سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون ڊسمبر 2024ع

باب:

صفحو:2 

صائمه منگي

لوڪ گيت- لوليءَ جو مختصر اڀياس

 

دنيا جي ڪابه قوم، لوڪ گيتن جي خزانن کان خالي نه آهي. ملڪن ۽ قومن جو هيءُ اهو عظيم ورثو آهي، جيڪو سيني به سيني هڪ نسل کان ٻيءَ نسل ڏانھن منتقل ٿيندو رهيو آهي. انھيءَ ڪري هر خطي جي لوڪ گيتن ۾ اُتان جي سماجي ۽ تھذيبي ارتقائي تاريخ جا دستاويز قلمبند هوندا آهن ۽ انھيءَ مان هر علائقي جي ماڻھن جي مخصوص روايتن، ذهني لاڙن ۽ قومي مزاج جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

لولي، سنڌي لوڪ گيت جو هڪ قديم قسم آهي، جنھن کي هندي، اردو ۽ پنجابي ٻولين ۾ ”لوري“، بلوچي ٻوليءَ ۾ ”ناز/نيڪ“ انگريزي ٻوليءَ ۾ ”Lullaby“ ۽ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ”لولا“ چون ٿا، دراصل لفظ ”لولا“ جو بنياد ”لل“ معنى کيڏائڻ آهي ۽ هن ڌاتو مان ظاهر ٿئي ٿو، ته لولي ٻار کي کيڏائڻ وارو گيت آهي.

لولي، دنيا جو پھريون لوڪ گيت تسليم ڪيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته انسان جڏهن هن ڌرتيءَ تي اچي ٿو، ته ان کي پهرين پيار ماءُ جو ملي ٿو. ماءُ پنھنجي اولاد جي ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ جهونگاريندي آهي ۽ ٻار کي پينگهي ۾ لوڏيندي، لولي ڏيندي آهي. اها حقيقت به آهي، ته لولي ماءُ جي اظھار جي جذبن سان جڙي، پنھنجو وڏو سفر ڪري، اڄ تائين اسان جي سماج ۾ رائج آهي.

ماءُ، جڏهن لوليءَ جو آلاپ جهونگاريندي آهي، ته الستي عشق جو درياءُ ڇوليون هڻندو آهي. ڪائنات جا دلڪش رنگ ۽ روپ حسين لڳندا آهن ۽ وڻن ۽ پکين ۾ سُريلو ساز جنم وٺندو آهي. انھن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ سان، دل کي روحاني راحت ۽ ذهن کي سُڪون محسوس ٿيندو آهي.

ڌڻي تعاليٰ امڙ جي مِٺڙي زبان ۾ پنھنجي ٻچي لاءِ اهڙا ته محبت جا موتي رکيا آهن، جو هميشه بلڪ پل پل اولاد کي خوشيءَ سان دعائيه ۽ شعر گوئي جي لفظن جا خزانا ارپي ڇڏيندي آهي ۽ ننڊ ڪرائڻ جي لاءِ پينگهي يا گوڏي تي ميٺاج ڀريل لوليءَ جا ٻول پُڪاريندي پُڪاريندي، لوڏيندي لوڏيندي سُمھاريندي آهي.

ماضيءَ ۾ جڏهن جتن ۽ همسايه قبيلن جا ماڻھو، واپار سانگي، اُٺن يا ٻين جانورن تي ڪاروان جي صورت ۾ ڏيھه توڙي پرڏيھه ڏانھن، راتين جون راتيون ۽ ڏينهن جا ڏينھن سفر ڪندا هئا، ته لوڪ گيتن جا مختلف قسم باالخصوص لولي ڳائيندا هئا. پنڌ کي آسان ۽ وڻندر بڻائڻ لاءِ ۽ وري ونيون پنھنجي وَرَن کي پاڻ کان ڏور محسوس ڪرڻ تي ۽ پنھنجي مَنَ کي تسلي ڏيڻ لاءِ لوليون چونديون هيون.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پنھنجي پي. ايڇ. ڊي. ٿيسز ”لوڪ ادب جو تنقيدي جائزو“ ۾ لکيو آهي، ته لوليءَ جا مکيه چار قسم آهن.

جھڙوڪ: جيجل لولي، روايتي/مجازي لولي، شاعراڻي لولي ۽ واقعاتي لولي.

انھن چئن لولين جو مختصر تعارف مثالن سان هيٺ پيش ڪجي ٿو.

جيجل لولي: جيجل معنى امڙ. ماءُ جيڪا پنھنجي اولاد کي لولي ڏيندي آهي. عورت جڏهن ماتا جو  رُوپ ماڻي ٿي ۽ پنھنجي ٻار سان جيڪو پيار ڪري ٿي، اهو دراصل فطري عمل آهي. اونھاري جا گرم وڏا ڏينھن، سياري جون ڊگهيون سرد راتيون هوندي، به پنھنجي ٻارڙي کي آرام ڪرائڻ لاءِ جيڪو نغمو آلاپيندي آهي، تنھن کي ”جيجل لولي“ چئجي ٿو. مختلف ٻولين مان لوليءَ جو هڪ بند مثال طور هيٺ ڏجي ٿو.

سنڌي لولي:

بسم الله ست، تو ۾ الله جي برڪت،

بسم الله جي رتي، توکي واءُ نه لڳي تتي،

توکي ڪوسا نه لڳن جهولا،

رب ڏيکاري نه ڏينھن اولا.

سرائڪي لولي:

الله ڏتا ٻچڙا، جهولي تي ٻھڻ والا،

پينـــــــــــگهي دي لـــــــــــڏي والا،

سڪندر دي بختان دا، ثاني ڀي تونھئين،

سچا ٻانھا ربّ دا، جاني ڀي تونھئين،

تـــــــــــون قـــــــــــرآن پـــــــــــڙهڻ والا،

جهـــــــــــولي تـــــــــــي ٻـــــــــــھڻ والا،

پينـــــــــــگهي دي لـــــــــــڏڻ والا.

بلوچي ٻولي:

لولي منهنجي لاڏلي ٻچي کي،

منهنجا لال مٺي ننڊ سمھي رهه،

خـــــــــــدا ڪـــــــــــري منھنجو گـــــــــــل،

پنھنـــــــــــجا هٿيـــــــــــار سنڀـــــــــــالي.

هندي (سنڌي ٻولي ۾):

پُٽ پھلوان ٿيندي، مايا ۾ مھروان ٿيندي،

گڻي وڏو گنواڻ ٿيندي، ديالو دياوان ٿيندي،

اهـــــــــــا لال لـــــــــــولي ڏيـــــــــــانءِ،

اهـــــــــــا لال لــــــــــــولي ڏيـــــــــــانءِ.

روايتي مجازي لولي:

سُھاڳڻ پنھنجي ڪانڌ کان هرگز پرڀرو نه ٿيڻ لاءِ روايتي/مجازي لولي چوندي آهي. ان جي وڇوڙي جو تَنَ کي ساڙيندڙ گرم هوائون، جڏهن لڳنديون اٿس، ته پيار مان پنھنجي دل جون اُهي ڪيفيتون، لوليءَ جي صورت ۾ پُڪاريندي آهي. ماضيءَ ۾ اڪثر سمنڊ جو سفر، سوداگر ڪندا هئا. انھن جي ٻيڙن ۽ بتيلن جي ڇوڙڻ ۽ هلائڻ جو دارومدار هوا جي رخ سبب ٿيندو هو. جي هوا نه لڳي ته ڏينھن جا ڏينھن، هفتن جا هفتا ۽ مھينن جا مھينا بندرگاهن تي بيٺا رهندا هئا ۽ پوءِ جيڏانھن هوا لڳندي هئي، تيڏانھن سفر شروع ڪندا هئا.

لولي ڙي، الله! جانب لولي ڙي،

ويندا جو پياهين، ويندئين ٻانھا  مريندا،

ويندا جو پياهين، ٽڪو رات اُٿاهين،

سج لٿا جو ويندو، وڃ ٽڪسو ڪٿانھين،

سائين لولي ڙي لولي.

ويندا جو پياهين،تي ڏي هٿ وچ ڪھاڙي،

قسم هيئي خدا دا، ول آوين پوڃاڙي،

ڍولڻ لولي ڙي لولي.

ويندا جو پئين، ڏني ويندائين لڙائي،

مين جو ڪٽسي جان، تيڪون خبر نه ڪائي،

بگا لولي ڙي لولي.

سھاڳڻن جا ڪانڌ، موٽڻ ۾ ڪافي ڏينھن لڳائيندا هئا، ته پوءِ انھن جي خيريت سان ماڳ تي موٽڻ لاءِ باسون باسينديون هيون ۽ لوليون چونديون هيون. مٿين ڏنل لوليءَ ۾ جُدائي جو عڪس نمايان نظر اچي ٿو.

شاعراڻي لولي:

سگهڙ اڪثر لوليءَ ۾ خدا تعالى ۽ سندس محبوب حضرت مُحمّدُ ﷺ جن جي سِڪَ ۽ اُڪِير جي عڪاسي ڪندا آهن ۽ حقيقي عشق جي لئون لڳل هوندي اٿن. انھيءَ کي لوليءَ جي صورت ۾ آلاپيندا آهن.

منهنجا سُونهارا سردار،

سُڻُ ڪا گوليءَ جي گفتار،

ڪر نه مون کي پاڻان ڌار،

ڇو ته آئون آهيان لاچار،

آهيـــــــــــان تـــــــــــو آڌار.

واقعاتي لولي:

هن ڌرتيءَ تي هر هڪ صديءَ ۾ ڪجهه سُورهيه ۽ بھادر پيدا ٿيندا رهن ٿا. جن جي سُورهيائيءَ ۽ بھادريءَ جا قصا ۽ داستان، لوليءَ جي صورت ۾ ڳايا يا لکيا ويندا آهن. انھن کي واقعاتي لولي چئجي ٿو. قديم زماني ۾ هڪ مشھور واقعو آهي ته عارب ماڇي نالي هڪ شخص ڏاڍو دلير جوان هو، جيڪو هڪ جهيڙي ۾ شھيد ٿي ويو. ان جي غم ۽ ڏک ۾ نُوران نالي هڪ عورت سدائين روئيندي هئي ۽ هيٺين لولي وڏي آواز سان درد مان چوندي هئي،

عارب جي هوندي، نوران پڙو هنڍايو،

عارب مري ويو، نوران نوران ويس مٽايو،

جانب لولي ڙي.

انڙ جي ڪڙ تي، نوران لٽا ٿي سٽي،

اُهي جايون ڏسي، نوران رت پئي روئي،

سُھڻا لولي ڙي.

’ميرن پيرن‘ جو لڳو پاڻ ۾ تنازعو،

جنھن عارب ماريو، تنھن جو نه هوندو ڪفن، نه پڙهبو جنازو،

دلبر لولي ڙي.

واقعاتي لوليون، سنڌ جي مھا ڪوي شيخ اياز به لکيون آهن. جن کي پڙهڻ ۽ ڳائڻ کان پوءِ من مستيءَ ۾ موهجي، مدهوش ٿي پوي ٿو ۽ تَنَ جي تندُ، سازن سان تڙپندي ۽ جُهومندي رهي ٿي. سندس فهم، فراست، لهجي، اسلوب، ٻوليءَ ۽ تخليق ڪرڻ جو انداز، منفرد ۽ لکڻ جو سُھڻو نمونو آهي. احساساتي رنگن، فني، حسناڪيءَ، حقيقي اُپٽار سان گڏوگڏ، لفظي روانگيءَ جو به لوليءَ ۾ ڪمال درجي جو آرٽ موجود آهي. مثال طور هيٺ ٻه لوليون لکجن ٿيون.

(1)

منھنجيءَ ڇاتيءَ ڇولي وو!

لولي وو! لولي وو!

لالڻ منھنجا، لولي!

اهڙي ٻولي ڪابه نه جهڙي ٻاروتي جي ٻولي وو!

لالڻ منھنجا، لولي!

سنڌڙيءَ جھڙي سينڌ نه ڪنھن کي، تنھنجي ڌرتي ڍولي وو!

لالڻ منھنجا، لولي!

جنھن ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جو واسو، آءٌ انھي جي گولي وو!

لالڻ منھنجا، لولي!

مون جهڙي ڪا جهولي وو!

لولي وو! لولي وو!

لالڻ منھنجا، لولي!


 

(2)

لوليون،

او ابا!

لوليون! لوليون!

شال دولھه ٿئين، شال دودو ٿئين!

شال سورهيه ٿئين، شال سنڌ تي سِر ڏئين!

لوليون، او ابا!

لوليون! لوليون!

سو اسان مان نه آ، جو جيئي جٺ ۾،

گهاءُ ڪو تو ڏٺو پيءُ جي پُٺ ۾؟

لوليون،

او ابا!

لوليون! لوليون!

سنڌ جي سڏ تي شال گهوريون وڃين!

ڪاڪ وهندي رهي تون ڪڪو ريو وڃين!

لوليون،

اَبا!

لوليون! لوليون!

 

مددي ڪتاب:

(1)  لوڪ ادب جو تنقيدي جائزو، ليکڪ: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

(2) وڄون وسڻ آيون، شاعر: شيخ اياز.

 

پروفيسر رشيده ڀٽي

 

 

 

 

 

مڪئي جو سنگ ۽ اُن جا فائدا

 

Text Box: صحت
 

 

مڪئي جو سنگ، ان کي انگريزيءَ ۾ ڪورن (Corn) اردوءَ ۾ ڀٽا ۽ پنجابيءَ ۾ ڇليا سڏجي ٿو.

 

هيءَ غذائيت سان ڀرپور، نھايت خوش رنگ ۽ ذائقيدار قدرتي نعمتن منجهان هڪ اعليٰ درجي جي نعمت آهي، جنھن جو استعمال نھايت ئي فائديمند ٿيندو آهي. هن کي اسان مختلف طريقن سان استعمال ڪري سگهون ٿا. جن منجهان ڪجهه هيٺ ٻڌائجن ٿا: مزي جي ڳالهه اها آهي ته هن کي مختلف طريقن سان استعمال ڪرڻ سان، نه صرف ذائقو، لذت ۽ سواد مختلف ٿي وڃي ٿو، پر لذت سان گڏوگڏ، افاديت پڻ وڌي ٿي ۽ فائديمند ثابت ٿئي ٿي. سڀ کان پھريان اهو ڏسنداسين ته هن ۾ ڪهڙي قسم جون ”غذائي“ معدنيات(Minerals)  يعني پروٽين، سڻڀ، ڪاربوهائيڊريٽس، اسٽارچ (Starch)، فائبر (Fiber)، ۽ لپڊس (Lipids) وغيره موجود آهن.

هاڻي اچو ته ترتيبوار هڪ هڪ شيءِ جو جائزو وٺون ته آخر الله تعاليٰ، هن ۾ ڪھڙا قدرتي غذائي خزانا لِڪائي رکياآهن. اسان جڏهن آڳاٽي زماني ۾ اِها ساڳي شيءِ واپرائيندا هياسين ته اُن مھل سڀني عام ماڻھن کي اِن جي قدرتي طور تي لڪيل خزاني، جيڪي ڪيميائي تجزين ۽ تجربن کان پوءِ سائنسدانن کي مشاهدن ۽ تجربن دوران نظر آيا آهن، تن کان بخوبي واقف ٿيا ۽ خبر پئجي سگهي ته ڪيئن نه الله تعاليٰ انسانن مٿان پنھنجن بيشمار نعمتن سان نوازش ڪئي آهي.

سنگ (Corn)جو ڪيميائي تجزيو ڪرڻ بعد هيٺين جزن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.

(1)   ڪاربوهائيڊريٽس (Carbohydrates) ستر کان اَسي سيڪڙو (70-80%) موجود آهن. جن ۾ اسٽارچ، (Starch)، يعني ته نشاستو، سيليولوس (Cellulose)، هيمي سيليولوس(Hemi Cellulose)  موجود آهي، توهان سڀني لاءِ ان ڄاڻ جو هئڻ لازمي آهي ته ڪاربوهائيڊريٽس به ٽن قسمن جا ٿين ٿا، جن جا نالا مٿي ذڪر ڪيل آهن.

(2)  ٻي نمبر تي اچي ٿي لحميات يعني پروٽين (Proteins)، جيڪا سنگ ۾ (8-10%) سيڪڙو موجود آهي. پروٽينس پڻ ٽن قسمن جون ٿين ٿيون. زين (Zein)، گلوٽين(Glutein)  ۽ البيومن (Albumin).

(3)  لِپڊس (4-5%) (Lipids) هي پڻ ٻن قسمن جا آهن: ٽراءِ گليسرائيڊس (Triglycerides)، فاسفولپڊس (Phospholipids).

(4)  فائبر (2-3%) Fiber هيءُ پڻ ٽن قسمن جا ٿين ٿا، سيليولوس (Cellulose)، هيمي سيليولوس (Hemi cellulose) ۽ لئگنن (Lignin).

(5)   موئسچر، گهميل، گهم، آلو، آلاڻ (Moisture)  (14-16%)يعني ته پاڻيءَ جي ذرات جي موجودگي، توهان ڏٺو هوندو ته سنگ، ڪيترن تھن اندر لڪيل هوندو آهي، ۽ مٿس سنھا سنھا وار چنبڙيل هوندا آهن. الله تعاليٰ جي قدرت ۽ شان ڏسو ته ڪهڙي نموني قدرتي حفاظت ٿيل اٿس.

(6)  معدنيات (1-2%) (Minerals)  هن جا ٻه ٽي قسم آهن: فاسفورس (Phosphorus)، پوٽيشيم (Potassium)، مئگنيشيم (Magnessiuon).

(7)  وٽامنس (Vitamins): هي پڻ ٽن قسمن جون آهن:

ٿائمين (Thiamin)، فوليٽ (Folate) ، وٽامن اِي (Vitamin E).

هاڻي اچو ته تفصيل سان ڏسجي ته نشاستو ڇا آهي ۽ هن ۾ ڪھڙا ڪھڙا  ڪيمائي جزا موجود آهن:

(A) اسٽارچ ڪيمسٽري (Starch Chemistry).

(i) نشاستو،  ايمائلوس(20-30%) Amylose  

(ii) لائينر (Linear)، هيءُ پاڻي اندر حل پذير ٿيندو آهي.

(ii) ايمائلو پروٽين (70-80%) (Amyloprotein)

        هيءُ پاڻيءَ اندر جذب نه ٿيندو آهي، ۽ سنھي سنھي ڄار وانگر پکڙيل هوندو آهي.

 (B)پروٽين جو ڪيميائي تجزيو  (Protein Chemistry)

(i) زين (50-60%) (Zein)، هيءُ به پاڻيءَ اندر جذب نه ٿيندو آهي، يعني ته پاڻيءَ کان ڊڄندڙ جزا هوندا آهن Hydro Phobic, Watar in Saluble

(ii) گلوٽين (20-30%) (Glutein)، لچڪدار ۽ پاڻيءَ اندر جذب نه ٿيندڙ. (Elatic, Water-in soluble)

(iii) البيومن (10-20%) (Albumin)، هي پاڻيءَ اندر جذب ٿيندڙ آهن، يعني ته واٽر سوليوبل (Water Soluble)

(C) لپڊ ڪيميائي تجزيو (Lipid Chemistry)

ٽراءِ گلاءِ سيمرولس (Tri glycerols)

(i) ٽراءِ گليسرائيڊس (80-90%)(Triglycerides)

(ii) فاسفولپڊس (10-20%) (Phospholipidis)

فاسفيٽاءِ ڊاءِ ڪولائين (Phosphatidy Chiline)

فاسفيٽيڊاءِ ليٿانولمائين (Phosphyatdy Lethanolamine)

مٿي ذڪر ڪيل ڪيميائي تجزئي کي پڙهڻ بعد اسان کي بخوبي اندازو ٿي ويو آهي ته مڪئي جو سنگ ڪيتري قدر اهميت جو حامل آهي.

ڀرپور ”غذائيت“ فراهم ڪندڙ، سنگ جي، لذت ۽ ذائقي جو جائزو وٺڻ به لازمي آهي، هاڻي اچو ڏسجي ته جڏهن اسان مختلف طريقن سان اُن کي پچايون ٿا ته ڪيئن نه مختلف ذائقا حاصل ٿين ٿا.

(1)   پاڻيءَ منجهه اوٻارڻ: اُٻريل سنگ جو کائڻ ۾ سواد مِٺو، نرم گرم ۽ بيحد وڻندڙ محسوس ٿيندو آهي.

(2)  اوٻاريل سنگن کي سادي طريقي سان به کائي سگهجي ٿو ۽ وري داڻا ڪڍي الڳ الڳ ڪري، پليٽ تي رکي، مٿان چاٽ مصالحو ۽ ليمي جو رس وجهي، ذرو لوڻ ۽ ڳاڙها ڪُٽيل مرچ وجهي کائجي ته مزوئي ٻيو ٿي ويندو. چٽ پٽا سنگ کائڻ جي لذت ئي نرالي ٿي ويندي آهي.

(3)  هاڻي اچو ته سنگ منجهان ”ڦُلا“ ٺاهيون، تمام آسانيءَ سان ٺھي ويندڙ اڇي رنگ جا ڦُلا، جيترو لذت بخش هوندا آهن، اُن کان وڌيڪ غذائيت بخش ۽ صحت بخش هوندا آهن. سنگ کي خالي ديڳڙي منجهه رکي، ڪجهه دير چُلهه تي رکڻ کان پوءِ ڪجهه وقت ٺڪاون جا آواز اڀرندي محسوس ٿيندا، جيڪي پوءِ آهستي آهستي سنگ جا داڻا ڦولجي وڏا ٿيڻ کان پوءِ هڪدم آواز گهٽائي ويندا آهن ۽ پچي راس ٿي ويندا آهن.

اهڙيءَ ريت هي طريقا ته آهن روزمره جي زندگيءَ ۾ سنگ کي کائڻ  جا. ان کان علاوه سنگ جا داڻا ڪڍي، فريز ڪري رکجن ته ڪورن سوپ (Corn Soup) بيحد فرحت بخش ۽ ذائقيدار سوپ ٺاهي، استعمال ڪري سگهجي ٿو. مڪئي جا داڻا، سلاد وغيره سان گڏ استعال ڪجن ته نھايت بھترين فائدو حاصل ٿيندو. بک لڳڻ جي صورت ۾ مڪئي جي سنگ کي سڌوسنئون باهه تي سيڪي/گرم ڪري پچائي، اُن مٿان ليمي جي رس ڪڍي لڳايو ۽ ٿورو لوڻ ۽ مرچ ڳاڙها، ذائقي موجب لڳائي استعمال ڪجي ته مڪئي سنگ تمام مزيدار، چٽ پٽو ۽ لذيذ لڳندو.

ڏسجي ته مڪئي جو اٽو به نھايت مفيد هوندو آهي. مڪئي جي ماني به بيحد لذيذ ۽ هلڪي ٿيندي آهي، وزن گهٽائڻ ۾ مڪئيءَ جو اٽو توڙي داڻا نھايت اهم ڪم ادا ڪن ٿا. جيئن ته هن ۾ ڪئلوريز تمام گهٽ آهن، انڪري مڪئي جا داڻا، هر صورت ۾ جلد هضم ٿي وڃن ٿا ۽ وزن کي گهٽائڻ سان گڏوگڏ، بک کي مِٽائڻ جو به ڪم ڪن ٿا. موسم جي حساب سان مڪئيءَ جا سنگ، سال جي ڪافي مھينن تائين موجود هوندا آهن. مڪئي جو سنگ، سنڌ ۾ عام جام واپرايو وڃي ٿو.

عام طور تي ”صحت“ جي حوالي سان ڳالھه ڪجي ته اينيميا (Anemia) ۽ ڪوليسٽرول ليول (Cholesterol) وغيره کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿو. هن جي کائڻ سان اکين جي روشني وڌي ٿي. بيٽا ڪيروٽين جي هجڻ ڪري، وٽامن اي (Vit: A) به وڌندي رهي ٿي. فائبر هجڻ ڪري، هاضمي جي سرشتي کي ڪنٽرول ڪري ٿو. قبض ڪشا آهي، فولڪ ايسڊ جي موجودگي هئڻ ڪري پڻ رت وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. گڏوگڏ، وارن ۽ چمڙيءَ جي ”صحت“ کي پڻ تازگي بخشيندڙ آهي.

مڪئي جو سنگ (داڻا)، بھترين ايپيٽائيزر بوسٽر جو ڪم ڪن ٿا، جيڪڏهن ڪو ماڻھو ڪثرت کان پوءِ جيستائين ڪجهه بريڪ فاسٽ يا لنچ کائن، اُن کان اڳ مڪئيءَ جو سنگ باهه تي گرم ڪري کائڻ سان ڪجهه دير بک تي ڪنٽرول حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڏسجي ته سنگ کي باهه تي پچائي کائڻ سان زبردست فائدا حاصل ٿين ٿا.

حامله خواتين (Pregnant Woman) لاءِ ته (Sweet Corn) جيڪي تمام ڪچڙا ۽ ننڍڙا هوندا آهن، تن جو استعمال نھايت مفيد هوندو آهي. خاص طور تي جيڪڏهن خواتين منجهه (رت جي ڪمي) يعني اينيميا وغيره جو انديشو وڌيڪ نظر اچي ته پوءِ ننڍڙا مڪئيءَ جا سنگ، رت وڌائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا، انڪري ننڍڙا مڪئي جا سنگ وڌيڪ مھانگا به هوندا آهن.

مٺي مڪئي (Sweet Corn) جي سنگ جا بيشمار فائدا آهن، جيڪي مختصر طور هيٺ ڏجن ٿا: 

هاضمي جي سرشتي کي درست ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ڪينسر جھڙي موذي مرض کي روڪڻ ۾ مدد ڪن ٿا، دل جي بيمارين کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪن ٿا، قبضيءَ جو خاتمو آڻين ٿا. فولڪ ايسڊ کي وڌائين ٿا، وڌيل وزن کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪن ٿا، يادداشت کي وڌائڻ ۽ دماغي ڪم ڪار کي نارمل رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

حامله خواتين کي ضروري طور تي (Sweet Corn) کائڻ کپن، جيئن ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي سٺو اثر پئجي سگهي، ٻار جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪندي، ماءُ جي غذائي ضرورتون پڻ پوريون ٿين ٿيون، عام طور مڪئيءَ جو سنگ تازو تازو ڪچڙو، جنھن کي (Sweet baby Corn)سڏيو وڃي ٿو. کائڻ ۾ بيحد لذيذ ٿيندو آهي ۽ فائدو پڻ بيشمار ڏي ٿو.

سو گرام مڪئي، تازي ۾ خشڪ ٿيل مڪئيءَ جي اٽي ۾ مختلف ڪئلوريز موجود هوندا آهن، هنن ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ هوندا آهن، جيڪي انسان جي ٻاهرين چمڙيءَ کي ترو تازه رکڻ ۾ مدد ڪندا آهن.

مڪئي جي اٽي ۾ ٽرپٽوفين (Trptophane) وڌيل هوندو  آهي، انڪري جيڪڏهن مختلف ٻئي اٽي جي ٿوري مقدار يعني ته ڪڻڪ جو اٽو، ٻاجهر جو اٽو، جَوَن جو اٽو، هنن سڀنيءَ کي هڪ جيتري مقدار ۾ گڏي استعمال ڪبو ته وڌيڪ فائدو حاصل ٿيندو، تازا تازا مڪئيءَ جا سنگ، اوٻاري کائجن، توڙي باهه تي پچائي کائجن يا وري ٻاڦ ڏيئي ”ڦُلا“ ٺاهي استعمال ڪجن، اُنھن تي چاٽ مصالحو لڳائجي يا وري ڦُلن تي ماکيءَ جو چمچو لڳائي کائجي، مطلب ته جنھن به طريقي سان پچائي، رڌي کائجي، هر صورت ۾ هر حال ۾ فائدو ئي فائدو ڏيندا.

گڏوگڏ اسان بيبي ڪورن (مڪئي جا سنگ) کي ڪجهه وقت لاءِ فريز يعني ٽن يا ڇهن مھينن تائين رکي سگهون ٿا، ان لاءِ اسان کي مڪئي جي سنگ کي اوٻاري پوءِ ٿڌو ڪرڻ گهرجي. پوءِ صاف شفاف پلاسٽڪ جي ٿيلھيءَ ۾ ويڙهي، فريزر ۾ رکڻو پوندو، باقي موسم جي حساب سان تازه مڪئيءَ جا اوٻاريل سنگ، سڀني کان وڌيڪ فائدو پھچائيندڙ آهن، مڪئي جي سنگ کي کير سان واپرائي سگهجي ٿو. مڪئي جي سنگ جي چانھه ٺاهي پيئڻ به وڌيڪ فائديمند آهي.

ڪارن کي بيبي يا سوئيٽ ڪارن (Sweet Corn)، ان لاءِ سڏيو وڃي ٿو، جو اُهي پنھنجي شروعاتي واري عمر ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن. اِنھن بيبي ڪارن يعني ته ننڍڙن ننڍڙن تازن مڪئيءَ جي سنگن اندر بيشمار غذائي جزا موجود هوندا آهن، جيڪي خاص طور تي ”صحت“ ۽ تندرستيءَ لاءِ نھايت فائديمند هوندا آهن. ڪجهه خاص صورتحال ۾ جڏهن رت جي ڪمي وغيره ٿي پوي ته بيبي ڪارن جو استعمال تمام گهڻو فائدو پھچائيندا آهن. ڪارن سِلڪ سنگ، جيڪي اندران سونھري سنھڙن وارن سان ڍڪيل هوندا آهن. تازه استعمال ۾ آڻجن ته ان مان، اسان کي بيشمار فائدا حاصل ٿين ٿا، اچو ته اسان تازه سنگ مڪئي جا، جن کي (Corn Silk Benefits) ڪري خاص اهميت حاصل آهي، بابت تفصيل سان معلوم ڪريون. هن مڪئي جي سنگ کي مشھور ڀاڄين منجهه شمار ڪيو وڃي ٿو.

مڪئي جي سنگ جي سونھري وارن جا بيشمار فائدا آهن، ٻَه گلاس پاڻيءَ ۾ ٻن مڪئيءَ جي سنگن جا وار وجهي، هلڪي باهه تي اوٻاريو ۽ جڏهن پاڻي اڌ رهجي وڃي ته ڇاڻي استعمال ڪريو. بلڊپريشر ۽ پيشاب جي تڪليف ۾ تمام تڪڙو فائدو پھچائيندڙ هن قهوي جو استعمال وزن کي گهٽائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿئي ٿو. سو هنن سونھري وارن کي بيڪار سمجهي ضايع ڪرڻ بجاءِ پاڻيءَ ۾ اوٻاري قهوه ٺاهي استعمال ڪجي ته نھايت بھترين نتيجا حاصل ٿيندا. تازگي محسوس ڪرڻ سان گڏوگڏ، وزن کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

(Corn is a Vegetable) مڪئي جو سنگ ڀاڄي آهي، جيڪا ننڍڙن ننڍڙن داڻن تي مشتمل آهي. اِنھن داڻن کي ميز (Maize) داڻا به سڏيو ويندو آهي، هي سيريل گرين (Cereals Grain) به سڏيا وڃن ٿا، جن منجهان، اسان کي ڪارن فليڪس (Corn Flakes) ٺھي ملن ٿا. هنن کي روسٽ ۽ بوائل ڪري سِنيڪس جي طور تي به استعمال ڪيو وڃي ٿو. اسان مڪئي جي داڻن منجهان ماني پڻ پچائي استعمال ڪندا آهيون، مڪئي جي ماني ۽ ساڳ هڪ بھترين عمده منجهند جي مانيءَ ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. هي هڪ عمده ۽ صحتمند اٽي جي طور تي ڪڻڪ جي اٽي جي متبادل طور پڻ استعمال ڪجي ٿو. اُنھن ماڻھن لاءِ بھترين ڪڻڪ جو متبادل (Wheat Substitute) طور استعمال ڪيو  وڃي ٿو. جن کي ڪڻڪ کان الرجي (Wheat Allergic) ٿي پوندي آهي، انھن ماڻھن لاءِ بھترين غذا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.

اسان هنن داڻن(Corn Seeds)  يعني منجهان (Pop Corns) پڻ ٺاهيندا آهيون، جن کي شام جي ٽائيم تي سنيڪ (Snake) طور استعمال ۾ آڻيندا آهيون، هنن داڻن منجهان تيل (Oil and Corn Starch) يعني ته مڪئي جي داڻن جو تيل ۽ نشاستو به ٺاهيندا آهيون.

هاڻي اچو ته ڏسون ته مڪئي جي سنگ اندر ڪھڙا ڪھڙا معدنيات، سڻڀ ۽ ڪاروبائيڊريٽس وغيره موجود آهن. اهم غذائي جزا هيٺين ريت موجود آهن:

164 گرام مڪئي جي سنگ اندر 177 ڪئلوريز، ڪاربو 41g، ۽ 5.4g پروٽين موجود هوندا آهن.

وٽامن هن ريت موجود آهن:  پوٽيشيم، آئرن، زنڪ، مئگشينم، فاسفورس، ۽ سيلينم، هن منجهه تمام گهڻو فائبر پڻ موجود آهي. فوليٽ، وٽامن (C) ۽ (E) ۽ (A) بيٽا ڪيروٽين(Beta Carotein)  وغيره تمام گهڻي انداز ۾ آهن.

مڪئي جو سنگ وزن کي گهٽائي ٿو، بلڊپريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو، مڪئي حامله خواتين کي صحت بخشي ٿو، دِل جي مريض کي شفا بخشي ٿو، ڪوليسٽرول کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو، آنڊي جي ڪينسر کان بچائي ٿو. اسان جي توانائي ۾ واڌ آڻي ٿو، صحتمندانه زندگيءَ ڏانھن روان دوان ڪرڻ ۾ بھترين ڀاڄي، جنھن کي عام طور تي ڀاڄيءَ وانگر پچائي نه، پر شام جو ۽ بک لڳڻ مھل سنيڪس طور استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ پنھنجي بدن جي قوت کي قائم دائم رکڻ سان گڏوگڏ، اسان جي رت کي وڌائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

رت جي ڪميءَ واري بيماري، جيڪا دراصل بيماري نه هوندي آهي، پر عام تمام گهڻي آهي يعني ته ”رت جي ڪمي (Anaemia)“ ان صورتحال کي تمام سھڻي طريقي سان ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

اسان جو پيارو مڪئي جو سنگ، جيڪو غذائي ۽ شفائي افاديت سان گڏوگڏ، ڏسڻ ۾ پڻ نھايت خوش رنگ، خوش نما ۽ خوبصورت گل وانگر ٽِڙي پوي ٿو، جيئن جيئن اُن جي کل (Layers) کي آهستي آهستي هٽائجي ٿو ته اندر خوبصورت سونھري وارن سان ڍڪيل قدرتي طور محفوظ انداز ۾ ويڙهيل نظر ايندا آهن، اسان مڪئي جي سنگ کي ڌيان ۽ توجهه سان خشڪ ڪري فريز به ڪري سگهون ٿا. ڏسجي ته اِها هڪ اهڙي واحد ڀاڄي جي قسم جي ”غذا“ آهي، جنھن کي پچائڻ ۽ کائڻ جا بيشمار طريقا رائج آهن، ۽ هر طريقو پنھنجي طور تي الڳ الڳ ذائقو ڏي ٿو ۽ فائدو پڻ ڏي ٿو.

ڏسو ته الله تعاليٰ هڪ مڪئي جي سنگ اندر ڪيترا نه لاتعداد قدرتي فائدا لڪائي رکيا آهن، جيڪڏهن اسان پنھنجي علم ۾ اضافي سان گڏوگڏ، مختلف شين جو جائزو وٺندا رهون ۽ منجهن پوشيده غذائي فائدن سميت گڏوگڏ، دوائي ۽ شفائي گڻ به جاچيندا رهون ته هوند، اسان پنـھنجي صحت ۽ تندرستيءَ کي بھترين بڻائي سگهون ٿا.

الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته مون توهان کي زندگيءَ جو انمول تحفو عطا ڪيو آهي، اُن کي سنڀالي ساري، حفاظت سان گذاريو ۽ ڪا مشڪل اچي ڪڙڪي ته پوءِ اُن جو سدِباب ڳولڻ اسان تي فرض آهي،. بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ علاج معالج ڪرڻ ۽ اُن بعد علاج جي دوران دوائن منجهان فائدو حاصل ڪرڻ کان پوءِ لڳاتار پنھنجي زندگيءَ کي بھتر بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهڻ نه صرف فرض آهي، پر اسان جي صحت ۽ تندرستيءَ لاءِ نھايت ضروري آهي. مڪئي جو سنگ اسان کي پنھنجي ”صحت“ کي تازگي ڏيڻ (Corns, Healthy Benefits) لاءِ ضروري استعمال ڪرڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org