رڌ پچاءُ
مهوش
مڇي جو قيمو:
توهان مڇي جو ٻوڙ جو پلاءُ ۽ فرائي ٿيل مڇي ضرور کاڌي
هوندي، پر اڄ آئون توهان کي مڇي جي قيمي جي ترڪيب
ٿي ٻڌايان:
گهربل سامان:
مڇي: اڌ ڪلو
بصر: 4 ننڍا
ٽماٽا: 4 عدد
ٿوم: هڪ ڳنڍ سڄي
ادرڪ: هڪ انچ جو ٽڪر
ڳاڙها مرچ: هڪ چمچو
ساوا مرچ: 15 عدد
لوڻ حسب ضرورت
سڪا ڌاڻا: حسب ضرورت
ساوا ڌاڻا
تيل: هڪ پاءُ
ترڪيب: سڀ کان پهرين پاڻي کي بوائل ڪري ان ۾ لوڻ سان گڏ
مڇي وجهي بوائل ڪريو، ان کي بوائل ڪرڻ کان پوءِ سڀ
مڇي جا ڪنڊا ڪڍو ۽ ڪڙاهي ۾ تيل وجهي مڇي کي ان ۾
وجهي فرائي ڪريو، ان سان گڏ بصر به ڪٽي وجهو، ساوا
مرچ به ڪٽي وجهو، ڳاڙهي مرچ به وجهو، هاڻي ٿوم گرم
ڪري ان ۾ ٽماٽا وجهي فرائي ڪريو، جيستائين ٽماٽن
جو سڀ پاڻي خشڪ ٿي وڃي، هاڻي فرائي ٽماٽا به مڇي
جي قيمي ۾ ملائي وڌيڪ فرائي ڪريو، هاڻي ڪنهن ڊش ۾
قيمي کي لاهي مٿان ڪارا مرچ ۽ ساوا ڌاڻا ڪٽي ڪري
وجهو، اگر توهان چاهيو ته قيمو وڌيڪ مزيدار ٿي ته
پٽاٽا تري اهي به ملايو هاڻي پيش ڪريو، پراٺن، گرم
ماني يا چانورن جي ماني سان.
چڪن سموسا:
گهربل شيون:
ڊبل روٽي: 12 پيس
ڪڪڙ جو گوشت چڪن: هڪ پاءُ
بيدا: ٽي عدد
اجينو موتو: اڌ چمچو
لوڻ، ڪارا مرچ: حسب ضرورت
ساوا مرچ: 4 عدد
ليمي جو رس: 2 چمچا
سڀ کان پهرين ڊبل روٽي جا پيس چڱيءَ طرح ڪٽيو، هاڻي چڪن
کي ٿورو لوڻ وجهي بوائل ڪري گوشت کي سنهو تار تار
ڪريو انهن کي سنهي تارن يعني گوشت ۾ اجينو موتو
لوڻ ۽ ليمي جو رس، ساوا مرچ ڪٽي، ڪارا مرچ، ملائي
رکو. هاڻي ڊبل روٽي جي چورس پيس تي چمچي جي مدد
سان گوشت رکو ۽ مٿان وري ٻيو پيس رکي، بيدي ۾ ٻوڙي
گرم گرم تيل ۾ فرائي ڪري اخبار تي رکندا وڃو. جيڪر
توهان چاهيو ته هڪ پيس تي گوشت رکي ان کي رول ڪري
بيدي مان ٻوڙي تري سگهو ٿيون. هڪ پيالي ۾ ڌنئورو،
ڪجهه ڦودني جو پتا، اڇو جيرو، ساوا مرچ، ساوا
ڌاڻا، سنها گهوٽي لوڻ ملائي ٿورو پاڻي وجهي مڪس
ڪري چٽڻي ٺاهي چڪن سموسن سان پيش ڪريو.
***
آفتاب مرزا
بيوٽي ڪلينڪ
چهري جي صفائي ڪيئن ڪجي
سڀ کان پهرين ڪو سٺو لوشن چهري تي لڳايو، جڏهن لوشن
چهري ۾ جذب ٿي وڃي ته ٽشو پيپر يا ڪپهه سان صاف
ڪري يارڊلي ڪمپني يا ٻي ڪنهن مساج ڪريم سان مساج
ڪريو، ليڪن آهستگيءَ سان. هاڻي ڪنهن ديڳڙيءَ ۾
پاڻي گرم ڪري، ان ۾ گلاب عرق وجهو يا ڪيسو ڦل وجهي
ٽهڪايو، ان کان پوءِ ٻاڦ وٺو. ٻاڦ وٺڻ جو طريقو
هيئن آهي ته پاڻيءَ جي ديڳڙيءَ مٿان چهرو جهلي،
مٿان هڪ چادر وجهي ڇڏيو ۽ جڏهن چهري مان تمام گهڻو
پگهر نڪري ته ٽوال چهري تي وجهي چهرو ڍڪي ڇڏيو. 5
منٽن کان پوءِ پگهر جڏهن ٽوال ۾ جذب ٿي وڃي ته
بليڪ هيڊز ڪڍو(اها گهٽ عورتن کي خبر آهي ته بليڪ
هيڊز ڪيئن ڪڍبا آهن.) هڪ اسٽيل جو اوزار آهي جنهن
کي اسين ڪوميد چوندا آهيون ان جي هڪ پاسي گول تار
هوندي آهي جنهن سان چهري جا بليڪ هيڊز ڪڍبا آهن
جڏهن چهرو صاف ٿي وڃي ته پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان منهن
ڌوئي، فريش ليمن ماسڪ لڳايو(هي ماسڪ نڪ ۽ چپن کي
ڇڏي باقي سڄي چهري تي لڳائڻ گهرجي) فريش ليمن ماسڪ
جي خوبي هيءَ آهي جو هي هر قسم جي چمڙي جهڙوڪ خشڪ،
سڻڀي، نارمل وغيره لاءِ هڪ جهڙو مفيد آهي. ماسڪ
سڪڻ کان پوءِ چهري تان ڇڪي لاهي ڇڏيو، جيڪڏهن نٿو
لهي سگهي ته هلڪو پاڻي هڻي لاهي ڇڏيو. وري به تيز
ٿڌي پاڻيءَ جا چهري تي ڇنڊا هڻي چهري کي سڪڻ ڏيو.
هاڻي آسٽرجنٽ لوشن ڪاٽن پيڊ تي هڻي، چهري ۾ جذب
ٿيڻ ڏيو.
آئيني ۾ پاڻ کي ڏسي محسوس ڪندؤ ته چهري ۾ ڪيتري نه چمڪ
اچي وئي آهي. اگر اوهان بازاري ماسڪ نٿيون لڳائڻ
چاهيو ته گهر ۾ هي ماسڪ تيار ڪري سگهو ٿيون. اوهان
جي بورچيخاني ۾ ڌؤنرو به هوندو، ٽماٽا به هوندا،
بيسڻ، ڦودنو، مطلب ته ضرورت جي هر شيءِ موجود
هوندي. ياد رهي جيڪڏهن چهرو خشڪ آهي ته بيضي جي
پيلي ٽڪي، جي نرم آهي ته اڇي ٽڪي.
گهربل شيون: هڪ عدد بيضي جي پيلي ٽڪي، بيسڻ، هڪ چمچي جو چوٿون
حصو، ماکيءَ جو هڪ چمچو، ليمي جو رس، هڪ چمچو، هڪ
چمچو ڌؤنرو.
طريقو: انهن سڀني شين کي ملائي ماسڪ ٺاهيو ۽ پوءِ چهري تي ليپ
ڏيئي ڇڏيو، جڏهن سڪي وڃي ته نيم گرم پاڻيءَ سان
چهرو ڌوئي ڇڏيو. ان کان پوءِ ٽماٽن جي رس ڪڍي چهري
تي لڳايو، 5 منٽن کان پوءِ چهرو ڌوئي ڇڏيو. ڦودني
جا تازا پن گهوٽي، عرق گلاب جا 5 ڦڙا ملائي، چهري
تي لڳائڻ سان رنگ صاف ٿيندو ۽ داغ ختم ٿيندا.
جيڪڏهن چهرو چمڪدار ڪرڻو آهي ته روزانو ٿوري
پاڻيءَ ۾ روغن بادام ملائي، ان پاڻيءَ کي ڦيٽيو ۽
پوءِ چهري تي لڳايو، چهري ۾ چمڪ اچي ويندي. جيڪڏهن
رنگ صاف ڪرڻو هجي ته 40 ڏينهن کان پوءِ روزانو رات
جو سمهڻ کان پهرين چهري تي زيتون جي تيل جي مالش
ڪريو، پوءِ هڪ عدد ليمي جي رس ۾ ٿورو لوڻ ملائي،
ڪپهه سان چهري تي لڳائي، ڏهن منٽن کان پوءِ چهرو
ڌوئي ڇڏيو.
ننهن وڌائڻ جا طريقا:
سڀ کان پهرين هٿن ۽ ننهن جي صفائي ضروري آهي. سڀني کي
اها شڪايت رهندي آهي ته ننهن نٿا وڌن يا جي وڌن ٿا
ته وري جلد ٽٽي ٿا پون. ان ۾ اوهان جو پنهنجو قصور
آهي، ڇو جو ڪم هميشه هٿن سان ڪبا آهن. ننهن سان
نه.
طريقا: هڪ کليل منهن واري پياليءَ ۾ نيم گرم پاڻي ۽ ٿورو لوڻ
وجهي، هٿن کي ان ۾ ٻوڙي ڇڏيو ۽ ڏهن منٽن کان پوءِ
هٿ ڪڍي ننهن جي ڪٽنگ ڪري، ننهن فائل سان لسا ڪري،
وري هٿن کي نيم گرم پاڻيءَ ۾ شيمپو ٿورو ملائي وري
هٿن کي ان ۾ 3 منٽ وجهو. پوءِ نيل ڪريم ننهن تي
لڳائي 15 منٽن کان پوءِ صاف ڪري، آڱرين کان وٺي
سڄن هٿن تي مساج ڪريو، ڪنهن به ڪولڊ ڪريم يا هٿن
جي ڪريم سان آخر ۾ وري ٿوري توجهه جي ضرورت آهي.
هاڻي وري هٿن کي پيالي واري پاڻيءَ ۾ پسائي نيل
برش سان هٿن ۽ نـُـنهن کي صاف ڪريو، جيڪڏهن پراڻي
نيل پالش لڳل آهي ته ان کي ڪيوٽيڪل ريموور سان صاف
ڪري، پنهنجي پسند جي نيل پالش لڳايو.
***
لياقت رضوي
ناول،"خواب خوشبو ڇوڪريءَ" جو
اڀياس
عام طور تي ڪنهن به ناول لاءِ اڀياسي راءِ لکڻ
ذميواريءَ جو ڪم آهي ۽ خاص طور تي سنڌي ناول لاءِ
اهو تهائين وڌيڪ ذميواريءَ جو ڪم آهي، جو منهنجي
خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول اهڙي صنف آهي جنهن کي
مناسب توجهه ڪونه ملي سگهيو آهي. ظاهر آهي ته اهڙي
صورتحال ڪري، سنڌيءَ ۾ فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا
ناول لکيا ويا آهن. ناول عالمي صنف آهي، ورهاڱي
کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ناول جي اڻاٺ کي چڱيءَ طرح
سمجهڻ جي ضرورت آهي. مان ماهتاب محبوب سان ان
ڳالهه ۾ سؤ سيڪڙو متفق آهيان ته،"ڪنهن به ليکڪ کي
زوريءَ ڪنهن به صنف تي قلم نٿو کڻائي سگهجي." پوءِ
به ناول جي کوٽ، سنڌي ادب جي غير متناضعه حقيقت
آهي. منهنجي خيال ۾ ان جو سبب سنڌي اديب جي غير
طرح مخصوص سماجي حالتون ۽ ذاتي حيثيت آهن، جنهن
ڪري چاهڻ جي باوجود به هو ناول جي ادبي، فني ۽
نفسياتي گهرجن کي انصاف پسندي سان پورو نٿو ڪري
سگهي. باوجود ناول جي اڻاٺ جي، پوءِ به ائين چوڻ
غلط ٿيندو ته سنڌيءَ ۾ ناول ڪائي گهڻي پوئتي پيل
صنف آهي. علي بابا جي"موهن جو دڙو" "طارق عالم
ابڙي” جي رهجي ويل منظر، حليم بروهيءَ جي"اوڙاهه"
امر جليل جي"نيٺ گونگي ڳالهايو"، آغا سليم
جي"اڻپورو انسان" ۽ محمود مغل جي"هٿ ريکائن کان
خالي"، ناولن کي پڙهڻ کان پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو
ته ڀلي مقداري طرح نه سهي پر معياري طور تي ناول
لکجڻ جي روايت، سنڌ ۾ موجود آهي.
تازو سنڌي ۾ پر اثر ڪهاڻيون، خاڪا، مضمون ۽ ڪالم لکندڙ
ليکڪا ماهتاب محبوب جو ناول"خواب خوشبو ڇوڪري"
ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جيڪو سندس پهريون ناول آهي.
ٽالسٽاءَ جي جڳ مشهور ناول"آئيننا ڪريننا" جي طرز
تي لکيل هيءُ ناول مڪالمن ۽ سيچوئيشن سان ڀرپور،
هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا بي انتها لاڏ
ڪوڏ مان پلجي ٿي، نوجوان ٿيڻ جي عمل دوران، مائٽن
جي محتاط سختي ۽ پابندين مان گذري، فلرٽيشن، فيشن
ايبل محبت ۽ بيرحم سماج جو شڪار ٿئي ٿي. اهڙي طرح
آخر ۾ خطرناڪ مرض ايڊز ۾ مبتلا ٿي انجام کي پڄي
ٿي. هڪ ذلت آميز زندگيءَ کان پوءِ هڪ باعزت موت جي
آرزوءَ ۾ مرندڙ ناول جي نائڪه، صنم جي هن ڪهاڻي ۾
ٻيا به ڪيترائي ڪردار شامل آهن. سورهن سالن جي
عرصي تي ڦهليل واقعن، تبديلين ۽ معمولات ذريعي
ماهتاب محبوب، سماج جي مريضاڻين فرسوده رسمن،
رواجن ۽ مدي خارج قدرن کي بولڊ انداز ۾ چٽو ڪيو
آهي. ناول جي بهتر ٻولي، استعارا، تشبيهون ۽ پهاڪا
ايترا تز ۽ ٺهڪندڙ آهن جو واقعي وڻندڙ ۽ متاثر
ڪندڙ لڳن ٿا.
مثال، نه ڪتو ڏسي نه ڀونڪي.
ايڏا ڪي پيٽ ڀريا اٿو جو ڀتين تان ڀت تا اڇلجن.
وئي سڱن ڪاڻ ڪن به ڪپائي آئي.
ڪنيءَ رن جا يار به گهڻا ته ٻار به گهڻا.
اٺ تان ونجڻي لٿي.
انڌو هاٿي لشڪر لتاڙي.
اهي ۽ اهڙا ٻيا انيڪ پهاڪا، ٻولي جي خوبصورت ترڪيب سان
انهن کي استعمال ڪرڻ ماهتاب محبوب جو ئي ڪمال آهي.
ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ناول"خواب خوشبو ڇوڪري"
سماجي براين، جاگيرداري، باقيات، سياسي منافقين،
سرمائيدارانه ذلتن ۽ شهري زندگيءَ جي سطحي روپن
سان گڏ ماڻهوءَ جي نازڪ احساسن ۽ جذبن جو بيباڪ
اظهار آهي ۽ باوجود ان ڳالهه جي ته انهن مڙني
ڳالهين کي ناول ۾ روايتي انداز ۾ ئي پيش ڪيو ويو
آهي پوءِ به تن مان هڪ اهڙو انوکو نڪتو، سادگيءَ
سان ظاهر ٿئي ٿو جنهن تي گهٽ ۾ گهٽ سنڌيءَ ۾، مون
ڪائي تخليق اڳ ڪانه پڙهي آهي ۽ اهو نڪتو آهي:
مائٽن جو پنهنجي اولاد ڏانهن محبت جو لچڪ پذير
رويو، اها حقيقت آهي ته ٻار جيستائين به ٻار هوندو
آهي ته مائٽ ان ڏانهن پنهنجي محبت کي مخصوص جنون ۽
طرفداريءَ سان ظاهر ڪندا آهن پوءِ جڏهن اهو ساڳيو
ئي ٻار وڏو ٿيڻ لڳندو آهي ته مائٽن جي لازوال ۽
بيغرض محبت به تبديل ۽ شرطيه ٿيڻ لڳندي آهي. جنهن
جا اسرندڙ ٻار جي معصوم ذهن تي اهڙا ئي اثر پوندا
آهن، جهڙا ناول جي نائڪه(صنم) تي پون ٿا. اهو نه
رڳو ڳوڙهو فلاسافيڪل مسئلو آهي، بلڪه عملي نفسيات
جو معاملو به آهي ۽ منهنجي خيال ۾ ماهتاب محبوب ۽
ناول ۾ ان اهم مسئلي کي غير محسوس طرح سادي سچائي
سان بيان ڪيو آهي.
جتي ناول ۾ ٻولي ۽ سيچوئيشن جي حوالي سان کوڙ خوبيون
آهن، اتي ان ۾ چند اهم ۽ غير اهم اوڻايون به آهن،
جن کي اڃان وڌيڪ محنت ۽ ڪنسٽريشن سان دور ڪري
سگهجي ها، پر شايد ناول تي مناسب توجهه ڪونه ٿيل
آهي. منهنجي محدود مطالعي ۽ محسوسات موجب، اهي چند
اوڻايون هن ريت آهن. ناول جي نائڪا صنم، جيڪا
پنهنجي پيءُ وقار علي جي لاڏلي ڌيءَ آهي. جڏهن هڪ
ڇوڪري فهد سان محبت ڪرڻ لڳي ٿي ۽ کيس لو ليٽر لکي
ٿي ته ان جي جواب ۾ آيل فهد جي رومان نامو، صنم جي
وڏي ڀيڻ عابده هٿان پڪڙجي پوي ٿو، جنهن ڪري صنم تي
گهر ۾ سختيون وڌي وڃن ٿيون. اڳتي هلي، وقار علي
پنهنجي"پڻستا" کان مجبور ٿي صنم کي پاڙي ۾ مسز
مرزا جي گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ٿو ۽ هڪ ڏينهن، مسز
مرزا ڪارڊليس فون تي فهد ۽ صنم جي محبت ڀريل گفتگو
کي ٻڌي صنم جي ماءُ نور بانو کي آگاهه ٿي ڪري. نور
بانو مجبور ٿي مڙس سان سڄو احوال اوري ٿي. جيڪو
مختلف حالتن مان گذري، مجبورن پنهنجي ماسات عرفان
سان صنم جي شادي طئي ڪري ٿو ڇڏي.
اتي ليکڪا کان عرفان ۽ صنم جي عمرين طئي ڪرڻ ۾ جيڪا
غلطي ٿي آهي، اها ائين آهي ته صفحي نمبر 84 تي
ليکڪا ٻڌائي ٿي،".... ٻنهي گهر وارن(صعني صنم ۽
عرفان جا گهر وارا) کي جيڪي ڪجهه کٽڪيو ٿي ته رڳو
سندن عمرين جو فرق، جيڪو اٺ نه ڏهه، پورا ستاويهه
سال هو.
شاديءَ کان پوءِ عرفان جي احساس ڪمتريءَ کي ليکڪا صفحي
نمبر 108 تي هيئن بيان ڪري ٿي، "هن جي دٻيل خواهش
هئي ته عمر واري سفر ۾ هوءُ به ساڻس هم عمر ٿي
هلي. جڏهن ته اوڻيهن ويهن جي سن ۾ هوءَ پاڻ کي
لاسٽڪ جيان ڇڪي اٺيتاليهه اوڻونجاهه سالن ۾ آني
بيهارڻ کان بنهه بيوس هئي."
مٿين ڳالهه مان صاف ظاهر آهي ته ٻنهي جي عمرين ۾ پورن
ستاويهن سالن جو قطعي فرق ڪونهي توڙي جو اها غير
اهم غلطي آهي پر ان سان ناول تي ٿيل محنت جو
اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ساڳئي ڪردار يعني صنم کان،
ناول جي صفحي نمبر 189 تي جيڪو ڪجهه سوچرايو ويو
آهي ۽ جنهن انداز ۾ سوچرايو ويو آهي، اهو
لاتعلقيءَ ۽ غير موزنيت جي حدن کي ڇهندي محسوس ٿئي
ٿو، لڳي ٿو ڄڻ ليکڪا پنهنجي سوچ زوريءَ ڪردار تي
مڙهي آهي.
ناول ۾ ٻيو هڪ ڪردار آهي عابده جو، جيڪا صنم جي وڏي
بيواهه ڀيڻ آهي. ان جي ڪردار نگاريءَ ۾ به ماهتاب
محبوب کان ڪجهه اوڻايون رهجي ويون آهن.
مثال صفحي نمبر 27 تي عابده ۽ صنم جي ماءُ، نور بانو
بابت لکيل آهي،"..... عابده جي پرگهور لهڻي هئس،
جنهن جو جواني ۾ ئي بيواهه ٿيڻ جو سور به کيس ڪو
گهٽ ڪونه هو...."
وري صفحي نمبر 28 تي خود عابده اچي ٿي ماءُ جي گهر پهچي
۽ ماءُ کي چئي ٿي."امان مون کي ٿورو ڪم آهي، بابا
کي وٺڻ آئي آهيان، جيسين تون هلي ٻارن وٽ ويهه."
مٿين ٻنهي ٽڪرن مان اهو سمجهڻ بلڪل آسان آهي. هڪ ته
عابده بنهه جوانيءَ ۾ بيواهه ٿيل آهي ۽ ٻيو ته کيس
ٻار به آهن.(اهو ڪٿي به ڪونه ٻڌايو ويو آهي ته کيس
گهڻا ٻار آهن ۽ انهن جون عمرون گهڻيون آهن) اڳتي
هلي صفحي نمبر 31 تي جڏهن ماءُ(نوربانو) عابده جو،
ڀيڻ صنم سان ساڙ سهي نٿي سگهي ته کيس چئي ٿي،"ڇو
ٿي اجايو ڏکوئين.... اسان ته پنهنجي پاران چڱي
ڪئي، فرض نڀايو.. باقي قسمت جي لکئي جي ڪنهن کي ڪل
هئي.... قدرت جا کيل ته قدرت ئي ڄاڻي.... ڪا مائٽي
اچڻ جي آسري ۾ وڌي ڏاگهه اچي ٿي هئينءَ، تڏهن ته
لاچار سڱ ڪرائڻ وارين آڏو جهوليون جهلڻيون
پيون.... جن ڌريان ئي ڌاريا آڻي ڪرمن ۾ هنيا.. نه
ته تون ڪا اسان کي ڪڙي هئين ڇا..."
ڪردار نگاري ۾ اهڙي غلطي نظر انداز نٿي ڪري سگهجي، يعني
هڪ طرف عابده جواني ۾ بيواهه ٿيل ۽ خبر ناهي ڪيترن
ٻارن جي ماءُ آهي ته ٻئي طرف عمر چڙهڻ جي خوف کان
سندس شادي لاچاريءَ ۾ غير مناسب طور تي ٿي وڃي ٿي.
ڌارين ۾!"توبهن آهي مائي! ڇوڪري ته اصل ڪنهن کي ڪٿ
۾ ئي نٿي آڻي، ڳالهائجيس ته نڙيءَ مان ٿي جهلي،
مائٽن ڍر ڏئي مغز خراب ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهوڪي
ڇوريءَ جو..." غور سان ڏسبو ته، مٿيون مڪالمو
جيڪو ناول جي صفحي نمبر 35 تي ڏنل آهي، ڪنهن عورت
جي واتان چيل ٿو لڳي پر ان جي برعڪس ماهتاب محبوب
اهو مڪالمو، وقار علي جي بيمار ۽ عمر رسيده پيءُ
جي واتان خبر ناهي ڪهڙي مشاهدي هيٺ چورايو آهي،
جيڪو بلڪل اڻٺهڪندڙ ۽ ناموزون ٿو لڳي.
صفحي نمبر 51 تي صنم ۽ سندس ڀاءُ عادل وچ ۾، نيرن ڪرڻ
وقت پاڙيوارن بابت گفتگو مان(جيڪا طوالت کان بچڻ
لاءِ هتي نٿو لکان) صاف ظاهر ٿئي ٿو ته عادل
پنهنجي باري ۾ بلڪل متضاد ڳالهيون ڪري ٿو. جيڪا
ڳالهه خبر ناهي ڇو ليکڪا نظر انداز ڪئي آهي.
ڪنهن به تخليقڪار جي تخليق، هن جي اولاد وانگر هوندي،
چاهي اها نظم هجي، ڪهاڻي هجي يا ناول هجي. ان ڪري
تخليقڪار کي اهو پورو پورو حق هجي ٿو ته ان تخليق
جو ڪهڙو به نالو رکي ۽ مان به ماهتاب محبوب جي ان
حق جو پورو احترام ڪريان ٿو، پوءِ به الائي ڇو
منهنجي دل چئي ٿي ته ناول جو نالو"خواب خوشبو
ڇوڪري" بجاءِ جي رڳو"ڇوڪري" هجي ها.
هونئن به لفظ"ڇوڪري" جون ٻه معنائون نڪري سگهن ٿيون، هڪ
ته ڇوڪري يعني
The girls
۽ ٻي"ڇوڪري" ٻئي معنائون ناول جي بنيادي خيال سان
ٺهڪندڙ آهن.
مجموعي طرح"خواب خوشبو ڇوڪري" هڪ بهترين ناول آهي، جنهن
۾ ٻولي بيحد خوبصورت مٺڙي استعمال ڪئي وئي آهي،
242 صفحن جي هن ناول کي نيو فيلڊس پبليڪيشن
حيدرآباد پاران بيحد خوبصورت ٽائيٽل سان ڇپايو ويو
آهي، جنهن جي پڪي جلد جي قيمت 100 روپيه آهي ۽ سنڌ
جي ڪنهن به بڪ اسٽال تان خريد ڪري سگهجي ٿو.
ايڊيٽر ڏانهن خط
محترمه ايڊيٽر!
جيئن ته رسالو"سرتيون" تمام سٺو هلي رهيو آهي پر اسان
کي شڪايت آهي ته اوهان هن رسالي ۾ ته صرف سفارشي
خط شامل ڪريو ٿا، اسان مسڪين آهيون، ان ڪري سفارش
جهڙا ڪونه آهيون. مان اڳ ۾ به ٻه خط موڪلي چڪو
آهيان، پر ڪوبه خط شامل نه ڪيو ويو، آخر ائين ڇو
ٿو ٿئي؟ اهڙيون ناانصافيون ڇو ڪيون پيون وڃن. اسان
به ته ٻين وانگر انسان آهيون. آخر توهان اسان کي
انسان ڇو نٿا سمجهو، توهان کي ائين نه ڪرڻ گهرجي.
غلام فريد انڍڙ، ڳوٺ ڊرنگ چاچڙ.
ايڊيٽر صاحبه!
مون ماهه جون 1996ع ۾ خط ۽ شاعري موڪلي هئي. مگر اوهان
شايع نه ڪئي، خط ڪيئن شايع ڪندؤ جو اوهان وٽ
سفارشي ماڻهن جي شايد کوٽ ڪانه هوندي. پر شاعريءَ
کي رسالي ۾ جاءِ ڏيو ها! سچ هن ڀيري واري رسالي ۾
پنهنجو نالو نه ڏسي، جيءُ سڄو جـُـهري پيو. اوهان
کي گذارش ٿي ڪريان ته آئينده مايوس نه ڪندا.
شازيه عارب منگي، حيدرآباد.
محترمه ايڊيٽر!
"سرتيون" هميشه جيان پڙهندو اچان. هر ڀيري معياري مواد جي چونڊ
ڪري اسان تائين پهچائڻ، اوهان جي سنڌ واسين سان
محبت جو چٽو ثبوت آهي. اميد ڪجي ٿي ته اها جستجو
جاري رکندا. تازي شماري جي تعريف نه ڪرڻ نهايت
ناانصافي چئبي. شاعري قلب سومرو، شهيد احمد خان
آصف، لطيف اياز پنهور ۽ اصغر علي سنڌي توڙي ٻين
سڀني جي سٺي هئي. اها پهريون ڀيرو خبر پئي ته اسان
جو دوست اصغر علي سنڌي کوسو به شاعر آهي. ايندڙ
شماري لاءِ ڪجهه مواد اماڻجي ٿو، شامل ٿيڻ جهڙو
آهي يا نه؟ اميد اٿم مون ننڍڙي ۽ سيکڙاٽ جي همٿ
افزائي ڪندا.
قادر سيال، جهڏو
محترمه ايڊيٽر!
ماهوار"سرتيون" ڏانهن هي پهرين ڪهاڻي موڪلي رهيو آهيان،
ان آشا سان ته ضروري شايع ٿيندي. ڪهاڻي جي شعبي ۾
ڪافي محنت ڪئي اٿم. "سرتيون" ۾ اميد ان ڪري به
وڌيڪ آهي جو اوهان هميشه نون ليکڪن کي تمام گهڻو
اڀاريو آهي.
رفيق بلوچ، دادو.
محترمه ايڊيٽر!
اوهان جو شمارو سڀئي سندرتائون کڻي، سندم هٿڙن تائين
پهتو."عورتن سان امتيازي سلوڪ ڇو؟" جي سري هيٺ
اوهان جو لکيل ايڊيٽوريل، سچ ۽ حق تي مشتمل آهي.
جنهن لئه اوهان کي جس! ستار سومرو جو ڪالم،"شاهه
جي ڪلام ۾ سر حسيني جو جائزو" ايڏو خاص برجستو نه
لڳو. دوست موضوع سان نباهڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام
ويو آهي. شاهه لطيف جي شاعري سمنڊ مثل آهي، جنهن
جو جائزو وٺڻ لاءِ گهڻي محنت ۽ مطالعي جي ضرورت
آهي. اعجاز جعفري جو افسانو پڙهڻ پڄاڻان ائين
محسوس ٿيو ڄڻ دوست اڃان نئون لکندڙ آهي. افساني جو
مکيه ڪردار پهرين پنهنجي محبوبه کي شادي جي آڇ ٿو
ڪري ۽ جڏهن هو انهيءَ آڇ کي قبول ٿي ڪري ته وري
پاڻ انڪار ٿو ڪري. حالانڪه هجڻ ائين گهرجي ها ته
سندس محبوبه کيس شادي جي آڇ ڪري ها!
منهنجي ڪهاڻي شايع ڪرڻ لاءِ اوهان جا وڙ، شاعري ۾ ايوب
کوسو جي نظم کان سواءِ ٻئي سڄي شاعري بور ڪندڙ
هئي. مهرباني ڪري شاعري جي چونڊ ڏانهن خاص ڌيان
ڏيو. غزل اماڻيان پيو. جيڪڏهن سرتين کي سينگاري
سگهي ته ضرور شايع ڪجو!
ڪرم سنڌي، ڇتو مادراڻي
محترمه ايڊيٽر صاحبه!
جون - جولاءِ جو گڏيل پرچو مليو، پڙهي من سرهو ٿيو.
دانائي جي نقطن کان وٺي"دهلي جي دل وارن وٽ" تائين
سمورو مواد پڙهڻ وٽان هو، ڪارونجهر جي ڪور تي
استاد نظاماڻيءَ جي تحرير، شمشيرالحيدريءَ جي
لکڻي، آزاد نظم بابت سٺي ڄاڻ ڏيندڙ هئي. شاعري ۾
بخشڻ مهراڻوي ۽ اصغر سنڌيءَ جي شاعري پرچي جي جان
هئي. تنهن کان سواءِ پنهنجو ڪجهه مواد موڪليان
پيو. اميد ته مانائتي موٽ ملندي.
نياز کوسو، جهڏو.
مانواري ايڊيٽر صاحبه!
ٻن مهينن کان"سرتيون" جو اوسيئڙو ۽ انتظار رهيو. پر هر
ڀيري بڪ اسٽال وارن طرفان اهو ٺهيل ٺڪيل جواب ٿي
مليو ته"يار! اهو اڃان پهتو نه آهي."
تازو جولاءِ جي آخري هفتي ۾ جون - جولاءِ جو گڏيل پرچو
مليو. هي شمارو ڪيئن هو انهيءَ جي جواب ۾ هي لفظ
ورجائڻ سان ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته"هٿ ڪنگڻ لاءِ
آرسي جي ضرورت ناهي هوندي."
بهرحال ڪي لکڻيون جهڙوڪ: گهڻي ڳالهائڻ جي عادت" وغيره
هروڀرو اجايون ۽ بور ڪندڙ پئي محسوس ٿيون.
ڪهاڻي"ڪارونجهر جي ڪور تي" ڏاڍي وڻي. مضمونن
۾"عورت لطيف جي نظر ۾" ۽ آزاد نظم جو فن تمام سٺا
هئا.
اسان وٽ الائي ڇو ماڻهو شيءِ کان وڌيڪ اهميت"نالن" کي
ڏيندا آهن. هن دفعي شاعريءِ ۾ اها ڳالهه چٽي نظر
آئي، تنهن ڪري شاعري ۾ ڪجهه نواڻ ۽ تازگي آڻڻ جي
ڪوشش ڪجو!
خطن واري ڀاڱي ۾ ڪنهن دوست قسطوار ناول بند ڪرڻ لاءِ
لکيو آهي، جيڪا بلڪل هڪ اڻ سهائيندڙ ڳالهه آهي.
جڏهن ته فقير شهمير چانڊيو جو سنڌي سماج جي هڪ خاص
پهلو تي لکيل نهايت انوکو ناول آهي. ڪافي پڙهندڙن
ان جي پسند جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسان کي به هر
مهيني ان جو انتظار رهندو آهي وڌيڪ اوهان جي مرضي.
آخر ۾ هڪ ننڍڙي ۽ حجائتي شڪايت آهي ته توهان ڪافي وقت
کان منهنجي شاعري وغيره شايع ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي.
توڻي جو توهان جي ٽيبل تي منهنجو ڪافي مواد موجود
آهي. پوءِ به مان توهان کي ميار نه ڏيندس ڇو ته
مسئلو ڪنهن کي راضي ڪرڻ جو ناهي پر مسئلو آهي بهتر
کان بهتر ۽ معياري ادب شامل ڪرڻ جو. اميد ته توهان
انهيءَ تقاضا تي پورو لهندا ۽ سنڌي ادب جون نت
نيون شيون ميدان ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا.
ساگر سرتومل روپاڻي، عمرڪوٽ.
مانواري ڀيڻ!
ڪافي ڏينهن جي انتظار ۽ اوسيئڙي کان پوءِ جون جولاءِ
1996ع جون"سرتيون" جو گڏيل پرچو پهتو. اڳ وارن
پرچن جيان هي پرچو به ڪجهه منفرد ۽ ڪافي معياري
هو. مقالا تمام بهترين هئا. اميد ته اها جاکوڙ
آئينده به جاري رکندا. ڪجهه مواد موڪليو هئم. ان
جي شايع ٿيڻ جو منتظر آهيان. اميد رکجي ٿي ته
مايوس نه ڪيو ويندو. مهرباني
درد سولنگي، دادو.
مانواري ڀيڻ!
احوال ته ڳچ عرصي کان پو”"سرتيون" لاءِ ڪجهه مواد
موڪليان پيو. اميد اٿم ته شايع ٿيندو. پنهنجي دوست
امام راشدي سوڌو ويجهڙ ۾ ئي بورڊ اچڻ جو ارادو
آهي. ڀاءُ نفيس صاحب به اچڻ لاءِ ڳچ عرصي کان چئي
رهيو آهي. اوهان هونديون ته پوءِ ملاقات ڪبي. ٻيو
عرض ته نالي سان گڏ شڪارپور ضرور هجڻ گهرجي. اهو
ان ڪري جو هڪ ٻئي ڇوڪري مير مصطفيٰ سولنگي جي نالي
سان ٻارن لاءِ (ڪنول) رسالو جاري ڪيو آهي. مون
نالي ۾ هڪ جهڙائي واري ان مسئلي تي
Senior
هجڻ جي حيثيت سان کيس لکيو هو ته هو پهرين نالي
سان لکي. پر هن ائين نه ڪيو آهي.
اوهان جو ڀاءُ
غلام مصطفيٰ سولنگي، شڪارپور.
مانواري ادي!
ڪافي سڪ ۽ پاٻوهه منجهان لکجي ٿو ته"سرتيون" جو مطالعو
پابنديءَ سان ڪندو آهيان. خاص ڪري"عورت" جي متعلق
جيڪو ڪجهه هوندو آهي. اهو وڏي شوق ۽ چاهه سان
پڙهندو آهيان. ادي عورت منهنجي نظر ۾ نهايت ئي
قابل احترام ۽ عزت لائق آهي. مان اڳ ۾ توهان کي
اهو عرض ڪري چڪو آهيان ته لطيف سائين منهنجو
روحاني رهبر ۽ مرشد به آهي. مان شاهه سائين جي
ٽيهن سرن تي لکي چڪو آهيان. هاڻي سورمين تي تحقيق
جاري آهي. پوءِ وري سوريا انهن تي تحقيق ڪندس. ان
حوالي سان هڪ نئين ڪاوش ڪافي جدوجهد کان پوءِ وڃي
ترتيب ڏني اٿم. اميد ته قبول پوندي.
ادي مان توهان جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان جو توهان مون
کي مانائتي موٽ ڏني آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ توهان جي
موڪليل اعزازي ڪاپي واقعي هڪ اعزاز بڻجي آئي. جنهن
لاءِ توهان جا لک ٿورا.
ستار سومرو، نصيرآباد.
مانواري ڀيڻ!
"سرتيون" اڪثر نظر مان گذرندو رهندو آهي، مواد جي چونڊ
ڏاڍي ڀلي هوندي آهي، جس هجي اوهان کي ايڏي محنت
پيا ڪريو! محنت رنگ لائيندي آهي.
ابن ڪلهوڙو
مانواري ڀيڻ!
اوهان جي محنتن سان سينگاريل"سرتيون" منهنجي هٿن تائين
پهتو. جنهن ۾ اوهان منهنجي ڪهاڻي به شايع ڪئي آهي.
ان لاءِ آءُ دل جي گهرائين سان اوهان جي ٿورائتي
آهيان. "سرتيون" ۾ اها منهنجي پهرين تخليق ڇپي ۽
اميد ٿي ڪريان ته آئنده لاءِ به منهنجين لکڻين جي
مانائتي موٽ ملندي رهندي."سرتيون" آهي به ته اسان
جو نه! پوءِ ڪيئن نه اسان جي مواد کي اهميت ملندي.
اهو ته اسان جو حق ٿو ٿئي ۽ اسين پنهنجي ان رسالي
سان ۽ اوهان سان پنهنجائپ طور حجت به ڪري سگهون
ٿيون. هونئن ته هيءُ رسالو هر لحاظ کان هڪ بهترين
۽ معياري رسالو آهي پر وقت تي نٿو نڪري. ڪوشش ڪري
ان کي وقت تي ڪڍو ته جيئن وقت سر پڙهي سگهجي ۽
مواد به وقت سر موڪلي سگهجي. پر پوءِ به پاڻ کي
اها سهوليت ميسر آ جو رسالو گهر ويٺي مليو ٿو
وڃي.(سالياني خريدار ٿيڻ کان پوءِ) رسالي ۾ ڪو
هلڪو ڦلڪو سلسلو به رکو ته سٺو ٿيندو. ڊائريءَ جا
ورق يا ڪو سوال پڇو. ان جا جواب اسان موڪليون ۽
ڪنهن عورت ليکڪ/شاعره. سماجي ورڪر، پورهيت عورت جو
انٽرويو به شايع ڪندا ڪريو. الله نگهبان.
شبانه سنڌي
محترمه ڀيڻ!
ڪافي انتظار ڪاٽڻ بعد"سرتيون" جون جولاءِ جو گڏيل شمارو
دستور موجب وي پي طور ڇڏايم. ڪتاب کوليندي اوهان
پاران "سرتيون" دير سان شايع ٿيڻ جي وضاحت پڙهي
ورتم. ڪتاب اڳ ۾ نڪتل ڪتابن کان اڳڀرو نظر آيو.
لکڻين ۾ الحاج ولي محمد طاهر زادو"روحن جي رهاڻ"
"ڪارونجهر جي ڪور تي" استاد نظاماڻي پل جي پوپٽ ٿي
ويا. ممتاز لوهار متاثر ڪيو. شاعريءَ ۾ شهيد احمد
خان آصف جو غزل سون تي سهاڳ لڳو. سلميٰ پنهور ۽
وشال به تعريف جوڳي شاعري ڪئي آهي. ڪتاب جي قيمت
ٻارنهن روپين بجاءِ ڏهه روپيه هئڻ گهرجي ها.
"سرتيون" جي آخري يعني پٺين صفحي تي نينگري
نماڻيءَ جو پورٽريٽ ۽ لطيف سرڪار جو شعر نهايت
دلفريب لڳي ٿو. ان سلسلي کي جاري وساري رکندا. خط
شايع ڪرڻ لاءِ مهرباني. هي ٽيون پرچو آهي جو شاعري
ڪونه ڇاپيو. هن خط ۾ شامل هڪ غزل موڪلي رهيو
آهيان. اميد ته شايع ڪندا.
جبار"تاثير" سومرو، نصيرآباد.
مانواري ادي!
ڪجهه دير ئي سهي پر نيٺ اچي پهتو، توهان جو اسان جو
سڀني جو "سرتيون" مئگزين جون جولاءِ 96ع جي پگهريل
ڏهاڙن ۾ وٺي جو واءُ بڻجي هي شمارو به هميشه جيان
لک لهي. هن جي بناوت، هن جي ڇپائي، هن جو ٽائيٽل،
ٽائيٽل جو بيڪ، هن جو نثر ۽ هن جو نظم سڀئي ايڏا
ته دلڪش ۽ خوبصورت انداز ۽ معيار سان هوندا آهن جو
هڪ ٻئي پٺيان هر لکڻي پڙهڻ تي دل چوندي آهي. محترم
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب"هيلن ڪيلر جي آتم
ڪهاڻي" ۾ تمام گهڻي ۽ بهترين ڄاڻ ڏني. پر ان جي
شروعاتي ٽڪري ۾ ڇهين سٽ ۾(چپ چوريندي ڏسي) جملي
مان ڏسڻ جو اظهار ٿئي ٿو، جڏهن ته هوءَ(هيلن ڪيلر)
ننڍپڻ کان ئي نابينا، گونگي ۽ ٻوڙي هئي ته پوءِ
هوءَ ڪيئن ٿي ڏسي سگهي؟ باقي هٿن سان چپن جي چرپر
کي ڇهي ڏسڻ واري ڳالهه ڪافي پوءِ ٿي اچي؟ منهنجي
حوصلي کي بلند ڪرڻ لاءِ اوهان منهنجي لکڻين کي
رسالي ۾ جاءِ ڏيون ٿيون. ٿورا نه ٿورا اڳ هڪ ڪهاڻي
۽ ڪجهه شاعري موڪليل آهي ۽ هينئر به هڪ ڪهاڻي ۽
ڪجهه بيت اماڻيان پيو، اميد ته اوهان پڙهندڙن کي
پسند ايندا.
قلب سومرو، نئون ديرو، لاڙڪاڻو
ايڊيٽر صاحبه!
اوهان جي رسالي"سرتيون" لاءِ هڪ غزل موڪلي رهيو آهيان. اميد ته
ضرور جاءِ ڏيندا. هن ڀيري شاعري ۾ سلميٰ پنهور ۽
طارق عالم ۽ ٻين جي شاعري بهترين هئي.
ٻاجهي خان لغاري، جوهي، دادو
ايڊيٽر صاحبه!
عرض ته هن کان اڳ پنهنجي هڪ شاگرد هٿان "سرتيون" لاءِ
مضمون:" بيبي مريم سلام الله عليها" بابت موڪليو
آهي. پڪ اٿم ته مليو هوندو. هينئر تازو ليک"بيبي
آسيه" متعلق حاضر آهي. انشاءَالله "سرتيون" لاءِ
سڪارتو ثابت ٿيندو. "سرتيون"، اڳي کان اڳرو بڻجندو
ٿو وڃي. منهنجي ذاتي ڪتبخاني ۾ ڪيئي ادب - دوست ان
جو دلچسپي سان مطالعو ڪن ٿا.
پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، لاڙڪاڻو
مانواري ايڊيٽر صاحبه!
عرض ته آئون ماهوار سرتيون باقاعدگي سان پڙهندو آهيان،
ان ڪري هي ڪجهه تخليقون به اماڻي رهيو آهيان.
جيڪڏهن اوهان جي مخزن جي معيار تي هجن ته ڪنهن
شماري جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڇاپي ضرور همت افزائي
ڪرڻ فرمائيندا.
مير محرم لغاري، جوهي، دادو
ترجمو: ثمينه ميمڻ
فريحه پرويز سان ڳالهه ٻولهه
س: پورو نالو
ج: فريحه پرويز
س: ڄمڻ جو هنڌ؟
ج: لاهور.
س: توهان جي ڄمڻ جي تاريخ ۽ ستارو؟
ج: مان 2 فيبروري تي ڄايس. منهنجو ستارو ايڪيورس آهي.
س: پسنديده رنگ؟
ج: ڪارو، اڇو، نيرو ۽ واڱڻائي.
س: توهان کي راند سان ڪا دلچسپي؟
ج: جي، بيڊمنٽن ۽ ڪرڪيٽ.
س: توهان جون مشغوليون ڪهڙيون آهن؟
ج: منهنجين مشغولين ۾ ڪلاسيڪي موسيقي ٻڌڻ، پڙهڻ، فوٽو گرافي ڪرڻ
۽ کاڌو تيار ڪرڻ شامل آهي.
س: توهان پسند ڪيو ٿا؟
ج: ايماندار، هڏ ڏوکي، احساس رکندڙ ۽ سچي جذبي سان سرشار ماڻهن
کي.
س: توهان کي نه ٿا وڻن؟
ج: مغرور، دوکو ڏيندڙ، ڪرپٽ ۽ ڪند ذهن ماڻهو.
س: موسيقي جي دنيا ۾ اچڻ ۾ ڪهڙن فنڪارن جي اثر توهان کي مائل
ڪيو؟
ج: لتا ۽ آشا بوسلي.
س: ڇا موسيقي توهان جو شوق آهي؟
ج: نه، مان هن کي صرف پسند ڪيان ٿي.
س: ميوزيڪل ڪيريئر ۾ توهان کي پنهنجي مائٽن جي مدد حاصل هئي؟
ج: ها تمام گهڻي.
س: توهان جي خيال ۾ ميوزڪ به پروفيشن آهي؟
ج: ها هن دؤر جي ضرورت آهي.
س: ڇا! توهان هن شعبي ۾ ايندڙن جي همٿ افزائي ڪنديون؟
ج: صرف انهن آوازن کي جنهن ۾ سر ۽ ميٺاج آهي.
س: فن مشهوري آهي يا کٽراڳ آهي؟
ج: اهو فن آهي. ڇاڪاڻ جو آئون ڳائڻ کي پسند ڪيان ٿي، ان ڪري هن
کي پنهنجي ذات کان الڳ نٿو ڪري سگهجي.
س: توهان جا ويجهڙائي ۾ ڪي گيت رليز ٿيا آهن؟
ج: مان ٻه گيت "چيف صاحب" فلم لاءِ ڳايا آهن جن جي موسيقي امجد
بوبي ڏني آهي. هڪ گانو فلم "گهونگهٽ" لاءِ ڳايو،
جنهن جي موسيقي روبن گوش صاحب ڏني ۽ هڪ گانو
"سنگم" فلم لاءِ ڳايو، جنهن جي موسيقي پڻ امجد
بوبي صاحب ڏني آهي.
س: توهان موسيقي جي سکيا ڪٿان پيون وٺو؟
ج: جيئن ته منهنجو تعلق فنڪار گهراڻي سان آهي. مان ميڊم طلعت
صديقي، ميڊم ريحانه صديقي، ميڊم ناهيد صديقي ۽
عارفه صديقي کان متاثر هيس. منهنجو پيءُ خود
موسيقي لاءِ سٺو ذهن رکندڙ آهي. انهن سڀني جو
منهنجي گلوڪار بنجڻ ۾ وڏو هٿ آهي.
س: مختلف فيلڊ ۾ توهان جو تجربو ڪيئن رهيو؟
ج: مان گلوڪاره آهيان ۽ ڊرامن ۾ به ڪم ڪيان ٿي. مان پنهنجي
ڪيريئر جي شروعات ٻارن جي موسيقي جي پروگرام
"بلبلي" ۽ اداڪاري جي شروعات "انوکا سفر" کان ڪئي.
مون ڪيترن ئي ميوزڪ پروگرامن ۾ حصو پڻ ورتو آهي ۽
انهن تجربن ۾ مون گهڻو ڪجهه سکيو آهي.
س: توهان جا مستقبل ۾ ارادا ڪهڙا آهن؟
ج: آئون ڳائڻ ۽ ايڪٽنگ جي حوالي سان "گهر، گليون ۽ راستا" سيريل
۾ سٺي اداڪاري جي توقع ڪريان ٿي. مان پنهنجي آڊيو
ڪيسٽ "نائيس اينڊ ناٽي" تي پڻ ڪم ڪري رهي آهيان.
آئون چاهيان ٿي ته ماڻهو منهنجي پرفارمنس کي داد
ڏين ۽ منهنجي محنت کي ساراهين پر آئون سڀ کان وڌيڪ
وقت پنهنجي تعليم کي ڏيان ٿي.
(دي نيوز جي مئگزين
(US)
جي ٿورن سان)
شازيه عارب منگي
"قيدياڻي ۽ دولاب قيد"
رات اڪيلي تنها بلڪل!
تارن جي ڇانوري هيٺان،
چانڊوڪيءَ جي جهل مل هيٺان!
ائين ئي ويٺي آهيان وياڪل!
سوچن جي اَڻ کـُـٽ سلسلو!
ذهن ۾ ڪٿي، آهي ڦاٿل،
۽ اُن ذهني آنڌ مانڌ سببان،
ذهن ڪيترو نه ٿي پيو آ بوجهل.
ڇو احساسن جي بار کان،
ڳاٽ منهنجو ٿي ويو جهڪيل،
اُن احسانن جي پٿرن سان،
آ، قيد خانو منهنجو بنيل.
قيدي زندگي به ڪهڙي زندگي آ،
ڄڻ زندگيءَ ۾ دولاب رچيل.
ها! آهيان مان قيدياڻي.
ڪوڙين رَسمن جو آ منهنجو قيد ٺهيل!
آغا زائر
غزل
زندگي ڳولهيان پيو ٿو،
مان خوشي ڳولهيان پيو ٿو.
رازُ اندر جو ڏئي سا،
آرسي ڳولهيان پيو ٿو.
مان گناهن ۾ ته ميرو،
ڪا ندي ڳولهيان پيو ٿو.
جو وَسائي دل اَچي سو،
محبتي ڳولهيان پيو ٿو.
لاٽ محبت جي جلائي،
آدمي ڳولهيان پيو ٿو.
چوطرف اونداهه "زائر”
روشني ڳولهيان پيو ٿو.
|