فاطمه زهره قاضي
گهرو زندگيءَ کي ڪامياب رکڻ اَٺ اهم نُڪتا
گهر- عورت ۽ مرد جي گڏيل ڪوشش جو نتيجو هوندو آهي.
گهر واري ۽ سندس مڙس جي محبت ۽ سٺي سلوڪ سان الاجي
ڪيترائي ڪاڄ سَرن ٿا. انهن ٻنهي جي مضبوط ڪردار
سبب گهر جون ڀتيون مضبوط رهن ٿيون، جي انهن ٻنهي
مان ڪنهن به هڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته
اها عمارت ڪِري بهس گهي ٿي ۽ سڄو ماحول ڊانوانڊول
ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ضروري آهي ته ٻنهي کي پنهنجن
پنهنجن فرضن ۽ ذميوارن کان آگاهي هجي ۽ کين هڪٻئي
جو حساس هجي. آءُ هيٺ پنهنجي تجربن آڌار ڪي اهڙا
اَملهه نڪتا ٻڌائينديس جن تي عمل ڪرڻ سانز ال ۽
مڙس هڪ ڪامياب گهر اڏي سگهن ٿا ۽ پنهنجي اولاد ۽
ڪٽنب کي خوشحال رکي سگهن ٿا.
1. تحمل ۽ برداشت کان ڪم وٺڻ ضروري آهي:
شادي کان پوءِ سڀ کان پهرين جنهن شئي سان واسطو
پوي ٿو، اوهي هِي ٻه لفظ آهن. مرد هجي يا عورت
ٻنهي کي اهڙي سمورين ڳالهين کي منهن ڏيڻو پوندو
آهي، جيڪي سندن مزاج جي برعڪس هجن ٿا. تنهنڪري پاڻ
۾ برداشت ۽ تحمل جو مادو پيدا ڪرڻ گهرجي. اوهان هڪ
ٻئي جي مزاج جي خلاف ڳالهه تي جيترو وڌيڪ ڪاوڙ جو
اظهار ڪندا ته معاملا ايترا پيچيده ٿيندي ويندا
اوهان هيءَ ڳالهه بلڪل ذهن ۾ رکو ته جيڪڏهن گهر کي
بچائڻو آهي ته مٿيئن ڳالهه تي دل سان عمل ڪريو ته
سامهلو به توهان مان متاثر ٿيندو. اهو گهر جي هر
ڀاتيءَ سان لاڳو آهي ۽ ايئن حالات بهتر ٿيندا.
انشاءَ الله.
2. پيارڪ ۽ محبت سان ڳالهه مڃرايو:
ڪجهه مردن ۽ ڪجهه عورتن جي هيءَ عادت هوندي آهي ته
هر هڪ ڪم ۾ حڪم هلائڻ پنهنجو حق سمجهندا آهن. مگر
ياد رکو ته جيڪڏهن اها عادت برقرار رهي ته يقين
ڪجو ته ان جا نقصان اڄ نه ته سڀاڻي توهان کي ڀوڳڻا
پوندا ۽ ان مان نجات حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي پوندو.
اها اوهان کي نصيحت آهي ته حڪم هلائڻ واري عادت
کان پاسو ڪريو. عام حالتن ۾ پيار جي زبان وڌ کان
وڌ اثر انگيز هوندي آهي. اِهو منهنجو پنهنجو ذاتي
تجربو آهي. اسان ٻنهي انهيءَ نموني هلي تمام عزت
ڀري زندگي گذاري آهي. هاڻي پاڻ هليا ويا آهن مگر
مونکي جيستائين الله سائين جي مرضي آهي، هن دنيا ۾
رهڻو آهي. اڳتي به مالڪ ٻاجهه ڪري عزت سان رهجي
اچي. آمين
3. معافي وٺڻ ۾ اڳڀرائي ڪريو:
اهو به منهنجو تجربو آهي. انسان خطاڪار آهي. زال،
مڙس يا ڪو به توهان جو وڏو مائٽ هجي ۽ ڪنهن به
معاملي ۾ ڳالهه مُنجهي پوي ۽ ناراضگيءَ تائين
ڳالهه پهچي وڃي ته معذرت ڪرڻ ۾ پنهنجي تحقير محسوس
نه ڪريو. معذرت ۾ ڪڏهن به ٻئي فرد وٽ يا ان جي نظر
۾ توهان جي عزت گهٽ نه ٿيندي مگر ان ۾ اضافو ئي
ٿيندو. انشاءَ الله ۽ بغير ڏوهه جي صُلح صفائيءَ ۾
اڳڀرائي ڪندو ته ان ۾ توهان جي وڏائپ جو ثبوت آهي.
4. خواهش جا غلام نه ٿيو:
ڪنهن به شئي جي خواهش کان اڳ ۾ توهان پنهنجي مالي
پوزيشن ڏسو. ان کي نظرانداز نه ڪريو. زندگيءَ کي
ذاتي خواهشن جي پورائيءَ تائين محدود ڪريو. ان ۾
زال ۽ مرد جو تعاون ضروري آهي. جيڪڏهن ايئن نه
ڪنداسون ته گهر صحيح نموني نه هلي سگهندو. ڪجهه
ڏيو- ڪجهه وٺو جي بنياد تحت زندگي گذاريو. سدائين
سَکي رهندا.
5. ٿورڙي ۾ خوش رهڻ سِکو:
زندگيءَ ۾ خوب کان خوب تَر جي تلاش، انسان جو سڪون
ڦري ورتو آهي اڪثر گهراڻا انهن سببن جي ڪري ٽٽي
تباهه ٿي ويا آهن. اُهي قنائت پسند نه هوندا آهن.
قدرت توهان کي جيترو نوازيو آهي، اوتري ئي قدر
راضي ۽ خوش ۽ مطمئن زندگي گذاريو.
6. ميانه رويو اختيار ڪريو:
ميانه رويو زندگيءَ جي هر مرحلي ۾ ڪاميابيءَ جي
ڪُنجي آهي اسان جي رهبر ۽ رهنما جو به قول آهي ته
’خير الا مهر اوسطها‘ يعني چڱائي جو رستو چٿرائي ۾
آهي. ۽ ڪنهن به شيءِ جي زيادتي هميشه نقصان جو
ڪارڻ ٿيندي آهي، تنهنڪري هر معاملي ۾ درميانه رويو
اختيار ڪريو. جڏهن به اوهان ڪو اهڙو ڪم ڪندا، جيڪو
توهان جي وسيلن کان مٿي هوندو ته ان ۾ پريشاني
ڏسڻي پوندي ايئن گهرجي فضا ناخوشگوار ٿي ويندي. ان
کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو.
7. سڀني کي وقت ڏيو:
ائين نه ٿيڻ گهرجي جو توهان فقط پنهنجي ڪاروباري،
آفيس يا ٻين مصروفيتن وقت ۾ گذاريو. گهرجي ٻين
ڀاتين جنهن ۾ زال، پوڙها ماءُ ۽ پيءُ يا ٻيو به ڪو
بزرگ توهان جي گهر ۾ هجي. انهن کي به توهان جي
پيار ۽ محبت جي تمام گهڻي ضرورت آهي. انهن کي به
پنهنجي حالتن کي مدنظر رکي وقت ڏيو. انهن جي
خوشين، ڏکن ۽ سکن ۾ شرڪت ڪريو. ان ۾ توهان پاڻ به
خوش رهندا ۽ گهر به پر سڪون رهندو، جنهن ۾ هر هڪ
جي ڀلائي آهي.
8. خاص
ڳالهه ۽ خاص نصيحت ٻارن ۾ فرق نه ڪريو:
مون ان نڪتي تي ورهين کان ويچاريو آهي. ۽ خاص غور
ڪيو آهي ته گهڻن گهرن ۾ ڏسون پيا ته ماءُ ۽ پيءُ
ڪجهه ٻارن کي هڪٻئي تي فوقيت ڏيندا آهن. ايئن نه
ڪريو. ان سان ڇا ٿيندو آهي جو نظر انداز ٻارن ۾
بغاوت جا جذبات جنم وٺندا آهن ۽ لاڏ پيار وارا ٻار
بگڙي به سگهن ٿا، جنهن ڳالهه جا اڳتي نتيجا خراب
ثابت ٿيندا. ان کان به بچڻ جي ڪوشش ڪريو. مطلب ته
سڀ ڪجهه توهان پاڻ کي ڪرڻو آهي الله تعاليٰ جو
سهارو وٺي ڪوشش ڪرڻي آهي. عزت سان هلڻ جي باقي
الله مدد ڪندو. ان جو دامن وسيع آهي ان کي ڪنهن پر
به ڇڏڻو نه آهي.
رخسانه پريت
اسان جنھن سماج ۾ رھون ٿا اتي
گھڻي ڀاڱي نه ته عورت/ڇوڪري
پنھنجي مستقبل جي پاڻ منصوبه بندي ڪري سگھندي آھي
۽ نه ئي وري کيس خوبصورت،
تعميري
خواب ڏسڻ
جي ڪا اجازت آھي. اڪثر
خاندان جا ڪيل فيصلا
ھنن تي مڙھيا ويندا آھن،
پوءِ
اھي تعليمي ڪيريئر جا ھجن،
پنھنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جا ھجن
يا وري پنھنجي مرضيءَ سان زندگيءَ
جو ڪو ھم خيال
ساٿي چونڊڻ جا ھجن. پر
ڪجهه
خاندانن شعوري ڪوشش ۽ بھترين سياسي تربيت ڪري جيڪي
مثال جوڙيا آھن،
انھن ۾ ڊاڪٽر
عبدالحميد سومري جو خاندان پڻ
ڳڻائي سگھجي ٿو،
اھي گھڻي وقت
کان ضلعي دادو جي تعلقي جوھيءَ
۾ رھندي،
عورت دشمن بيٺل سماج سان جھيڙا
جھڳڙا،
خطرا
سر تي کڻي، عورتن کي تعليم ۽ شعور ڏيڻ جو جيڪو
بنياد ٻڌو،
ان جي نتيجن ۾
سندس لاڏلي ڌيءُ
ڪنول
جو ميڊيڪل
سائنس ۾ ملڪ جو وڏو امتحان (ايف سي پي ايس
ان سرجري)
پاس ڪري ڪنسلٽنٽ سرجن ٿيڻ پڻ شامل آھي
.اسان جي،
سوڙھي سوچ ۽ نيم جاگيرداري بيھڪ
رکندڙ سماج
۾ ڇوڪريون
جڏھن خواب ڏسنديون آھن، جڏھن پنھنجي حوصلي، ھمت ۽
بردباري سان ڪنھن
به
ميدان ۾ پنڌ ڪنديون آھن،
تڏھن
سندن ھڪ ھڪ قدم کڻڻ سان
مدي خارج ريتن،
رسمن، رواجن ۽
روايتن جي
طلسمي ديوارن ۾ ٽڙڪاٽ پئجي ويندا آھن
۽ اھي آھستي آھستي
پٽ پوڻ لڳنديون آھن.
ڇوڪريون جڏھن پنھنجو سماجي ڪردار نڀائينديون آھن،
تڏھن گھرن ۾ شعور ۽ علم جا نوان روشندان کلندا
آھن،
تڏھن
جھالت ۽ ڪم علمي ميڙجي درن
جي چانئٺن
کان
ٻاھر اڇلجي ويندي آھي،
ايئن
پورا انساني نسل
شعور ۽
ساڃاهه
جي روشني سان
منور ٿيندا
آھن.
نئين سماج اڏڻ لاءِ
ڊاڪٽر حميد سومري
سندس گھرواري ۽
اھڙن ٻين
والدين جيان
ڌيئرن/ ڇوڪرين جي مستقبل آڏو
ايندڙ روايتن جي صورت ۾
سڀني ديوارن، شيشن پٿرن
۽ رڪاوٽن کي ڀڃي ڀور
ڪري پري اڇلائڻو پوندو،
اھڙيءَ
طرح سان صنفي برابري قائم ڪرڻ سان ئي سماج ۾ نوان
گس ۽ پيچرا ملي سگھندا
۽ ڪنول جھڙيون محنتي
مسيحائون پيدا ٿي سگھنديون.
ڊاڪٽر ڪنول سومرو
۽
سندس والد
ڊاڪٽر عبدالحميد سومري کي
واڌايون ھجن!
اقبال
رند
منهنجي مٺي ماء
”منهنجو
مڙس چرس جي ڪيس ۾ جيل ڪونه
ويو آهي، هو وطن جي ويڙھ ۾ کڄي ويو آهي، اوهان کان
مدد وٺي آئون ڀڳت صاحب جي مياري ڪانه
ٿينديس، سلائي ڪڙھائي ڪري پنهنجا ٻار پالي سگهان
ٿي.“
عمرڪوٽ شهر ۾ درزڪو ڪم ڪندڙ تڏهوڪي انقلابي جي ايم
ڀڳت جي پهريون ڀيرو کنڀجي وڃڻ تي جڏهن سندس ڪجهه
پارٽي دوست حال سارو مالي مدد ڪرڻ خاطر سندس گهر
پهتا
ته
سندس وني سيتا ديوي ايئن چيو هو.
۽ پوءِ انهن ساٿين لاءِ ڀوڄن جو بندوبست ڪرڻ
۾
لڳي وئي.
تڏهن ڀڳت پوري پريوار سان گڏ پريان ٽانڪيءَ
جي ڀر واري گهر ۾ رهائش پذير هو.
ڀاڄائي
سيتا (ڀڳت جا ٻار ۽ اسين سڀ ڀڳت کي ڪاڪو ۽ سيتا کي
ڀاڀي سڏيندا آهيون) ڪڏهن
به
ٺريل ماني
نه
کارائي.
کيس خبر هئي.
”محبت
جي ماني سدائين تازي هوندي آهي“
هو ان محبت ۾ چوکان ري روٽي، ٻاجهر ري روٽي، کِچ،
سانڌاڻو، پاپڙ، مکڻ ۽ ماکي وجهندي ويندي هئي.
ڪالهه
تڏي تي ويٺي سائين علي حسن چانڊيي چيو : مون کي
سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه
ماڻهو
ڪونه
سُجهي جيڪو عمرڪوٽ آيو هجي ۽ ان کي ڀاڄائي
سيتا جي هٿن جي شِيري نصيب
نه
ٿي هجي.
مون ڪجهه
عرصو علي حسن صاحب جي عمرڪوٽ واري آفيس سنڀالي
هئي، اُهي
ٻه
چار مهينا يعقوب آريسر ۽ جي ايم ڀڳت هڪڙو ٽَڪ
به
مون کي هوٽل تي ماني کائڻ ڪونه
ڇڏيو.
پڳت جو گهر سيشن ڪورٽ جي پراڻي بلڊنگ کي سامهون ئي
هو.
آءٌ
ڪورٽ مان جيسين واندو ٿي گهر اچان تيسين ڀاڄائي
ٽي چار ڀيرا ٻارڙا ڊوڙائي چڪي هوندي هئي
ته
جلدي اچان ماني ٺري ويندي.
مون کي منجهند جي مانيءَ کان پوءِ ننڊ جي عادت،
لسيءَ
جو گلاس پيئڻ کان پوءِ جيئن ليٽندو هئس
ته
مون کي وٺي وڃي اندرئين ڪمري ۾ ڇڏيندي هئي.
ٽاٻرن کي ڇت تي روانو ڪري، پاڻ لٺ کڻي چاڙهي وٽ
ويهي رهندي هئي جيسين آئون ننڊ جو جھٽ هڻي وٺان.
انهن ئي ڏينهن ۾ هولي جو تهوار آيو هو. چيم:
”ڀاڄائي
هي اوهين جيڪو رنگ هڻندا آهيو اهو لهي
به
ناهي لهندو، مون کي ڪورٽ وڃڻو هوندو آهي يا
ته
ڇورن کان رعايت ڪرائي ڏي يا هفتو کن موڪل ڪريان.“
چيائين:
”تون
اڳ ئي منهنجي ڪمري ۾ ويهي رهجانءِ
آءٌ
سڀني کي منع ڪري ڇڏينديس.“
آءٌ
بي کٽڪو ٿي سندس ڪمري ۾ ليٽي پيس، ڇوڪرا جيئن
منهنجي ڪمري ڏي ٿي وريا
ته
ڊوڙائي ٿي ڪڍيائين.
جڏهن صفا
بي اونو
ٿي ويس
ته
پاڻ اندر آئي ۽ رنگ جي سڄي بالٽي منهنجي مٿان
هاري
ڇڏيائين.
جڏهن ڪاڪي ڀڳت کي پوئين ڀيري وٺي ويا هئا تڏهن
ڀاڀي نسبتن ڪمزور نظر آئي، ان هيڻائي جو هڪڙو ڪارڻ
سندس نوجوان پٽ جو المناڪ وڇوڙو به هو.
”پٽ
ويو هليو، ڀڳت صاحب کي کڻي ويا، هاڻي ڪهڙو جيئڻ
آهي!“
ڀڳت
ته
موٽي آيو، پاڻ پوٽن پوٽين وارا ٿيا،
پر ڀاڄائي
سنئين ڪونه
ٿي سگهي..
ڪاڪي کي مون سان شڪايت هوندي آهي
ته
آءٌ
پنهنجي صحت تي ڌيان نٿو ڏيان ۽ هو ڀاڄائيءَ
کان سدائين منهنجو ڪلاس وٺرائيندو هو، تازو پٿريءَ
جي شڪايت ٿي پيم جڏهن ڪاڪي کي فون ڪري ٻڌايم
ته
وڏي اوڇنگار ڏئي ڪال ڪٽي ڇڏيائين، ظاهر آهي ڀاڄائي
اهو سڀ ڪجهه
ڏٺو ويٺي جڏهن ڪجهه
ڏينھن کان پوءِ ڏسڻ ويو مانِ، چيائين:
”ماڻهين
اندر سڏي پيئي، ويس
ته
هميشه جيان ٻئي هٿ منهنجي مٿي تي رکي کيڪاريئين،
پر ڪُڇي ڪانه..!
آئون سندس اکين ۾ ڏسي ڪونه
سگهيس.
انور عزيز چانڊيو
مليحا ميمڻ ڪمال جي پيشڪار آهي
مليحا ساجد سنڌ جي قديم لپي کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش
ڇو ڪري رهي آهي؟
مليحه جو خيال آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي عربي لپي ۾
رهڻ بجاءِ پنهنجي اصل عام لپي ”خداوادي لپي“ ڏانهن
موٽڻ گهرجي، جنهن سان سنڌين جو پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي
سان لاڳاپو وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ اسان جي ايندڙ نسل
کي
عربي لپي
تي ڀاڙڻو نه پوندو.
ڄام شورو جي مليحا ميمڻ هن وقت اين سي اي
NCA لاهور ۾ پنهنجي
فائنل ٿيسز پيش ڪري رهي آهي. مليحا نه رڳو خداوادي
اسڪرپٽ کي تمام خوبصورت انداز ۾ لکيو آهي،
پر ڪمپيوٽر جي مدد سان هن اسڪرپٽ جي فونٽ کي ترتيب
ڏيڻ به ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي.
اوهان خداوادي
لپي کي بحال ڪرڻ جو انتخاب ڇو ڪيو.
”اسان
اهو به سمجهون ٿا ته سنڌي ٻوليءَ جي خدا وادي رسم
الخط کي عربي، ديوناگري ۽ سنسڪرت وانگر پنهنجي
جوهر ۾ ڌرميت/ مذهبي رنگ نه آهي، اها عام ماڻهن ۽
واپارين جي لپي آهي، جيڪا سنڌي مزاج، ثقافت ۽ لوڪ
ادب جي ويجهو آهي. هن دور ۾ سڀ کان اهم شيءِ
ڪمپيوٽنگ تي ٻولي جو هجڻ آهي، ۽ اسان اهو مسئلو حل
ڪيو آهي، مون ان جو فونٽ ٺاهڻ لاءِ تمام گهڻي محنت
ڪئي آهي. هاڻي خدا وادي اسڪرپٽ ۾ سنڌي به ٺاهي
سگهجي ٿي.“
مليحا ميمڻ ڪمال جي پيشڪار آهي.ان ۾ ثقافت جي محبت
ملي ٿي. مليحه سنڌ جي نامور اديب، دانشور ۽ ڊرامه
نگار عبدالقادر جوڻيجو جي ڏوهٽي آهي. مليحا جو
پيءُ ساجد ميمڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ سينئر آفيسر آهي ۽
سندس تعلق سنڌ جي هڪ مشهور ادبي ۽ مذهبي گهراڻي
سان آهي. اهڙيءَ طرح مليحا پاڻ به ننڍپڻ کان علم،
ادب ۽ ثقافت لاءِ ڪم ڪندي رهي آهي. مليحا ساجد جي
هن ٿيسز ۽ نمائش کي اين سي اي ۾ تمام گهڻو پسند
ڪيو پيو وڃي.
هن چيو:
”منهنجو ڪم اڃا ختم ناهي ٿيو، بس شروع ٿيو آهي،
مان چاهيان ٿي ته سنڌيءَ جي هن
اصل ۽ قديم رسم الخط کي عالمي سطح تي اجاگر ٿيڻ
گهرجي، ڇاڪاڻ ته هي رسم الخط سنڌو تهذيب جي قديم
ترين رسم الخط جي تمام ويجهو آهي. منهنجو مقصد هن
تهذيب کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن ڪم جو بنيادي مقصد سنڌ
کي پنهنجي عظيم تهذيب سان ڳنڍڻ آهي“.
|