سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون سيپٽمبر 1996ع

گلبدن جاويد

گل خوشبو بهار

جيڪڏهن ٻار مائٽن جي محبتن ۾ Secure (محفوظ) آهي ته پوءِ چوطرف گل و گلزار، ساوڪ ئي ساوڪ نظر اچي ٿي. پڙهندڙ چاهيندا ته هيءَ تصوير ڪنهن ٻاراڻي مئگزين ۾ هلي ها ته بهتر. پر مان انهيءَ خيال جي آهيان ته ٻار هڪ اهڙي انمول شيءِ آهي، جنهن کي Ignore نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت ۽ حالتن سان ته انهيءَ کي منهن ڏيڻو آهي. جيئن چلي جي نوبل انعام يافته شاعر گيبريلا مسٽرال چيو آهي:

"اسان گهڻين ئي غلطين ۽ خطائن جا ڏوهاري آهيون، پر اسان جو بدترين جرم ٻارن کي تياڳڻ مطلب ته زندگيءَ جي سرچشمن کان پاسو ڪرڻ."

گهڻيون شيون جن جي اسان کي ضرورت آهي، اسان انهن جو انتظار ڪري سگهون ٿا، پر ٻار (انتظار) نٿا ڪري سگهن.

هي وقت آهي ته هنن جون هڏيون بڻجن پيون. هنن جو رت ٺهي رهيو آهي ۽ حواسن جي نشونما ٿي رهي آهي. سڀاڻي هن کي اسان جواب ڪو نه ڏيئي سگهنداسين.

هن ٻار جو نالو آهي، "اڄ."

 

(گ.ج)

 

 

ايڊيٽوريل

سرتيون جي پڙهندڙن ڏانهن:

"سرتيون" ماهوار 1996ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي، اُميد ته اوهان کي پسند ايندو. اوهان سڀني پڙهندڙن جي پسند کي نظر ۾ رکندي، ايندڙ شماري ۾ ڪجهه نوان سلسلا رکي رهيا آهيون ته جيئن اوهين وڌ کان وڌ حصو وٺي سگهو.

سلسلا

(1) شخصيت اوهان جي اڳيان: هن سلسلي ۾ ناميارين ۽ معتبر شخصيتن کي چونڊيو ويو آهي ته جيئن اهي اوهان جن سوالن جا جواب ڏين، اوهان ان لاءِ هڪ هڪ سوال لکي موڪليندا. شخصيتون آهن:

ماهتاب محبوب، امداد حسيني، خيرالنساءِ  جعفري، عبدالقادر جوڻيجو، ولي رام ولڀ.

(2) پنهنجي خوشبو: پنهنجو خيال: هن ۾ اسين هر مهيني هڪ سوال ڏينداسين جنهن جو جواب اوهين لکي موڪليندا. هن مهيني جو سوال آهي: "ڪاروڪاري جي رسم ڪيئن ختم ڪرائجي؟

(3) پسند پنهنجي پنهنجي: هن سلسلي ۾ اوهان پنهنجي پسند جا شعر لکي موڪليندا، اسين انهن مان اوهان جو  هڪ شعر چونڊي شايع ڪنداسين.

(4) ذهني مونجهارا ۽ انهن جا حل: هن سلسلي ۾ اوهان پنهنجا مسئلا لکي موڪليندا، جنهن جا جواب ماهر نفسيات ڏيندو. واضح رهي ته ڪو لکندڙ پنهنجو يا پنهنجي ڳوٺ جو نالو نه لکڻ چاهي، تڏهن به جواب ڏنو ويندو.

(5) انٽرويو: هن ۾ اوهان پنهنجي تر جي ذهين شاگردياڻين، محنتي عورتن، مثال ٻني ٻاري ۾ ڪم ڪندڙ عورتن، گهر داري ڪندڙ عورتن، هنر ڄاڻندڙ عورتن، مٽيءَ جو ڪم ڪندڙ عورتن جا انٽرويوز ڏياري موڪليندا ته انهن کي شايع ڪيو ويندو. (نوٽ: انٽرويو صرف عورتن جا هلندا)

(6) اسان جو آئيندو: هن سلسلي لاءِ پرائمري کان وٺي مئٽرڪ ڪلاس جي ڇوڪرين جون تصويرون ۽ تعارف هلايو ويندو.

(7) ڳالهه هڪ ڏينهن جي: هن سلسلي ۾ اوهين هڪ ڏينهن جي روئداد کي ڪهاڻي يا قصي جي صورت ۾ لکي موڪليندا ته اسين شايع ڪنداسين.

(8) اچو ته ڊائري لکون: هن ۾ ڊائري جو ورق لکي موڪليندا ته ان کي سرتيون ۾ شايع ڪيو ويندو. مواد ڀلي ٻن سٽن جو هجي، پر وزنائتو هجي.

(9) اوهان جا خط ۽ انهن جا جواب: هن سلسلي کان اوهان اڳ ئي واقف آهيو، پر وري به واضح ڪجي ٿو ته هاڻي هن سلسلي ۾ خطن جا جواب لازمي ڏنا ويندا.

- گلبدن جاويد

 

شمشيرالحيدري

سنڌيءَ ۾ جمالياتي شاعري

 

        سنڌي شاعريءَ ۾"جماليات" کي جاچڻ کان اڳ، اسان لاءِ اول اهو ضروري آهي ته جماليات ڇا آهي، ان جا ادبي بنياد ڪهڙا آهن ۽ ان جي باري ۾ ڪهڙا ڪهڙا مختلف رايا آهن.

        “جماليات" جو موضوع تمام وڏو ۽ وسيع آهي. دراصل بنيادي طرح اهو فلسفي جو موضوع آهي، تنهنڪري بيحد پيچيندو، گوناگون ۽ اڃا تائين اڻ حل ٿيل موضوع آهي. سنڌيءَ ۾ هن باري ۾ ڪابه هڪڙي تصنيف يا لکت موجود ڪانهي، تنهن ڪري تمام مختصر مهلت ۾ ان جي ڪابه مڪمل وصف يا سمجهاڻي ڏيڻ ناممڪن آهي. مختصر طرح، اسين اول دنيا جي ڪن وڏن فيلسوفن ۽ مفڪرن جا رايا ۽ نتيجا معلوم ڪنداسين، ان بعد جماليات جي فني نسبت تي روشني وجهنداسين ۽ آخر ۾ سنڌي شاعريءَ مان جمالياتي اهميت جا ڪي مکيه مثال پيش ڪنداسين.

        جماليات جو موضوع دنيا جي گهڻو ڪري هر مفڪر جي توجهه جو مرڪز رهيو آهي، پر ان جي وسعت ۽ پيچيدگيءَ جي ڪري، ڪيترائي مفڪر جماليات جي مطالعي کان مايوس ٿي ويهي رهيا، ڪئين ان جي حيرت ۾ هڄي ويا، پر انت آخر تائين پائي نه سگهيا. جن هن موضوع تي پنهنجي مڪمل ڄاڻ جي دعويٰ ڪئي، سي به پاڻ ۾ متفق ٿي نه سگهيا ۽ هر ڪنهن جو رايو ڇڙوڇڙ بيٺو آهي. اهوئي سبب آهي جو حسن ۽ جمال جون جيتريونو صفون ۽ تعريفون بيان ڪيون ويون آهن، اوتريون ڪنهن ٻيءَ شيءَ جون نه ڪيون ويون آهن."جمال" جي معنيٰ ئي آهي حسن ۽ سونهن. اها خدائي صفت آهي جيڪا خود خدا کي به پسند آهي: "الله جميل ويحب الجمال". (خدا سهڻو آهي ۽ سونهن سان پيار ڪري ٿو.) شايد سونهن جي انهيءَ ئي خدائي وصف ۽ اهميت جي ڪري، خدا جي شاگردن يعني شاعرن ۽ فنڪارن کي سونهن کي ڏسڻ، پرکڻ ۽ ظاهر ڪرڻ جي ڏات مليل آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو فلسفي جي تاريخ ۾ حسن کي ابتدا کان ئي"مطلق حقيقت،"  "مطلق ذات" ۽ "مطلق ذات جي صفت" سمجهيو ويو، جنهن جي رنگا رنگي روپن جي ڄاڻ فقط"وجدان" جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. افلاطون، هيگل، شوپن هار، ڪارلائل ۽ ڪالرج پارا فيلسوف حسن جي انهيءَ نظريي ۾ اعتبار رکن ٿا. ڊيوڊ اسڪاڊ جي نظر ۾ حسن هڪ بيمثال حقيقت آهي. هچيسن ۽ جان ليئرٽ پارا اڪابر ته ان جي محسوسات جو طريقو به غير محسوس نوع جو ٻڌائين ٿا. سندن چوڻ آهي ته حسن شين جي هڪ صفت آهي، جنهن جي ڄاڻ پنجن ظاهري حواسن بدران ڪنهن ٻئي اندروني حواس وسيلي حاصل ٿئي ٿي. ارسطو جي نظريي مطابق، حسن نالو آهي انهيءَ تناسب، تنظيم ۽ عظمت جو، جيڪي فطرت ۾ موجود آهن. هو پنهنجي مشهور، "نقل" واري نظريي مطابق، حسن کي به"فن ۾ فطرت جي نقل" جو نالو ڏئي ٿو. افلاطون ۽ ارسطو ٻيئي فن کي فطرت جي آفاقي عنصرن جي نقالي ٿا ڪوٺين ۽ "موزونيت" ۽ "تناسب" کي حسن لاءِ ضروري ٿا ٺهرائين. برڪلي جو عقيدو آهي ته حسن شين جي انهيءَ تناسب ۽ موزونيت جو نالو آهي، جيڪا ڪنهن"مقصد" ڏانهن مائل هجي. ڪن اڪابرن"ذهن ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ نسبت" مٿي حسن جو مدار بيهاريو آهي. ڪن"وجود ۽ خيال جي هم آهنگي" کي حسن چيو آهي. ڪن"عقل ۽ احساس سان وجود جي واسطي کي حسن ڪوٺيو آهي. ڪن جو رايو آهي ته حسن اها حقيقت آهي، جيڪا"زندگيءَ لاءِ خوشگوار تحريڪ" جو باعث بنجي. ڪن جو نظريو آهي ته انسان کي پنهنجي آرزو يا خواهش پوري ٿيڻ تي جيڪا ذهني تسڪين ملي ٿي، سو حسن آهي. ڪن جو خيال آهي ته حسن هڪ نرالو جذبو آهي. جيڪو ڪنهن"معنيٰ خيز شڪل جي مشاهدي" سان وجود ۾ اچي ٿو. ڪي اڪابر"حسن" ۽ خوشيءَ" ۾ ڪوبه فرق نه ٿا ٻڌائين. سقراط"افاديت" کي حسن ڪوٺيو آهي. فرائڊ ۽ سندس پوئلڳ حسن جي سموري ڪرشمي سازيءَ جو مدار جنس تي رکن ٿا. ٽالسٽاءِ ۽ مڊلٽن مري جهڙا اڪابر"معاشرتي ۽ اخلاقي اثرن کي حسن ٿا ڪوٺين. ڊارون جي خيال موجب حسن"حياتياتي مقصدن” جو نالو آهي. دانشورن جو هڪ طبقو حسن جي تعريف ۾"اظهار" کي بنيادي جزو ٿو ٺهرائي. ان جو بنياد انهن سقراط جي انهيءَ قول تي رکيو آهي ته"بهترين سنگتراش اهو آهي، جنهن جي ٺاهيل مجسمن مان سندس ذهني ڪيفيت جو اندازو گهڻي کان گهڻو لڳائي سگهجي." جماليات جي مشهور فيلسوف ڪروچي جي راءِ آهي ته حسن يا فن،"اظهار" جوئي ٻيو نالو آهي.

        مٿي ڪن ٿورن مفڪرن جا رايا جماليات بابت پيش ڪيا ويا آهن، جن مان معلوم ٿيندو ته هي ڪيڏو نه دلچسپ، وسيع ۽ پيچيدو مسئلو آهي.

        هاڻي اسين جماليات جي مسئلي کي فلسفي جي مٿانهين بحث تان لاهي، فني تخليق جي بنياد تي جاچينداسين. ان ڏس ۾ سڀ کان اول هيءَ ذهن نشين ڪرڻ کپي ته ڪنهن به جمالياتي حقيقت جو بنياد"مادي وجود" تي آهي. هونئن ته حسن هڪ پوشيده، اڻلکي ۽ رڳو محسوس ڪرڻ جي شيءَ آهي، پر ان جو سرچشمو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ڪو "مادي وجود" ئي رهي ٿو. پوءِ اها ڪا صورت هجي، ڪو رنگ، آواز يا منظر هجي. شايد اهوئي سبب آهي جو اسان جن صوفين سڳورن ۽ ٻين حقيقي حدن جي پانڌيئڙن پنهنجي حقيقي عشق جو سفر مجازي محبت کان شروع ڪيو.

        انسان ۾ قدرت ڪي اهڙيون لڪل قوتون رکيون آهن، جيڪي ٻاهرينءَ دنيا جي رد عمل سان پاڻ کي پاڻمرادو ظاهر ڪرڻ لاءِ سدائين بيقرار رهن ٿيون. اهائي بيقراري انسان جي سموري ذهني زندگيءَ جو سبب آهي. ان جا مختلف روپ آهن، جيڪي مختلف جذبن کي اجاريندا رهن ٿا. اهي جذباتي صلاحيتون ۽ قوتون پنهنجا ڪي نه ڪي فطري مقصد رکن ٿيون ۽ انسان کي سموري ڄمار انهن مقصدن جي حاصل ڪرڻ لاءِ اڀارينديون ۽ اڀارنديون رهن ٿيون. پر انهن مقصدن جي پورائي لاءِ انسان جون سموريون خواهشون ۽ تمنائون ڪڏهن به پوريون ٿي نٿيون سگهن. دنيا جا سماجي سرشتا، قانون ۽ اصول انهن جي اڳيان انيڪ رنڊڪون وجهن ٿا، ان ڪري اهي اڻپوريون خواهشون ۽ حسرتون انسان کي پنهنجي اندر دٻائي رکڻيون پون ٿيون. اهڙيءَ طرح هر انسان جي ذهن ۾ سندس دٻجي ويل حسرتن خواهشن ۽ آرزوئن جو وڏو ڀنڊار ڀريو پيو آهي. نفسياتي تحليل مطابق اهي دٻيل خواهشون ڪڏهن به مرن نٿيون. شعوري طرح اهي ماٺيون ٿي وڃن ٿيون پر اسان جي اندر ئي رهن ٿيون ۽ مجموعي طرح اهي اسان جو ذهني رخ مقرر ڪن ٿيون. اهي اسان جي هر فعل ۽ عمل جا مجموعي لاڙا ٺآهين ٿيون. انهيءَ ڪري ئي برگسان چيو هو ته"اسان پنهنجي سموري ماضيءَ کان، جنهن ۾ روح جو بنيادي لاڙو به شامل آهي، متاثر ٿي، هر ڪا خواهش هر ڪو ارادو يا هر ڪو عمل ڪريون ٿا. اسان جو ماضي اسانجن ذهني لاڙن جي صورت ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو."

        انهن ذهني لاڙن کي جيڪڏهن جنهن به ريت ظاهر ٿيڻ جو گس نه ملي ته انسان هوند ذهني مريض ٿي چريو ٿي پوي ۽ مري وڃي، قدرت ان لاءِ دٻيل خواهشن جي اظهار جا ٽي پاڻمرادا طريقا انسان کي عطا ڪري ڇڏيا آهن: هڪڙو ستي جا خواب، ٻيو سجاڳيءَ جا خواب ۽ ٽيون لطيف فن، ستي جي خوابن وسيلي انسان جي دٻيل خوابن جي تسڪين ٿئي ٿي. سجاڳيءَ جا خواب اهي آهن، جن ۾ انسان اڪيلائي ۾ سورچي انهن خواهشن جي تڪميل پنهنجي مرضيءَ پٽاندر ڪري ٿو. ان طرح انسان جي مقصدي لاڙن جي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين تسڪين ٿي وڃي ٿي. انهن ٻنهي قسمن جي خوابن کان علاوه دٻيل لاڙن جي اظهار جو ٽيون طريقو آهي. لطيف فن. نٽشي جي راءِ ۾ خواب جمالياتي نظر جو پيشخيمو آهن. فرائڊ چوي ٿو ته بيداريءَ جا خواب شاعراڻي تڪميل لاءِ خام مواد آهن. هو وڌيڪ چوي ٿو ته فن جي نوعيت بيداريءَ جي خوابن جهڙي آهي. دراصل فنڪار لاءِ تخليق جو بنياد بيداريءَ جي خوابن تي آهي. بيداريءَ جي خوابن توڙي فني تخليق، ٻنهي لاءِ تنهائي ۽ تصور جي ضرورت آهي. ٻنهي ۾ ڪنهن ڏٺل رنگ يا صورت يا منظر يا ڪنهن ٻڌل آواز سان، خيالي اڏام وسيلي، انسان جي اندر جي اونهائيءَ ۾ لڪل خواهشون ۽ حسرتون نت نوان روپ وٺي ظاهر ٿين ٿيون. پهرينءَ صورت ۾ اهي فقط علامتي هونديون آهن ۽ ٻيءَ صورت ۾ اهي تشبيهن، استعارن ۽ تمثيلن سان سينگاريل هونديون آهن. ان ڪري چئبو ته هر ڪو فنڪار بنيادي طرح جمال پرست آهي ۽ مٿئين بحث مان اسين اهو به ڏسي آياسين ته فن نالو ئي آهي حسن جو ۽ حسن ڪو علمي يا فڪري معاملو نه آهي، بلڪه اهو ذهن جي انفرادي لاڙن جو اظهار آهي. جمالياتي حقيقت، ان ڪري شاعر جو انفرادي تجربو آهي، جيڪو انفرادي انداز ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ انهيءَ ڪري جمالياتي شاعريءَ جي وڏي وصف اها ٿيندي ته ان ۾ شاعر پنهنجيءَ"ذات" کي ظاهر ٿو ڪري.

        هونئن عام طرح جماليات جي شاعريءَ ۾ اسين هر اها شاعري شامل سمجهندا آهيون، جنهن ۾"حسن" جو ذڪر هجي. "جماليات" جي لفظ کي ڏسندي، ائين بيشڪ صحيح ٿيندو. ان لحاظ کان به سنڌي شاعريءَ جي جهولي بيحد ڀريل آهي. اسان جي سموري"لوڪ شاعري" ۽ “سينگار" جي شاعري ان جو شاهڪار آهي. پر جماليات جي فني تعريف ۾ حسن جي تعريف ئي نه، بلڪه ان سان ذهني زندگيءَ جي انفرادي اظهار جا معاملا به شامل ٿي ويا آهن. تنهن ڪري اسين انهيءَ مخصوص وصف جي روشنيءَ ۾ سنڌيءَ ۾ جمالياتي شاعريءَ جا ڪي اهم نشان معلوم ڪنداسين.ان ڏس ۾ سڀ کان اهم نشان اسان جي ڪلاسيڪي شاعري آهي جيڪا ڪلي طرح حسن جي انهيءَ انتهائي نظريي سان ٺهڪي ٿي، جنهن مطابق حسن کي"مطلق وجود” ۽ "مطلق ذات" سڏيو ويو آهي. ڪلاسيڪي شاعرن سان حسن جو اهو نظريو به ٺهڪي اچي ٿو، جنهن موجب حسن جو مشاهدو ظاهري حواسن وسيلي نه، پر اندروني اک سان ڪري سگهجي ٿو. ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ انفرادي اظهار جو انتهائي عروج آهي، بلڪه اندروني قوتن ۽ صلاحيتن جي پنهنجي مقصد لاءِ ايڏي زوردار اڇل آهي جو پنهنجيءَ ذات جي اظهار جي اهڙي شاعريءَ جو ٻيو ڪو مثال ڪونه ملندو. ڪلاسيڪي شاعرن ۾ شاهه لطيف جو پايو سڀ کان مٿي آهي. سندس سموروئي ڪلام ان جو شاهڪار آهي. مومل هجي يا مارئي، سهڻي هجي يا سسئي، هو پنهنجي ذات پنهنجي انفرادي مقصد ۽ حسن ڏانهن پنهنجي اندروني لاڙي جي اظهار کان سواءِ ڪجهه نٿو ٻولي. سندس انفراديت جي اظهار جو هڪڙو مثال ٿا وٺون. سڄي دنيا جو ا هو مڃيل اصول آهي ته ڪمتر شيءَ کي برتري ڏيڻ لاءِ عام طرح مڃيل ڪنهن برتر شيءَ سان تشبيهه ڏبي آهي. ڪنهن کي تمام طاقتور ڪري ٻڌائڻ لاءِ ان کي شينهن سان تشبيهه ڏبي آهي، ڇاڪاڻ ته شينهن دنيا ۾ طاقت جو مڃيل نشان آهي. محبوب کي هر ڪو چنڊ سان تشبيهه ڏيندو آهي، ڇاڪاڻ ته چنڊ سونهن جو عام مڃيل نشان آهي. پر شاهه عام طرح مڃيل علامتن ۽ تشبيهن کان مٿي وڃي پنهنجي ذات جي مناسبت سان پنهنجي محبوب کي چنڊ سان ڀيٽڻ گوارا نٿو ڪري. هن کي چنڊ ۾ ڪوبه حسن نظر نٿو اچي، سندس جمالياتي نگاهه منفرد ۽ اتانهين آهي. هو چنڊ مان ويڪون ٿو ڪڍي جيڪو سڄي دنيا جي محبوبن جو مان آهي:

چنڊ چوانءِ سچ، مٺي نه ڀانئيين،

ڪڏهن اڀرين سنهڙو، ڪڏهن اڀرين ڳچ،

منهن ۾ ٻرئي مچ، تو ۾ ناهي پيشاني پرينءَ جي.

        شاهه جو سمورو ئي ڪلام جمالياتي شاعريءَ جو ملهه ڀنڊار آهي. اهڙيءَ ريت، اسان جا سمورا ڪلاسيڪي شاعر، جمالياتي شاعريءَ جا بهترين نمائندا آهن. اختصار طور، وچئين دور جي شاعرن کي ڇڏي، جن ۾ سانگي، بيوس ۽ قليچ جهڙا وڏا شاعر ٿي گذريا آهن، اسين جديد دور جي فقط ٻن شاعرن يج ڪلام مان هڪ اڌ مثال پيش ڪري سگهون ٿا، جيئن اندازو لڳائي سگهجي ته شروع کان هن وقت تائين سنڌي شاعريءَ ۾ جمالياتي ذخيرو ڪيتريقدر گهڻو ۽ مسلسل جمع ٿيندو رهيو آهي.

        ان ڏس ۾ پهريون مثال شيخ اياز جو آهي سندس ڪلام جو پهريون مجموعو "ڀونئر ڀري آڪاس" جمالياتي شاعريءَ جي انوکن تجربن سان ڀريل آهي. هيٺيان مثالي شعر سندس مجموعي"ڪلهي پاتم ڪينرو" مان چونڊيل آهن، جيڪي انفرادي تجربي جا بهترين مثال آهن.:

ڪامهه وانگر ڪير، آيو آهي اوچتو،

پٽ تي جنهن جو پير، جهڙي باک بسنت جي.

        "بسنت جي باک" جو تصور، شاعر جو انوکو جمالياتي تجربو آهي “"محبوب جو پير پٽ تي پوڻ" سان ايڏي حسن جي پيدائش، حسن وسيلي حسن جي تخليق جو بهترين مثال آهي.

اڃان اوري آءُ، سري منهنجي ساهه ۾،

رچي منهنجي راڳ ۾، سرتي، تنهنجو ساءُ

مئي پڄاڙاءُ، گيتن ۾ گڏجي رهون.

        محبوب کي ساهه ۾ ساهڻ، سندس راڳ ۾ محبوب جي ساءُ کي سمائڻ ۽ ان طرح مئي پڄاڻا گيتن جي روپ ۾ امرتا ماڻڻ جي آرزو، حسن بابت هڪ ئي وقت تي انفراديت ۽ ذات جو اظهار آهي. تنوير عباسيءَ جا نظم. هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو“، منهنجي دل چوي“ ”وقت جي بيڪران بحر ۾ هي اکيون“ ڇلڪندڙ ڇوليون ڏسو ڄڻ ڇيڳڙيون ڇوريون هجن.“ ”اڀ تي جيئن جيئن بادل ڇايا“ ”مان ڏيئو آهيان پرين تون روشني آهين اٿاهه“ ۽ ٻيا ڪيترائي نظم حسن ڏانهن انفرادي نظر، ذات جي اظهار، گهرين خواهشن ۽ قدرتي مقصدن جي جمالياتي شاعريءَ جا سهڻا مثال آهن، سندس ڪي شعر ٻڌائڻ تي دل ٿي چوي:

رات مان آيو سندوءِ وارن جو واس،

تون وسين ٿو روح جي ئي آسپاس.

سوريءَ جي پرتان ٿو ٻڌجي، پرين جو پڙلاءُ

مان ڏيئو آهيان، پرين تون روشني آهين اٿاهه:

پاڻ ۾ توکي سمائڻ جون سڌو مان ڪيئن ڪريان،

تو ۾ مدغم ٿي وڃڻ جي آس منهنجي دل ۾ آهه:

ڏينم موڪل، تنهنجي گهراين ۾ مان گم ٿي وڃان،

تون ته اڳ ۾ ئي امر آهين، نه آهي تنهنجو ٿاهه،

پاڻ کي تو ۾ سمائي مان به اڻمٽ ٿي وڃان

مان ڏيئو آهيان، پرين، تون روشني آهين اٿاهه.

        حسن جي عظمت ۾ پنهنجيءَ ذات کي فنا ڪرڻ جي هيءَ اهائي خواهش آهي، جنهن جو مثال مٿي شيخ اياز وٽ ڏٺوسين. هن مختصر مهلت ۾، هتي اسين سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات جا فقط ڪي چند مثال ئي پيش ڪري سگهيا آهيون. نه ته سنڌي شاعري ان ڏس ۾ گهڻي شاهوڪار آهي.

(سنڌي شاعريءَ جو اڀياس" تان ورتل).

 

 

***

 

 

 

عبدالرحمان جتوئي/عبدالجبار عبد

حضرت ُام ڪلثوم رضه

 

        سندس نالو ام - ڪلثوم، سندس والد جو نالو حضرت ابوبڪر صديق، بيبي صاحبه جي والده جو نالو حبيبه بنت خارجه آهي. حضرت ام  ڪلثوم، حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جي سڀ کان ننڍي صاحبزادي آهي.

پيدائش: حضرت ام - ڪلثوم رضه حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جي وفات کان ڪجهه ڏينهن بعد پيدا ٿي. ان بيماريءَ ۾ جنهن ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جن وفات ڪئي، حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها کي فرمايائين ته مون کي ائين معلوم ٿئي ٿو ته حبيبه بنت خارجه کي نياڻي ڄمندي. تنهنڪري حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جي وفات کان پوءِ حضرت ام - ڪلثوم ڄائي.

نڪاح: حضرت ام - ڪلثوم رضه جي شادي طلحه بن عبيدالله سان ٿي، حضرت عبيدالله"جنگ جمل" ۾ شهادت حاصل ڪئي. عام ماڻهن جي خيال مطابق ام ڪلثوم کي پنهنجي عدت جو زمانو اتي(بصره ۾) گذارڻ گهرجي ها. ليڪن حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها، حضرت ام ڪلثوم رضه کي مديني منوره ۾ وٺي آئي ۽ رستي ۾ واپس موٽندي مڪي معظه ۾ به ترسي پيون. ماڻهن چوڻ شروع ڪيو ته حضرت ام - ڪلثوم رضه عدت جي زماني ۾ گهر کان ٻاهر نڪتي آهي. حضرت ايوب تابعي کي جڏهن اها ڳالهه معلوم ٿي ته فرمايائين ته اهو گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه، پر گهر ۾ اندر اچڻ آهي. حضرت طلحه بن عبيدالله مان حضرت ام - ڪلثوم رضه کي ٻه فرزند ذڪريا ۽ يوسف ۽ هڪ نياڻي عائشه پيدا ٿيا. ٻنهي ڇوڪرن ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪئي. حضرت طلحه رضه جي وفات کان پوءِ سندس ٻيو نڪاح حضرت عبدالرحمان بن عبدالله سان ٿيو. حضرت عبدالرحمان مان حضرت ام - ڪلثوم کي ٻه صاحبزادا ابراهيم احول ۽ موسيٰ ۽ ٻه صاحبزاديون ام - حميد ۽ ام - عثمان پيدا ٿيون.

        ان زماني ۾ جڏهن ته حضرت ام - ڪلثوم پنهنجي ٻارن مان ڪنهن ٻار کي کير پياريندي هئي. حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها وٽس سالم بن عبدالله بن عمر کي موڪلي ڏنو، جيڪو بلڪل ننڍڙو ٻار هو، ته ان کي کير پياري جيئن هو وڏو ٿي(رضائي) ٿڃ شريڪ ماسي هجڻ سبب گهر ۾ اچي وڃي سگهي. تنهن ڪري حضرت ام ڪلثوم ٽي ڀيرا حضرت سالم رحه کي کير پياريو. ان کان چند ڏينهن بعد پاڻ بيمار ٿي پيئي ۽ جنت ڏانهن راهي ٿي ويئي.

        (خلفاءِ راشدين جون نياڻيون) عبدالرحمان جتوئي ۽ عبدالجبار "عبد" جي ڪتاب تان ورتل.

 

***

امام غزالي/دين محمد اديب

بخل ۽ دولت سان محبت

 

        بخل به هڪ وڏي برباد ڪندڙ بيماري آهي. حق تعاليٰ فرمائي ٿو: "جي ماڻهو الله جي ڏنل نعمت ۾ بخل ڪن ٿا، اهي ان کي پاڻ لاءِ بهتر نه سمجهن، بلڪه هي انهن واسطي ڏاڍو بڇڙو آهي، ڇو ته(مال) ۾ بخل ڪندا، اهو طوق بنائي انهن جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويندو." حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي: "پنهنجي جند کي بخل کان بچايو، جو انهيءَ اڳين امتن کي برباد ڪيو آهي. ”مسلمان جي شان وٽان نه آهي جو بخل ڪري جهنم ۾ وڃي. جڏهن بخل حقيقت ۾ مال جي محبت آهي ۽ مال جي محبت دل کي دنيا جي طرف ڇڪي ٿي، جنهن کان الله جي محبت جو لاڳاپو ضعيف ۽ ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ بخيل مرڻ وقت ارمان ڀريل نظر سان پنهنجي جمع ڪيل، پياري مال کي ڏسي ٿو ۽ جبر ۽ قهر سان آخرت جو سفر ڪري ٿو، ان ڪري هن کي خالق جل جلاله جي ملاقات پياري يا محبوب نه ٿي لڳي.

        حديث ۾ آيو آهي ته ”جو شخص مرڻ وقت الله تعاليٰ جي ملاقات کي پسند نه ڪري اهو دوزخي آهي“. جنهن شخص وٽ مال نه هجي، اهو بخيل ته نه آهي، مگر هي ٿي سگهي ٿو ته هن جي دل ۾ مال جي محبت هجي ۽ مالدار ٿيڻ جي سڪ ۾ هجي. اهڙي طرح ڪي شاهوڪار سخي ٿين ٿا پر جڏهن ته سخاوت مان انهن کي فقط پنهنجي مشهوري ۽ ساراهه مقصود هجي ٿي، ان ڪري انهن تي جيتوڻيڪ بخل جي معنيٰ سچي نه ٿي اچي مگر ته به مال جي محبت جي معنيٰ مٿن ضرور سچي اچي ٿي. پوءِ بخل جي علاج سان گڏ، مال جي محبت جو به علاج ٿيڻ گهرجي. ياد رکو ته مال جي محبت خدائي ذڪر کان غافل بنائي ٿي. هي مال مسلمان جي واسطي وڏو فتنو آهي. حضرت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي."جڏهن انسان مري ٿو، تڏهن فرشتا پڇن ٿا، ته ڇا ڇڏيو اٿس؟ پوءِ جي حياتيءَ ۾ مال خرچ ڪري ڪجهه توشو گڏ ڪيو هوندائين، ته مرڻ مهل خوش ٿيندو. ان لاءِ جو موڪليل مال جي وصول ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. جي نه ته غمگين ٿيندو ۽ ان کي مرڻ ڏکيو لڳندو. روپين جو ٻانهو تباهه ٿئي، اونڌو ٿئي، ان کي ڪنڊو لڳي، ته ڪوبه ڪڍڻ وارو نه مليس" هي حديث جو مضمون آهي. هاڻي اوهان خيال ڪريو ته جنهن جي بابت حضرت رسول خدا صلي الله عليه وسلم اهڙي بددعا ڪندا، ان کي ڪٿي امن ملندو.؟

        فصل: ڄاڻڻ گهرجي ته مال هر حال ۾ خراب نه آهي. خراب ڪيئن ٿي سگهندو؟ جڏهن ته دنيا، آخرت جي کيتي آهي. ڇو ته ساري خلق، بدن جي گهوڙي تي سوار ٿي آخرت جو سفر ڪري رهي آهي ۽ گهوڙي کي دنيا جي مسافر خاني ۾ گاهه ۽ داڻي جي ضرورت آهي ۽ اهو مال کان سواءِ هلي نٿو سگهي. جيستائين پيٽ نه ڀربو، تيستائين عبادت ٿي نه سگهندي، ان ڪري طاقت ۽ حياتي قائم رکڻ جي انداز آهر، مال حاصل ڪرڻ ضروري ٿيو. پر هن کان زياده مال ۽ متاع حاصل ڪرڻ، برباديءَ جو سامان آهي. ڇو ته مسافر ضرورت جيترو توشو پاڻ سان رکندو آهي. جيئن بار ڳورو ٿئيس ٿو تيئن سفر ڪرڻ مشڪل ٿئيس ٿو. حضرت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي:"اي عائشه! مون سان ملڻ گهرين، ته ايتري دنيا تي قناعت ڪر، جيترو مسافر جو توشو ٿئي ٿو. ايستائين ڪنهن ڪپڙي کي پراڻو نه سمجهو، جيسين ان ۾ پيوند نه هڻو ۽ جيسين ان ۾ پيوند لڳي، تيسين ڪڙتو نه لاهيندا ڪريو. خدايا! محمد جي متعلق جو روزگار پورت جيترو ڪر ۽ وڌيڪ نه ڏي. نه ته برباد ٿي ويندا." ياد رکو ته ضرورت کان زياده مال جمع ڪرڻ ٽن سببن ڪري ضرر پهچائيندو آهي:(1) مال جي سبب کان گناهه جي قدرت ٿئي ٿي ۽ قدرت جي هوندي صبر ڪرڻ ۽ گناهه کان بچڻ گهڻو ڏکيو آهي. جڏهن ضرورت کان وڌيڪ مال نه هوندو، تڏهن گناهه پورو ٿي نه سگهندو.(2) جيڪڏهن مالدار ماڻهو، عابد ۽ زاهد به هجي ۽ مباح لذتن ۾ پئسو خرچ ڪري، تڏهن به ايترو نقصان هن کي ضرور پهچندو، جو ان جو بدن جڏهن ته لذيذ نعمتن سان پليل آهي ۽ لذتن جو عادي ٿي ويو آهي پوءِ جنهن صورت ۾ مال کي بقاءُ ڪونهي ان ڪري پنهنجي عادت پوري ڪرڻ واسطي مخلوق جو محتاج بڻيو رهندو ۽ ڪهڙو عجب جو ظالمن ۽ فاسقن جي آڏو هٿ ڊگهيرڻو پويس، يا انهن جي چاپلوسي ڪرڻي پويس. هن حالت ۾ نفاق، ڪوڙ، رياءَ، دشمني، بغض ۽ حسد سڀئي ظاهر ٿيندا، ان ڪري حضرت رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي: "دنيا جي محبت سڀني گناهن جي پاڙ آهي." ضرورت کان زياده پئسو پاڻ وٽ نه هوندو. ته مباح جو مزو به وات کي نه لڳندو. (3) سبب هي آهي ته حق تعاليٰ جي ذڪر کان غفلت ٿيندي. ڇو ته ڪڙمين، عملدارن، منشين ۽ نوڪرن جي نگراني ۽ ڀائيوارن سان حساب ڪتاب ڪرڻ ۽ ترقيءَ جي اسباب گڏ ڪرڻ جي تدبيرن ۾ اهڙي مشغولي ٿي ويندي، جو حقيقي سعادت، يعني الاهي ذڪر جو وقت ئي ملي نه سگهندو. هڪ ته روپين جو حاصل ڪرڻ، ٻيو انهن جي حفاظت، نگهباني، انهن جو ڪڍڻ ۽ ڪم ۾ لڳائڻ، اهي سڀ ڌنڌا دل کي ڪارو ڪن ٿا، جن کان بصيرت جو نور هليو ٿو وڃي. جڏهن ضرورتن کان وڌيڪ مال ئي نه هوندو. تڏهن اهي ڳڻتيون ۽ تڪليفون به پيش نه اينديون.

        فصل: هاڻي معلوم ڪرڻ گهرجي ته ضرورت ڪهڙي شيءَ جو نالو آهي ۽ ڪيتري مال کي ڪافي مقدار چئجي ٿو؟ ڇو ته هر ڪو شخص کڻي ڪيترو به مالدار ٿي وڃي ايتري قدر جو روءِ زمين جي بادشاهي به ان کي ملي وڃي، تڏهن به هو سمجهندو ته هيءَ بادشاهي منهنجي ضرورتن لاءِ ڪافي نه آهي. انهيءَ ڪري ڄاڻڻ گهرجي ته فرضي ضرورتن جو اعتبار ڪونهي. سچي ضرورت، انسان کي فقط پيٽ ڀرڻ ۽ بدن ڍڪڻ جي آهي. پوءِ جي زينت ۽ سينگار جو خيال نه هجي ته ساري سال ۾ سياري ۽ اونهاري واسطي، فقط ٻه دينار ڪافي آهن، جن مان ٿلها ڪپڙا(جيڪي گرمي ۽ سردي دفع ڪري سگهن) آسانيءَ سان تيار ٿي سگهن ٿا. کاڌي بابت جيڪڏهن پيٽ جو ڀرڻ ۽ چٽو ڇڏي ڏجي ته هڪ مد، روزمره ڪتب آڻڻ جي حساب سان، سال ۾ 360 مد ان ڪافي آهي. ڪڏهن ڪڏهن معمولي دال ۽ ترڪاري جي واسطي سستائي جي وقت ۾ تخمين ٽي دينار ڪافي آهن. هاڻي حساب لڳايو ته ڪيترن ڄڻن جو نفقه يا خرچ اوهان جي ذمي آهي؟ پوءِ محنت ۽ مزدوريءَ سان ايتري قدر پنهنجو ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ نفقه روزانو حاصل ڪريو ۽ خرچ ڪري ڇڏيو ۽ باقي سارو وقت الله تعاليٰ جي ياد ۾ صرف ڪريو. جيڪڏهن هن کان وڌيڪ ڪمائيندؤ ۽ جمع ڪندؤ ته دنيادار ۽ مالدار سمجهيا ويندؤ، جيڪڏهن ڪا زمين ۽ ٻي جائداد، جنهن جي سالياني آمدني مٿئين مقدار جيتري ٿي وڃي ته اها هن نيت سان خريد ڪريو ته روزاني محنت ۽ مزدوري کان بچي، اطمينان سان الله الله ڪري سگهو ته اڄ ڪلهه هن ۾ به حرڪت نه آهي. ڇو ته جائداد خريد ڪرڻ، زمين ۽ مٽيءَ ۾ روپيه لڳائڻ، ان وقت ناجائز آهن: جڏهن ان مان دنيا طلبيءَ جو غرض هجي. عزت ۽ جاهه ۾ ترقي جي نيت يا زميندار ٿيڻ جي دل ۾ خواهش هجي. مٿئين صورت ۾ جڏهن ته دين حاصل ڪرڻ جو مطلب آهي، انهيءَ ڪري هي انهيءَ منع ۾ نٿو اچي. جيڪا حضرت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي"لاتتخذو الضيعته فتحبوا الدنيا" يعني: اوهان زمين خريد نه ڪريو. ڇو ته انهيءَ ڪري دنيا سان محبت ڪرڻ لڳندؤ. انهيءَ سان گڏ هن ڳالهه جو لحاظ ڪرڻ به ضروري آهي ته طبيعتون ۽ همتون جدا جدا قسمن جون هونديون آهن، انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته ڪي ماڻهو مٿي بيان ڪيل ڪفايت واري مقدار تي قناعت نه ڪري سگهن. انهيءَ واسطي انهن جي لاءِ ان کان ٻيڻي مقدار جي به اجازت آهي ڇو ته دين ۾ تنگي ڪانهي مگر هن  زيادتي ۾ هي نيت هجڻ گهرجي ته جڏهن تخفيف ۾ تڪليف پيش اچي ٿي ۽ عبادت ۾ اطمينان(بيفڪري) نه ٿي ٿئي انهي ڪري انسان کي دل جي بيفڪري ۽ اطمينان سان خدا جي يادگيريءَ ۾ مشغول رهڻ واسطي، زياده خرچ جي ضرورت آهي، نه مزي ۽ عيش واسطي. بس هن کان وڌيڪ جو ماڻهو جمع ڪري رکندو، سو دنيادار آهي ۽ ان کي مال جي محبت آهي جا ان جو دين برباد ڪندڙ آهي. ياد رکو ته دنيا جمع ڪندڙن جا غرض جدا جدا ٿيندا آهن:(1) ڪن جو هي آهي، ته مزا ڪريون ۽ لذتون وٺون. (2) ڪن جو هي آهي، ته اڳتي موقع ۽ محل تي صدقا ۽ خيراتون ڪريون. (3) ڪي هن مصلحت ۽ دور انديشيءَ واسطي گڏ ڪري رکن ٿا، ته جيڪڏهن تنگيءَ جو وقت اچي وڃي، يا محنت مزدوري نه ٿي سگهي، يا فاقه ڪڍڻ جي نوبت اچي ته اها بچايل موڙي ڪم ايندي، سو ٻڌو ته اهي ٽيئي نيتون درست نه آهن ڇو ته عيش ۽ لذت خدا تعاليٰ کان غافل ڪري ٿي، باقي خيرات ڪرڻ جي نيت سان مال جمع ڪرڻ کان، هي بهتر آهي ته پاڻ وٽ مال ئي نه هجي. باقي رهيو آئينده واسطي مال جو جمع ڪرڻ جنهن جو نالو دور انديشي آهي، سا ته ڪا چيز ڪانهي ڇو ته جيڪڏهن تقدير ۾ بکون ۽ مصيبتون لکيل هونديون ته اهي ان مال جي ڪري ٽري نه سگهنديون ۽ پڻ جهڙي طرح اوچتي آفت کان بيفڪري ڪانهي، تهڙي طرح هن ڳالهه جي به نااميدي ڪانهي، ته حق تعاليٰ اهڙي جاءِ تان رزق پهچائيندو، جنهن جو اوهان کي گمان به نه هوندو. هن بدگمانيءَ ڪرڻ جو سبب ڪهڙو آهي، ته شايد ڪنهن وقت ۾ خدا تعاليٰ اوهان جو رزق بند ڪري اوهان کي فاقه ڏئي؟ غلام کي پنهنجي آقا ۾ چڱو گمان رکڻ گهرجي، نه بدگماني. انهيءَ کان سواءِ هيءَ به سوچڻ جي ڳالهه آهي، ته هيءَ حوس ڪرڻ، ته ساري عمر شاهوڪار ۽ تندرست رهندس ۽ ڪنهن وقت به ڪنهن قسم جي مصيبت يا رنج اسان کي نه پهچندو، چڱي ڳالهه نه آهي. آسودگي ۽ آرام جي حياتي کي بهتر خيال ڪرڻ عقل وارن جو ڪم نه آهي. ڇو ته مصيبتن ۽ پريشانين جي ڪري بندن کي وڏا وڏا درجا ملن ٿا انهن سان قلب جي صفائي ٿئي ٿي انهن سان گناهه معاف ٿين ٿا ۽ اهي فائدا حاصل ٿين ٿا جن جو حاصل ٿيڻ آسان نه آهي. اهوئي سبب آهي جو سڀ کان وڌيڪ پريشانيون پيغمبرن عليه السلام کي سهڻيون پيون ۽ انهن کان گهٽ پريشانيون، کانئن گهٽ رتبي وارن کي. مطلب ته خدا جي قرب ۾ پيغمبرن سان جيتري مناسبت هوندي، انهيءَ نسبت تي اوتريون پريشانيون ۽ مصيبتون سهڻيون پونديون. ياد رکو ته الله تعاليٰ وڏي حڪمت وارو آهي ان جو ڪوبه ڪم حڪمت کان خالي ڪونهي هو پنهنجن ٻانهن جي مصحلت کي چڱي طرح ڄاڻ: ٿو. پوءِ خدا تعاليٰ اوهان کي جنهن به حال ۾ رکي، ان ۾ اوهان جي ڀلائي آهي. ان ڪري پاڻ پنهنجي راحت تجويز ڪرڻ ۽ انهيءَ حوس ۾ ايندڙ مصيبت جي لاءِ ذخيرو گڏ ڪرڻ، ڄڻ ته پنهنجو انتظام پنهنجي هٿ ۾ رکڻ ۽ پنهنجي تجويز کي خدا جي تجويز کان بهتر سمجهڻ آهي جو سراسر حماقت ۽ ناداني آهي. ان کان سواءِ هي ڳالهه به غور جي لائق آهي ته موت کان اڳ واويلا ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ۽ آئينده جي دنيوي زندگي، يعني ٻڍاپڻ ۽ ضعيفيءَ جي زماني جي فڪر ڪرڻ مان نتيجو ڪهڙو؟ نه اوهان هن فڪر واسطي پيدا ٿيا آهيو، نه ڪي اوهان جي فڪر ڪرڻ سان اوهان جو رزق، جو مقدر ٿي چڪو آهي سو گهٽ يا وڌ ٿي سگهي ٿو. اوهان ته آخرت جا مسافر آهيو، ان جي سامان گڏ ڪرڻ واسطي دنيا ۾ موڪليا ويا آهيو. پوءِ ان جو فڪر ڪريو ۽ دنيا جي پرواهه به نه ڪريو ته ڪيتري ملي ٿي ۽ ڪيئن ملي ٿي؟

        فصل: ڪفايت جو مقدار، جو اسان بيان ڪيو آهي، اهو جڏهن ته تخميني ۽ اٽڪل طرح آهي. انهيءَ ڪري ماڻهن جي طبيعتن، حالتن ۽ موسم جي سستائي ۽ مهانگائيءَ جي ڦير گهير ڪري ان ۾ زيادتي ۽ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. اسان جو مقصد آهي ته مال کي دوا وانگر سمجهي، جا ضرورت آهر مفيد ۽ نافع آهي، جي ان ۾ ٿوري زيادتي ڪئي وڃي ٿي ته اها بيماري کي وڌائي ٿي ۽ جي ان ۾ گهڻي زيادتي ڪئي وڃي ٿي ته ساهه جي صفائي ڪري ڇڏي ٿي پوءِ جيترو ٿي سگهي اوترو خرچ گهٽ ڪريو. جي تڪليف آهي ته فقط ٿورن ڏينهن واسطي آهي. ڇا لاءِ ته حياتي ٻن ٽن ڏينهن جي آهي. پوءِ اها ڪهڙو به حال هوندو ته گذري ويندي ۽ هي به ياد رکو ته کاڌي جو مزو به بک جي وسيلي معلوم ٿيندو آهي پوءِ جيتري قدر هتي بکيا رهندؤ، اوتري قدر بهشت جي نعمتن مان وڌيڪ مزو لهندئو..

        فصل: بخل جي حد به معلوم ٿيڻ گهرجي ڇو ته اڪثر آدمي خود پنهنجي حالت ۾ شڪ ڪن ٿا ۽ نٿا سمجهن ته هو بخيل آهن يا سخي؟ انهيءَ ڪري ڄاڻڻ گهرجي ته جڏهن شريعت مال خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي يا جتي مروت جي خواهش هجي ته اتي مال نه خرچڻ بخل ۽ ڪنجوسائي آهي. پوءِ جو شخص پنهنجي زال ۽ ٻارن کي اهو نفقه يا خرچ برابر ڏئي ٿو جيڪو مٿس قاضيءَ مقرر ۽ واجب ڪيو آهي. مگر هن کان وڌيڪ هڪ لقمو ڏيڻ به ان کي پسند نٿو اچي، ته هيءَ سختي جيتوڻيڪ شريعت جي برخلاف نه آهي پر مروت جي برخلاف آهي. انهيءَ ڪري اها بخل آهي. مثلن وهان ڪنهن دڪاندار کان ڪا شيءِ خريد ڪئي ۽ تمام ٿورڙي نقص يا عيب جي ڪري اها شيءِ واپس ڪريو ته هيءَ واپسي جيتوڻيڪ شرعن جائز آهي مگر جڏهن ته مروت جي برخلاف آهي ان ڪري ان کي بخل چئبو. هتي هي شبهو نه ٿيڻ گهرجي ته جڏهن اهي صورتون مروت جي ابتڙ هجڻ ڪري بخل ۽ ڪنجوسائيءَ جون آهن، ته پوءِ اهي شريعت جائز ڇو ڪيون؟ ان جو جواب هي آهي ته هن قسم جي بي مروتي جي ڳالهين کي جائز چوڻ ۾ شريعت جي منشا هيءَ آهي ته عام ماڻهن جو پاڻ ۾ جهيڙو دور ٿئي ۽ بخيلن تي ايترو ٿورو بار وجهي، جيڪو هو کڻي سگهن ته دنيائي انتظار قائم رهي. مگر ان سان گڏ مروت جو سلوڪ ۽ جيڪي اتفاقي ضرورتون پيش اچن انهن کي پورو ڪرڻ به ضروري آهي. حديث شريف ۾ آيو آهي ته"جنهن مال جي ذريعي ماڻهوءَ پنهنجي آبرو بچائي اهو به صدقو آهي.“ مثلن ڪنهن مالدار کي انديشو هجي ته هي شاعر منهنجي هجو ڪندو پر جي آءُ ان کي ڪجهه ڏيندس ته ان جي وات کي مهر لڳندي پر ان علم هوندي به هو ان کي ڪجهه نه ڏيئي ته اهو ماڻهو بخيل سمجهيو ويندو. ڇو ته هن پنهنجي آبرو بچائڻ جي تدبير نه ڪئي ۽ بري ماڻهو کي برائي ڪرڻ جو موقعو ڏنائين. ظاهر آهي ته مال جي ذات يا جند مقصود ۽ محبوب نه آهي ڇو ته ڪوبه ان کي کائي ۽ ڳهي ڪونه ٿو. مگر جڏهن ته مال جي وسيلي ضرورتون پوريون ۽ مصلحتون حاصل ٿين ٿيون ان لاءِ مال مرغوب ۽ دل وڻندڙ آهي. هن بنا تي، جتي مال خرچڻ ۾ فائدو هجي، اتي نه خرچڻ غلطي آهي، پوءِ جو ماڻهو ضرورت هوندي به مال نه خرچي، ته سمجهبو ته ان ماڻهوءَ کي مال جي جند سان محبت آهي ۽ انهيءَ فائدي سان جيڪو مال مان وٺجي ٿو ان سان هن کي بلڪل واسطو ڪونهي. ڪڏهن مال جي محبت هن حد تائين وڌي ويندي آهي جو انسان کي پنهنجو فائدو ۽ نقصان به نظر نه ايندو آهي. اها حالت بلڪل خطرناڪ آهي، جنهن کي جهل مرڪب چوڻ گهرجي. پوءِ اهڙي صورت ۾ عقل ۽ شرع جي پابند بنجڻ جو زياده خيال ڪريو. جنهن جاءِ تي خرچ ڪرڻ جو، اهي ٻئي حڪم ڏين، اتي يڪدم مال خرچ ڪريو. اهو ته بخل جو بيان هو، باقي رهي سخاوت سو ان جي ته ڪا حد ئي مقرر ڪانهي. ايترو سمجهو ته بخل جي حد کان ٻاهر نڪري جيترو به خرچ ڪريو سو سڀ سخاوت ۾ داخل آهي.

        علمي علاج هي آهي ته بخل جا اهي نقصان معلوم ڪريو جن مان آخرت جي خرابي ۽ دنيا جي بدنامي پئي بخل مان پيدا ٿين ٿيون. ڄاڻو ته مال بخيل سان گڏ وڃڻ وارو ڪونهي. صرف قبر جي کڏ تائين لاڳاپو رکي ٿو. دنيا ۾ انسان کي جيڪو مال ڏنو ويو آهي سو صرف هن غرض لاءِ ته هو مال کي پنهنجي ضرورتن ۾ خرچ ڪندو رهي. پوءِ جي اوهان جانور بنجي مال کي پنهنجي نفسياتي خواهشن جي پوري ڪرڻ ۾ خرچ ڪندو، ته وڏي ضرورت نعمت، يعني آخرت جي لذتن کان محروم رهجي ويندو. جيڪڏهن مال دنيا ۾ اولاد واسطي ڇڏي مرندو ته اولاد کي ته آرام ڏيندو مگر اوهان خود خالي هٿين  هليا ويندو. هاڻي اوهان ٻڌايو ته هن کان وڌيڪ ڪا ٻي حماقت لاءِ ٻي حماقت ٿي سگهي ٿي؟ ذرا غور ڪريو ته جيڪڏهن اوهان جو اولاد صالح ۽ نيڪ بخت ٿيندو ته ڇا خدا ان جي ضرورتن جو ڪفيل يا ڪارساز نه ٿيندو؟ پوءِ اوهان جي مال جمع ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ جيڪڏهن خدانخواسته اولاد بدڪار ٿيو ته اهو اوهان جو جمع ڪيل مال خدا تعاليٰ جي نافرماني ۾ خرچ ڪندو. ان جو اوهان تي وبال پوندو ڇو ته بي فرماني جو سبب اوهان ٿيا آهيو. جيئن جيئن ٻيا ماڻهو اوهان جي مال مان عيش ۽ عشرت ڪندا تيئن تيئن اوهان کي وڌيڪ عذاب ٿيندو. انهيءَ قسم جي ڳالهين سوچڻ ۽ بخل جي نتيجن تي غور ڪرڻ سان اميد آهي ته انشاءَالله تعاليٰ اوهان کي بخل کان شفا ملندي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

غلام مصطفيٰ سولنگي شڪارپور / پشتو  ادب مان چونڊ

ٽي ڀتر

 

        شاديءَ جا مـُـهڙيان پنج مهينا ته مريم ڪنهن راڻيءَ وانگي ٺاٺ باٺ سان گذاريا. هوءَ هن گهر ۾ پهرين ننهن هئي ان ڪري سس ۽ سهرو گهور گهور پيا ويندا هئس، يارنهن سالن جو ڏير ۽ نون سالن جي ڏيرياڻي ته سندس ٻڌا ٻانها هئا. کين ڪهڙي مجال جو هن جو حڪم ٽارين، پرڇهون مهينو مريم لاءِ نڀاڳو ثابت ٿيو. اها ڳالهه سندس ڪنن مان لنگهي دل ۾ تير جان ٽـُـنبجي وئي ته مير گل جي ويزا لڳي وئي آهي ۽ هو ڪمائڻ لاءِ ابو ظهبيءَ وڃي رهيو آهي. کيس ائين لڳو ڄڻ هوءَ گڏي هجي ۽ کانئس گڏو کسيو پيو وڃي. هن اڀ ڏار رڙيون ڪرڻ ٿي چاهيون پر هوءَ صبر جي زهر جو ڍڪ ڀري گونگي ٿي وئي. هن پنهنجي ڳوڙهن جي واٽ ۾ هڪ مضبوط بند ٻڌي ڇڏيو. هوءَ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه ڪري به ڪونه پئي سگهي.

        سـُـهري جڏهن کيس پرشان ڏٺو ته دلجاءِ ڏيڻ لاءِ چيائين، ڌيءَ...! ڏاهي ٿي، مير گل تنهنجو مڙس آهي ته اسان جو پٽ به آهي هن جي وڃڻ تي اسان پاڻ رنج آهيون، پر ڇا ڪجي، مجبوري آهي، توکي خبر ناهي ته تنهنجي شاديءَ تي ڪيڏو خرچ آيو هو. قرض ۾ اڃان تائين منهنجو وار وار جڪڙيل آهي، ڏس ته ڳوٺ جا ڪيترا نه ماڻهو ٻاهر ڪمائڻ لاءِ ويا آهن، لطيف شاهه جو پـُـٽ ته نوٽن جا بنڊل پيو گهر موڪلي، گل حسن حجام جا ٻه پٽ ڪويت ۾ آهن ۽ جڏهن هتي ايندا آهن ته اسان جي اڳيان گاڏين ۾ گهمندا مزا ماڻيندا وتندا آهن، اسان جي دل به چئي پئي ته انهن وانگر عيش سان رهون، آخر ڪيستائين اسان هن بي سـُـري گهر ۾ رهنداسين....؟

        مريم ڪنڌ جهڪايو ٻڌندي رهي، سهري جا اهي لفظ هٿوڙا بنجي سندس دل ۽ دماغ کي چٿڻ لڳا.

        بهار جا ڏينهن ته مير گل گهر ۾ گذاريا، پر جڏهن اونهارو شروع ٿيو ۽ ماڻهو سمهڻ لاءِ کٽون ڪمرن کان ٻاهر ڪڍيون ته ان وقت هو ابو ظهبيءَ پهچي چڪو هو. مريم جي ڄڻ ته هڙ هلي وئي هئي، هر خوشي هن کان کسجي چڪي هئي، رات جو کٽ تي سمهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اکين مان گونگو پاڻي وهائيندي رهندي هئي ۽ پوءِ الائجي ڪيڏي مهل تارا ڳڻي ڳڻي سمهي پوندي هئي.

        هڪ رات جڏهن هوءَ چپ چاپ ڪيو اکيون ٻوٽيو کٽ تي ليٽي پئي هئي، ته اوچتو ڪنهن جي کٽ مان ٽڙڪاٽ نڪتا، هن اکيون کولي ڏٺيون ته سندس سـُـهرو کٽ تان اٿي اندر ڪمري ۾ وڃي رهيو هو، وري اکيون ٻوٽي ننڊ کي ايلاز ڪرڻ شروع ڪيا. ايتري ۾ وري ڀرسان واري کٽ ٽڙڪاٽ ڪيا هن اکيون کوليون ڏٺائين ته سندس سس جي کٽ به خالي پئي هئي. ڪچي ننڊ ڦٽڻ کان پوءِ هن جي ذهن ۾ سوين سوال اٿلڻ لڳا.

        "اهي ايڏي گرميءَ ۾ ڪمري ۾ وڃي ڇا پيا ڪن...؟ ڪٿي اهي منهنجي پيتيءَ مان زيور ۽ پئسا ته نه پيا ڪڍن...؟ پر پيتيءَ کي ته تالو لڳل آهي.. نه نه... اها کليل آهي..." آخر انهن وسوسن هن کي ڪمري ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيو دروازي وٽ پهچي هن جيڪو ڏٺو  تنهن هن کي ڏڪائي ڇڏيو، سڄي جسم مان سيسراٽيون اڀري ويس، هن پويان پير ڪيا ۽ اچي کٽ تي ليٽي پئي. سوچيائين، "منهنجي سس کي ته اهڙي ويجهڙائي کپي. باقي منهنجي مير گل کي ته پئسن ڪمائڻ لاءِ ابو ظهبيءَ موڪلي ڇڏيائون."

        اڄ هن جي دل ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي سس خلاف ساڙ ۽ نفرت جو جذبو جاڳيو هو، سندس وس پڄي ها ته ٻنهي کي ڪچو چٻاڙي ڇڏي ها.

        اوسيئڙي ۽ صبر جي ڪنڊن جي سيج تي سمهندي مريم شاديءَ جا ٻه سال ڪنهن قيديءَ وانگر گذاري ڇڏيا. انهن ٻن سالن ۾ مير گل کيس ڇا ڇا نه موڪليو هو، مهانگا لٽا ڪپڙا، هار سينگار جو سامان، زيور ۽ نوٽن جا بنڊل جيڪي سندس نالي تي بينڪ ۾ گڏ ٿيندا رهندا هئا، پر مريم کي ڪجهه ڪين ٿي وڻيو، هن جي دل جي درياهه ۾ اهي ڇوليون پئي اٿيون، جن ۾ هوءَ ٿاڦوڙا هڻندي لڙهندي پئي وئي، ڪڏهن ڪڏهن ته کيس ائين لڳندو هو، ڄڻ هوءَ گهر ۾ نه پر ماڪوڙن جي ٻر ۾ رهندي هجي. رات جو سس ۽ سهري کي ڪمري ڏانهن ويندي ڏسي هن کي لڳندو هو ڄڻ هر شيءَ کيس کائڻ پئي اچي ۽ سندس وات مان رڙيون زور سان ڀڄي نڪرنديون هيون، پر هوءَ وات تي هٿ رکي رڙين کي ٻنجو ڏئي پنهنجو اندر ساڙيندي رهندي هئي.

        مريم جڏهن تلاءُ تان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي ته اتي پنهنجي پرڻيل ساهيڙين جون ڳالهيون ٻڌي صفا چري ٿي پوندي هئي. سندس اهي ڳالهيون هن جي ٻرندڙ اندر تي تيل هارينديون هيون، هوءَ پريشان ٿي ويندي هئي ۽ بيچينيءَ جي درياهه ۾ غوطا کائڻ لڳندي هئي.

        اهي عورتون پاڻي ڀرڻ لاءِ سيد افضل جي ٻنيءَ مان ٺهيل چاري تان لنگهي تلاءُ تي وينديون هيون سيد افضل صبح شام پوک ۾ ڪم ڪندو رهندو هو ۽ اهڙيءَ طرح اتان لنگهندڙ ڇوڪرين جو ديدار به ڪندو هو. هو ظاهر ۾ ته پوک ۾ ڪم ڪندي نظر ايندو هو پر سندس نظرون ايندڙ ويندڙ ڇوڪرين جي مٿي تي رکيل دلن، گول مٽول چهرن ۽ مٿي ڪنجيل ٻانهن ۽ ڄنگهن مان نظر ايندڙ برف جهڙي اڇي جسم تان ترڪنديون رهنديون هيون.

        سيد افضل سهڻو سيبتو ۽ قدر آور جوان هو ۽ اهڙين عورتن لاءِ ته هڪ خزاني وانگر هو، جن جا مڙس ٻاهر ڪمائڻ لاءِ ويل هئا. هو ڳوٺ جي پنجن ڇهن عورتن سان ٺهيو هو ۽ ان مقصدل لاءِ کيس هڪ ڌوتي بختوءَ جون خدمتون حاصل هيون. هو بختوءَ کي عيوضي طور لٽا ڪپڙا، پئسا، ڏوڪڙ ۽ ٻيون شيون ڏيندو هو. بختوءَ جي ذريعي ئي مريم جي ملاقات سيد افضل سان ٿي ۽ پهرين ئي ملاقات ۾ مريم جو سڀ ڪجهه ٽڙي پکڙي ويو. هن جي حياءَ، امانت ۽ عصمت جو پيالو، سيد افضل جي حيواني خواهشن هٿان ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي چڪو هو.

        بختو دلاليءَ سان گڏ ڊاڪٽريءَ جو ڪم به ڪندي هئي ۽ سيد افضل جي پوکيل حرامي ٻوٽن کي به پاڙون پٽي ناس ڪندي رهندي هئي. هن سيد افضل جي سهيلين کي دوا  ۽ گورين جي استعمال کان سواءِ ڪيتريون ئي ورزشون به سيکاري ڇڏيون هيون. هن مريم کي به لپ کن گورين جي ڏني هئي پر هن لاپرواهي ڪئي ۽ هڪ به گوري وات کي نه چکايائين. سندس ان لاپرواهيءَ جو نتيجو ئي هو جو ٽن چئن مهينن جي اندر سيد افضل جي پوکيل حرامي ٻج ڦوٽهڙو شروع ڪيو.

        مريم پنهنجي گناهه جو ٻار هميشه پنهنجي وڏي چادر هيٺيان لڪائي رکندي هئي پر هڪ ڏينهن سندس سس جون باز جهڙيون تيز نظرون ان چادر مان پار ٽپي ويون، هوءَ صبر کان ڪم وٺڻ جي باوجود به ننهن جي پرڪارن کي لڪائڻ جي همت نه ڪري سگهي، کيس خوف هو ته جيڪڏهن هن مير گل جي پيءُ کي مهل سر اها ڳالهه نه ٻڌائي ته پوءِ کيس به ان ڏوهه ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ڪيو وڃي، وڏي ڳالهه اها ته ٻن مهينن کان پوءِ مير گل به گهر اچڻ وارو هو.

        هڪ رات جڏهن مريم ڳڻتيءَ جي حالت ۾ ايندڙ طوفان جي لهرن ۽ ڪنن ۾ ٻڏي رهي هئي ته سندس سس کيس ستل ڏسي مڙس کي سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي. هو اها خبر ٻڌي کٽ تي اٿي ويهي رهيو. هو ڳچ دير تائين ويٺو ان معاملي جي مختلف رخن تي سوچيندو رهيو ۽ پوءِ مٿان چادر پائي سمهي پيو.

        مريم جاڳي رهي هئي، گهڻي گهڻي دير کان پوءِ هن سڀني کي اگهور ننڊ ۾ ستل ڏسي پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرڻ جو ارادو ڪيو، هوءَ اٿي ۽ ڪنهن چور وانگر اچي دروازو کولي ٻاهر نڪتي ۽ پنهنجي منزل ڏانهن وٺي ڊوڙ پاتائين.

        سندس اجهو ملڪ صاحب جو گهر هيو. ملڪ صاحب تر جو چڱو مڙس هو، ننڍو وڏو سندس عزت ڪندو هو ۽ سندس هر فيصلو لوهه تي ليڪ سمجهيو ويندو هو، گڏوگڏ هو پرهيزگار، سچار ۽ انصاف پسند هو، تنهن ڪري مريم به پاڻ کي سندس ئي حوالي ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀلو ڀانيو.

        صبح جو ٻانگ آئي ته مريم صاحب جي وڏي گهر واريءَ سان چلهه تي ويٺي پنهنجي ڳالهه پئي ٻڌائي.

        ٻن مهينن کان پوءِ مير گل گهر پهتو ته کيس سڄي صورتحال ٻڌائي وئي، هن بندوق کنئي ۽ ماءُ ۽ پيءُ جي جهلڻ جي باوجود به سڌو ملڪ صاحب وٽ پهچي ويو. ملڪ صاحب کيس چيو، "تون ڀلي پنهنجي امانت وٺي وڃ، ڪنهن کي پاڻ وٽ گهڻو عرصو ويهارڻ منهنجو اصول ناهي، پر هڪ شرط آهي. مريم چيو آهي ته مير گل مون سان فيصلو ڪري ۽ پوءِ چار چڱا مون کي جيڪا سزا ڏين، سا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان."

        مير گل نه چاهيندي به فيصلي ڪرائڻ جو شرط مڃي ورتو، هفتي کن کان پوءِ تر جا چڱا مڙس ملڪ صاحب جي اوطاق تي پهچي ويا ۽ مريم کي به هڪ عورت جي نگرانيءَ ۾ فيصلي ۾ ويهاريو ويو. هڪ اڇي ڏاڙهي واري بزرگ کيس مخاطب ڪندي چيو،"مريم! توکي پنهنجي صفائيءَ ۾ جيڪو ڪجهه چوڻو آهي، سو چئي ڏي..."

        مريم پنهنجي عقل ۽ حوصلي کي گڏ ڪندي وراڻيو" مون تي جنهن ڏوهه جو الزام هنيو ويو آهي، تنهن کان مان انڪار نه ٿي ڪريان ۽ هر قسم جي سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان، پر شرط آهي ته مير گل به قرآن شريف تي هٿ رکي قسم کڻي ته هن جيڪي ٽي سال گهر کان ٻاهر گذاريا آهن، تن ۾ ڪنهن ڌاري عورت کي هٿ نه لاتو آهي، جيڪڏهن هو سچو آهي ته پوءِ قسم کڻي، جي ناهي ته پوءِ آخر فقط مون کي ئي سزا ڇو پئي ملي....؟؟"

        مريم جي اها ڳالهه ٻڌي مير گل جو پيءُ اٿيو ۽ چيائين، "ها ها...! مير گل قرآن پاڪ تي هٿ رکي قسم کڻندو...؟"

        ملڪ صاحب قرآن پاڪ گهرايو ۽ چمي هٿن ۾ جهلي بيٺو. مير گل کي پڻس چيو، "اٿ پٽ...! قرآن تي هٿ رکي قسم کڻ..." مير گل پگهران پگهر ٿي ويو هو ۽ ڪنڌ جهڪايو آڱر سان ويٺي پٽ تي ليڪا پئي ڪڍيائين، هن جو منهن صفا هيڊو پيلو ٿي ويو. پوءِ ملڪ صاحب کيس چيو"شاباش مير گل...! اٿ جلدي ڪر ته مان فيصلو ٻڌايان... اهو ٻڌي مير گل اٿيو وري جهڪي پٽ تان ٽي ڀتر کڻي مريم ڏانهن اڇلائيندي چيائين:

"هڪ ..... ٻه... ٽي.." ۽ پوءِ بنا ڪنهن ڪڇڻ جي تکو تکو اوطاق مان ٻاهر نڪري ويو.

 

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com