سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون آڪٽوبر/ ڊسمبر 2020ع

باب:

صفحو:4 

    زاهد ڪنڀار

 

 

 

ڪانگ

 

ڪانگ پکي کي جيتري شهرت اسان جي ملڪ ۾ آهي اوتري عزت ۽ شهرت ٻين ملڪن ۾ به مليل آهي، هن پکي کي هر شخص سڃاڻي ٿو، دنيا جي سڀني ملڪن ۾ ڏٺو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. پوءِ اهي علائقا سرد هجن يا گرم، پهاڙي هجن يا ڀٽون، هن پکي کي هر جاءِ تي ڏٺو ويو آهي، هي پکي ايترو قديم آهي، جيتري انساني تاريخ.

اسان جي ملڪ ۾ ٻن نمونن جا ڪانگ رهن ٿا، هڪ هموار زمين وارو ڪانگ، ٻيو پهاڙي ۽ ريگستاني ڪانگ، انهن جي رنگ ۽ روپ ۾ ڪافي فرق آهي، هندوستان ۾ ٽن نمونن جا ڪانگ رهن ٿا. بنگلاديش ۾ ٻن قسمن جا ڪانگ رهن ٿا، بنگلاديش جو قومي پکي ڪانگ آهي، آمريڪا ۾ 22 قسمن جا ڪانگ رهن ٿا. يورپ جي ڪافي ملڪن ۾ اڇي رنگ جا ڪانگ ملن ٿا، جن جي چهنب به اڇي ۽ پير به اڇا. مطلب ته سڄوئي اڇو ڪانگ نظر اچي ٿو، يورپ جي ليکڪن ٽن قسمن جي ڪانگن تي ڪتاب لکيا آهن، هڪ وائيٽ ڪُرو، ٻيو بليڪ ڪُرو  ۽ ٽيون فِش ڪُرو.

اسان جي ملڪ ۾ ته اڇو ڪانگ نه آهي، پر هڪ پهاڪو موجود آهي ته ”اُتي وڃي ڇڏيندوسانءِ، جتي اڇا ڪانگ.“

دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ڪانگ کي قاصد واري حيثيت مليل آهي.

هن کي سياڻو ۽ سوڻي پکي سمجهيو ويندو آهي، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ به هن کي شاعرن تمام گهڻو ڳايو آهي.

 

ڪانگ جا نالا:

(1) ڪانگ ڪانءَ (2) ڪانگڙو (3) ڪانگل (4) ڪانگيلو (5) ڪاگا (6) هاڏو (7) غراب (8) ڪوا (9) کلاغ (10) زاغچھ (11) بده (12) زاغ (13) ڪُرو (14) ڪانگڙا (15) کيانتا

ڪانگ جي مادي جا نالا:

(1) ڪانولي (2) ڪانگڙي (3) هاڏي ۽ ٻين ڪيترن نالن سان سڏيو ويندو آهي.

حڪمت جي ڪتابن ۾ ڪانگ جي اهميت:

 هي مشهور پکي ڪاري ۽ اڇي رنگ جو ٿيندو آهي. گوشت قوت باهه لاءِ تمام مفيد ترين آهي، جلندر يرقان، سرسام جنوني ماليا خوليا، فالج ۽ لقوه لاءِ تمام فائديمند آهي، ڪانگ جو پتو ماکيءَ ۾ حل ڪري سرمي جيان پائڻ اکين ۾ ڌنڌ، خارش، ڦُلي ۽ نظر لاءِ مجرب آهي. ڪانگ جو رت ڪوڙهه ۽ چِٽيءَ جي لاءِ به تمام مفيد ترين آهي.

ڪانگ جي کنڀ جي اهميت:

قديم زماني ۾ ڪانگ جي کنڀ کي قلم طور استعمال ڪيو ويندو هو. وڏن کان به شاگرد وڌيڪ استعمال ڪندا هئا، انهيءَ ڳالهه جي ثابتي اڄ جي درسي ڪتابن ۾ ملي ٿي، هڪ ”نظم“ نموني طور ڏني وڃي ٿي:

پيسو لڌم پٽ تان، پيسي جو ورتم گاهه،

گاهه ڏنم مينهن کي، مينهن ڏنو کير،

کير ڏنم امڙ کي، امڙ ڏنو لولو،

لولو ڏنم ڪانءَ کي، ڪانءَ ڏنو کنڀ،

کنڀ ڏنم راجا کي، راجا ڏنو گهوڙو،

چڙهي گهُم، چڙهي گهُم.

آب حيات جي ڪهاڻي:

 چون ٿا ته سڪندراعظم بادشاهه وڏي ڪوشش ۽ محنت کان پوءِ آبِ حيات جو چشمو وڃي هٿ ڪيو، انهيءَ مان هڪ جام ڀري کڻي آيو، اهو جام جڏهن پيئڻ لڳو تڏهن هڪ ڪانگ جهپو هڻي اهو جام هاري ڇڏيو، سڪندراعظم تمام گهڻي ڪاوڙ ۾ اچي سڀني ڪانگن کي جهلرائي، هڪ لوهه جو وڏو پڃرو ٺهرائي، سڀني ڪانگن کي قيد ڪري ڇڏيائين، ۽ هڪ حامله عورت کي به انهيءَ پڃري ۾ وڌائين، انهيءَ عورت جي ڳالهائڻ تي پابندي هئي، وقت گذرڻ کان پوءِ انهيءَ حامله عورت کي هڪ ڇوڪر پيدا ٿيو جڏهن اهو ڇوڪرو تيرهن چوڏهن سالن جو ٿيو ته تڏهن انهيءَ عورت ۽ ڇوڪري کي لوهي پڃري مان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ ڳالهائڻ جي پابندي ختم ڪئي وئي، ڪجهه سالن کان پوءِ اهوڇوڪرو ڳالهائڻ لڳو. هُو ڪانگن جي ٻولي سمجهي سگهندو هو، سڪندر اعظم، انهيءَ ٻار کي سڏائي چيو ته انهيءَ ڪانگ کان پڇ ته منهنجي آبِ حيات وارو جام ڇو هاريو هو، ڇوڪرو ڪانگن وٽ ويو ۽ پڇيو ته اوهان مان بادشاهه جو آبِ حيات ڪهڙي ڪانگ هاريو آهي ۽ ڇو؟

ڇوڪري جي پڇڻ تي اهو ڪانگ اچي پيش پيو ۽ سڄي ماجرا ڪري ٻڌايائين، ڪانگ چيو ته ”اسان جي هڪ وڏي ڪانگ اهو آبِ حيات جو جام پيتو هو، انهيءَ کي موت ته نه آيو، جواني کان پيريءَ ۾ پهتو، کنڀ سڀئي کُسي ويس، هِتان هُتان جا پکي به چنبا هنيو ويندا هئا، نه اڏرڻ جي طاقت رهيس، نه کاڌي جي طاقت رهيس، اسين سندس پوئين نسل منجهان آهيون اسان کي اسان جا وڏا نصيحت ڪري ويا آهن ته اسين سڄو ڏينهن چوڳو پاڻي ڪرڻ کان پوءِ هن جي وات ۾ به ڪجهه  چوڳو وجهون. جانورن جي ڊپ کان اسان هن کي لقوا غار جي اندر رکيو آهي، مون ڏٺو ته بادشاهه به اُها غلطي ڪري رهيو آهي، جيڪا اسان جي ڪانگ ڪئي هئي، انهيءَ ڪري بادشاهه جو اهوجام مون هاريو.“

سڪندراعظم اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويو، ۽ وڃي اهو ڪانگ پنهنجي اکين سان ڏٺائين.

سڀني ڪانگن کان معافي وٺي انهن ڪانگن کي آزاد ڪري ڇڏيائين، چون ٿا ته اها ”لقوا غار“ اڄ به هماليه جبل ۾ آهي.

قرآن شريف ۾ ڪانگ جو ذڪر:

سوره مائده آيت نمبر 31 ۾ ڪانگ جو ذڪر موجود آهي، هن آيت ۾ حضرت آدم عليھ السلام جي ٻن پٽن هابيل ۽ قابيل جو ذڪر آهي، هي ٻئي ڀائر هئا، سڱاوتي جي تڪرار تان هڪ ڀاءُ قابيل ٻئي ڀاءُ هابيل کي ماري وڌو، هن ڌرتي تي انسان جو اهو پهريون قتل هو، لاش کي ڌرتيءَ ۾ پورڻ جي خبر ئي نه هئي، انهيءَ ڪري قدرت واري ٻه ڪانگ پکي لاٿا، جيڪي پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ هڪ ڪانگ مري ويو ته ٻئي ڪانگ پيرن سان کڏ کوٽي مئل ڪانگ کي ڌرتي ۾ پوريو، اهو سڀڪجهه ڏسڻ کان پوءِ حضرت آدم عليھ السلام جي پٽ قابيل اها رسم ادا ڪئي جيڪا اڄ تائين هلندي پئي اچي.

هندو مذهب ۾ ڪانگ جي اهميت:

هندو مذهب جي ڪتابن ۾ ڪانگ جو ذڪر تمام ججهو آهي، پر هتي هڪ ڳالهه لکجي ٿي، هندو مذهب جا ماڻهو 16 سرات جو ڏهاڙو هر سال ملهائيندا آهن، اهو ڏهاڙو بڊي مهيني جي پهرين تاريخ کان 16 تاريخ تائين ملهائيندا آهن، هن ڏينهن ۾ هندو مذهب جي هر ماڻهو کي خيرات ڪرڻي هوندي آهي ۽ اها خيرات پهرين ڪانگ پکي کي ڏيندا آهن، ڪانگ پکي کي خيرات ڏيڻ کان پوءِ انسان ذات کائي سگهي ٿو.

هندو مذهب جي چوڻ مطابق آڳاٽي زماني ۾ هن ڌرتي تي اَن جو ٻج ڪانگ ڦهلايو هو، انهيءَ ڪري هو پهرين خيرات ڪانگ کي ڏيندا آهن.

ڪانگ جو احوال:

ڪانگ پکي وڏي ڄمار جو ٿيندو آهي، انهيءَ ڪري اسان وٽ هڪ چوڻي مشهور آهي ته همراهه جي ڄمار ڪا ڪانگ واري آهي، جا کُٽي ئي نٿي. هيءَ سمورن پکين کان سياڻو پکي آهي، موجوده نيشنل جاگرافڪ جي تحقيق مطابق هي پکين ۽ جانورن کان پهرئين نمبر تي ڏاهو ۽ سياڻو پکي آهي. هن جي پيرن، پرن ۽ چهنب ۾ تمام گهڻي طاقت ٿيندي آهي، جنهن جي آڌار تي پنهنجو شڪار ڪري ٿو.

هن پکي کي حلال ۽ حرام جي تميز نه آهي، هي پکي گوشت، اَن، فروٽ، پڪل ڀاڄي کان علاوه ڪيتريون ئي ٻيون شيون هضم ڪيو وڃي، هي گهڻي کاڌي کائڻ وارو پکي آهي، هن کان بک برداشت نه ٿيندي آهي، جيئري جانور جو ماس پٽي کائڻ، ننڍن توڙي وڏن ماڻهن کان کاڌو ڦري کائيندو آهي.

هن پکي کي جيڪڏهن سُڪل ماني ملي وڃي ته هي پاڻي ۾ پُسائي کائيندو آهي، جيڪڏهن هن کي ڍوءُ هوندو ته هي کڙها رکي ان کي مانيءَ جي مٿان ڍڪي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ بُک لڳڻ تي ڪڍي کائيندو آهي.

هي خوراڪ جي تلاش ۾ اٽڪل ٻه سؤ ڪلوميٽر جو مفاصلو طي ڪري واپس پنهنجي آکيري تي ايندو آهي. ڪانگ پکين ۾ ٻڌي تمام گهڻي هوندي آهي، هي گهاٽن وڻن ۽ هوڙين ۾ رهائش پذير هوندا آهن، ۽ صبح جو شڪار مهل ٽولن جي شڪل ۾ الڳ الڳ ڏسن ڏانهن روانا ٿي ويندا آهن. ڪانگ کي اٺ نمونن جي اڏام ڪرڻ اچي ٿي. جيڪڏهن منزل پري آهي ته مٿئين پرواز تي اڏام ڪندو آهي، پر جيڪڏهن هوا سامهون آهي ته هيٺئين پرواز تي وڻن جي اوٽ ڏئي اُڏام ڪري ٿو. ٽئين آڏي پرواز ڪرڻ، چوٿين تيز پرواز ڪرڻ،  پنجين آهسته پرواز ڪرڻ، ڇهين گهتن واري پرواز ڪرڻ، ستين سڌي پرواز ڪرڻ ۽ اٺين ساهي پٽي پرواز ڪرڻ.

ڪانگ  جي ڪانولي وسڪاري جي مند ۾ آنا (بيضا) لاهيندي آهي، اهي آنا ٽيهه يا پنجٽيهه ڏينهن جي اندر ڦُٽي ويندا آهن، ڪانولي آنن تي ويهڻ کان پوءِ پنهنجي وڻ جي آسپاس نه ڪنهن ماڻهو کي سهي ٿي ۽ نه ڪنهن پکي کي سهي ٿي. ڪانگ جا ٻچا بڊي جي مند ۾ اُڏامڻ جهڙا ٿيو وڃن. ڪوئل پکي جي مادي آکيرو نه ٺاهيندي آهي، انهيءَ ڪري اها جانچ ۾ رهندي آهي ته ڪانولي ڪيڏي مهل تي کاڌي لاءِ رواني ٿئي، ڪوئل جي مادي ڪانولي جي آکيري ۾ اچي آنو لاهي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، پر جيڪڏهن بُل لڳي ويو ته ڪوئل هڪ آنو، ڪانولي جو ڪيرائي ڇڏيندي آهي، هنن ٻنهي پکين جي آنن جي جسامت هڪ جيڏي ٿيندي آهي. ڪانولي پنهنجي ٻچن سان گڏ ڪوئل جا ٻچا به نپائيندي آهي، وڏي ٿيڻ کان پوءِ ڪوئل جا ٻچا ازخود ئي الڳ ٿي وڃن ٿا، ڪانگ جي ٻچن کان ڪوئل جو ٻچو اڳ ۾ اکيون کوليندو آهي، ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪُلهو هڻي ڪانگ جي ٻچي کي آکيري مان هيٺ ڪيرائي ڇڏيندو آهي جيڪڏهن ڪانگڙيءَ نه سنڀاليو ته اُهو ٻچو هيٺ مري ويندو آهي. پر اها خبر ڪانولي کي پئجي وڃي ٿي ته مون سان دوکو ٿيو آهي، ڪوئل پکي ڪانگ پکي جو نپائج آهي، اهو اعزاز ٻئي ڪنهن پکي کي حاصل نه آهي.

بڊي جي مهيني ۾ ڪانگ کي خوراڪ جي ضرورت تمام گهڻي پوندي آهي، هڪ خوراڪ پنهنجي لاءِ حاصل ڪندو آهي، ٻي خوراڪ پنهنجن ٻچن جي لاءِ حاصل ٿو ڪري.

بڊي جي مهيني ۾ ماڻهن کان کاڌو کسي کائيندو آهي، انهي ڪري اسان وٽ چوڻي آهي ته ”ميان توسان حالت ته بڊي جي ڪانگ واري آهي.“ ڪانگ کان گرمي برداشت نه ٿيندي آهي، گرمي جي موسم ۾ ڪانگ گهاٽن وڻن ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي، ۽ ڪانگ جو وات گرمي جي ڏينهن ۾ کليل رهندو آهي.

ڪانگ اُڏامڻ وقت نظر هيٺ رکندو آهي، اهو انهيءَ ڪري جو هيٺ زمين تي ڪو چوڳو ته ڪونهي.

ڪانگ کان ڪنهن شخص پڇيو ته سهڻي ۽ پياري شيءِ ڪهڙي آهي؟ ڪانگ آکيري ۾ اچي پنهنجو ٻچو کڻي وڃي ڏيکاريو، ڪانگ چيو ته هن کان سهڻي ۽ پياري منهنجي لاءِ ڪابه شيءِ نه آهي، ڪانگ پنهنجي ٻچي کي نصيحت ڪندي چيو ته هر وقت هوشيار رهندو ڪر، جيڪڏهن ڏسين ته ڪو شخص ڀتر کڻڻ جي لاءِ هيٺ نميو آهي ته تون ڀڄڻ جي ڪوشش ڪر، انهيءَ تي ڪانگ جي ٻچي چيو ته اهو شخص پري کان پنهنجي هٿ ۾ پٿر کنيو پيو اچي ته پوءِ؟ ڪانگ چيو ته پٽ توکي سمجهائڻ جي ضرورت ڪونهي، تون اڳ ئي سمجهو آهين.

ڪانگ کي اڏارڻ لاءِ هرڪو ڪوشش ڪري ٿو، پر هن کي مارڻ جي لاءِ ڪوبه ڪوشش نٿو ڪري.

درسي ڪتابن ۾ هڪ ڪهاڻي آهي ته ننگر پارڪر واري علائقي ۾ هڪ دلي ۾ پاڻي ٿورو پيل هو، ڪانگ کي تمام گهڻي اُڃ لڳي، هن دِلي ۾ چهنب وجهي پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڻي دِلي ۾ هيٺ هو، ڪوشش ناڪام وئي، ڪانگ ڪجهه دير سوچڻ کان پوءِ ننڍڙا ننڍڙا پٿر کڻي دِلي ۾ وجهندو رهيو، ائين ڪرڻ سان پاڻي مٿي آيو، ۽ ڪانگ دِلي مان پاڻي پي پنهنجي اُڃ اُجهائي.

اسان وٽ سنڌي ۾ چوڻي آهي ته:

ڪوري، ڪنڀر، ڪڪڙ ۽ ڪانءُ،

مينهن وسندي، چئن جو وڃي هانءُ.

مذڪوره چئن جا نالا ڪاف سان شروع ٿين ٿا ۽ هنن چئن جي ڪِرت سُڪاري سان جاري رهي ٿي، جيڪڏهن مينهن وسي ويو ته هنن جي ڪِرت بند ٿيو وڃي، اهي چارئي وسڪاري مان خوش نه هوندا آهن، ڪانگ پنهنجي پرن کي ڌوئڻ جي لاءِ وهنجندو آهي ۽ پوءِ اُس ۾ پرن کي سڪائي پنهنجو پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪندو آهي.

ڪانگ تي چيل سنڌي پهاڪا:

1.   جهڙا ڪانءَ، تهڙا ٻچا.

2.  هڙ ۾ ڪجهه به ڪونهي، ڪانگن کي دعوتون ڏيندو وتي.

3.  همراهه ائين پيو اچي، جيئن چُٽي تي ڪانگ.

4.  مڙس ائين پيو لهرائي، جيئن ڪانگ لهرائي گُليل کان.

5.  همراهه ڏيڍي تي ڪانگ ويهاري ڇڏيا.

6.  همراهه سياڻو اهڙو آهي، جهڙو ڪانگ.

7.  ڀاڙين مٿان ڀت، ڪانگن ڪيرائي وڌي.

8.  ادا ڪانگن ڪهڙو ڏوهه، ڀاڙيا پڳا نٿي.

10. اتي وڃي ڇڏيندوسانءِ، جتي اڇا ڪانگ.

11. ڏاهو ڪانگ ڦاسي نه، جي ڦاسي ته ٻه پيرو.

ڪانگ تي چيل چوڻيون:

(1)     ڪولي آنا ٽي، ته پاڻي آهي جي

ڪولي آنا چار، ته پاڻي آهي تار.

(2)    ڏينهن جو ٻولي گدڙ، ته رات جو ٻولي ڪانءَ

يامري بادشاه، يا اُجڙي وڃي گانءُ.

(3)    مڙس ته ڏسو، جهڙو بڊيءَ جو ڪانءُ

(4)    مڙس کڻي، ڪانگن وارو ڪانگيرو ڪيو آهي.

(5)     ڀٽ ڏيندي ٽِٽ، سدائين ڪانگ پيا رڙندا.

(6)    هڪ چوڻي آهي ته ڪانگ کي ڀونڊو نه ڏجي، ڇاڪاڻ ته هي وڏي ڄمار وارو پکي آهي، ٿي سگهي ٿو ته ”نبي پاڪ“ جو ديدار ڪيو هجي.

(7)    ڪانگ جون ٽي خصلتون، پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪرڻ گهرجن.

1. هم بستري واري، 2. سوير اُٿڻ واري، 3. هر وقت هوشيار رهڻ واري.

(8)    ڪانگ تڙو:

پراڻي دور ۾ اَن جي کري يا بيٺل فصل تي هڪ شخص کي چوڪيدار ويهاربو هو، جنهن کي ڪانگ تڙو ڪري سڏيندا هئا، ڪانگ تڙو معنيٰ ڪانگن کي تڙڻ، هڪلڻ يا ڀڄائڻ وارو.

(9)    ڪانگ ڪنهن به شخص جو نالو ٻڌو نه ويو آهي، ها البته ماڻهن جا تخلص ٻڌا ويا آهن، جيڪي ماڻهن پاران رکيا ويا آهن.

(10)ملهه راند ۾ هڪ انگ ٿيندو آهي جنهن کي ڪانءُ بولاٽي ڪري سڏيندا آهن، جنهن ۾ پهلوان جا پير مٿي ۽ سسي هيٺ هوندي آهي، انهيءَ انگ کي ڪانءُ بولاٽي سڏيندا آهن.

چٻري ۽ ڪانگ وارو مامرو:

سڀني پکين اِها صلاح ڪئي ته هر برادري جو هڪ پٽيل مقرر آهي، جيڪو انهن جا فيصلا نبيريندو آهي، انهن جا مسئلا حل ڪندو آهي، انهي ڪري سڀني پکين صلاح ڪئي ته پاڻ به هڪ پنهنجو پٽيل مقرر ڪريون، جيڪو پنهنجا مسئلا حل ڪري.

گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ سڀئي پکي چٻري پکي تي متفق ٿيا، ته انهي کي پنهنجو پٽيل بڻائجي، ڇاڪاڻ ته هو رعبدار پکي آهي، هڪ مقرر ڏينهن تي سڀئي پکي گڏ ٿيا، چٻري پکي کي به اهو هنڌ ٻڌايو ويو، چٻري پکي ڪجهه دير ڪئي، سڀئي پکي انتظار ۾ ويٺا هئا، اوچتو ڪانگ پکي اُتان لانگهائو ٿيو، سڀني پکين ڪانگ کي سڏي سڄي ماجرا ٻڌائي، انهيءَ تي ڪانگ چيو مون کي برادري جو فيصلو منظور آهي، پر اهو فيصلو پڳ ٻڌائڻ وارو صحيح ناهي، مور ۽ طوطي ۽ ڪبوتر جهڙا، سياڻا ۽ سهڻا پکي اسان ۾ موجود آهن، چٻري جي ته ڏينهن جو نظر پوي ڪانه، 24 ڪلاڪ ڦوڪيو وتي، اهو ڪهڙا برادري جا فيصلا ڪندو، اها ڳالهه چوڻ کان پوءِ ڪانگ پکي سان گڏ سڀئي پکي اڏامي ويا ۽ اهو فيصلو ملتوي ٿي ويو.

جڏهن چٻرو پکي مقرر جاءِ تي پڳو، سواءِ هڪ پکي جي، ٻيو ڪوبه پکي ڪونه هو، چٻري جي پهچڻ تي انهي پکي سڄي ماجرا ڪري ٻڌائي، چٻرو پکي ڏاڍو ڪاوڙيو، سڀني چٻرن کي دعوت ڏئي، ڪانگ واري ڳالهه پنهنجي برادري کي ٻڌائي، انهي سڀني چٻرن صلاح ڪري، ڪانگن تي حملي ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو، رات جو جڏهن سڀئي ڪانگ وڻن ۾ سُتا پيا هئا، چٻرن جي هڪ وڏي لشڪر اوچتو ڪانگن تي حملو ڪري ڏنو، انهيءَ ۾ تمام گهڻا ڪانگ مارجي ويا، ۽ گهڻن جا پَر ۽ ڪِن جون ٽنگون ٽٽي ويون، چٻرن جي حملي کان پوءِ ڪانگ برادري ڪٺي ٿي، وڏي سوچ ويچار کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڏينهن جو چٻرن جي نظر نٿي پوي، وڻن ۾ لِڪل هوندا آهن ٻه-ٽي ڄڻا گڏجي حملو ڪريو.

اها دشمني ڪانگ ۽ چٻري واري اڄ تائين هلندي پئي اچي.

شاه لطيف رحه جي نظر ۾ ڪانگ:

دنيا جي تقريباً سڀني شاعرن پنهنجين پنهنجين ٻولين ۾ خوبصورت لفظن ۾ ڪانگ جو ذڪر ڪيو آهي؟ انگريزي، فارسي، بلوچي، پشتو، پنجابي، سرائيڪي، هندي، سنڌي، مطلب ته سڀني ٻولين ۾ سندن شاعري ۾ ڪانگ جو ذڪر ملي ٿو، پر سنڌي زبان جي شاعرن ڪانگ تي پورو هڪ سُر چئي ڇڏيو آهي، محبوب ڏانهن پيغام رساني جو ڪم، ڪانگ کان پورو پورو ورتو آهي.

شاعرن جي سرتاج حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي سُر پورب ۾ سڄو ڪانگ جو ذڪر ڪيو آهي.

جيڪڏهن لطيف سائين جي شاعري جو پورو پورو مطالعو ڪندؤ ته جڳهه جڳهه تي ڪانگ جو ذڪر ملندو، سُر سهڻي ۾ لطيف سائين چوي ٿو ته:

ڪانڌي ڪنگ ٿياس، وهڻ جنازو سهڻي،

ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪلها تن ڏناس،

اکيئين ملڪ ڏٺاس، توءِ من ڪاڍو ميهار ڏي.

سُر مومل راڻي ۾ شاه جي سورميءَ ڪاڪ محل جا ڪانگ پنهنجي محبوب جي لاءِ ڪيئن پئي اُڏاري؟ اجهو لطيف سائين هينئن ٿو فرمائي:

شمع ٻاريندي شب، پرهه باکون ڪڍيون

موٽ مران ٿي مينڌرا، راڻا! ڪارڻ رَبّ

تنهنجي تات طلب، ڪانگ اُڏايم ڪاڪ جا.

مومل پنهنجي راڻي جي لاءِ هڪ يا ٻه دفعا ڪانگ نه اُڏايا آهن، لطيف سائين جي زباني مومل چوي پئي:

ڏيا تيل ڦليل جا، ٻاريم تائين ٻانگ،

ڍوليو ڍٽ رهائيو، ڪنهن سٽاڻي سانگ،

ڪؤڙين ڀتين ڪانگ، اڏايام اچيج تون.

مومل چوي ٿي ته پرين جي سڪ ۾ هر ڏهاڙي ڪروڙين ڪانگ اُڏايا آهن.

لطيف سائين سُر سامونڊي ۾ وڻجاري جي پاران چوي پيو:

تان ڪي لئج ڪانگ، ڪڏهن ايندا مان ڳري

سيڻن ڪارڻ سانگ، مون تان گهڻي ئي ڪيا.

وڻجاري ڪانگ کان پڇي پئي ته منهنجا پرين ڪڏهن ايندا، اڃا به وڻجاري وضاحت ڪيو، ڪانگ کي چوي پئي:

اَچن اُهيئي، جن لئي ڪانگ اُڏايان،

ٻيڙين ڀُڻن ٻيڙياتا، ساجن سڀيئي،

ساريان سامونڊي سيئي، جن واهڻ کٿوري واسيا.

لطيف سائين جي زباني وڻجاري کي ڪانگ خوشخبري ٿو ڏي:

ويو ڪانگ ڪَهي، ڏيئي واڌايون وصال جون،

اِجهي سڄڻ آئيا، وڏي ٺاٺ ٺهي،

وپتَ سڀ وَهي، جي سيڻ سلامت آئيا.

سُر آسا ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي ڪانگ جو ذڪر اجهو هينئن ٿو ڪري:

اُڀرندي ئي سج، پرين جي نه پسنديون،

سي ٻئي ڪڍي ڏج، اکڙيون ڪانگن کي.

---

اکڙيون پرين ري، جي ڪين ٻيو پَسن،

ته ڪڍي کي ڪانگن، نوالا نيڻ ڏيان.

شاعرن جي سرتاج حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي سُر پورب ۾ صرف ڪانگ جو ئي ذڪر ڪيو آهي، سُر پورب جا سڀئي بيت ڪانگ تي چيل آهن. ڪانگ جو ذڪر لطيف سائين جيترو ڪيو آهي، دنيا جي ڪنهن به شاعر، ايترو نه ڪيو آهي، ڪانگ کان پيغام رساني جو ڪم سنڌ جي قديم ماڻهن جي روايت رهي آهي، لطيف سائين انهي روايت کي برقرار رکندي، ڪانگ کي چوي ٿو:

ڪري ڪانگ ڪُورنشون، پيرين پرينءَ پئيج،

آئون جو ڏيانءَ سنيها، وچ مَ وساريج،

الله لڳهه لطيف چئي ڳُجهو ڳالهائيج،

جيئن چئان تيئن چئيج کيانتا خوش هئين.

هن بيت ۾ لطيف سائين، ڪانگ کي هدايت ٿو ڪري ته منهنجو نياپو جيئن جو تيئن ڏجان، ڳالهه کي وسارجان نه ۽ پيرين پئي ڏجان.

ٻئي بيت ۾ چوي ٿو ته:

اُڏر لڳ الله! ويلو ڪَر مَ وچ ۾،

آئون جي ڏيانءِ سنيها، سي سانڍ برابر ساهه،

سندي ڳجهاندر ڳاهه، ڪَهج مَ قريبن ري.

لطيف سائين فرمائن ٿا ته منهنجو هي نياپو ساهه ۾ سانڍي وڃ، يڪي ساهي وڃ، ڪٿي به ساهي نه پٽجان، پرين کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به احوال نه ڪجان. انهي هدايت ڏيڻ کان پوءِ، هڪ ٻي هدايت ٿو ڪري:

ڪانگل! تون ڪنن ساڻ، سُڻج ڪي سنيهڙا،

نيئي ڏج محبوب کي، روئي منجهه رهاڻ،

سُڻائج سيد چئي، جي پرين پُڇڻ پاڻ،

آڻج ڪو اهڃاڻ، جو دارون ٿئي درد جو.

هن بيت ۾ لطيف سائين چوي ٿو ته، منهنجو هي نياپو، ڀري محفل ۾ چئي ڏجان، پر وري چوي ٿو ته جيڪڏهن پرين پڇن ته نياپو ڏجانءِ نه ته نه.

هڪ بيت ۾ لطيف سائين چوي ٿو ته منهنجو نياپو پرين کي هينئن ڏجان:

ڪانگل! سان ڪَنن، سُڻج منهنجو سنيهو،

چانئٺ چُمي چاهه ۾، ڏِج پارانڀو پرين،

سڀ سڻائج سيّد چئي، سڄي تون سيڻن،

آڻي آب اکين، حقيقت سڻائج حال مون.

جڏهن لطيف سائين وٽ پرين جو ڪانگ پڄي ٿو، تڏهن اُن ڪانگ کي لطيف سائين چوي ٿو ته منهنجي اکين جي مٿان اچي ويهه، منهنجو ماس پٽي کاءُ، من اها حالت ڏسي پرين منهنجون پٽيون ڪري:

ڪانگل! تون قريبن جا، اکين مٿي، آءٌ،

لڱن تان لطيف چئي، کُلي کائج ماهه،

سڄن پاڻ صُباح، من دارون ڪري درد جو.

لطيف سائين پرين جي ڪانگ کي چوي پيو:

آءُ ڪانگا! ڪج قول،  سڌيون ڏيهه ساڻيهه جون،

آندئي جي عجيب جا، سي خط مڙيئي کول.

لطيف سائين ڏانهن خط کڻي ڪانگ آيو آهي، پر پوءِ به لطيف سائين ڪانگ کي چوي ٿو:

پرينءَ جي پرڏيهه ۾، تن جي ڪانگا! ڪر خبرَ،

سڀ مڙهايان سون سين، پکي! تنهنجا پَرَ،

گهميءَ مٿان گهر، ڏِج پارانڀان پرين کي.

پر پرين جي پار جو آيل ڪانگ زمين تي پير ئي نٿو رکي، مٿي ئي مٿي پيو ڪان ڪان جي ٻولي ڪري. لطيف سائين چوي ٿو ته:

اڱڻان هيٺ نه اُتري، ڪانگو ڪان ڪان ڪري،

سپرين جي سيّد چئي آيون ڀُونءَ مان ڀري،

پَٽ پير نه ڌري، اُڀو چئي آيا پرين.

پر جڏهن گهڻن منٿن ميڙن کان پوءِ لطيف سائين کي ڪانگ اچي خوشخبري ٻڌائي ٿو تڏهن پاڻ فرمايائون ته:

آنديون ڪانگ قريب جون، اڄ واڌايون واهه،

مَن مرادون پُنيون، ٿيون سرهائيون ساهه،

آندا پرين الله، سڏ منهنجا ساب پيا.

گولڙا شريف

بابا ڪانوان والي سرڪار

راولپنڊي کان اٽڪل 10 ڪلوميٽر جي فاصلي تي راول ڊيم جي ويجهو گولڙا شريف جي نالي سان هڪ درگاهه آهي، جنهن تي هر وقت هزارين ڪانگ اچيو گڏ ٿين ٿا درگاهه جي سجاده نشين جو حڪم آهي. ننگر نياز جون ديڳون ڪانگن لاءِ عليحده ڏنيون وڃن، هن درويش جي باري ۾ مشهور آهي ته هن پنهنجي سڄي جسم جو ماس ٿورو ٿورو ڪري ڪانگن کي کارائي ڇڏيو.

الهجڙيو ڪانگن وارو:

الهجڙيو لغاري عرف جڙيو ڪانگن وارو، ڳوٺ غلام علي لغاري لڳ مسڻ (ٽنڊو الهيار) مينهون چاريندو هو، پٽڪي ۾ ماني ٻڌندو هو، تنهنڪري سندس پٽڪي تي هڪ ٻه ڪانگ ويٺائي ويٺا هوندا هئا، تنهنڪري جڙيو ڪانگن وارو مشهور هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org