ترجمو: سيما ممتاز عباسي
مظهرالاسلام جون سفر ڪهاڻيون
(1) دعا:
صبح جو عدالت جون ڏاڪڻيون چڙهندي، ان شام جو ئي قيدين
سان ڳالهائيندي ۽ رات جو انهن مٿان مڙهيل ڏوهن جي
چادر مان جهندي دعا گهري ته"اي منهنجا خدا! منهنجي
شهر جي ٻارڙن جي خوابن کي ٿاڻن ۽ ڪورٽن جي ڏيکاءَ
کان بچاءِ...."
***
(2) نانگ:
اهي ٻيئي اڪثر شام جو گڏجي پسار ڪندا هئا. مرد جي هٿ ۾
نيٽ جو لڪڻ هوندو آهي.
"هي ڪير آهن؟"
"زال - مڙس."
"مڙس جي هٿ ۾ لڪڻ ڇو آهي؟"
"نانگ وغيره کي مارڻ لاءِ."
"پوءِ- نانگ ماري ڇو ڪونه ٿو....؟"
- مان چپ ٿي ويس.
***
(3) پوسٽ مارٽم
25 سالن جي اذيت ڀري نوڪري ڪرڻ کان پوءِ اڄ هن
رٽائرمينٽ جي درخواست ڏني. ڇو ته هاڻ هن ۾ وڌيڪ
ٻين کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ ڪا سگهه ڪانه رهي هئي-
هو خود ان سوچ ۾ ڏينهن- رات جهرڻ لڳو هو ته:
"سندس پوسٽ مارٽم ڪير ڪندو!"
***
(4) انام:
هن جي تصويرن جو نماءُ اڃان هلي رهيو هو. ان شام جو هڪ
کير جهڙي اڇي ڇوڪري سندس فن جي بيحد تعريف ڪندي
رهي. هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پوءِ هوريان چيائينس:
"ٻڌ! توکي ڏسڻ کان پوءِ لڳي ٿو ته منهنجون سموريون
تصويرون آئوٽ آف فوڪس ٿي ويون آهن."
***
(5) تعويذ:
هو اڪثر گهر کان ڀڄي ويندو هو.
ڪيترا ڏينهن غائب رهندو هو - وري ٻيهر کيس هٿ ڪيو ويندو
هو. سندس ماءُ هڪ ڪاني ڪرامتيءَ واري بزرگ کان
تعويذ پڙهائي ٻڌو ته، جيئن هو گهر کان وري نه ڀڄي!
- ان صبح جو هو تعويذ لاهي گهر کان ڀڄي ويو.
***
(6) مٽي:
هن کي مٽيءَ کان نفرت آهي.
هر وقت پنهنجو ڪمرو صاف سٿرو ۽ مٽيءَ کان پاڪ رکندي
آهي. بوڪ شيلف تان پيل مٽيءَ کي ته هر هر صاف ڪندي
آهي. در، درين، ڪرسين ۽ ڪٻٽن تي مٽيءَ جو تهه به
چڙهڻ نه ڏيندي آهي..... پر.... ان کي ڪير ٻڌائي ته
سندس ڪيل قول قرارن تي مٽي ڄمي وئي آهي...!؟؟
***
(7) پاڙيواري:
سندس پاڙيواري نهايت سٻاجهڙي ۽ وڻندڙ آهي. هو جڏهن به
ان کي فون ڪندي آهي ته، هوءَ جلدي کيس سڏي وٺندي
آهي - پر هفتي کن کان ته هت لقاءُ ئي اور لڳو پيو
آهي! هاڻي ته هوءَ ان کي اها به تڪليف نٿي ڏي. هاڻ
جڏهن به فون ڪندو اٿس: پاڙيواري پاڻ ئي ان سان
اندر جو حال اوريندي آهي.
***
(8) چور:
آڌيءَ ويل هوءَ ڀؤ کان اٿي ويٺي، چؤڦير ڏٺائين. ٽيوب
لائيٽ ٻاريو. ڀر ۾ ستل مڙس کي پٽي اٿاريائين ۽
پوءِ کيس چيو:
اٿ... ٻڌين ڪونه ٿو اٿي کڙو ٿيءُ... گهر ۾ اٿئي....
چور...."
سندس مڙس اٿيو ۽ سڄي گهر جي جهڙتي ورتائين پر ڪوبه نظر
نه آيس. هو واپس اچي هنڌ تي ستو ۽ ٿڪل آواز ۾
چيائينس:
"سمهي پئو، گهر ۾ ڪو چور ڪونهي. تنهنجو وهم آهي، آرام
سان سمهي پئو.
هوءَ پنهنجي مڙس کي اهو ڪيئن ٻڌائي ته چور گهر ۾ نه پر
سندس دل ۾ آهي!
***
(9) (پل /اپل:
هوءَ ان سان محبت ڪندي آهي.
سندس اڪيلائي، ڏک سک ۽ محبت جي سختين کي برداشت ڪرڻ ۾
ڀاڱي ڀائيوار آهي.
جڏهن ٻنپهرن جا ٻه ٿيندا آهن، تڏهن هوءَ احتياط سان
ڏينهن جي خالي ڪاغذ کي ٻه حصا ڪندي آهي. هڪ حصي کي
پنهنجي مٺ ۾ ڀڪوڙيندي چوندي آهي ته:
***
"اڄ مون توسان گهڻو وقت گذاريو آهي."
پوءِ ٻيو حصو ان کي ڏيندي چوندي اٿس:
شايد توکي خبر نه آهي ته شام جو مان ڪيڏي مصروف رهندي
آهيان."
***
(10) وڇوڙو:
هوءَ پريشان هئي.
مون سگريٽ جو سوٽو هڻندي، ان جي ويڪرين اکين ۾ ڏٺو ۽
پوءِ کلي چيم:
”ٻڌ! تنهنجي دل ۾ ڪا ڳالهه آهي؟“
"هائو" هن ٿڌو ساهه ڀري چيو:"منهنجي دل ۾ به ڪيتريون
ڳالهيون هيون، نيون ۽ جرڪندڙ ڳالهيون جيئن ساٽن جي
اڻ سبيل قميص. جيئن چانديءَ جون نيون واليون جيئن
چيڪي مٽيءَ جي سڳنڌ ۽ ڪوري ڪاغذ جهڙيون پوتر
ڳالهيون..."
پر...
چند سالن کان اهي ڳالهيون هينئر بلڪل ائين ٿي ويون آهن،
جيئن: "ڦاٽل رئو، پراڻو نوٽ، ڦاٽل ڪتاب يا يا راند
ڪندي وسري ويل ڪا گڏي.... جنهن سان رانديون ڪندي
جوان ڇوڪريون کيس ڪانس تي رکي پاڻ ئي انهن کان ڏور
هليون ويون هجن.....
مظهرالاسلام جي ڪتاب"خط مين پوسٽ کي هوئي دوپهر" تان
ترجمو ڪيل.
***
سنڌيڪار: فردوس شاهي
لڙائي ۽ بک
هڪ ڀيري لڙائيءَ کي ڏاڍي بک لڳي.
- هوءَ ماني جي ڳولها ۾ آسپاس نڪري وئي.
- انهيءَ دؤران هن جي نظر هڪ نٻل عورت تي وڃي پيئي. اها عورت
نهايت ٿڪل ۽ پريشان نظر اچي رهي هئي. سست ۽ بدحال.
سندس لٽا ڪپڙا ميرا پراڻا ٿي ويا هئا. اڻڀا وار،
سڪل منهن هيڊو ٿي ويو هوس.
"هيڏانهن ته آءُ." لڙائيءَ هڪدم چيس: "مائي! تون ڪير آهين؟"
"ڪير مان."
"ها- تون."
"تون ئي کڻي هيڏانهن اچ، مان هلڻ کان هلاڪ آهيان."
"ڇو؟"
"بس!" عورت هيڻي آواز ۾ چيس.
لڙائي ڦڪي مرڪ مرڪي، هن عورت وٽ هلي آئي ۽ وري به پڇيو:
"تون ڪير آهين؟"
"مان بک آهيان!"
"هان! تون بک آهين....؟
"هائو."
"پر....پر....بک ته مون کي لڳي آهي."
لڙائيءَ چيو: مون کي قرب ڪري ڪجهه ته کائڻ لاءِ ڏي."
"ڇو؟"
"بک جو لڳي آ."
هيترا ماڻهو ماري کاڌئي، تڏهن به تنهنجي بک ڪا نه لٿي آهي." ان
عورت سانتيڪي ٿي چيو: "تنهنجي بک ڪڏهن به نه
لهندي: مار! ايڏي بک."
"ها. اصل ۾ بک ۾ ساهه ٿو وڃي."
"پوءِ- وڃي وڌيڪ ماڻهو ماري کاءُ."
"مون کي ماڻهو نه گهرجن، ماڻهن کي ڪير ٿو کائي؟ مون کي نانُ
گهرجي. مون کي ماني گهرجي ماني!" لڙائيءَ وراڻيو:
"ماني ڏي."
-بک کيس ڏٺو.
ڪيترو وقت هوءَ لڙائيءَ کي ٽڪ ٻڌي ڏسندي رهي ۽ پوءِ پنهنجي منهن
تي سک آڻيندي چيو:
"پوءِ هل."
"ڪيڏانهن؟"
"مانيءَ جي ڳولها ۾."
"پر....ڪيڏانهن؟"
"تو وانگر مان به ڪيترن ڏينهن کان مانيءَ جي ڳولا ۾ آهيان. ڪٿي
نه ڪٿي ضرور ملي ويندي."
- پوءِ لڙائي، بک جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳي.
"هندي ادب مان"
"جديد هندي ادب،" ترتيب مشتاق چوهان، گوتم، لاهور.
قلب سومرو
اصل ڌاڙو
سج لهڻ وارو هو جو اسان به وڃي پهتاسين. سکر ٽو لاڙڪاڻو مين روڊ
مان نڪرندڙ، هڪ سنهي لنڪ روڊ سان واڳيل، اُن
ٽيهارو کن گهرن واري ننڍڙي ڳوٺڙي سلطان هڪڙو ۾،
اسان کان اڳ به ڪجهه مهمان پهچي چڪا هئا. شاديءَ
جو ڪنواريتو سـَـڏَ هو، ان ڪري ڳوٺ جي ٻاهران بلڪل
ڳوٺ جي مـُـهڙ ۾، اسان جي مائٽن وِت وَس آهر،
پنهنجي گهرن اڳيان مڙئي سادو سودو انتظام ڪيو هو.
ڪـُـٻـِـيـُـنِ ٿـُـوڻين واري ڇڳل ڇن ۾، چند کٽون
رِلين وهاڻن سميت پيون هيون ۽ ڇن اڳيان ميدان تي
حجم قلندر بخش پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي، ديڳين ۾
پلاءُ پچائي رهيو هو. ڇن پـُـٺيان گهر هئا، اڳيان
۽ پاسن کان ٻنيون هيون، جن ۾ لوسڻ جو گاهه، ڪڻڪ جي
پوک ۽ اوچو گهاٽو ڪمند جو فصل هو.
هينئر اوندهه چوڌاري پکڙجي چڪي هئي ۽ گهرن ۾ لڳل ڇڊيرڙا بلب ٻري
چڪا هئا. گهر مان عورتن جي سهرن جهـَـڪي آواز سان
گڏ، تڏين ۽ ٻين جيتن جا آواز، ڏيڏرن جي ٽران ٽران
۽ مڇرن جي ڀون ڀون به ٻڌڻ ۾ اچي رهي هئي. مان
پنهنجي سؤٽ سميت مڇرن جي چـَـڪ کان بچڻ خاطر هيٺ
لڙڪايل پير مٿي ڪري، کٽ تي پلٿي ماري ويٺس ته
ڪنوار جي پيءُ مامي فضل گهر کان وائر ڇڪرائي ڇن ۾
بلب ٻاريو ۽ پوءِ اچي اسان سان ويٺو.
"ڏيو خبر ابا ڳوٺ ڏي ته خير هو؟" مامي فضل پڇيو.
وراڻيومانس، "ها ماما، دعائون هـِن اوهان جون.”
وري پڇيائين.
"ڀلا ادي وارا ڪو نه آيا؟"
سؤٽ وراڻيس. "ماما، کين ڪو ضروري ڪم ٿي پيو، ان ڪري اسان کي امڙ
جن سان موڪلي ڏنائون."
چڱو ابا چڱو، لک لائق اوهان جا."
اهو چئي مامو فضل حجم قلندر بخش طرف هليو ويو. جنهن وڌيڪ گيههُ
۽ مرچن جي گهـُـر ٿي ڪيس. ٻهراڙين ۾ ماڻهو جيترا
شوقين ٻوٽين(گوشت) کائڻ جا آهن، اوترو ئي پـُـلاءَ
۾ گيهه ۽ مرچ زياده پسند ڪن.
گهڻي انتظار بعد، جڏهن هر زبان تي اهو ئي ٻول هو ته "ير ڄڃ ڏاڍي
دير ڪئي." نيٺ پري کان اُن بس جو رانگٽ ٻڌڻ ۾ آيو،
جنهن ۾ گهوٽ ڄڃ وٺيون ٿي آيو ۽ انهيءَ وقت ئي
اوچتو ان طرفان بندوقن، رائفلن ۽ ڪلاشنڪوفن جا
ڪڙڪاٽ ٻڌڻ ۾ آيا، ته هر ڪوئي عجب ۾ پئجي چوڻ لڳو
ته "گهوٽيتا ته دهل شرنائين جي ئي خلاف ته وري
ٺڪاوَ ڪيئن ڪندا." خير، بس جڏهن ڇن ڀرسان اچي بيٺي
۽ ڄڃ لٿي، تڏهن پتو پيو ته اهي ٺڪاءُ هنن ڪو نه
ڪيا هئا، بلڪه هنن جي ته خوشقسمتي هئي جو بچي نڪري
آيا، ۽ ٿوروئي پويان مين روڊ ڏانهن ڪار ۾ ويندڙ
ڊاڪٽر ٽيڪمداس کي ڌاڙيل اغوا ڪري، خوشيءَ مان برسٽ
هلائيندا، کنڀيون هليا ويا.
جهٽ کانپوءِ جڏهن ڄاڃين رات جي ماني پئي کاڌي ته سامهون لنڪ روڊ
تي، پوليس جون گاڏيون، موبائيلون، سائرن
وڄائينديون ٻنهي طرفن تيزيءَ سان ايندي ويندي نظر
آيون. اهو لنڪ روڊ هن ڳوٺ کان گذرندو ٻين ڳوٺن
ڏانهن وڃي ٿو.
ڏاڍو سٺو ڊاڪٽر آهي. يار، شل ظالمن کان بچي اچي." اسان سان ماني
کائيندڙ هڪ مائٽ چيو. وري ڀر واري کٽ تي ويٺل هڪ
ٻئي مائٽ چيس. "اڙي يار. ڊاڪٽر وڏي پئسي وارو
ماڻهو آهي، جلدئي پاڻ ڇڏائي موٽي ايندو." ان سان
گڏ ويٺل ٽئين چيو، "اهو ته ٺيڪ پر هيءَ پوليس ڇو
هيڏي هوڏي پئي گاڏيون ڊوڙائي، ڌاڙيلن جي ڪـَـڍَ ڇو
نه ٿي وڃي."
مامي فضل پلاءُ سان ڀريل ڦاٽڙو وَٽن رکندي چيو، "اڙي ابا، اسان
جا محافظ اهڙا هجن ها ته هي ڌاڙا لڳن ئي ڇو ها؟
ڏوهه ٿين ئي ڇو ها؟ هي ته ٻـُـهي ۾ وجهندا وڃي
ڪنهن به بيگناهه غريب کي."
"ها چاچا چوين سچ ٿو. گهوٽ جي آنر ڀـُـڳل ٻوٽيون کڻندي خار مان
چيو. وري اچي اسان سان ويٺو ۽ ٻٽي تڪڙا گرهه کڻي
وري اُٿيو ۽ نئين اجري چٽڪمري رليءَ واري کٽ تي
گهوٽ سان وڃي ويٺو، جيڪو گرم بـُـسريءَ جا سڻڀا
گرهه هڻي رهيو هو. گهوٽ ڪجهه کهري طبيعت جو مالڪ
هو، سو بسري کائڻ ويل عورتن ۽ خاص ڪري سالين طرفان
ڀوڳ چرچن ۽ گرهه کسڻ واري رسم کان بچڻ خاطر،
بـُـسري گهر کائڻ بجاءِ ٻاهر گهرائي. مامي فضل
وارن به ڪو اعتراض نه ڪندي، بـُـسري ٻاهر آڻي ڏنس.
هئي ته سياري جي پڇاڙي پر ٻهراڙيءَ جي ڪري سيءُ مڙئي سرسُ محسوس
ٿي رهيو هو. ڪجهه وقت بعد نڪاح پڙهيو ويو ۽ ٻيون
ريتون رسمون پڻ ادا ٿيون. پوءِ هليا حال احوال ۽
ڪچهريون، خاص ڪري حجم قلندر بخش ۽ ڪنوار جي مامي
خانڻ وچ ۾ چرچن ڀوڳن جي ڏي وٺ ڏاڍي وڻندڙ هئي.
اسان کٽن تي سوڙيون ويڙهي، کين ٻڌي رهيا هئاسين.
هنن جا هڪ ٻئي تي ڀوڳ چرچا هر ڪنهن کي کلائي رهيا
هئا. حجم قلندر بخش جي ڳالهائڻ جو انداز ئي
کلائيندڙ هو ۽ خانڻ جو وري هر هر قلندر بخش کي
شدمد سان قلـُـو قلـُـلو ڪوٺڻ به پنهنجو مٽ پاڻ
هو. پيٽ وڌيل حجم قلندر بخش کي ڀوڳ هڻندي خانڻ
چيو، "پيٽ ائين اٿئي ڄڻ گـُـلو مڱڻهار جو دُهل."
ته جواب ڏيندي قلندر بخش سنهي هاٺي واري خانڻ کي
چيو، "بـَـلي هي ڏسو اڳٺ وجهڻي به ڀوڳ ٿي ڪري." ۽
ائين خبر ئي نه پي ته لائن جو وقت به ٿي ويو.
لائون ڏيڻ به سنڌ جي شادين جي هڪ رسم آهي. گهوٽ ڪنوار کي هڪ ٻئي
جي سامهون گوڏا گوڏن ۾ ملرائي ويهارڻ ۽ سندن
مائرن، پيئرن، ڀينرن، ڀائرن، ماسين پـُـڦين، چاچن،
مامن جو پيار ۽ پاٻوهه سان ٻنهي جي مٿي تي هٿ رکي،
سندن نراڙ ٽي ٽي ڀيرا آهستگيءَ سان ٽڪرائڻ، شايد
ٻنهي جي وچ مان دُوري، حجاب ۽ اوپرائپ جي ديوار
ڪيرائڻ، سڪ جي سڳي ۾ ڳنڍڻ ۽ هڪٻئي لاءِ پنهنجو
بنائڻ لاءِ هي رسم ڪئي ٿي وڃي.
لائن کانپوءِ هر ڪو اچي آهلي پيو، پر ننڊ ڪنهن کي به نه هئي، ڇو
جو رات گذري چڪي هئي ۽ حجم قلندر بخش ۽ خانڻ وارن
جا ڀوڳ چرچا وري شروع ٿي چڪا هئا. نيٺ مسجد مان
لائوڊ اسپيڪر تي فجر جي ٻانگ جو آواز ڪنن تي پيو.
قندر بخش اُٿي عجب مان چيو، "هي ڇا؟ اڄ وري هي
کـُـدو چريو آذان ڪيئن پيو ڏي؟" هن کي ته پنهنجو
نالو به ياد نه هوندو آ، خدا خير ڪري." اسان
سمجهيوسين مذاق ۾ ٿو چوي، پر جهٽ ۾ ئي قلندر بخش
جي ڳالهه درست نڪتي. هو ته واقعي، ڪو وڏو ويسارو
هو، ڇو جو آذان جي پڇاڙيءَ ۾ جتي "الصلوات خير من
النوم." (نماز ننڊ کان بهتر آهي) وارا لفظ ٻه ڀيرا
چوڻا هوندا آهن، اُهي کانئس وِسري ويا ۽ همراهه چپ
ٿي ويو. پوءِ اهو چئي ڏنائين ته "ڪيو قادري قلندر
هـُـهوئي." ۽ پوءِ وري "الله اڪبر الله اڪبر
لااِله الا الله." چئي آذان پوري ڪيائين. سڀئي
آهليل اُٿي ويهي رهياسين افسوس به ٿي رهيو هو.
قلندر بخش افسوس ڪندي ۽ کٽ تان لهندي چيو.
"ادا هن ويچاري جو ڏوهه ئي ناهي، ڏوهه ته هن کان آذان ڏيارڻ
وارن جو آ." اچو ته آذان ٻيهر درست نموني ڏياريون
۽ نماز به پڙهون." اهو چئي هو روانو ٿيو ۽ ساڻس گڏ
خانڻ ۽ چند ٻيا به اٿي نماز پڙهڻ لاءِ مسجد روانا
ٿيا ۽ اسان ڪجهه گهڙيون سوڙيون منهن تي ورائي آهلي
پياسين. پوءِ جڏهن هلڪو هلڪو سوجهرو ٿيڻ لڳو ته
مون واري سؤٽ اٿي چيو، "جيسين مسجد وارا موٽن ۽
گهوٽ به اندران نڪري ۽ پيرين پواڻي شروع ٿئي تيسين
جهنگ جي خيال سان ٿا هلون."
پيرين پواڻي به عجيب محبتن ڀري رسم آهي. گهوٽ جو وهنجي سهنجي
تيار ٿي، آنر کي ساڻ ڪري هر هڪ مائٽ وٽ وڃڻ، وڏن
سان جهـُـڪي پيرين پئي ملڻ ۽ پاڻ جيڏن سان ڀاڪر
پائڻ ۽ کانئن پيرين پواڻي جا پئسا وٺڻ.
اسان ڇـَـن مان نڪري ڪمند جي فصل ۽ ڳوٺ جو وچوارو رستو وٺي، چند
قدم ئي مس هلياسين ته اُتان ڳوٺ اندر ويندڙ گهٽيءَ
جي پهرين گهر مان عورتن جي دانهن، ٻارڙن جي رڙين
جا آواز ۽ رعبدار آوازن ۾ گاريون به ٻڌڻ ۾ آيون.
پريان رستي تي پوليس موبائيل به بيٺي هئي. اسان
حيران و پريشان ٿي بيهي رهياسين ۽ گهر ٻاهران بيٺل
ماڻهن کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته رات واري ڊاڪٽر جي
اغوا جي سلسلي ۾، پوليس هن گهر تي ريٽ ڪئي آهي.
ڌاڙيلن جي گهر ڌڻين سان ڪو به واسطو ناهي. باقي
سندن ڏوهه اهو آهي جو اهي مسڪين ۽ مزدور ماڻهو
ڌاڙيلن جي ڪنهن اڳواڻ جا ذات ڀائي آهن. ڪجهه ئي
دير ۾ پوليس جا ڪجهه سپاهي، مردن ۽ ڇوڪرن کي رسن ۽
هٿڪڙين سان ٻڌي ڪٽيندا ٻاهر وٺي آيا، ڪجهه سپاهي
وري عورتن کي بي حيائيءَ سان گهليندا، وارن کان
ڇڪيندا، ڌَڪَ هڻندا ٻاهر ڪڍي آيا. اُهي ويچاريون
بي وسيءَ مان دانهون ڪنديون، ريهون ڪندڙ ٻارڙن کي
کنيو وڃي رهيون هيون. چند سپاهي وري گهر جو چڱيرڙو
سامان، لـَـٽو ڪپڙو ميڙي سيڙي ڀريون ٻڌي، مٿي تي
کڻي ٻاهر نڪري آيا. آخر ۾ هڪ سپاهيءَ گهر ۾ ٻڌل
مال، مينهون ڳئون وغيره ڇوڙي، ٻاهر ڪڍي گهر کي
تالو هڻي ڇڏيو. اتي بيٺل ماڻهن جا وات، حيراني ۽
ڏک مان پٽجي ويا ۽ انهيءَ وقت ڏک ۽ بيوسيءَ جي
ڪيفيت ۾ منهنجي وات مان هي لفظ نڪتا ته "اصل ۾
ڌاڙو ته هاڻي لڳو آهي." سڀني ماڻهن مون ڏي ڏٺو.
سؤٽ جهٽ پٽ پنهنجو هٿ منهنجي وات تي رکيو، پٺيان
ويندڙ سپاهيءَ شايد ڪجهه ٻڌو، جو هلڪو ڪنڌ ورائي
پوئتي ڏٺائين ۽ پوءِ وري سنهي چهبڪ سان مال
هڪليندو هليو ويو.
***
امر اوڏ
زندگيءَ کان آزاد
جنوريءَ جي ٿڌي رات پنهنجو اهرو اثر ڏيکاريو هو جو مـَـنهـَـن ۾
ٻڌل جانور به ڀت جي پاڙ ۾ مڪنهن لڪايون ويٺا ها.
اهڙي ئي سمي وارانڊي ۾ کٽ تي گـُـلان ستي پئي هئي، ڀر ۾ سندس ور
اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو. درد منجهان هن جو سڄو جسم
دکي رهيو هو، شام جو مڙس مار ڏني هئس، مار ته ننڍي
هوندي کان ئي هن جي مقدر ۾ لکيل هئي، پر اڄ ڪجهه
وڌيڪ اذيت محسوس ڪري رهي هئي. هنن جي کٽ جي پريان
ورانڊي جي ڪنڊ ۾ سندس سس ۽ سهرو ستل هئا. پاسي
ٺهيل ڇن ۾ ٻڌل مال وٽ هن جو ڏير ستو پيو هو، جيڪو
مال جي ڪري اتي ئي سمهندو آهي.
منهن تان سوڙ هٽائي پاسو ورائي ننڊ ڪرڻ لاءِ اکيون پوري ٿي، پر
ننڊ هن کان رٺل هئي. مڙس ڏي نهاري ٿي جيڪو ڪنهن
سالن جي ٿڪل مسافر جيان الوٽ ننڊ ۾ پيو هو. بيچيني
وڌندي وڃيس ٿي. لڇ، درد، پيڙا- پاسا مٽائيندي رهي
ٿي.
“الائي ڪهڙن گناهن جي سزا ڀوڳي رهي آهيان." مار ته هونئن به
ملندي آ پر اڄ اهڙي ويڌن ڇو؟ "هيءَ رات به الائي
ڪڏهن کٽندي." اڃا ته پهريون پهر مس گذريو آ. سڄي
رات جهاڳڻي اٿم"
سوڙ کي هٽائي ٿي، سرديءَ جو احساس گهٽجي وڃيس ٿو. دل ته چاهيس
ٿي ته اتي اڱڻ ۾ چڪر ڏي پر ڏير جي ڀؤ کان نٿي اٿي.
"مون کي جيون جي پاند ۾ ڇا مليو آ، ڏک ڏوجهرا." هيءَ به زندگي
آ. ان کان مري وڃان ته سٺو."
رات ڪٽڻ لاءِ پنهنجي ٽٽل ڦٽل ماضيءَ کي ياد ڪري ٿي.
ياد ڪري ٿي اهي ڏينهن جڏهن ننڍڙي هئي. پيءُ کي ته ڏٺوئي ڪو نه
هئائين. سندس امڙ چوندي هئس ته رات جو پاڻيءَ واري
تي پڻهين کي ٻنيءَ تي نانگ کاڌو هو، ان ڪري هو مري
ويو. امڙ ئي ته هيس، جيڪا هر گهڙي پئي ساهه ڏيندي
هيس. ٿوري وڏي ٿي ته ماڻس به هن دنيا مان منهن
موڙي وئي.
"امان مون کي هن دنيا ۾ سورن سهڻ لاءِ هيکلو ڇڏي وئي." ڪيتريون
رڙيون ڪري چيو هومانس ته امان مون کي به پاڻ سان
گڏ وٺي هل، مان ڪنهن لاءِ جيئندس." مون کي ڪنهن جي
آسري ٿي ڇڏيون وڃين، پر هوءَ به ڏاڍي ڏور ۾ ڇا پئي
ڪري سگهي؟
اکين مان ڪوسا ڳوڙها ڪري وهاڻي ۾ جذب ٿي وڃنس ٿا.
ماڻس جي مرڻ کانپوءِ سندس مامو پنهنجي گهر وٺي آيو هوس. سندس
ماميءَ ننڍي هوندي ئي گهر جو ڪم ڪار ڪرائڻ شروع
ڪري ڇڏيو هو. پاڻي ڀرڻ، ماني پچائڻ، ٻهاري ڏيڻ،
سڄو ڏينهن ڪم ۾ رڌل هوندي هئي. پر پوءِ به ماميءَ
جا دڙڪا کائڻا پوندا هئس. سندس ماميءَ جون ڌيئرون
کيڏنديون هيون پر هن لاءِ کيڏڻ جو وقت ڪٿي!
ائين سور سهندي سهندي جوان ٿي هئي، هينئر ته رنگ روپ نکري پيو
هئس. گول منهن، ڪڻڪائو رنگ، قد ڪاٺ سهڻو جو سادن
ڪپڙن ۾ به پئي ٺهندي هئي.
ڳوٺ جي نوجوانن جي دلين ۾ راڄ ڪرڻ لڳي هئي، گهڻائي ڳوٺ جا جوان
پاڻ وڻائڻ لاءِ هن جي اڳيان پٺيان پيا ڦرندا هئا.
هيءَ هر ڳالهه کان بي نياز گاهه کڻي ٻنيءَ تان
موٽندي هئي. هڪ ڀيري گاهه تان موٽندي سارنگ تي نظر
پئي هيس. سادو سودو سارنگ ڏاڍو وڻيو هوس، دل ئي دل
۾ سارنگ تي موهجي پئي هئي، نگاهون نگاهن سان مليون
هيون. سارنگ به هن کي چاهڻ لڳو هو.
هڪ ڀيرو ٻيهر هن جي جيون ۾ بهار موٽي آئي هئي. جڏهن کان سارنگ
کي پنهنجو سمجهيو هئائين، تڏهن کان پنهنجا ڏک،
ڏولاوا وساري ويٺي هئي.
ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ هن جي مامي هن جو سڱ ڀر واري ڳوٺ ۾ هڪ
موالي کي پندرنهن هزارن جي عيوض ۾ ڏنو هو. موقعو
ڏسي اها ڳالهه سارنگ سان ڪئي هئائين.
“سارنگ مامو منهنجي شادي ڀر واري ڳوٺ ۾ هڪ موالي سان طئي ڪري
آيو آهي. منهنجي زندگيءَ سان ڇو پيو کيڏيو وڃي.
مون کي ڄاڻي واڻي هن کان به وڌيڪ عذاب ۾ اڇلايو
پيو وڃي. خدا جي واسطي تون ڪجهه ڪر سارنگ، نه ته
مان جيئري ئي مري ويندس."
سارنگ پٿر دل بڻجي هن جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو ۽ هن لاءِ ڪجهه به
نه ڪري سگهيو هو.
چپ چاپ پنهنجي قسمت تي ڀاڙي ويهي رهي هئي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ
شادي ٿي هئي، شاديءَ واري رات هن گهڻيون ئي رڙيون
ڪيون هيون، پر هن جي رڙين جو اثر ڪنهن تي به نه
پيو هو. پرڻجي نئين گهر ۾ آئي ۽ چپ چاپ زندگي
گذارڻ لڳي هئي.
رات گذرڻ سان گڏ سيءُ به وڌندو ٿي ويو. اڃ جو احساس ٿئيس ٿو، کٽ
تان اٿي مٽ مان پاڻي پي وري سمهي پئي ٿي. ڀر ۾ ستل
مڙس ڏي نفرت منجهان نهاري ٿي.
موالي مڙس سڄو ڏينهن ته نشي جي ڪڍ هوندو آ، خبر ناهي ته رات جو
ڪهڙي مهل ايندو آ.
جڏهن وري ماڻس ڀريندي اٿس ته پوءِ شروع ٿي ويندو آ ڪٽڻ. اهو به
نه سوچيندو آ ته هيءَ به انسان آ، متان ڪو اولو
سولو ڌڪ لڳي وڃيس.
سڄو ڏينهن ته ڪم ڪار هوندو آ، ماني پچائڻ، ٿانو ڌوئڻ، ٻهاري
ڏيڻ، مال کي پاڻي پيارڻ، گهر جو ڪم ختم ڪري وري
ٻنيءَ تي لاباري لاءِ وڃڻو پوندو آ، لاباري تان
موٽي وري ساڳيو گهر جو ڪم. گهڙي پل به سک ڪو نه
ملندو اٿم، ۽ پوءِ به روز ڍورن وانگر ڪـُـٽجان."
ڪو به ته ڪونهي منهنجو ننڌڻڪي سمجهي، هر ڪو پيو ڇڙٻون ڏيندو آ.
هو ڏير ته پاڻ کي الائي ڇا سمجهندو آ. ويٺو حڪم
هلائيندو ڄڻ ڪا نوڪرياڻي آهيانس. هميشه ڪرڙيون
اکيون ڪري ڏسندو آ."
رات ڪافي گذري چڪي هئي. اکين ۾ پاڻي ڀرجي اچيس ٿو. اندر ۾
مونجهه محسوس ڪري ٿي.
مان ڇا لاءِ جيئان، ڪنهن لاءِ جيئان، هي روز روز جي مرڻ کان ته
هڪ ڀيرو مرڻ ڀلو."
اڄ هوءَ پاڻ کي هميشه لاءِ زندگي کان آزاد ڪرڻ چاهي ٿي.
دل ۾ درد جا طوفان اٿنس ٿا. سوڙ کي هٽائي کٽ تي ويهي، سس ۽ سهري
ڏي ڏسي ٿي، جيڪي گهري ننڊ ۾ ستا پيا هئا .ڏير جي
کٽ ڏي نهاري ٿي. هو به پرتي ڪنڌ ڪيو ستو پيو هو.
مڙس ڏي نهاري ٿي هو به مزي جي ننڊ ۾ ستو پيو هو.
آهستي آهستي کٽ تان اٿي، چادر اوڍي، اڱڻ ۾ اچي ٿي، ڪنڌ ورائي،
هڪ ڀيرو وري سڀني ڏي نهاري ٿي، کڙهه تان ڍنگهر
هٽائي، گهر کان ٻاهر نڪري اچي ٿي. گهٽيءَ ۾ آخر ي
گهر هنن جو هو. اونداهي رات... هر طرف خاموشي...
دل تيز تيز دڙڪڻ جا آواز.... رات جي اونداهيءَ ۾
ڪڏهن ڪڏهن ڪتن جي ڀؤنڪڻ جا آواز اچي رهيا هئا.
ڳوٺ کان ٻاهر نڪري درياءَ ڏانهن ويندڙ پڪي رستي کي ڇڏي ٻنين مان
وڃڻ لڳي ٿي ۽ ٻنين مان هلندي رهي ٿي. هاڻي ته سيءَ
جو احساس به نه رهيو هئس. تيز تيز ساهه ۽ تڪڙا
تڪڙا قدم کڻندي، درياءَ جي طرف وڌندي رهي ٿي.
"بيهي رهه...ڪني رن.... ڪٿي ٿي پنهنجي يار سان ملڻ وڃين."
رات جي اونداهيءَ ۾ سندس پٺيان ڏير جو آواز ۽ ان سان گڏ، هڪ
گولي هن جي ڇاتيءَ مان آرپار ٿي وڃي ٿي ۽ هڪ
رڙ...هاڻي هوءَ هر ڏک کان آزاد ٿي هيٺ ڪري پئي ٿي!
***
سيده عبيده/ممتاز عباسي
مقناطيس
سيده عبيده جي افسانن جي ڪتاب "اب انتظار ختم هوا" جي ڪهاڻي
نمبر17 صفحو نمبر130
سيده عبيده بنيادي طور تي ريڊيو تي ملازمت ڪندڙ ذهين عورت آهي.
هن جديد پنجابي ادب تخليق ڪرڻ ۾ هڪ جدا انداز ۾
هلي آهي. سندس افسانن ۾ انساني جذبن ۽ رشتن کي ٻي
اک سان ڏٺو آهي ۽ سچائيءَ سان انهن کي لفظن جي شڪل
۾ جيئرو ڪيو آهي. موضوع ۽ ڪردار اسان جي عام
زندگيءَ مان ئي کنيل آهن.
هوءَ 7 سالن جي آهي. سڄي باغ جي راڻي آهي. گلابي رنگ جي اها پڻ
خوبصورت گلن جي بهار جيان آهي. سڄي وجود مان سڳند
وري وري پولار ۾ هڳاءُ پکيڙي رهيو آهي ۽ اڇي فراڪ
۾ ته اپسرا ٿي لڳي! ڪيترا گل جهول ۾ ڀريا اٿائين ۽
هر غم کان آجي، رڳو سڄي ڪائنات جي نظر ۾ آهي.
هوءَ 17 سالن جي ٿي وئي آهي.
رنگ وڌيڪ نکري پيو اٿس. جوانيءَ تي جوڀن چڙهي ويو اٿس. جسم جي
انگ انگ ۾ مستيءَ ۽ حسن جي طاقت سمايل اٿس. چال ۾
چالاڪي. اکين ۾ غرور. هن کي احساس آهي ته هر هڪ
نظر هن ۾ کپيل آهي. رنگ برنگي ڪپڙن ۾ سونهن ۽
سوڀيا جو طوفان آيل. چؤڦير هن لاءِ ڪيترا آواز اچن
وڃن ٿا. سڀ ٻڌي ٿي ۽ موٽ ۾ رڳو زندگي سان ڀريل ٽهڪ
ڏيندي رهي ٿي.
هاڻي سندس ز ندگي 70 سالن جي آهي:
حسن ساڳيو. غرور ساڳيو. محفل به ساڳي. رنگ به ساڳيا ته روپ به
ساڳيا. رڳو چهرا بدلجندا رهيا. احساس محروميءَ جو
تهه چڙهي ويل. هن ڪيترا ڀيرا پاڻ کي بانور ڪرايو
ته هوءَ اڃا به ساڳي آهي پر سندس دل نه مڃيو هو.
انهن ڏينهن ۾ ئي کيس مليو هو. تڏهن پنهنجائپ مان پڇيو هو: "نوان
ٿا ڏسجو."
"هائو."
"ڇا ڪندا آهيو؟"
"بئنڪ ۾ نوڪري اٿم."
"ڪيترو عرصو ٿيو اٿو نوڪري ڪندي؟"
"تمام گهڻو."
"جاب کي ڪيئن محسوس ڪندا آهيو؟"
"بلڪل بور- ها اڳ جاب به پرڪشش لڳندي هئي."
"ائين ٿيندو آ." هوءَ کلڻ لڳي ۽ کلندي رهي.
"ڇو ڀلا؟"
"شروع ۾ هر ڪم سٺو لڳندو آ....“ پوءِ الائي ڇو ان مان بوريت
محسوس ٿيندي آهي."
"بلڪل. تون ۽ اسان جي عام زندگين ۾ به ائين ئي ٿيندو آهي."
"مثال."
"شروع ۾ زال به ڏاڍي وڻندي آهي ۽ پوءِ هوريان هوريان ان مان
چاهه نڪرندو ويندو آهي ۽ زندگي گذارڻي پوندي آهي."
"هونئن تون اهو سڀ ڪيئن ٿي چوين؟"
"مان به ڪنهن جي زال آهيان."
“ته پوءِ هن توکي صاف نه ٻڌايو هو ڇا؟"
"نه. مان محسوس ڪيو هو ته مان ان لاءِ محض اضافي تاريخ آهيان
جيڪا روز گذري ٿي. پوءِ مون هن کان ڌار ٿي هڪ ٻي
تاريخ لاءِ هڪ نئون ڪئلنڊر ٺاهيو."
“ايڏو وڏو فيصلو؟"
"فيصلو وڏو نه هو. اصل ۾ ڊسٽربنس ته زندگيءَ جو ڀاڱو آهي. جڏهن
ڊسٽربنس ۾ گذارڻو آهي ته پنهنجي چوائس ڇو نه هجي."
"ها."
چپ ٿي ويا. ساعتن تائين چپ. تڏهن هن ٻيهر ڳالهايو.
"تون به مون کي ڊسٽرب ٿو لڳين!"
"ها. مان به کيس ڇڏي ڏنو هو يا هوءَ به مون کي ڇڏي وئي هئي! يا
اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي ڇڏي ڏنو هو."
"ايڏو تڪڙو عمل. اوهان کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو."
"بس! اهو مون لاءِ پنهنجو رستو هو بلڪل الڳ رستو. جنهن ۾ هر
تڪليف لاءِ پاڻ کي تيار رکڻ هيم ۽ اهو عمل به عام
هو ۽ بلڪل تو جهڙو."
"ڳالهه چوان”؟"
"چئه."
"...توهين مرد ماڻهو سپر ميسي جو شڪار آهيو. زال کي ٽن وقتن جي
ماني ڏئي ان جا داتا بڻجو ٿا. جاءِ ڏيو نٿا پر
بنگلو ضرور ڏيندا. پاڻ در در ڀٽڪي زندگيءَ جا مزا
ٿا ماڻيو. گهر ۾ ڪنهن لاءِ مزو آهي ئي ڪو نه! پاڻ
کي پهلوان ٿا سمجهو پر ڪمزور عورت کي اصل حق ڏيڻ
کان لنوايو ٿا،...ها "
- مون کيس جواب نه ڏنو ۽ ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا. اجايو ۽ فضول. هن به
جواب ۾ ٽهڪ ڏنا. مون سندس اڇڙو هٿ پنهنجي هٿ ۾
مضبوط جهلي زور ڏنو. هوءَ بود ۾ اچي وئي.
"تون سان ملندي ئي اندر ۾ خوشي محسوس ڪيم ۽ تنهنجن ڳالهين جي
سچائي ڏٺم. تون گريس فل آهين."
"ها." هوءَ مرڪي پئي. مرڪندي ئي هڪ ساهيءَ ۾ جواب ڏنو."
"عورت 7 سالن جي هجي. 17 جي هجي يا 70 سالن جي اها مقناطيس ئي
آهي."
نجمه پنهور
تشدد
ٻارن کي نفسياتي مريض بنائي سگهي ٿو
گلڙن جهڙن ٻارن جو خيال رکڻ انهن جي سٺي نموني سار سنڀال لهڻ ۽
انهن جون جائز ضرورتون پوريون ڪرڻ مائٽن جو فرض ۽
ٻارن جو حق به آهي. انهن کي انهن جي حقن کان محروم
رکڻ اخلاقي ۽ قانوني ڏوهه آهي، تڏهن به روزانو
ڪيترائي بيگناهه ٻارڙا ظلم ۽ تشدد جو شڪار ٿين ٿا.
ٻارن کي سخت جسماني سزا ڏيڻ نه نصيحت آهي ۽ نه ئي ان جو اثر
انهن جي نازڪ جسم تي سٺو ٿو پوي. گهڻو ڪري ته اهڙن
مارن ۽ موچڙن کائڻ ڪري ٻارن کي مٿاڇرا ۽ ڳجها ڌڪ
به لڳي ويندا آهن. جنهن جو اثر ٻار جي جسماني واڌ
۽ ذهن تي به خراب ٿو پوي ۽ اڪثر ٻار ذهني طرح
ڪمزور ٿي پوندا آهن. پنهنجن معصوم جذبن جي ڀڄڻ ۽
ڀرڻ تي هو آئيندي واري زندگي ۾ نفسياتي ۽ ذهني
مونجهاري جو شڪار آهن. تشدد جا قسم مختلف آهن.
مثلن جسماني يا ذهني تشدد يا والدين ۽ پنهنجن
پاليندڙن جي طرفان سٺي غذا يا سٺي تربيت جو نه ملڻ
وغيره.
ٻارن ۾ تشدد هر طبقي ۾ هڪ جهڙي نوعيت جو ڏٺو ويو آهي. اڻ پڙهيل
۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جو تعداد به هن سلسلي ۾ هڪ
جهڙو آهي. فرق صرف اهو آهي ته هڪ جهالت ۽ غربت جي
ڪري ڏوهاري ليکجي ٿو ۽ ٻيو غير ذميواري ۽ وقت جي
اڻاٺ سبب ائين ڪري ٿو.
جن خاندانن ۾ پيار محبت ۽ ٻڌي نه هجي خاص ڪري مائٽن ۾ جهيڙو
وغيره رهندو هجي. اتي ٻارن تي وڌيڪ تشدد ڪيو ويندو
آهي. ان کانسواءِ اهڙا گهراڻا جن ۾ ذهني مريض هجن
يا نشي جا عادي هجن اتي به ٻارن تي گهڻو تشدد ڪيو
ويندو آهي.
ٻارن جو تعلق ماءُ سان گهڻو ويجهو ٿيندو آهي ۽ عام طور تي ڏٺو
ويو آهي ته شعوري طرح ۽ غير شعوري طرح سان مائرون
ٻارن کي مارڪٽ ڪن ٿيون، انهن جا ڪيترائي سبب آهن.
مثلن تعليم جو نه هئڻ، غربت، تمام گهڻيون گهر جون
ذميواريون، گهڻا ٻار، خانداني جهيڙا وغيره جنهن جي
ڪري مائرون پنهنجي ڪاوڙ پنهنجي ٻارن مان ڪڍنديون
آهن، جيڪو ڪنهن به طرح سهي ناهي."
اهو معلوم ڪرڻو ته ٻارن تي ظلم پيو ٿئي؟ تمام مشڪل آهي پر اهڙا
ڌڪ جن جو مائٽ سبب نه ٻڌائي سگهن تشدد جي ڄاڻ ڏين
ٿا. ان کانسواءِ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون نشانيون
آهن، جن مان خبر پئجي سگهي ٿي ته ٻار سان تشدد ٿيو
آهي.
مثلن جڏهن ٻار پڙهائي ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏئي (جڏهن ته پهرين هو
دلچسپي وٺندو هو) يا اسڪول کان غير حاضر رهڻ لڳي
يا اوچتو ڪا اهڙي حرڪت ڪري جيڪا سندس عمر جي حساب
سان مناسب نه هجي. (جيئن هنڌ تي پيشاب ڪرڻ، ضد
ڪرڻ، ننهن ڪٽڻ، آڱوٺو چوسڻ، يا هٻڪي ڳالهائڻ) اِهي
سموريون ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته ٻار تي ذهني
دٻاءُ آهي يا زيادتي ٿي آهي.
ٻارن کي مارڻ، تشدد ڪرڻ هڪ تمام ڳنڀير مسئلو آهي جنهن جو حل
تمام ضروري آهي. ضرورت صرف ڄاڻ جي اهي. مثلن ٻارن
کي نشو استعمال ڪرڻ وارن نوڪرن، استاد يا هنر
سيکارڻ وارن وٽ نه ڇڏيو. ٻارن کي عام خطرن کان
محفوظ رکو. مثال طور باهه، پاڻي، ٽرئفڪ، بجلي
وغيره. ان کانسواءِ انهن جي غذا جو خاص خيال رکيو
وڃي. عام بيمارين کان محفوظ رکڻ لاءِ ٽڪا هڻايو.
ڇو ته مناسب خوراڪ نه ڏيڻ ۽ شروعاتي ٽڪا نه لڳائڻ
به هڪ طرح سان ٻارن تي ظلم آهي. ٻارن جي آراام ۽
تفريح جو خاص خيال رکو. جيڪي ٻار ڪم تي وڃن ٿا،
انهن کان اهڙا ڪم نه ورتا وڃن جنهن سان سندن
جسماني واڌ ويجهه تي اثر ٿئي، اهي سموريون ڳالهيون
اقوام متحده جي جاري ڪيل منشور ۾ شامل آهن.
پاڪستان ڪيترن ئي ملڪن سان ملي ڪري انهن کي رائج ڪرڻ جو فيصلو
ڪيو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪاغذي ڪاررواين
کان هٽي ڪري عملي زندگي ۾ حڪومت ۽ نجي شعبا ملي
مضبوط قدم کڻون. خاص طرح اهڙي صورتحال ۾ جڏهن
پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ ٻارن کان جبري پورهيو وٺڻ
جي سلسلي ۾ تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي.
***
ڊاڪٽر اُم ڪلثوم مترجم: گلبدن جاويد
ماءُ، پيءُ ۽
ٻارن جا گڏيل خوشگوار تعلقات
خوشگوار ماحول جي هڪ خاص ضرورت باهمي تعلقات جو خوشگوار هجڻ
آهي، ڪڏهن ته ماءُ جو مزاج ايترو سٺو آهي جو سؤ
دفعا صدقو پئي ٿئي ته ڪڏهن وري ڪنهن ننڍڙي ڳالهه
تي خفا ٿي مارڻ پٽڻ شروع ڪري ڏئي. ڪاوڙ ڀلي ڪنهن
ٻئي تي پر نڪرندي معصوم ٻار مان. اڪثر ڪٽنب جي
جهڳڙن، ڪم جي گهڻائي يا ٻاهرين ذميداري سبب ماءُ
جو پنهنجو مزاج ايترو نازڪ ٿي ويندو آهي، جو هوءَ
معصوم ٻار جي دلچسپ حرڪتن تي خوش ٿيڻ بجاءِ ٻار
سان نامناسب رويو رکڻ تي مجبور ٿئي ٿي.
اگر ڪڏهن ٻار جو ورتاءُ اڻ وڻندڙ به محسوس ٿئي ته ان ڳالهه جو
جائزو وٺڻ ضروري آهي ته ٻار ڪنهن ذهني دٻاءُ سبب
ردعمل جي طور تي ائين نٿو ڪري؟ مثال ٻار جي رويي ۾
اڪثر مسئلا مصروفيت جي وقت ۾ سامهون اچن ٿا. ماءُ
جي مصروفيتون ۽ عدم توجهه بذات خود ٻار کي هڪ
دٻاءُ جي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ٿي، وري اسڪول وڃڻ جي
عمر ۾ اسڪول وڃڻ ۽ موٽڻ جا وقت نهايت پريشانيءَ جا
آهن.
تنهن ڪري ٻار جي مزاج ۾ اڪثر مسئلا انهن وقتن تي نظر ايندا آهن.
صبح جو اسڪول وڃڻ جي تياريءَ ۾ هڪ هنگامو برپا ٿيندو آهي، نيرن
۾ هزارين نقص نڪري پوندا آهن. ڪا به شيءِ سٺي نه
لڳندي آهي. منجهند جو اسڪول مان واپسيءَ تي
يونيفارم جي تبديلي هڪ مسئلو بڻجي ويندو آهي. رات
جو سمهڻ کان پهرين به ڪجهه اهڙي ئي صورت ڏسڻ ۾
ايندي آهي. اهڙن موقعن تي ٻار جي ذهني دٻاءُ کي
گهٽ ڪرڻ جون تدبيرون سوچڻ جي ضرورت هوندي آهي.
ٻارن سان گڏ وڏا به پنهنجو مزاج چيڙاڪ ڪري ڇڏين ته
بي شمار نفسياتي مونجهارا پيدا ٿي سگهن ٿا.
الف- رهنمائي (هدايت)
ٻار جي تعليم ۽ ترتيب ۾ اصول ۽ ضابطا سيکارڻ، معاشري جي اُميدن
تي پورو لهڻ جي لائق بنائڻ ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها
آهي ته ٻار کي هر گهڙي پورو توجهه ملي ته هر
معاملي ۾ جلدي هدايت ڪري سگهي، نيون نيون ڳالهيون
سکڻ، نوان نوان ڪم ڪرڻ ۾ مناسب رهنمائي، حوصلا
افزائي ۽ ترتيب نهايت ضروري آهي. پيار محبت سان
سمجهايل ڳالهه، حڪيماني طريقي جي حڪيمانه طرز
تعليم ذهن تي اڻمٽ نقش ڇڏين ٿا.
رهنمائيءَ جو ڪم جيتري قدر اهم آهي، اوتري قدر مشڪل به. رهنمائي
جو مطلب اهو به ناهي ته هر وقت ٻار تي تنقيد ٿيندي
رهي. اصل رهنمائي ته اها آهي جنهن ۾ سٺي ڪم تي
شاباس ۽ غلط ڪم تي مناسب انداز ۾ اصلاح هجي.
ب- رهنما جون خوبيون:
رهنما جي سڀ کان اهم خوبي اها آهي ته ان جي دل، پيار، محبت،
شفقت، همدردي ۽ خلوص سان سرشار هجي، ماءُ پيءُ
فطري طور انهن خوبين سان ڀريل هوندا آهن، انهن جي
شفقت جي گهرج آهي ته انهن جو ٻار عمدن لڇڻن سان
سينگاريل هجي، بهترين تعليم حاصل ڪري ۽ معاشري ۾
نمايان حيثيت ماڻي.
رهنما جي ٻي خاصيت اها آهي ته هو جنهن معاملي ۾ رهنمائي ڪري
رهيو آهي، ته خود ان بابت کيس عبور حاصل هجي، پيءُ
ٻار کي سچ ڳاهائڻ جي عادت وجهڻ چاهي ٿو ته ان کي
خود اها عادت پنهنجو پاڻ ۾ پختي ڪرڻي هوندي، کيس
سچائي جو نمونو اختيار ڪرڻو پوندو، سچ جي برتريءَ
تي اهڙو پختو يقين حاصل ڪرڻ هوندو ته هو ڪنهن به
صورت ۾ ڪوڙ کي قبول ڪرڻ وارو نه هجي، اگر اهڙا
لطيفا سرزد ٿيڻ لڳن ته:
“بابو چوي ٿو ته هو گهر ۾ ناهي."
ته اهڙو پيءُ پٽ کي سچائي جي تلقين ڪيئن ڪري سگهندو.
رهنما جي ٽين خاصيت هيءَ آهي ته ان جي راءِ ڊانوانڊول نه هجي.
هو پنهنجي راءِ تي ثابت قدم رهي سگهي ٿو.
چوٿين خاصيت هيءَ آهي ته هن جو ٻارن سان سلوڪ هر حال ۾ برابر
هجي. سڀني ٻارن جي وچ ۾ برابريءَ جو رويو هجي، هڪ
ٻار کي غلطي ڪرڻ تي ٽوڪيو وڃي ۽ ٻئي جي غلطيءَ کي
نظرانداز ڪيو وڃي ته هيءَ ورتاءُ ٻنهي ٻارن لاءِ
خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي.
رهنما جي هڪ خاص خاصيت هيءَ آهي ته هن ۾ بي پناهه صبر هجي، جلد
ڪاوڙ ۾ اچڻ وارو رهنما صحيح ۽ پر اثر رهنمائي نٿو
ڪري سگهي.
ٻارن جي معاملي ۾ هيءَ ڳالهه اڃا به وڌيڪ اهم آهي ته انهن کي
ڏسڻ سان گڏوگڏ ٻڌڻ به ضروري آهي. ٻڌڻ لاءِ زبردست
صبر جي ضرورت هوندي آهي. پوري توجهه ۽ ڌيان سان هڪ
ڳالهه ٻڌي، ان جو جائزو وٺي. ٿڌي دل ۽ دماغ سان
غور و فڪر کانپوءِ ڪنهن ردعمل جو اظهار ڪرڻ گهرجي.
"ٻار" هڪ صاحب هستي آهي، هن جي راءِ، مطالبو يا
ڪهاڻي اوهان کي ڪيتري ئي بي سراپا ڇو نه ڏسڻ ۾
اچي، ليڪن ان جو احترام ضروري آهي، هن تي توجهه
ڏيڻ هن جو حق آهي، هن جي ڳالهه کي نظرانداز ڪرڻ يا
رد ڪرڻ جي پاليسي صحيح ناهي. هن جي ڪا ڳالهه مناسب
نه لڳي ته نرميءَ سان حڪمت سان ان جي اصلاح ڪيو.
ڳالهائڻ وقت ان جي حوصلا افزائي ڪريو. اوهان جي
حوصلا افزائي هن جي جرئتمند بنائڻ ۾ مددگار ثابت
ٿيندي، هن کي امت مسلمان جو قيمتي اثاثو بنائيندي.
ماءُ پيءُ لاءِ ضروري آهي ته اهي نه صرف ٻار جي عمل پرهن جي
سوچن کان واقف هجن. هو ڪنهن معاملي تي ڪهڙي راءِ
رکي ٿو، ڇا ڪرڻ چاهي ٿو، ڪهڙو پروگرام ٺاهي ٿو، هو
ڪو ڪم ڇو ٿو ڪرڻ چاهي.
هن کي ٻـُـڌو نه ويندو ته نه صرف هن جي شخصيت گهٽبي ويندي، پر
ماءُ پيءُ ۽ هن جي وچ ۾ فاصلا پيدا ٿي پوندا. هر
شخص جي فطرت ۾ هيءَ خواهش هوندي آهي ته ڪو اهڙو
ماڻهو هجي جنهن کي هو پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي
سگهي، هيءَ خواهش زندگيءَ جي ابتدا ۾ ئي انسان ۾
هوندي آهي، جيڪڏهن گهر ۾ ڪو به اهڙو همدرد ۽ شفيق
شخص نه ملي، جنهن تائين دل جي ڳالهه پهچائي سگهجي
ته پوءِ گهر کان ٻاهر تلاش شروع ٿي ويندي آهي.
ٻار کي جيڪڏهن هي احساس ٿيڻ لڳي ته گهر ۾ ان جي ڳالهه کي اهميت
نٿي ڏني وڃي ته هو گهر جي ماحول کان، ماءُ پيءُ
کان پري ٿيندو وڃي ٿو ۽ پوءِ ماءُ پيءُ کي ڪا به
خبر نه پوندي ته سندن ٻار ڇا ٿو سوچي، ڪهڙي ماحول
۾ رهي ٿو، سنگت ساٿ ڪهڙي اٿس ۽ نوبت اها اچي
بيهندي جو
generation gap
شدت اختيار ڪري ويندي آهي ۽ ننڍن تي وڏن جو ڪنٽرول
ختم ٿي ويندو آهي.
ٻار اسڪول وڃڻ شروع ڪندا آهن ته اسڪول جي هر ڳالهه ٻڌائڻ
چاهيندا آهن، ٽيچرز جون ڳالهين انهن جي پوشاڪ تي
تبصرا، انهن جي انداز ۽ طور طريقن تي تبصرا،
ساهيڙين، دوستن جون ڳالهيون، هر روز انهن وٽ ٻڌائڻ
لاءِ ڊگهيون ڊگهيون ڪهاڻيون هونديون آهن. اهي
ڪهاڻيون محض صبر ۽ سڪون سان ئي نه پر پوري
دلچسپيءَ سان ٻڌڻ گهرجن، ٻارن جي انهن ڪهاڻين ۽
تبصرن ۾ ئي انهن جو اندر جهلڪندو آهي ۽ انهيءَ
اندر جي تربيت ڪئي وڃي ٿي، ان اندر گهرائي سان
وڃي، نه ڏسبو ته ان جي، حسنِ ۾ ڄاڻ ڪيئن فتح پيدا
ٿيندي.
ج- رهنما جا امر
نظم ۽ ضبط جي جن اهم ۾ رهنمائي درڪار آهي اهي هي آهن:
1- معاشري ۾ آداب جي تعليم
2- ناپسنديده کان بچڻ جي تعليم
3- تعليمي ڪردار جي تشڪيل
رهنمائيءَ ۾ هي ڳالهيون تمام اهم آهن ته جنهن جي رهنمائي ڪرڻ
ضروري آهي ته ان جي ذهني سطح جو لحاظ رکيو وڃي.
ٻار سان گفتگو ان جي سمجهه مطابق نه ڪئي ويندي ته
رهنمائيءَ جو مقصد حاصل نه ٿي سگهندو. رهنمائي
پهرين ڏينهن کان ئي شروع ٿي وڃي ٿي. رهنمائيءَ ۾
زبان کان وڌيڪ عمل ضروري هوندو آهي، مثال ماءُ ٻار
کي کير پياريندي بسم الله الرحمان الرحيم پڙهندي
آهي ته خود ٻار ۾ به بسم الله الرحمان الرحيم پڙهڻ
جي عادت پئجي ويندي آهي.
لولي ڏيڻ وقت بي مقصد لفظن جي بجاءِ الله الله چوڻ، ڪلمي جو ورد
ڪيو وڃي ته اهو ذڪر ٻار کي متاثر ڪندو ۽ پوءِ ان
ڳالهه سان هن جو تعلق هن جي تحت الشعور ۾ مضبوط ٿي
ويندو آهي. ٻار کي آواز جو زيرو بم متاثر ڪندو
آهي، زيرو بم سان گڻ لفظ به پاڪيزه هجن، ته يقينن
ان جا اثر به پاڪيزا هوندا.
شريعت جي تعليم شروع کان اهڙيءَ طرح ڏني وڃي جو عادت بڻجي وڃي.
ساڄي طرف جي فوقيت جي ڳالهه آهي ته ٻار کي
Nappy
پهرائڻ وقت به هن جي ساڄي پاسي پهرين ۽ کاٻي پاسي
پوءِ پارائي اسٽنج ڪلپ لڳائجي. پاڪيزدگي جي تعليم
ڏيڻ لاءِ ٻار کي شروع کان ئي عادت وجهڻ گهرجي.
تعليم ۽ تربيت ۾ چوڻ جي بجاءِ ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، ٻار کي
صبر سيکارڻ چاهيو ٿا ته هن جي اڳيان خود صبر جو
مظاهرو ڪيو. هن کي شانائتي طور طريقن تعليم ڏيڻ
آهي ته خود شائستگيءَ جو مظاهرو ڪيو. هن جي زبان
کي نازيبا لفظن جي ادائگيءَ کان محفوظ رکڻ چاهيو
ٿا ته خود پنهنجي زبان اهڙن لفظن جي ادائگيءَ ّ
کان پاڪ رکو.
ٻار جي تربيت ۾ سڀ کان اهم حصو ان هنج (جهولي) جو آهي، جنهن ۾
هو پرورش وٺي رهيو آهي. اسلام هنج جي پاڪيزگيءَ کي
اهڙي اهميت ڏني آهي جو اگر ڪنهن آيا جو بندوبست
ڪرڻو آهي ته اسلام ان لاءِ وڏي تفصيلي هدايت ڪئي
آهي. ان ۾ هن جي دينداري، تقويٰ، زبان کي پاڪيزگي،
لباس ۽ رهڻ جي صفائي اهم آهن. اهڙين وصفن سان
ڀرپور آيا ملي ته ٻارن جي حوالي ڪجي نه ته مناسب
ناهي.
(7) بهترين لڇڻن جي تعليم:
ٻار جي تربيت ۾ سڀ کان اهم ڳالهه سٺن لڇڻن جي تعليم آهي. نبي
صلي الله عليه آله وسلم ان کي پيءَ جي طرف کان ٻار
لاءِ بهترين عطيو قرار ڏنو ۽ پاڻ به هميشه دعاگو
رهيو.
ترجمو: "اي الله! منهنجي مخلوق به اهڙي سٺي بناءِ جهڙو سٺو مون
کي تخليق ڪيو اٿئي."
ٻار کي ابتدا ۾ ئي اهڙن ڪمن کان روشناس ڪرايو جيڪي وڻندڙ آهن.
پنهنجي رب جي نگاهن ۾ پسنديده اعليٰ اخلاق فضل جي
تعليم رزا کان نفرت ته جيئن انهن کان بچڻ جي ڪوشش
ڪري سگهجي.
مائرون، پيئرن جي بنسبت ٻارن سان وڌيڪ ويجهو هونديون آهن، ان
قرب جي ڪري اهي ٻارن جي ضرورتن، سهولتن ۽ جذبن جو
وڌيڪ اونو رکن ٿيون، ۽ ٻارن کي به ماءُ سان وڌيڪ
ويجهڙائي رهي ٿي، بي تڪلفي ۽ اعتماد رهي ٿو. اسلام
ان حقيقت جو بخوبي ادراڪ رکي ٿو. ماءُ جي ان ڪردار
جي اهميت جي بدولت ان فرض جي ادائگيءَ ۾ هن کي
سهولت ڏيڻ لاءِ هن کي ٻاهرين سڀني ذميوارين کان
آجو ڪيو ويندو آهي، هن تي معيشت جي ذميواري ناهي.
هن تي مسجد ۾ حاضري جي ذميواري ناهي، جنگ جي
ميدان ۾ شريڪ ٿيڻ جي ذميواري ناهي! اهو سڀ ان لاءِ
آهي جو ماءُ گهر جي محاذ تي پوري يڪسوئي ۽ دلجوئي
سان پنهنجا فرض ادا ڪري سگهي. ٻئي طرف مرد به گهر
جي سڪون ۽ اولاد جي تربيت جي معاملي ۾ مطمئن رهي
معيشت، جهاد مجموعي عبادتن جون ذميواريون بخوبي
ادا ڪري سگهي ٿو.
سيد مودودي، ٻارن جي تربيت جي اهميت کي اجاگر ڪندي گهر کي انسان
جي تياريءَ جو ڪارنامو قرار ڏنو آهي. هتي هڪ نسل
تيار ٿي رهيو آهي، هڪ تهذيب جڙي رهي آهي. ان لاءِ
هن بنيادي اڪائيءَ جي مضبوطيءَ کي اسلام سڀ کان
اهم قرار ڏئي ٿو.
سٺن اخلاقن جي تربيت هر پل جاري رهي ٿي، هن دنيا ۾ ٻار جي آمد
کان جلد ئي ٻار کي خوش دلي سان ڀليڪار چئو.
"السلام علڪيم" سان هن جا ڪن واقف هجن. آذان جو
آواز کي هو سمجهي سگهي. جهوليءَ ۾ کير پيارڻ وقت،
ڪپڙا بدلائڻ وقت، مطلب ته هر معاملي ۾ ٻار جي
تربيت ٿي سگهي ٿي. ٻار ڳالهائي نٿو سگهي پر هن جي
ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي حس تمام تيز آهي. اسلام مسڪرائي ڏسڻ
کي نيڪي قرار ڏئي ٿو. ان لاءِ جو ان ۾ خير خواهي
جا بي پناهه پيغام لڪل آهن. ٻين کان گهڻو وڌيڪ
اوهان جو ٻار ان جو مستحق آهي. ان ڪري ٻار سان هر
ڳالهه ۾ پنهنجو مزاج خوشگوار رکو. اوهان جو
مسڪرائيندڙ چهرو ۽ ننڍا ننڍا جملا مثال منهنجو پٽ
جنت جي باغ جو سهڻو گل آهي. الله طرفان تحفو آهي
يا منهنجي آصفا پياري گڏي آهي وغيره ۽ ٻيو ڪجهه نه
ته به ٻار کي جهوليءَ ۾ کڻي هون هان ڪرڻ ۽ ان جي
غون غان ٻڌڻ به هن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. ٻن
ٽن مهينن جو ٻار به اسان جون ڪيتريون ڳالهيون غور
سان ٻڌندو آهي ۽ جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
يونيسيف جي ڪتاب "بچي کي تربيت (اسلامي تعليمات کي روشني مين)"
مان شڪريي سان کنيل.
*** |