سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون ڊسمبر 2024ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

 

سوچ ويچار

 

قادر پنھنجي قدرت سين، قائم آهي قديم!

 

منهنجي خيال ۾ ته زندگيءَ جا ڏک، ڏولاوا، سک ۽ سهنج ڪجهه ماڻهوءَ جي پنهنجي عمل جي ڪري به  هجن ٿا. بيشڪ قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهي قديم.“ سو ان قادر جي ڏسيل واٽ تي هلڻ سان، بندي تان ڪيترائي بار لهي پون ٿا. اهو رب پاڪ اسان جي شهه رڳ کان ويجهو آهي، ته پوءِ ان کي پري ڇو سمجهون! سچ پچ قدرت جي فرمان تحت زندگي گذارڻ ڏاڍي سکي سولي ۽ سهنجي آهي. جيڪڏهن تن کان وڌيڪ من اُجرو رکجي ته اها من جي اجرائپ، روشن ڪرڻو بڻجي، چهري تي نور جا تجلا پيدا ڪندي. عبادت انسان کي هڪ ترتيب ۾ رکي ٿي، انسان کي انسان هجڻ جو رتبو ڏياري ٿي، اشرف المخلوقات واري شرف تي عمل ڪرائي ٿي. ماڻهو پاڻ ٻئي انسان جي حقن کي تحفظ ڏيڻ وارو پيدا ٿي پوي ٿو. جڏهن ماڻهو انسانيت واري احساس سان سرشار ٿئي ٿو ته پوءِ اهو فطرت جو هڪ اهم ۽ انمول حصو بڻجي پوي ٿو ۽ اهو هڪ ئي ماڻهو ٻين ڪيترن انسانن لاءِ ڀرجهلو بڻجي وڃي ٿو، بلڪ اهو سماج جي لاءِ مشعلِ راهه بڻجي، اڳواڻي ڪري ٿو.

هيءَ دنيا اهڙن ئي عظيم انسانن جي دم سان آباد آهي. اهو به فطرت جو قانون آهي ته جيڪو ٺڪر ٺهيو آهي، سو هڪ ڏينهن ضرور ڀڄندو! ڪيئي آيا، ڪيئي ويا هليا، بس انسان جو عمل ۽ ڪردار رهجي ٿو وڃي. زندگي خوش گذارڻي هجي ته ان کي اخلاق سان گذارجي. پاڻ کي اهڙو ٺاهجي جو زمانو مثال ڏئي. هر سٺي عمل جو اهو فائدوآهي ته انسان جو پنهنجو اندر خوش رهي ٿو. من مطمئن رهي ته تن به تندرست توانو ۽ جاذبيت سان سرشار رهي ٿو. اهڙي باوقار شخصيت بڻجي معاشري جي بهبودي ۽ ڀلائيءَ لاءِ جنبي وڃجي! چڱائيءَ جو سلو چڱائي آهي. برائيءَ جو صلو برائي! جيڪي دنياوي علم آهن جيئن سائنس، سماجيات، نفسيات وغيره سڀني ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي ته صحتمند سوچ، پاڪ خيال، اعليٰ عمل ئي هر انسان کي دائمي خوشي بخشي ٿو. اهو سڀ ڪجهه انسان جي وس ۾ آهي ته پنهنجي باطن کي ۽ ظاهر کي پاڪ ۽ شفاف رکي. قومن ۽ معاشرن جو ٺاهيندڙ ۽ سنواريندڙ انسان ئي آهي. جهڙو انسان اهڙو سماج! انڪري هرهڪ کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي، پاڻ کي پرکڻ ۽ جاچڻ گهرجي! اهڙي عمل جي شروعات پاڻ کان ئي ڪرڻ گهرجي.

انسان کي گهرجي ته ٻين پاڻ جهڙن انسانن جو خيرخواهه هجي! سندن مددگار، صلاحڪار، رهنمائي ڪندڙ ۽ هڏ ڏوکي هجي. باقي ڪنهن به ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي مشڪل بڻائڻ يا کيس تڪليف ڏيڻ، انسانيت جي ذمري ۾ نٿو اچي. بلڪ اشرف المخلوقات جي فڪري جوهر کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان يقيناً ٻئي جهان موچارا ٿي پوندا.

رب پاڪ ته هر بندي جو والي وارث آهي، جيئن شاهه سائين فرمايو آهي:

اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي،

قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهي قديم،

والي واحد وحده رازق رب رحيم،

سوساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم،

ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جي.

 

پڙهندڙ ساٿيو: ماهوار رسالو ”سرتيون“ ڊسمبر 2024ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي، پرچو ڪيئن آهي، پنهنجي راءِ کان ضرور آگهه ڪندا. اوهان لکندڙن/ پڙهندڙن جي تعاون ۽ سهڪار سبب ”سرتيون“ گذريل 35 سالن کان باقاعدي شايع ٿيندو رهي ٿو. اميد ته اوهان جو ساٿ هميشه جاري و ساري رهندو.اوهان جي تجويزن تعريفن ۽ تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي!

سنڌي ادبي بورڊ ٽيئي رسالا وقتائتا شايع ڪرڻ، ناياب ڪتاب ڇپائڻ سان گڏ، اداري جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اهڙي ڪاميابين جو سهرو سنڌ جي سر موڙ شاعر، اديب ۽ سياستدان جناب مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ جن کي سونهين ٿو، جن جي ايامڪاريءَ دوران اداري جو هر شعبو پنهنجي ڏيک ۽ ڪم ۾ منفرد لڳي ٿو. ان کان سواءِ ڪتاب ڊجيٽلائيز ٿي رهيا آهن، لئبريريءَ جو موجود رڪارڊ کي جائتو ڪرڻ جو ڪم هلي رهيو آهي. ”شهيد بينظير ڀٽو تحقيقي هاسٽل“ جو ڪم هلي رهيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تحقيقي لئبرريءَ قائم ڪرڻ جون ڪوششون وٺي رهيا آهن، هن عظيم انسان تي سنڌ کي فخر آهي.

 

گلبدن جاويد

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

 

ماني ۽ ٽِڪي اٿلائڻ لاءِ ڪم ايندڙ ’ٽِڦِڻي‘ سنڌ ۾ ڪافي نالن سان سڃاتي ويندي آهي، جيئن: ’ٽه- ڦَڻي‘، ’وارِڻِي‘، ’وَرڻِي‘، ’وراڻِي‘، ’ورائِڻِي‘، ’ڇيتِ‘، ’ڇيتِي‘،’ڇِپيتِ‘، ’اُٿلاڻو‘، ’کُرپِي‘، ’ڪُرفِي‘، ’کُرپيو‘، ’انبِي‘، ’پَلٽو‘، ’ٺِپڻِي‘، ’ٽِپِڻِي‘، ’چَپَرَ‘. هيءَ لوهر جي ٺھيل اهڙي وٿُ آهي، جيڪا هر گهَر جِي سونھن ۽ گهرج رهي آهي. گهر جي رڌڻي ۾ جيڪڏهن ٽِڦِڻِي نه هوندي، ته گهر ڌَياڻيءَ کي چين نه هوندو. جيستائين لوهر جي هَٽَ تان گهرائي رکبي نه، تيستائين، رڌپچاءُ وارو ڪم ئي اڌورو هوندو. هاڻي کڻي مشينن ذريعي، اسٽيل، ڪاٺ يا پلاسٽڪ جون وَٿُون اچي ويون آهن، پوءِ به سنڌي گهرن ۾ ٽِڦڻي اوس هوندي.

ساهتي پرڳِڻي ۾ ٽِڦِڻِيءَ جو اچار، زيرُن/ ڇوٽي سُر (short vowel)  ۽ ي معروف/ ڊگهي سُر (long vowel) سان ٿو اچي، پر لاڙ جي پاسي، ان کي ’ٽِڦَڻِي‘ (ڦ تي زبر) سان ٿو اچارجي. هن لفظ کي ٽه- ڦَڻي به ڪوٺيندا آهن، جنھن جي مراد ’ٽن ڦَڻين واري‘! ڦَڻي، ڦھليل مُنھن کي ٿو  چئجي، ٻي مراد ’منھن‘ به اٿس، انھن مُنھَنِ کي ڪنڊون به چئي سگهون ٿا. يعني ٽن مُنھن واري‘، جنھنڪري ’ٽه- ڦَڻي‘ ڪوٺجي ٿي. اهو ته ٿيو لفظ جو چيرُ ڦاڙُ، پر جڏهن ٻٽو لفظ گڏجي ويندو آهي ته اعرابن جي مَٽَ ٿيندي آهي، ان لاءِ معياري ٻوليءَ پٽاندر ’ٽِڦِڻِي‘ جمع ’ٽِڦِڻيُون‘ مناسب آهي.

ٽِڦڻي، سنڌ جو پراڻو گهرُو هٿڻُ آهي، جيڪو ’مھين جي دڙي‘ مان به مليو آهي. يعني اڄ جيڪا ٽڦڻي ڪم آڻجي ٿي، اها اسان جي پراڻي سڀيتا جو هڪ ڳانڍاپو آهي. هيءَ وٿُ اهڙي ته گهر گهر عام آهي، جو هن تي ٻاراڻيون پروليون به ٺھيل آهن، جيئن: ’گهر گهر ۾ بُولِي مائِي‘، ڀڃڻي: ’ٽِڦڻي‘. مزي جي ڳالھه ته لوهر جڏهن ٽڦڻي ٺاهي، تيار ڪندو آهي ته پڇاڙيءَ ۾ ٽڦڻيءَ جي لوهي ڳنيءَ جي ڇيڙي کي وَڪڙُ ڏيئي، ڪَڙو ٺاهي، ان ۾ گول ڇَلو وجهندو آهي. اهو ان لاءِ ته ڪم ڪار ڪري، ڌوئِي اگهِي، ڪنھن ڪوڪي يا ڪِليءَ ۾ ٽنگي ڇڏجي. ٽڦڻيءَ جي ڇيڙي ۾ ٺاهيل ڪڙي ۾ جيڪو ڇلو پئي ٿو، سگهڙ ان کي زائفان واري ’بولي‘  سان ڀيٽي، اڌارو ڪم آندو آهي.

ٽڦڻيءَ جي جڙاوت ايئن ٿيندي آهي ته هڪ نرم لوهه جي ٽڪري کي، سَٽي ڪُٽي، هڪ پاسي ان جو ڌارَ وارو منھُن ٺھندو، جنھن کي ٻه ڪنڊون ٿين ٿيون. ان جي پاسن کان گولائي، شباڻڪي ڪھاڙيءَ وانگر بيھاربي آهي. ٽڦڻيءَ جي ڌارَ واري مُنھن جِي ماپ وڌ ۾ وڌ چار انچ رکي ويندي آهي. ان جي ٽِين ڪنڊ، ٽڦڻيءَ جي لوهي ڳنيءَ سان مليل رکبي. جتي ٽين ڪنڊ گم ٿيندي، اتي پاسن کان ٻه ننڍڙا اڌ گول بيھاربا آهن، جنھن کي ٽِڦِڻيءَ جي ’ڦَڻِ‘ ٿو چئجي. ان ڦَڻِ جي هر هڪ پاسي جي ماپ اڌ انچ کن رکي ويندي آهي. ڳنيءَ جي هڪ پاسي ٽڦڻيءَ جي ڌارَ جو مُنھن ٿيندو، ته ڳنيءَ جي ٻئي ڇيڙي کي ٿورو موڙ ڏيئي، وچُ ڪري، ڇَلو وجهبو. ان کان مٿان، ٽن انچن جي ماپ رکي، لوهه کي ڌڪ هڻي چپترو ڪبو، ته جيئن ان هنڌ ’هٿيو‘ ڏسڻ ۾ اچي. هٿيي لاءِ الڳ سان ڪابه ڪاٺي نه لڳندي. ٽڦڻيءَ جي ڪل ماپ ٿلھي ليکي، فوٽ کان ڏيڍ فوٽ بيھاريندا آهن، پر گهڻي ڀاڱي تيرهن انچ رکي ويندي آهي. ان کان وڏي ٽڦڻي مزو به به نه ڪندي ۽ فوٽ کان ننڍي به بي سُري لڳندي. باقي مختلف ڪمن ڪارڻ، ان کان وڏيون ٽڦڻيون به ٺھنديون آهن، جيڪي ريڙهين وارا وڏن توَن تي ڪم آڻيندا آهن.

بيھڪ ۾ اڳيان ٻه ڪنڊون، ڪنڊن جي پاسن کان ٿوري گولائي، يعني ٽڦڻيءَ جي ڌارَ جون ڪُنڊون ٿورو ٽڙيل هونديون. ٽين ڪنڊ وڃي لوهي ڳَنيءَ ۾ گم ٿي ويندي. جتي ٽين ڪنڊ گم ٿيندي، اتي پاسن کان سونھن خاطر ننڍڙا پلوَ ٿا رکجن، ڄڻ سندس ڪَنَ هجن!  ٽڦڻيءَ جي ڌار به اهڙي رکي ويندي آهي، جو کرپيءَ وانگر جتي هڻجي ته کُرچي وٺي. ان لاءِ تَئي جي ڪاراڻِ کي به ٽڦڻيءَ سان رهڙي صاف ڪري وٺبي آهي.  ڳنيءَ پاسي بُولِي پاتل هوندس. جنھن کي ڪٿي به ٽنگي سگهجي. تڏهن ته ان تي اهڙي پرولي بيھاري اٿن.

ان ڳالھه جو گهڻو خيال رکيو ويندو آهي ته ٽڦڻي ڪم آڻڻ مھل، ايتري گرم نه ٿئي، جو هٿَ کي گرم لڳي. ان لاءِ گهرو ٽڦڻي وڌ ۾ وڌ ڏيڍ فوٽ رکي ويندي آهي. هونئن به ٽڦڻيءَ کان  گهڻو لاڳيتو ڪم نه وٺبو آهي، نه ته اهڙي گرم ٿي ويندي، جو هٿَ لائڻ ئي نه ڏيندي. سدائين سَرهي ۽ ٻھڪندي پئي، ان لاءِ ته هن جو لاڳاپو ئي سڻڀ سان آهي. جيڪڏهن ٻه ٽي ڏينھن ويھي ويئي، ته مُنھن جو رنگ ئي مَٽجي ويندس ۽ ڪَٽُجي ويندي. ان لاءِ سگهڙ زائفون، هر ڏهاڙي پيون ڏسندس ته متان ناسي ٿئي! جيتري ڪاراڻ رهندس، اوتري پئي ٻرندي.

ٽڦڻيءَ جو ڪم بس ايترو هوندو آهي ته تَئي يا دانگيءَ تان ماني ورائڻي آهي، ته ماني ورائي، وري پاسي رکي ڇڏبي. اها ورائڻ واري ڪِرتِ ڪارڻ ان کي وراڻي/ وارڻِي به چئجي ٿو. يعني ٽڦڻيءَ جو گهڻو ڪم ورائڻ وارو آهي. ماني ٽِڪي ٺھي ته ٽڦڻيءَ کان ڪم وٺبو. يعني ديڳڙي يا هنڍيءَ سان، ان جو لاڳاپو ئي ڪونھي، گهڻو تڻو تئي سان!

اڳي جيئن ڪنھن سڄڻ کي صلاح ڪبي هئي ته چئبو  هيو ته ’ماني ٽِڪي کائي وڃو‘، اها ماني ٽِڪِي ٺھندي ئي تَئي ۽ دانگيءَ تي! ماني ته کڻي دانگيءَ تي ٺھي، باقي ’ٽِڪِي‘ ته دانگيءَ تي ڪونه ٺھندي. ٽڪِي، ٺھندي آهي، دال جي بيسَڻ مان، جنھن کي پڪوڙو به چئجي. ايئن سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن تَئيءَ ۾ تيل يا گيھه گرم ڪري، بيسڻ جي مسالي جو ذرڙو وجهبو وڃبو، ته تَرجي، جيڪو نڪرندو، ان کي پڪوڙو چئبو، پر جيڪڏهن ساڳيو مسالو، تَئي تي ٿورو گيھه يا تيل هاري، ننڍڙا پيڙا وڃبا وجهبا، ۽ ٿورو ناسي ٿيڻ تي ٽڦڻيءَ سان اٿلائي، مٿان ٽڦڻيءَ جي چَٻَ ڏبي، ته ويھي ٽڪِي ٿي ويندا. ان کي اٿلائي پٿلائي، جڏهن ڪڙڪ ڪري وٺبو، ته انھن مان هرهڪ کي ٽِڪِي سڏبو. اڳي وارا مالوند ماڻھو/ هاري ناري گهڻي ڀاڱي پنھنجي اُپايل شين تي ڀاڙيندا هيا، ان ڪارڻ ٻيو ڪجهه نه هوندو ته بيسڻ، اٽو، گيھه/ تيل ۽ لوڻ مرچ ته هوندو! کير، ڏڌ يا مکڻ جي ويل نه هوندي ته اهي شيون ته هونديون. پوءِ مھمان کي ٽِڪيءَ سان ماني کارائي وٺبي. اهڙن کاڌن تيار ڪرڻ ۾ ٽڦڻي ئي هوندي آهي، جيڪا مھل ڪندي.

ٽِڦِڻِي اهڙو هٿڻ آهي، جنھن جو لاڳاپو تَئي يا فرائي- پان/ لوهانڊي سان آهي. لوهانڊو ته ٿورو ڏونگهو ٿئي ٿو، ان ڪارڻ ان ۾ گيھه يا تيل جو زيان گهڻو ٿو ٿئي، پر تَئي تي، ٿورو گيھه جو مَکُ ڏيئي، ڪابه شيءِ تَري وٺو. واڱڻ ٿيو، ٻٽالُو ٿيا، ڀينڊيون ٿيون، مڇي ٿي، جنھن شيءِ لاءِ دل ڪري، تَري وٺو، پر ٿورڙي گيھه يا تيل ۾! ان کي اٿلائڻ پٿلائڻ يا تيار ڪري لاهڻ، ٽڦڻيءَ جو ڪم آهي. ٽڦڻي، انھن شين کي تَري کان ئي پٽي، اٿلائي وٺندي. تَئي تي ڪنھن به شيءِ کي ڄمڻ يا چنبڙڻ ته ڏيندي ئي ڪونه! اتي چمچي يا ڇُريءَ جي جاءِ ئي ڪونھي.

امڙ، ڪڻڪ جي اٽي مان ٻن نمونن جا ، مِٺا ۽ کارا ”چِلا“ ٺاهيندي هئي، ته ان جي اٿلائڻ پٿلائڻ ۾ ٽڦڻيءَ جو ڪم گهڻو هيو. اهي چِلا پوءِ مون پاڻ به ٺاهيا، جيڪي گهڻي ڀاڱي ڪاڙهي جي ڏينھن ۾! ڏينھن وڏو ٿئي، پَڪي منجهند کان پوءِ، دل چوي ته ڪجهه کائجي، پوءِ امڙ وانگر ئي چلا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو هيم. کنڊُ، پاڻيءَ ۾ ملائي، ان کان پوءِ وڃبو، ٿورو ٿورو ڪڻڪ جو اٽو ملائبو، لوڻ به سھائيندڙ وجهبو ۽ هٿن سان گهمائبو. پوءِ تئي تي گيھه جو مَکُ ڏيئي، اهو پٽڙو مادو، وَٽي وغيره مان اوتي، آڱر جو اوگهُه ڏيئي، پوءِ تَئي تي اوتيل مادي کي وڃبو، چيچن سان ٽيڙبو، تان جو گولائي بيھي ويندس، ۽ چِلي ۾ هنڌان هنڌان ننڍڙا ٽُنگڙا نڪري بيھندا. ان وچ ۾ چِلي جي ڪَنَن کان ٿورو ٿورو گيھه جي ڳاڙَ اوتبي وڃبي، ته جيئن تئي تي چُنبَڙَ نه ڪري. جڏهن مٿان ٿورو ڪچُ نه رهندس، ته پوءِ ٽڦڻِيءَ سان اٿلائي کڻي ٻيو پاسو ڏبو. ايئن وڃبس اٿلائبو، ته جيئن سڙي به نه، ۽ پچي پورو ناسي ٿي وڃي. ان پچيل چِلي ۾ هيٺيون ۽ مٿيون پاسو به نيارو ٿي بيھندو آهي. پنڊي يا پليٽ تي رکڻ لاءِ اهو به ڌيان ڏبو آهي ته رکڻ مھل ابتو ته نه رکجي ويو! چِلي جي ابتي پاسي، اهڙا ته گولَن مٿي گولَ ڏسڻ ۾ ايندا، ڄڻ ته پلڪار سان ڪي چِٽَ ڪڍيا ويا هجن. باقي مٿيون پاسو ته ڊِٻَڙ ڊِٻَڙ ڏسڻ ۾ ايندو.

اهو ته ٿيو، مِٺو چِلو، وري ايئن ئي کارو ٺھندو. ان لاءِ سڌو پاڻيءَ ۾ اَٽو وجهي، لوڻ سان چَھرو ڪري، ريٻِڙو ٺاهي، ساڳئي نموني ٽڦڻيءَ جي مدد سان ٺاهبو، ۽ لاهڻ مھل مٿان مِٺائي/ مُستي ٻرڪبس. ان چِلي جو وري پنھنجو سَواد آهي. منھنجي گهَر ۾، ٻار ريچَڪ تي چڙهندا ته مون سان اَنگلُ آرو ڪندا ته ’ابا، اهو ڳُڙَ واري مِٺائيءَ وارو چِلو ٺاهي ڏي، پوءِ ماڻھننِ جو به اهڙو پُورُ ڏسي، ٺاهي ڏيندو آهيان. بس پوءِ مان پچائڻ وارو، ٻار کائڻ وارا، کُٿو نه پڄان!

گهر ۾ جوئر جي مانيءَ جو مان ڪوڏيو، امڙ جو هٿُ ته سبحان الله، پر وري به گهر واريءَ کي منٿ ڪندو آهيان ته جوئر جي ماني پچائي ڏي، پوءِ ويچاري پچائي ته ڏيندي، پر ان جي بيھڪ ۾ اهو رَسُ چَس نه هوندو. پوءِ پچائي ڏيندي به، ۽ مٿان اهو به هر هر پئي چوندي ته بس هاڻي جھڙي تھڙي کاءُ! مان چوندو آهيانس ته اها ته تنھنجي مھرباني جو پچائي ٿي ڏئين، مانيءَ کي ته سواد ۾ ڏسبو، شڪل صورت ته نه ڏسبي، پر پوءِ به ويچاري اندر اندر ۾ پئي ڦِڪِي ٿيندي. جڏهن ته مون ڪڏهن به گهر ۾ مانيءَ تي ڪروڌ نه ڪيو آهي، ته هيءُ ڇا ٺاهيو اٿئي، هيئن ٺاهين ها، جيڪو مليو بسم اللّـہ!

سو گهر ۾ ٽڦڻي به هوندي آهي، ته ماني ڦھلائڻ لاءِ ٺڪر جي ٿَڦِڻِي / وٽِي به آهي؛ مٿان کليل منھن ٿيندو اٿس، جنھن ۾ ٿورو پاڻي به رکبو آهي، جيڪو جوئر جي مانيءَ تي گهمائڻ لاءِ ڇنڊو به هڻبو وڃبو آهي. هاڻي ته جوئر جي پوکي ئي گهٽجي ويئي، تڏهن ته ٽِڦڻي تان به بار گهٽجي ويو. جوئر يا ٻاجهريءَ جي ماني ڦھلائڻ لاءِ گهڻي ڀاڱي ٽِڦڻيءَ کان ڪم نه وٺبو آهي. اهو ڪم چِلَن ڀيري هٿ جي چيچن سان ڪبو ۽ جوئر ٻاجهريءَ جي مانيءَ ڀيري ٿَڦِڻِيءَ / وٽيءَ سان ڪبو. اهو ڍنگ سڀن وٽ عام آهي. ڪڻڪ جي مانيءَ ۾ ڳَڀُ ٿئي ٿو، جنھنڪري ان جو ڪَنو پڪڙي به اٿلائي سگهجي ٿو، پر جوئر يا ٻاجهريءَ جي مانيءَ ۾ ’ڳَڀُ‘ ته ٿئي ڪونه، ان لاءِ ٽِڦڻي زنده باد! ٽڦڻي آهي ته ننڍڙي وٿُ، پر جڏهن تَئي تي ڦھلايل وڏي مانيءَ کي اٿلائبو آهي، خاص طور جوئر، ٻاجهري يا چانورن جي ماني، ته ان ويلي ٽڦڻي ڄڻ ته پوري ٿالهيءَ وانگر ڦھلجي ويندي آهي ۽ مانيءَ کي سَولائيءَ سان اٿلائي وٺندي آهي.

جتي چِلي ۽ جوئر جي مانيءَ ۾ ٽِڦِڻي ڪم ايندي، اتي سڻڀو اوڦراٽو ۽ بُسري به ٽِڦِڻِيءَ کانسواءِ ڪونه ٺھندي. اوڦراٽي ۾ گيھه جهجهو ڪم آڻجي ٿو، جڏهن تَئي تي گيھه ڪم آڻبو ته ٽِڦِڻِيءَ کي اڳواٽ ئي سنڀالي رکبو. ايئن ئي بُسريءَ ۾ به ٽڦڻي پئي لَمڪا ڏيندي. بسري اڌ گول واري هجي، يا ٻه- پُڙي هجي، ٽڦڻي جي اٿلاڻيءَ کانسواءِ تيار ئي نه ٿيندي. بسريءَ ۾ وزن ٿئي ٿو، جيڪڏهن اسٽيل يا ڪاٺ جي ٺھيل وراڻي ڪم آڻبي ته بسريءَ جو وزن ئي نه  سنڀالي سگهندي، رهندو پئي وائڙي ٿيندي. سچ ته، ان ڳالھه ۾ ٽِڦِڻِيءَ جو ڪو مَٽُ ئي ناهي.

 ٿانوَ به اڌارا ڏبا آهن، ديڳڙيءَ واري ڏوئِي يا چمچو به وقتي ڏيئي ڇڏبو آهي، پر ٽِڦِڻي اڌاري ڏيڻ ۾ زائفون لھرائينديون آهن، ته متان وقت سان نه ملي ۽ ڏکيائي ٿئي. اهو ان لاءِ ته لاچار ڏوئِي يا چمچي کانسواءِ ٽڦڻيءَ کان ڪم ڪڍي وڃبو، پر ٽڦڻيءَ جو ڪم ڏوئي يا چمچو نه ڪري سگهندو. ٽِڦڻي هوندي ته سراسر لوهه جي، پر ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته هلڪي باهه تي ڪا شيءِ پئي تربي ۽ ٽڦڻي تَرَ وارين شين جي ڳاٽي تي پئي هوندي، هر هر لاهي، پاسي تي به نه رکبي، ان صورت ۾ ’نَنھن سوسِڙِي‘ به ٿي ويندي آهي، پر هٿ ڪونه ساڙيندي.

گهر جي رڌڻي ۾ جتي ٻيا هٿَڻ پيا هوندا اتي، ٽڦڻي لازمي هوندي آهي، پر شھرن ۾ ان جي جاءِ تي هاڻي اسٽيل جي وارڻي ڪم اچي ٿي، يا وري چپٽو به ڪم آڻيندا آهن، جنھن سان سڻڀي ماني به سَولائيءَ سان اٿلجي ٿي وڃي. ان لاءِ شھري زندگيءَ ۾ هن جو ڪارج گهٽجي ويو آهي. جڏهن ته هن نِجي لوهه جي وَٿُ سان ٺھيل ڀاڄيون يا تريل شيون صحت لاءِ به ڀليون آهن، ان سان ڄڻڪ ماڻھوءَ جي جسم ۾ لوهه جي کوٽ پوري ٿيڻ جو امڪان آهي. شھري ماڻھو ويچارا اٽو به اسپيشل کائين، ڦوڳ جو ڦوڳ، نه سگهه نه سواد! اهي ويچارا جوئر ۽ ٻاجهريءَ جي مانيءَ جي سواد ۽ گُڻ مان ڇا ڄاڻن، ان لاءِ ٽڦڻيءَ کي سڃاڻن ئي ڪونه!

اڳي جراح يا ويڄ، ٽِڦِڻيءَ جا ڏنڀ به ڏيندا هيا. اهو ڪم ڀلو  هيو يا نه  هيو، ان تي کڻي نه ڳالھائجي، پر هڪ رواج ضرور هوندو  هيو. ان کان سواءِ جسماني ٽاڪور لاءِ به ٽڦڻي ڪم آندي ويندي هئي. ڪنھن کي ڏينڀوءَ ڏنگُ هنيو يا ماکيءَ جي مَک کائي وڌو، ته ٽڦڻي اس تي رکي ان جي ٽاڪورَ ڪئي ويندي هئي. اهڙي قسم جا ساٺ سَوڻ به ٽڦڻيءَ سان ڪيا ويندا هيا.

گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٽڦڻيءَ کان اهي ڪم به ورتا ويندا آهن، جيڪي هن جي ليکي ۾ ئي نه هجن! مثال طور فرش تي ڪو رنگ ڄمي ويو، کڻ ٽڦڻي؛ ڀِتِ کي ٿورو کرچڻو آهي، وِجهُه ٽڦڻيءَ ۾ هٿُ؛ ڪنھن در يا دريءَ جو ڇوڏو لسو ڪرڻو آهي، گهُماءِ ٽڦڻي؛ شيشي يا ڪنھن لوهي چادر تي رٻڙ جا نشان ٿي ويا آهن، ڦيرِ ٽڦڻي؛ ڪنھن ميز يا صندليءَ تي گَرُ چڙهي ويئي آهي، کُرچُ ٽڦڻيءَ سان؛  مطلب تي ڪوبه کرچڻ وارو ڪم هجي، ٽڦڻي ويچاري هَڪِي تَڪِي هوندي. ان باوجود جيڪڏهن سنڌي گهرن ۾ ٽڦڻي نه هجي، ته اها ڀُل آهي.

انھن هٿن کي جس هجي، جن جي پورهيي سان، عام گهرن لاءِ اهڙي اَمُلهه وَٿُ جڙي راس ٿئي ٿي. ڌڻي نه ڪري جو اهڙي وَٿُ جو وڪرو بند ٿي وڃي ته اسان، لوهر جي مھارت وارا هٿَ، ڪٿان ڳولهينداسين. اسان کي کپي ته اهڙين شين کي ڳنھي، پنھنجن گهرن ۾ به رکون ۽ مٽن مائٽن يا سنگت ساٿ کي سوکڙي ڪري ڏيون ته هوند ان ڪم جي پٺڀرائي ٿي پوندي.

ٽڦڻي، سنڌي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ سٺي جڳھه والاري ٿي، ان لاءِ ان تي، ڀوڳ چرچا، ٻاراڻيون پروليون، اصطلاح ۽ پھاڪا وغيره جام ملندا، جنھن مان پتو پوي ٿو ته اها ننڍن توڻي وڏن وٽ سٺي ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي.

پروليون:

·       چَٽي سڻڀيون شيون، پر سدائين ڏُٻري. (ڀڃڻي: ٽِڦِڻِي)

ڀوڳ چرچو:

·       ٽڦڻيءَ مُنھون (اهڙو ماڻھو، جنھن جي کاڏي سنھي، ۽ لوڻا ويڪرا هجن، ان کي ڀوڳ ۾ چئجي)

اصطلاح ۽ پھاڪا:

·       ٽِڪڻ تي ٽڦڻي رکڻ (ڪاوڙ جو اظھار ڪرڻ- باهه ٿي وڃڻ)

·       لوهر جي گهر ۾ ٽِڦڻي ڀَڳل . (ٻين ڪاڻ ڪم ڪرڻ عيوض، پنھنجو خيال نه رکي سگهڻ)

·       گهر ۾ ٽڦڻي ڪونه، ڀري ڳالھه ڪھاڙيءَ جي ڪبي. (گهر جا حال پورا سارا، ٻاهر لئي ڏيکاربي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org