نجمه نور ڦلپوٽو
گيت
جَانِ جهُرندي رهي، رات روئيندي رهي.
آس ٽٽندي رهي، تون نه آئين پرين.
مينهن وسندا رهيا، پٽ پسندا رهيا،
ساز وڄندا رهيا، هير گهلندسي رهي.
تون نه ائين پرين
سنگ پچندا رهيا، کيت کڄندا رهيا،
رنگ رچندا رهيا، پريت پچندي رهي،
تون نه آئين پرين
گل ٽڙندا رهيا، ڀنور مڙندا رهيا،
گيت جڙندا رهيا، باک ڦٽندفي رهي،
تون نه آئين پرين.
لاٽ ٻرندي رھي، ماٽ وسندي رھي،
رات ڀڄندي رھي، جان جھلندي رھي
تون نه آئين پرين
گيت
ساوڻ رت جي برکا برسي،
ٿي وئي ڌرتي سائي سرسي،
بادل ڀرجي ڪن گجگوڙون،
وڄڻون ڪن پيون ور ور اُڙون،
مينهن ڦڙا جيئن جسم ڇهن ٿا،
تينهن نيڻن مان نير وهن ٿا.
پريم پکيئڙا، ٻوليون ٻولين،
پنهنجا ساٿي ساريو ڳولين،
جيئن ڪي پيارا پوءِ ملن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.
ٿڌڙي ٿڌڙي هير گهلي پئي،
ڄڻ ته سرير ۾ سير هلي پئي،
مکڙين مان جيئن گل ٽڙن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا،
پنهنجي ديس ڏي ڪونج قطاري،
مون به پرين جي واٽ نهاري،
جيئن انڊلٺ جا رنگ رچن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.
گلن تي پوپٽ ڦيرا پائن،
پنهنجي امر پيا پريت پسائن،
گلڙن تان جيئن گهور وڃن ٿا،
تينئن نيڻن مان نير وهن ٿا.
سرتيون سرھا پيار پچارن،
ڳل ڳراٺڙيون پائي مارن،
جيئن ڇاتين مان ڇوھ ڇلن ٿا.
تيئن نيڻن مان نير وھن ٿا
برکا جو رنگ چوڏس پکڙيو،
موهه مچي پيو مورک من جو،
جيئن جذبا جا گيت جڙن ٿا،
تيئن نيڻن مان نير وهن ٿا.
(1) هڪ استاد کي گهرجي ته ٻار کي سڀ کان آڏو واري
بينچ جيڪا استاد جي ڀر ۾ هجي ان تي ويهاري.
(2) ٻار جي آس پاس ويٺل ٻار ڪافي سلجهيل هجن.
(3) ٻار کي همٿائجي ته جيئن هو هر ڳالهه غور سان ٻڌي ۽ سمجهي.
(4) ٻار جي ويجهو دري، اي سي (A.C)
يا ٻيون ڌيان ڇڪائيندڙ شيون يا بجليءَ جا بٽڻ
وغيره نه هئڻ گھرجن.
(5) جنهن مهل استاد ڪلاس ۾ پڙهائي يا ڪجهه ٻڌائي ته هو پنهنجي
نظر ان ٻار تي رکي ۽ خاص ڌيان ڏئي ته ٻار ان جي
هدايتن کي غور سان ٻڌي ٿو يا نه؟ جيڪڏهن ٻار کي
ضرورت هجي ته استاد کي کپي ته ساڳين هدايتن يعني
Instructions
کي وري وري دهرائي.
(6) ٻار سان دوستيءَ وارو رويو رکي ۽ ٻار کي جيڪڏهن ڪنهن مدد جي
ضرورت هجي ته ان جي مدد ڪري.
(7) ٻار کي روزانو هوم ورڪ ڏنو وڃي. ۽ روزانو ٻار جي ڪيل
Home work
کي چيڪ ڪجي. آخر ۾ ان تي صحيح ڪرڻ گهرجي.
(8) ٻار جي استاد کي گهرجي ته ٻار جي مائٽن سان پڻ رابطي ۾ رهي.
(9) ٻار کي هڪ وقت ۾ هڪ
Assignment
ڏجي ۽ ڌيان ڪجي ته ٻار جي ڄاڻ
(Knowledge)
ڪيتري آهي.
(10) استاد کي گهرجي ته اهڙي ٻار تي گهڻي سختي نه ڪري ۽ نه ئي
ان کي پريشان ڪري ڇاڪاڻ ته هي ٻار تمام گهڻو حساس
(Sensitive)
هوندو آهي ۽ تمام جلدي پريشان ٿي ويندو آهي ۽ۡ
سختي ڪرڻ سان ان جي حالت وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.
(11) ٻار کي هر وقت تنقيد جو نشانو نه بڻائجي بلڪ ان جي همت
افزائي ڪجي ۽ جيڪڏهن هو ڪو به سٺو ڪم ڪري ته ان کي
ساراهجي.
ماءُ
پيءُ کي ٻار لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
1.
ماءُ پيءُ کي گهرجي ته اهڙي ٻار جي مسئلن کي
نظر ۾ رکي ان جي مسئلن کي جلد از جلد حل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪن.
2.
ٻار کي هر وقت ڪجهه نه ڪجهه چوڻ جي بجاءِ ٻار
جي ڪمن جي لسٽ يا
Time table ٺاهي ٻار جي ڪمري ۾ لڳائين.
3.
ٻار جي استادن سان رابطي ۾ رهن.
4.
ٻار سان آهستگي ۽ دوستاڻي رويي ۾ ڳالهائين ۽
انهن تي ٽوڪ ۽ تنقيد نه ڪن.
5.
جيڪڏهن ماءُ پيءُ ڪاوڙ ۾ هجن ته انهن کي کپي
ته ٻار جي موجودگيءَ ۾ جهڳڙو وغيره نه ڪن ۽ خاموش
رهن.
6.
جيڪڏهن ٻار ڪا غلط حرڪت ڪري ته ان کي
َآهستگيءَ سان سمجهائڻ کپي. دڙڪا نه ڏيڻ گهرجن.
ٻار سان ڏاڍيان نه ڳالهائجي.
7.
ماءُ پيءُ جنهن مهل ٻار کي ڪجهه سمجهائن ته
انهن کي ٻار جي اکين ۾ نهارڻ کپي ۽ جيترو ممڪن هجي
ٻار کي گهٽ لفظن ۾ سمجهائين.
8.
جيڪڏهن ٻار ڪنهن شيِءِ جي لاءِ ضد ڪري ته ان
کي هڪدم ”نه“ نه چوڻ گهرجي پر ان کي ڪنهن ٻي شيءِ
لاءِ راضي ڪجي.
9.
ماءُ پيءُ کي گهرجي ته ٻار کي مختلف قسمن جي
ڄاڻ (Knowledge)
ڏين.
10.
جيڪڏهن ٻار ڪا ڳالهه ڪرڻ چاهي ته ماءُ پيءُ ان
ڳالهه کي نظر انداز نه ڪن پر ان جي ڳالهه غور سان
ٻڌن ۽ ٻار کي همٿائڻ جي ڪوشش ڪن
11.
ٻار تي ڪو به ڏوهه نه مڙهين، بلڪ ان کي آرام سان
اهو ڪم ٻيهر نه ڪرڻ جي تلقين ڪن.
12.
ٻار سان ملي سلي ڪم ڪار ڪن ۽ ٻار کي پنهنجي ڪم ۾
شامل ڪن.
13.
ٻار کان ان جي روز مرهه جي ڪارڪردگيءَ بابت سوال
ڪن ۽ جيڪو ڪجهه هو ٻڌائي ان کي چڱيءَ طرح ڌيان سان
ٻڌن.
14.
ماءُ پيءُ کي گھرجي ته ٻار کي گھر ۾ ھڪ اھم فرد جي
حيثيت ڏين.
15.
ماءُ پيءُ کي کپي ته ڪڏهن ڪڏهن ٻار سان راند روند
به ڪن ۽ ان سان بحث مباحثو پڻ ڪن هڪ دوست وانگر.
16.
ٻار کي هڪ ڊائري پڻ وٺي ڏجي ته جيئن هو ان تي ڪجهه
نه ڪجهه لکندو رهي.
17.
ماءُ پيءُ کي گهرجي ته ٻار جي سٺن ٻارن سان دوستي
رکرائين.
18.
ٻار جي پسند ۽ نا پسند جو خيال رکن.
19.
جيڪڏهن مٿين ڳالهين تي ڌيان ڏيو ته
ADHD وارو ٻار به هڪ نارمل زندگي گذاري سگهندو.
توڪل
حميده پنهور
وڪيل، وڪالت، توڪل اهي مڙئي هڪڙي باب جا هم معنيٰ لفظ آهن،
پنهنجو ڪم ٻئي جي حوالي ڪرڻ پنهنجي ڪنهن خير
خواهه، داناءُ، دوست آشنا کي پنهنجو ڪم بهترين
طريقي سان سرانجام ڪرڻ لاءِ سونپي ڇڏڻ، هن جي
ڪاروائيءَ تي ڀروسو رکڻ ته هن جي تدبير ۽ حڪمت تي
اعتماد ڪرڻ، پنهنجي آٿت ۽ دل خوش رکڻ کي توڪل چئبو
آهي، مقدمي بازيءَ لاءِ عرف عام ۾ جنهن کي وڪيل
چئبو آهي.
بعضي ماڻهو غلط فهمي ڪري توڪل جي معنيٰ هيءَ سمجهندا آهن ته رزق
لاءِ ڊوڙ ڊڪ نه ڪرڻ تنگدستيءَ جي وقت هٿ پير ٻڌي
ماٺ ڪري ويهڻ يا بيماريءَ جي وقت دوا دارون نه ڪرڻ
فطرت جي قانون جي موافق ڪوشش نه ڪرڻ کي توڪل چوندا
آهن ۽ انهيءَ غلط فهميءَ ۾ گهڻا عقل وارا ماڻهو
مبتلا آهن، تنهن ڪري ان جو بيان ڪجهه مفصل طور
ڪريون ٿا.
اوهين پهريون رسول ڪريم صلي الله عليه وَآله وسلم جي تمام حيات
طيبه تي نظر وجهي ڏسو ۽ غور ڪريو، پنهنجي ملڪ مان
هجرت ڪري نڪرڻ، جبل جي هڪ غار حرا ۾ ٽي ڏينهن مخفي
طور ويهڻ، مديني شريف کي تباهيءَ کان بچائڻ واسطي
شهر کان نڪري پري ميدان جنگ تي وڃڻ، دشمنن جي حملي
کان شهر جي حفاظت لاءِ خندقون کوٽائڻ، پنهنجي
حفاظت لاءِ پهريدار بيهارڻ، جنگ ۾ زرهون ۽ هٿيار
پنهوارن سان مسلح ٿيڻ، مجاهدن جي تياريءَ لاءِ
اصحابن کان چندو ڪرائڻ، دشمنن کان جنگ جو راز
لڪائڻ، وڏن ڪمن ۾ پنهنجن دوستن سان صلاح مصلحت
ڪرڻ، ڇا اهي سڀ ڪم احتياط ۽ تدبيرون توڪل سان
هيون؟ يا توهان جو توڪل اسان جي رسول ڪريم صلي
الله عليه وآله وسلم کان وڌيڪ آهي، ڇا سندن دعا
سان سڀ ڪافر غرق ٿي نه وڃن ها؟
پوءِ صحابه ڪرام جي طرز عمل تي غور ڪريو، سندن عالي همتون، بلند
حوصلا اڻٿڪ ڪوششون، جانثاريون ۽ قربانيون ڏسو، قلت
مال ۽ اسباب جي باوجود ڏونگر ڏوريائون، سمونڊ
اورانگهيائون، عرب ۽ عجم جون زمينون لتاڙيائون،
دنيا ۾ اهي حيرت انگيز ڪارناما ڪري ڏيکاريائون
جيڪي اڄ به يادگار آهن.
ڇا اهي انهن سڀ ڪم توڪل سان ڪيا يا ماٺ ڪري مسجدن
۾ ويٺا هئا ته خدا تعاليٰ پاڻ پنهنجي دين جي حفاظت
ڪندو، اسين توڪل ڪري فقط مسجدن ۾ ويهي دعا
گهرنداسين، حالانڪه خدا تعاليٰ فرمائي ٿو:
”اِن تنصرون الله ينصر کم“
جيڪڏهن (بشرطيڪ) اوهين خدا تعاليٰ جي دين جي مدد ڪندا، جاني
مالي قرباني ڪندا، تڏهن خدا تعاليٰ پڻ اوهان جي
مدد ڪندو ۽ دشمنن تي فتحياب ڪندو.
ٻي جاءِ تي قرآن ڪريم ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي (ڇا ماڻهو ڀائين
ٿا ته اسان فقط ايمان آڻي ڪلمو پڙهي مفت ڇڏيا
وينداسين ۽ اسان کان ڪا آزمائش ۽ امتحان يا تڪليف
ڪانه ورتي ويندي). رڳو راحتن سان ۽ آرام طلبيءَ
سان اسين ڪامياب ٿينداسين ۽ بغير محنت ۽ سرجوشيءَ
و سرفروشيءَ جي اسين دين، دنيا جي نعمتن سان
سرفراز ٿينداسين. اهو گمان غلط ۽ خيال باطل آهي.
مولانا روميءَ توڪل جي معنيٰ ڏاڍي سٺي ۽ سهڻن الفاظن ۾ بيان
فرمائي آهي:
توڪل ڪرڻ چاهين ٿو ته ڪم ۾ توڪل ڪر. (يعني بيڪار ويهي توڪل نه
ڪر) ڪم ڪريو ۽ ڀروسو رب تي رکو.
توڪل جي سببان سڀ کان (ڪوشش کان) غافل نه ٿي. الکاسب حبيب الله
يعني ”پورهيت خدا جو دوست آهي.“ انهيءَ رمز کان
واقف ٿي.
پيغمبر پاڪ وڏي آواز سان فرمايو ته توڪل به ڪريو پر انهيءَ سان
گڏ اٺ جا پير به ٻڌو. (اٺ ڇڙيل هوندو ته رلي
ويندو).
مولانا رومي فرمائي ٿو ته ڪم ڪرڻ لاءِ توڪل ڪرڻ کپي، نه ڪم نه
ڪرڻ لاءِ.) سفر تي وڃڻو اٿئي ته توڪل ڪري وڃ ۽ ٻني
ڪرڻي اٿئي ته توڪل ڪري ڪاهه، واپار ڪرڻو اٿئي ته
توڪل ڪري ڌنڌو ڪر، اها معنيٰ نه آهي ته توڪل ڪري
حج تي نه ٿو وڃان، توڪل ڪري ٻني نه ٿو ڪريان. اها
ته بزدلي آهي، بي همتي آهي، بي عقلي آهي، نه همت ۽
نه توڪل.
فائدو: (ڪسب ڪرڻ جي ضرورت) خبر ناهي اها غلط معنيٰ ڪنهن ڪئي.
مديني شريف ۾ ڪجهه ماڻهو ٻارن ٻچن سان ويٺا آهن.
ادا اوهين ڪهڙي ڪرت ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهيو؟ سائين
ڪجهه ڪونه ٿا ڪريون، توڪل ڪري ويٺا آهيون.
ڇا آنحضرت صلي الله عليه وآله وسلم جن ائين فرمايو آهي ته
منهنجي پاڙي ۾ ويهي ڪو ڪم ڪار نه ڪريو، رڳو سوال
ڪري يا حاجين کان خيراتون وٺي ماٺ ڪري ويٺا هجو.
اهڙن ماڻهن کي مديني ۾ رهڻ نه گهرجي.
اميرالمؤمنين حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنہ حج کان بعد ماڻهن کي
زور ڏئي ڪري سندن ملڪن ڏانهن امڻيندو هو ۽ چوندو
هو ته:
(اي يمن وارا اوهين پنهنجي ملڪ يمن هليا وڃو ۽ اي شام وارا
اوهين پنهنجي وطن شام هليا وڃجو.
حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنہ جو املهه قول پڻ ياد ڪرڻ کپي
(جيڪڏهن ڪو ماڻهو رزق جي طلب ڪرڻ کان ماٺ ڪري گهر
۾ ويهي ۽ ويٺو چوي ته اللهم ارزقني اللهم ارزقني،
اي الله رزق ڏي، اي الله رزق ڏي.
توهين سمجهو ٿا ته آسمان مان سون ۽ چانديءَ جو مينهن نه ٿو وسي،
بلڪه واپار سان ڪمائيءَ سان، زميندارءَ سان پئسو
ڪمائجي ٿو.
جيڪڏهن فقط عبادتن سان، علم سان ۽ دعائن سان رزق روزي ۽ مال
دولت جي ڪثرت ٿئي ها ته جيڪر عالمن، پيرن فقيرن جو
طبقو اميرن، نوابن، جاگيردارن کان وڌيڪ هجي ها.
تنهن ڪري توڪل سان گڏ پنهنجي هٿ پير هلائڻ ضروري آهي.
ايم اي رنگون والا سينٽر قاسم آباد
جتي عورتن کي مختلف شعبن ۾ سکيا ڏني وڃي ٿي
راز شاهاڻي
حيدرآباد، پنهنجي رنگين شامن جي حوالي سان هنرن جي مشهور شهر جو
علائقو، ان جو پروقار قاسم آباد جتي عورتن کي
مختلف شعبن ۾ سکيا ڏيڻ جي حوالي سان هڪ مخير شخص
مرهيات مسٽر محمد علي رنگون والا جي نالي سان قائم
ڪيل ادارو ”ايم اي رنگون والا سينٽر“ گذريل ڏيڍ
سال کان سرگرم عمل آهي. هن سينٽر ۾ عورتن کي مختلف
شعبن ۾ تربيت ڏني وڃي ٿي. جهڙوڪ: سلائي، ٽيڪسٽائيل
ذزائننگ، سندي هڻڻ، فلاور ميڪنگ، ڪرسٽل ورڪ،
جيولري ميڪنگ، هيئر ڊريسنگ، رڌ پچاءُ، انگلش
لئنگئيج، ڪمپيوٽر جي تعليم سميت ٻين اهڙن شعبن ۾
تربيت ڏني وڃي ٿي.
جتان سکيا پرائيندڙ عورتون رڳو گهريلو طور تي ڀڙ ۽ ھنرمند نه
ٿيون ٿين، بلڪ اهي سماج لاءِ به ڄاڻ ۽ شعور پرائي
لاڀائتيون بڻجن ٿيون عورتن کي سکيا ڏيڻ لاءِ
پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ هوشيار ۽ تجربيڪار عورتون
استاد طور مقرر ٿيل آهن، جيڪي پنهنجي ڏاهپ ۽ ذهانت
جي بنياد تي داخل عورتن کي تربيت ڏيڻ لاءِ پنهنجون
صلاحيتون ڪتب آڻين ٿيون. سينٽر ۾ الڳ الڳ مضمونن
لاءِ هفتي جي مختلف ڏينهن تي ڪلاس هلن ٿا، جيڪي لڳ
ڀڳ هر ٽه ماهي سيشن جي مدي تائين هوندا آهن.
هر مضمون لاءِ داخلا جو معيار توڙي الڳ الڳ آفيس مقرر ٿيل آهي،
سينٽر ۾ غريب ۽ بي پهچ عورتن سميت وڏ گهراڻيون
عورتون به سکيا لاءِ داخلا وٺن ٿيون، جيڪي ترتيب
حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي پنهنجي مضمون ۾ مهارت
حاصل ڪري وٺن ٿيون.
سينٽر جو نگران هڪ عمر رسيده ۽ۡ خدا ترس ۽ با ڪمال شخصيت جو
مالڪ مسٽر ذڪريا صاحب مقرر ٿيل آھي، ھُن سينٽر جي
حوالي سان ٻڌايو آهي ته هي سينٽر خاص طور غريب ۽
بي پهچ عورتن کي تربيت ڏيڻ جي حوالي سان کوليو ويو
آهي. هڪ سال جي اندر اٽڪل هڪ کان ٻه هزار عورتن کي
تربيت ڏني وئي آهي. هن صاحب وڌيڪ ٻڌايو آهي ته
مختلف مضمونن ۾ داخلا لاءِ فيس به بلڪل گهٽ ۽ هڪ
غريب گهراڻي جي عورت جي پهچ ۾ ايندڙ مقرر ڪئي آهي.
ڇاڪاڻ ته اسان جو مقصد انهن جي ڀلائيءَ ۽ بهبودي
آهي، تنهن جي باوجود به جيڪڏهن ڪا اهڙي عورت جيڪا
فيس ڀرڻ جي سگهه نه رکندي آهي، ان جي به هر طرح
مدد ڪئي وڃي ٿي. هن ٻڌايو ته بهتر سکيا جي ارادي
سان پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ قابل عورتون استاد مقرر
ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان وڏين مشڪلاتن کي منهن
ڏيڻو پيو، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ عورتن جي حوالي سان
سٺين تربيت گاهن جي اڻهوند سبب قابل عورتن جي
دستيابي ڄڻ هڪ خواب مثل آهي. تنهن جي باوجود به
اسين مايوس ته ٿياسين بلڪه ڪراچيءَ کان به استاد
گهرائي مقرر ڪيون ويون ۽ انهن جي قابيت جي بنياد
تي بهتر تربيت ۽ سکيا وارو عمل جاري آهي.
هن ٻڌايو ته سينٽر ۾ ڪل 22 سبجيڪٽن ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. جن
لاءِ 10 عورتون استاد طور مقرر ٿيل آهن. هن ٻڌايو
ته هن سينٽر ذريعي مختلف مسئلن ۾ ڦاٿل عورتن کي
قانوني طور به مدد ڪئي وڃي ٿي. ڇو ته اسان جو مقصد
آهي ته سنڌ جي عورت پنهنجي پيرن تي بيهي ۽
برابريءَ جا حق حاصل ڪري، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عورت
باصلاحيت آهي ۽ اها دنيا جي عورت کان ڪنهن به
معاملي ۾ پٺتي ناهي.
سکيا لاءِ مقرر عورت استادياڻين جا ويچار.
آسمان ميمڻ: بهتر کان بهتر تربيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، مختلف
رخن کان سمجهاڻيءَ کان پوءِ تنهن ڪري عورت جيڪا
سکيا ۾ دلچسپي وٺي ٿي ٽن مهينن کان اڳ ئي مهارت
حاصل ڪري ٿي وٺي. ان کان علاوه پريشان عورتن جا
مسئلا حل ڪرڻ لاءِ به کين صلاح مشورو ڏيون ٿا ته
جيئن سماج ۾ محرومين جو شڪار عورتون پاڻ کي اڪيلو
نه سمجهن.
مس شهنيلا (هيئر ڊريسر): آءٌ هيئر اسٽائيل جي حوالي سان عورتن
کي تربيت ڏيندي آهيان. ان جا ڪيترائي ڊزائين،
جهڙوڪ فرنٽ، بيل هيئر، الفيرو هيئر اسٽائيل شامل
آهن. هتي جيڪي به عورتون داخلا وٺن ٿيون اهي
باصلاحيتون هونديون آهن، اسان جي ڀرپور ڪوشش هوندي
آهي ته انهن کي وڌ کان وڌ قابل بڻايون تنهن ڪري
پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻين ٿيون. هن
چيو ته عورتن کي اڳيان اچڻ گهرجي.
انيلا مسعود: عورتن جا مختلف گروپ ٺاهي، انهن ۾ مقابلي جو رجحان
پيدا ڪري تربيت جو طريقو استعمال ڪريون ٿا،
جنهنڪري سکيا سميت، ڪل وقت ڪامپٽيشن ۾ گذري ٿو، هن
چيو ته هتي سمورو اسٽاف عورتن جو آهي، تنهنڪري
پنهنجائپ وارو ماحول آهي. عورتن کي تمام ڌيان ۽
هوشياريءَ سان سکيا ڏيڻي پوي ٿي. ٿوري غلطي يا هڪ
ڪلاس به مس ٿيڻ جو ناڪاري اثر پوي ٿو.
صبا: هر شيءِ پوائنٽ آئوٽ ڪيون ٿيون، تنهنڪري ڪو به مونجهارو
وغيره نٿو رهي. اسين سٺي نموني پڙهايون ٿيون،
عورتون بهتر نموني سکيا حاصل ڪن ٿيون، تنهنڪري اهي
پنهنجو مقصد ماڻي وٺن ٿيون ۽ اداري جو بنيادي ڪارج
به بحال رهي ٿو.
ندا محمد انور: تربيت حاصل ڪندڙ عورتن سان دوستاڻو رويو هوندو
آهي. اها ئي ڪوشش هوندي آهي ته گهٽ کان گهٽ وقت ۾
وڌيڪ معلومات ڏئي سگهون ته جيئن هتي ايندڙ عورت
پنهنجي وقت جو زيان نه سمجهي.
سحر فقير محمد شيخ: سٺو ڊسيپلين، سکيا جو طريقيڪار تمام بهتر ۽
ڪم ايندڙ هر شيءِ دستياب ڪري ڏني وڃي ٿي. اسان جي
سموري ڪوشش هڪ ڪارائتو ذهن تيار ڪرڻ تي مرڪوز
هوندي آهي، تنهنڪري اسان سمجهون ٿا ته اسان پنهنجي
مقصد ۾ ڪامياب آهيون.
”تحريڪ پاڪستان جون ڪجهه نامور خواتين“
تنوير جوڻيجو
آزاديءَ جي ڪا به تحريڪ ان وقت تائين ڪامياب نه ٿي ٿي سگهي،
جيستائين ان ۾ عورتن جي پر خلوص جدوجهد شامل نه ٿي
هجي. پاڪستان جي تحريڪ جي ڪاميابيءَ جو راز عورتن
جي شاندار جدوجهد هئي. هونئن ته هن جاکوڙ ۾ ڪيترين
عورتن پنهنجي هڙان ۽ وڙان ڪيتريون قربانيون ڏنيون.
پر هتي ذڪر ڪن اڳواڻ خواتين جو، جن جي ڪوشش طفيل
عورتون گهران نڪتيون، پر اها به هڪ حقيقت آهي ته
هن تحريڪ ۾ محض چند عورتن حصو نه ورتو، پر هر گهر
جي عورت ساٿ ڏنو.
آبادي بيگم، جنهن کي ماڻهو ”بي امان“ جي نالي سان سڃاڻين ٿا،
پاڻ مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي جي
ماءُ هئي، تحريڪ پاڪستان جي شروعات ٻه قومي نظريي
سان ٿي، ۽ ”بي امان“ اها خاتون هئي جنهن عورتن ۾
سڀ کان پهرين انهيءَ نظريي جي همايت ڪئي. نه رڳو
پاڻ، پر ٻين عورتن کي به انھيءَ نظريي جي حمايت
لاءِ همٿايو ۽ پاڪستان جي تحريڪ لاءِ بنياد فراهم
ڪيو. ”بي امان“ جيتوڻيڪ هڪ پرديدار خاتون هئي پر
خلافت واري تحريڪ ۾ نه رڳو پاڻ گهر کان ٻاهر نڪتي
پر ساڻس گڏ عورتن جو وڏو هجوم پڻ هو. 1919ع ۾ جڏهن
تحريڪ خلافت جو آغاز ٿيو ته پهرين مهاڀاري
لڙائيءَ ۾ ترڪن، انگريزن جي حريف جرمن جو ساٿ ڏنو.
جڏهن ته انگريزن برصغير جي مسلمانن سان وعدو ڪيو
هو ته هو ترڪيءَ ۾”خلافت“ کي قائم رکندا. پر
انگريزن فتح جي نشي ۾ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو ۽ انهيءَ
سلسلي ۾ مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي
انگريزن خلاف آواز بلند ڪيو، پنهنجي اخبار
”ڪامريڊ“ ۾ مضمون لکيا، نتيجي ۾ ڪامريڊ تي پابندي
عائد ڪئي وئي ۽ مولانا ڀائرن کي نظر بند ڪيو ويو.
انهيءَ موقعي تي بي امان باهمت ڪردار ادا ڪيو. گهر
کان ٻاهر نڪري انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو. بي امان
کي پنهنجين ڪوششن ۽ جاکوڙ جي نتيجي ۾ ”ام الحرار“
جو لقب پڻ مليو. بي امان ڄڻ ته عورتن جي دستي جي
ڪمانڊر هئي.
امجدي بيگم تحريڪ پاڪستان جو هڪ ٻيو نمايان نالو. ”بي امان“
پنهنجي جاکوڙ پنهنجي گهر کان شروع ڪئي. امجدي بيگم
سندس ننهن هئي ۽ۡ مولانا محمد علي جوهر جي گهر
واري هئي. امجدي بيگم کي سياسي شعور سنسد رڙ ۽ گهر
کان مليو. ان زم، اني ۾ قائد اعظم محمد علي جناح
جي قيادت ۾ هڪڙو قافلو دهليءَ کان روانو ٿيو. خيبر
جي لڪ ۽ راس ڪماريءَ تائين پهتو. محمد علي جناح جي
حڪم تي امجدي بيگم هن قافلي لاءِ پهريون قدم کنيو
۽ سندس ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عورتون اڳتي
وڌيون ۽ پهريون ڀيرو مسلمانن عورتون دهليءَ کان
راس ڪماري تائين هندستان جي ورهاست جو فارمولا کڻي
پهتيون. امجدي بيگم آل انڊيا مسلم ليگ جي
ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي پڻ ميمبر بڻي. نهايت سٺي
مقرر هئي، بيگم جهان آرا شاهنواز، آل انڊيا مسلم
ليگ جي پهرين خاتون ميمبر هئي. بيگم جهان آرا
نهايت سلجهيل ۽ پڙهيل عورت جنهن کي گهر جو ماحول
پڻ بهترين مليو. پاڻ سر محمد شفيع جي نياڻي هئي ۽
پنهنجي پيءُ جي دفتري سياسي معاملن جي سيڪريٽري پڻ
هئي ۽ پيءُ سان گڏو گڏ هر سياسي گڏجاڻيءَ ۽ جلسي
جلوس ۾ شرڪت ڪندي هئي. بيگم جهان آرا جو گهر وارو
سر شاهنواز پڻ روشن خيال شخص هو. جهان آرا 12
نومبر 1930ع تي برطانيا ۾ ٿيندڙ پهرين گول ميز
ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. انگريزن اڳيان چٽيءَ طرح
پنهنجو موقف بيان ڪيو.
1906ع ۾ مسلم ليگ جو قيام ٿي چڪو هو. جهان آرا کي ڏسندي سندس
ڀيڻ گيتي آرا پڻ مسلم ليگ جي ميمبر بڻي. گيتي ارا
عورتن جي شعور فهم ۽ ادراڪ لاءِ مهنامه ”همايون“
نالي هڪ رسالو جاري ڪيو.
فاطمه بيگم: تحريڪ پاڪستان جي سلسلي جو اهم نالو جنهن جو پيءُ
منشي محبوب عالم ”پيسه“ اخبار جو مالڪ هو. ڌيءَ جي
صلاحيتن کي ڏسندي کيس تعليم ڏياري 1900ع ۾ تعليم
پرائڻ کان پوءِ 1901ع ۾ بمبئي ۾ انسپيڪٽر آف
اسڪولس بڻي ۽ مسلمان عورتن جي سياسي بصيرت وڌائڻ
لاءِ ”شريف بيبي“ جي نالي سان هڪڙو رسالو جاري
ڪيو. نهايت سٺي مقرره، اديبه ۽ استاد ڪيترائي
زنانا مدرسه سندس ڪوششن طفيل کليا. قائد اعظم محمد
علي جناح سندس صلاحيتن کي ڏسندي کيس حڪم ڪيو ته
محترمه نوڪري ڇڏي لاهور وڃو، باصلاحيت ۽ باعمل
عورتن جو دستو تيار ڪيو ته جيئن هن مشن کي اڳتي
وڌائي سگهجي.“ فاطمه بيگم قائد اعظم جي خواهشن تي
سرڪاري نوڪري تان استعيفيٰ ڏني ۽ لاهور پهتي،
پنهنجو مال، ملڪيت، پيسو ڏوڪڙ هن عظيم مقصد تان
قربان ڪيو.
محمد بيگم پڻ هڪ پڙهيل لکيل عورت هئي. قائد اعظم جا نظريا ۽
ويچار عورتن تائين پهچائڻ لاءِ هڪڙو رسالو ”تهذيب
نسوان“ جي نالي سان شايع ڪيو. جنهن ۾ سماج سکيا
سان گڏ عورتن کي سياسي رمزن کان به آگاهه ڪيو
ويندو هو.
1910ع ۾ عورتن جي تعليم تي ڌيان ڏنو ويو ۽ مسلمان عورتن جي
تعليمي سرگرمين جو آغاز ٿيو. 1915ع ۾ پهرين مسلمان
نينگري جنهن انگريزي تعليم حاصل ڪئي ان جو نالو
قدسيه اعزاز رسول هو. جنهن ڪوئين ميريءَ منجهان
ميٽرڪ پاس ڪئي. انهيءَ دوران حسين شهيد سهرورديءَ
جي پڦي خجسته اختر بانو پهرين مسلمان عورت هئي،
جنهن ايم اي جو امتحان پاس ڪيو. جيئن ته عورتن
لاءِ الڳ تعليمي ادارا ڪونه هوندا هئا. انڪري
ڇوڪريون علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ۽
ماسٽرس ڪنديون هيون.
رشيده جهان نالي هڪ عورت ايم اي ڪري پڙهائيءَ لاءِ برطانيه وئي،
آءِ ايس سي جو امتحان پاس ڪيو ۽ ان دور۾ پروگريسو
رائيٽرز گروپ ۾ شامل ٿي.
مسلم ليگ سان عورتون سڌي يا اڻ سڌي طرح 1909ع کان وابسته هيون،
پر زنانه مسلم ليگ جي قيام لاءِ بيگم حفيظ الدين
جون ڪوششون قابل ذڪر آهن. ڇاڪاڻ ته سندس ڪوشش هئي
ته مسلمان عورتن کي به پلي فارم هئڻ گهرجي. بيگم
حفيظ الدين نهايت با عمل محلتي عورت هئي. سندس ساٿ
ڏيندڙن ۾ بيگم شمس النساءِ بيگم مرشد احمد جا نالا
قابل ذڪر آهن.
1934ع ۾ قائد اعظم محمد علي جناح مسلم ليگ جي قيادت سنڀالي ۽
مسلم ليگ کي نئين سر منظم ڪيو، ۽ خواتين جي سياسي
ميدان ۾ شموليت جي اهميت کي سمجهندي خواتين جي
سياست ۾ آمد جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪئي.
محترمه فاطمه جناح، نه رڳو قائد اعظم جي ڀيڻ هئي پر سندس ساڄو
هٿ پڻ هئي. فاطمه جناح جو جنم 1893ع ۾ ڪراچيءَ ۾
ٿيو هو. مشن هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان
پوءِ ڊينٽل ڪاليج بمبئي مان امتيازي نمبرن ۾ بي ڊي
ايس جو امتحان پاس ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ملڪ ۾ سياسي
هلچل عروج تي پهتل هئي. قائد اعظم سان سندس گهر
واري رتي جناح ڀرپور ساٿ نڀائيندي هئي. پر حياتيءَ
ساڻس وفا نه ڪئي. اهڙيءَ صورتحال محمد علي جناح کي
اڪيلو ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ فاطمه جناح اڳتي وڌي ۽
ڀاءُ جو وک وک تي ساٿ ڏنو. نه رڳو ڀاءُ جي ذاتي
زندگيءَ جو خيال رکيو پر سياسي زندگيءَ ۾ به ساٿ
ڏنو. زناني مسلم ليگ جي قيام ۽ ترقيءَ ۾ نمايان
ڪردار ادا ڪيو. اڪثر خواتين جي اجلاسن جي به صدارت
ڪندي هئي ۽ ڀاءُ سان گڏ هر ميٽنگ هر گڏجاڻيءَ ۾
شرڪت ڪندي هئي.
بيگم سلميٰ تصديق حسين جو جنم 1908ع ۾ گوجرانوالا ۾ ٿيو. پاڻ هڪ
سٺي شاعره هئي ۽ سماجي خدمتن جي سلسلي ۾ نانءُ
ڪمايو ۽ سندس شادي ڊاڪٽر تصديق حسين سان ٿي جنهن
جي معرفت سياسي ميدان ۾ به هن قدم رکيو ۽ پنجاب جي
عورتن جي سياسي آبياري ڪرڻ لڳي.
بيگم رعنا لياقت علي خان جو جنم 1905ع ۾ ٿيو. 1923ع ۾ سندس شادي
لياقت علي خان سان ٿي. شاديءَ کان پوءَ بيگم رعنا
لياقت علي پنهنجي مڙس سان گڏو گڏ هر جلسي هر
گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به
مڙس جو ڀرپور ساٿ ڏنو. سندس سيڪريٽريءَ جا فرض به
سر انجام ڏيندي هئي. سندس لاءِ نوٽيس تيار ڪرڻ،
ٽائيپ ڪرڻ، سندس ذمي هوندو هو. ان کان سواءِ
مهاجرن جي آبادڪاريءَ جي سلسلي ۾ سندس خدمتون
نمايان رهيون. مهاجر خواتين جي فلاح ۽ بهبود لاءِ
آل پاڪستان وومين ايسوسيئيشن يعني اپوا جو به پايو
وڌو. پاڪستان ۾ به مختلف عهدن تي ڪم ڪيو. پاڪستان
۾ سنڌ جي گورنر به رهي ته سفير به.
بيگم وقار النساءِ نون تحريڪ پاڪستان جي ممتاز ۽ اهم رهنما جنهن
جو سياسي جنم 1904ع ۾ ٿيو. مارچ 1940ع ۾ قرارداد
پاڪستان کان پوءِ ڪافي متحرڪ بڻي ۽ عورتن ۾ شعور ۽
سجاڳي پيدا ڪرڻ لڳي.
غلام فاطمه شيخ سنڌ جي نياڻي جنهن جي ڪٽنب جون ڪوششون تحريڪ
آزاديءَ جي سلسلي ۾ وسارڻ جوڳيون ناهن. سندس والد
صاحب شيخ عبدالرحيم سنڌي پنهنجي نياڻين کي به
تعليم جي روشنيءَ سان آراسته ڪيو ۽ غلام فاطمه شيخ
جو گهر وارو ڊاڪٽر شمس الدين شيخ ڊاڪٽر هو ۽ خلافت
تحريڪ ۽ تحريڪ ريشمي رومال ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ترڪستان ڏانهن پهرين جنگ عظيم دوران اسهيو، جتي
سندس ڪٽنب به ساڻس گڏ هو. اتي زخمي ۽ بيمار ماڻهن
جي عيادت جو ڪم سرانجام ڏيندا هئا. ان بعد مدينه
منوره جو رخ ڪيو جتي سندن گهر هندستاني جلاوطن
ٿيلن لاءِ هڪ پناهه گاهه هو.
ان دور ۾ جڏهن بر صغير ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ آواز بلند ڪيو
ويو. ان وقت غلام فاطمه شيخ پنهنجين سڀني نياڻين
کي اعليٰ تعليم ڏياري. جنهن مان آپا عائشه شيخ
مشهور تعليم دان رهي ۽
آپا خديجه خانم دائود پوٽو جنهن علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان
گريجوئيشن ڪئي. سنڌ ۾ عورتن لاءِ اهم نمايان ڪردار
ادا ڪيو.
غلام فاطمه شيخ پڻ دهليءَ مان مڊوائفريءَ جو ڪورس ڪيو ۽ عورتن
جي صحت ۽ تندرستيءَ جي سلسلي ۾ نمايان ڪردار ادا
ڪيو. حيدرآباد ۾ مهاجرن جي آبادي ۾ پڻ سندس خدمتون
نمايان رهيون.
ليڊي ھدايت الله جو تعلق پڻ صوبي سنڌ سان ھو. سندس گھر جا سڀ
فرد ھن تحريڪ سان لاڳاپيل ھئا. ليڊي ھدايت الله
سول نافرماني جي موقعي تي لاھور ۾ عورتن جي اڳواڻي
ڪئي ۽ پنجاب جي سول سيڪريٽريٽ تي مسلم ليگ جو
جھنڊو لڳرايو. ليڊي هدايت الله پاڪستان ٺهڻ کان
پوءِ به سياست سان لاڳاپيل رهي.
بيگم نصرت عبد الله هارون پڻ سنڌ ۾ نمايان ۽ اهم ڪم سر انجام
ڏنا. سندس ڪٽنب نه رڳو هڙان پر وڙان به تحريڪ
پاڪستان جي بي انتها مالي مدد ڪئي.
بيگم نصرت کي قائد اعظم سان ملڻ جو به موقعو مليو.
ان کان سواءِ هن ڪٽنب جي بيگم يوسف هارون انچارج گرلز نيشنل
گارڊ به رهي، ان کان سواءِ بيگم محمود هارون ۽
بيگم سعيد هارون جون ڪاوشون پڻ ياد رکڻ جهڙيون
آهن.
بيگم شعبان طيب جي، بيگم شائسته اڪرم الله کان سواءِ بيگم سردار
عبدالرب نشتر، بيگم فتح محمد، بيگم ممتاز جمال ۽
ٻيون ڪيتريون عورتون گهر کان ٻاهر نڪتيون ۽
پاڪستان جي حاصلات لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ شايد اهو
ئي سبب هو جو قائد اعظم فرمايو:
”مون کي مسلمان خواتين مان اهڙي طرز عمل، جرئت ۽ شجاعت جي اميد
هئي. مون کي اميد آهي بلڪ يقين آهي ته منهنجي قوم
جون عورتون زنده آهن ۽ هو آئينده به اهڙيءَ ريت
پنهنجي عمل سان بهتر ڪارڪردگيءَ جو ثبوت ڏينديون
رهنديون. ياد رکو، اوهان پنهنجي عمل سان پنهنجي
وطن پاڪستان کي ويجهو ڪري ورتو آهي. ۽ اهو وقت پري
ناهي جڏهن اهو اوهان کي ئي سنڀالڻو آهي.“
ڊاڪٽر ڪيپٽن محمد اشرف مصرائي
نثري نظم
حقائق
سج، ستارا ۽ سيارا ۽ هيءَ ڌرتي
۽ وري پوري ڪائنات منهنجي
اکين ۾ بيهجي رهيا آهن، پنهنجي
اکين جي جوت حيران ڪندڙ آهي
جڏهن سج انهن جي سامهون اچي ٿو
ته هن جي جوت بادلن
۽ طوفانن ۾ اچي گهٽجي وڃي ٿي.
هيءَ پوري ڪائنات ۽ اسان جي ڌرتي
هڪڙي سماجي رشتي ۾ شامل آهي
طلوع آفتاب ۽ غروب شمس به منهنجي
حوالي سان ٿيندو آهي
۽ سيارن ۽ ستارن جو پڻ
آءٌ اهو ولي آهيان جنهن جي
ڪمري ۾ نظام شمسي جو درشن ٿئي ٿو
۽ ساڳيا منهنجي وار ڪارائي ان
منهنجي ڪمري واري سامهون ڀت ۾
ڏينهن جو سج ٽمڪندڙ گول گول دائرا ٺاهي بيهي رهي ٿو ۽ اهي اهي
دائرا ڀت تي ٽنگ ڪري ڇڏين ٿا
ساڳي ريت رات جو تارا به ان ڀت تي ٽمڪندا آهن
سج کي سانده ٽي ڪلاڪ ٻه ٽي ڪلاڪن جي وقفي
کان پوءِ ائين اٽڪل ست ڪلاڪ ڏسندو رهندو آهيان.
حبيب الله صديقي
غزل
واضح سوال جو هڪ، واضح جواب گهرجي،
سي ڇو گناهه ڪن ٿا، جن کي ثواب گهرجي.
دهشت جنون نفرت، انسان دشمني آ،
انسان دشمنن کي، بيحد عذاب گهرجي.
دارالحرب بني آ، دنيا تمام طرفين،
امڪان امن جو هت، ڪو لاجواب گهرجي.
ڌرتيءَ کي گهرج آهي، مزدور ڪاسبيءَ جي،
صاحب وڏو نه ڪوئي، ناهل نواب گهرجي.
اصلاح جو ذريعو، واحد عمل هي آهي.
تعليم جنهن کي صالح، ڪامل نصاب گهرجي.
باعث زوال ڇاهي، حاصل ڪمال ڇا ۾،
سمجهي سگهڻ جي خاطر، پڌرو ڪتاب گهرجي.
غالب گمان آهي، هڪ عالمي عمل جو،
ڪهني نظام کي ٿو، تازو شباب گهرجي.
سو ڏينهن نيٺ ايندو، جنهن ڏينهن خلق چوندي،
ڦرلٽ جي مال جو ٿو، پورو حساب گهرجي.
پنهنجو حبيب ليکو چوکو چڪائڻو آ،
نوڙت نياز جو ٿو، وافر ثواب گهرجي.
قاضي منظر حيات
غزل
مک تي لڙڪن _ پاڻي آهي
توبن دل ويڳاڻي آهي.
جيون جنگ ۾ هيءَ حياتي
مَڪلي اهي، مياڻي آهي.
رسمن جي سنگ ساريءَ باعث،
چچريل پريم _ ڪهاڻي آهي.
بندش، ڪوٽ ۾ قيد _ ڪڙا،
ڄائي ناحق نياڻي آهي.
پيار جو پنڌ اڻانگو رستو،
محنت مات نه ماڻي آهي.
اوچو ڳاٽو ڦاهيءَ منظر
سچ جي سوڀ پراڻي آهي.
شهزادي انجم ڪيريو
زندگي ڇا آهي
تنهنجا خيال ڇو دل تي اچن ٿا
خواب ڇو نه پورا منهنجا ٿين ٿا
نيڻ اڃايل ٿر جي واريءَ جيان
تنهنجي اچڻ جي آس جا بادل اچن ٿا
پرديسي پکيءَ وانگي مان آهيان شايد
پنهنجي اڏري وڃڻ جا آثار ملن ٿا.
تو سان ملڻ منهنجي نصيب ۾ آهي الائجي نه،
پوءِ به ڇو تو سان ملڻ لئه منهنجا جذبا اڀرن ٿا.
دل چئي ٿي تو سان ڪاوڙ ڪري ڏسان مان،
پر تنهنجي پرچائڻ جا ڪي آثار به نه ملن ٿا.
ڪير آهي منهنجو پرين؟
پيار مان بيزار شايد تون لڳين پيو،
ٿڪل ٿڪل تنهنجا جذبا ننڊ ۾ ستل آهن،
تن کي نه تون جاڳائڻ چاهين پيو.
مان به پاڳل ڇو آهيان؟
ڇو تو سان ملڻ جي آس کڻي آيس مان!
ڇو رات جو پيا اکين کي اوجاڳا ملن؟
ڪنهن جي چاهت جا پيا دل ۾ ديپ ٻرن!
ڪير آهي..... منهنجو پرين؟
نانءٌ انجم پنهنجو لکي کڻي. |