هارون ياز عالم ابڙو
اياز عالم
ابڙي جون خدمتون
اياز عالم ابڙو سنڌ جو نامور چترڪار، وڊيو گرافر،
ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق آهي. هن
3 مئي 1950ع تي قنبر علي خان،
ضلعي لاڙڪاڻي ۾ نامياري مصور،
فوٽوگرافر۽ استاد محمد عالم ابڙي جي گهر ۾ جنم
ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري هاءِ اسڪول
۽ مئٽرڪ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان پاس ڪيائين،
انٽر ميڊيٽ ڊرائنگ گريڊ ايگزيميشن فرسٽ ڪلاس فرسٽ
پوزيشن 1964ع ۾ خصوصي انعام سان گورنمينٽ هاءِ
اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيو. کيس چترڪاري،
فوٽوگرافي ۽ ادبي ماحول ورثي ۾ مليا. اياز عالم
ٻالڪپڻ ۾ ئي ادبي ميدان ۾ سرگرم رهيو. 1965ع کان
پنهنجي اباڻي ڳوٺ قنبر جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾
بحيثيت ڊرائنگ ٽيچر طور 8 سال خدمتون انجام ڏنيون.
سندس دور ۾ قنبر هاءِ اسڪول جو ڊرائنگ سينٽر سڄي
ملڪ ۾ مشهور ٿيو، جتي پاڪستان جي ٻين صوبن جا
ڊرائنگ ٽيچر انٽرميڊيٽ ڊرائنگ گريڊ جو امتحان ڏيڻ
لاءِ قنبر هاءِ اسڪول ايندا هئا.
اياز عالم 1965ع ۽ پوءِ 1970ع واري ڏهائي دوران
مهراڻ آرٽ ڪائونسل حيدر آباد ۽ تعليم کاتي سنڌ
حڪومت جي سهڪار سان منعقد ٿيندڙ آرٽ جي نمائشن ۾
حصو ورتو ۽ ان دور جي نامور شخصيتن چيف جسٽس غلام
علي فيروز نانا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ تعليمي
ماهر غلام رضا ڀٽو هٿان مختلف موقعن تي انعام
حاصل ڪيا.
اياز عالم ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ لاءِ ڪيترائي دستاويزي
پروگرام تحرير ڪيا جن مان ڪجھه ملڪي ۽ ڪجهه بين-
القوامي چٽاڀيٽي مقابلن ۾ شامل ٿيا جن ۾ انعام ۽
مڃتائون ماڻيون. پي.ٽي.وي لاءِ سندس لکيل دستاويزي
فلم ”مير بحر“ ان دور ۾ پي.ٽي.وي جي قومي نشرياتي
رابطي تي
سالياني پروگرام ”اپني وطن ۾“ ٽيليڪاسٽ ٿي،
ان فلم جو پروڊيوسر سيد رضا عباس هو، ان فلم ۾
اياز عالم منڇر جي زوال تان پردو کڻندي وقت ۽
حالتن جي اڳڪٿي ڪئي، ان فلم تي اياز عالم ڇهن اهم
مرحلن ۾ ڪم ڪيو، جن مان تحقيق، فلم جي ڪهاڻي جو
اسڪرپٽ، پسِ پرده (نيريشن) آواز جي ريڪاڊنگ، اسٽل
فوٽوگرافي ۽ ان فلم جو مرڪزي ڪردار (مير بحر) به
پاڻ ادا ڪيو. اها دستاويزي فلم وڊيو تي نه، پر
(سورهن ايم.ايم ڪلر فيوجي فلم تي عڪس بند ڪئي وئي
هئي، جنهن جي نيگيٽو پرنٽ مشهور رنيڪ پروسپئيشن
ليبارٽري لنڊن ۾ پروسيس ٿي. ان بعد 1983ع ۾ فلم
مير بحر کي ان دور ۾ (مغربي جرمني) جي شهر ويسٽ
برلن ۾ منعقد پرنز فيوچر فيسٽيول 1982ع جي بين
الاقوامي مقابلي لاءِ موڪلي وئي. ان مقابلي ۾ دنيا
جا 42 ملڪ شامل هئا، اياز عالم جي لکيل فلم مير
بحر ان مقابلي ۾ بهترين اسڪرپٽ جي بنياد تي پهريون
انعام “ٽرانسٽل پرائيز “ماڻيو، جنهن کي ان وقت جي
ملڪي پريس تمام گهڻو ساراهيو، جنهن بعد ان دور جي
حڪومت پاران ترت ئي صحت جي مشير بيگم عطيه عنايت
الله منڇر ڍنڍ پهتي ۽ اتي جي ٻيڙن ۾ رهندڙ مير بحر
ڪٽنبن سان ملي. حالتن جو جائزو وٺندي اتي بنيادي
سهولتن ڏيڻ سان گڏوگڏ ڍنڍ ۾ هڪ ٻيڙي اندر ترندڙ
اسپتال مهيا ڪئي جيڪا بعد ۾ ڪامورن جي ڪارنامن سبب
بي لاڀ ٿي وئي.
نومبر 1994ع ۾ اياز عالم بحيثيت هدايتڪار ۽
سنڌيڪار، شيخ اياز جو تاريخي منظوم ڊرامو ”دودي
سومري جو موت“ اردو ۾ ترجمو ڪري اسلام آباد جي
آبپاره ڪميونٽي سينٽر جي اسٽيج تي پيش ڪيو، اهو
ڊرامو قومي ڊرامه فيسٽيول 1994ع پاڪستان نيشنل
ڪائونسل آف دي
آرٽس جي سهڪار سان منعقد ٿيو. ”دودي سومري
جو موت“ سڄي ملڪ جي 30 ڊرامن مان وڏي مڃتا ماڻي.
اياز عالم جو تحرير ٿيل دستاويزي پروگرام ”هماري
کيل“ جو هڪ سلسلو پي.ٽي.وي جي قومي نشرياتي رابطي
تي ٽيلي ڪاسٽ ٿيو، جنهن ۾ اياز عالم سنڌ جي نظر
انداز ڪيل راندين تي اسڪرپٽ لکي انهن ثقافتي ۽
وساريل راندين کي ملڪي سطح تي پڌرو ڪيو(ان
دستاويزي پروگرام جو پروڊيوسر منظور مگسي هو).
اياز عالم پي.ٽي.وي ڪراچي سينٽر جي
ڪرنٽ افيئر
شعبي لاءِ پڻ ڪافي دستاويزي پروگرام لکي
پاڻ ملهايو، جن
مان هڪ
دستاويزي فلم ”راجا ريل“ ميرپورخاص کان
کوکڙا پار تائين، مزارِ قائد ڪا عجائب
گهر (پروڊيوسر
الطاف سومرو) ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي تي
دستاويزي فلم لکي، جنهن جو پروڊيوسر شبير ناز چنا
هو. جيڪي قابل ذڪر آهن.
اياز عالم ريڊيو، ٽي.وي لاءِ ڪجهه ڊراما پڻ لکيا
جن مان اڪثر تحريرون ڊاڪيو ڊراما جي صورت ۾ تحرير
ٿيل آهن. سندس ٽي. وي ڊرامو: ’ڏات جي ڏيهه ۾‘
(جنهن ۾ هن سنڌ جي اديبن جي ابتر حالت ڏيکاري آهي
ان ڊرامي سال 1978ع جو بهترين ڊرامي طور اعزاز
ماڻيو ۽ ساڳي سال سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ
رسالي مهراڻ ۾
باتصوير شايع ٿيو )
’گهايل
مرڪ‘، ’پنهنجا پنهنجا سپنا‘،
اسڪائي
لئب“، ’ڪُن ۽ ڪنارا‘، ’چنڊ گدري
ڦار‘جيڪو پوءِ اردو ۾ (عيد ڪا چاند) جي عنوان سان
ترجمو ٿي ٽيلي ڪاسٽ ٿيو ۽ ايوارڊ ماڻيو ۽ علامه
آءِ آءِ قاضيءَ جي زندگيءَ تي لکيل ڊرامو ’انت
بحر‘ پڻ مشهور ٿيو. سندس ريڊيو لاءِ لکيل ڊراما
’سوڀارو سانول‘ (سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙي کي
موضوع بڻائي سنڌ جي ملهه پهلوانن کي نظر انداز ڪرڻ
واري روش کي پڌرو ڪري انهن پهلوانن جي اڳڀرائي
ڪئي. ٻين تحريرون ۾ ’هيڪل
جندڙي، ’انت
بحر‘ ۽ ’ووچڙي جي ووڙ‘ تمام گهڻو پسند ڪيا
ويا.
1981ع ۾ اياز عالم بحيثيت
اسڪرپٽ رائيٽر، ريڊيو پروڊيوسر سڪندر بلوچ جي
سرواڻي ۾ ”ڦلڪارا“ ضلعو بدين تي دستاويزي پروگرام
تحرير ڪيو، جنهن ٽيلي
ڪاسٽ ٿيڻ بعد بهترين نتيجا ڏنا ۽ ڦلڪارا جي ڳوٺاڻي
زندگي، اتي جا سماجي مسئلا ۽ اهنج سرڪاري سطح تي
ترجيهي بنيادن تي حل ٿيا.
اهڙي نموني ايشيائي ملڪن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو
نتيجا ڏيڻ واري ترقياتي نشريا
ت جو آغاز ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڦلڪارا جهڙو
ننڍڙو ڳوٺ ترقي ڪري هڪ شهر جي حيثيت ماڻي ۽
ان پروگرام کي
ايشين پئسفڪ انسٽيٽيوٽ آف براڊ ڪاسٽنگ
ڊولپمينٽ ملائيشيا پاران مڃتا ايوارڊ مليو.
1982ع ۾ پروڊيوسر انور بلوچ جي سرواڻي هيٺ هن شاهه
جي ڪافين تي هڪ پروگرام ”محفل شب“ لکيو، جيڪو بيحد
پسند ڪيو ويو.
اياز عالم 1975ع ۽ ان کان پوءِ 1980ع واري ڏهائي
دوران موهن جي دڙي، منڇر ڍنڍ ۽ پنهنجي شهر قنبر جي
حوالي سان هائيڪو نگاري پڻ ڪئي ۽ انهن ماڳن تي
جڏهن ڪئميرا جا فلم رول ختم ٿي ويندا هئا، تڏهن
جيڪي اک ڏٺو سو لکيو ۽ منڇر جي ڪمال ۽ زوال تي
ٽيڙو لکيا.
اياز عالم ناٽڪ جي موضوع تي پڻ ڪم ڪيو، جن مان
ورهاڱي کان پوءِ لکيل ۽ شايع ٿيل ناٽڪ سهيڙيا ۽
اسٽيج
ٽيڪنيڪ جي موضوع تي هڪ
ڪتاب ”جديد سنڌي ناٽڪ سونهون“ لکيو. جنهن جا ڪجھه
باب روزانه حلال پاڪستان اخبار جي ميگزين ۾ شايع
ٿيا.
1978ع ۾ اياز عالم هندستان جي اديبن پاران ڪوٺايل
سالياني سميلن کي خط لکي رٿ ڏني ته (1880ع ۾ مرزا
قليچ بيگ سنڌي ٻولي جو پهريون ناٽڪ ”ليلا مجنون“
لکي شايع ڪرايو، ان حوالي سان سال 1980ع کي هند ۽
سنڌ ۾ سنڌي ناٽڪ جي هڪ صدي طور ملهائڻ جي رٿ ڏجي
ٿي.) اياز عالم جي ان رٿ کي ان دور جي جنرل
سيڪريٽري موهن ڪلپنا هڪ وڏي ميڙ اڳيان پڙهي ٻڌايو
۽ ”ناٽڪ صدي“ کي ملهائڻ واري ٺهراءَ ۾ شامل ڪيو.
جنهن بعد سال 1980ع ۾ هند ۽ سنڌ ۾ سنڌي ناٽڪ صدي
طور وڏي جوش ۽ خروش سان ملهايو ويو ۽ هند ۽ سنڌ جي
اخبارن ۽
رسالن ”ناٽڪ صدي“ جا خصوصي ايڊيشن شايع
ڪيا.
سنڌ ۾ پهرين جنوري 1980ع تي سنڌ جي مڙني سنڌي
تنظيمن گڏجي ان دور جي نامور اديب محقق سائين محمد
عثمان ڏيپلائي جي سرواڻي ۾ نثار حسيني، اياز عالم
ابڙو، نصير مرزا ۽ ٻين سنڌ جي پهرين ناٽڪ نويس شمس
العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي مزار تي گلن جون چادرون
چاڙهيون ۽ سنڌ ۾ ناٽڪ صدي جو آغاز ڪيو. پرهڪ
ثقافتي تنظيم جي سرواڻ ۽ ان دور جي ڪامورا شاهي
اياز عالم کي ان ناٽڪ صدي واري سرگرمين کي
نظرانداز ڪري کيس پاسيرو رکيو. اياز عالم ان رويي
تي خاموشي اختيار ڪئي، پر ان ناٽڪ صدي ريڊيو،
ٽي.وي، فلم ۽ اسٽيج کي منظور مراد، ثاقب نظاماڻي،
ياسمين گل، شهناز سومرو، ايم اي راجا ۽ الطاف
سومرو ۽ ٻيا فنڪار ڏنا.
اياز عالم کي ادب ۽ آرٽ جي مختلف
ڌارائن ۾ خدمتن عيوض ڪيترائي
ايوارڊ،اعزاز ۽ سرٽيفڪيٽ مليا. جن ۾ انسٽيوٽ آف
سنڌالاجي پاران1962 – 1987 واري سلور جوبلي جي
موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر جناب مظهر
الحق صديقي
هٿان ميڊل، پي.ٽي.وي پاران بيسٽ
اچيومينٽ ايوارڊ،
۽ مختلف تنظمين پاران ڪيتريون ئي شيلڊون ۽
مڃتا سرٽيفڪيٽ مليل آهن.
18 ڊسمبر 1998ع ڌاري آمريڪن بايوگرافيڪل
انسٽيٽيوٽ پاران مختلف
شعبن ۾ ڪم ڪندڙ دنيا جي 500
شخصيتن کي ملينيم ميڊل آف هانر2000ع طور چونڊيو
ويو. ان فهرست ۾ اياز عالم ابڙو جو نالو پڻ شامل
آهي، (آمريڪن بايوگرافيڪل انسٽيٽيوٽ پاران کيس خط
لکي اهڙو اطلاع ڏنو ويو).
1977ع کان 1981ع تائين اياز عالم هفتيوار ”سرتاج“
ميرپورخاص جو ايڊيٽر رهيو ۽ نومبر 1981ع ۾ اياز
عالم هفتيوار سرتاج پاران ”سرتاج سنڌي ساهت نمبر“
پڌرو ڪيو، ان دستاويز ۾ هن سنڌ جي لڳ ڀڳ مڙني
اديبن، شاعرن، ڪالم نگارن،ناٽڪ نويسن ۽ ادب ۽ آرٽ
جي الڳ الڳ شعبن ۾ ڪم ڪندڙ شخصيتن جي با تصوير
ڄاڻيٺي ڇپرائي پڌري ڪئي.
سال 1976ع کان 1978ع تائين روزاني عبرت، حيدرآباد
جو هفتيوار فلم سيڪشن ۾ معاون، آرٽسٽ ۽ خطاط پڻ
رهيو.
اياز عالم ابڙو مختلف ادارن ۾ ڪم ڪيو، جن مان
1983ع کان 1984ع تائين آس ون ايڊورٽائيزنگ ايجنسي
۾ بطور آرٽسٽ ۽ فوٽو گرافر رهيو.
1984ع کان 1986ع ايم. اين. جي. ڪميونيڪيشن
انٽرنشنل جي ڪريئٽو ڊپارٽمينٽ ۾ بطور ڪانسيپٽ
رائيٽر ۽ گڏوگڏ ڊاڪيومينٽري فلم سيڪشن ۾ خدمتون
سرانجام ڏنيون.
1987ع ۾ سنڌ جي ثقافتي اداري سنڌالاجي جي
فوٽوگرافڪ سيڪشن ۾ شامل ٿيو، جتي هن آڊيو ويزيوئل
سيڪشن ۾ وقت به وقت خدمتون انجام ڏنيون، جنهن بعد
هن ڪجھه عرصو سنڌ يونيورسٽي جي شعبي صحافت ۾ پڻ ڪم
ڪيو.
اياز عالم مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ ڪم ڪيو، جن ۾
ماهوار نئون نياپو، ماهوار هلچل، ماهوار پرک ۽
ماهوار نئين ٽهي کان علاوه روزاني اخبار ”الک“ جي
تخليقي شعبي ۾ بطورآرٽسٽ، فوٽوگرافر۽ الک گروپ آف
پبليڪشن جو صلاحڪار پڻ رهيو.
سال 2002ع ۾ ماهوار ”نئون
دور“ ڄام شورو جو ايڊيٽر رهيو ۽ آڪٽوبر 2002ع ۾
نئون دور پاران ”دادو ضلعو نمبر“ پڌرو ڪيو.
اياز عالم جو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شاهه شناسي،
سنڌ جي قديم آثارن ۽ ٻين ماڳن مڪانن تي مضمون،
ڪالم ۽ معلوماتي مواد شايع ٿيندو رهيو آهي. سندس
حياتي جو احوال، هائيڪو جو مجموعو ڇپيل ۽ اڻ چپيل
ڪالمن جو مجموعو ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي.
ترجمو: لعل خاتون
سوهن حلوو
گهربل شيون:
تازو کير: هڪ ليٽر
کنڊ: هڪ پيالي
ليمي جي رس: کائڻ وارا ٻه چمچا
ميدو: چار کائڻ وارا چمچا
اخروٽ(چوپ ڪيل):
¼
پيالي
ناريل (پيسيل): ٻه کائڻ وارا چمچا
بيهي مڱ(چوپ ڪيل): ٻه کائڻ وارا چمچا
گيهه:
¼
پيالي
ٺاهڻ جو طريقو:
پهرين ديڳڙيءَ ۾ کيراٻاريو. پوءِ ميدو ۽ ليمي جي
رس ملائي کير ڦٽڻ تائين پچايو.
پچائڻ کان پوءِ ڦٽل کير کي ڇاڻي ٻي ديڳڙيءَ ۾
وجهو. پوءِ ان ۾ کنڊ ۽ گيهه وجهي هلڪي باهه تي
سونهري رنگ ٿيڻ تائين پچايو.
پوءِ اخروٽ، ناريل، بيهي مڱ ملائي ڊش ۾ ڪڍو.
مزيدار سوهن حلوو تيار آهي.
چڻن جي دال جو حلوو
گهربل شيون:
چڻن جي دال: هڪ ڪلو
کنڊ: سوا ڪلو
گيهه: ٽي ڪپ
ننڍا ڦوٽا: (پيسيل) ڇهه عدد
ڪشمش ۽ بادام. ٻارنهن عدد ٻارنهن عدد
کير يا پاڻي. دال کي ڳارڻ لاءِ
ٺاهڻ جي ترڪيب:
پهرين دال کي ڌوئي ڀڄائي رکو. ڪلاڪ کان پوءِ کير
يا پاڻيءَ ۾ دال کي ڳاريو.
جڏهن دال ڳري وڃي ۽ خشڪ ٿي وڃي ته دال کي پيسيو.
پوءِ گيهه ۾ ڦوٽا وجهو. هاڻي ان ۾ دال وجهي خوب
ڀُڃو. باهه وچولي رکو ۽ چمچو هلائيندا رهو. دال
مان خوشبو اچڻ لڳي تي کنڊ وجهو. کنڊ جو پاڻي خشڪ
ٿيڻ لڳي ته ان ۾ بادام ۽ ڪشمش وجهي ڇڏيو.
پاڻي خشڪ ٿي وڃي ۽ گيهه نڪرڻ لڳي ته باهه بند ڪري
ڇڏيو. حلوو تيار آهي.
جيڪڏهن حلوي کي گهڻن ڏينهن تائين رکڻو آهي ته وچ ۾
هڪ دفعو ٻيهر چڱيءَ طرح ڀُڃي ٿڌو ڪري رکو. جيڪڏهن
هلڪو گرم ڪندا ته حلوو خراب ٿي ويندو.
ڪدو جو حلوو
گهربل شيون:
ڪدو: هڪ ڪلو
کير: پاءُ
مائو: پاءُ
ڦوٽا: اٺ عدد
گيهه: اڌ پاءُ
بادام: ڏهه عدد
روح ڪيوڙه: حسب ضرورت
ٺاهڻ جو طريقو:
ڪدو کي سنها ڳترا ڪري پاڻيءَ ۾ اٻاريو. ڪدو ڳري
وڃي ته پاڻي ڪڍي ڇڏيو. پوءِ گيهه گرم ڪري ڦوٽا
ٽڙڪايو. پوءِ ان ۾ ڪدو کي ڀُڃو.
جڏهن ڪدو گيهه ڇڏڻ لڳي ته کنڊ ۽ کير وجهي ڇڏيو.
کير خشڪ ٿي وڃي ته مائو وجهي ٿوري دير ڀُڃو. پوءِ
ان ۾ بادام وجهي باهه بند ڪري روح ڪيوڙه وجهو.
حلوو تيار آهي.
(نيٽ جي ٿورن سان)
وحشت جي ور چڙهيل ٻار ۽ سماجي ذميواريون
سنڌ ۾ معصوم گلن جهڙن ٻارن سان وڌندڙ
ڏاڍاين
جي واقعن قيامت
آڻي ڇڏي
آهي. جيتوڻيڪ پهرين به اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا
رهيا آهن، پر هن وقت جڏهن سجاڳي جا ذريعا وڌيا
آهن، سوشل ميڊيا مضبوط ٿيو آهي، تڏهن گهڻن واقعن
جي بروقت خبر پئجيو وڃي. سوشل ميڊيا تي مڪمل نه
کڻي تڏهن به گهڻي تبديلي آئي آهي. مان هتي خاص ڪري
سنڌ جي
ڳالهه
ڪنديس ته سنڌ ۾ هاڻي هوائن جا رُخ ڪجهه قدر بدليا
آهن، هاڻ رُڃ مان رڙيون اچڻ شروع ٿيون آهن. خوشي
ٿيندي آهي جڏهن اسان جا سوشل ايڪٽيوسٽ،
ليکڪ ۽ صحافي ان حوالي سان هڪ پيج تي هوندا آهن.
انهن ۾ تازو مثال 8 ورهين جي معصوم زارا منگي جو
آهي، جنهن کي
ڏاڍائي
کان پوءِ قتل ڪيو ويو. ان کان پوءِ هيءُ جيءُ
جهوريندڙ واقعو سمعيه کوسو جو ٿيو، جنهن کي وڏي
عمر واري شخص
ڏاڍائي
جو نشانو بڻايو. اها معصوم به اٺن ورهين جي آهي
جنهن کي رتو رت حالت ۾ سکر اسپتال ۾ کڻي آيا هئا.
هاڻي تازو ئي پني عاقل ۾ افسانه سميجو کي سندس
مدرسي جي پيش امام
ڏاڍائي
جو نشانو بڻايو. ٻيو انتهائي افسوسناڪ واقعو 9
مهينا پهرين جيڪب آباد ۾ پيش آيو، جنهن ۾ 14 سالن
جي ارم ابڙو کي اجتماعي
ڏاڍائيءَ
جو نشانو بڻايو ويو. سندس ماءُ جي همت کي سلام
آهي، جيڪا جيڪب آباد جهڙي علائقي ۾ رهي ڪري بگهڙن
سان مقابلو ڪري ٿي. اڳ اهڙن واقعن ۾ يا ته حمل
ضايع ڪرايو ويندو هو يا تازا ڄاول ٻار گند ڪچري جي
ڍيرن تي ملندا هئا،
پر ارم جي امڙ جي همت آهي جو پنهنجي ڌيءُ
جي اولاد کي پاڻ پالڻ چاهي ٿي. هن اجتماعي زيادتي
تي گهڻا بحث ڇڙيل آهن ته آخر ٻار کي دنيا ۾ آڻڻ جي
ضرورت پيش ڇو آئي؟ ايف آءِ آر دير سان درج ڇو
ڪرائي وئي؟ ڪجهه به هجي،
پر ٿيو ته غلط آهي. هاڻي جڏهن هوءَ پنهنجو حق
گُهري ٿي ته سماج سندس ڪردار تي آڱريون کڻي ٿو. هي
ڪهڙو سماج آهي جتي ظلم ڏاڍائي ڪرڻ وارا مڇون وٽي
ڳاٽ اوچو ڪري هلن ٿا، جڏهن ته ظلم جو شڪار مظلوم
ماڻهو ڪنڌ هيٺ ڪري گهر، ڳوٺ ۽ شهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي
وڃن ٿا.
سنڌ ۾ اڄڪلهه
ته هر گهر ۾ تڏو وڇايل آهي، ڪٿي سنڌ سان ٿيندڙ
ناانصافين تي، ڪٿي لاشن تي، ڪٿي کنڀجي ويلن جو
ماتم ٿو ٿئي ته ڪٿي عورتن سان ٿيندڙ ظلم تي دانهون
آهن. پر ٻار ته ٻار آهن، دنيا جي چالاڪين ۽
حرامپاين کان بي پرواهه ۽ اڻ ڄاڻ.
اسان جو سماج انهن گلن جهڙن معصوم ٻارن لاءِ به
محفوظ ناهي. انهن کي ڪهڙي خبر ته انهن لاءِ گهر جا
رستا روڊ، گهٽيون، ڳوٺ جا دُڪان ايتري قدر جو
مسجدون به محفوظ
ناهن. خبر ناهي ڪيئن
بظاهر
دين جو درس ڏيندڙ ڪي
حيوان
ليڪا به لتاڙي ٿا وڃن ۽ پوءِ پنهنجي انهي عمل کي
شيطان جي کاتي ۾ وجهي ٿا ڇڏين ته مٿن شيطان سوار
ٿي ويو هو! افسوس ٿو ٿئي انهن وڏيرن، ڳوٺ جي چڱن
مڙسن تي جيڪي ان درندگيءَ کان پوءِ به
ڏوهيءَ
کي معاف ڪرڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا.
ڪوششون وٺن ٿا ته مسئلي کي
لئه
مٽي ڪجي، پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪري ڪجهه ڏيتي ليتي
ڪري ٺاهه
ڪجي. منهنجي هڪ ڳوٺ جي چڱي مڙس سان ڳالهه
ٻولهه ٿي جنهن چيو ته،
”هي
واقعا اصل کان ٿيندا رهيا آهن ۽ فيصلو ڪري ڳوٺ ۾
امن قائم ڪرايو وڃي ٿو.“
پر هن کي ڪهڙي خبر ته هي ڏوهاري اهي وائرس آهن
جيڪي نسلن کي تباهه ڪري ڇڏين ٿا. سندن وحشت جا
ڇڏيل نشان حوس جو نشانو بڻجندڙ معصوم وجودن کان
سڄي عمر نٿا وسرن. اهي
ڏاڍائي
جو نشانو بڻايل ٻار ڪڏهن نارمل زندگي ڏانهن واپس
نٿا اچن، نه ھُو ڪامياب زندگي گذاري سگهن ٿا. جيڪي
ٻار انهي ٽراما مان
ٻاهر
نڪرن ٿا،
تن ۾ سندن والدين جو اهم ڪردار هجي ٿو. اهي ٻارن
جي ڪائونسلنگ سان گڏ ٻارن کي ماهر نفسيات کان ڊگهي
عرصي تائين علاج ڪرائين ٿا. اهڙن ڪردارن ۾ اردو
ڊرامن جي
اداڪاره ناديه جميل جو ڪردار ساراهڻ جوڳو آهي جيڪا
پڻ ننڍپڻ ۾ ان اذيت مان گذري ۽ اڄ هوءَ ٻارن
جي مسئلن تي ڪم ڪري رهي آهي. هن نه رڳو وڏي همت
سان پنهنجي ڪهاڻي دنيا جي سامهون رکي آهي، پر
هر فورم تي اهڙن مسئلن کي اجاگر
به
ڪري رهي آهي.
ٻارن سان ڏاڍائين وارن واقعن جي حوالي سان حڪومت
کي مک ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. حڪومت جو فرض آهي ته
اها هر ڪيس ۾ پاڻ فريادي ٿئي ڇو ته اهڙن ڪيسن ۾
اڳتي هلي سمجھوتا ٿي ويندا آهن، ڪٿي عيوضن تي
جوابدار ڌر کي معاف ڪيو ويندو آهي، ڪٿي ڳوٺ يا تر
جي چڱن مڙسن جي دٻاءَ
تي ته ڪٿي وري غربت سبب مائٽ ڪيس جي مڪمل پيروي نه
ڪري سگهندا آهن يا وري جوابدار ڌر جي ڌمڪين هيٺ
زندگي گذاريندا آهن. حڪومت جو فرض آهي ته اهڙن
خاندانن کي تحفظ فراهم ڪري، مجرم جي گرفتاري کان
سزا تائين فريادي جو ساٿ ڏئي، وڏن هٿن جي اثر
رُسوخ کي ناڪام بڻائي جيستائين حڪومت اهڙن ڪيسن ۾
اهم ڪردار
ادا نه ڪندي تبديلي اچڻ ممڪن ناهي
جيتوڻيڪ انهن سڀني ڪيسن ۾ سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا
جو ڪردار ساراهڻ جوڳو آهي. پر هي ايڏا وڏا واقعا
رڳو اخبارن جي زينت ڇو ٿا بڻجن، وقت اچي ويو آهي
ته اسين کليل نموني اهڙن مسئلن تي ڳالهايون، ان جي
مختلف پهلوئن کي بحث هيٺ
آڻيون، اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ته
ڏاڍائي جو شڪار ٻارن جي ذهن ۽ نفسيات تي ڪهڙا اثر
پون ٿا، سندن شخصيت ڪيئن ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿئي ٿي،
هنن کي واپس نارمل زندگيءَ ڏانهن ڪيئن آڻي سگهجي
ٿو. ڳوٺن ۾ جتي جهالت آهي سُجاڳي وڌائي وڃي،
پنهنجن ٻارن کي بهترين وقت ڏنو وڃي، انهن سان
دوستي وارو تعلق رکجي جيئن هو هر ڳالهه پنهنجي
ماءُ پيءُ
سان ونڊين.
ماءُ پيءُ
۽ ٻارن جي وچ ۾ فاصلا ۽ دوريون نه هجن ڇو ته گهڻن
ڪيسن ۾ ڏٺو ويو آهي ته ٻارڙا پنهنجي والدين کان
ڊڄڻ
جي ڪري اهڙيون ڳالهيون نٿا ڪن،
جنهن سان مونجهارا وڌن ٿا. ٻارن کي اسڪولن ۾ تربيت
ڏني وڃي، کين غلط ۽ صحيح جي سڃاڻپ ڪرائي وڃي. هي
مسئلا رڳو حڪومت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ناهن،
پر هي سماجي مسئلا آهن.
جنهن تي اسان سڀني کي هڪ فورم تي گڏجي گڏيل نموني
جنگ جوٽڻي پوندي، ان سان ڪو رات وچ ۾ ماحول تبديل
نه ٿيندو،
پر ڪجهه قدر ته بهتري ايندي. سڀ نه سهي،
پر جي ڪجهه زندگيون ئي گڏيل جدوجهد سان بچي وڃن
ٿيون.
ڏوهارين کي سزا ملي ٿي ته ان کان بهتر ڪو ٻيو ڪم
نه هوندو.
|