شريمتي راڻي ڪرڻ حيدرآبادي
(سنگيت ناٽڪ اڪئڊمي ايوارڊ ماڻيندڙ)
راڻي ڪرڻ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي ۽ هند جي مها گروئن نرت آچاريا
نارايڻ پرساد پنڊت سندر پرساد ۽ برجو مهاراج کان
نرت ڪلاجي سکيا ورتائين. راڻي ڪرڻ انهن پهرين مکيه
ڪلاڪارن مان هڪ آهي، جن ڪٿڪ ناچ ۾ مهارت حاصل ڪئي.
راڻي ڪرڻ کي جئپور ۽ لکنو گهراڻن جي عظيم روايتن ۽
رس ڀاءُ سان جڙيل هئڻ جي ناتي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
هيءَ پنهنجي ڪلا ۾ ست ڪوين سورداس ۽ ڪوي رابندر
ناٿ ٽئگور جي رچنائن کي پوئيو آهي. ان ريت هن
ساهت، سنگيت ۽ نرت جو سنگم ڪيو آهي، هن جي پيش ڪيل
نورسما ليڪا، ورهه ملڻ رس، آنند ڌارا، پڄارڻ، وت
پراوا، هوري کيلا ۽ وينوناد کي تمام گهڻو ساراهيو
ويو. دهلي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ايس ڪي سڪسينا
جي سهڪار سان ڪٿڪ جي رس ڀاءُ تي سندس ڪيل ڪم وڏي
مڃتا ماڻي آهي. هوءَ ڪلڪتا ميوزڪ اسڪول جي 1978ع
کان 1993ع تائين اڳواڻ رهي. اهانا جي ڊانس
ڊپارٽمينٽ جي باني ۽ اڳواڻ پڻ رهي. سنگيت ۽ نرت
پنگ ارويندا ڀون ڪلڪتا جي 1980ع کان 1987ع تائين
ڊائريڪٽر رهي. تازو سمسڪر تڪي، شيريسڪار ڊانس،
اڪئڊمي به سندس ڊائريڪٽرشپ ۽ رهنمائيءَ هيٺ قائم
ڪئي وئي آهي. پاڻ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا اٿائين.
1955ع ۾ پريزيڊنٽ گولڊ ميڊل، ڪٿڪ ناچ راڻي، ايوارڊ
آف ڊسٽنڪشن 2002ع، سنگيت ناٽڪ اڪئڊمي ايوارڊ
1997ع، اکل ڀارتيه سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا پاران
راڻي ڪرڻ جي خدمتن تي کيس جس ۽ واڌايون ڏنيون ويون
آهن. حيدرآباد سنڌ ڄائي شريمتي راڻي ڪرڻ سڄي دنيا
جي جن ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي سي
آهن جپان، هانگ ڪانگ، لائوس، برما، نيپال،
پاڪستان، افغانستان، يو ايس ايس آر، يوگوسلاويا،
رومانيا، بلگاريا، اٽلي، فرانس، هالئند، لڪسمبرگ،
سوئيٽزرلئنڊ، سوئيڊن، فن لئنڊ ۽ يونائيٽيڊ ڪنگڊم.
Address: Samskritiki ke Shregaskar, 1_*w, 312 adhpur park _
phone (033) 24149641, email: ranikaran @
vsul.net
(”سنڌالاجي“ آديپور، ڪڇ جي ٿورن سان) _______(ادارو)
تعارف
نازيا ميمڻ، ادبي گهراڻي سان تعلق هئڻ ڪري نازيا پڙهڻ ۽ لکڻ ۾
به دلچسپي رکي ٿي. سندس گهر ۾ هڪ ننڍڙي لائبريري
پڻ آهي. هوءَ واندڪائيءَ وقت مختلف ڪتاب پڙهندي
رهندي آهي. هوءَ ذهين هئڻ ڪري هر موضوع تي بحث
ڪندي نظر ايندي آهي. نازيا جو اصل ڳوٺ ته مورو،
ضلعو نوشهروفيروز آهي پر سندس پيدائش ڪراچيءَ ۾ ٿي
آهي. هن وومين ڪاليج مان اڪنامڪس ۾ ماسٽرس ڪئي
آهي. هن کي جاب ڪرڻ جو شوق ننڍي هوندي کان هو،
جڏهن هوءَ گهر ۾ پنهنجي پڦين کي تيار ٿي آفيس
ويندي ڏسندي هئي. نازيا هاڻ ڪراچيءَ ۾ ئي هڪ
موبلنڪ ڪمپنيءَ ۾ سٺي عهدي تي جاب ڪري ٿي. نازيا
جي لاءِ هيءَ جاب پسند وٽان آهي ۽ ان لاءِ سٺو
تجربو اٿس.
هوءَ ٻين ڀيڻن ڀائرن ۾ چوٿين نمبر تي آهي، پر گهڻي اعتماد ۽
ذهين هئڻ ڪري گهر ڀاتي هن کان ئي صلاح مشورو وٺندا
رهندا آهن. هن جو پيءُ هن جو سٺو دوست آهي. هوءَ
هر ڳالهه پنهنجي پيءُ سان شيئر ڪندي آهي. نازيا
بيوٽي پارلر جو به ڪورس ڪيو آهي. گهر ۾ ڪنهن به
خوشيءَ جي موقعي تي هوءَ پنهنجين ڀيڻن کان علاوه
سرتين کي تيار ڪندي نظر ايندي آهي. هوءَ ڪپڙن تي
پڻ سٺي ڊزائننگ ڪندي آهي.
فضا قريشي
سان ڳالهه ٻولهه
گلبدن جاويد
سرتيون: سڀ کان پهرين اوهان اسان کي پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾
ڪجهه ٻڌايو ته اوهان ڪڏهن ۽ ڪٿي پيدا ٿيون؟ تعليم
ڪٿي ڪٿي حاصل ڪئي آهي؟ پنهنجي گهر ۽ خاندان جي
باري ۾ به ڪجهه ٻڌايو.
فضا: آءٌ 7_ جنوري 1975ع تي، ٺٽي شهر جي واسواڻي محلي ۾ پنهنجي
ڏاڏاڻي گهر ۾، امان ٻڌائيندي آهي ته صبح جو چئين
وڳي ڄايس اهو شايد سومر جو ڏينهن هو. چاچا وڏي
منهنجو نالو رضيه سلطانه رکيو، پر آءٌ تمام گهڻو
بيمار رهندي هيس. پوءِ ڪافي عرصي کان پوءِ محرم جي
شايد ڏهين تاريخ تي بابا ڪو اسلامي ڪتاب پئي
پڙهيو، ان ۾ بيبي فضا جو ذڪر هو، جيڪا ڪربلا ۾
امام حسين ۽ پوءِ يڪو بي بي زينب سان گڏ رهي. ان
جي ڪردار کان متاثر ٿي، منهنجو نالو مَٽي فضا
رکيائون. اسين چار ڀائر ڀينرون آهيون ۽ سڀئي ٺٽي ۾
ئي ڄاواسون بابا حيدرآباد ۾ روينيو ۾ سپريٽينڊينٽ
هو ۽ رهندو به هو. ان ڪري حيدرآباد ۾ هو. ڏهين
پندرهين ڏينهن يا ڪڏهن ڪڏهن ته مهيني ۾ هڪڙوڀيرو
ڳوٺان چڪر لڳائيندو هو. جڏهن ٿورڙا وڏيرڙا ٿياسين
ته به امان ٽپڙ ٽاڙي ٻڌي اچي حيدرآباد وسائي، بابا
کي پراڻي وحدت ڪالونيءَ ۾ ڪوارٽر الاٽ ٿيل هو، گهر
جو نمبر ياد ٿو پويم. ته
C_ 167
هو. ننڍپڻ جا شروعاتي ڏينهن وحدت ڪالونيءَ ۾ ئي
گذريا، پر مون کي راند روند سان ميڙئي گهٽ شوق
هوندو هو. ننڍي هيس ته امان کي چهٽي پيئي هوندي
هيس، سڀ کان وڌيڪ کير امان جو مون پيتو، پوءِ به
ڪتابن، ڪاغذن، قلمن ۽ وڏن جي ڪچهريءَ ۾ ويهڻ ۾ مون
کي وڌيڪ دلچسپي هئي. وحدت ڪالونيءَ ۾ ئي ڇوڪرن
توڙي ڇوڪرين جو سرڪاري اسڪول هو، ٻئي ڀائر ۽ ڀيڻ
اتي ئي پڙهندا هئا، مون کي به اتي ئي داخل ڪيو
ويو. پهريون ڪچو ۽ پڪو ته اتي ئي پڙهيم، پر مزو ٺپ
ڪونه ايندو هيم. اتي سنڌي جي مس سان ته اصل چپ پيل
هيس. ماريندي به ڏاڍو هيم. سڄي رسيس ڪڪڙ ڪريو
بيهاريو بيٺي هوندي هئي. مس شميم سندس نالو هو ۽
پوءِ آءٌ به ضد ۾ نه سندس سبق ياد ڪندي هيس، نه
وري هوم ورڪ ڪندي هيس. تنهن دور ۾ پرائيويٽ اسڪول
نه هئڻ برابر هئا. تن ڏينهن مسلم سوسائٽيءَ ۾ آغا
تاج محمد نالي انگريزي ۽ سنڌي ميڊيم اسڪول کليو.
اسان جي پاڙي ۾ جوکيا به رهندا هئا، انهن جو هڪڙو
ڇوڪرو منهنجو سن هو، تنهن کي ان اسڪول ۾ داخل
ڪرايائون. هو پوءِ سڄو ڏينهن اسڪول جي يونيفارم ۾
پيو هلندو هو، پينٽ شرٽ، ٽاءِ، جوراب، بوٽ، بيج!
سڀني ٻارن کي پنهنجا انگريزي وارا ڪتاب پيو
ڏيکاريندو هو. انهن سڀني شين مون کي ڏاڍو متاثر
ڪيو ۽ مون گهر ۾ ضد شروع ڪيو ته: ”آءٌ به اگلو
واري اسڪول ۾ پڙهنديس.“
سرتيون: اگلو؟
فضا: ان ڇوڪري جو نالو اگلو هو. نالو ته غضنفر هيس پر پيار ۾
اگلو چوندا هيس. هاڻي اهو ساڳيو اگلو، جماعت
اسلاميءَ جو ملان ٿيو تبليغون پيو ڪري.
سرتيون پوءِ مائٽن توهان کي اگلو واري اسڪول ۾ داخل ڪرايو يا
نه؟
فضا: ها امان مڙئي همت ڪئي. آءٌ سرڪاري اسڪول ۾ وڃڻ کان صفا
نابري واري بيهي رهيس. اسڪول وڃڻ جو ٽائيم اچي ته
فضا غائب! پوءِ امان بابا ڏٺو ته هاڻي ٻيو ڪو چارو
ناهي، سو هڪ ڏينهن امان مون کي داخل ڪرائي آئي.
اهو ڏينهن اڄ به مون کي چٽو ياد آهي. ۽ ان ڏينهن
وارا احساس ۽ خوشي آءٌ اڄ به محسوس ڪري سگهان ٿي.
سرتيون: چئبو ته اهو ڏينهن توهان جي زندگيءَ جي بهترين ڏينهن
منجهان هڪڙو ڏينهن هو.
فضا: ها بلڪل! ان ڏينهن منهنجي زندگي هڪڙو نئون موڙ (turn)
کاڌو ۽ اتان کان مون شائن (Shine)
ڪرڻ شروع ڪيو. اسڪول جي بهترين شاگردياڻي بنجي
پيس. هر سال پهريون نمبر کڻندي هيس ۽ ائين اتان ئي
مئٽرڪ پاس ڪيم. انٽرميڊئيٽ نزرت گرلس ڪاليج، تلڪ
چاڙهيءَ مان ڪيم.
سرتيون: پري ميڊيڪل ۾ يا پري انجنيئرنگ ۾؟
فضا: پري انجنيئرنگ ۾. دراصل اهو فيصلو امان جو هو. مئٽرڪ جي
شاگرد جي حيثيت ۾، مون کي انهن ٻنهي شعبن جي
مستقبل بابت ڪا خاص ڄاڻ ڪانه هئي. وڏي ڀيڻ ميڊيڪل
۾ پڙهي پئي، سو امان چيو ته هڪڙي ڌيءَ ڊاڪٽر، ته
ٻي انجنيئرنگ هجي. حسابن ۾ منهنجون مارڪون به
سٺيون هيون. ائين انجنيئرنگ ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو،
پر هاڻ سمجهان ٿي ته جيڪڏهن ڊاڪٽري کڻان ها ته
وڌيڪ بهتر ٿئي ها. ان کان پوءِ مهراڻ يونيورسٽيءَ
۾ سول ۾ ميرٽ تي داخلا ٿي ويئي.
سرتيون: يعني توهان بي _ اي سول ۾ ڪئي آهي، پوءِ ان فيلڊ ۾ ڇو
نه ويون؟
فضا: منهنجو بئچ 94 هو. اهو سال منهنجي زندگيءَ ۾ وڏيون
تبديليون کڻي آيو. هي ئي اهو سال هو جو مون
باقائدي سياست ڪئي ۽ سنڌياڻي تحريڪ ۾ شموليت
اختيار ڪيم ۽ اڳتي هلي جلدئي سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس
آرگنائيزيشن (ايس _ جي _ ايس _ او) جي مرڪزي
آرگنائيزر بڻجي ويس. هي اهو دور هو، جڏهن سيلف
گرانٽ ليو جو مرض يونيورسٽين ۾ چوٽ چڙهيل هو ۽ چئن
سالن بدران اٺ اٺ سال به پاس ڪرڻ ۾ لڳي ويندا هئا.
ان سڄي عرصي ۾ مون باقاعدي ان سموري عمل خلاف ڄمي
جدوجهد ڪئي، جنهن ڪري ڪافي دشمنيون به پيدا ٿي
پيون. پر ان جي دؤران 98 ۾ اڃا ٽئين سال ۾ هيس ته
شاديءَ جو اتفاق ٿي ويو ۽ جلد ئي ٻار به ٿي ويو،
پوءِ حالتون ڪجهه ائين تيزيءَ سان 180 جي ڊگرين تي
ڦيرو کائي ويون جو اها ڊگري حاصل ڪرڻ بس هڪ اڌورو
خواب بڻجي رهجي ويئي، جيڪو اڄ تائين اڌورو ئي آهي.
سرتيون: يعني توهان انجنيئرنگ مڪمل نه ڪري سگهيون؟
فضا: نه، ٽي سال پورا ڪيم، فائنل رهجي ويو ۽ ڊگري ڪانه ملي
سگهي.
سرتيون: پوءِ نيٺ ان سڄي شيءِ جو توهان ڪيئن پورائو ڪيو؟ منهنجو
مطلب آهي ٻيو ڪجهه پڙهيو؟
فضا: ها، پوءِ به ماٺ ڪري ڪانه ويٺيس، پرائيويٽ بي _ اي ڪيم ۽
پوءِ سنڌيءِ ۾ ايم _ اي به ڪيم ۽ ايل _ ايل _ بي
به. هاڻي تازو ايم _ بي _ اي (مارڪيٽنگ) فرسٽ ڪلاس
سان پاس ڪئي اٿم.
سرتيون: فضا، توهان هڪ سرگرم سياسي ڪارڪن به رهيون آهيو، اهو
تجربو ڪيئن رهيو؟
فضا: بهترين! سياست ۾ آءٌ چار سال سرگرم رهيس، 94ع کان 89ع
تائين، پر آءٌ سمجهان ٿي ته اهي منهنجي زندگي جا
سونهري سال آهن. انهن چئن سالن ۾ هڪڙو ڏينهن به
مون موڪل ڪانه ڪئي. ايس _ جي _ ايس _ او توڙي
سنڌياڻي تحريڪ ۾ تمام سرگرم رهيس. انهيءَ عرصي
دوران ”صبح ٿيندو“ رسالي جي ايڊيٽر پڻ رهيس ۽ سنڌي
وومين لٽرري اينڊ ڪلچرل فورم جو پڻ بنياد وڌم ۽ ان
فورم کي سرگرم ڪيو. اهو ئي اهو دور هو، جنهن ۾ وڌ
۾ وڌ مون سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن جا دورا ڪيا،
تمام گهڻا ڪتاب پڙهيا، ليڪچر ڏنا، ڪجهه لکيو به،
اسٽيج ڊراما ۽ ٽيبلو ڊائريڪٽ به ڪيا ۽ پرفارم به
ڪيا.
سرتيون: توهان ڪهڙين سياسي شخصيتن کان متاثر آهيو؟
فضا: لينن، نيلسن منڊيلا، محمد علي جناح.
سرتيون: جيئن ته توهان جي امڙ به هڪ سياسي تنظيم سان لاڳاپيل
آهي ۽ جدوجهد ۾ سندس وڏو ناموس آهي. ان کان اوهان
کي ڪيترو اتساهه مليو؟
فضا: اتساهه ته مون کي هاڻ منجهانئس ملي ٿو، جڏهن آءٌ سرگرم
ناهيان. هوءَ هڪ سچي انقلابي ڪارڪن جيان ڪم ڪري
ٿي. جنهن لئه مون کي اڪثر هن جي صحت جو تمام گهڻو
خيال رهندو آهي، پر آءٌ هر لحاظ کان ڪوشش ڪندي
آهيان ته سندس مدد ڪريان، سندس لاءِ آسانيون پيدا
ڪريان جيئن هوءَ اڃا به بهتر نموني سنڌي قوم لئه
ڪم ڪري سگهي.
سرتيون: ادبي دنيا ۾ اچڻ جو اتفاق ڪيئن ٿيو؟
فضا: مان اڃا پاڻ کي ان لائق نٿي سمهان جو ”اديب“ سڏرايان. مون
اڃا پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ ڪو خاص ڪم ڪيو ئي
ناهي. ٻن چئن مضمونن ۽ ڪالمن لکڻ سان يا ٻن چئن
شعرن چوڻ سان ڪو به اديب ناهي ٿيندو. هتي ته رنڍا
روڙڻا پوندا آهن.
سرتيون: توهان جي پسند جا اديب.
فضا: رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، علي محمد راشدي، عصمت چغتائي،
مستنصر حسين تارڙ، امجد اسلام امجد، يانگ مو
(نوجوانن جو گيت)، سراج الحق ميمڻ، رسول بخش
پليجو.
سرتيون: پسنديده شاعر.
فضا: لطيفي، شيخ اياز، استاد بخاري، آڪاش انصاري، حسن درس،
پروين شاڪر فهميده رياض، ن_ م راشد، فيض، مرزا
غالب، رومي، حافظ شيرازي عمر خيام، قراة العين
طاهره، رڊيارڊ ڪپلنگ، امداد حسيني.
سرتيون: ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ تي بار بار دل چاهيندي آهي؟
فضا: شاهه جو رسالو، اياز جو ڀؤنر ڀري آڪاس، غالب جو ديوان، سن
زو جو دي آرٽ آف وار (جنگ جو فن) مائو جا ڳاڙها
ڪتاب، وهڻ مون نه وڙاءُ ۽ ڪوتليه جو ارت شاستر.
سرتيون: توهان سنڌ ٽي ويءَ سان گڏ به ڪم ڪريو پيون، اليڪٽرانڪ
ميڊيا سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو ڪيئن ٿو لڳي؟
فضا: دراصل، اسان جي سنڌي چئنلن کي اڃا پوريءَ طرح آرگنائيز ۽
ماڊرن ٿيڻ ۾ وقت لڳندو. هي اڃا نئين ڄاول ٻار جيان
آهن، جيڪو پهرئين ته مائٽن کي تنگ ڪندو، پوءِ
آهستي آهستي بيمارين سيمارين مان چڙهي بانبڙا
پائيندو، ٻاتيون ٻوليون ڪندو ۽ نيٺ پنهنجي پيرن تي
بيهندو ۽ هڪ ڏينهن جُنگ جوان ٿيو مائٽ جي سامهون
بيٺو هوندو. سو تجربي جي لحاظ کان ته گهڻوئي ڪجهه
پرايو اٿم.
سرتيون: ڪڏهن مايوسي ٿي؟
فضا: ها، مايوسيون به ٿيون، پر مايوسيءَ کان وڌيڪ ان ڳالهه جو
افسوس اٿم ته سنڌي، سنڌين کي ڪيئن ٿا ڪٽين. بزنس
پنهنجي جاءِ تي، ان کي اڳيان وڌائڻ لاءِ تمام گهڻا
ٻيا حيلا وسيلا به آهن. پر فنڪارن ۽ آرٽسٽن تي
بندش وجهڻ، اگر ڪو ليکڪ ڪنهن ٻئي چئنل سان ڪم پيو
ڪري ته ان کي پنهنجي اخبار ۾ جاءِ نه ڏيڻ،
قسم جي ننڍي سوچ سماج ۾ ناڪاري لاڙا پيدا ڪري ٿي.
سرتيون: اوهين هميشه هر لباس ۾ خوبصورت نظر اينديون آهيون، تڏهن
به پنهنجي پسند جو لباس ٻڌايو؟
فضا: اهو لباس جيڪو شخصيت تي ٺهڪي اچي ۽ موسم ۽ مهل مطابق هجي،
جنهن ۾ توهان پاڻ کي آرامده ۽ سٺو محسوس ڪيو.
سرتيون: ٿورو سٺي موڊ ۾ ويٺا آهيون ته توهان جي پسند جي کاڌي جي
باري ۾ به ڳالهه ٻولهه ٿي وڃي.
فضا: کاڌي ۾ جيتري گهٽ دلچسپي هجي اوترو سٺو (کلندي)
سرتيون: ها پر تڏهن به.
فضا: ها، ائين ته مڇي، لاڙ جا ماڻهو آهيون، سو مڇيءَ کانسواءِ
رهيو ڪونه سگهون. ان کان علاوه پلو، جهينگا، بار _
بي _ ڪيو، رشين سلاد، پنير، برياني ۽ ٺٽي جي مخصوص
ڊش شولا ۽ پليءَ جو کٽو ڀت.
سرتيون: توهان جون ڳالهيون ٻڌي وات ۾ پاڻي پيو اچي. ڀلا فضا!
توهان خود به رڌ پچاءُ ڪنديون آهيو؟
فضا: ها گلبدن، بلڪل! لڳ ڀڳ هر ڊش ٺاهڻ ايندي اٿم. منهنجي هٿ جو
چائنيز، برائون ۽ سبزي پلاءُ ته ڪافي شهرت ماڻي
چڪا آهن خاندان ۾.
سرتيون: اهو ته انڪشاف آهي اسان لئه، اسين ته سمجهندا هئاسين ته
هن پينٽ شرٽ پائڻ واري ڇوڪريءَ کي چانهه جو ڪوپ به
شل ٺاهڻ ايندو هجي.
فضا: صحيح ٿيون چئون، اڪثر ماڻهو ائين ئي سمجهندا آهن ۽ واقعي
مون کي چانهه جو ڪوپ ٺاهڻ ڪونه ايندو هو، پر
شاديءَ کان پوءِ، جڏهن مٿي تي پئي ته سڀ ڪجهه ڪرڻو
پيو. وقت ۽ حالتون اوهان کي سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏيندا
آهن.
سرتيون: توهان جي پسند جي خوشبوءِ ۽ گل ڪهڙا آهن؟
فضا: ”ڊي ليٽر“ ۽ ”پوائزن“ پرفيومن جي خوشبوءِ وڻندي اٿم. مينهن
پوڻ کان پوءِ مٽيءَ جي سڳنڌ، مشڪ ۽ عنبر جي
خوشبوءِ مينديءَ جي خوشبوءِ من موهينديون آهن. رات
جو ٿڌڙين هوائن سان گڏ گهلي ايندڙ، رات جي راڻيءَ
جي مهڪ مدهوش ڪندڙ هوندي آهي. گلابن ۽ کٽڻهارن جي
گڏيل خوشبوءِ به ڏاڍي وڻندي اٿم. (فضا وڏو ساهه
کنيو، ڄڻ خوشبوئن کي اندر ۾ اوتيندي هجي.) باقي گل
ته سڀئي سٺا هوندا آهن، سڀئي وڻندا اٿم. ڪي پنهنجي
رنگ سان، ڪي پنهنجي سونهن سان، ڪي پنهنجي آڪار
سان، ڪي پنهنجي خوشبوءَ سان ماحول کي ڪجهه نه ڪجهه
سٺو پيا ڏيندا آهن.
سرتيون: اوهان جو اين _ جي _ اوز سان گڏ به ڪم ڪيو آهي. اين _
جي _ اوز بابت عوام جي راءِ ڇا آهي، اوهين ان بابت
ڇا چونديون؟
فضا: مان سمجهان ٿي هر نئين شيءِ کي قبول ڪرڻ شروع ۾ ڏکيو هوندو
آهي. اين _ جي _ اوز به جڏهن پنهنجي هڪ نئين ڪلچر
سان هن بيٺل سماج ۾ لٿيون ته سڀني کي ڏاڍو ڏکيو
پئي لڳو، پر هر شيءِ جا ناڪاري توڙي هاڪاري پاسا
هوندا آهن. اسين شين کي يا ته سڄي جو سڄو سٺو ڪري
سمجهندا آهيون يا سڄي جو سڄو خراب، جيڪا اسان جي
غلطي آهي. شين ۽ لقائن کي صحيح نموني تڏهن سمجهي
سگهبو، جڏهن انهن جي ٻنهي پاسن تي غور ڪبو. گهڻن
سڄاڻ حقلن جي راءِ اها آهي ته اين _ جي _ اوز سماج
لاءِ مٺو زهر آهي. پر آءٌ چونديس ته جيڪڏهن سماج ۾
خاطر خواهه تبديلي آڻڻي آهي ته ان معاشيات کي بهتر
بڻايو وڃي. اين _ جي _ اوز ڪيترن ماڻهن کي روزگار
فراهم ڪيو هوندو. ان کان علاوه اين جي اوز جي سڀ
کان وڏي خدمت جيڪا مان سمجهان ٿي سا اها آهي ته هن
عورتن کي متحرڪ ڪيو آهي. انهن کي گهڻي کان گهڻا
روزگار جا وسيلا مهيا ڪيا آهن. ڳوٺن ۽ ٻهراڙين جون
ڇوڪريون اين جي اوز ۾ ڪم پيون ڪن. انهيءَ سان هڪڙي
پاسي بي روزگاري گهٽي آهي ته ٻئي پاسي خود سنڌي
سوسائٽيءَ ۾ سنڌي عورت کي اڳيان اچڻ جو موقعو مليو
آهي ۽ ماحول ۾ بهتري آئي آهي. سياسي سوچ رکندڙ
ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته اين جي اوز ماڻهن کي
پئسا ڏيو، وڏين هوٽلن ۽ جهازن ۾ گهمايو، کاريو
ڇڏين ۽ پوءِ ماڻهو ڪرپٽ ٿيو وڃن، آرام پسند ٿيو
وڃن ۽ سياسي جدوجهد نٿا ڪن. اها حقيقت پنهنجي جاءِ
تي آهي پر هتي وري به آءٌ اها ڳالهه چونديس ته
ماڻهن جون جيستائين بنيادي ضرورتون پوريون نه
ٿينديون، سندن ٻچا بکن ۾ پاهه هوندا ته انهن جو
سڄو ڌيان ٻارن جي پيٽ ڀرڻ تي هوندو يا سياسي
جدوجهد ڪرڻ تي. پر هاڻي ته وايو منڊل ۾ ڪافي
تبديلي نظر اچي ٿي، هاڻي ته ڪافي سياسي ماڻهو اين
جي اوز ۾ به ڪم ڪن پيا ۽ سياسي ميدان ۾ به سرگرم
آهن. خود اين جي اوز جي روين ۾ پڻ وڏي تبديلي آئي
آهي. اڳي اين جي اوز سياست جي نالي کان
لهرائينديون هيون، پر هاڻي انهن
Realize
ڪيو آهي ته سياست کان سواءِ سماج ۾ تبديلي ناممڪن
آهي.
سرتيون: سنڌ جي ڏتڙيل عوام جي صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ سياسي
تنظيمون ڪيترو ڪارگر ٿي سگهن ٿيون.
فضا: ڪنهن به غلام قوم جي نجات، سياست ۾ ئي آهي. ان م ته ڪو شڪ
ناهي. سياست جي معنيٰ ئي آهي پنهنجي حقن جي پوري
پوري ڄاڻ ۽ انهن حقن جي حفاظت ڪرڻ جو شعور ۽
استعمال جي صورت ۾ جدوجهد. صورتحال ۾ تبديلي فقط
سياست سان ئي ممڪن آهي. هڪ سچي پچي عوامي پارٽي،
سنڌ جي قسمت بدلائي سگهي ٿي، پر افسوس جو موجوده
سڀئي پارٽيون پوءِ ڀلي اهي پاڪستان ليول جي سياست
ڪندڙ هجن، نيشنلسٽ هجن يا انقلابي هجن، هن وقت
پنهنجي عمل ۾ عوامي ڪونهن. وٽن سنڌي عوام جي دکن
دردن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪو خاطر خواهه پروگرام ئي
جڙيل ناهي، ڪا پلاننگ ئي نه آهي. ڪهڙي پارٽيءَ
پنهنجو پنجن يا ڏهن سالن جو پروگرام پڌرو ڪيو آهي؟
نظرياتي بحث ۽ فلسفيانه مباحثا ته پنهنجي جاءِ تي
ٺيڪ آهن، پر گراس روٽ ليول تي سماج کي بدلائڻ لاءِ
ڪهڙي حڪمت عملي هئڻ گهرجي؟ ان لاءِ خاطر خواهه ڪو
پروگرام نظر نه ٿو اچي. جيڪڏهن بنيادي سطح کي
بدلائڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عمل جو پروگرام تيار ڪري،
ان تي عمل جوڳو پروگرام تيار ڪري، ان تي عمل پيرا
ٿي ڪجي ته ڪافي تبديليءَ جا امڪان موجود آهن.
سرتيون: مثلاً ڪهڙي قسم جو پروگرام ٿي سگهي ٿو؟
فضا: سڀ کان اول ته سماج جي تمام سنجيدگي ۽ گهرائيءَ سان ڇنڊ
ڇاڻ ٿيڻ کپي ته ڪهڙا مسئلا بنيادي آهن ۽ ڪهڙا انهن
جي باءِ پراڊڪٽ آهن. مثلاً ڪافي اهڙا مسئلا آهن،
جيڪي تعليم لاءِ خاطر خواهه اپاءُ وٺڻ سان حل ٿي
سهگن ٿا. ماڻهن کي تعليم ملندي، شعور ايندو، انهن
جي پنهنجي مسئلن ۽ انهن جي حل ڏانهن روين ۾ تبديلي
ايندي. اسان جي ڪهڙي سياسي پارٽيءَ جي ”تعليم
ڪاميٽي“ ”صحت ڪاميٽي“ ”صفائي ڪاميٽي“ يا ”خدمت
ڪاميٽي“ آهي، جيڪا خود يا وريءَ جي بنياد تي ۽ ٻين
لوڪل تنظيمن ۽ ماڻهن سان گڏجي پنهنجي علائقي جي
ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ ڪم ڪندي هجي.
سرتيون: ٿورو ڳالهه جو رخ مٽائيندي، فيمينزم تي اچون ٿا. اوهين
فيمينزم کي ڪيئن ٿيون ڏسو؟
فضا: فيمينز هڪڙو نظريو آهي، جنهن جي اسان جي سماج جي لحاظ کان
ڳالهه ڪرڻ
Premature
يا (وقت کان اڳ) آهي. اسان جو سماج جتي عورت اڃا ڪارو ڪاري،
بدي، حق بخشرائڻ ۽ ٻين اهڙين سماجي ۽ قبيلائي ريتن
رسمن مان آجي ناهي ٿي سگهي، جتي کيس پنهنجي بنيادي
انساني حقن حاصل ڪرڻ لاءِ مرد جي ساٿ جي شديد
ضرورت آهي، اتي فيمينزم جي ڳالهه ڪري، مردن کي
عورتن جي خلاف ڪرڻ ۽ پوءِ ان جي رد عمل ۾ عورتن جي
حقن جي جدوجهد جي پائمالي ڪرڻ ۽ ان کي شديد ڇيهو
رسائڻ آهي. مرد ۽ عورت هن سماج جا ٻه اڻٽٽ انگ
آهن، اهي هڪ ٻئي سان، ملي گڏجي، هڪ ٻئي جي سهڪار ۽
سهپ سان هڪٻئي جي زندگين کي خوشگوار ۽ هن سماج کي
بهتر کان بهتر ۽ صحتمند سماج طور ترتيب ڏيئي سگهن
ٿا. هڪ صحتمند سماج سهپ، رواداري، امن ۽ پيار محبت
سان ئي جنم وٺندو آهي، نڪي شين ۽ فردن کي ٽوڙڻ
سان.
سرتيون: توهان جي نظر ۾ ”محبت“ ڇا آهي؟
فضا: محبت زندگيءَ کي معنائون ۽ رونقون بخشيندڙ آهي، ٻين لفظن ۾
زندگيءَ کي زندگي بخشيندڙ محبت ئي آهي.
سرتيون: ۽ زندگي!
فضا (کلي)
Why not?!
(ڪجهه دير سوچي) هڪڙي پرولي چئي سگهجي ٿي، جنهن کي
اڄ ڏينهن تائين ڪو به سلجهائي ناهي سگهيو.
Life is very unpretictable
سرتيون: فضا آخر ۾ توهان اسان جي سرتين کي ڪهڙو پيغام ڏينديون؟
فضا: ”گهٽ ۾ گهٽ، سٺن خوابن ڏسڻ جي جرئت ضرور ڪريو.“
خط
هڪ شاگردياڻيءَ جو
هڪ استادياڻيءَ جي نالي
سڀ کان پهريائين سدا خوش آباد هجو. توهان جي دل جي هر تمنا پوري
ٿئي. خدا ڪري زندگيءَ جي هر موڙ تي ڪاميابي اوهان
جا قدم چمي. منهنجي اها دعا آهي. توهان کي ايڏي
ڪاميابي ملي جو دنيا توهان تي رشڪ ڪري! تعليم جي
ميدان ۾ توهان جو نالو سونهري لفظن سان لکيو وڃي.
منهنجي دل ۾ توهان لاءِ ڪيتري جڳهه آهي، عقيدو،
پيار، احترام، عزت، ان جو اندازو توهين سمنڊ جي
گهرائيءَ مان لڳائي سگهو ٿيون.
1990ع جي ڳالهه آهي جڏهن مون فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي ۽ توهان کي
پهريون دفعو ڪلاس ۾ ڏٺم ته توهان جي شخصيت، ذهانت،
ڳالهائڻ جي انداز ۽ اندر جي اجرائپ مون کي تمام
گهڻو متاثر ڪيو.
توهان جي جيون جي هر ڏيک ۾ سک ۽ شانتي هجي. توهان لاءِ دل ۾
پيار ته ان وقت ئي سمائجي ويو هو، جيڪو زندگيءَ ۾
ڪڏهن به ختم ٿي نه سگهندو، پر سالن تائين مون ان
جذبي کي سيني ۾ رکيو. اهڙي ڪا گهڙي نه اچي جو مان
توهان کي وساريان. هن جنم ۾ ئي نه سهي، ايندڙ جنم
۾ گڏ هجون ۽ خدا کي اها التجا ڪنديس ته مون کي
منهنجو پيار ملي ۽ ستن ئي جنمن ۾ توهين مون سان گڏ
هجو.
زندگيءَ ۾ مختلف وقتن تي مختلف تجربا ٿين ٿا. انسان کي پرکڻ
لاءِ ڪيئي سال لڳي ويندا آهن. ڪنهن پر ڪو انسان هڪ
نظر سان ئي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ويندو آهي. پيار
هڪ اهڙو جذبو آهي، جنهن جو ٺڪاڻو دل ۾ آهي، جڏهن
جذبن جو ذڪر اچي ٿو ته جذبن کي زبان ناهي هوندي،
پر جڏهن جذبا ڳالهائن لڳندا آهن ته دنيا جون
سموريون ٻوليون خاموش ٿي وينديون آهن.
دل جي ڌرتيءَ مان ڦٽي نڪتل احساسن جا گؤنچ جڏهن اکين مان ليئا
پائي ڳلن تي ۽ سيني تي لالاڻ جو عڪس ڦهلائيندا آهن
ته رڳو محسوس ڪري وٺبو آهي ته اندر ۾ ڪير گهر اڏيو
ويٺو آهي.
آءٌ 15 سال چپ چاپ انهيءَ لاءِ رهيس جو جڏهن به توهان سان
ملاقات ٿيندي هئي ته منهنجي زبان منهنجو ساٿ نه
ڏيندي هئي. مون وٽ لفظ نه هوندا هئا جو مان توهان
کي پنهنجي دل جي ڳالهه چئي سگهان. پنهنجي جذبن جو
احساس ڏياري سگهان.
سنجها |