سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون ڊسمبر 2019ع

باب:

صفحو:2 

يار محمد چانڊيو

ڏاڙهي ءَ جي پَتِ

سج لٿي کي ٻهَ اَڍائي پَهَرَ مس گذر يا ته ڏنو وڙهسان وڙهسان ڪندو گهر موٽيو.

”ماني ڏي؟“ کٽ تي آهلندي ئي هن پنهنجي زال شهزادي تي حڪم هلايو.

”ڪونهي!“

”ڇاٿي چوين؟“

”ناهي پچائي؟؟“

”ڇو؟؟؟“

”اَٽو نه هو!“

”پاڙي وارن کان اڌارو وٺين هان!“

”هاڻي ڪو به نٿو ڏئي !!“

”اُڌاري جي ماءُ ته نه مئي آ.“

”ڪنهن کان وٺان. اڌارو گهرندي جڳ جهانُ مهڻا ٿو ڏي !!“

”ڪو پاروٿو ٽڪرئي ڏِسُ!... بک ستايو آ.“

”خالي گهر ۾ دلا ٿا ٺهڪن.“

”اهو انڪار ڪٿان سکي آن؟“

”پاڙي وارن کان، اهو ٿُڪ لعنت جو ٽُڪَرُ. ڳڀو وڃي پاڻ وٺ. تنهنجي پرڪارن پينو فقيرن جيان هٿ ٽنگڻ تي مجبور ڪيو آهي....... هاڻي بُک ڪاٽبِي، پر هٿ نه ٽنگبو!! “

”تنهنجي ته ماءُ...! اڍنگا جواب ڏيڻ سکي آن!!!“

”منهنجي مئل ماءُ کي گار نَه ڏي. پنهنجي ماءُ ڪيڏي پياري ٿئي..“

”هڪ گارِ ڇا ڏَهَه ڏيندس. تون ڇا ڪندينءَ؟؟

”ٿورو اکين ۾ حياءُ ڌار. سڄي زندگي اُن توکي پُٽن جيان ڏٺو !“

”بيهودي رَن! مون سان هُڏيون ٿي ڏين !“

”هُڏيون ناهن !... سچ ٿي چوانءِ!!... ماڻهو اکين هوندي انڌو نٿي!!...“

”مان انڌو هان؟..... هان....؟؟“

ڏني کي زال جي خوديءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن ڊُڪي وڃي لَٺِ ۾ هٿ وڌا.

زال مڙس جي تڪرار وچ ۾ گهر ڀاتين، ڏني جي ڪاوڙ جي ڊپ ۾ ڪا ها هَڙِ. هُو هَڙِ به نه ڪئي. گهر جا سڀ ڀاتي ڄڻ جاڳندي به ننڊ ۾ هئا. جو جوئا جي اڏي کان ناڪام ٿي هارائي موٽي آيل ڏني کي پنهنجي زال شهزادي جي مٿان لٺ کڻڻ جو موقعو ملي ويو.

”پهريان منهنجو ڏوهه ٻڌاءِ. پوءِ ڀلي وڙهُه !!“

هڪ لٺ!

ٻين.....

ٽين......

لٺين جو وسڪارو.

”او جوئاري، مارَ ڪا پوَئي، ماڻهو آهيان، جانور سمجهي نَه ڪُٽِ.“

زال، مڙس جي جهيڙي ۾ هڪ لَٺِ  ننڊ ۾ سُتل معصوم کي لڳي. شهزادي کان پنهنجن ڌَڪن جو فڪر ڇڏائجي ويو ۽ هوءَ پنهنجي معصوم نياڻي جي مٿان وڃي ڪري.

ڏني جي ڪاوڙ اوج تي هُئي.

ستين.....

اٺين....

نائين.....

ڏهين لٺ لڳندي شهزادي آهلجي پئي. هن جي مٿي ۾ ڦاڙ ٿي پيو ۽ خون سندس اڻڀن وارن کي آلو ڪري ڌرتي تي پکڙجي ويو. شهزادي ڪجهه لمحا تڙپجي ۽ پوءِ هن جي جسم جي سموري حرڪت خاموشي جي ور چڙهي وئي....

”پيءُ- ماءُ جو نافرمان خدا ڪندو، لوڙيندو ۽ لهندو.... يارن جون ڪسرون ٻارن مان ٿو ڪڍي... هن بيگناهه ڪهڙو ڏوهه ڪيو!! سڄي گهر جي ڀاتين جڏهن جوئاري کي گهر مان ويندي ڏٺو ته مِڙي اچي شهزاديءَ جي مٿان اچي بيٺا، چيائون: ”هن عورت کي شابس آ جنهن جاليو اٿس، ٻِي ڪِا هجي ها ته اڳيان ڀتِ ۽ پويان باههِ ڏسي بَرُ منهن ڪري هان!!“

هيٺ زمين تي ستل شهزادي جي مٿان ڪراڙي آندل (سندس سهري)گهاگهر پاڻيءَ جي هاري، پر هو ءَ بُت بڻِيل رهي.

”ڏنا بي پيرا قهر ڪري ڇڏيئي!!“ ڪراڙي پيءُ آندل جي آواز تي ڏنو پويان پير ڪري موٽي آيو ۽ هن ڊوڙي وڃي شهزاديءَ جي نبض کي پڪڙيو... خوفَ جا ڪيئي ترورا هن جي وَرن ورن ٿيندڙ چهري کي ظاهر ڪري بيٺا.

قانون جون ڪالِ ڪو ٺڙيون...

سزا جو خوف.

عمر قيد/ڦاسي....!!!

خوف جي اُن عالم ۾ هن جي زرد سوچن ۾ هِدو ڊوڙي آيو ....

جوئا جي پاٿاريءَ تي!

ڪيترائي دفعا ڏني جي ڀاڳ الائي ته ڪيترن بدبختن کي راِتاها ڏنا هئا. فقط هڪڙو هِدو ئي هو، جنهن جي ڀاڳ اڳيان هن جي قسمت اڀاڳي هئي... پنجن هزارن کان ڏهن هزارن جي داءَ تائين لڙائي ڪندي هن پنهنجي ڦٽل قسمت کي پرچائڻ جا حيلا هلايا هئا.

”راڻي ٻاهر!“

”باشو اندر !!“

”گولو... گولي جو غلام آهيان..!!“

شڪست

مسلسل شڪست.

”واهه ڙي ڏنا تنهنجو نڀاڳ!... توکان تاشَ جاپَتا به بيزار!!...“

قطار ڪري بيٺل جوئارين جي ٺٺول تي ڏني جا تيور مٽجي ويا، چيائين ”هِدُو منهنجون ڪاري جادو سان اکيون مُنڊيون آهن، هُن جي رهيل اُڌارَ ڇُٽي !!..“

”ڇو ڇُٽِي؟ پئسا تنهنجو آگو به ڏيندو؟“

هِدُو جي هڪل تي ڏنو بُشِڪا ڇنڊي اٿيو هو. ماڻهن جي هڪل تي هِدُو ته کڻي ماٺِ ڪئي هئي، ڏنو شڪست جي ڌنئوسِ کڻي گهر موٽيو هو.....

شهزاديءَ جي خاموش وجود کي ڏسي ڏني جي اکين ۾ هِدُو کان پلاند وٺڻ جي سوچ اڀري آئي. رات جي سانت ۾ آواز بلند ڪري چيائين: ”مان جوئاري ضرور آهيان، پر ڀڙوو نه!!.. هِدُو ڪارو ڀڄي ويو... ڪاري رَن جون ٻوٽيون کاڌيون اٿم!!!....“

سڄي گهر ڀاتين جو پِٽِڻو بند ٿي ويو.

سُسِ پُسِ ڪندي چيائون:

”مڙس جي نافرمان رن .... پنهنجي مڙس جي ڏاڙهيءَ جي به پَتِ نهَ رکيائين!!!“

 

شناس

 

 

 

گل ڪونڌر

 

اظهر سندس ٻاروتڻ جو دوست، ڏُک سُک جو ساٿي، راز نياز سليندو ته صرف اُن سان، ساڳئي ڳوٺ جا. پر سَندن ذاتيون مختلف. هڪٻئي جي گھرن ۾ اَچڻ وَڃڻ، ٻنهي جون مائر کين بيحد قرب ڏيندڙ، ايئن لڳندو ڄڻ سڳا ڀائر. اَظهر جو پيءُ ماستر. سراج جو والد پڙهيل لکيل، پر ورثي ۾ گھڻي زمين ملڻ ڪري، نوڪري نه ڪيائين، ماڻهو سٺو، غريبن جو هڏ ڏوکي، پرائي شيءِ کان پري ڀڄڻ وارو، هارين نارين جو خيال رکندڙ.

سراج ۽ اظهر جي مالي حيثيت ۾، فرق هُوندي سٺا دوست، وڏن ۾ ڪا تفريق نه هئڻ ڪري، سندن اٿڻ ويهڻ، راند روند کان ويندي، پڙهائيءَ ۽ گھمڻ ڦرڻ جي معاملن ۾، هميشه گڏ گڏ. ڳوٺ ۾ سراج جي ذات وارن جا گھڻا گھر، جن مان ڪن وٽ وڌيڪ، ته ڪن وٽ ٿوري زمين. اظهر جي ذات وارن جو تعلق، زمينداريءَ سان نه، پر ٻين ڌنڌن ۽ نوڪرين سان، ٻنهي برادريُن جي ماڻهن جو تعليم سان لڳاءُ. اظهر جي ذات وارن ماڻهن جِي اڪثريت، ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ڳوٺ مان لڏي، تعلقي واري شهر ڪنڊيارو کان علاوه، سکر ۽ حيدرآباد ڏانهن شفٽ ٿي ويل، انڪري سندن تعليم جي ميدان ۾ معاملو سرسُ.

ٻئي دوست پهرئين کان، اٺين درجي تائين گڏ پڙهيا، اظهر مڊل پاس ڪئي، سندس پيءُ جي بدلي، ضلعي جي شهر ڏانهن ٿي وئي، هُن نواب شاهه ۾ جاءِ وٺي، ٻارن کي اوڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. سال ٻن تائين تَڪڙو تَڪڙو آيو، پر ننڍي ڀاءُ سان ڳوٺَ ۾ رهندڙ، ماءُ جي انتقال کان پوءِ، اچڻ گھٽائي ڇڏيائين.

سراج ۽ اظهر ملڻ جو موقعو، ضايع نه ڪندا هئا. سراج جو پيءُ نواب شاهه ويندو ته هو اظهر سان ملڻ لاءِ زوريءَ گڏ ويندس، اظهر جو والد غميءَ خوشيءَ ۾، پير ڀرڻ لاءِ ڳوٺ اسهندو، ته اَظهر ان سان ڳوٺ ويندو. ان حد تائين جو ڪو مامو چاچو ڪم سانگي، ڳوٺ يا شهر ويندن، ته هو ساڻن گڏ وڃڻ جي چڪر ۾ هوندا، ايئن سندن ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو. ٻنهي جي دوستيءَ جو انوکو تعلقُ، اهڙي سنگت جو هڪٻئي کانسوا رهي نه سگھن. اها ئي حقيقي سڪ ۽ ڇڪ هئي، جنهن سندن جدائيءَ کي ايئن ختم ڪيو، جو ميٽرڪ کان پوءِ هايَر سيڪنڊريءَ تعليم لاءِ، سراج نواب شاهه اچي ويو، ۽ وڇڙيل دوست، فرسٽ ييئر ۾ داخلا وٺڻ سان گَڏجي ويا.

 

 

 

 

 

 

سراج ۽ اظهر جو گھڻو وقت، عام رواجي ڪچهرين کان وڌيڪ، پڙهائيءَ ۾ گذرندو هو. ڪڏهن ڪڏهن بازار جو چڪر لڳائڻ، ڪنهن سُهڻي چهري جِي تعريف، ڳوٺ جَي ڇوڪرن ڇوڪرين جون ڳالهيون، سندن معمول ۾ شامل، سراسري طور ٻئي بُرائِي ڪرڻ وارا نه، پر جواني ديواني آ، جنهن ۾ هر شيءِ ڦُولاربِي آهي، سو هي به چسڪن واريون ڳالهيون، ضرور ڪندا هُئا.

ڪاليج واري پڙهائيءَ جو دؤر پورو ٿيو، ٻئي دوست سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ پڙهڻ لاءِ آيا. سندن هتي جا چار سال خُوب گذريا. پڙهائيءَ سان گڏ عشق، سياست ۽ ادب جهڙن معاملن سان لاڳاپيل رهيا. حيدرآباد جي باغن، بازارن، هوٽلن ۽ المنظر جَي نظارن جو لُطفُ ماڻيندي، وقت جا ورقَ تيزيءَ سان وري ويا. زماني جا ڪهڙا لاها چاڙها، رَنگَ رنگينِيون، دوستيون دُشمنيون، ميل ملاقاتون ۽ سرديون، جھولا هيا جيڪي هنن نه ڏٺا، سندن زندگيءَ جو  هي خوبصورت دؤر هو.

پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، سراج ڪجهه وقت ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪئي، جتي ترقيءَ جا کوڙ موقعا هُيس، پر پيءُ جي طبيعت ناساز رهڻ ڪري، زمين جي سارَ سنڀال ۽ راڄ ڀاڳ سان اُٿي ويٺيءَ سبب، وڃي ڳوٺُ وسايائين. پنهنجِي سڳي سؤٽِ سان شادي ٿيس، جيڪا پيءُ جي ملڪيت جِي، اڪيلي وارث هئي.

سراج کي عام وڏيرڪا شوق نه هيا، کيس هڪ ئي ذوق هو سٺين گاڏين جو. اهو سندس مشغلو هيو، گاڏيون مٽائيندو رهندو هو. ڪڏهن ڪم ڪار سانگي نواب شاهه ويندو، ته ڪڏهن اظهر سان ملڻ لاءِ، اوڏانهن نڪري پوندو. اظهر ليڪچرر جي ڪميشن پاس ڪري، تعليم جي شعبي سان وابسته ٿي ويو. سِراج ۽ اَظهر جي دوستي، سچي ياراني هُئي، هُو هڪٻئي کانسوا رهي نه سگھندا هيا، ڪونه ڪو بهانو ڪري، سِراجُ نواب شاهه ايندو ۽ ڪڏهن اَظهرُ ڳوٺ ويندو هو، جتي هاڻي سندس ذاتي گھر نه هو.

اظهر جو رشتو ڌارين مان طئه ٿيو، سندس ڪاڄ جو سڄو انتظام، سراج جي نگرانيءَ ۾ ٿيو، وهانءَ جي ڪمنِ ۽ شاديءَ جي سڀني رسمن ۾، سراج اظهر سان گڏ رهيو، جيئن ڪو ڀاءُ يا سؤٽُ، گھوٽَ سان هوندو آهي. سراج، اظهر جي گھرواريءَ کي، سونو سيٽ مبارڪ ۾ ڏنو، جنهن تي هوءَ حيران هئي، کيس عجب هُئو ته، اهڙي دوستي به ٿيندي آ..! جو هيڏو مهانگو تحفو ڪير، دوست جي زال کي ڏيندو آهي. اَظهرُ گھرواريءَ کي سراج سان، دوستيءَ جي ڪَٿا ٻڌائيندي، ساڻس روز ان جو ذڪر ڪندو هو، ڇو ته هُو سندس اهڙو دوست هو، جنهن کانسوا پاڻ کي اڌورو لڳندو هو. شاديءَ کان پوءِ گھوٽ ڪُنوار جي، سراج دعوت ڪئي، ڳوٺ اچڻ لاءِ کين گاڏي اُماڻي، جيڪا هُنن کي کڻي ۽ واپس ڇڏي آئي، پُرتڪلف دعوت ۾، سڀني کي ڏاڍو مزو آيو.

سِراج نواب شاهه ويندو هو ته، اظهر، ڀاءُ جهڙي دوست کي اندر وٺي ايندو هو، اظهر جي گھرواري، سراج کي ٻِي نظر سان ڏِسَندِي هئي. هُو ان سان بي تَڪلُف ٿي ڳالهائيندو هو ۽ کيس ڀاڄائي ڪري مخاطب ٿيندو هو. هُن ڀاڄائيءَ کي ڀيڻ سمجھندي، ڪڏهن نظر کڻي به نه ڏٺو، ته هوءَ شڪل جِي ڪهڙي آهي، خوبصورت، سادي سودي يا عام عورت آهي.

سِراجُ گھرواريءَ سميت اظهر جي گھر ويو، منجهند جي ماني گڏ کاڌائون، ڪچهري ڪيائون ۽ آرام ڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ لاءِ روانا ٿيا. رستي ۾ سراج کان گھرواريءَپڇيو؛ ”اوهان کي ادا اظهر جي زال ڪيئن ٿي لڳي.“

هن وراڻيس، ” خير ته آهي.“

جي ها خير آهي، پر تون مُنهنجي سوال جو جواب ڏي.“

بس ٺيڪ آهي، اَظهر سان سٺو ٿي هلي.“

اُها موڪلائڻ مهل، تو کي گھُوري ڇو پئي؟

مون کي گھُوري پئي، ڇا مطلب آ تنهنجو!!“

مُنهنجو مطلب آ، هُوءَ توکي وڻڻ وارِي نظر سان پئي ڏسي.“

سؤٽ تومان اهڙي اميد نه هُئي، ته تون مون تي شَڪ ڪندينءَ.“

آئون تو تي شڪ نٿي ڪريان، مان ته هن لاءِ ٿي چوان، ته سندس نظرن مان ايئن لڳو، ڄڻ تون کيس وڻين ٿو.“

سؤٽ جيڪڏهن ايئن آهي به سهي، ته مون ان تي غور ناهي ڪيو.“

تون به، ايڏو ته سادو ناهين.“

اَظهر منهنجو ڀاءُ آهي، سَڳو ڀاءُ....“

بهرحال آئون بحث نٿي ڪريان، جيڪو محسوس ڪيم، توکي ٻڌايو اٿم.“

گھرواريءَ جي واتان اهڙي انڪشاف کان پوءِ، الاهي ساريون ڳالهيون ڪندا ڳوٺ پهتاسون. مون کي سؤٽ جي ڳالهه دل سان لڳڻ لڳي. مون اَظهر جي محبت ۾، اهو سوچيو به نه هو، ته ايئن ٿي سگھي ٿو، سندس گھرواري ان جي سامهون به، بي تڪلف ٿي ڳالهائيندي هُئي.

نواب شاهه جو پروگرام ٺَهيو، سعيو ڪري آچر جي ڏينهن ويس، ته جيئن اَظهر گھر هجي، ايئن کيس پيشگي اطلاع کانسواءِ، سندس گھر پهتس، ڀاڄائيءَ اچي دروازو کوليو، پڇيومانس؛ ”ڀاڄائي اَظهر ناهي ڇا؟

جنهن انداز ۾ جواب ڏنائين، پريشان ٿي ويس. ”اَظهر به اچي ويندو، اوهان کي رڳو، اظهر جي سڪ ڇو لڳندي آهي.“

گھرواريءَ جون ڳالهيون ذهن تي اچڻ لڳيون، وائڙو ٿيندي پڇيومانس، ”اظهر گھر ۾ ناهي ڇا، ٻيا ڀاتي چاچي ۽ چاچا ڪاٿي آهن؟

اوهان کي ڇو انتظار ٿي پيو آ، مون کان ڊڄ ٿو لڳيوَ ڇا؟

مائيءَ جا تيور ڏسي، آئون ويهڻ بجاءِ ٻاهرئين دروازي ڏانهن وڌيس، آڏو وڌي روڪيائين ته ڪونه، پر لڳو، هوءَ ايئن ڪري به سگھي ٿِي، سو هُن کي ڪو ڪم ياد اچڻ، ۽ جلدي موٽڻ جو چئي، ٻاهر نِڪري آيس. گاڏيءَ ۾ ويٺس، سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪريان، سوچيم عورتون، عورتن کي ڪيڏو سُڃاڻين ٿيون، جيڪڏهن گھرواريءَ پاران ٻڌايل نه هجي ها، ته شايد اصل ڳالهه، سمجھي نه سگھان ها.

فيصلو ڪيم اڳتي ڪڏهن به، اَظهر جي گھر، کانئس پروگرام وٺڻ کانسواءِ نه ويندس، هن سان منهنجي ڀائپي آهي، کيس ڪهڙي عورت ملي آ، ان سان ڪو سَروڪار ناهي، پر دوست کي ڇڏي ڏيان، يا بي غيرت ٿيان، ٻئي ڳالهيون خراب آهن، منهنجي نظر ۾ جنهن شخص وٽ، رشتن جي شناس ناهي، حقيقت ۾ اهو انسان ئي ناھي.

 

ڪھاڻي ”ڪٿا اُپڪٿا“ تي ھڪ نظر

 

ڪليم ٻُٽ

 

 

  

توکي سادن ڪپڙن ۾ ملبوس رات جي اونداھيءَ ۾ کنڀي کڻي ويا. توتي ديش دروھيءَ جو الزام ھنيو ويو ھو. ڪنھن کي دانھن ڏجي! انھن وٽ ھٿ ٺوڪيا جواز موجود ھئا. تنھنجو پنھنجو نظريو ھو، سماج لاءِ پنھنجي ماڻھن لاءِ ۽ ھُنن وٽ پنھنجو نظريو ھو. تنھنجي ليباٽريءَ مان اھڙو مواد مليو ھو، جنھن مان ديس جي سلامتيءَ کي خطري ۽ نقصان جو انديشو ھو. پاڻ کي بيڏوھي ثابت ڪرڻ لاءِ توکي ڪو موقعو نه ڏنو ويو. منھنجي زندگي بي معنيٰ ٿي وئي، جنھن جا سڀ رنگ جھڪا ٿي ويا ھئا.“

ڪيڏو نه درد سمايل آھي ميڊم ڊاڪٽر تھمينه مفتيءَ صاحبه جي ھنن سٽن ۾، ۽ ھي درد حقيقي معنيٰ ۾ رڳو اھي ئي سمجھي سگھن ٿا جيڪي اڄ به پنھنجن کنڀي گم ڪيل محبوبن، پيارن، پٽن، ڀائرن ۽ پيئرن جي راهه تڪي رھيا آھن. اسان جنھن سماج ۾ رھي رھيا آھيون اتي ھن قسم جا جملا لکڻ ته پري جي ڳالهه. پر پنھنجي مرضيءَ سان ساهه کڻڻ به ڏوهه تصور ڪيو ٿو وڃي. پر ميڊم تھمينه مفتي ڪمال بھادريءَ سان سندن سوچ جو اظھار ھن ڪھاڻي ”ڪٿا اُپڪٿا“ ۾ ڪيو آھي، ھن ڪھاڻي جون ھي ھيٺيون جملو پڙھي دل سان گڏ اکيون به لڙڪن سان ڀرجي اچن ٿيون، اھو جملو آھي:

سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي اسان تي حرام ڪيو ويو ۽ ھاڻي ته سنڌوءَ جي واري فضا ۾ اُڏرڻ لڳي آھي.“

يا وري:

شايد اکين جو پاڻي خشڪ ۽ من جو آواز مري چڪو آھي.“

ھي ڪھاڻي ڪتاب ”ڪٿا اُپڪٿا“ جي پھرين ۽ ٽائٽل ڪھاڻي آھي، ھن 112 صفحن جي ڪتاب ۾ ڪل ست ڪھاڻيون آھن، ڇهه ڪھاڻيون ميڊم جي تخليق جڏھن ته ھڪ ڪھاڻي ترجمو ڪيل آھي، ڪتاب سال 2007 ۾ سي پي سي ايس ڇپرائي پڌرو ڪيو. 12 صفحن جي لڳ ڀڳ ھي ڪھاڻي ”مونولاگ“ اسٽائيل ۾ لکيل آھي، جنھن ۾ ھڪ پريميڪا حسن نالي سندس کنڀي گم ڪيل محبوب جي وڇوڙي سان سرشار آھي، جنھن ۾ پريميڪا سندس گم ڪيل محبوب سان پنھنجي اندر جو حال اوري ٿي، ھن جي گم ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي سيني ۾ اڀري آيل احساسن ۽ وڇوڙي جي پل پل جي پيڙ بابت ٻڌائڻ جي ڪوشش ٿي ڪري.

ھي ڪھاڻي نه رڳو کنڀي گم ڪيل ماڻھن جي مسئلن جي نشاندھي ڪري ٿي، پر ان سان گڏ ڪھاڻي جو رومانوي پاسو به آھي ته وري سنڌ جي ٻھراڙين ۾ رھندڙ ماڻھن جي منفي سوچ کي به وائکو ڪري ٿي جن لاءِ نياڻين کي پڙھائڻ اڄ به عيب آھي، زال مڙس لاءِ ھڪcommodity کان وڌيڪ ڪجهه به نه آھي، جتي عورت کي رڳو سندس عورت ھجڻ جي سزا ڏني ٿي وڃي. اھڙي ريت ڪھاڻي شھرن ۾ رھندڙ مڊل ڪلاس ماڻھن جي مسئلن جي پڻ عڪاسي ڪري ٿي، اھو مڊل ڪلاس جيڪو اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ۾ پنھنجون values وڃائي ويٺو آھي. ھن ڪھاڻي جي خوبصورت ڳالهه ان کي بيان ڪرڻ وارو انداز آھي ۽ ڪھاڻي جي سٽ سٽ درد سان ڀريل آھي، ھن ڪھاڻي جي اڻت اھڙي ته خوبصورت نموني ٿيل آھي جو ڪھاڻي پڙھي پوري ڪرڻ کان پوءِ به پڙھندڙ ڪيتري ئي دير تائين بيچين رھي ٿو، گھٽ ۾ گھٽ ڪھاڻي پڙھڻ کان پوءِ مون تي اھا بيچيني واري ڪيفيت ڪيترن ڪلاڪن تائين حاوي رھي. جيتوڻيڪ ھي ڪھاڻي 2007 ۾ لکيل آھي. پر اڄ جي سنڌ جي حالتن سان به ٺهڪي اچي ٿي ۽ ھڪ سٺي ڪھاڻي جي خوبي اھا ئي ھوندي آھي ته اھا ٽائيم بائونڊ نه ھجي ۽ ھر دور ۾ ان جي relevance ھجي. منھنجي ذاتي راءِ اھا آھي ته ھي ڪھاڻي سنڌيءَ جي ڪجهه اھم ڪھاڻين مان ھڪ آھي. سنڌي ڪھاڻيءَ سان پيار ڪندڙن کي ميڊم تھمينه مفتي جي ھي ڪھاڻي ۽ ڪتاب ضرور پڙھڻ گھرجي.

 

 

 

 

 

 

 

عباس قيصر

سنڌي سماج کي اڳتي وڌڻ ڏيو

 

50 سال اڳ عورتون گهرن کان ٻاهر نه نڪرنديون هيون. ڇوڪرين کي پڙهايڻ عيب سمجهيو ويندو هو .هنن لاءِ اسڪول نه هئا. ڇوڪريون ته پري، پر ڇوڪرن جا اسڪول به وڏيرا پنهنجن علائقن ۾ کولڻ نه ڏيندا هئا ڇو ته اسڪول کليا ۽ غريبن جا ٻار پڙهي پيا ته هنن کي پيرين ڪير پوندو. هونئن ته سنڌ جي زندگي صدين کان  زرعي رهي آهي. هر گهر جا سڀ ڀاتي مرد توڙي عورتون سڄو سال ٻني ٻاري جو ڪم ڪندا آهن. جيئن ته گهرن ۽ ٻنين ۾ عورتون پردو نه ڪنديون آهن. پر ڳوٺ کان ٻاهر ٻي ڳوٺ پرڻي مرڻي تي وڃڻ وقت کين اڇا برقعا پارايا ويندا هئا جن ۾ نه رڳو چهرو، پر اکيون پڻ ڍڪيل هونديون هيون ته متان ڪير اسان جي عورتن کي ڏسي وٺي. ۽ جيڪڏهن ڍڳا گاڏي هوندي هئي تي انهي جي مٿان به پوش چڙهيل هوندو هو.

اڳوڻي دور ۾ مڙس کي زال جو مجازي خدا سمجهيو ويندو هو مطلب مڙس جي خذمت کي عبادت جو درجو مليل هو. ٻهراري ۾  عورت سڄو ڏينهن ٻني ٻاري جو ڪم ڪري ٿي ڍورن لاءِ گاهه پٺو ڪري ٿي. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ عورتون اڄ به گهر جو سڄو ڪم ڪار ٻهارو، ٽارو، رڌپچا، ڪپڙا ڌوئڻ، ٻارن جي پرورش ۽ رات جو به مڙس جي خدمت مطلب مڪمل گهرو نوڪرياڻي بنيل آهي. ڇا اهو سڀ رڳو سنڌي عورت جو مقدر آهي. اها سوچ ان وقت جي سماج جي هئي پر انساني سماج هڪ هند نٿو بيهي ۽ لاڳيتو اڳتي وڌندو ٿو رهي ۽ ترقي ڪندو ٿو رهي تيئن سماجي قدر پڻ تبديل ٿيندا ٿا رهن.

سنڌ کي پوئتي رکڻ جو مکيه سبب اسان جو قبائلي نظام آهي جيڪو صدين کان هڪ هنڌ تي بيٺل آهي جنهن جو وڏو سبب ڌارين جو سنڌ تي قبضي دوران مختلف ڳوٺن جي بااثر ماڻهن کي سنڌ جون زمينون انعام طور ڏئي کين جاگيردار، سردار ۽ وڏيرا بنايو ويو. موٽ ۾ اهي همراهه ڌارين حڪمرانن جا گماشتا بنجي ويا. مٿن اها ذميواري رکي وئي ته هو پنهنجي علائقي جي عوام کي غلام بنائي رکندا ته جيئن هو ڌارين حڪمرانن خلاف ڪنڌ مٿي کڻي نه سگهن جيڪا ذميواري هو اڄ تائين وفاداريءَ سان نڀائيندا اچن. هنن سنڌين جي اڪثريت کي غلام بنائي رکيو آهي جن وري موٽ ۾ پنهنجي عورتن کي.

عورتن جو غلامي مان ڇوٽڪارو صرف تعليم سان ئي ٿي سگهي ٿو. عورت پڙهيل هوندي ته مڙس جي محتاج نه رهندي. محتاجي ئي غلامي آهي. پاڻ پڙهيل هوندي ته اولاد کي سٺي نموني پڙهائي سگهندي. ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سنڌي سماج اڃا گهڻو پوئتي آهي. پڙهيل لکيل ماڻهن جي اها ذميواري آهي ته موجوده ڪرپٽ وڏيرڪي نظام خلاف جدوجهد جاري رکن ته جيئن عوام سک جو ساهه کڻي سگهي. 21 صديءَ ۾ ملڪ جي عام ماڻهن جي معاشي حالت ناهي سڌري بلڪ غربت اڃا وڌيڪ آهي ۽ امير طبقو  وڌيڪ طاقتور ٿيو آهي انهي جو ثبوت هي آهي ته گذريل 72 سالن ۾ اسيمبلين ۾ صرف مالدار ماڻهو ئي چونڊ جي آيا آهن وزارتون ۽ ڪابينائون پڻ هنن تي ٻڌل هونديون آهن. ڪو هاري مزدور ايوان تائين نٿو پهچي سگهي ۽ عورتون به صرف مخصوص تي سي  به امير گهراڻن  جون هونديون آهن.

هاڻي ميڊيا سڄي دنيا کي هڪ ڳوٺ وانگر گلوبل وليج ٺاهي ڇڏيو آهي. اخبارون، ٽي وي چينلس ان کان پوءِ 1998 ۾ انٽرنيٽ پاڪستان ۾ متعارف ٿي هاڻي ڪجهه سالن کان موبائيل اچي ويا آهن. اڄ اڻ پڙهيل هاري مزدور وٽ به موبائل آهي جنهن ذريعي دنيا ۾ ڇا پيو وهي واپري هن کي تصويرن سميت خبرون پيون ملن. موجوده دور سجاڳي جو آهي اڄ جي دور ۾ به جڏهن دنيا وڃي چنڊ ۽ مريخ تي پهتي آهي، جيڪڏهن ڪي ماڻهو اهو چاهيندا هجن ته امر سنڌو، عرفانه ملاح ۽ ٻين پڙهيل لکيل عورتن کي وري اڇا برقعا پارائي گهرن ۾ بند رکون ته ممڪن ناهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

ماڻهن جي مدد ڪريو ان سان الله پاڪ راضي رهندو

 

فرح ديبا سومرو

 

1.            گهر ۾ سڏجندڙ نالو؟

فرح.

2.           ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو؟)

7 مارچ.

3.           شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

شڪارپور.

4.           شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

سنڌ جو پيرس ”شڪارپور“.

5.           شهر جو دل جو شهر آهي؟

پنهنجو شهر شڪارپور.

6.           شهر جو دل کي نه آئڙيو هجي؟

ڪو به نه.

7.           زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

پنهنجي بابا جي وڇوڙي تي.

8.           زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

پنهنجي اميءَ سان گڏ.

9.           زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

ماسٽرس ڪرڻ.

10.       زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

پنهنجي والدين جي محبت.

11.        موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

بهار جي موسم ۾ ”شاعري“.

12.       وڻندڙ موسم؟

بهار جي موسم.

13.       ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

خميس.

14.       ڏينهن جي اٺن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

فجر جو وقت.

15.       فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

فجر جو پهر.

16.       ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ڪابه نه.

17.       ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

جناب محترم ذوالفقار علي ڀٽو سان ٻيهر ملڻ.

18.       ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

سڀ خواهشون پوريون ٿيون.

19.        ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

پنهنجي زمينن تي باهه تي پڪل ڦوٽا کائڻ ۽ مکڻ ماني جو انگل.

20.       جوانيءَ جو پهريون احساس؟

سڀني جو خيال رکڻ.

21.       جوانيءَ جو پهريون خواب؟

جاب ڪرڻ.

22.      جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

ماسٽرس ڪرڻ.

23.      بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

آتے جاتے خوبصورت آوارہ سڑکوں پہ، کبھی کبھی اتفاق سے، کتنے انجاں لوگ مل جاتے ہیں۔ ان میں سے کچھ لوگ بھول جاتے ہیں، کچھ یاد رہ جاتے ہیں۔

24.      دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سِٽ؟

”يار ڏاڍي عشق آتش...“.

25.      ڏک جي اظهار جو طريقو؟

صبر ڪرڻ.

26.      خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

گانا ڳائڻ ۽ ٻڌڻ.

27.      اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

تهجد جو وقت.

28.      اڪيلائيءَ جو احساس؟

جڏهن ٻار نه هوندا آهن.

29.      تاريڪيءَ جو احساس؟

ڪڏهن به نه.

30.      گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

وقت بي رحم آ.

31.       خالي رستن جا احساس؟

بچپن جون يادون.

32.      قد کان اُڀيون ديوارون؟

مون ڪونه ڏٺيون.

33.      دوستي؟

هر ڪنهن سان.

34.      هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن کان شڪايت؟

الله پاڪ سڀني کي خوش رکي.

35.      دوستن تي ڪا ميار؟

ڪابه نه.

36.      پيار؟

سڀني ساڻ.

37.      عشق؟

الله پاڪ سان.

38.      پيار جو بي اختيار اظهار؟

خوشيءَ جا ڳوڙها.

39.      پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

صبر ڪرڻ.

40.      پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

...................

41.       ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

بابا سائين کان پوءِ ”پيارو ڀاءُ ڊاڪٽر محفوظ سومرو“.

42.      پهرين مڃتا؟

.................

43.      ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

چپ رهڻ تي تنقيد.

44.      فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

شاعري.

45.      فني زندگيءَ جي ابتدا؟

ڪلاس ستين کان.

46.      سڃاڻپ جو حوالو؟

فرح ديبا ”سومرو“.

47.      سڀ کان وڏو نقاد؟

.........

48.      تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

مدد ڪرڻ.

49.      پسنديده شاعر؟

شاهه سائين.

50.      پسنديده نثر نگار؟

سندري اُتم چنداڻي.

51.       راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

استاد جمن.

52.      وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

پنهنجا ٻچڙا.

53.      خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

موتيو، رابيل جو گُل.

54.      ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

بهار جو.

55.       اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

سائو، سليٽي، گرين، گِري.

56.      ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

اولاد.

57.      چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

پاڻ کي بزي رکڻ.

58.      انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ محسوس ڪريو؟

معصوميت، سچائي.

59.      دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

ڪنهن جي مدد نه ڪري سگهڻ.

60.      پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

سڀني تي يقين ڪرڻ.

61.       پيڙا جو ڪو پل؟

والدين جو وڇوڙو.

62.      معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

ڪردار ڪشي.

63.      ڪٽنبي زندگي؟

ماشاءَالله هميشه خوشحال.

64.      نفرت؟

هر ان شيءِ کان جتي دوکو هجي.

65.      اهو انسان جنهن سان نفرت ختم نه ڪري سگهجي؟

ڪوبه به.

66.      عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

جذبو.

67.      عقيدو؟

سٺو سوچڻ.

68.      عبادت؟

الله جي.

69.      وقت؟

بيوفا.

70.      موت؟

حقيقت.

71.       زندگي؟

مسڪرائيندڙ.

72.      هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

الطاف شيخ جا سفرناما.

73.      دل کي ڇهندڙ فلم؟

تم بن، باغبان.

74.      پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

شهيد الهه بخش سومرو.

75.      تاريخ جي پسنديده هستي؟

..........

76.      سياست؟

سٺي آهي.

77.      وڻندڙ سياسي شخصيت؟

محترمه بينظير ڀٽو.

78.      وڻندڙ مشروب؟

ٿاڌل.

79.      وڻندڙ اخبار؟

هر سنڌي اخبار.

80.      وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

نيوز چينل.

81.       پسنديده اداڪاره؟

زيبا.

82.      سواري جيڪا پسند هجي؟

ٽرين.

83.      خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

ٻچڙن سان گڏ عمرو ڪرڻ.

84.      خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

انجنيئر ٿيڻ جو.

85.      مستقبل جي باري ۾ پلان؟

پنهنجي ٻچڙن کي خوشيون ڏيڻ.

86.      ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ڪابه نه. الله پاڪ جو شڪر آ.

87.      خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

ٻچڙن جون ڪاميابيون.

88.      آزادي؟

حد اندر.

89.      ڇڙواڳي؟

بلڪل نه.

90.      ڌرتيءَ سان پيار؟

تمام گهڻو

91.       زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

مختصر آ.

92.      انساني ڪردار جي سونهن؟

همت، نفاست.

93.      انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

روين جي تبديلي.

94.      پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

بي صبري.

95.      تقدير تي ويساهه؟

پڪو.

96.      زندگي جو ڪڙو سچ؟

اڪيلو اچڻ، وڃڻ.

97.      زندگيءَ جو اعتراف؟

مان زنده آهيان.

98.      ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

انسان دوست.

99.      ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

طنزيه ڳالهائڻ تي.

100.  پيغام؟

ماڻهن جي مدد ڪريو، ان سان توهان تي به الله پاڪ راضي رهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org