرآباد جو پراڻو شهر ۽ لطيف آباد، ڪوٽڙيءَ جو
پراڻو ۽ نئون حصو، ٺٽو ننگر ۽ مڪليءَ تي هاڻي
ٿيندڙ اڏاوتون- انهيءَ فرق مان پتو پوي ٿو ته شهرن
جي اڏاوت زماني جي حالتن پٽاندڙ ڪيئن بدلجي رهي
آهي.
سنڌونديءَ جي ڪناري تي وسندڙ ڳوٺن، ڀاڻن، ڪُنين ۽ پتڻن ۽ مياڻين
۽ گهرڙن ۾ رهندڙ ماڻهو: هاري ناري، سانگي وانگي ۽
ملاح ميربحر، هر دؤر ۾، امن خواه بدامنيءَ جي
زماني ۾، الله جي آسري، کليل ميدانن ۾ ڇنا اڏيو
سياري توڙي اونهاري پنهنجي ڪرت کي لڳا رهيا آهن.
سنڌ جو آدم گهڻو تڻو ٻهراڙيءَ سان آباد آهي. اهي ٻهراڙيءَ وارا
پاڻ ڏکيا رهي شهري ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪن
ٿا. انهن لاءِ هو جهجهو اَن ۽ گوشت، کير ۽ روڪڙ
وارا فصل پيدا ڪن ٿا ۽ شهري ڪارخانن لاءِ ڪچو مال
فراهم ڪن ٿا.
سؤ کن سال اڳ هڪ پرڏيهي سيلاني اچي هن ملڪ ۾ نڪتو. هن سنڌونديءَ
جي واتان ٻهراڙيءَ وارن جي هي تعريف ڪرائي، لکيو
آهي ته ”مان انهن غريب مارو ماڻهن کي پسند ڪريان
ٿي، جيڪي واهڻن ۽ ننڍڙن ڳوٺن ۾ رهن ٿا.……
هو وڌيڪ لکي ٿو ته:
هر ڪنهن گهر کي پنهنجي مال لاءِ پنهنجو واڙو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي
چوپائي مال کي پيار ڪندا آهن. هن ديس جا سپوت
هميشہ کلمک ۽ خوش مزاج طبعيت جا صاحب ٿي رهيا آهن.
ڪم ڪار، پيار ۽ محبت، کل ۽ خوشيءَ، لئي ۽ رَسَ جا
ڪوڏيا آهن. ميڙن ۽ ملاکڙن لاءِ هنن جو شوق ۽ پيار
ملڪان ملڪ مشهور آهي.“
اڄ سؤ سال گذرڻ بعد به سڀني جي اها آس آهي ته ”سنڌڙي شال تنهنجا
ڳوٺ وسن!“
ڦاٽ ۽ واهه
درياهه جي اُٿل تي آباد ٿيندڙ ڪچي جي زمين سال ۾ هڪ فصل ڏئي ٿي.
جهڙيءَ طرح ڪاڇي ۽ ٿر جي زمين ٺاهوڪيءَ برسات بعد
به سال ۾ صرف هڪ فصل ڏيندي آهي. پر پڪي جي زمين
دوباره آباديءَ هيٺ ايندڙ آهي. خريف ۽ ربيع يا
ڪتيءَ ۽ چيٽ جا فصل هر سال اُتي لکين مڻ اناج
اُپايو ڏين. هاڻي ته اُتان جا وونئڻ ۽ ڪمند جا
فصل، ڪپڙي ۽ کنڊ جي ڪارخانن کي کنيو بيٺا آهن.
پڪي تي آبپاشيءَ جو نظام ٻن قسمن جو آهي: هڪ قدرتي، ٻيو هٿراڌو.
قدرتي نظام ۾ ڦاٽن رستي درياهه جو پاڻي، پاڻيهي
درياهه جو ڪپر ڦاڙي، هيٺانهينءَ ڏي وهي، اُٿي هلي
ٿو. جن زمينن ۾ اُهو وهي ٿو، اُنهن جا هاري ۽
آبادگار انهيءَ ڦاٽ جو پاڻي هرلن ۽ نالين رستي
ڪڍي، پنهنجون زمينون آباد ڪن ٿا. اهو نظام اڳئين
زماني ۾ عام جام هو. سنڌ ۾ گهڻائي اهڙا ڦاٽ هئا،
جيڪي ملڪ جي گهڻي حصي کي پاڻي ڏيندا هئا، پر تڏهن
به ڪيترو ملڪ آباد ٿي نه سگهندو هو.
اڳي سنڌونديءَ جي ساچي ڪپ تي گهاڙ، الهندو نارو، بگهاڙ ۽ حجامڙو
ڦاٽ هئا ۽ کاٻي ڪپ تي اڀرندو نارو، ڦليلي ۽ پڃاري
مشهور ڦاٽ هوندا هئا.
انهن ڦاٽن کان سواءِ اڳئين زماني ۾ ڪيترا هٿراڌو واهه به کوٽايل
هئا، جن کان ساڄي ڪپ تي اُتر سنڌ ۾ شاهي، بيگاري ۽
سنڌ واهه، ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ ڪلري، ۽ کاٻي ڪپ تي ٿر
پارڪر ضلعي ۾ جمڙائو ۽ مٺڙائو واهه جيڪي اڀرندي
ناري مان نڪرندا هئا ۽ هاڻي به موجود آهن.
انگريزن جي زماني ۾، تاريخ 13- جنوري 1932ع تي سکر بئراج جو جنم
ٿيو. بئراج وٽان ست واهه نڪرن ٿا، جن مان ٽي ساڄي
ڪپ تي آهن ۽ چار کاٻي ڪپ کان نڪرن ٿا: ساڄي پاسي
اُتر- اولهه واهه، رائيس ڪئنال (ساريالو واهه) ۽
دادو ڪئنال آهن. کاٻي ڪپ تي اڀرندو نارو، ميرواهه،
روهڙي ڪئنال ۽ ابل واهه آهن. اهڙيءَ طرح انگريزن
پراڻن واهن کي سڌاري، ڪي نوان واهه کوٽائي، اتر
سنڌ جي پڪي جي ايراضي گهڻي تڻي آباديءَ هيٺ آڻي
وڌي.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪوٽڙي بئراج جي ڪري وري ڏکڻ سنڌ جا پراڻا
واهه ۽ ڦاٽ، جهڙوڪ بگهاڙ ۽ حجامڙو، ڦليلي ۽ پڃاري
وغيره آرام سان آبادگارن کي پاڻي پهچائي رهيا آهن
۽ پڻ ڪراچيءَ جهڙي ڳُتيل آباديءَ واري شهر کي پاڻي
پياري رهيا آهن.
هاڻي سنڌ جي پڪي واريءَ ايراضيءَ ۾ هر هنڌ ٻه فصل ٿين ٿا- خريف
۽ ربيع. خريف جو فصل جون ۾ پوکبو ۽ آڪٽوبر ۾ لُڻبو
آهي. خريف ۾ برسات به پوندي آهي ۽ آبڪلاڻيءَ سبب
واهن ۾ پاڻي به جام هوندو آهي. انهيءَ مند ۾ جوئر،
ٻاجهري، ساريون، تر، مڱ، ڪپهه ۽ ڪمند جا ڀلا فصل
لهندا آهن. ربيع ۾ پاڻي ٿورو هوندو آهي، پر ڪچي جي
فصلن سان ملائي ڪري وري به ڪڻڪ، چڻا، مٽر، سرنهه ۽
ڄانڀو جام ٿئي، ۽ هاري ناري، زميندار زڙا، ڪامورا
ڪڙا ۽ ڪاسبي سڀئي خريف جي موسم کان ئي وڌيڪ سکيا
ستابا ۽ خوش پيا ڏسبا آهن.
ڍنڍون، ٻيلا ۽ ٻيٽ
سنڌونديءَ جي اُٿل سبب سڄو ملڪ پاڻيءَ هيٺان اچيو وڃي. ڍنڍون
ڍورا، ڪڇ ۽ پراڻ سڀ ٽٻ ٿيو وڃن. اُنهن مان گهڻن ۾
ته درياهه لهي وڃڻ کانپوءِ به ٻارهوئي پاڻي موجود
هوندو آهي.
سنڌ اندر ڇهه مشهور ڍنڍون آهن. جن تي مهاڻن، هارين ۽ واپارين جو
گذرسفر ٿئي ٿو. منجهائن هڪ ته ايشيا کنڊ جي وڏي
ڍنڍ ”منڇر“ آهي، جيڪا ديس پرديس مشهور آهي.
ڪيترائي غير ملڪي سيلاني ڪَهي اچي هن ڍنڍ کي ڏسندا
آهن، ۽ منجهس پکين جو شڪار ڪندا آهن. هيءَ ڍنڍ
دادوءَ ضلعي ۾ آهي.
ٺٽي جي ڀرسان ”ڪينجهر“، ”سونهري“ ۽ ”هاليجيءَ“ جون ڍنڍون آهن.
ڪينجهر ۽ سونهري کي ملائي ”ڪلري ڍنڍ“ جو نالو به
ڏنو ويو هو، پر هاڻي انهن کي فقط ”ڪينجهر“ جي نالي
سان سڏيو وڃي ٿو.
ٿر پارڪر ضلع ۾ عمرڪوٽ جي ڀرسان ”سومري ڍنڍ“ ۽ ڏيپلي جي ڀرسان
”سارن ڍنڍ“ سانگهڙ جي ويجهو ”مکيءَ جي ڍنڍ“ آهي ۽
سکر ضلعي ۾ اٻاوڙي جي ڀرسان ”گڊو ڍنڍ“ آهي. ڏيپلي
جي سارن ڍنڍ کانسواءِ، هنن ڍنڍن ۾ مڇي، پٻڻ، بهه ۽
لوڙهه جام ٿين ۽ بدڪون، آڙيون، جهنگ ڪڪڙيون ۽ ٻيا
پکي به موسم تي ججها مارجن ٿا.
انهن ڍنڍن جي ڪنارن سان ۽ سنڌونديءَ جي پنهنجن ڪپن ۾ ٻيلن جو
هجڻ لازمي آهي. انهن ٻيلن جو سلسلو گهوٽڪيءَ کان
شروع ٿي سنڌونديءَ جي وچ ڊيلٽا تائين پکڙيل آهي.
اهي جهنگ، ڊيگهه ۾ ٽن ميلن ۽ ويڪر ۾ ٻن فرلانگن
کان ٻن ميلن تائين ڦهليل آهن.
منجهن عام طرح ٻٻر، لئي، بهڻ ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ ٿيندا آهن. سري
وارن ٻيلن ۾ ٽالهيءَ جا وڻ به ٿين. اڄ کان يارهن
سؤ ورهيه اڳ سنڌونديءَ جي ڪپن تي جيڪي ٻيلا هئا،
انهن ۾ بانس ۽ بيدمشڪ جي وڻن جا گهاٽا جهنگ هئا،
جن ۾ گينڊا به رهندا هئا. |