سيڪشن؛ مضمون

درياءَ ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي

 

صفحو :1

درياءَ ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي

حبيب الله صديقي

جِتي پاڻي، اُتي پاڻَ

 

ڀونءَ ڦِرندا ڀاڳَ آهن. جيڪا زمين سوين سال غيرآباد رهي هجي، اُها به آباد ٿي سگهي ٿي، پر جي پاڻي مليس!

زمين جي آباديءَ تي انسانذات جي کاڌ خوراڪ، سڌاري ۽ واڌاري، ساهت، سڀيتا ۽ هنرن بلڪ ماڳهين پنهنجي وجود جو آڌار آهي.

ڪي ملڪ اهڙا به آهن، جن مان فقط هڪ ندي وهي ٿي سا به نويڪلي سندن نه آهي. مٿئين ڪنهن ملڪ مان وهي نڪري ٿي ۽ وٽانئن ٿيندي هيٺئين ڪنهن ملڪ ۾ وڃيو ٿي پوي. پوءِ به اهي ملڪ زراعت ۽ هنرن، ڪاريگريءَ ۽ واپار، ڌنڌن ۽ روزگارن ۾ صدين کان آسودا ملڪ ليکبا اچن ٿا. اهڙو هڪ ملڪ مصر آهي، جيڪو نيل نديءَ جي سوغات آهي.

اسان جي سنڌ وري سنڌونديءَ جي سوکڙي آهي. سنڌوندي دنيا جي ندين ۾ سترهون نمبر وڏي ندي آهي. هماليه جبلن جي ڪيلاس پربت ۾ هڪ ڍنڍ آهي، جنهن کي مانسِروُوَر ڍنڍ چوندا آهن. سنڌوندي، اُنهيءَ مانسروور ڍنڍ مان نڪري، ڪشمير جي گلگت وارو جابلو حصو لتاڙي، پنجاب ۽ سنڌ جي ميدانن کي سيراب ڪري، ارڙهن سؤ ميلن جي منزل هڻي، شاهبندر وٽ اچي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

سنڌوندي سنڌ جو ته جِهڙوڪَرَ ساهُه آهي. جي اها نه هجي ها ته سڄي سنڌ هوند برپٽ بيابان ٿي وڃي. ٿر وانگر رڳو واري پيئي وسي.

سنڌونديءَ جي ڪناري: ڪڙمي، ڪاسبي، ڌنار پهنوار، ماڇي مهاڻا، واپاري ۽ ٺيڪيدار، توڙي ڪامورا ڪڙا زندگيءَ جا سکيا پهر پيا گهارين.

زندگيءَ جو هي سلسلو هزارين سالن کان جاري آهي. موئن جو دڙو ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ جو قلعو، ٺٽو ننگر ۽ سيوهڻ شريف، آمريءَ جا آثار ۽ ٻيا ڪيترائي پراڻا پَڊَ انهيءَ ڳالهه جا شاهد آهن ته سنڌونديءَ جي ڪناري تي آڳاٽي زماني ۾ به ڪيترا وڏا شهر بستيون، ٿاڪ وسنديون، وٿاڻ، قومون ۽ قبيلا آباد هوندا هئا. ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جو هي بيت اها روئداد بيان ڪري ٿو:

ڀُون پراڻي نه ٿئي،

جهونو ٿئي مَ سِجّ،

ٻنيءَ مٿان ٻِج،

هاريندڙ هليا ويا.

ائين نه آهي ته ڪو سنڌوندي هميشه کان هڪ هنڌان پئي وهي آهي. سنڌ اندر سنڌونديءَ ڪيئي پيٽ مَٽايا آهن. هڪ انگريز عالم جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ اهڙي ٻي ڪا به ندي ڪا نه آهي، جنهن هن درياهه وانگر پنهنجو وهڪرو بدلايو هجي. انهيءَ جو سبب هي آهي ته سندس ٻيئي ڪپ هيٺانهان آهن ۽ سندس پيٽ يا تري جي زمين به اهڙي سخت نه آهي، تنهنڪري اُٿل وقت جيڏانهن اچيس ٿو تيڏانهن پيٽ مٽايو وڃي. اُنهيءَ ڪري کيس ”پورالي سنڌو“ به ڪري چوندا آهن.

سنڌ ۾ عام چوڻي آهي ته ”جتي پاڻي آهي، اُتي پاڻ آهي.“ اها چوڻي انهيءَ ڪري ٺهي، جو ڏٺو ويو ته جيڏانهن ٿي سنڌونديءَ جي لڙاٽيل پاڻيءَ ڀيرو ڀريو، تيڏانهن ٿي خلق خدا جي لاڙو ڪيو.

ٻه سؤ سال اڳ جي ڳالهه آهي ته سنڌو ندي هالا ۽ نصرپور جي وچان وهندي هئي. عيسوي سن 1758 ۾ ”پورالي سنڌو“ موج ۾ اچي، هالا کان سڌو ڏکڻ طرف رُخُ رکي، نيرون ڪوٽ جي اولهه کان وهڻ لڳي، جتان اڄ سوڌو وهندي رهي ٿي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو، جو نيرون ڪوٽ، حيدرآباد جو روپ ڌاري، سنڌ جو تخت گاهه بنيو، ۽ نصرپور پنهنجو اڳيون اوج قائم رکي ڪانه سگهي. ساڳي ڪار اُتر ۾ روهڙيءَ ۽ اروڙ سان ٿي. عربن جي سنڌ تي ڪاهه وقت روهڙي شهر جو ڪو به نالو نيشان ڪو نه هو. پر پوءِ جڏهن سنڌو نديءَ پنهنجو پراڻو اروڙ وارو وهڪرو ڦيرائي، سکر ۽ روهڙيءَ جي وچان وهڻ شروع ڪيو ته روهڙي شهر جو پايو پيو ۽ اروڙ ڦِٽي دڙا ٿي ويو.

اروڙ جا نشان روهڙيءَ جي ڏکڻ – اوڀر ۾ اُڀرندي ناري لڳ اڄ به موجود آهن. هجري سن 711 ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ  فتح ڪرڻ وقت اروڙ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. عربن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ منصوري ۾ قائم ڪيو. پوءِ ٻن صدين تائين اروڙ هندو آباديءَ جو مرڪز رهيو. آخر ۾ درياهه جو منهن موڙي وڃڻ سبب ڦٽي ويو. اهڙو ئي هڪ ٻيو شهر ڪوٽڙي ڪبير جي نالي سان انهيءَ منهن موڙڻ جي سٽ سهي، اڃا به ساڳئي نالي سان نئين هنڌ تي آباد آهي، جيئن نصرپور ساڳوڻي هنڌ تي آباد آهي؛ پر اهو اڳوڻو اوج ڪٿي! پراڻي ڪوٽڙي ڪبير جا نشان دڙن جي صورت ۾ تعلقي ڪنڊياري ۾ بهلاڻي شهر کان اٽڪل چئن-پنجن ميلن جي پنڌ تي قومي شاهراهه جي اوڀر ۾ آهن.هن پراڻي شهر جي اولهه طرف درياهه وهندو هو، جنهن جا نشان اڄ تائين واريءَ جي صورت ۾ موجود آهن. اهو ئي درياهه ”ساهتي“ جي زمينن کي آباد ڪندو هو. شهدادپور کان سهڻيءَ ۽ ميهار جي قبرن جو وچ ڏيندو، ٿر ۾ پراڻ جي نالي سان سڏبو، رحمڪي بازار کان وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو. هاڻي اُتي واري پيئي وسي.

اهڙوئي هڪ مثال پاڻيءَ جي منهن موڙڻ جو سنڌ ۾ هاڪڙي درياهه جي نالي سان مشهور آهي.

هاڪڙو درياهه اُڀرندي پنجاب، اُتر راجپوتانا ۽ سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي کي آباد ڪندو هو. سندس سڪي وڃڻ کان پوءِ ٿَرُ بَرُ ٿي ويو. سنڌ جا پراڻا نقشا ڏيکارين ٿا ته آريا قوم جي سنڌ ۾ اچڻ وقت هاڪڙو درياهه موجود هو. ٿَرَ جي واريءَ جي ڀِٽُن جي باري ۾ ڪن عالمن جو خيال آهي ته اڳ هي حصو سمنڊ جي هيٺان هو. اهو خيال هن ڪري درست سمجهيو وڃي ٿو، جو عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت، سمنڊ جو هاڻوڪو ڪنارو چاليهه ميل اورتي هو. بدين جو شهر پڻ ڪڇ جي رڻ ۾ هو. اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ سمنڊ بدين کان وهندو هو. پر ٻين عالمن جي هيءَ راءِ آهي ته هاڪڙي جي وجود مٽجڻ ڪري واريءَ جا دڙا ظاهر ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته اها پڪ آهي ته هاڪڙي ۽ اُن جي شاخن ڪري ٿرپارڪر ضلعو ۽ چاچڪان ان وقت سنڌ جا زرخيز ڀاڱا هئا.

اُڀرندو نارو، جنهن جو مُنهن اڄڪلهه سکر براج جي کاٻي پاسي آهي، سو هاڪڙي جي پراڻي پيٽ مان وهي ٿو، باقي هاڪڙي جون شاخون، جن تي ٽن ملڪن جي آبادي ٿيندي هئي. سي پڻ موجود آهن ۽ برسات کان پوءِ پاڻي سان ڀرجيو وڃن. هاڪڙي جي ڪناري تي خاص ڪري ڇوڙ واري هنڌ تي ڪيترن ئي ڦٽل شهرن جا نشان مليا آهن، جي ڪنهن زماني ۾ وڏي اوج تي هئا. پر اڄ هاڪڙي جو پاڻي نه آهي ته پاڻ به نه آهن. تڏهن ته چيو اٿن ته ”جتي پاڻي، اُتي پاڻ.“

سنڌ ۾ سنڌوندي راجپوتانه جي ريگستاني علائقن جي حدن کان وٺي الهندي وارن کيرٿر جبل جي قطارن تائين هڪ سؤ ستر ميلن واري ميداني علائقي اندر ڪيترائي ڀيرا پنهنجو پيٽ مٽايو آهي.

پوئين ڀيري، عيسوي سن 1757 ۾، سنڌونديءَ پنهنجو رخ بدلائي اروڙ، ڪوٽڙي ڪبير، سهڻيءَ جي قبر لڳ شهدادپور ۽ نصرپور وغيره کي ڇڏي، روهڙي، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جا شهر وسايا. اُن سلسلي ۾ هالڪنڊي شهر جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جو ان جي احوال مان پتو پوي ٿو ته نه فقط درياهه جي مُنهن موڙڻ سبب بستيون ۽ شهر برباد ٿين ٿا، پر ان جي پائڻ ۽ ٻوڏ سبب پڻ ڪيتريون وسنديون ويران ۽ شهر غرق ٿين ٿا.

هاڻوڪي پراڻي هالا ڳوٺ جي اُلهندي طرف اڌ ميل پنڌ تي هالڪنڊي نالي هڪ وڏو شهر هوندو هو.

هالڪنڊي شهر جي اولهه ۾ ”مير ٻيلو“ نالي هڪ ڳوٺ هو، جنهن جي الهندي وٽ سان وڏا باغ هوندا هئا. اتان درياهه ٻن ميلن جي پنڌ تي وهندو هو.

مير ٻيلو هالا ذات جي ماڻهن مخدوم نوح رحمت الله عليہ جن کي نذراني طور ڏنو هو. مخدوم نوحؒ هن ڳوٺ جي اڀرندي طرف رهندو هو. سندس وفات بعد کيس هالڪنڊي شهر جي مقام ۾ دفنايو ويو.

اٽڪل عيسوي سن 1598 ڌاري هن شهر کي درياهه پائڻ شروع ڪيو. ڀٽي بزرگن ۽ انهن سان واسطو رکندڙ ماڻهن پنهنجا گهر هالڪنڊي شهر جي اُڀرندي طرف مِٽيءَ جي هڪ وڏي دڙي تي اچي اڏيا. مخدوم نوحؒ جي تڏهوڪي گادي نشين ۽ سندس مريدن هالڪنڊيءَ کان لڏي، ٻن- اڍائن ميلن جي مفاصلي تي اڀرندي طرف اچي، اسلام آباد جي نالي سان شهر ٻڌو، جنهن کي هاڻي ’هالا نوان‘ چون ٿا. مخدوم نوحؒ جي ميت مبارڪ کي هنن پيتيءَ ۾ وجهي، آڻي هالا نوان ۾ هاڻوڪي مقبري ۾ دفنايو.

ائين پوراليءَ سنڌونديءَ اسان کان ڪيترائي پراڻا شهر کسيا آهن، ۽ انهن جي بدران نوان شهر ڏنا آهن.

 

آبڪلاڻي، اُٿل ۽ ٻوڏ

 سنڌوندي، جنهن کي مهراڻ به سڏيندا آهن، تنهن جي موج مشهور آهي. هماليه جبلن جي ڪيلاس پربت تي سڄو سيارو جيڪا برف پوي، سا اونهاري جي سج تي رجي، وهيو اچيو مانسروور ڍنڍ ۾ پوي. اهو پاڻي، سونهاريءَ سنڌونديءَ رستي پنهنجي ارڙهن سؤ ميلن جي ڊگهي وهڪري ۾ هزارين بستين، لکين گهرن، ڪروڙين ايڪڙ زمين ۽ ان جي کيتن ۽ فصلن کي آباد ڪندو ۽ اُنهن جي اُڃ لاهيندو، اچيو شاهه بندر وٽ عربي سمنڊ ۾ پوي ٿو. ايڏي پنهنجي ڊگهي سفر ۾ هر سال هي پاڻيءَ جو زوردار وهڪرو ڪجهه پائيندڙ رستي ۽ ڪجهه اُٿل ڪرڻ سان، ڪيتريون بتسيون، ڳوٺ ۽ آباديون ٻوڙيو ۽ ڊاهيو ختم ڪري ڇڏي، ائين هيءُ موج متو مهراڻ نه جهليو رهي نه پليو رهي، ڪڏهن مهربان ۽ ڪڏهن ڏمريل، پنهنجيءَ مستيءَ ۾ وهندو رهي ٿو.

 

سنڌوءَ جي اٿل کي روڪڻ لاءِ اسان جي سنڌ پرڳڻي ۾ بند ٻڌل آهن، جن ۾ بيگاري، ڪشمور، چڪ، لاڙڪاڻو ۽ سيوهڻ بند مشهور آهن. انهن بندن تي حڪومت هر سال سخت پهرو لڳائي، کاڌ ۽ روڻن کان اُنهن جي بچاءَ جو بندوبست ڪري ٿي.

عام ماڻهو آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ وڏيءَ وَٺُ – پُڄُ ۾ هوندا آهن. ڪن جا ڍور چٽ، ته ڪن جا جهڳا چٽ. ڪڏهن ڪڏهن ته اوچتيءَ ۽ وڏيءَ ٻوڏ ۾ ماڻهن جو به نقصان ٿئي ٿو. پاڻيءَ جي اوچتي چاڙهه جي حالت ۾ بيـٺل فصل به ناس ٿيو وڃن. اهڙين حالتن ۾ ماڻهو ڪَچي مان نڪري، بندن تي يا بندن کان ٻاهر پڪي تي سر ۽ ٽپڙ بچائي، اچي پناهه وٺندا آهن. سرڪار طرفان ”رليف ڪئمپون“ يا امدادي مرڪز قائم ڪيا ويندا آهن، جتي اناج، دوائون ۽ ٻيون امدادي شيون متاثر ٿيل ماڻهن ۾ ورهايون وينديون آهن.

درياهه اڪثر ڪري اپريل مهيني جي وچ ڌاري ڦوڪجڻ شروع ڪندو آهي، مئي ۽ جون مهينن ۾ ڍنڍون ڍورا، ڪپر ۽ ڪنارا ڀري بيهندو آهي. جولاءِ ۽ آگسٽ درياهه جي چاڙهه جا مهينا هوندا آهن، اُن جو وڏو وهڪرو آگسٽ مهيني ۾ يا سيپٽمبر مهيني جي پهرين اڌ ڌاري گذري ويندو آهي. پوءِ سيپٽمبر مهيني ۾ ئي پاڻي ڇڄڻ لڳندو آهي. ڪچي جا ماڻهو پاڻيءَ لهندي ئي، پنهنجي ماڳ تي موٽيو اچن ۽ اچي هر ڦار يا ڇٽ – کيڙ کي لڳن. پاڻي لهندي لهندي، درياهه جي پيٽ مان آخر لانگها ٺهيو پون، ۽ ماڻهو ۽ سندن ڍور- ڍڳا وتن منجهس آسانيءَ سان گهمندا ڦرندا. ڪير چوي ته هي گجندڙ شينهن، مَئو متو مهراڻ، آبڪلاڻيءَ جي ٻن - اڍائن مهينن ۾ ڇا ڏئي ويو ۽ ڇا کڻي ويو، ۽ ڇا ڇا نه ڪري ويو! ڪٿي ته ڪوهن ۾ واريءَ جا دڙا، ڪٿي ته ڪلر ۾ ورتل سڪل ٺوٺ رڃ جا ميدان، لٽ جي تهه هيٺ ڍڪجي، ڀليءَ ڀاڳ ڀريءَ، سون اپائيندڙ ڌرتيءَ جا پٽ ٺهيو پون – بنهه اهڙا، جو چئجي ته ”ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿي ويا!“

سنڌونديءَ جي ڪناري سان لکين ايڪڙ ڀليون زمينون آهن، جيڪي آبڪلاڻيءَ ۾ ٻڏن ٿيون. اُنهن کي ٻي ڪا پيچ موڪ به ڪا نه آهي. هي نهور زمينون سنڌونديءَ جو مٺو پاڻي پي، ڍَوَ ڪري، سندس ٿڌي مٽي پنهنجي لِڱَن کي لائي، اُهي پوکون: ڪڻڪون، چڻا، مٽر، سرنهه، توريا ۽ ونئڻ اُپائين ٿيون، جن جي اُپت مان نه رڳو ٻوڏ جا ستايل آسودا ٿين ٿا، پر سڄي خلق انهيءَ ڪمائيءَ جو کٽيو کائي ٿي، ۽ ملڪ جي گڏيل زرعي پيداوار ٻيڻي ٿيو پوي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org