سوچ ويچار
ماهوار ”سرتيون“ جنوري 2020ع جو رسالو اوهان جي
هٿن ۾ آهي. پرچو ڪيئن آهي؟ پنهنجي راءِ کان آگاهه
ڪندا. اهو اوهان پڙهندڙن/ لکندڙن جي سهڪار ۽ تعاون
جو نتيجو آهي جو رسالو ٽيهن سالن کان لڳاتار
نڪرندو رهي ٿو.
ڪٿي پڙهيو هيم ته جڏهن اوهان جي اکين ۾ لڙڪ جمع ٿي
نيڻن جا بند ٽوڙڻ لڳن، اوهان جي دردن جو ڪوئي
درمان نه هجي، ڪنهن کي ڪجهه چوڻ جو حوصلو نه هجي
ته توهان ڪڏهن به پريشان نه ٿجو. بس ان پاڪ ذات
جيڪو رب العالمين آهي ان سان پنهنجو دک درد بيان
ڪجي. پنهنجو حال اورجي، بيشڪ! ”اهوئي الله آهي،
جو ماڳ رسائيندئي مارئي!“ (شاهه) بس اهو رب پاڪ
آهي جو روئندڙن کي کلائيندو آهي، جيڪو بگڙي
بنائيندو آهي. جيڪو ٻڏندڙ ٻيڙا پار لڳائيندو آهي.
ان تي يقين رکي پنهنجي محنت ۽ لگن جاري رکجي. دير
يا سوير هو نوازيندڙ ضرور نوازيندو!
مون کي رومي جي هنن لفظن به ڏاڍو متاثر ڪيو ته:
Once rumi was questioned what is poison?
He replied with a beautiful answer.
Anything which is more than our necessity is
poison. It may be power, wealth, hunger, ego,
greed, laziness, love, ambition, hate or
anything.
مطلب ته اها هر شيءِ زهر آهي جيڪا ضرورت کان وڌيڪ
استعمال ڪجي. پوءِ اها طاقت ، دولت، بک، انا،
لالچ، سستي، محبت، مقصد، نفرت يا ڪابه. انڪري
انسانذات جي بهتري انهيءَ ۾ آهي ته هو مياناروي ۽
برابري عدل ۽ انصاف سان هلي. پنهنجي حدن اندر رهي
دنيا ۽ آخرت فتح ڪري سگهي ٿو.
اڄڪلهه هر ڪنهن جي زبان تي اها ڳالهه آهي ته سڪون
ڪونهي. منهنجي خيال ۾ ته سڪون اسان جي اندر جي
پيداوار آهي. سادگي، سونهن ۽ سچ اهڙيون صفتون آهن
جيڪي اسان پاڻ ۾ پيدا ڪريون ته هوند، دنيا ۽ آخرت
ٻيئي موچاريون ٿي وڃن. هي دنيا عظيم انسانن جي
ڪارنامن سان ڀري پئي آهي. انهن نيڪوڪارن جي واٽ
وٺجي ۽ دنيا جي عظيم ڪتابن مان لاڀ پرائجي زندگيءَ
جي گسن پنڌن ڏسڻ لاءِ دنيا علم و ادب سان ڀري پئي
آهي، انڪري جيترو ٿي سگهي مطالعو ڪجي ڇو ته علم
انسان کي اڏيندو آهي. پنهنجي اندر ۾ لهڻ جي قوت
بخشيندو آهي. انڪري علم حاصل ڪيو. ڄمڻ کان مرڻ
تائين.“ انهي قول تي عمل ڪجي. اهوئي زندگي جو حاصل
آهي. علم سگهه آهي. ڄاڻ آهي انسان کي سڃاڻڻ جو
حوصلو ڏئي ٿو. انسان کي انسان بڻائڻ جو ڏانءُ ڏئي
ٿو. پاڻ سڃاڻن جي صلاحيت بخشي ٿو.
جيئن شمس تبريزي چيو آهي:
Where ever you go, east, west, north or south.
Think of it as a journey in to your self! The
one who travels in to it self travels the
world.” (shams tabrizi)
ماڻهو کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪندو رهي
بغير ان جي ته ٻيو ڪير ڇا ٿو ڪري؟ ڇا ٿو چئي؟
هن رسالي پنهنجي سفر جو 30 سال شروع ڪيو آهي. اميد
ته آئينده به اوهان جو سهڪار جاري و ساري رهندو.
اوهان جي صلاحن، تنقيدن ۽ تجويزن جي آجيان ڪئي
ويندي. خاص ڪري سنڌي جي ليکڪائن/شاعرائن ۽ تحقيق
نگارن جا ٿورا، جن هن رسالي کي پنهنجو قلمي پورهيو
ارپيو ۽ موٽ ۾ ’سرتيون‘ پاران هميشه سندن لکڻين کي
مانائتي موٽ ڏني وئي ۽ وقتاً فوقتاً هن پليٽ فارم
خواتين جا تمام بهترين پروگرام ڪرايا جيئن ڪل سنڌ
خواتين مشاعرو ۽ ٻيا سيمينار ”ڪاروڪاري“، 21 صدي
لاءِ سنڌي عورت جون تياريون، سنڌي ادبي ۾ عورتن جو
ڪردار، سنڌي ادب ۾ سرتيون جو ڪردار، حدود بل ۽ ٻيا
ڪيترائي سماج ۾ ادب لاءِ اتساهه ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ
لاءِ پروگرام سرتيون پاران سنڌي ادبي بورڊ ڪندو
رهيو آهي. اميد ته آئينده به اهڙا شاندار پروگرام
ادارو ڪندو رهندو!
سرتيون هميشه سماج ۾ ٿيندڙ عورتن سان مت ڀيد جي
مسئلن کي ننديو آهي جيئن برادري پاران راڄوڻي
فيصلن ۾ سڱ چٽي واري فيصلي جو خاتمو اقتصادي ۽
سماجي ترقيءَ ۾ برابريءَ ڏيارڻ لاءِ ڪوشان رهيو
آهي.
گلبدن جاويد
رخسانه ”پريت“
غزل
ارپي ڇڏيون هان پاڻ کي نالو به ٿي سگهيو پئي!
ايئن
نينهن پنهنجو جڳ کان نرالو به ٿي سگهيو پئي
آلا ٿيا پير هلندي تو ڪيئن پسينو سمجهو
ڪو زخم، ڪوئي جهرندڙ ڇالو به ٿي سگهيو پئي!
ڪيئن سمجهيئي، تون وڃين ۽ هر ڀيري هو ملي پئي
گهر خالي ۽ ڪنڍي بند، تالو به ٿي سگهيو پئي!
پنهنجي پنڌن ۾ ڇالئه هيءَ
ڌرتتي هميشه
گهلندڙ هوا ڪا، اڀ هي جهڙالو به ٿي سگهيو پئي!
ڳاري ڇڏيون حياتيون جي، دل لڳين ڳڻيئي سڀ
پٿرائجيل اکين جو، حوالو به ٿي سگهيو پئي!
ڇالئه ٿي وقت آڇيون هي
وهه
وٽيون سدائين
بيخود بدن، ڪو مڌ جو پيالو به ٿي سگهيو پئي!
هيءَ
جا اماس چوڏس ،گهٽجي به سا سگهي پئي
هيءُ نيڻ ٻارجن ھان اجالو به ٿي سگهيو پئي!
جوڀن ۾ نار ايڏي ڇا لئه ٻسي ٻسي آ
پازيب چوڙيون، پاتل جهالو به ٿي سگهيو پئي!
هر چارو، چاهتون هون ڪئي عاشقيءَ
جا ساگر.
هن اهل دل جو دامن آلو به ٿي سگهيو پئي!
شبانه عالماڻي
غزل
اُتِ خدا ئي خدا، حُسن هوندو جتي،
هر پهرُ بسم الله، حُسن هوندو جتي.
هوندو گلشن سڄو، پيارَ، ھُٻڪارَ جو،
امن هوندو صفا، حُسن هوندو جتي
گُلَ گُلابي هوندا، ڀونئر هوندا گهڻا،
واسُ، هوندي ھوا، حُسن هوندو جتي.
رات روشن هوندي، چنڊُ هوندو چِٽو،
سُرتِ سمجهو صبا، حُسن هوندو جتي.
موھُ، محفل هوندي، ڌڙڪندي دل هوندي،
ڪنوار هوندي وفا، حُسن هوندو جتي.
گيتَ ٻُرندا پيا، چنگَ چُرندا پيا،
ساههُ
ڏيندو صدا، حُسن هوندو جتي
جيءُ هوندو
”شبانه“،
مگن موهه
۾،
هوندا جذبا سچا، حُسن هوندو جتي.
|