سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون ڊسمبر 2024ع

باب:

صفحو:3 

 وقاص علي مغل

 

ڊاڪٽر سميرا موسى

 

پھرين ائٽمي سائنسدان عورت سميرا موسى 3 مارچ 1917ع تي پيدا ٿي. جنھن کي 5 آگسٽ 1952ع ۾ يھودين قتل ڪري ڇڏيو هو.

سميرا موسيٰ غربيه گورنريٽ جي زيفتا سينٽر جي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. هوءَ پھرين مصري ائٽمي سائنسدان آهي.

سميرا موسيٰ قاهره يونيورسٽيءَ ۾ فيڪلٽي آف سائنس ۾ پھرين ٽيچنگ اسسٽنٽ هئي. ان وقت ڇوڪرين لاءِ ڊگري وٺڻ يا پوزيشن حاصل ڪرڻ عام ڳالھه نه هئي.

سميرا موسى جي ذهانت جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته، هن سيڪنڊري اسڪول جي پھرين سال ۾ الجبرا جي سرڪاري نصابي ڪتاب مان غلطيون ڪڍي، ان کي درست ڪري، پنھنجي والد کي چيو ته ڇپرائي ڏيو ۽ اهو ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ 1933ع ۾ هن پنھنجي ساٿين ۾ اهو ڪتاب مفت ۾ ورهايو.

ڊاڪٽر سميرا موسيٰ گئسن جي ٿرمل ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هڪ مشن تي برطانيه وئي. جتي هن جوهري تابڪاري Atomic Radioactivity جو مطالعو ڪيو ۽ ايڪس ري (X- Ray) ۽ ٻين ’مختلف شين تي ان جا اثر‘ تي ڊاڪٽريٽ (Ph.D.) جي ڊگري حاصل ڪئي.

هن هڪ سال ۽ پنجن مھينن ۾ پنھنجو مقالو مڪمل ڪيو ۽ ٻيو سال لڳاتار تحقيق ۾ گذاريو. جنھن کان پوءِ هوءَ هڪ اهم مساوات تي پھتي. (جنھن کي ان وقت) مغربي دنيا ۾ اڃا قبول نه ڪيو ويو هو. جيڪو تانبي جهڙي سستي ڌاتو کي فشن ري ايڪشن تي مجبور ڪري ٿو ۽ پوءِ اهڙي مواد سان ائٽم بم جي تياري جيڪا هر ڪنھن جي پھچ ۾ هجي. پر ان کي ڊاڪٽر سميرا موسى جي عرب سائنسي تحقيق ۾ ناهي لکيو ويو.

چون ٿا ته يھودي ايجنسي موساد Mossad ڊاڪٽر سميره موسى کي آمريڪا ۾ هڪ ڪار حادثي ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو هو.

 

اويس مظهر

 

اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار…!!

 

ڊاڪٽر ريحانه نظير جديد سنڌي ڪھاڻيڪارن ۾ پنھنجو ھڪ الڳ ٿلڳ درجو رکي ٿي. سندس ڪھاڻين جي ٻولي، سادي ۽ سليس آھي جو نئين پڙھندڙ کي ڪنھن به ڊڪشنري جي ضرورت نٿي پوي.

ان ڳالھه جي صداقت جي ساک کڻي ٿي سگھجي ته ڊاڪٽر ريحانه نظير جي ڪهاڻين جا ڪتاب ”ٽِڪ ٽاڪ گرل“ ۽ ”اندر جي عدالت“
ڪھاڻين جا ڪردار، اسان جي سماج جي ھر پيڙيل ۽ مظلوم عورت جي آتم ڪٿا آھن، ان جي وضاحت ۽ ثبوت آئون اڳتي لکندس. اسان جو سماج ته ڇا، ھر سماج ۾ عورت سان ناانصافي ٿي رهي آهي. تاريخ تي نظر وجهنداسين ته پتو پوندو عورت، ڪيترن ئي ظلمن، سماجي اڻبرابرين، جنسي اڻبرابرين جو شڪار رھي آھي، ڪڏھن سڱ چٽيءَ جي عيوض، سندس خوشين کي ڦٻايو ويو ته ڪڏھن ”ڪاري“ ڪري سندس زندگيءَ جو ڏيئو اجھايو ويو ۽ اھي عمل  ھن وقت تائين جاري ساري آھن، پراڻن جنگي دؤرن ۾ عورت کي مالِ غنيمت جو سامان ۽ جنگي سپاهين جي وندر جو سامان سمجھيو ويندو ھو.

ھر دؤر جي ڪيترن شاعرن ۽ ليکڪن عورت جي حُسن تي قصيده لکيا ۽ انھن کي ڳايو آهي ڪڏھن شاعرن عورت جي زلفن کي گھٽائون ڪوٺيو ته ڪڏھن شاعرن عورت جي ابروئن کي ٻه ڌاري تلوار ڪوٺيو ته ڪڏھن عورت جي چپن کي گُلن جي پنکڙين سان ڀيٽيائون، پر پوئين دؤر جي شاعرن کان ھن وقت تائين نظر ڦيرائينداسين ته ڀٽائيءَ کان علاوه ڪنھن به عورت جي ڏک، درد، پيڙا ۽ داخلي ڪيفيتن کي نه ڳايو آھي. نه لکيو آھي. اھو ڀٽائي ئي ھو، جنھن عورت جي پيڙا ۽ درد کي وائکو ڪيو ۽ ٻڌايو ته عورت جا حوصلا ڏونگر ڏاري سگھن ٿا!

مون ڊاڪٽر ريحانه نظير جي ڪھاڻين جا ٻئي ڪتاب، پنھنجي ننڍڙي مطالعي ھيٺ آندا آھن. ھنن ڪتابن جون ڪجهه ڪھاڻيون ڇڏي، باقي سڀ ڪھاڻيون، عورت تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر جي دانھن آھن ۽ جنھن دانھن کي محسوس ڪجي ته روح تي اُداسيءَ جا ڪڪر ڇانئجي وڃن ٿا، ھونئن به آلڊس ھڪسلي چيو آھي ته، ”سٺي ادب جي سڃاڻپ اھا آھي ته ان کي پڙھڻ سان اسان اداس ٿي ويندا آھيون.“

ڊاڪٽر ريحانه نظير جي اڪثر ڪھاڻين جو محور عورت آھي، اھو شايد انڪري جو ڊاڪٽر ريحانه نظير پاڻ ھڪ عورت آھي ۽ اھا عورت جي درد کي وڌيڪ محسوس ڪري سگھي ٿي بنسبت مرد ليکڪ جي.

جھڙيءَ ريت ليکڪه اھي ڪھاڻيون سرجيون آھن. ايئن لڳي ٿو ڄڻ انھن ڪھاڻين ۾ ان ۾ پنھنجو روح ڦوڪيو آھي.

شيخ ايـــــاز ھڪ ھنڌ لکيو ھو ته: ھر ڪھاڻي ماحول جي اثر جو اظھار آھي ۽ اردگرد جي فضا جي پيداوار آھي.

اڄ به چوڌاري نظر ڦيرائينداسين ته ھنن ڪھاڻين جا ڪيترائي ڪردار، اسان کي آسپاس نظر ايندا. اڄ به ڪيتريون ئي ”پُشپائون“ اسان کي روڊن تي پٿر ڪٽيندي ملنديون، جن جي اکين ۾ سُندر سُندر خواب آھن. اڄ به ڪيتريون ئي عورتون ڪھاڻي ”بُري عورت“ جي ڪردار (ردا) جھڙيون عورتون، دوکي باز مردن جي دوکي ۾ اچي، انھن جي حوس جو کاڄ بڻجن ٿيون.

اڄ به ”مايا“ ڪھاڻي جي ڪردار مايا وانگر ڪيتريون ئي معصوم نينگريون، وحشي درندن جو کاڄ بڻجن ٿيون، اڄ به ڪيتريون ئي ”ڪونجون“
پنھنجي عزت جي تحفظ ڪاڻ زندگيءَ جو ڏيئو اجھائي ڇڏين ٿيون.

اڄ به ڪيتريون ”ٽِڪ ٽاڪ گرل“ ڪھاڻي جي مُک ڪردار ”نوشي“ جھڙيون ڇوڪريون، عزت جي ڪوڙي نالي تي قتل ڪيون وڃن ٿيون ۽ ان قتل کي وڏي رٿابنديءَ سان خودڪشيءَ جو روپ ڏنو وڃي ٿو. ۽ ھي سماج ڪجھه وقت لاءِ انهن واقعن تي افسوس ڪري پوءِ پنھنجي وهنوار ۾ رڌل رھي ٿو.

شيخ ايازُ لکي ٿو ته، جنھن ڪھاڻيڪار، زندگيءَ جي رڳ رڳ ۾ دورو ڪيو آھي ۽ ان جي نبض  چڱيءَ طرح جاچي آھي. تنھن کي زندگيءَ جو خسيس ۾ خسيس واقعو به ڪھاڻيءَ جو مواد مھيا ڪندو آهي.

جيڪڏھن ڊاڪٽر ريحانه جي زندگيءَ تي نظر وجهنداسين ته ھوءَ عورتن جي حقن (feminist) تنظيم جي ميمبر آھي. سنڌ جي ڪنھن ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ عورت سان ظلم ۽ ڏاڍ ٿيندو آھي ته سوشل ميڊيا توڙي عملي ميدان ۾ ڊاڪٽر ريحانه نظير ۽ انھن جي تنظيم اڳڀري ھوندي آهي. ايئن چئي سگھجي ٿو ته ڊاڪٽر ريحانه نظير ڪيترائي اھڙا اذيتناڪ واقعا ڏٺا ۽ ٻڌا آھن ۽ ھڪ ڪھاڻيڪار جي صورت ۾ انھن جي درد ۽ پيڙا کي قلم جي مدد سان، پنن تي اتاريو، اھو ئي سبب آھي جو ڊاڪٽر ريحانه جي ڪھاڻين جو مرڪزي ڪردار، صرف عورت آهي ۽ ھر ڪھاڻي عورت جي پيڙا ۽ داخلي جذبن تي آڌاريل آھي.

پر ڊاڪٽر ريحانه نظير جي ڪجھه ڪھاڻين تي نظر وجهنداسين ته ھوءَ سماج ۾ موجود ٻين مسئلن، عيبن ۽ کوٽ جي ڳالھه ڪري ٿي. جھڙيءَ ريت سندس ڪھاڻي ”ڪُرڙي“ جيڪا اڄ به اندروني سنڌ جي ھر ٻھراڙيءَ جي حالت جو آئينو آھي. اڄ به ڳوٺن ۽ گھرن ۾ لوڻ جي چپٽيءَ تي جهيڙا ٿين ٿا ۽ پوءِ اھي جھيڙا رت جا درياهه وھائي به ماٺار ۾ نٿا اچن. سندس ڪھاڻي ”موبائل ۽ مِس“ بلڪل اڄ جي تعليمي نظام ۽ اسڪولي ڍانچي جو عڪس آھي. اڄ ڪيترن استادن جي لاپرواهيءَ ۽ غير دلچسپي جي ڪري، اسان جي قوم ڪيترائي جينيس (Genius) دماغ وڃائي ڇڏيا آهن. ڊاڪٽر ريحانه پاڻ به ھڪ استاد ھوندي، ھن ڪھاڻيءَ سان انصاف ڪيو آھي، جيڪا ڪھاڻيڪار جي لکڻيءَ ۾ سچائي ۽ اعليٰ ظرفي جي ثابتي آھي

”ڇوٽڪارو“ ڪھاڻي جا سڀئي ڪردار، حقيقت ۾ اسان جي چوگرد ھلن ڦرن ٿا. اڄ به ڪو اميرزادو، ڪنھن غريب نياڻيءَ جا خواب ۽ ان جي والدين جا خواب زور زبردستي ۽ دولت جي ڏڍ تي ڦري ٿو. حالانڪ ان اميرزادي جي ايتري حيثيت ئي ناھي جو ڪنھن جا خواب ۽ مقصد ڦري. ان ڪھاڻيءَ ۾ ڪھاڻيڪارا، عورت جي سھپ ۽ سندس حوصلي کي سٺيءَ طرح قلمبند ڪيو آھي.

ھڪ ڳالھه جو ذڪر ضرور ڪندس ته ڊاڪٽر ريحانه نظير جي گھڻين ڪھاڻين جو مرڪزي خيال، عورت تي ئي گردش ڪري ٿو. جنھن ۾ عورت جي مظلوميت ۽ ھن سماج ۾ ھيڻائي کي ظاھر ڪيو ويو آھي، پر سندس ڪن ڪھاڻين ۾ عورت جا ٻه روپ ملن ٿا، جيڪي ھن سماج ۾ موجود آھن. ھڪ بُري عورت جو روپ ۽ ٻيو سُٺي عورت جو روپ.

ڪھاڻيڪارا جي ڪھاڻي ”سيئي سِيل ٿيام“ ان ڳالھه جي شاھدي ڏي ٿي  ته ڪيئن ھڪ سٺي عورت ”راڻي“ جي صورت ۾ پنھنجي ڀيڻ انيلا سان ھمدردي ڪري، ان کي نئين زندگي ڏيڻ چاھي ٿي ۽ ڪيئن انيلا، راڻيءَ جي همدرديءَ جو غلط فائدو وٺي، ڀيڻ کي دوکو ڏئي ٿي ۽ ان جو گھر تباھه ڪري ٿي. اھائي ڳالھه آهي ته ھڪ بُري عورت، ھڪ گھر نه بلڪ سڄي سماج لاءِ ھاڃيڪار آھي ۽ ٻي ڪھاڻي ”ڪنھن سان سور سليان“ پڻ ان ڳالھه کي واضح ۽ چٽو ڪري ٿي.

اھائي ڪھاڻيڪارا جي انصاف جي نظر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. پاڻ ھڪ عورت ٿي ڪري، وڏي حوصلي سان، اھي ڳالھيون، ڪھاڻين ذريعي، اسان تائين پھچايون آھن.

ڪھاڻيڪارا پنھنجي ڪھاڻين ۾ عورت کان علاوه مرد جي ڏک درد کي به بيان ڪيو آهي. جنھن جي شاھدي ”ڪوماڻو ڪنول“ مان ظاھر ٿئي ٿي، جيڪا ھن سماج ۾ عورت ۽ مرد جي ننڍپڻ جي رشتن ۽ پنھنجي زبان جي قيمت، انسان جي جان کان وڌ سمجھڻ  جھڙي دقيانوسي ريتن رسمن کي ترڪ ڪري ٿي. سندس ڪھاڻين ۾ جتي عورت کي مظلوم ۽ عذابن جي گھاڻي ۾ پيڙيل ڏسيو ويو آھي، اتي عورت جو ٻيو روپ به چٽيو ويو آھي، اھو روپ ”موٽڻ جنين مھڻو“ جي ڪردار مومل جي حوصلن مان ظاھر ٿئي ٿو،  ان ڪردار ذريعي ڪھاڻيڪارا ٻڌايو آھي ته مان عورت کي حوصلن ۾ بلند بلڪل شاھ جي سُورمين سسئي ۽ مارئي جيان سمجھان ٿي. ھر عورت کي مومل جي ڪردار تي عمل ڪرڻ گھرجي. ھوءَ پنھنجي زندگي تباھ ڪرڻ بدران، سنواري ۽ ھن سماج کي ڪري ڏيکاري.

ڪھاڻيڪار، جھڙي طرح ”تو بنا ڇانورا“ ۾ ڪردارن کان گفتگو ڪرائي آھي، سا سندس ڏات ۽ ڏانءُ کي ظاھر ڪري ٿي، عدالتي گفتگو ۽ بحث کي قلمبند ڪرڻ، مان سمجھان ٿو، وڏي جوکم جو ڪم آھي. ايڏي سولي ادائگي ڪرڻ سندس ڏات جو ڪمال آھي.

”گُلزادي“ ڪھاڻي، ھڪ اھڙي عورت جي ڪھاڻي آھي، جيڪا دنيا جي لذتن عيوض، ڪردار جو سودو نٿي ڪري ۽ سڄي عمر خودداري ۽ پورھيو ڪندي گذاري ٿي. هونئن به حقيقي سونھن، ڪردار جي ئي ته آھي، جيڪڏھن ڪنھن ماڻھو مان ڪردار کي ڪڍي ڇڏجي ته ان ماڻھوءَ جي قيمت ٽڪي جي نٿي رھي ۽ ھي ڪھاڻي ان ڳالھه جو سوڳنڌ کڻي ٿي.

مون ڪٿي پڙھيو ھيو ته، ”علم ۽ عمل ۾ ڳانڍاپو ھجڻ ضروري آھي“. جيڪڏھن توھان جو علم، توھان جي عمل مان ظاھر نٿو ٿئي ته توھان ڀلي اُٺ جيترا ڪتاب پڙھيا ھجن، ان مان ڪو فائدو ناھي. ان وقت، توھان کان ھڪ اڻ پڙھيل به ڀلو آھي، جنھن وٽ علم ته ناھي، پر عمل سٺا آھن. اڄڪلھه ماڻھن جو ڪثير تعداد، تعليم يافته آھي، گھڻن کي ته علم جي نشي وڏو تڪبر ڏنو آھي، جنھن سبب، اھي اڻ پڙھيل ماڻھن کي گوڏ جو گاھ سمجھن ٿا، پر علم.تڪبر نه بلڪ نھٺائي سيکاريندو آھي. ڇو جو وڻ اھو جھڪيل ھوندو آھي، جنھن ۾ ميوو ھوندو آھي. باقي گھڻائي اڻ لاڀائتا وڻ، ڪنڌ اُڀو ڪيون بيٺا آھن، جيڪي نه ڇانوَ ڏين نه ميوو .

”ھائوس وائيف“ ڪهاڻي ھڪ اڻ پڙھيل عورت جي سچائي ۽ اعليٰ ظرفي ۽ ان جي دک درد کي بيان ڪري ٿي. مان سمجھان ٿو ظرف گھڻي پڙھڻ سان نه، بلڪ پرورش ۽ تربيت سان ايندو آھي ۽ ھيءَ ڪھاڻي ان ڳالھه جي ساک آهي ته ڪيئن پڙھيل لکيل ماڻھو، ڳالھيون ته وڏيون ڪندا ۽ عورت جي حقن جي ڳالھه ڪندا آھن، پر جڏھن انھن جي پنھنجي گھر ۾ ڏسجي ته ڪاري وارا ڪک ھوندا آھن .

ھيءَ ڪھاڻي به پڙھيل لکيل جاھلن جي بند ذھن ۽ ننڍڙي سوچ کي ظاھر ڪري ٿي.

ڪھاڻي ”اندر جي عدالت“ ۾ ھڪ سٺو موضوع کنيو ويو آھي. محبت، جنھن کي ڪيترن ئي ليکڪن ۽ شاعرن، پنھنجي پنھنجي انداز ۾ بيان ڪيو آھي، محبت ئي دنيا جو واحد موضوع آھي، جنھن کي گھڻو لکيو ۽ پڙھيو ويو آھي. ھتي به ڪھاڻيڪارا اھو موضوع کنيو آھي ته ڪيئن پيار ۾ اڄڪلھه جا نوجوان، تڪڙا فيصلا ڪري، پنھنجي خاندان وارن جي ھيڏن سالن جي انتظار، پالنا، پرورش ۽ عزت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏين ٿا. پر ڪھاڻيڪارا ھن ڪھاڻيءَ ۾ محبت ڪندڙن کي ھڪ نئون گس ڏنو آھي، جيڪو قرباني جو آھي، جنھن سان ٻن خاندانن جي عزت ۽ آبرو تي به حرف نٿو اچي ۽ محبت به پنھنجي معراج تي پھچي ٿي.

ھر دؤر جون ڪھاڻيون پنھنجي دؤر جي گھرج مطابق ھونديون آھن. ڊاڪٽر ريحانه نظير جون ڪھاڻيون بلڪل اڄ جي دؤر جون گھرجون آھن. اھڙيون ڪھاڻيون روز پنهنجي چوڌاري گھڙجندي ڏسون ٿا. ڇا ”مايا“ ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار مايا، اڄ جي فاطمه ڦرڙو جو استعارو نه آھي. اھو ھڪ ڪھاڻيڪار، پنھنجي ڪردارن ذريعي ٻڌائيندو آھي ته سماج ۾ ماڻھن سان ڪيئن رھڻ گھرجي

”ٽِڪ ٽاڪ گرل“ ۽ ”اندر جي عدالت“
ڪھاڻين جا مجموعا، ھن سماج جي اوڻاين اڻ برابري، جنسي اڻ برابري، دقيانوسي ريتن رسمن، جن جي اھميت ماڻھوءَ جي زندگيءَ کان وڌيڪ آھي، تن کي پرزور طريقي سان رد ڪري ٿو. ليکڪا جا هي ڪھاڻين جا ڪتاب، عورت جي تڪليفن پيڙائن، ڏکن ۽ جذبن ۽ ان جي وڏي قد ڪاٺ ھجڻ جو دستاويز (
Document) آھن

آخر ۾ مان ڊاڪٽر ريحانه نظير لاءِ اھي لفظ چوندس ته خدا اوھان جي ڏات کي اوج ڏئي، جيئن اسين اوهان جي پاران تخليق ٿيل وڌيڪ سٺيون ڪھاڻيون پڙھي سگھون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org