ڊاڪٽر ايوب شيخ
قمبر شهر ۾ اسان
جو گھر
تنهن ڏينهن ڏاڏي عمر ميمڻ (هو جمالو واري) هيءَ
تصوير لنڊن پهچڻ سان مون ڏانهن موڪلي هئي، جيڪا هن
قمبر شهر
جي گهٽين ۾ اسان جي پاڙي ۾
گهمندي، ڪڍي هئي.
اها اسان جي ٽي
ماڙ جاءِ آهي، جيڪا 1969ع ۾ هڪ سال اندر ٺهي راس
ٿي هئي. جنهن ۾ اسان جو ڏاڏو، ان جا ٽي پٽ ۽ انهن
جو اولاد ڪل ملائي 25 ڄڻا رهندا هئاسين. قمبر جا
ماڻهو خاص ڪري شيخ
ڪٽنب
اسان
گهر جي ڀاتين جي سلوڪ ۽ ٻڌي تي رشڪ ڪندا هئا۔
اسان ان ئي هنڌ تي اول ڪچي گهر ۾ رهندا هئاسين،
اها ڪچي جاءِ پنھنجي عمر پوري ڪري، عيد رات چنڊ
ڏسڻ مهل ڪري پئي هئي ۽ اسان کي پنهنجي ڏاڏي جي
ڀاءُ بخشل خان شيخ مرحوم (زاهده شيخ جو والد) جي
جاءِ ۾ پناهه
وٺڻي پئي هئي.
ڪچي ۽ پڪي جاءِ ۾ فرق اهو ٿيو ته اسان جي گهر جي
اڱڻ سان گڏ مينهن جو واڙو ختم ٿيو، منهنجي ڏاڏي
پنهنجي سنڀار هيٺ پلجندڙ مينهون ۽ ڳئون شهر کان 3
ڪلوميٽر پري ”عيسن جي ڳوٺ“ ۾ موڪلي ڇڏيون.
پڪي جاءِ ۾ فرق اهو به ٿيو ته هر شادي شده
جوڙي
کي ڌار ڌار ڪمرا مليا. رڳو وڏي ۽ ننڍي عمر جا گهر
ڀاتي صفي (دالان) ۾ گڏ هوندا هئا.
مون قمبر شهر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾
پڙهائيءَ جي ڪري ڇڏيو، مون کان وڏي ڀاءُ مجدد شيخ
سنڌ يونيورسٽي ۽ اسان جي سوٽ ۽ ماسات ڊاڪٽر بخت
جمال شيخ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ پڙهڻ سبب گهر
ڇڏيو.
ڊاڪٽر بخت جمال کان ننڍو اسان جو سؤٽ ۽ ماسات
آفتاب شيخ جوانيءَ
۾ گذاري ويو
هو.
ان پڻ اهو گهر سنڌيونيورسٽي وڃڻ سبب ڇڏيو هو۔
چانڊڪا ۾ پڙهڻ دوران اسان جي هفتيوار موڪل پارٽي
حڪم هيٺ ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ هارين سان ڪچهرين ۾
گذرندي هئي. مٿان ايم آر ڊي آئي ته روپوشي سبب گهر
ڇڏي راهي ٿياسين ٻين ضلعن ڏانهن. سمجهو ته قمبر
اسان کان آهستي آهستي اوجهل ۽ فاصلن تي ٿيندو ويو.
اسان جي ان جاءِ ۾ رهندڙ منهنجو والد صاحب غلام
سرور شيخ جنرل ايوب خان جي دور ۾ پهريون ڀيرو
گرفتار ٿيو. سندس ٻئي دفعي جي گرفتاري اسان جي
ڏاڏي پاران بليڪ آئوٽ ۾ بلب ٻارڻ جي ڏوهه ۾ ٿي
هئي. سندس ٽئين ڀيري جي گرفتاري پيپلزپارٽي قمبر
جي اڳواڻ جي ان چُغليءَ سبب ٿي هئي ته،
”شيخ صاحب ڊان اخبار ته پڙهي ٿو، پر اسان جي پارٽي
اخبار نٿو خريد ڪري“.
والد صاحب جي چوٿون ڀيرو گرفتاري منهنجي ڪري ٿي
هئي، اسان ايم آر ڊي ۾ شامل هئاسين. ڪجهه سرگرم به
هئاسين،
لاڙڪاڻو جنرل ضياءَ
کي ”پيارو“ به ڏاڍو هوندو هئو،
ان ڪري اسان کي پيش پوڻ جو آمري حڪم آيو. اسان
ڪاليج ۽ لاڙڪاڻو شهر به ڇڏي وياسين.
اسان جي ان جاءِ ۾ رڳو هڪ ڀيرو پوليس جو سخت ڇاپو
لڳو، جيڪي مون کي پڪڙڻ آيا هئا. در ڀڃي اندر داخل
ٿيا. ڇاپي وقت آئون والد صاحب سان ڪراچي وڃڻ لاءِ
ريل ۾ هوس. گهر ۾ ڇاپي مهل جيڪي به مرد هئا تن جي
بيعزتي ڪئي ويئي، جيڪي به عورتون هيون تن کي ان
تشدد نه ڏسڻ جو حڪم ڏيئي پري ڪيو ويو هو.
1970ع جي اليڪشن ۾
جناب ممتاز علي ڀٽو (مرحوم) منهنجي والد صاحب کان
اليڪشن ۾ مدد وٺڻ لاءِ ان جاءِ ۾ آيو ۽ چانهه
پيتي. جڏهن ته سردار سلطان احمد چانڊيو ( مرحوم)
سياست تي ۽ مولانا عبدالڪريم ( ٻير وارو) والد
صاحب سان ان جاءِ جي مهمانخاني ۾ ڪچهريون ڪرڻ
ايندا هيا.
ان جاءِ ۾ نامياري لوڪ ڳائڻي جيجي زرينا بلوچ
ٻه
ٽي ڏينھن رھي ھئي. 1994ع ۾ بيگم نصرت ڀٽو کي
منھنجي والد جي وفات تي تعزيت لاءِ ذوالفقار قادري
۽ شعبان شيخ وٺي آيا ھئا.
منهنجي امان عدت ۾
هجڻ جي ڪري بيگم نصرت ڀٽو صاحبا سان فوٽو ڪڍائڻ
کان انڪار ڪيو هو.
اسان جي اها جاءِ هاڻي اسان جي نه رهي آهي....
مالڪ هجن ته جاءِ به
هجي، بنا مالڪيءَ جي ڪهڙي جاءِ !
اچو ته سنڌ توڙي ملڪ
پاڪستان جي مالڪي ڪريون.
نديم عمراڻي
وينا شرنگي کي ڪير نه سڃاڻي!!
ڀلي ڪو سندس ادبي ثقافتي سماجي ڪردار خدمتن کان
واقف نه به ھجي،
پر سندس سدا حيات آواز کان شايد ڪو اڻڄاڻ ھجي
ننڍپڻ
۾ جڏهن سنڌ ۾ شام جا پنج ٿيندا ھئا
ته ريڊيو جي سئي
آل انڊيا ريڊيو سنڌي سروس
تي رکي جيجي وينا شرنگي جو پروگرام
”سڄڻ
توکي خبر ڪھڙي“،
وڏي شوق سان ٻڌندا ھئاسين!!!!!
توڙي جو ڪافي سال اڳ آل انڊيا ريڊيو سروس تان ھاڻي
سنڌي پروگرام نشر نه پيا ٿين اھا به خبر جيجي وينا
شرنگي کان پئي!!!
بقول سندس ته آل انڊيا ريڊيو اسٽيشن تان سنڌي
نشريات ختم ڪري ڪنهن ٻئي
ريڊيو اسٽيشن تي منتقل ڪئي
وئي،
پر اتان به سنڌي نشريات بند ڪئي
وئي
آهي جنهن کي به ڪافي وقت ٿي ويو آهي
!!!!
شھدادڪوٽ ڄائي
وينا شرنگي اڄ به انڊيا ۾ پنهنجيءَ
سنڌي ٻوليءَ
سنڌيءَ
ثقافت ادب سان لاڳاپيل آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ
جي خدمت ڪري رھي آهي
!!!!
هن
جا ڪافي ڪتاب آيل آهن.
ڪجهه
ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ موجود اٿس جتان آسانيءَ
سان پڙهي سگھجن ٿا
!!!!
وينا شرنگي توڙي جو
ڄائي
نپني شھدادڪوٽ ۾،
پر سندس عزيز بوبڪ توڙي سيوھڻ
۾ به ھئا!!
پاڻ ھند ۾ ھوندي به سنڌ سان اھو
ئي
پنهنجو نينهن
نڀايو پئي
اچي.
يوٽيوب تي پاڻ
”نئون
نياپو“
نالي چينل سان سنڌ سان جڙيل آهي
!!!!
سنڌ جا سنڌي جيئن
آل انڊيا ريڊيو سنڌي سروس تان وينا شرنگي سان
پروگرام
”سڄڻ
توکي خبر ڪھڙي“
سان جڙيل ھئا،
ساڳئيءَ
طرح سندس ھن يوٽيوب چينل نئون
نياپو سان به جڙڻ گھرجي
عباس سارنگ
مٺي چانهه
”اڄ
ٻوڙ ۾ مرچ گھڻا ڇو هئا؟ توکي ته خبر آهي گھڻا مرچ
کائڻ سان معدو خراب ٿي پوندو آهي. ڪالھوڪي ٻوڙ ۾
وري لوڻ گھڻو هو ۽ پوءِ توکي ڇا چيو هوم ته گھڻي
لوڻ کائڻ سان رت جو وهڪرو وڌي ويندو آهي، ان سان
دل جي دوري پوڻ جا امڪان به وڌي ويندا آهن ۽ دماغ
جي رڳ به ڦاٽي سگھي ٿي.“
کيس زال ٻڌندي رهي جيڪا چانهه
ٺاهي کڻي آئي هئي. هن چانهه
جو ڍڪ ڇا ڀريو وري تپي باهه
ٿي ويو چوڻ لڳو.
”ايڏي
کنڊ.....!!! ڇو توکي خبر نه آهي ڇا جو مان ايتري
مٺي چانهه
ڪونه پئيندو
آهيان، مٺي چانهه
پيئڻ سان مٺن پيشابن جي بيماري ٿيڻ جو بيحد خطرو
هوندو آهي، تون ائين روز روز ڇو ٿي ڪرين مون کي
ٻڌاءِ....!!“
سندس زال پورن پندرنهن
سالن کان مسلسل اهو جبر سهي رهي هئي نيٺ اڄ چئي
ويٺي.
”تون
ته روز روز چوين ٿو پر مان سمجھان ٿي تون هاڻي
ڪنهن سٺي نفسيات جي ويڄ سان مل ۽ اهو ئي توکي انهن
سوالن جا ٺيڪ جواب ڏيئي سگھي ٿو.“
ايترو چئي هوءَ ڪمري کان ٻاهر نڪري
ويئي ۽ هي مٺي چانهه
کي ڏسندو رهيو!
نواز علي زئنور
ٻه عورتون
اٽلي جي شھر فلورينس ۾ هڪ روڊ جو وڌاءَ ڪرڻ لاءِ
ھڪ پراڻي وڻ کي وڍيو
پئي ويو.
ٻه عورتون
“(Two women) ۽ ”روم
جي مُنڌ (Woman of Rome)
“
جهڙن ناولن کان سواءِ کوڙ ڪھاڻيون لکندڙ البرٽو
موراويا ان خلاف عدالت جو در کڙڪايو. موراويي جون
ڪجهه
ڪھاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ۽ سھيڙي ”ٿڪل سريت“ جي
عنوان سان ولي رام ولڀ صاحب ڪتاب ڇپرايو.
نوبل انعام حاصل ڪندڙ ليکڪ البرٽو موراويا عدالت ۾
اکر ئي چار چيا:
اھو وڻ اسان جو جھونو شھري آهي. ان کي قتل ڪيو پيو
وڃي.“
جج صاحب عينڪ پائي فيصلو لکيو:
”جيڪڏهن ان پراڻي شھريءَ کي قتل ڪيو ويو ته شھر جي
ميئر کي ڦاسي ڏني ويندي.“
البرٽو موراويا ۽ جج ٻئي فوت ٿي ويا آهن، پر اهو
وڻ اڄ به قائم آهي.
ترجمو: گلبانو هادي
ڏاج
برصغير
۾ خاص ڪري پاڪستان ۽ هندوستان ۾ ڏاج وٺڻ جو رواج
عام آهي. ڇوڪريءَ جي شادي تي ڇوڪري وارا ڏاج جو
مطالبو ڪندا آهن. شادي ۾ اها رسم تمام گهڻي خاص
سمجهي ويندي آهي ۽ گهڻا ڇوڪرا ته ڇوڪريءَ جي مائٽن
تي ڪجهه مطالبا ۽ شرط به رکندا آهن ۽ جيڪڏهن اهي
شرط پورا نه ٿيندا آهن ته شادي کان انڪار ڪري
ڇڏيندا آهن. مثال طور گهر، گاڏي، وڏا چيڪ وغيره ۽
ان شرطن کي مدنظر رکندي ڇوڪري جي مائٽن کي اهو
خيال نه ايندو آهي ته اهو جائز آهي يا نه.
اڄ ڪلهه وڏين فيمليز کان وٺي مڊل ڪلاس تائين تمام
والدين پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارين ٿا. خاص طور
تي ڇوڪرن کي. هاڻي ڇوڪرو تعليم جو شوق نه رکڻ جي
سبب کان گهٽ پڙهيل هجي يا وڌيڪ. پر ٻنهي صورتن ۾
ڇوڪري جا مائٽ ڇوڪريءَ وارن کان ڏاج گهرندا آهن. ۽
گهڻو ڏاج نه ملڻ جي صورت ۾ ڇوڪريءَ کي ساهرن جا
طعنا ٻڌڻا پوندا آهن. ڏاج ۾ صوفه سيٽ، اليڪٽرانڪ
جي مختلف قسمن جي شين، ٿانون وغيره جو شامل آهي.
ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ وٽ ايترا پيسا نه هوندا آهن
تڏهن به پنهنجي محنت سان هڪ هڪ پيسو جمع ڪري يا
قرضن جي بار هيٺ پنهنجي نياڻي جي لاءِ ڏاج جمع
ڪندا آهن ته جيئن اسان جي نياڻي کي شادي کان پوءِ
پوري زندگي ساهرن جا طعنا تنڪا نه ٻڌڻا پون. ڇوڪرو
جڏهن ڪمائي ٿو ۽ ڇوڪريءَ سان نڪاح ڪرڻ کان پوءِ
پنهنجي گهر جي عزت بڻائي ٿو ته اها ان جي ذميداري
آهي ۽ ان صورت ۾ ان کي گهرجي ته ڏاج وٺڻ کان هو
منع ڪري ڇڏي. البت ڇوڪريءَ جا ماءُ پيءُ پنهنجي
حيثيت کي ڏسندي پنهنجي نياڻيءَ کي خوشيءَ سان جيڪو
ڏيڻ چاهين ۽ جيترو به ڏيڻ چاهين پنهنجي نياڻي کي
ڏئي سگهن ٿا.
ڏاج ته پري جي ڳالهه آهي. پر ڇوڪري وارا رشتو طي
ڪرڻ کان پوءِ مختلف موقعن تي پنهنجو ڪونه ڪو عمل
ڏيکاري ڇوڪريءَ وارن کي مجبور ڪندا رهندا آهن.
مثال طور عيد جي موقعي تي ڇوڪرو ۽ ڇوڪري وارا
هڪٻئي کي خرچي ڏيندا آهن. (اها برصغير جي رسمن مان
هڪ رسم آهي.) ڇوڪري وارن جي طرفان تحفو ننڍو هجي
يا وڏو ڪو مسئلو ناهي، پر ڇوڪريءَ وارا جيڪڏهن
ڇوڪري کي عيد جو هڪ ننڍو گفٽ ڏين ته ڇوڪري جا مٽ
مائٽ ڳالهيون ڪندا آهن.
اهو مسئلو سالگره ۽ ٻين موقعن تي به هوندو آهي.
اهي عام طور تي اهي گهراڻا آهن جيڪي گهڻو پيسي
وارا هوندا آهن. جن جو لائيف اسٽائل مڊل ڪلاس جهڙو
ڇو نه هجي، پر ڇوڪري ۽ والدين لاءِ ذهني اذيت بڻجي
ويندو آهي. عيد الفطر، عيد الاضحى يا سالگرهه جو
موقعو هجي تحفو ننڍو ئي هجي، پر ان ۾ محبت ۽ خلوص
هئڻ گهرجي. جيڪڏهن توهان وٽ پيسو گهڻو آهي ته پوءِ
توهان جيڪو چاهيو جيترو چاهيو ڏئي سگهو ٿا. پر گهٽ
پيسي هجڻ ڪري تحفو نه به ڏئي سگهجي ته ان کي وڏو
مسئلو بڻائي رشتي ۾ رڪاوٽ يا ان رشتي کي ختم نه
ڪرڻ گهرجي. هينئر تائين ڪيل ڳالهيون زندگيءَ جي
حقيقت آهن ۽ منهنجو مشاهدو ۽ احساسات به چئي سگهو
ٿا.
ڏاج ڏيڻ جي اها رسم پاڪستان ۽ هندوستان کان علاوه
ڪنهن ٻي هنڌ ناهي. ڏاج دراصل هندن جي هڪ رسم آهي.
دراصل هندو ملڪيت مان ڇوڪريءَ کي حصو ناهن ڏيندا.
۽ ان جي تلافي ڪرڻ لاءِ هو ڇوڪريءَ جي شاديءَ جي
وقت ان کي تمام گهڻو ڏاج ڏيندا آهن.
پر اسلام ۾ ڇوڪري کي ملڪيت مان حصو ڏيڻ لازمي آهي.
ڏاج جي نالي تي اسان ماڻهن نڪاح کي مشڪل بڻائي
ڇڏيو آهي. ان خوبصورت ۽ حسين رشتي کي ڏاج جي نالي
تي گهڻا مطالبا ڪري ڇوڪريءَ جي والدين لاءِ ذهني
اذيت بڻائي ڇڏيو آهي. ماڻهو چون ٿا ته پنهنجي
نياڻيءَ کي ڏاج ڏيڻ رسول پاڪ ﷺجي سنت آهي. ڇو ته
رسول پاڪ ﷺ پنهنجي نياڻي حضرت بيبي فاطمه زهره
سلام عليها کي ان جي نڪاح جي موقعي تي ڪجهه ضروري
شيون ڏنيون هيون.
پر جيئن ته حضرت علي، رسول ﷺجن جا سوٽ هئا ۽
ننڍپڻ کان حضرت علي ، پاڻ سڳورن ﷺ جي سرپرستي ۾
هئا. ان لاءِ هو پاڻ سڳورنﷺجي پٽ برابر هئا. ننڍپڻ
کان حضرت عليجي سمورن خرچن جي ذميداري پاڻ سڳورنﷺ
تي هئي. ان لاءِ نئون گهر ٺاهڻ لاءِ پاڻ سڳورن ﷺ
حضرت علي سرپرست هئڻ ڪري ڪجهه ضروري سامان ڏنو.
جيڪو سامان جيڪو حضور پاڪ ﷺ پنهنجي نياڻي حضرت
بيبي فاطمه سلام عليها کي ڏنو هو اها روايت هتي
شامل ڪرڻ چاهيان ٿي ته: ”حضرت علي فرمائي ٿو ته:
رسول ڪريم ﷺ بيبي فاطمه سلام عليها کي ڏاج ۾ هڪ
چادر، هڪ مشڪيزو ۽ هڪ چمڙي جو وهاڻو ڏنو.“ ان کان
علاوه تاريخ جي ڪنهن ڪتاب مان اهو معلوم نٿو ٿئي
ته پاڻ سڳورنﷺ پنهنجن ٻين نياڻين کي ڏاج ڏنو هو.
چوندا آهن ته جڏهن گهر ۾ نياڻي پيدا ٿئي ته ان جو
ڏاج ٺاهڻ شروع ڪجي ڇو ته والدين جي ذهن ۾ هڪ خوف
هوندو آهي ته جيڪڏهن ڌيءُ کي سٺو ۽ گهڻو ڏاج نه
ڏنوسين ته انهن جي ڌيءُ ساهرن جي طنز ۽ طعنن جو
ڪٿي شڪار نه ٿي وڃي.
شادي جي موقعي تي مختلف رسمن ۽ رواجن متعلق مشاهدي
۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اهي ماڻهو جن وٽ
ايتري گنجائش نه هوندي آهي ته اهي پنهنجي نياڻي جي
شادي ڌوم ڌام سان ڪري سگهن. پر زماني جي ڊوڙ، ساڙ
۽ حسد ۽ احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ماڻهو گهڻي کان
گهڻو سٺو فنڪشن ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پوءِ
پنهنجن پيارن عزيزن جي احسانن جو شڪار ٿي ويندا
آهن.
ڇوڪري جي شادي ۾ گهڻو پيسو نه هئڻ جي باعث ڇوڪريءَ
جا ويجها مائٽ چاچا، ماما شادي جي تقريبن ۾ ڪجهه
پيسن جي مدد ڪندا آهن. پر بدلي ۾ ڇوڪريءَ جا
گهروارا سڄي زندگي انهن مائٽن جي احسانن هيٺ رهندا
آهن. ڇو ته الله پاڪ جيترا به اسان انسانن تي
احسان ڪندو آهي اهي جتائيندو ناهي. پر اسين گنهگار
انسان نيڪي ڪري ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي پنهنجا
احسان ضرور جتائيندا آهيون.
جيڪڏهن ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي گهروارن وٽ گهڻو پيسو
آهي ته اهي پنهنجي مرضي سان خرچ ڪري سگهن ٿا. ڇو
ته ميندي ۽ ٻيون رسمون ۽ رواج ته سڀني کي سٺا
لڳندا آهن. حالانڪه اهي ٻين قومن جون رسمون آهن،
پر جيڪڏهن پيسو گهٽ آهي ته ٿورا ماڻهو سڏائي سادگي
سان نڪاح ڪري وليمي جو فنڪشن ڪري ڇڏڻ گهرجي. اها
مناسب خوبصورت ڳالهه به آهي ۽ انداز به.
ان ۾ نه ڇوڪري وارن کي ڪاوڙ يا شڪايت ڪرڻ کپي نه
ڇوڪريءَ وارن کي. بلڪه هڪٻئي جي مجبوري کي سمجهڻ
گهرجي. واضح رهي ته نڪاح گهڻو بابرڪت آهي، جنهن ۾
گهٽ خرچ ڪيو وڃي ته بهتر آهي. لهاذا نمائش ۽
مقابلي جي ڊوڙ ۾ ڌوم ڌام سان شادي ڪرڻ ۽ پيسو خرچ
ڪرڻ مناسب ناهي بلڪه اعتدال سان هلڻ ۾ ئي عقلمندي
آهي. ڀلي ڪير امير ئي ڇو نه هجي.
ڏاج جي معاملي ۾ ڇوڪريءَ جا والدين جيڪڏهن پنهنجي
خوشي سان ڪجهه ڏيڻ چاهين ٿا يا ڇوڪريءَ پنهنجي
خوشي سان جيڪو کڻي وڃڻ چاهي ته کڻي وڃي سگهي ٿي.
پر اهو به پنهنجي حيثيت کي ڏسندي هئڻ گهرجي. پر
اسان کي پنهنجي ڳالهين ۽ روين جي عمل سان مختلف
موقعن تي يا شاديءَ جي موقعي تي مختلف شين پيسن يا
ڏاج جو مطالبو نه ڪرڻ گهرجي. اهڙا ماڻهو تمام گهٽ
آهن جيڪي چوندا آهن ته اسان کي ڏاج نه گهرجي. گهڻي
پڙهڻ لکڻ سان، گهڻو ڪمائڻ سان، سٺي کان سٺو لباس
پهرڻ سان، ٻانهن ۾ سٺي کان سٺي گهڙي پائڻ سان نه
ته ڪو ڇوڪرو يا مرد ماڊرن تي ويندو آهي ۽ نه ئي
سٺو تيار ٿي، سٺي لباس ۾ ملبوس وار کولي ڪا ڇوڪري
يا شادي شده عورت ماڊرن ٿي ويندي آهي. اهو صرف
فيشن جي لحاظ سان صحيح آهي. ماڊرن ۽ مهذب اهو
انسان هوندو آهي جنهن جي دنيا سٺي هجي. ان جا طور
طريقا، سٺي سوچ ۽ خيال، سٺو اخلاق ۽ دين تي عمل
ڪري پنهنجي زندگي کي سٺو ۽ آسان بڻايو آهي. ۽ جيڪو
پنهنجي استطاعت کي ڏسندي خرچ ڪندو هجي.
پنهنجي ايندڙ نسلن کي به انهن ڳالهين جي تلقين ڪيو
۽ پنهنجي زندگي جي ان خوبصورت رشتي کي آسان بڻايو
تڏهن ئي اسين پنهنجي زندگي کي جنت ٺاهي سگهون ٿا.
اچو ته اسين سڀ عهد ڪريون ته ڏاج متعلق ڪابه رسم
اسين آئنده نه قبول ڪنداسين. |