شگفته شاهه
اکيون
پَسي
آئيون
مصوري منهنجو عشق
منهنجي سڃاڻپ هڪ مصوره جي حيثيت سان ٿي، پر آئون
مصوريءَ کي پروفيشن طور نه کڻي سگهيس. سبب اهو هو
ته مون باقاعده ڪٿان به سکيا نه ورتي هئي. بلڪه
آئون ”Born
artist“
هيس يا وري ”ازخود سکيا وٺندڙ
Self
taught“
آرٽسٽ آهيان. مون ميٽرڪ سائنس ۾ ڪئي ۽ اڳتي به
سائنس جي شعبي ۾ وڃڻ ٿي چاهيم، پر ڪن سببن ڪارڻ
مون سائنس جو شعبو ڇڏي ڏنو. ايستائين تصويرون ٺاهڻ
صرف شوق جي حد تائين رهيو، پر 1984ع ۾ گروپ نمائش
۽ 1986ع ۾ سولو نمائش ڪرائڻ کان پوءِ مون
سنجيدگيءَ سان سوچڻ شروع ڪيو ته ڇا مون کي مصوريءَ
جي شعبي ۾ وڃڻ گهرجي؟ ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته ان وقت
تائين مصوري منهنجي سڃاڻپ ئي نه، پر عشق بنجي چڪو
هو. ٽئلينٽ ته مون وٽ هو، پر سکيا جي به ضرورت هئي
ڇو ته فن جي ٽيڪنيڪ سمجهڻ کانسواءِ فن ۾ نکار اچڻ
مشڪل آهي. پر مون کي يا منهنجي گهروارن کي سمجهه ۾
نه پئي آيو ته آئون ڪٿان سکيا وٺان جو اسان جي سڄي
خاندان مان اڄ تائين ڪو ان فيلڊ ۾ آيو ئي نه هيو.
پهريان ته منهنجن گهر وارن پرائيويٽ طور ڪنهن
آرٽسٽ کان سکڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، پر سندن معلومات ان
شعبي ۾ محدود هئڻ ڪري منهنجي لاءِ ڪو استاد رکي نه
سگهيا.
جڏهن مون بي. اي ڪري ورتي تڏهن خبر پئي ته تلڪ
چاڙهيءَ تي ٽريننگ ڪاليج ۾ آرٽ جو ڪورس ڪرايو
ويندو آهي. ان وقت ان پروگرام جو انچارج سنڌ جو
ناميارو آرٽسٽ فتاح هاليپوٽو هو. مون سندس فون
نمبر هٿ ڪري کائنس معلومات ورتي ته هن ٻڌايو ته
اتي فقط انهن شاگردن کي داخلا ملي ٿي سگهي جن
اڳواٽ ايليمنٽري ڊرائنگ ۽ انٽر ڊرائنگ جا امتحان
پاس ڪيا هجن. جيڪي شاگرد اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران
پاس ڪندا آهن. اهو ٻڌي مون کي بيحد مايوسي ٿي جو
اسڪول ۾ منهنجي ڪنهن به رهنمائي نه ڪئي هئي. نه ته
اهي ڪورس پاس ڪرڻ مون لاءِ بيحد سولا هئا. هاڻي
ٻيو آپشن اهو هو ته يونيورسٽيءَ مان فائن آرٽس ۾
ايم. اي ڪريان. جڏهن مون سنڌ يونيورسٽيءَ مان
معلومات حاصل ڪئي ته خبر پئي ته مون کي پهرين فائن
آرٽس مان بي اي آنرس ڪرڻ کان پوءِ ايم .اي ۾ داخلا
ملندي. ان وقت آئون هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ نوڪري ڪري
رهي هيس. مون تمام گهڻو سوچيو ته مون کي نوڪري ڇڏي
چئن سالن جو فائن آرٽس جو ڪورس ڪرڻ گهرجي يا
نه؟.... ۽ ڇا فائن آرٽس جو اسڪوپ آهي جو پروفيشن
طور اختيار ڪجي؟ مون آس پاس ڏٺو. مون کي آرٽسٽ هر
جاءِ تي معاشي تنگيءَ سبب پريشان نظر آيا.
حيدرآباد ۾ فقط يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس
ڊپارٽمينٽ ۾ بهتر پوزيشن ۾ نظر آيا، پر هر ڪنهن
لاءِ اتي نوڪري نه هئي. باقي هڪ سيٽ سنڌ صوبائي
عجائب گهر ۾ ۽ هڪ مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ هئي جتي
فقط ڪجهه ماڻهن جي پهچ هئي. باقي ڊرائنگ ٽيچر هئا
يا وري پرائيويٽ ڪم ڪندڙ جن جي زندگي ڏکي هئي.
تڏهن مون سوچيو ته جنهن سماج ۾ آرٽ کي سمجهڻ وارا
ئي نه هجن ۽ آرٽسٽ کي مان ڏيڻ وارا نه هجن اتي ان
شعبي ۾ چار سال ڏيڻ اجايا آهن.... اها منهنجي ان
دور جي سوچ هئي. البت شام جو ڪنهن آرٽ جي سکيا
ڏيندڙ اداري مان ٽريننگ حاصل ڪريان. لطيف آباد ۾
خانهء فرهنگ ۾ اهڙي سکيا ڏني پئي وئي، پر 1990ع ۽
1991ع ۾ حيدرآباد شهر ۽ لطيف آباد ۾ اوچتو ئي
دهشتگرديءَ جا واقعا ٿيڻ سبب منهنجا گهر وارا مون
کي لطيف آباد واري پاسي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا. نيٺ
مون سنڌيءَ ۾ ايم .اي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
1992ع ۾ ايم _اي جو امتحان ڏئي فارغ ٿيس ته اخبار
۾ خبر پڙهيم ته سنڌ صوبائي عجائب گهر ۾ آرٽ جي
سکيا جا ڪلاس شروع ڪيا پئي ويا. منهنجي خوشيءَ جي
ڪا حد نه هئي ڇو ته هڪ ته منهنجي تمام پراڻي
خواهش پوري ٿيڻ جا امڪان هئا ۽ ٻيو ته ڪلاس گهر
کان ويجهو ئي شروع پي ٿيا. ٽائيم ساڍا ٽي کان ساڍا
چار هئا. مون ڏاڍي شوق ۾ اتي ايڊميشن ورتو.
آرٽ جي سکيا لاءِ هزارين روپيا خرچ ڪري بورڊ، رنگ
۽ برش ورتا. پهرئين ڏينهن ڪلاس ۾ پهتس ته اهو ڏسي
حيران ٿيس ته مون کانسواءِ اتي ڪير به ڪونه هو.
سامهون استاد موجود هو. شاگردن لاءِ مخصوص بينچون
رکيل هيون. استاد محترم مون کان نالو پڇيو. منهنجو
غائبانه تعارف اڳ ۾ هئس. پوءِ پنهنجو تعارف
ڪرايائين. سندس نالو
منور ميمڻ هو
۽ هو مهراڻ آرٽس ڪائونسل لطيف آباد ۾ بطور
آرٽسٽ ڪم ڪري رهيو هو. آرٽ جا ڪلاس به مهراڻ آرٽس
ڪائونسل طرفان شروع ڪيا ويا هئا. انهن ڏينهن ۾
عبدالرزاق چانڊيو وٽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل جو ڊائر
يڪٽر هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ صوبائي عجائب گهرجي
ڊائريڪٽر جي اضا في چارج هئي.
”توهان ڪم ڪرڻ شروع ڪريو ڪجهه ڏينهن ۾ ٻيا شاگرد
به اچي ويندا. منهنجي ڀيڻ به ايڊميشن ورتي آهي.
هوءَ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اچي ويندي.“ سرمنور ميمڻ
چيو.
ڪجهه ڏينهن تائين هو منهنجي بينچ اڳيان پيل ٽيبل
تي ڪانه ڪا شيءِ ماڊل طور رکندو هو ۽ آئون واٽر
ڪلر ۾ هر روز هڪ اسائنمينٽ مڪمل ڪندي هيس. سر منور
منهنجي رهنمائي ڪندو هو. هڪ ڏينهن هن ٽيبل تي
پاڻيءَ سان ڀريل شيشي جو جڳ ۽ ڀرسان گلاس رکيو.
آئون خاڪو ٺاهڻ بعد رنگ مڪس ڪرڻ ۾ مصروف هيس. ايڏي
خاموشي هوندي هئي هئي جو سامهون روڊ تان گذرندڙ
گاڏين جا هارن ۽ هلڪو گوڙ به ٻڌڻ ۾ ايندو هو.
نومبر مهينو هو. موسم خوشگوار هئي ۽ مون کي پينٽنگ
ڪندي مزو پي آيو. اوچتو مون ٽيبل طرف ڏٺو ته جڳ ۽
گلاس غائب هئا. مون هڪدم سرمنور ڏانهن ڏٺو ته هو
ڪنهن مئگزين جو مطالعو ڪرڻ ۾ گم هو. جڳ ۽ گلاس وٽس
نه هو. ٻيو ته ڪوئي ڪلاس ۾ هو ئي نه. مون ڪلاس کان
ٻاهر ورانڊي ۾ ڏٺو ته اسان جي گهر جو پراڻو خليفو
محمد صديق جڳ مان گلاس ۾ پاڻي لاهي پي رهيو هو. هو
هر روز مون سان گڏ ايندو هو ۽ جيستائين آئون ڪلاس
اٽينڊ ڪندي هيس اوستائين هو ڪلاس کان ٻاهر ورانڊي
۾ ڪرسيءَ تي ويٺو هوندو. آئون ڪم ۾ ايترو مگن هيس
جو خبر ئي نه پئي ته هو ڪيڏي مهل ڪلاس ۾ آيو ۽
ٽيبل تان جڳ ۽ گلاس کڻي ويو هو. مون کي کل اچي
وئي. اسان جي گهر جي خليفن ۽ دائين آخري دم تائين
اسان جي خاندان سان نڀايو. محمد صديق خليفي جي
وفات 12 نومبر 2019ع تي ٿي. آخري وقت تائين
نڀايائين. سندس حيثيت گهرجي فرد جهڙي هئي. سندس
وفات تي سڀني کي ڏاڍو ڏک پهتو.
ڪجهه ڏينهن گذريا ته هڪ ڇوڪري آرٽ جي ڪلاس ۾ آئي
جنهن سان اڳ ۾ ئي منهنجي شناسائي هئي. هوءَ بسمه
شاهه هئي.
”هيءَ منهنجي سڳي ڀيڻ جيان آهي.“سرمنور تعارف
ڪرايو.
اسين ٻئي خوش ٿيوسين. ڪجهه عرصو اڳ ئي اسان جي
ملاقات ٿي هئي جڏهن گورنمينٽ گرلز زبيده ڪاليج مان
مون ايم _ اي سنڌيءَ جو امتحان ڏنو هو ۽ هن ايم _
اي سوشيولوجي جو. هوءَ وڻندڙ شڪل واري ۽ خوش لباس
ڇوڪري هئي. پاڻ ڪار ڊرائيور ڪندي هئي. انهن ڏينهن
۾ فلم اسٽار ريما ڪافي مشهور هئي. هوءَ ان جهڙي
لڳندي هئي. جڏهن کان هن آرٽ جا ڪلاس جوائن ڪيا هئا
هوءَ ئي مون کي گهران پنهنجي ڪار ۾ پڪ ڪندي هئي ۽
واپسي ۾ ڊراپ ڪندي هئي. انهن ڏينهن ۾ هوءَ هڪ
سرڪاري اسڪول ۾ ٽيچر هئي. اسان جي سٺي دوستي ٿي
وئي. اسان آئل پينٽ ۾ پورٽريٽ ٺاهيا. ان بعد اسان
کي ميوزيم جي اندر ٺاهيل ڳوٺ جي لينڊ اسڪيپ ٺاهڻ
جون اسائنمينٽس مليون ته سچ پچ ته اهي پينٽنگ
ٺاهيندي ڏاڍو مزو ايندو هو. هاڻي ڪجهه ڇوڪرا به
اچي ويا هئا ڪلاس ۾. اسان جا ڪلاس اڃان مهينو کن
مس هليا ته وچ مان ئي ختم ڪيا ويا جنهن جو سبب
اسان کي نه ٻڌايو ويو. مون کي ڏاڍي مايوسي ٿي ۽
بسمه شاھ کي به. اڄ هوءَ تعليم جي ڊپارٽمينٽ ۾
وڏي عهدي تي آهي ۽ اڄ به اوتري ئي خوبصورت ۽ ايڪٽو
آهي.
2001ع کان 2003ع تائين آئون قاسم آباد جي وومين
ٽيڪنيڪل سينٽر ۾ انگزيزي پڙهائيندي هيس ته اتي
هلندڙ فيبرڪ پينٽنگ جا ڪجهه ڪلاس به اٽينڊ ڪيم ۽
پوءِ نه صرف ڪپڙن تي پينٽنگ ڪيم، پر پٿرن کي به
فيبرڪ ڪلرز جي مدد سان پينٽ ڪيو. اهو منهنجو
پنهنجو آئيڊيا هو، پر هاڻي اسٽون پينٽنگ به هڪ آرٽ
بنجي چڪو آهي.
مون مصوري کي پروفيشن بنائڻ بدران درس وتدريس کي
پروفيشن بنايو. شايد منهنجو فيصلو درست هو جو اڄ
آئون سٺي عهدي تي آهيان. پر مون ڪيترن ئي فائن
آرٽس ۾ ماسٽرز ڪيل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي نوڪريءَ لاءِ
پريشان ڏٺو يا وري اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر ٿي ننڍن
گريڊن تائين محدود ڏٺو. پر هڪ ڏک هميشه رهندو ته
آئون مصوريءَ کان ڪافي هٽي ويس ڇو ته اهو فل ٽائيم
گهرندڙ ڪم آهي ۽ آئون ان کي اڳتي صحيح وقت ڏئي نه
سگهيس. ڪنهن ڪلچرل يا ادبي اداري سان وابسته هجان
ها ته پري نه ٿيان ها ڇو ته منهنجي هميشه کان
خواهش رهي ته منهنجا ٺاهيل اسڪيچ ڪتابن جي ٽيئٽلن
۽ ڪتابن اندر هجن. مون کي ڪتابن سان تمام گهڻي
محبت آهي پوءِ ڪيڏو سٺو ٿئي ها ته منهنجي محبت ۽
عشق يڪجا هجن ها...يعني ڪتابن اندر منهنجي
مصوري...
شايد قدرت مون کي هڪ معلم جي روپ ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو
هڪ پروفيشنل آرٽسٽ جي حيثيت سان نه. يقيناً ان ۾
به منهنجي لاءِ بهتري هوندي ۽ آئون قدرت جي ان
فيصلي تي خوش آهيان. باقي مصوريءَ سان منهنجو تعلق
ڪڏهن به نه ٽٽندو.
امر راءِ
سنگهه راجپوت
نظم
بابا
مون کي بُک لڳي ٿي
پنهنجي گهر جي سامهون گهر آ
جنهن جو کُليل هڪڙو در آ
مائي جنهن ۾ ڀَت رڌي ٿي
بابا مون کي بُک لڳي ٿي.
ڀَت جي خوشبوءِ
ايندي آھي
وڻ وڄائي ويندي آھي
ڀَت سان گڏ ڪٿ ساڳ پچي ٿو
داڳ جي خوشبوءِ
ايندي آھي
آنڊا ساڙي ويندي آھي
خوشبوءِ
ڪنهن کي ڪونه سُڃاڻي
ڪير غريب ۽ ڪير اَمير آ؟
خوشبوءِ
هرهڪ نَڪ پُڄي ٿي
پاڻ کڻائي پَڪ پُڄي ٿي
بابا مون کي بُک لڳي ٿي.
تارا ڳڻي چَنڊُ تڪيون ٿا
رات ڪَٽيون
ٿا ڏينهن ٿئي ٿو
ڏينهن کُٽي ٿو شام ٿئي ٿي
بُک اسان لئه طعام ٿئي ٿي
سپني ۾ ڪُجهه کاوان ويٺو
ننڊ به منهنجي ويري آھي
آڌي ويلي اَکُ کُلي ٿي
بابا مون کي بُک لڳي ٿي
ٽاڻا ٽي لنگهي ويا آھن
ٽيئي ڏيل ڏنگي ويا آھن
مون کي ماني ڪانه ملي آ
اکيون کولي جي ڏسان ٿو
گابو ڳئون گهٽيءَ ۾ ڌائي
ڇيليءَ سان گڏ ڇيلو آھي
سامهون ٻالڪ سيون کائي
جهرڪي چوڻو روز چُڳي ٿي
بابا مون کي بُک لڳي ٿي.
پاڙي ۾ ڪو ڪاڄُ ٿئي ٿو
گڏُ سمورو راڄُ ٿئي ٿو
مون وٽُ پوئو پائي ناهي
مُنهنجي اهميت ڪائي ناهي
مون کي ماني تان تڙن ٿا
مُنهنجا آنڊا ائين سڙن ٿا
ديڳ دم تان جيئن
لهي ٿي
بابا مون کي بُک لڳي ٿي
لُڙڪ چُنيءَ ۾ روز لِڪائي
ٻچڙن ڪارڻ پاڻ کي گهائي
سارو ڏينهن ڏُکن ۾ گهاري
ڪنهن کان ٿورو اَنُ اُڌاري
شام جو هلڪو ٻارڻ ٻاري
اَمان پَٽڙي رٻ رَڌي ٿي
بابا مون کي بُک لڳي ٿي.
ڊاڪٽر ريحانه نظير
موٽڻ
جنين
مهڻو
هو شروع کان ئي ائين هئو پروفيشنل. مون هن کي ڇا
ڇا نه ڏنو پنهنجي خوشي پنهنجو اعتبار پنهنجو پاڻ
به ارپي ڇڏيو هو. بدلي ۾ هن مون کي ڇا ڏنو بي
يقيني، بي اعتباري ۽ بيچيني. اڄ مان ڪيڏو خالي
ڪيڏي اڪيلي بڻجي وئي آهيان. بلڪل انهن ڪکن وانگر
جن کي ڪابه خبر نه هوندي آهي ته ڪهڙي طرف کان هوا
اچي، کين ڪهڙي پاسي کڻي ويندي. هي زندگي مون کان
ائين ڇو رسي وئي. هاڻي ته موت به ڄڻ منهن موڙي
ڇڏيو آهي. بلڪل هن شعر جيان.
”مومل تون ڪو ٻار ڪونه آهين يونيورسٽي ۾ پڙهين
ٿي. مون کي صحيح ٻڌاءِ، تو هي ڪهڙو ڪم ڪيو
آهي. تو اسان کي منهن ڏيکارڻ جهڙو ئي ڪونه
ڇڏيو آهي تنهنجي ماما کي ان ڳالهه جي خبر
پوندي ته ڇا ٿيندو.“
آءُ اڪيلو سامهون سٿ
خنجر خنجر ڪئين هٿ
مان ڇا ڪيان... ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه پئي اچي. هن
جا لفظ باهه جا ڀڀڙ بنجي منهنجي وجود کي ساڙي رهيا
آهن. ڪيترا سوال پريشان ڪري رهيا هئس. جڏهن ڪاليج
۾ پڙهندي هئس تڏهن ڪنهن به ڇوڪري کي ڪو مسئلو
درپيش ايندو هو ته مون ڏي ايندي هئي، پر اڄ مان
پنهنجو مسئلو ڪنهن وٽ کڻي وڃان ڪابه ڳالهه سمجهه ۾
نه پئي اچي. نه گهر وارن سان نه وري جتي پڙهڻ لاءِ
آئي آهيان اتي ڪا سهيلي يا همدرد آهي جنهن سان هي
ڳالهه ڪريان آخر ڪاڏي وڃان. روز ڪيتريون ڇوڪريون
اخبار جون سرخي بنبيون آهن، شايد مان به اهڙي
اخبار جي سرخي بڻجي وڃان جنهن کي هرڪو پڙهي هيٺ
ڦٽو ڪري چوندو آهي ته، ”هتي ته روز ساڳيون خبرون،
ڪا نئين خبر آهي ئي ڪانه! يا ته ڇوڪريءَ خودڪشي
ڪئي يا مائٽن ماري ڇڏي يا وري پسند جي شادي تي
ڪاري ڪري ماري وئي.“ ڪابه ته نئين ڳالهه ڪانه
هوندي آهي. هتي ته روز نياڻيون وحشي درندن جي ڄار
۾ ڦاسنديون آهن يا بليڪ ميل ٿينديون آهن يا وري
مري وينديون آهن. ڇاڪاڻ ته زندگي هنن کي جيڏو وسيع
ڪئنواس ڏيندي آهي. موت اوترو سوڙهي گهٽيءَ مان هنن
کي گهلي کڻي ويندو آهي.
مومل اهو سڀ ڪجهه ياد ڪري رهي هئي ته ڪيئن پڙهڻ ۽
ڪجهه بنجڻ جا
خواب کڻي پنهنجي مامي جي گهر ڪراچي
آئي هئي. اهي
ڏينهن اهي راتيون ڪيڏيون خوبصورت هيون.
هوائن ۾ ڪيڏو نه هڳاءُ هو، موسم جون سرگوشيون هن
کي ڪيڏو نه بي چين ڪنديون هيون ان بيچيني ۾ ڪيڏو
سڪون هو. هن جي زندگيءَ ۾ ڪنهن خوشين جي دستڪ ڏني
هئي جنهن کي ڏسي هوءَ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي هئي.
شبنمي خواب جن جي ساڀيان هن کي عامر جي اکين ۾ نظر
ايندي هئي. ڪيڏي نه پرمسرت هئي انهن چپن جي
مسڪراهٽ، ڪيڏي نه مدهوشي هئي انهن اکين ۾ جن سان
نظر کڻي جڏهن عامر هن کي ڏسندو هو ته هوءَ خوشيءَ
مان جهومڻ لڳندي هئي. هن کان ته اهو به وسري ويو
هو ته عامر اتي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ٽڪيل هو. هن کي
ڪنهن
N.G.O
جو پراجيڪٽ مليو هو جنهن ڪري ڪجهه ڏينهن پنهنجي
ڀيڻ يعني هن جي مامي وٽ رهڻ آيو هو.
مون لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي. هاسٽل نه ملڻ ڪري
ماما مون کي پنهنجي گهر ۾ رهايو هو. ماما بئنڪ ۾
مئنيجر هو ۽ مامي ڊاڪٽر هئي. سڄو ڏينهن اسپتال ۽
شام جو ڪلينڪ هلائيندي هئي. گهر گهڻي ڀاڱي نوڪرن
جي حوالي هوندو هو. ٻه ٻار هئا. جيڪي صبح جو اسڪول
۽ شام جو ٽيوشن تي هوندا هئا. پوءِ ٿڪجي ڪمرن ۾
سمهي رهندا هئا. انڪري مون کي عامر سان ڳالهائڻ جو
سٺو موقعو ملندو هو. مان جيئن ته ننڍي شهر مان آئي
هيس انڪري مان عامر جي شخصيت کان جلد متاثر ٿي
ويس. اسان بهاني بهاني سان هڪٻئي سان ڳالهائڻ جي
ڪوشش ڪندا هئاسين. اسان جي وچ ۾ ڪڏهن پيار ٿيو ڪا
خبر ئي نه پئي.
هڪ ڏينهن ماما ڳوٺ ويو ۽ مامي جي اسپتال ۾ نائيٽ
ڊيوٽي هئي. اها سياري جي سرد رات هئي ٻار به سمهي
رهيا هئا. مان ڪافي ٺاهي عامر کي ڪمري ۾ ڏيڻ ويس
جڏهن واپس مڙڻ لڳس ته عامر ڇڪي مون کي هڪدم ڀاڪر ۾
ڀريو.
”مومل منهنجي ڳالهه ٻڌ هاڻي پاڻ نڪو ڳالهائي سگهون
ٿا ۽ نه ئي ملي سگهون ٿا انڪري مون کي وساري ڇڏ.
اهوئي ٻنهي لاءِ بهتر آهي.“
”ڇڏيو عامر هي ڇا پيا ڪريو. ٻار ستل آهن مان وڃان
ٿي.“ مون پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”مومل ڳالهه سمجهه. هي وقت ۽ هي فرصت جا لمحا وري
الائي ملن الائي نه. زندگي جي هن خوبصورت ساٿ کي
خوشيءَ سان قبول ڪر. اچ ته اڄ ويهي دل جون ڳالهيون
ڪريون.“
عامر مون کي ٻانهن کان وٺي پنهنجي
بيڊ تي
ويهاريو. هڪ ته موسم جي مدهوشي ٻيو عامر جو
ايڏو قريب اچڻ مان هن جي ڳالهين ۽ سحر ۾ گم ٿيندي
ويس. ائين پئي لڳو ڄڻ مان پنهنجي وس ۾ نه هيس. اهي
پل اها رات گذري وئي. پوءِ انهن لمحن جي ڪشمڪش مون
کي مون کان ڌار ڪري ڇڏيو. ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ
مون کان اهي لمحا سڀ ڪجهه کڻي ويا. منهنجو سڪون سڀ
ڪجهه. مان مڃان ٿي ته ان رات منهنجي ۽ عامر جي وچ
۾ جيڪي ڪجهه ٿيو ان ۾ منهنجي ۽ هن جي مرضي شامل
هئي. پر پوءِ به الائي ڇو مان گهر ڀاتين کان نظرون
چورائڻ لڳس. سڄو ڏينهن ڪاليج توڙي گهر ۾ چپ ڪيو
ويٺي هوندي هئس. ڳالهه ڳالهه تي روئي پوندي هئس.
عامر کانسواءِ ڪير به منهنجو رازدان ڪونه هو. ماما
سمجهندو هو ته مون کي پڙهائي جو ٽينشن آهي انڪري
نه ڪجهه کاوان ٿي ۽ نه وري ڪنهن سان ملان ٿي. گهر
امان سان مون ڳالهائڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. مان پاڻ کي
ان قابل ئي نه پئي سمجهان جو امان يا بابا سان
ڳالهائي سگهان. مون کي لڳي پيو ته مون کان غلط ٿيو
آهي. عامر ڪجهه وقت ڪڍي مون سان ڳالهائيندو هو ۽
مون کي سمجهائيندو هو ته تون پريشان نٿي. تون
منهنجي آهين مان توسان شادي ڪندس ڇو ٿي پريشان ٿي.
هن جون ڳالهيون ٻڌي مون کي ڪجهه آٿت ملندو هو.
هاڻي هو به ڳوٺ هليو ويو. هڪ ڏينهن مان جيئن صبح
جو اُٿي رڌڻي ۾ آيس ته مون کي الٽي اچڻ لڳي مان
وٺي ڪمري ڏانهن ڀڳس. مامي منهنجي پٺيان ئي تڪڙي
آئي مان جيئن واش روم مان ٻاهر نڪتس ته ماميءَ کي
سامهون ڏسي مون کي چڪر اچي ويو ۽ وڃي ڪريس.
هوش آيو ته ماما مٿان بيٺو هو ۽ ماميءَ کان پڇيو
ته مومل کي ڇا ٿيو آهي صفا ڪمزور ٿي وئي آهي.
ماميءَ هڪ نظر مون کي ڏٺو ۽ پوءِ ماما کي چيو ته،
”توهان فڪر نه ڪريو مان هن کي هاسپيٽل وٺي ٿي
وڃان. ڪجهه ضروري ٽيسٽون ڪرايان ٿي پوءِ خبر پئجي
ويندي ته ڇا ڳالهه آهي.“
منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي
رهيو آهي. مامي مون کي هاسپيٽل بدران پنهنجي ڪلينڪ
تي وٺي آئي. ماميءَ منهنجو چيڪ اپ ڪري هڪ تيز نظر
منهنجي چهري تي وڌي. ”مومل سچ ٻڌاءِ هي ٻار ڪنهن
جو آهي؟ مون سان ڪوڙ نه ڳالهائجانءِ.“
”مامي توهان ڇا پيا چئو. ڪهڙو ٻار ڪنهن جو ٻار.“
مان گهٻرائجي اٿي ويٺس.
”مومل تون ڪو ٻار ڪونه آهين يونيورسٽي ۾ پڙهين ٿي.
مون کي صحيح ٻڌاءِ، تو هي ڪم ڪهڙو ڪيو آهي. تو
اسان کي منهن ڏيکارڻ جهڙو ئي ڪونه ڇڏيو آهي تنهنجي
ماما کي ان ڳالهه جي خبر پوندي ته ڇا ٿيندو.“
”عامر جو ٻار آهي مامي.“
”عامر؟ تون سچ ٿي چوين.“
مامي چڙ مان پڇيو.
”ها مامي توهان ڀلي عامر کان فون ڪري پڇي وٺو.“
مون روئندي چيو.
مامي ڪجهه دير لاءِ چپ ٿي وئي.
”تون رو نه،
تنهنجي ماما کي ڪا خبر ڪانه پوندي. مان
ڪوشش ڪري ڪلينڪ تي ابارشن ڪري ڇڏيان ٿي. توکي ڪجهه
ڪونه ٿيندو. ٻه ٽي ڏينهن توکي هتي رکندس.“
”پر مامي عامر کي ته ٻڌايو مان اڪيلي ايڏو وڏو
فيصلو ڪيئن ڪري سگهندس. ان کي گهرايو پليز.“ مان
روئڻ لڳس ته مامي ڪجهه پريشان ٿي وئي ته ڪٿي مامي
کي نه خبر پئجي وڃي.
”نه نه مان عامر کي گهرايو آهي اهو به پهچي ويندو.
پر سڀاڻي تائين هيءَ ڳالهه کلي ته تون گهر وارن يا
پنهنجي مامي کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندينءَ. مون کي به
تون پنهنجي ٻچن وانگر پياري آهين انڪري چوان ٿي ته
توتي ڪو الزام نه اچي وڃي ڏاهي ٿي هنيئر جيڪو مان
چوان ان تي عمل ڪر. سڀاڻي دير نه ٿي وڃي.“ ماميءَ
جي نرم لهجي مون تي وڏو اثر ڪيو ۽ مان تيار ٿي
ويس. منهنجو ابارشن مامي پنهنجي ڪلينڪ تي ڪيو.
ماما کي اهو ٻڌايو ويو ته مان ڪمزور ٿي وئي آهيان.
انڪري ڪلينڪ تي مون کي ايڊمٽ ڪيو آهي ۽ اتي منهنجو
علاج هلي رهيو آهي. منهنجي گهر ڀاتين کي ان واقعي
جي ڪابه خبر ڪانه هئي. ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته مان
گهر موٽي آيس ته عامر کي فون ڪيم.
”عامر تون ڪونه آئين. توکي خبر آهي ته مان ڪيڏي
وڏي عذاب مان گذري آهيان. تو رڳو فون به نه ڪئي.“
”اديءَ منع ڪيو آهي ته هاڻي توسان نه ڳالهايان.
فون ڪندو هئس ته ادي ڪٽي ڇڏيندي هئي.“
”ته پوءِ تون ماميءَ جي چوڻ تي مون سان ڪونه
ڳالهائيندي؟ تو ماميءَ کان پڇي پيار ڪيو هو. تو
جيڪي مون سان ڪيو ان مهل به ماميءَ کان پڇيو هو جو
هاڻي ان جي چوڻ تي نٿو ڳالهائين.“
مون چڙ ۾ فون بند ڪئي. ٿوري دير کان پوءِ مون وري
عامر کي فون ڪئي.
”مومل منهنجي ڳالهه ٻڌ هاڻي پاڻ نڪو ڳالهائي سگهون
ٿا ۽ نه ئي ملي سگهون ٿا انڪري مون کي وساري ڇڏ.
اهوئي ٻنهي لاءِ بهتر آهي.“
”عامر تون هي ڇا پيو چوين تو منهنجي زندگي خراب
ڪري ڇڏي هينئر تون هي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين؟“
”چڱو مومل خدا حافظ“.
هن اهو چئي فون بند ڪري ڇڏي. مون فون ملايو ته
نمبر بند آيو. پوءِ مان مسلسل ڪال ڪندي رهيس. پر
نمبر بند. نيٺ مان پريشان ٿي ماميءَ ڏي ويس ان سان
عامر جي ڳالهه ڪيم. ”ڏس مومل عامر جي مڱڻي ٿيل آهي
جلد ان جي شادي ٿيندي. تون به ان کي وساري وڃي
پنهنجي نئين زندگي شروع ڪر. مون تي اها پڪ رک ته
تنهنجو راز هميشه راز رهندو. پر جيڪڏهن تون اها
ڳالهه ڪنهن سهيلي سان يا پنهنجي گهروارن يا پنهنجي
مامي سان ڪندينءَ ته تنهنجو يقين ڪير ڪونه ڪندو.
ڇو جو تو وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته اهو ٻار عامر جو هو.
ڊاڪٽر ته مان آهيان نه. ڇا مان پنهنجي ڀاءُ کي
بچائڻ لاءِ ڪجهه ڪونه ڪندس اجايو بدنام ٿي
ويندينءَ انڪري ماٺ ۾ ويهي جنهن ڪم لاءِ آئين
هئينءَ اهو پورو ڪر ۽ گهر وڃ.“
”پر مامي تون ته سڀ ڪجهه ڄاڻين ٿي تون به ائين ٿي
چئين.“
مون حيرت مان ماميءَ کي ڏٺو مون کي هوءَ ان مهل
ڪنهن ڌوتيءَ جو ڏيک ڏئي رهي هئي.
”ڏس مومل عامر منهنجو اڪيلو ڀاءُ آهي مان ان جي
شادي تو جهڙي ڇوڪريءَ سان ڪونه ڪرائيندس جيڪا
شاديءَ کان پهرين پنهنجي لڄ لهرائي ويٺي هجي. تون
اها ڳالهه نه وسار ته جي مان نه هجان هان ته تون
ڪهڙي عذاب مان گذرين ها ۽ هينئر تائين جيئري به
هجين هان يا نه. هاڻي خاموشيءَ سان هتي رهڻو اٿئي
ته رهه نه ته ٻڌ سامان پنهنجو ۽ هتان هلي وڃ.“
مامي اهو چئي ڪمري مان هلي وئي، مان آسمان کي
نهاري روئندي رهيس ڪيترا ڀيرا خيال آيو ته پاڻ کي
باهه ڏئي ساڙي ڇڏيان يا ڇري کڻي رڳ وڍي ڇڏيان يا
ڪمري ۾ وڃي رئو ڳچيءَ ۾ وجهي ڦاهو کائي پنهنجو انت
آڻيان.
پر ڇو گنهگار ته اسان ٻئي آهيون پوءِ هو زندگي جو
سڀ خوشيون ماڻي باقي مان پاڻ کي ماري ڇڏيان نه...
نه... هرگز نه. مان وڙهندس سڀني سان وڙهندس.
پنهنجو پاڻ سان به وڙهندس. مان ائين نه مرندس اهو
سوچي مان سامان کڻي گهر هلي آيس. منهنجي اندر ۾
نفرت جو مچ ٻرڻ لڳو. ان نفرت مون کي جيئڻ جي سگهه
ڏني. مان تيستائين شهر ڪونه ويس جيستائين هاسٽل جو
بندوبست نه ٿيو. گهر ڀاتين کي مون اهو ٻڌايو ته
ٻارن جي گوڙ ڪري مان پڙهي نٿي سگهان پوءِ ان نفرت
ئي مون ۾ حوصلو جاڳايو. مون قانون جو امتحان پاس
ڪيو ۽ پريڪٽس شروع ڪئي. ٽن چئن سالن جي وڪالت کان
پوءِ مان جج جي ڪميشن پاس ڪئي. تسيتائين مون منهن
ورائي نه گهر کي ڏٺو نه وري ماما وارن سان رابطو
رکيو. ماڻهو مون کي سخت مزاج يا کڻي بدمزاج
سمجهندا هئا. منهنجي لاءِ ڪيترائي رشتا آيا، پر
مون انڪار ڪري ڇڏيو. گهر ڀاتي به آخر چپ ڪري ويهي
رهيا. جڏهن منهنجي جج ٿيڻ جي خبر ماما کي پئي ته
اهو ماميءَ سان گڏ مبارڪ ڏيڻ آيو.
مان سلام ڪري اندر هلي آيس ته مامي به اندر هلي
آئي. امان ٻاهر ماما سان ويٺي هئي.
”مومل مون کي افسوس آهي جو مون تو جهڙي ڪونج کي
وڃائي ڇڏيو. پر منهنجو به ڪهڙو ڏوهه هو. عامر جو
مڱڻو ٿيل هو. مان ڇا ڪيان هان. پر عامر کي نوڪري
ڪانه ملي جنهن ڪري ان جي شادي ڪانه ٿي. شايد هو اڄ
به تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي. هاڻي تون وڏي مقام
تي آهين جي تون راضي هجين ته مان اڄ ئي تنهنجي
ماءُ پيءُ سان ڳالهه چوريان.“
”بس مامي گهڻو ٿيو. مهرباني ڪري هتان هليا وڃو.
منهنجو جواب ساڳيو آهي ته مان شادي ڪانه ڪندس.
عامر سان ته هرگز ڪانه ڪندس. توهان وڃي سگهو. ٿا.“
مامي چڙ مان اٿي.
”چڱائي جو ته زمانو ئي ڪونهي. جي مان نه هجان ته
تون ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙي ڪانه هجين هان.“
”مون کي ان تي ڪو به بحث ناهي ڪرڻو. جي توهان کي
ٻڌائڻو آهي ته وڃي سڀني کي ٻڌايو. پر مامي ياد
رکجانءِ ته مان تنهنجي ڀاءُ ۽ توتي ڪيس ڪندس، پوءِ
پئي منهن ڏجاءِ ڪورٽن ۾.“ منهنجو حوصلو ڏسي هوءَ
ڊڄي وئي ۽ چپ چاپ هلي وئي.
هڪ ڏينهن مان جيئن ڪورٽ مان ٻاهر نڪتس ته عامر
سامهون بيٺو هو.
”مون کي تو سان ڳالهائڻو آهي مومل.“
”مون وٽ وقت ڪونهي مون کي ڪاڏي وڃڻو آهي.“
”بس پنج منٽ مومل.“
”صرف پنج منٽ. توهان چيمبر ۾ اچو.“
”مومل مون توسان ڳالهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر
تنهنجو نمبر بند ملندو هو. مومل مون ڏي ڏس مان
تنهنجو ساڳيو مينڌرو آهيان.“ عامر سمجهي پيو ته
مومل اڄ به ساڳي نرم دل ۽ نماڻي هوندي ۽ هن جا ٻه
ٽي جملا ٻڌي برف وانگي ڳري ويندي.
پر وقت جي دز اهي رستا جيڪي دلين طرف ايندا آهن
ميٽي ڇڏيا هئا. مومل هاڻي زندگي جون ٺوڪرون کائي
ڏاڍي مضبوط ٿي وئي هئي. مون کي معاف ڪر. مومل ڏس
مون تو سان ڪابه بيوفائي ڪانه ڪئي آهي نه ته مان
شادي نه ڪريان هان. ادي هرو ڀرو اسان جي وچ ۾ آئي.
مان اڄ به تنهنجو آهيان سڀاڻي به تنهنجو ئي
هوندس.“
”توهان جا پنج منٽ پورا ٿيا توهان هاڻي وڃي سگهو
ٿا.“ |