جان ڪيننگ/محمد احمد منصور عباسي
دي
هسٽري
آف
انگلينڊ
لارڊ ميڪالي
جيتوڻيڪ لارڊ ميڪالي جي
”انگلينڊ جي تاريخ“ کان پوءِ ٻيون به ڪيتريون ئي
انگلينڊ جون تاريخون آيون آهن، پر عوامي مقبوليت
جي لحاظ کان ڪابه انهي جي برابر نه ٿي سگهي آهي.
اها ڪا ايتري پُراسرار ڳالهه به ڪانهي. انهي جو
سبب واضح آهي. هن تاريخ کي دلچسپ
بڻايو. ”آءٌ
تيستائين مطمئن نه ٿيندس.“ هن 1841ع ۾ لکيو
جڏهن هو وڏا ڪشالا ڪري هر روز صبح جو پنهنجا ڇهه
فولسڪيپ (Foolscap)
صفحا لکندو هو، ”جيستائين آءٌ ڪا اهڙي شيءِ پيش نه
ڪريان جيڪا نوجوان عورتن جي ميزن تان ڪجهه ڏينهن
لاءِ تازي فيشني ناول کي پري نه ڪري ڇڏي. ستن
ورهين کان پوءِ جڏهن پهريان جلد ڇپيا ته کيس ڪجهه
ڏينهن ۾ ئي خبر پئجي وئي ته هو پنهنجي مقصد ۾
ڪامياب ٿي چڪو آهي ۽ اها ڪاميابي فقط نوجوان عورتن
تائين محدود نه آهي. جنهن کي به سندس ڪتاب هٿ اچي
رهيو هو. اهو پڙهي رهيو هو ۽ پٺين جلدن به پهرئين
جلد جهڙي ڪاميابي حاصل ڪئي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ
ڇاپن پٺيان ڇاپا ايندا ويا ۽ هاڻي اهو چوڻ شايد
غلط نه ٿيندو ته اهڙي قسم جي ٻئي ڪنهن به سنجيده
ڪتاب جي ڪڏهن به ايتري گهڻي ۽ لاڳيتي طلب نه رهي
آهي. ڪتاب جو پورو عنوان آهي.
The
History
of
England
From
the
Accession of
James
11
۽ ميڪالي جو شروع ۾ مقصد اهو هو ته هو ڪتاب ۾
1685ع کان وٺي ”موجوده دور زنده ماڻهن جي
يادگيريءَ اهڙن واقعن“ جو احاطو ڪندو. لڳي ٿو ته
انهي مان هن جو مقصد 1820ع ۾ جارج ٽئين جي وفات
تائين هو. هن جنهن پيماني تي رٿا رٿي هئي اهو هڪ
تمام وڏو ڪم هو ۽ انهي لاءِ شايد ته پنجاهه جلد
گهربل هجن ها. پوءِ صورتحال اها بيٺي جو هو 1702ع
۾ وليم ٽئين جي وفات تائين ڳالهه پهچائڻ تائين
زندهه رهي سگهيو. اها ڏاڍي افسوسناڪ ڳالهه ٿي
ڇاڪاڻ ته جنهن عظيم جنگ ۾ مارلبورو عظيم ڪاميابيون
۽ اتر آمريڪا ۽ انڊيا ۾ برطانوي سلطنت قائم ٿيڻ
بابت سندس بيان پڙهڻ ڏاڍو ڀلو ڪم ٿئي ها.
پر اسان کي ايترو نامهربان به نه ٿيڻ گهرجي. جيڪو
ڪجهه موجود آهي انهي مطابق به اسين سندس انهي سوچ
کي حق بجانب قرار ڏئي سگهون ٿا ته: ”انهي رنگا رنگ
بيان جو عام اثر اهو پيدا ٿيندو جو اهو سڀني مذهبي
ذهنن ۾ شڪر گذاري ۽ سڀني محب وطن ماڻهن جي دلين ۾
اميد پيدا ڪندو.... جيڪي ماڻهو پنهنجي دور جي انهي
سونهري دور سان ڀيٽ ڪن ٿا جيڪو فقط سندن تصور ۾
وجود رکي ٿو اهي زوال ۽ بگاڙ جون ڳالهيون ڪري سگهن
ٿا. پر جنهن به ماڻهو کي تاريخ بابت ڄاڻ آهي اهو
ڪڏهن به موجود دور بابت مايوسي واري راءِ قائم نه
ڪندو“.
انهي ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن اهڙن ئي ڪجهه غلط
نظرين جي اصلاح جي خيال کان ڪجهه بابن ۾ چارلس
ٻئين جي دور جي پڄاڻي تائين ڏاڍي تڪڙي ۽ بهترين
انداز ۾ انگلينڊ جي تاريخ لکڻ کان پوءِ اهو باب
لکيو آهي جنهن کي موجوده توڙي گذريل دور جا اڪثر
پڙهندڙ سندس پاران لکيل بهترين شيءِ سمجهن ٿا.
سماجي تاريخ اڄ ڪلهه ايتري عام ٿي وئي آهي جو اها
ڳالهه ٻڌي ماڻهن کان لازماً ڇرڪ نڪري ويندو ته
ميڪالي 1685ع ۾ انگلينڊ جي تاريخ بابت اهو باب
لکندي اهڙي ميدان ۾ ڪم ڪري رهيو هو جنهن ۾ اڳ ۾
ڪجهه به ڪم ٿيل نه هو. انهي دعوى ۾ ڪوبه مبالغو
ڪونهي ته ائين ڪندي هو سماجي تاريخ ۽ پڻ مقامي
تاريخ (جيڪا پڻ نالي ماتر موجود هئي) جو ابو ٿي
ويو. جيتوڻيڪ ڪيترائي بهترين ليکڪ سندس نقش قدم تي
هليا آهن. پر انهن مان ڪوبه ماضي کي ايتري تفصيل ۽
ايتري سمجهداري سان ذهن ۾ ويهارڻ جي قابل نه ٿي
سگهيو آهي. جيڪي ڊڄڻا ماڻهو ڪنهن ڪتب خاني جي ڪٻٽن
۾ انهي تاريخ جو سنهي ٽائيپ وارن جلدن جو سيٽ ڏسي
رڪجي وڃن انهن لاءِ سٺي صلاح اها آهي ته اهي
تاريخ جي انهي ٽئين باب کان شروعات ڪن. اهي
جيتوڻيڪ اڳتي نه پڙهن ته به انهن کي اسان جن ابن
ڏاڏن جي روزاني زندگين ۽ حالتن بابت ايتري معلومات
حاصل ٿي ويندي جيتري تاريخي تحرير جو ٻيو ڪو ڪتاب
نه ڏئي سگهندو.
ميڪالي جيڪو پهريون نقطو پيش ڪيو آهي اهو آبادي جي
گهٽ هئڻ جو آهي، جيئن ته پهرين آدمشماري هڪ سو
ورهين کان به وڌيڪ عرصي کان پوءِ ٿي هئي تنهنڪري
جيمس ٻئين جي ماتحت انگريزي عوام جو ڪو به صحيح
انگ نٿو ٻڌائي سگهجي. پر سڀ کان ويجهو اندازو
پنجاهه کان پنجونجاهه لکن جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿو.
جيئن ته 1685ع کان اترين ضلعن ۾ تمام گهڻي واڌ اچي
وئي آهي ۽ انهي جو وڏو حصو ارڙهين صدي تائين به
وحشانيت واري حالت ۾ زندگي گذاريندو هو.
نارٿمبرلينڊ ۽ ڪمبرلينڊ جي مئجسٽريٽن کي ملڪيتن جي
دفاع ۽ امن امان لاءِ هٿياربند جٿا ٺاهڻ جو اختيار
هوندو هو. چرچ جي ماتحت علائقن لاءِ ڦورن کي ڀڄائڻ
لاءِ ڪتا رکڻ لازمي هوندو هو. شڪار جي پٺيان
ڊوڙندڙ شڪاري جيڪي ٽائين (Tyone)جي
سرچشمي تائين پهچي ويندا هئا انهن کي اتي اهڙي قوم
جا ماڻهو آباد نظر ايندا هئا جيڪي وحشانيت ۾
ڪيلفورنيا جي هندستانين (Indians)کان
ٿورا ئي گهٽ هوندا. انهن کي اتي عورتون ڪو جادوئي
منتر پڙهندي ۽ مرد ڊگها ڇرا کڻي جنگي ناچ ڪندي نظر
ايندا هئا ته اهي حيرت ۾ وٺجي ويندا هئا“ . ملڪ جو
فقط اڌ حصو زراعت هيٺ هوندو هو جڏهن ته باقي حصي
تي ٻيلا، جهنگ ۽ سم هوندي هئي. لنڊن کان ڪجهه ميلن
جي فاصلي تي اين فيلڊ چيز جي پوٺن تي هزارين
جهنگلي هرڻ پيا ڊوڙندا هئا.
ميڪالي بيان ڪيو آهي ته ڳوٺن جي معززن جي مکيه
تفريح ميداني رانديون رونديون ۽ غير شائسته
شهوانيت هوندي هئي. پادري وري اهڙا هوندا هئا جن
کي پنهنجا مناجات جا ڪتاب به مشڪل سان پڙهڻ ايندا
هئا ۽ جن جي سماج ۾ حيثيت اها هوندي هئي جو اهي
ڪنهن شادي ۾ زميندار جي هائوس ڪيپر يا ڪنهن ڇڏيل
داشته کان مٿي ڪنهن عورت جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلڻ
جي خواهش به نه ڪري سگهندا هئا. اهي ڳالهيون ٻڌائڻ
کان پوءِ ميڪالي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ آيل
تبديليون بيان ڪري ٿو.
لنڊن اڄ جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڏو هو. چارلس ٻئين جي دور
۾ لنڊن جي آدمشماري برسٽول يا ناروچ (اهي ٻئي لنڊن
کان پوءِ ٻئين نمبر تي وڏا شهر هئا) جي آدمشاري
کان سترهن دفعا وڌيڪ هئي. برسٽول جي آبادي ٽيهن
هزارن کان به گهٽ هئي. اهو پهريون سامونڊي
بندرگاهه هو. پر انهي جون اڪثر گهٽيون ايتريون ته
سوڙهيون هونديون هيون جو انهن ۾ گاڏيون ۽ گاڏا نه
هلي سگهندا هئا ۽ مال جي بار برداري لاءِ اهڙا
گاڏا ڪتب آنداويندا هئا جن کي ڪتا ڇڪيندا هئا.
ناروچ اوني شين ٺهڻ جي مکيه مرڪز هئڻ سان گڏوگڏ
سموري ملڪ جو به اهم صنعتي مرڪز هو. انهي جي
آدمشماري برسٽول کان ڪجهه گهٽ هئي. انهي کان پوءِ
يارڪ، اتر جي گاديءَ جو هنڌ ۽ ايڪسيٽر اولهه جو
گادي جو هنڌ هو. انهن ٻنهي مان هر هڪ ۾ ڏهه ڏهه
هزار کان وڌيڪ رهواسي نه هوندا. ليڊس يارڪ شائر جي
اوني شيون ٺاهيندڙن جو مکيه مرڪز هو. پر انهي جي
آبادي به 7000 کان وڌيڪ نه هئي. برمنگهم جا بٽڻ
اڃا هاڻي مشهور ٿي رهيا هئا، پر برمنگهم جي بندوقن
بابت اڃا ڪنهن نه ٻڌو هو. انهي جي آبادي به 4000کي
به نه پهتي هئي. سمنڊ ڪناري تفريح گاهن جو اڃا ڪو
وجود نه هو ۽ وڏا ماڻهو ۽ خوش باش زندگيءَ جا
شوقين چيلٽينهام، ٽمبرج ويلز ۽ بڪسٽن ويندا هئا.
اهڙا ماڻهو بڪسٽن ۾ هيٺاهين ڇت وارن ڪاٺ جي ڇپرن ۾
سٿجي ويهي اوٽ ڪيڪ (جوَ جي اٽي جون سنهي بسڪوٽ
وانگر ٽڪيون) ۽ اهڙي شيءِ کائيندا هئا، جنهن کي
ميزبان ته رڍ جو گوشت چوندا هئا. پر مهمانن کي پڪو
گمان هوندو هو ته اهو ڪتي جو گوشت آهي“.
شهرن کي ڳنڍيندڙ هاءِ ويز جو حال به خراب هوندو
هو. اڪثر روڊ جي ساڄي کاٻي پاسي مٽي ۽ گپ هوندي
هئي فقط پڪي زمين جو سوڙهو پيچرو گپ کا مٿي هوندو
هو.تقريباً هر روز ڪٿي نه ڪٿي ڪا گاڏي ايتري ته
مضبوطي سان ڦاسي پوندي هئي جو جيستائين ڪنهن ويجهي
فارم تان ڍڳن جي جوڙي اچي انهي کي گپ مان ڇڪي نه
ڪڍندي هئي تيستائين انهي جو نڪرڻ محال هوندو هو.
”وري مسافر به جيستائين تعداد ۾ گهڻا ۽ چـڱي طرح
هٿيار بند نه هجن تيستائين انهن کي ڦورن پاران
روڪي لٽ مار ڪرڻ جو خطرو هوندو هو.“ انهن ڦورن جي
نالن سان به هڪ قسم جي رومانوي دلچسپي لاڳو هوندي
هئي ۽ شايد اڃا به لاڳو آهي. ”عام ماڻهو انهن جي
سختي ۽ دليري جا قصا، انهن جي بعضي بعضي سخاوت ۽
چڱي طبيعت جون ڳالهيون، انهن جي معاشقن، انهن جي
ڪرشماتي طور فرار ٿيڻ، انهن جي سر ڌڙ جي بازي
لڳائي وڙهڻ ۽ شراب خاني توڙي گاڏي تي چڙهي ڦاهي
گهاٽ ڏانهن وٺي وڃڻ دوران انهن جي مردانگي واري
هلت چلت جا قصا ذوق شوق سان ويهي هڪٻئي کي
ٻڌائيندا هئا“.
ٿيڪري ڪنهن جاءِ تي لکيو آهي ته، ميڪالي ”هڪ جملو
لکڻ لاءِ ويهه ڪتاب پڙهندو آهي ۽ بيان جي هڪ سٽ
لکڻ لاءِ هڪ سو ميل سفر ڪندو آهي.“ هن حيرتناڪ باب
جا صفحا اٿلائيندي اسان کي به انهي ڳالهه تي
اعتبار اچي سگهي ٿو. سندس ڪتاب مان وڌيڪ اقتباس
ڏيڻ تي ڏاڍي دل ٿي چوي خاص طور انهن صفحن مان جن ۾
هن انهي دور جي فڪري زندگي جو احوال ڏنو آهي. مثال
طور ٿيٽر جن ۾ ”فن جي ڪشش جي مدد لاءِ جنس جي ڪشش
کي گهرايو ويندو هو ۽ نوجوان تماشبين ۽ ڦڙت هيروئن
کي اهڙن جذبن سان ويهي ڏسندو هو جن کان شيڪسپيئر ۽
جانسن جا همعصر واقف ئي نه هئا. يا وري دل ٿي چوي
انهن سائنسي دريافتن بابت اقتباس ڏجن جن جي نتيجي
۾،“ دنيا ۾ اونداهي دور کان واسو ڪري ويٺل ڀوت
روشني اچڻ سان پڇ پائي وٺي ڀڳا. پر هي ته فقط ٽيون
نمبر باب آهي ۽ انهي کان پوءِ ٻاويهه وڌيڪ باب
اچڻا آهن . فقط پڇاڙي ۾ ئي ڪجهه دلچسپي گهٽ ٿئي
ٿي. انهي عظيم استاد بياني قوتن جي ڪمزور ٿيڻ جو
ذميوار انهي بيماري کي قرار ڏئي سگهجي ٿو . جنهن
کيس اوڻهٺ ورهين جي ڄمار ۾ نهوڙي نيو. ڪتاب ۾ اهڙو
ڪو به باب نه آهي. جنهن ۾ تمام اڳوڻي ماضي جون
حقيقت جي بلڪل قريب تصويرون موجود نه هجن.
حافظي ۾ گهر ڪري ويهندڙ هڪ منظر 1_فيبروري 1685ع
آچر جي ڏينهن وائيٽ هال ۾ چار لس ٻئين جي محلات جو
آهي. ڪجهه گنڀير ۽ سنجيده ماڻهو انهيءَ دور جي
دستور مطابق پنهنجي بادشاهه کي پنهنجو محصول ڏيڻ
اوڏانهن ويا هئا. انهن سمجهيو هو ته اهڙي موقعي تي
دربار ڏاڍي شائسته رخ ۾ هوندي. پر انهن جيڪو ڏٺو
انهي تي هو دهشت ۽ حيرانگي ۾ وٺجي ويا. وڏي گيلري
خوشيون ملهائيندڙن ۽ جوارين سان ڀري پئي هئي.
بادشاهه به ٽن عورتن سان ويٺو ڳالهيون ٻولهيون ۽
مشڪريون ڪري رهيو هو. هڪ سهڻو ڇوڪرو ڪي عاشقاڻا
گيت ڳائي رهيو هو. ويهن درٻارين جي هڪ پارٽي هڪ
وڏي گول ٽيبل تي تاس کيڏي رهي هئي . انهي ٽيبل تي
سون ڍير لڳو پيو هو. اهڙي حالت ۾ به بادشاهه شڪايت
پئي ڪئي ته هن جي طبيعت صحيح نه هئي. کيس کاڌي جي
بک نه هئي، انهي رات سندس آرام ۾ رخنو پئجي ويو
هو.
چارلس ٻيو فوت ٿي ويو ۽ سندس ڀاءُ جيمس ٻيو سندس
جاءِ تي حڪومت هلائڻ لڳو. هو به پنهنجي ڀاءُ وانگر
فرانس جي بادشاهه جو پينشنر هو ۽ انهي حالت تي
ڏاڍو خوش هو. پر چارلس جي ابتڙ هو ڏاڍو تعصبي،
ظالم، هٺيلو ۽ بيوقوف هو. هو هڪ صدي کان به عرصواڳ
تخت تي ويهندڙ
Bloody Mary
کان پوءِ تخت تي ويهندڙ پهريون رومن ڪيٿولڪ هو ۽
هن چرچ آف انگلينڊ ۽ انگريزي آئين جو خاتمو ڪري
پنهنجو چرچ رائج ڪرڻ چاهيو ٿي. کيس پنهنجي حڪومت
جي بلڪل شروعاتي ڏينهن ۾ ئي ڊيو ڪ آف مون مائوٿ جي
بغاوت کي منهن ڏيڻو پيو. هو سندس ڀاءُ ڪنگ چارلس
جو ناجائز پٽ هو. پر پنهنجي سهڻي شڪل شباهت ۽ دل
وڻندڙ طور طريقن سبب عوام کي ڏاڍو پيارو هو. ۽ هو
وري پروٽيسٽنٽ طريقي جي حمايت جي هام هڻندو هو.
ميڪالي هن باب (پنجين)۾ پنهنجي بهترين انداز ۾
ظاهر ٿيو آهي. انهيءَ ۾ هن انهي مهم جُو پاران تخت
حاصل ڪرڻ جي دکدائڪ تاريخ سندس نااهلي ۽ بلڪل
تباهي ۽ وري بغاوت تي ڪنٽرول حاصل ٿي وڃڻ کان پوءِ
عدالتي ڪوس ۽ مون مائوٿ جي قتل جي سزا جو احوال
ڏنو آهي.
ميڪالي پنهنجي دستور مطابق سومر سيٽ ويو ۽ سيج مور
۾ اهو ميدان ڳولي لڌائين جتي6_ جولاءِ 1685ع تي
انگريزن جي سر زمين تي لڳندڙ آخري لڙائي جو فيصلو
ٿيو. مون مائوٿ هڪ مضبوط ۽ قابل جنگجو طور پنهنجو
ڪردار ادا ڪيو. ماڻهن ڏٺو ته هو پيرين پنڌ هو. هڪ
ڀالو هٿ ۾ هئس ۽ پيادل فوج کي اڀارڻ ۽ همٿائڻ لاءِ
نعرا به هڻي رهيو هو ۽ پاڻ وڙهي به رهيو هو. پر هو
فوجي معاملن کان ايترو واقف هو جو خبر پئجي ويس ته
کيل ختم ٿي ويو هو. سندس سپاهين کي اونداهي ۽
اوچتو اچي پوڻ سبب جيڪو فائدو مليو هو انهن اهو
وڃائي ڇڏيو هو. هن کي نظر پئي آيو ته هو جيڪڏهن
اڃا به ڪجهه وقت پوئتي رهيو ته شاهي گهوڙي سوار
فوج سندس پسپائي جو رستو ڪٽي ڇڏيندي. هو گهوڙي تي
چڙهي ميدان مان ويو هليو. انهي جي باوجود به سندس
پيدل فوج بي جگري سان مهاڏو اٽڪايو. لائيف گارڊس
جي دستن انهن تي ساڄي هٿ کان ۽ بليوز (Blues)کاٻي
هٿ کان حملو ڪيو. پر سومر سيٽ شائر جي جوانن
پنهنجن ڏاٽن ۽ بندوقن جي قنداقن سان شاهي گهوڙي
سوارن جو تجربيڪار سپاهين وانگر مقابلو ڪيو. پر
سگهارن ڳوٺاڻن جي جدوجهد گهڻو وقت برقرار نه رهي
سگهي. سندن گندرف ۽ گولا ختم ٿي ويا هئا. ”بارود،
خدا جي واسطي بارود!“ جون رڙيون ٻڌڻ ۾ پئي آيون.
پر بارود دستياب نه هو. ۽ پوءِ بادشاهه جو توپ
خانو وڌي آيو.... باغي بٽالين جا نيزا لڏڻ لڳا،
صفون ٽٽي ويون. بادشاه جي گهوڙِي سوار دستي وري
لُوهه ڪئي ۽ سامهون ايندڙ هر شيءِ کي لتاڙي ڇڏيو.
وري بادشاهه جي پيادل فوج خندق ٽپي ڪڙڪي پئي. اهڙي
خطري واري حالت ۾ به مينڊپ مائينرز (Miners)وڏي
بهادري سان هٿيار کنيو بيٺا رهيا. ۽ پنهنجين جانين
جي وڏي قيمت وصول ڪيائون. باغين مان هڪ هزار کان
وڌيڪ پوٺي تي مئا پيا هئا.
مون مائوٿ گرفتار ٿيو ۽ ٽاور هل تي صحيح نموني ڪم
نه ڪري سگهندڙ جلاد هٿان مري ويو. جڏهن ته بدنام
زمانه لارڊ جيفريز ويسٽ ڪنٽري کي تمام خراب حالت ۾
پهچائي ڇڏيو. ڊور چيسٽر ۾ چوهتر باغين کي ڦاهي ڏني
وئي ۽ سومرسيٽ ۾ ڪجهه ڏينهن ۾ 233قيدين کي ڦاهي
چاڙهيو ويو. هر اها جاءِ جتي ٻه رستا اچي مليا ٿي،
هر مارڪيٽ ۾ ۽ هر انهي وڏي ڳوٺ جي ميدان تي جنهن
مون مائوٿ کي سپاهي ڏنا هئا ٿنڀن تي سپاهين جا لاش
پيا لڙڪندا هئا، هوا کي زهر آلود پيا ڪندا هئا ۽
مسافر انهن کي ڏسي خوف ۾ وٺجي ويندا هئا. پر چيف
جسٽس جيفريز ائين پيو کلندو، رڙيون ڪندو ۽ ڀوڳ
ڪندو هو ۽ ائين پيو سخت لفظ ڳالهائيندو هو جو اڪثر
ماڻهو سمجهندا هئا ته هو صبح کان رات تائين نشي ۾
رهي ٿو.
ميڪالي پاران انهن ستن بشپن تي ڪيس هلڻ جو بيان
(باب اٺون) ايترو ئي ڊرامائي آهي جن پنهنجي علائقن
جي گرجا گهرن ۾
Declaration of Indulgence
پڙهيو وڃڻ جي شاهي حڪم کان انڪار ڪيو هو.انهن
سمجهيو ٿي ۽ اهي انهي ڳالهه ۾ حق بجانب هئا ته اهو
چرچ آف انگلينڊ جي وقار تي هڪ موتمار ڌڪ هو.
اهڙي طرح اسين جيمس ٻئين جي دور جي پڄاڻي، سندس
پاران تخت کان دستبرداري ۽ سندس نياڻي وليم ٽئين ۽
سندس ڌيءُ ميري ٻئين جي تخت نشيني جي احوال تي
پهچون ٿا. ايندڙ بابن جون ڪجهه اهم ڳالهيون آهن
بئائين (Boyne)
جي لڙائي (باب سورهون) جنهن ۾ وليم آئرلينڊ ۾ جيمس
جي فوج کي شڪست ڏني ۽ گلين ڪو جو قتلام (باب
ارڙهون) جڏهن هائيلينڊ جي هڪ قبيلي هڪ ٻئي قبيلي
خلاف ڏاڍو خو فناڪ ڏوهه ڪري وڌو. جڏهن تاريخي بيان
جو اهم ٽڪرو پڄاڻي تي پهچي ٿو ته بادشاهه وليم تي
پردو ڪري ٿو. هو فرانسي بادشاهه خلاف عظيم يورپي
اتحاد جي فوجن جي اڳواڻي ڪرڻ کان ڪجهه وقت اڳ فوت
ٿي ويو. انهي کان پوءِ مارلبورو جون سوڀون اچن
ٿيون. پر ميڪالي کي موت انهن کي بيان ڪرڻ جي مهلت
نه ڏني. انهيءَ تي به پردو ڪري ٿو. هو ڪين سنگٽن ۾
پنهنجي گهر جي لائبريري ۾ پنهنجي آرام واري ڪرسي
تي ويٺو آهي، سندس ڀرسان ميز تي هڪ ڪتاب انهي صفحي
تي کليل رکيو آهي جتي هو پڙهي رهيو هو. سندس هميشه
کان اهائي خواهش هئي ته هو اهڙي طرح فوت ٿئي. کيس
ويسٽ منسٽرايبي ۾ دفن ڪيو ويو. سندس سڀ کان وڏو ۽
سڀ کان پائيدار يادگار سندس ”تاريخ“ آهي جنهن ۾
انهي عظيم انقلاب جي تاريخ اهڙي انداز ۾ بيان ڪئي
آهي جيئن عام ماڻهو به سمجهي سگهن. انهي عظيم
انقلاب سان اسٽورٽ گهراڻي جو ظلم ۽ ڏاڍ جو دور ختم
ٿيو ۽ اهڙي اونهي ۽ پُر امن تبديلي جي شروعات ٿي
جنهن سان برطانيه کي جديد دنيا ۾ بالادستي وارو
مقام ملي ويو.
جهان آرا سومرو
ٿوهر
جووڻ
شمس پنهنجي دوست بشير آرائين جي اوطاق ۾ هڪ منجهيل
ڪيس تي ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيو هو. ٻئي ڄڻا
ڳالهائڻ ۾ ايترو ته مصروف هئا جو وقت گذرڻ جو
احساس ئي نه ٿين. ايستائين جو شبير آرائينءَ جو
ننڍڙو پٽ اکيون مهٽيندو پيءُ وٽ آيو ۽ چيائين،
”بابا، اوهان مون کي آکاڻي ٻڌائڻ جو واعدو ڪيو هو.
هاڻي هلي ٻڌايو، نه ته آءُ سمهي پوندس.“
شبير اُٿي پٽ کي هنج ۾ کنيو. سندس نرم گلابي ڳل تي
چمي ڏنائين ۽ چيائين،”يار شمس، مان هن کي آکاڻي نه
ٻڌائيندس ته هي مون کان رسي ويندو. مان هن کي
سمهاري اجهو ٿو اچان.“
”نه شبير، مان پاڻ هلان ٿو. رات گهڻي ٿي وئي
آهي.“شمس ننڍڙي جي ڳل کي ٿڦڪي ڏيندي چيو ۽ کائنس
موڪلائي گهر روانو ٿيو.
گهر ڏانهن ويندي هن جي دل عجيب قسم جي مايوسي
محسوس ڪئي. شبير جي ننڍڙي پٽ کي ڏسي کيس پنهنجي
محروميءَ جو احساس جاڳي پيو. جنهن گهر ڏانهن هو
وڃي رهيو هو اتي هن جي انتظار ڪرڻ ۽ دل وندرائڻ
لاءِ اهڙو ڪو معصوم روح ئي نه هو. ڪيڏا نه خوش
نصيب آهن اهي انسان جيڪي اولاد جهڙي نعمت سان
نوازيل آهن. جڏهن دنيا جا غم ۽ فڪر انسان کي
مايوسيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن ته اهي ننڍڙا
کيڏوڻا دل وندرائي ڏک ئي لاهي ڇڏيندا آهن. ان لاءِ
ته ماڻهو اها محنت ۽ مشقت خوشيءَ سان قبول ڪندا
آهن، جن جي موٽ ۾ اولاد لاءِ راحتون مهيا ڪندا
آهن.
شمس ناميارو وڪيل هو. گذريل ٻارنهن سالن جي عرصي ۾
هن نالو ۽ ناڻو گهڻي انداز ۾ ڪمايو ۽ اڪثر ڪري اهو
سوچي مايوس ٿي ويندو هو ته هن جي نالي ۽ ناڻي کي
قائم رکڻ وارو وارث هو پيدا ڪري نه سگهيو هو.
اولاد جي خواهش غير فطري نه هوندي آهي، پر ان جي
محرو ميءَ جو احساس هن کي ڪجهه وڌيڪ هو. شايد
انڪري ته هو ٺيٺ زميندار گهراڻي جي پيداوار هو. ان
وڻ مثل جنهن جي سرڪش ڦهلاءَ کي اعليٰ تعليم جي
ڪينچي وڍي ٺاهي، مهذب شڪل ته ڏني هئي، پر هن جي
اندر جي فطري ۽ موروثي خصوصيتن کي مڪمل طرح تبديل
نه ڪري سگهي هئي. ڪجهه اهو سبب هو، ڪجهه ماڻهن جا
تنقيدي نشتر هئا.جنهن
جي ڪري هڪ
وارث جي خواهش تڪليف ده احساس بڻجي هن کي
هميشه پريشان ڪندي رهندي هئي. هو جڏهن به ڳوٺ
ويندو هو ڪٽنب جون وڏڙيون سالها سالن کان هڪ ئي
سوال هر هر کانئس پڇنديون هيون، ”ابا ڏي خبر
جوڻهين کي آهي ڪا اميدواري؟“
هن جو انڪاري جواب ٻڌي ڪا نه ڪا پوڙهي نڪ کي موڙو
ڏئي چوندي، ”ابا، اها ڪاموري جو ڻهين ٻار ڪو نه
ڄڻيندي. ڪو ٻيو بلو ڪر ته ڀائن سين ڀاءُ ٿئين، آخر
رئيس دادن جي ديهه جو اڌ ڀائيورا آهين.“
گذريل ڪيترن ئي سالن کان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي
هو بيزار ٿي پيو هو. ۽ هاڻي ته اولاد جي ذڪر کان
ئي چڙڻ لڳو هو. محروميءَ جي احساس ۽ ماڻهن جي
ڳالهين هن جي مزاج جو رنگ ئي بدلائي ڇڏيو هو. جنهن
جو سڀ کان وڌيڪ نقصان بينا کي رسيو. بينا لاءِ
ڪڏهن ته هو ساڳيو سندس ديوانو شمس هوندو هو جيڪو
هن جي محبت ۾ مال، ملڪيت ۽ مٽ مائٽ ٺڪرائي آيو
هو. ڪڏهن اهڙو بي حس ۽ ڌاريو بنجي ويندو هو، جوهن
جي سرد مهري بينا کي ڏکوئڻ لڳندي هئي.
هو گهر ۾ گهڙيو ته سمورو گهر سانت ۾ ٻڏل هو.
ڊرائنگ روم ۾ روشني هئي. ڊائننگ ٽيبل جي اڳيان ٻئي
هٿ جهوليءَ ۾ رکيون بينا ڪنهن پٿر جي بت وانگر
خاموش ويٺي هئي.
هن جي سامهون ميز تي ڪيڪ رکيو هو. جنهن جي وچ ۾
ٻرندڙ ميڻ بتي وگهرجي وڃي پوين پساهن ۾ پهتي هئي.
بينا جي وارن ۾ ويڙهيل رابيل جي گلن جو جهوڙو
ڪومائجي ويو هو. شمس ڪيڪ ڏانهن ڏٺو پوءِ سوالي
نظرن سان بينا ڏانهن ڏٺائين.
”اڄ ٻارنهن آڪٽوبر آهي.“ بينا آهستي چيو.
هو کن پل ياد ڪندو رهيو. پوءِ ياد آيس ته اها سندن
شاديءَ جي تاريخ هئي.
”اوهه آءِ ايم سو سوري.“ شمس چيو، مون کي ياد ئي
نه رهيو.“ پوءِ ڦري اچي سندس ڀرسان بيٺو. ڪيڪ جي
مٿان رجيل ميڻ
بتيءَ ڏانهن ڏسندي چيائين، ”هي ته هاڻي
خراب ٿي ويو . رات گهڻي ٿي وئي آهي. هل هلي سمهي
پئون.“
پوءِ پاڻ ڪمري ڏانهن وڃڻ لاءِ مڙيو.
”ماني نه کائيندين ؟“ بينا پڇيو.
”نه بک ڪونهي.“ شمس ويندي
ويندي وراڻيو.
بينا اجهامندڙ ميڻ بتيءَ جي آخري ٽم ٽم ڪندڙ شعلي
کي ڏسي سوچڻ لڳي ته ڇا مرد جي محبت رڳو خواهشن جي
مطيع هوندي آهي؟ ڪڏهن انا، ڪڏهن جبلت واريون
خواهشون. آخر اهو ڪهڙو انصاف آهي ته عورت کي رڳو
خواهش جي تڪميل جو ذريعو سمجهيو وڃي؟ عورت پنهنجي
جسم ۽ جان جي سمورين سپرد گين ، محبت، ايثار ۽ وفا
جي باوجود خواهش تي ترجيح نٿي رکي.
عورت ته مرد جي زندگيءَ جي رنگا رنگ دلچسپين جو
عنوان آهي. والدين جي چمن ۾ ڦٽل اها مکڙي آهي،
جنهن جي سنڀال هو پيار سان ڪندا آهن. مرد جي نظر
هن کي پنهنجي حسن ۽ دلربائيءَ جو احساس ڏياريندي
آهي، پيار جي پهرين ڇهاءَ سان ٽڙي گل ٿي پوندي آهي
۽ پنهنجي پيار سان پنهنجي مرد کي مسحور ڪري ڇڏيندي
آهي. پر مرد جي فطرت کيس هميشه محويت جي مقام تي
رکي نه سگهندي آهي. جيستائين محبوبه هوندي آهي مرد
کي روز انو کي لڳندي آهي. پر هو کيس جڏهن پنهنجي
”زال“ بنائيندو آهي ته پوءِ کيس هيٺان وڇايل اها
زمين لڳندي آهي، جيڪا جيڪڏهن سندس قربتن جي صلي ۾
کيس نسل جو فصل نه ڏئي سگهي ته هو کيس ڪلراٺي ۽
سنڍِ زمين سمجهي ٺڪرائي نئين زرخيز زمين جي ڳولا ۾
نڪري پوندو آهي.
”لاهور
۾ هوميوپيٿڪ جو مشهور ڊاڪٽر آهي،
جيڪو ان سلسلي جو سـٺو معالج
آهي.“شمس چيو،“ مان چاهيان ٿو ته
اهي رپورٽون اوڏانهن موڪلي ان کان
مشورو وٺجي .“
|
بينا، بيڊ روم ۾ آئي ته شمس مٿي هيٺان ٻانهون
رکيون ڪنهن سوچ ۾ گم ليٽيو پيو هو. هوءَ سندس
ڀرسان اچي ويٺي ۽ مڌم لهجي ۾ پڇيائين، ”شمس، ڇا
مان واقعي بي ڪشش ٿي وئي آهيان؟“
شمس ڪنڌ ورائي هن ڏانهن ڏٺو. هوءَ مجسم سوال بڻيو
بيٺي هئي ۽ پنهنجي سوال جو جواب به پاڻ هئي. هن جي
اکين جي جر جر ڪندڙ جوت سلامت هئي. هن جي ڳلن جا
گلاب به اڃا نه ڪومايا هئا. گذريل ڪيترن سالن کان
هن جي جوڀن تي خزان ڪو خاص اثر نه ڇڏيو هو. شايد
شمس جي ئي نظر ڪمزور ٿي وئي هئي جو محبتن جي
رنگارنگ گلن جهڙو پوتر اهو پيڪر هن کي بي رنگ نظر
اچڻ لڳو هو.
شمس سڌو ٿي اٿي ويٺو. نرميءَ سان سندس ٻئي هٿ
پنهنجي هٿن ۾ وٺي چميائين ۽ چيائين، ”جانم، تون
اڃا تائين حسين آهين ۽ منهنجي محبت به سلامت آهي.“
بينا جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا... ڀريل
ڳلي سان چيائين، ”پوءِ تون مون کان ايترو پري ڇو
هليو ويو آهين جو اوپرو ٿو لڳين؟“
شمس چپ چاپ کيس ڏسڻ لڳو. هن جي سوالي نظرن جا گو
نگا تير بينا جي روح ۾ چُڀي ويا. هن جون نظرون
جهڪي ويون.
شمس آهستگيءَ سان سندس هٿ ڇڏيا ۽ وري ليٽي پيو.
ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ بينا ڏانهن ڏٺائين ۽
چيائين، ”بينا، ميڊيڪل سائنس ايتري ته ترقي ڪئي
آهي جو ناممڪن کي ممڪن بنائي سگهجي ٿو. تون چاهين
ته اسين ملڪ کان ٻاهر هلي علاج ڪرايون.“
بينا جي چهري تي هڪ لحظي لاءِ ڄڻ ڪو پاڇو لنگهي
ويو . پاڻ سنڀالي چيائين، ” شمس ، گذريل سورنهن
سالن ۾ مان هر ممڪن علاج ۽ حيلو وسيلو ڪري چڪي
آهيان . ڪيترا دفعا چيڪ اپ ڪرايو اٿئون. ڊاڪٽرن جي
چوڻ مطابق هرشيءِ نارمل آهي ته پوءِ علاج ڇاجو؟“
شمس غور سان کيس ڏٺو ۽
پڇيائين، ”بينا، ٽي سال اڳ اسان اسلام آباد مان
چيڪ اپ ڪرايو هو. اهي رپورٽون ڪٿي آهن؟“
بينا جي چهري تي پريشاني
جهلڪڻ لڳي جنهن کي لڪائڻ لاءِ هن نظرون ڦيرائي
ڇڏيون . شمس اڳ به هڪ ٻه دفعو کانئس اهي رپورٽون
گهريون هيون، هوءَ ڪو نه ڪو بهانو ٺاهي لنوائي
ويندي هئي. پر شمس اڄ هن جي چهري تي ايندڙ هڪ لحظي
وارا پاڇا ڏسي ورتا هئا.
”لاهور ۾ هوميوپيٿڪ جو مشهور ڊاڪٽر آهي، جيڪو ان
سلسلي جو سـٺو معالج آهي.“شمس چيو،“ مان چاهيان
ٿو ته اهي رپورٽون اوڏانهن موڪلي ان کان مشورو
وٺجي .“
بينا جي خاموشي شمس کان برداشت نٿي. هو بي چين ٿي
اٿي ويٺو. سندس ڪلهن تي هٿ رکي منهن پاڻ ڏانهن
ڪيائينس. کن پل ماٺ ۾ ٻئي هڪٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا.
شمس جي نظرن ۾ سوال هو ۽ بينا جي نظرن ۾ بيوسي.
”آءِ ايم سوري شمس!“ بينا تڪليف ده احساس کان
اکيون بند ڪندي چيو، ”مان تنهنجي خواهش پوري ڪري
نٿي سگهان.“
شمس کن پل ماٺ رهيو پوءِ
پڇيائين، ”ايترا سال اها ڳالهه لڪائي ڇو رکي؟“
”مون تو کي وڃائڻ نٿي چاهيو.“
ماحول تي ڳري سانت ڇانئجي
وئي .ٻنهي وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه نه هو. بت بڻيا
هڪٻئي جي ڀرسان هئا. ان ڳري خاموشيءَ ۾ گهر جي
ڪنهن ڇيڙي کان کنگهڻ جوآواز اڀريو. شمسس سوالي
نظرن سان بينا ڏانهن ڏٺو.
”چاچا زوار آيو آهي ڳوٺ کان.سڀاڻي ٻنيءَ جي ڪيس جي
حاضري اٿس.“بينا آهستي چيو.
ڪجهه دير منجهيل نظرن سان شمس ڏانهن ڏسندي رهي
پوءِ هٻڪندي چيائين، ”چاچا زوار ڳالهه ڪئي ته
بلقيس جي شادي طئي ڪئي اٿن.“ ”بلقيس....“ شمس ڇرڪ
ڀري اٿي ويٺو، ”ڪنهن سان طئي ڪئي اٿن بلقيس جي
شادي؟“
”صاحب ڏني جي پٽ دلاور سان“ بينا ڊڄي ڊڄي چيو.
”ڇا؟!“ شمس ائين ڀڙ ڪو کاڌو ڄڻ چو چڙي لڳي وئي
هجيس.
ڪي ساعتون اکيون ڦوٽاري بينا کي ڏسندو رهيو. پوءِ
اٿي ڪمري ۾ پسار ڪرڻ لڳو. هلندي هلندي بيهي ٿي
رهيو ۽ ڳالهائيندي ڳالهائيندي هليو ٿي.ڄڻ ته دماغ
۾ ڪو ديو ڪر موڙي جاڳي پيو هئس.
”هو ڪير ٿيندا آهن بلقيس کي پرڻائڻ وارا؟ ڀلا مان
مري ويو آهيان ڇا؟ مان هنن کي ائين ڪرڻ نه ڏيندس.
هنن کي خبر به آهي ته مان شبن ۽ ڀاڻس صاحب ڏني کان
سخت نفرت ڪندو آهيان. ان جي باوجود منهنجي ڌيءُ جو
سڱ انهن کي ڏيڻو ڪيو اٿن.“
اها سڄي رات شمس جاڳندي ۽ لڇندي گذاري ۽ بينا چپ
چاپ سندس بيقراري ڏسندي رهي. هن ۾ کيس ڪجهه چوڻ جي
همت نه هئي.
ويهه سال اڳ شمس پهريون ڀيرو گهوٽ بڻيو هو. ان وقت
سندس عمر سورنهن سال هئي.جوانيءَ اڃا هن جي
ڪايا جو در کڙڪائي رهي هئي، پر سندس ڪنوار بخت هن
کان چار سال وڏي هئي ۽ ڀرپور جوڀن واري ٽڙيل گلاب
مثل هئي. شمس بو سڪيءَ جو وڳو پهري لونگ ۽ پٽ جي
ڦندڻن وارا موڙ ٻڌي، جڏهن سيج تي پهتو هو ته اهو
سڀڪجهه هن کي رونشو ۽ چهچهٽو لڳي رهيو هو. پر بخت
جنهن جي چهري تي پگهر جي سنهي بوند سان گڏ پريشاني
۽ مايوسي رچيل هئي، عمر جي ان دور مان گذري رهي
هئي، جتي حقيقتن جي آگاهي ٿيندي آهي.
شمس لاءِ ان شاديءَ ۾ ڪا جذباتي هلچل نه هئي.
ڇاڪاڻ ته انهن جذبن جاڳڻ جي عمر اڃا هن کان ڪجهه
پرڀرو هئي. بخت هن جي سڳي سوٽ هئي. هڪ ئي حويليءَ
اندر سندن گهر هئا. هو روز بخت کي جوانيءَ جي
نشيءَ ۾ چور گهمندو ڏسندو هو. اهو دور ئي اهڙو
هوندو آهي، جڏهن عورت جي جيءَ ۾ جوڀن جو جادو
جاڳندو آهي، ته ان سان گڏ ڪي ڪتڪتايون ڪندڙ چور
جذبا به جاڳي پوندا آهن. جن ۾ رچي رنگجي عورت هڪ
چيلنج بڻجي پوندي آهي. ڄڻ ڪو تازو ٽڙيل گلاب جهولي
جهومي پنهنجي جوڀن جو هڳاءُ پکيڙي چوندو هجي، ”ڏسو
منهنجي سونهن ۽ جوڀن کي ۽........مون کي چاهت جو
خراج پيش ڪيو.“
شمس جو جوڀن ۽ ان چيلينج کي سمجهڻ وارو شعور اڃا
ٻنڌڻن ۾ هو. البته سندس پڦاٽ شبن جيڪو عمر ۾ شمس ۽
بخت ٻنهي کان وڏو هو جوڀن جو اهو چيلينج قبول ڪري
اڳتي وڌيو. شمس ننڍو ضرور هو، پر ايترو به نه جو
شبن ۽ بخت جي نظرن وارن چور نياپن کي سمجهي نه
سگهي. پر ان کان اڳ جو اهي نياپا نينهن جو ناتو
بڻجن، خانداني روايتن ۽ مفادن بخت ۽ شمس کي شاديءَ
جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌي ڇڏيو.
مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ هو ڳوٺ جو ماحول ڇڏي شهر
جي ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ شهر جي دلچسپين ۽ رونقن ۾
مشغول ٿي ويو. ڳوٺ تمام گهٽ ويندو هو. ڇاڪاڻ ته
اتي هن لاءِ ڪاڪشش نه هئي. جڏهن به ڳوٺ ويندو هو
ته بخت کي ڏسي نظرون چورائيندو هو. بخت هن کي هڪ
اهڙو اوچو جبل محسوس ٿيندي هئي، جنهن جي چوٽيءَ تي
پهچڻ هن جي وس کان ٻاهر هو. وڏن جو خيال هو ته هو
وقت گذرڻ سان بخت کي ذهني طور تي قبول ڪري وٺندو.
پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، حقيقتن جي ادراڪ هن
کي بخت جي ويجهو آڻڻ بدران پري ڪري ڇڏيو . هو
پنهنجي گهر ۾ شبن جي اچ وڃ کي سخت ناپسند ڪرڻ لڳو.
پر هو ايتروبا اختيار نه هو جو شبن کي پنهنجي گهر
۾ اچڻ کان روڪي سگهي ڇاڪاڻ ته هو سندس ڏاڏي جو
پيارو ڏوهٽو هو. نفرت ۽ بي وسيءَ جي مليل احساس
سبب هو، شبن کان نفرت ڪرڻ لڳو. روايت پرست وڏڙا
رشتن ۾ ملڪيتن جي تحفظ لاءِ اهڙي سڱابندي ڪري
پنهنجي پر ۾ مطمئن ٿي ويهي رهيا. ان حقيقت کان بي
خبر ته فيصلن جي ڪوٽن ۾ جنهن وجود کي بند ڪيو
ويندو آهي، اهو گهٽجي گهٽجي تازي هوا لاءِ ڪو نه
ڪو روشندان ڳولي وٺندو آهي.
انٽر جو امتحان ڏئي موڪلن ۾ شمس جڏهن ڳوٺ ويو ته
گهر ۾ پينگهي ۾ ستل ننڍڙو ٻار ڏسي حيران ٿيو. ماءُ
ڏانهن سوالي نظرن سان ڏٺائين.
”ابا توکي ننڍڙي ڄائي آهي.“ ماڻس ٻڌايس.
”مون کي ٻڌايوَ ڇو نه؟“ هو وڃي پينگهي جي مٿان
بيٺو.
”ابا اڪ کاڌي ڌيءُ آهي. ڪهڙو پٽ ڄائو آهي جو تو کي
ٻڌايون ها.“
شمس جيترا ڏينهن ڳوٺ ۾ رهيو. ننڍڙي ڌيءَ بلقيس سان
کيڏڻ کيس وڻندو هو. پر موڪلن کان پوءِ جڏهن شهر
هليو آيو ته اتان جي مصروفيتن ۾ ائين گم ٿي ويو جو
کيس ياد ئي نه رهيو ته هو هڪ ٻار جو پيءُ به آهي.
زندگي پنهنجي نه
رڪجندڙ وهڪري
۾ وهائيندي کيس
يونيورسٽي جي ماحول ۾ وٺي آئي. اهو شمس جي
ڀرپور جواني وارو انوکو دور هو ، جنهن هن کي نئين
جذبي جي آگاهي ڏني محبت جي جذبي جي، جيڪو هن جي دل
۾ بينا جاڳايو. محبت جڏهن روزانو هڪ رفتار سان
ڌڙڪندڙ دل جي دروازي تي دستڪ ڏيندي آهي ته دل جي
رفتار ۾ رڌم جي ترتيب ئي بدلجي ويندي آهي.
گهائيندڙ نيڻن ۽ وڻندڙ مهانڊن واري بينا پهرين
نظر ۾ ئي شمس جي دل ۾ گهڙي وئي، ٻه ٽي سال هڪ ئي
شعبي ۾ گڏ پڙهندي هو هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي
ويا. سڄي يونيورسٽيءَ ۾ هنن جي جوڙي مشهور هئي. ان
ڳالهه جي کڙڪ پڻس کي به پئي ۽ هو جڏهن ڳوٺ ويو ته
رئيس دادن پڇيس، ”اڙي شهر ۾ ڪهڙي سنگتياڻي ٺاهي
اٿئي؟“
رئيس دادن سمجهيو ته هو لنوائي ويندو. پر شمس
ڏاڍي اطمينان سان جواب ڏنو،”بابا هوءَ مون سان گڏ
پڙهندي آهي، تمام سٺي ڇوڪري آهي.“ رئيس دادن اهو
ٻڌي ڪاوڙيو ۽ کيس دڙڪو ڏيندي چيائين، ”متان دماغ
خراب ڪرين پنهنجو، ته ڪو آئون تو کي ٻي شادي ڪرڻ
ڏيندس. چاچهن اڃا جيئرو جاڳندو ويٺو آهي. بخت هن
جي اڪيلي ڌيءَ آهي . تون ڄاڻين ٿو ته چاچهن جي
سموري ملڪيت بخت کي ملندي جنهن جو مالڪ اڳي پوءِ
تون ٿيندين.“
”بابا مون کي خبر آهي ته توهان مون کي پاڻ کان وڏي
زال ڇو پرڻائي؟ ”شمس چيو.“پر مون کي نه ئي بخت سان
ڪا دلچسپي آهي نه ئي ملڪيت سان. مان بينا سان محبت
ٿو ڪيان ۽ ان سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.“رئيس دادن
شمس جي اٽل ارادي کي محسوس ڪندي، ڪجهه دير چپ رهيو
۽ پوءِ کيس سمجهائيندي چيائين، ”چاچهن ائين ڪرڻ نه
ڏيندو توکي، جي بخت پيڪين هلي وئي ته ملڪيت به هلي
ويندي، گهمڻ ڦرڻ مردن جو مرڪ آهي. ڀلي سنگت رک، دل
پشوري ڪر، پر شادي نه ڪر.“
”توهان غلط ٿا سمجهو بابا، بينا شريف خاندان جي
ڇوڪري آهي اسان جي وچ ۾ ڪو خراب ناتو ڪونهي.“
”اڙي، ڪونهي ته رک“ رئيس دادن چيو، ”اهي شهري
ڇوڪريون پئسي تي جام ملنديون.“
”بابا، هوءَ پئسي تي ملڻ واري ڇوڪري ناهي. توهان
مون کي گهڻو تنگ ڪندئو ته مان گهر ڇڏي هليو ويندس،
پر توهان جي هن ڀائيٽيءَ بخت سان ڪو نه گذاريندس.“
هو ڪاوڙ مان چوندو ٻاهر هليو ويو.
گهر وارن جي دٻاءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو شمس ڳوٺ
وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو، ڇهه مهينا گذري ويا. رئيس دادن
پاڻ ساڻس ملڻ آيو ته هن بينا سان شاديءَ جو مطالبو
سندس اڳيان رکيو. رئيس دادن سندس ڳالهه مڃڻ کان
انڪار ڪيو ، پر هو پنهنجي ضد تي اڙيو رهيو.
” شمس، جيڪڏهن تو ضد نه ڇڏيو ته مان توکي ملڪيت
مان بي دخل ڪري ڇڏيندس.“رئيس دادن کيس ڌمڪي ڏني.
”مون کي قبول آهي.“ شمس بي خوف ٿي چيو.
رئيس دادن شمس جو خرچ بند ڪري ڇڏيو. شمس همٿ نه
هاري.هن هڪ پرائيويٽ فرم ۾ نوڪري ڪئي ۽ ايل ايل
بي ۾ داخلا ورتي. اهي هن جي آزمائش جا ڏينهن هيا.
پر بينا ۽ ان جي پيءُ جيڪو شهر جو مشهور معروف
وڪيل هو، هن جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. بينا جي پيءُ
حامد عليءَ رئيس دادن جي مخالفت جي پرواهه نه ڪندي
کيس ڌيءُ جو سڱ ڏيڻ قبول ڪيو ۽ هر طرح سان سندس
مدد ۽ همت افزائي ڪئي. رئيس دادن شمس جي شاديءَ ۾
شريڪ نه ٿيو بلڪه ساڻس سمورا واسطا ختم ڪري
ڇڏيائين.
شمس وڪالت پاس ڪري حامد عليءَ سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳو ۽
جلدئي سندس شمار معروف وڪيلن ۾ ٿيڻ لڳو. بينا
ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿي وئي.
شمس جي زندگيءَ ۾ بينا ڇا آئي ڪاميابيون هن جو
مقدر بنجي ويون.هن کي سموريون نعمتون ميسر ٿي
ويون. بس نه ملي ته بينا کان اولاد جهڙي دولت نه
ملي.
شادي جي چئن سالن کان پوءِ شمس جو مائٽن سان تڏهن
ٺاهه ٿيو، جڏهن هو ماءُ جي وفات تي ڳوٺ ويو. ان
وقت هن جي ڌيءَ بلقيس نون سالن جي هئي. شمس ارادو
ڏيکاريو ته بلقيس کي وڃي وٺي شهر پاڻ سان رهائي ۽
تعليم ڏياري. پر رئيس دادن ۽ بخت ٻئي هن جي اڳيان
رڪاوٽ بنجي بيهي رهيا. رئيس دادن چيو، ”توکي خبر
آهي اسان نياڻين کي ڪو نه پڙهائيندا آهيون ، هاڻي
نئين مان ڌيءُ کي پڙهائي پنهنجو نڪ نه
ڪپائينداسون.“
”تون ته دل گهري زال پرڻجي سکيو ٿي ويٺين.مون لاءِ
رڳو اها ڌيءُ ئي ته آهي وندر ۽ ورونهن. اها به تون
وٺي ويندين ته آئون ڪيئن جيئنديس. آئون پنهنجو ٻچو
ان شهري عورت کي ڪو نه ڏينديس. اهڙوشوق اٿس ته
پنهنجا ڇو ڪو نه ٿي ڄڻي؟“ بخت چيو.
شمس کي پڪ ٿي ته گهر وارا کيس ڪڏهن به بلقيس وٺي
وڃڻ نه ڏيندا. انڪري هن اهو ارادو ئي ترڪ ڪري
ڇڏيو.
شهر موٽڻ وقت رئيس دادن شمس کي چيو،” چار اکر علم
جا پڙهي وساري ويٺو آهين ته اسين آدي بڻيادي رئيس
آهيون. زالن جي ڪمائي کائڻ ڪٿان جي غيرت آهي. رئيس
دادن جي ننهن مردن وانگر
ڪمائڻ وڃي،
اهو اسان لاءِ مهڻو آهي.پئسن جي گهرج اٿئي
ته جيترا وڻئي کڻي وڃ. آخر سموري ملڪيت توهان ٻنهي
ڀائرن جي ته آهي،“
شمس پيءُ جي طعني کي دل تي ورتو ۽ بينا کان نوڪري
ڇڏرائي کيس گهر تائين محدود ڪري ڇڏيو. پر بخت جيڪو
طعنو ، بينا کي ڏنو هو، اهو هن جي دل ۾ تير جيان
چڀي ويو هو. بينا هر ممڪن علاج ۽ حيلا وسيلا ڪيا.
پر اولاد جي نعمت حاصل نه ڪري سگهي ۽ ٽي سال اول
اسلام آباد ۾ آيل غير ملڪي ماهرن کان مڪمل چيڪ اپ
ڪرائڻ کان پوءِ صبر ڪري ويهي رهي.صبح جو بينا جي
اک کلي ته شمس ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار بيٺو هو. هن کي
سويل تيار ڏسي، هوءَ جلدي اٿي کڙي ٿي. شمس ڪوٽ
پائي ڪٻٽ مان گاڏيءَ جي چاٻي ڪڍي ته
بينا اچي سندس هٿ جهليو ۽
چيائين، ”شمس، جيڪو ڪجهه ٿي چڪو آهي تون ان کي
روڪي نه سگهندين، تنهنجي دخل اندازيءَ سان رڳو
جهيڙو ۽ فساد ٿيندو.“
”تون ڇا ٿي چاهين؟“ شمس چڙي
پڇيو،“ هو منهنجي اولاد جي مستقبل جي باري ۾ ڪهڙو
به فيصلو ڪن ۽ مان لاتعلق رهان؟“
”اهو ته هميشه کان ٿيندو آيو
آهي.“ بينا چيو،“ هن وقت تائين تنهنجو بلقيس تي ڪو
به اختيار نه هليو آهي.“
”تون صحيح ٿي چوين.“ شمس ٽوڪ واري لهجي ۾ چيو،
”مون به ته پيءُ جو ڪو فرض ادا نه ڪيو آهي ۽ ان ۾
بابي سائينءَ سان گڏ تنهنجي مرضي به شامل رهي
آهي.“
بينا وائڙي ٿي کيس ڏسڻ لڳي،” ڇا مون توکي ڪڏهن
جهليو آهي، بلقيس جي فرضن ادا ڪرڻ کان؟“
“ها، بابي مون کي ڪڏهن به پنهنجي اولاد تي مالڪي
رکڻ نه ڏني ۽ تو اڻ سڌي طرح مون کي ان کان پري
رکيو.“
”شمس، اهڙيون ڪم ظرفيءَ جون ڳالهيون نه ڪر.“ بينا
تڙپي چيو.
”اها ڪم ظرفي ناهي، حقيقت آهي.“ شمس چيو،“تون پاڻ
اولاد پيدا نه
ڪري سگهينءَ ۽ پنهنجي انهيءَ ڪوتاهيءَ جي خوف کان
تو مون کي محڪوم ۽ محدود بنائي رکيو ۽ ٻين
رشتن کان ٽوڙي ڇڏيو.“
”اها عورت جي سڀ کان وڏي توهين آهي. جو رڳو اولاد
پيدا نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هن جي محبتن ۽ وفائن کي خود
غرضي سمجهيو وڃي.“ بينا روئڻهارڪي ٿي وئي.
”عورت!“ شمس طنز مان چيو، “هر اها عورت جيڪا اولاد
جو مٺو ميوو نه ڏئي سگهي اها ٿو هر جو وڻ آهي.“
ڄڻ ڪا گولي ٺڪاءُ ڪري بينا جي دل ۾ اچي لڳي. هوءَ
سڪتي ۾ اچي وئي. کن پل مايوس نظرن سان شمس ڏانهن
ڏسندي رهي. پوءِ هڪدم سندس چهري تي صدمي ۽ ڌڪار جا
مليل جليل احساس ظاهر ٿيا ۽ ان کان اڳ جو هوءَ
ڪجهه ڪري ۽ ڪجهه چوي، شمس چاٻي کڻي ڪمري کان ٻاهر
نڪري ويو.
شمس جيئن ئي پنهنجي حويليءَ واري گهر ۾ گهڙيو ته
ماحول ئي بدليل نظرآيس. گهر کي نئون رنگ روغن ٿيل
هو. هر طرف
چهل پهل نظر آيس. ان وقت هن جي
نظر شبن تي پئي، جيڪو پٽن سان گڏ گهر جي اڱڻ تي
جهنڊيون لڳرائي رهيو هو. هن کي ڏسي شمس جي نڙيءَ ۾
نم جهڙي ڪڙاڻ ڀرجي وئي. شبن کيس هٿ ڏيڻ لاءِ اڳتي
وڌيو، پر شمس کيس نظر انداز ڪري اندر صفي ڏانهن
ويو. ورانڊي ۾ بخت ٻين عورتن سان گڏ لٽا ڪپڙا جاچي
رهي هئي. شمس قهر آلود نظرن سان کيس ڏٺو. هن جي
مٿي جا اڌ وار اڇا هيا ۽ منهن ۾ پڪي عمر وارا گهنج
پئجي ويا هيس. شمس کي ڏسي هوءَ وائڙي ٿي وئي . ٻين
عورتن ۾ به ڦڙڦوٽ پئجي ويو.
شمس سڌو اندر ڪوٺيءَ ۾ ويو. جتي زمين تي نئين
وڇايل پٿرڻي تي بلقيس ونواهه ۾ ويٺي هئي. هن کي
ائين ويٺل ڏسي شمس کي دل ۾ عجيب پيڙا محسوس ٿي.
هن کي پنهنجي ڪوتاهين جو شديد احساس ٿيو.
”بلقيس“ شمس کيس هٿ کان وٺي
اٿاريو، ”هل مون سان.....منهنجي گهر،
پنهنجي پيءُ جي گهر...هيءَ تنهنجي منزل ناهي.“
بلقيس وائڙن جيان شمس ڏانهن ڏسڻ لڳي. بخت جيڪا
سندس پٺيان اندر آئي دروازو ٻيڪڙيو ۽ چيو، “اڄ
توکي اوچتو بلقيس جو خيال آيو آهي، سالن ۾ ته لڙي
سار نه لهندو هئين.“
”تون ڪير ٿيندي آهين مون کان پڇڻ واري؟“ شمس خار
مان چيو.” ۽ توهان کي ڪهڙي شريعت حق ڏنو آهي ته
پيءُ جي اجازت کانسواءِ ڌيءُ جو رشتو ڪيو؟“
”اهو چاچي سائين جو فيصلو آهي.“
”مان بابي جي فيصلي کي نٿو
مڃان.“ شمس هٺ ڌرمي سان چيو. ”توهان سڀ مون سان
زيادتيون ڪندا رهيا آهيو. بابو سدائين پنهنجي مرضي
هلائيندو آهي. بابي کي خبر آهي ته صاحب ڏني ۽ شبن
سان منهنجي ڪو نه پوي پوءِ به توهان انهن سان
منهنجي ڌيءُ جو سڱ ڪيو.“
”اهو تون چاچي سائين کان
پڇجانءِ.. ”بخت ڇوهه مان چيو.
”مون کي ڪنهن کان به پڇڻ جي ضرورت ڪانهي. مان
پنهنجي ڌيءُ کي وٺي ٿو وڃان. ڏسان ڪير ٿو مون کي
روڪي.“
شمس بلقيس کي هٿ کان وٺي
دروازي ڏانهن وڃڻ لڳو. هن جو ضد ڏسي بخت
پريشان ٿي وئي. وڌي سندس هٿ
پڪڙيائين، ”چريو ته ڪو نه ٿيو آهين....تِٿ ٻڌي پئي
آهي. مهمان گهر ۾ ٽڪيل آهن، خلق کلائيندين
ڇا؟“
”پري ٿي منهنجي رستي کان.“ شمس کيس ڌڪو ڏئي چيو،
”اها تِٿ تو ۽ بابي ٻڌي هئي. نه ڏيندس مان صاحب
ڏني کي سڱ.“
”بلقيس کي ڇڏ، اها نه هلندي توسان!“ بخت دروازو
بند ڪري سندس آڏو ٿي بيٺي.
”ڇو نه هلندي، تون هن جي وارثياڻي آهين؟“
”مان هن جي ماءُ آهيان.“
”مان هن جو وارث آهيان. هن جو پيءُ.“
”ناهين تون بلقيس جو پيءُ.“ بخت ڪاوڙ مان چيو.
شمس جي هٿن مان بلقيس جو هٿ ڇڏائجي ويو. هو وائڙن
جيان بخت ڏانهن ڏسڻ لڳو. بخت هڪدم سراپجي وئي.
هراس وچان سندس چهري جو رنگ زرد ٿي ويو . کن پل
شمس ائين خالي نظرن سان کيس ڏسندو رهيو پوءِ ٻئي
هٿ کڻي سندس ڳچيءَ ڏانهن وڌايائين ۽ گهُٽي جو
گهيرو ٺاهي تکي آواز ۾ پڇيائين، “بلقيس جو پيءُ
مان ناهيان ته ڪير آهي، ٻڌاءِ؟“
گهُٽي جي سختيءَ ڪري بخت جون اکيون ڦوٽارجي ويون.
بلقيس خوفزده ٿي وڃي ڀت سان لڳي.
ان وقت دروازو زور سان کولي رئيس دادن گهڙيو ۽ رڙ
ڪيائين،
”شمس،ڇا ٿو ڪرين؟“
اڳتي وڌي رئيس دادن شمس جاهٿ ڇڏايا ۽
چيائين،“بلقيس جو سڱ مون ڪيو آهي. هن ويچاريءَ کي
ڇو ٿو مارين؟“
ان وقت شبن به اچي دروازي تي بيٺو . شمس ڪنڌ ورائي
شبن ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ بخت ڏانهن ۽ آخر ۾ بلقيس
ڏانهن ڏٺائين. ڪجهه سوچيندو رهيو. اوچتو ڄڻ ڪنهن
وسريل حقيقت جو کيس ادراڪ ٿيو. هن جي نظرن ۾ ڌڪار
ظاهر ٿي. بخت ۽ شبن کي نفرت وچان ڏ سندو ٻاهر
هليو ويو.
موٽ جو سفر ڏاڍو اڻانگو هو. نفرت ۽ ذلت جو احساس
باهه بڻجي هن جو رت ٽهڪائي رهيو هو. جڏهن هو گهر
پهتو ته رات جا ڏهه ٿي چڪا هئا.
سمورو گهر اوندهه ۾ ٻڏل هو. رڳو چوڪيدار جي
ڪوٺڙيءَ ۾ بتي ٻري رهي هئي... گاڏيءَ جي هارن جي
آواز تي چوڪيدار کنگهندو ٻاهر آيو ۽ اچي گيٽ
کوليائين.
”بيگم صاحبه ڪٿي آهي؟“ شمس
گاڏي پورچ ۾ بيهاري پڇيو.
”بيگم صاحبه جن ته پنهنجو سامان کڻي منجهند ئي
پيڪين هلي ويون.”چوڪيدار کيس ٻڌايو.
هو گهر جون بتيون ٻاريندي بيڊ روم ۾ آيو. بيڊ تي
پاڻ ڪيرايائين. ڪجهه وقت ائين ليٽي ٿڪ ڀڃندو رهيو.
پوءِ جيئن ئي پاسو واريائين ته سائيڊ ٽيبل تي ليمپ
جي
هيٺان ٻه لفافا نظر آيس. مٿيون لفافو
کوليائين ته اندر بينا جو لکيل خط هو،
”شمس، اڄ تائين مان ائين سمجهندي هيس ته محبت جو
جذبو سڀني جذبن کان وڌيڪ طاقتور آهي. پر اڄ خبر
پئي اٿم ته جذبن جو ماپو سڀني جو هڪ جهڙو نه هوندو
آهي. عورت جي محبت ۾ ايثار ۽ مرد جي محبت ۾ طلب
هوندي آهي، توکي شايد اها خبر ناهي ته ڪابه عورت
پاڻ کي ايستائين مڪمل نه سمجهندي آهي جيستائين اها
ماءُ نه بڻبي آهي. پرڪي مون جهڙيون عورتون به
هونديون آهن، جيڪي تو جهڙن مردن جي ڪوتاهين کي
پنهنجي محبت جي چادر ۾ لڪائي انهن جي انا جو ڀرم
رکنديون آهن ۽ اسان جي هن مردن جي ٺاهيل سماج ۾ وک
وک تي تو جهڙا انا پرست مرد هر هنڌ موجود آهن،
جيڪي پنهنجي اڻپوري ڪايا کان بي خبر هوندا آهن ۽
عورت کان پنهنجي مڪمل هجڻ جو ثبوت گهرندا آهن.
اهڙي عورت جيڪڏهن پنهنجي وجود کي حياءَ جي ليڪي ۾
رکي ثابت قدم رهي ته اها بنجر زمين سڏبي آهي ۽ مرد
جي طلبگار نظرن جا تير هن جي روح کي گهائي ڦٽيندا
رهندا آهن. پر جيڪڏهن ڪا عورت حياءَ ۽ وفا جو اهو
ليڪو اورانگهي ڪڌائپ جي سيرابيءَ مان پنهنجي
زرخيزيءَ جو ثبوت ڏي ته پنهنجي ضمير جا تير هن جي
روح کي گهائي ڦٽيندا رهندا آهن.
عورت روح جا اهي گهاءَ فقط ايستائين سهندي آهي
جيستائين مرد جي محبت هن کي بي اختيار بنائي رکندي
آهي.
جڏهن مرد هن جي محبت ۽ وفا جي توهين ڪندو آهي ته
هن جي انا کي سخت ڌڪ لڳندو آهي ۽ محبت جو اهو طلسم
ٽٽي پوندو آهي. پوءِ عورت کي پنهنجو مضبوط ۽
بااختيار هجڻ جو ادراڪ ٿيندو آهي.
انهيءَ اختيار ۽ طاقت سان اڄ مان توکي ٻڌايان ٿي
ته مان، ٿوهر جو وڻ ناهيان، پر هڪ مڪمل عورت آهيان
۽ عورت کي اڻپوري هجڻ جو طعنو ڏئي هن جي عزت نفس
جو خون ڪرڻ وارن تو جهڙن مردن کي منهنجو مشوروآهي
ته مرد جي طلب پوري نه ڪرڻ وارين سڀني مون جهڙين
عورتن کي گڏ ڪري سنگسار ڪن. پر پهريون پٿر اڇلائڻ
کان اول پنهنجي گريبان ۾ ليئو پائي ضرور ڏسن ته
ڪٿي انهن بي ثمر عورتن جي خامين جا ذميوار هو پاڻ
ته ناهن.“ ان خط سان گڏ ٻئي لفافي مان اهي رپورٽون
نڪتيون، جيڪي شمس ۽ بينا جي اسلام آباد ۾ گڏيل چيڪ
اپ بعد نڪتل هيون. انهن رپورٽن مطابق بينا هڪ مڪمل
عورت
هئي. پر شمس اولاد پيدا ڪرڻ جي
صلاحيت کان خالي هو !! |