ارونا حسين پاڪستان جي پهرين سنڌياڻي آهي، جنهن کي
ننڍي عمر ۾ ڪنٽري ميئنيجر جو عهدو مليو
ارونا حسين پهرين سنڌي ڇوڪري آهي، جنهن کي ڪنهن
ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ تمام گهٽ عمر واري چيف
ايگزيڪيوٽو آفيسر(
C.E.O )هئڻ جو اعزاز
حاصل آهي.
هونئن ته مارڪيٽنگ شعبي ۾ ٻين عورتن کي به ڪيترائي
اهم موقعا مليا آهن، پر ايتريءَ ننڍي عمر ۾
ارونا حسين
پاڪستان جي پهرين
ڇوڪري ۽ سنڌياڻي آهي، جنهن مارڪيٽنگ جي ميدان ۾
اهڙي اهم ذميواري حاصل ڪئي. جنهن وقت 2007ع ۾
ارونا کي ڪَنٽري مئنيجر جو عهدو مليو، ان وقت هوءَ
30 سالن جي مس هئي .اها ڪمپني ’مَرسڪ لاجسٽڪس
(Maersk Logistics )جي
نالي سان مشهور آهي،
جڏهن ته ارونا کي
پاڪستان سان گڏ افغانستان ۾ به ڪمپنيءَ جي سرگرمين جي ذميواري ڏنل
آهي، جنهن کي هوءَ 100 ماڻهن تي مشتمل ٽيم جي
سربراهه جي حيثيت ۾ نڀائي رهي آهي.
ارونا حسين جو جنم پهرين ڊسمبر 1977ع تي سنڌ جي
نامور علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. عبدالحسين سرائيءَ
۽ ڊاڪٽر فهميده حسين جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هن
نياڻيءَ شروعاتي تعليم سينٽ
جوزف ڪانوينٽ اسڪول مان
ورتي.1993ع
۾ مئٽرڪ اي .ون گريڊ ۾ ۽ 1995ع ۾
انٽرميڊئيٽ سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچيءَ مان اي .ون
گريڊ ۾ پاس
ڪيائين. ان بعد ارونا حسين بزنس ائڊمنسٽريشن ۾
ماسٽرس ڪرڻ لاءِ آءِ .بي .اي ڪراچيءَ ۾ داخلا
ورتي، جتان هن ايم .بي .اي جي ڊگري سال 2000ع ۾
امتيازي نمبرن سان حاصل ڪئي. شروعات ۾ ارونا ڪجهه
عرصو هڪ ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ ۾ ملازمت اختيار
ڪئي، بعد ۾ شپنگ(جهاز راني) جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي
ڪمپنيءَAP
Muller Maersk Group”
“
۾ شموليت اختيار ڪيائين.
جتان پوءِ هن جي چونڊ ڊينمارڪ ۾ ٿيندڙ ٻن سالن جي
تربيتي ڪورسMaersk
International Shipping Education”“
لاءِ
پڻ ٿي،
جتي 400 کان وڌيڪ ٽرينِيز
(تربيت حاصل ڪندڙن) جي گلوبل بئچ مان هوءَ ٽاپ ٽين
ڪئٽيگريءَ ۾ پهتي ۽ امتيازي نمبرن سان اهو ڪورس
پاس ڪرڻ کان پوءِ سندس پوسٽنگ ٻن سالن لاءِ لنڊن ۾
اسسٽنٽ مئنيجر مارڪيٽنگ طور ڪئي وئي، جتي هوءَ
2003ع کان 2005ع تائين رهي. ان کان پوءِ پاڪستان ۾
مارڪيٽنگ مئنيجر طور ٻه سال ڪم ڪرڻ دوران سندس
اعليٰ ڪارڪردگيءَ ۽ قائدانه صلاحيتن کي ڏسندي
2007ع ۾
مرسڪ لاجسٽ
(Maersk Logistics)۾
کيس ڪنٽري مئنيجر مقرر ڪيو ويو. ان ڪمپنيءَ ۾ سندس
اڻٿڪ ڪوششن جي نتيجي ۾ ايتري ترقي ٿي، جو ان کي
نئين نالي سان سڃاڻپ ڏئي، 2008ع ۾ کيس ان جو چيف
ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو .هن وقت اها ڪمپني
ڊيمڪو پاڪستان
(Damco)
جي نالي سان پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڪاروبار ڪري
رهي آهي.
ارونا
انهيءَ سان گڏوگڏ 2009ع ۾ ڪمپني جي گلوبل سيٽ اپ ۾
پڻ ڊائريڪٽر منتخب ٿي، جڏهن ته هوءَ 2008ع کان”ڊيمڪو،
بنگلاديش“
جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي ميمبر پڻ آهي. هوءَ
ڪمپنيءَ جي ميٽنگن لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾
پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪندي رهي آهي، جن ۾
ڊينمارڪ، انگلينڊ، ڀارت، بنگلاديش، هانگ ڪانگ،
سنگاپور ۽ دبئي وغيره شامل آهن.
ارونا حسين جون اهي ڪاميابيون سنڌي ڇوڪرين لاءِ
اتساهه جو باعث آهن ته ڪنهن به شعبي ۾ سنڌي عورت
به پاڻ مڃائي
سگهي ٿي.
سندس شادي
پاڪستان جي هڪ مڃيل ماهر لسانيات ۽ تحقيقي ڪتابن
جي مصنف پروفيسر ڊاڪٽر صبيحه منصور جي فرزند علي
منصور سان ٿيل آهي.
ڊاڪٽر نجمه نعيم
12 ڊسمبر 2019ع ماحول متعلق صحيح ڪم ڪرڻ ۽ ان جي
قانوني طريقي بابت هڪ ڏينهن واري سيمينار جو خلاصو
قومي
اداره
برائي
تجزياتي
ڪيميا
يونيورسٽي آف سنڌ
”ماحول
متعلق
صحيح
ڪم
ڪرڻ
۽
ان
جي
قانوني
طريقي
ڪار“بابت
12
ڊسمبر
تي
انڊس
هوٽل
حيدرآباد
۾ هڪ
سيمينار
سڏايو
ويو.
جنهن
۾ هن
ڳالهه
کي
اهميت
ڏني
وئي
ته
اعليٰ
تعليمي
ادارن
۾
گڏيل
اطلاع
۽
انفارميشن
کي
باهمي طور
پهچايو
وڃي ته
جيئن
اسان
جي
لاءِ
علمي
وکرن
کي
گڏ
ڪندڙ
شخصيتون،
تحقيقي
مواد
مهيا
ڪندڙ
اسڪالر،
ليبارٽري
توڙي
ڪم
ڪرڻ
وارين
پنهنجن
پنهنجن
جاين
تي
هجن، پر
هو
ڪنهن
به
امڪاني
هراسمينٽ
کان
بچي
سگهن.
هي سيمينار ڊاڪٽر شهاب الدين ميمڻ جي اڳواڻي ۾
ٿيو. جيڪو ايڪسلسن سينٽر جو نگران پڻ آهي، جڏهن ته
پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري ۽ پروفيسر ڊاڪٽر اقبال
ڀنگر اداري
ICCBS،
ڪراچي يونيورسٽي کان آيا جن سيمينار واري تقريب جو
نه رڳو افتتاح ڪيو، پر هو خاص مهمان پڻ هئا.
هن موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر ناصرالدين شيخ وائيس
چانسلر گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد جا پڻ
ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر اقبال چوڌري، طبعي ۽ ذهني اوسر
بابت ماحول جي حالتن کي نظر ۾ رکي ڪم ڪرڻ تي زور
ڏنو، هن اهي پڻ حقيقتون ٻڌايون ته هڪ اسڪالر ۽
محقق کي ڪهڙي قسم جون زيادتون ظلم سماج طرفان
برداشت ڪرڻا پون ٿا.
هن ان ڳالهه جو به واڌارو ڪيو ته، ليبارٽريز توڙي
يونيورسٽين ۾ اسڪالرن کي حفاظتي پروٽوڪول ڏنو وڃي
۽ قانوني شڪل ڏئي ان کي ادارن ۾ لاڳو ڪيو وڃي.
ڊاڪٽر ڀنگر اهڙن اسڪالرن ۽ محققن جي ڪردار تي
روشني وڌي جن ادارن يا صنعتن کي پنهنجي علمي وکر
مان ڪجهه ڪري ڏنو آهي. ته اهي پنهنجن پنهنجن
يونيورسٽين جي درجي (Ranking)
کي وڌائڻ ۾ اڳتي اچن ۽ آزادانه طور اهڙن سيمينارن
ذريعي ادارن ۾ تعليمي سجا ڳي لاءِ ڪردار ادا ڪن.
پروفيسر شهاب الدين معزز مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽
سندن شڪريو ادا ڪيو ۽ کين سووينير پيش ڪيو.
پروفيسر ڊاڪٽر نجمه ميمڻ جا هن تقريب جي انتظامي
سيڪريٽري هئي، تنهن گڏيل سائنسي ۽ سماجي قدرن جي
واڌ ويجهه جي نشاندهي ڪئي ته وري گڏوگڏ قوم جي
بهتري ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ پڻ ڏس پتا ڏنائين:
”سماج ۾ سماجي هنري نظام کي لاڳو ڪرڻ جو موجوده
وقت جي گهرجن پٽاندر هجڻ سان گڏ انتظامي ۽ پاليسين
۾ ايندڙ تبديلين سان بلڪل هم آهنگ هجي.“
هي سيمينار ٽن ويهڪن ۾ ٿيو عالمانه وکر جو تحفظ (IPR)
ليبارٽري جو تحفظ ۽ ڪم واري جاءِ تي هراسمينٽ.
پهرين ويهڪ جيڪا (IPR)
بابت هئي تنهن ۾ ڊاڪٽر ڀنگر
ICCBS
ڪراچي يونيورسٽي، سندس
عنوان: ”عالمانه ۽ محققانه وکر بمقابل ڇپائي
(Tittle:
Ratents V/C Publication)
۽ مس صائمه ڪنول جا
Intelactual
property
organization
جو عنوان: پاڪستان ۾ عالمن
محققن جي تحفظ لاءِ انتظامي ۽ قانوني جوڙ جڪ، هن
(صائمه ڪنول) جو ڪجهه پيش ڪيو، تنهن کي وڌيڪ غور
ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر ڀنگر جي اڳواڻي ۾ هڪ پينل تشڪيل
ڏنو ويو. جنهن ۾ ايڪسيلن سينٽر آف تجزياتي ڪيميا
يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو جي پروفيسر سيد طفيل
شيرازي پروفيسر ڊاڪٽر ذيشان ۽ مهراڻ يونيورسٽي آف
انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄام شورو ۽ مس ڪنول شامل
هئا.
هنن نشستن ۾ جا سفارش پيش ڪئي وئي سا هي آهي:
”محققن ۽ اسڪالرن کي اهو، اعزاز ڏنو وڃي ته، هو
پاليسين ۾ تبديلي ۽ اعليٰ تعليم لاءِ انتظاميه
توڙي تعليمي اهميت کي وڌائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا
ڪن.“
ان کانسواءِ هن حقيقت تي پڻ زور ڀريو ويو ته،
”جيڪڏهن ڪابه شيءِ يا ايجاد، گهٽ قيمت تي مارڪيٽ ۾
اڳ ۾ ئي موجود آهي پوءِ چاهي قانوني هجي يا غير
قانوني ته ان تي پنهنجون صلاحيتون ضايع ڪرڻ نه
گهرجن. پوءِ پنهنجي ديسي هنري پيداوار کي سستي
اگهه تي بازار ۾ آندو وڃي.“ ٻي ويهڪ ۾ ڪي ايل
ٽيڪنيڪل ۽
HSE
جي نمائندي مسٽر خالد لطيف
ليبارٽري جي تحفظ کي پنهنجي لفظن ۾ گهڻو اجاگر
ڪيو. سندس عنوان:
(Developing
safety
culture
in
Research
laboratories)
بحث مباحثي دوران، ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته
ملڪ ۾ ليبارٽرين ۾ ڪنهن به قسم جي تحفظ کي لحاظ ۾
نٿو رکيو وڃي. ۽ منجهن قانوني عمل درآمد جا ڪي به
اصول عمل ۾ نٿا آندا وڃن. ادارن ۽ يونيورسٽين کي
چيو پيو وڃي ته ليبارٽري جي اصولن تي قانوني تحفظ
بابت قانون سازي ڪري ان کي جلدي عملي جامو پهرايو
وڃي.
سيمينار جو ٽي مرحلي ۾ تعليمي ادارن خاص ڪري اعليٰ
تعليمي ادارن ۾ هراسمينٽ جي موضوع لاءِ رکيو ويو.
جنهن ۾ ٻن مقررن کان سواءِ بحث مباحثي
panel dissuasion
لاءِ وقت رکيو ويو. حراسمينٽ
جي موضوع تي ڊاڪٽر عرفانه ملاح خطاب ڪيو جنهن جو
عنوان هو ”ڪم واري جاءِ تي هراسمينٽ، ان لاءِ
قانون، ان جي حاصلات ۽ ان جي ناڪامي.“
(Harassment
at
work
place
laws
its
achievements
and
failures.)
ان کان علاوه عورتن جي حفاظت بچاءُ سيل (women
protection cell)
جي اڳواڻ مس مارئي اعواڻ ادارن ۾ هراسمينٽ جي
موضوع تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان کان پوءِ
هراسمينٽ ايٽ ورڪ پليس (work
place)
جي عُنوان هيٺ گروهه جي صورت ۾ بحث مباحثو ڪيو
ويو. جنهن جي ميزباني ڪندڙ امر سنڌ، (پروفيسر سنڌ
يونيورسٽي)، ڊاڪٽر شهاب الدين ميمڻ، ڊاڪٽر نسيم
اسلم چنه پروفيسر سنڌ يونيورسٽي
ڪئي. ڊاڪٽر عرفانه ملاح، مس مارئي اعواڻ. ايڊوڪيٽ
سنيل ڪمار
(Dist Bro Association Sagha)
سميت سينٽر آف ايڪسيل جي شاگردن فياض صالح حسين ۽
ثريا سميجو پينل (گروھ)بحث مباحثي ۾ پڻ حصو ورتو.
هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي هراسمينٽ بابت تيار ڪيل
پالسيي کي ساراهيو ويو. ان سان گڏ
HECجي
ماتحت ادارن لاءِ ساڳئي پاليسي تجويز ڪرڻ واري رٿ
کي پڻ سُٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويو.
ان کان علاوه پينل حراسمينٽ جي واقعن جو ادارن ۾
وڌڻ جي سببن تي بحث ڪيو جيڪي اڳتي هلي خودڪشيءَ
جهڙن واقعن جو سبب بڻجن ٿا. جيئن سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ اهڙا هڪ اڌ واقعا پيش اچي چڪا آهن.
ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ته، هراسمينٽ کان
شاگردن ۽ استادن کي باخبر ڪيو وڃي ان لاءِ جاڳرتا
سيمينار ڪانفرنسون ۽ بحث مباحثي کي يقيني بڻايو
وڃي ته جيئن هر هڪ هراسمينٽ جهڙين ڪڌين ۽ غير مهذب
حرڪتن ۽ قدمن کان پاڻ کي بچائي سگهي. آخر ۾ هيٺيون
تجويزون ڏنيون ويون.
هراسمينٽ ثابت ٿيڻ وارن فردن کي قانون تحت سزا ڏني
وڃي.
هر اداري جو بالغ فرد چاهي ڪهڙي به صف سان تعلق
رکندڙ هجي اهو ڇهين توڙي ٻارهين مهيني ۾ جيڪي
ادارا، اهو
NCSW،
PCSW
۽
HEC,جي
انتظاميه جي پوئواري ڪري ته جيئن شڪايت ڪندڙن جي
شڪايت جو ازالو ٿي سگهي.
نوجوان شاگردن کي قانوني آئيني حقن جي باري ۾
آگاهه ڪيو وڃي ۽ کين صنف بابت تربيت ڏني وڃي.
هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي گهرجي ته يونيورسٽين کي
وڌيڪ فنڊ ڏئي ته جيئن هو اهڙين پاليسين، قانونن ۽
اُصولن کي ادارن ۾ يقيني بنائڻ ۾ پنهنجو مثبت
ڪردار ادا ڪري سگهن.
سيمينار جو هن نڪتي تي اختتام ڪيو ويو، جنهن ۾
NCEACجي
شاگردن، هائير ايجوڪشن جي نسبت سان ڇوڪرين جو هڪ
عام ماحول ٺاهيو ويو جنهن ۾ اهو ڏيکاريو ويو ته
استادن سان ڪهڙو سلوڪ ڪجي، پاڻ کان سينئر شاگردن
سان ڪهڙي هلت هلجي ته ان سان گڏوگڏ پنهنجي مائٽن ۽
دوستن سان ڪيئن پيش اچجي.
ان مان اسان کي هڪ مضبوط پيغام ملي ٿو ته سماج مان
هراسمينٽ کي ڪيئن ختم ڪجي ڇو ته اهو هڪ ناسور آهي
جنهن جي ڪري خودڪشي جو رجحان وڌي ٿو.
جيڪڏهن ڪوبه محقق يا مستشرق اسڪالر ڪو ادارو ٺاهڻ
چاهي ته کيس کپي ته هو نفيساتي، طبعي ۽ ذهني هم
آهنگي کي هائير ايجوڪيشن آرگنائيزيشن جي مطابق يقيني بڻائي.
|