سوچ ويچار
تعليم کاتي ۾
پرائمري استادياڻيءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ارڏي،
اڏول، کاهوڙي ۽ جاکوڙي ڪردار جنت خانون جنهن کي
پنهنجي ترجي ماڻهن بي درديءَ سان مارايو/قتل ڪيو ۽
گهوٽڪيءَ جي نياڻين کان قلم ۽ سليٽ هٿ مان ڦري کين
خوف جي چادر پارائي، چوديواريءَ ۾ بند ڪرڻ جو
پروانو جاري ڪري ڇڏيو، ته جيئن وري ان تر ۾ ٻي ڪا
به جنت، ڌرتيءَ کي جنت بڻائڻ جا خواب اکين ۾ کڻي
نه جاکوڙي، ۽ نه ئي علم پکيڙڻ جي سڌ رکي. جنت جي
زندگيءَ جو احوال ڪجهه هن طرح آهي، ته پاڻ ننڍپڻ
کان ئي پڙهڻ ۾ ڏاڍي هوشيار هوندي هئي ۽ هميشه
اسڪول ۾ نمايان رهندي هئي. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ
مائٽن سندس شادي ڪرائي ڇڏي. جنت لاڏي بڻجي
گهوٽڪيءَ ۾ پرڻجي آئي. اتي هن پنهنجي دل جي ڳالهه
پنهنجي ور سان ڪئي، ته کيس تعليم پرائڻ، علم جي
لاٽ گهر گهر روشن ڪرڻ جو شوق آهي. سندس ور به
انهيءَ مهم جوئيءَ ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو.
اسڪول جي عمارت لاءِ پلاٽ به زال کي ڏنائين. جنت ۽
سندس مڙس جي اهڙي جدوجهد ۾ ڳوٺ وارن به ساٿ ڏنو ۽
ڪيتريون ئي نياڻيون ان اسڪول ۾ علم حاصل ڪرڻ
لڳيون. جنت سان ڳوٺ وارن جو سهڻو وهنوار ڏسي، تر
جي ڪن ماڻهن (ڪماڻهن!) کي خوف ورائي ويو، ته هيڏي
تعداد ۾ نياڻيون جڏهن تعليم پرائي ميدان تي
اينديون، ته پوءِ هن ڳوٺ جو رخ ئي بدلجي ويندو.
سندن اندر ۾ جنت ۽ سندس ور لاءِ دوزخ جا اڙاهه ٻرڻ
لڳا. ۽ نيٺ هڪ ڏينهن جهالت جي اونداهين، علم جي
روشنيءَ کي اجهائي ڇڏيو! افسوس هڪ بي قصور بي ڏوهي
سنڌ جي سورهيه نياڻي سماج کي تبديل ڪرڻ جا خواب
اندر ۾ سانڍي وڃي مٽيءَ حوالي ٿي. جنت خاتون جي
جوانيءَ ۾ سندس جدوجهد ۽ حوصلي جو حساب ڪتاب ڪنهن
کان وٺجي؟ سندس مائٽ کان، جنهن کي سندس قتل ۾
استعمال ڪيو ويو يا انهن چڱن مڙسن کان، جن ان کي
هشي ڏني يا پوري سماج کان!؟
انهيءَ ڏس ۾ اسين
سرتيون جي پليٽ فارم تان سنڌ توڙي وفاقي سرڪار کان
گهر ٿا ڪريون ته، جنت خاتون جي قتل ۾ ملوث ماڻهن
کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ ان اسڪول ۾ اسٽاف
مقرر ڪري نياڻين جي تعليم جو سلسلو جاري رکيو وڃي.
گلبدن جاويد
سرتيون شاهه لطيف چئي:
مديني جا ڄام! سڻ
منهنجا سڏڙا،
آهيان تنهنجي سام،
سگهو رسج سير ۾
مديني جا ڌڻي! سڻ
منهنجا سڏڙا،
تنهنجي آه تڻي، ٻي
ڪنڌي ساريان ڪان ڪا.
مديني جا شاه! سڻ
منهنجا سڏڙا،
ڪارڻ لڳ الله، سگهو
رسج سپرين!
مديني جا شير! سڻ
منهنجا سڏڙا،
ڀر مبارڪ پير، عاصي
تنهنجهي آسري.
مديني جا گھوٽ!
سُڻُ منھنجا سڏڙا
ڪج، محمد! موٽ،
عامي تنھنجي آسري
مديني جا مير! سڻ
منهنجا سڏڙا،
سَرَڻِ تنهنجيءَ
سير، تون پار لنگهائيين پيڙا.
نعت
سحر امداد
لکان ٿي نعت لڙڪن سان
اکين کي پير ٿي ڪريان،
گهٽي آهي مديني جي!
جيڻ تولئه مرڻ تو لئه،
اهو ئي ڌيان دل ڌريان،
گهٽي آهي مديني جي!
کڻان ٿي وک اکڙين سان،
ڏسي تو در سڄڻ پريان،
گهٽي آهي مديني جي!
ڀلارا تون ڀلائي ڪج،
مٿو تو در مٿي ڌريان،
گهٽي آهي مديني جي!
ٻهاريان صحن پلڪن سان،
محبت سان مٽيون ڀريان،
گهٽي آهي مديني جي!
سکن جي آس ۾ سائين!
ڏکويل ڏک ٿي ڏريان،
گهٽي آهي مديني جي!
لکان ٿي نعت لڙڪن سان،
ته ڄڻ ڪو ڀرت ٿي ڀريان!
گهٽي مديني جي آهي!
گهڻ رخي
شخصيت مهتاب اڪبر راشدي
انعام شيخ
ڪنهن به قوم جو مڪمل تعارف ان جي ثقافتي ۽ سماجي ترقي، تاريخي
حاصلات، گڏيل انساني ڀلائيءَ لاءِ عالمي برادريءَ
۾ ادا ڪيل ڪردار، بهتر معاشي صورتحال، سياسي نظام
۽ ٻين ڪيترن پهلوئن ذريعي ٿيندو آهي. پر هر قوم جو
تڪڙو، ابتدائي ۽ ٺهيل ٺڪيل تعارف انهيءَ قوم جي
ڪجهه عظيم يادگارن، ڪارنامن، ۽ شاهڪار ڪتابن کان
سواءِ اهي ڳاڻ ڳڻيون شخصيتون به هونديون آهن. جيڪي
منجهن موجود غير معمولي صلاحيتن سان پنهنجي دور
توڙي قوم جي سڃاڻپ ڪرائينديون رهنديون آهن.
انهيءَ تسلسل ۾ سنڌي بحيثيت هڪ قوم شاندار تاريخي پسمنظر ته رکن
ٿا. پر سندن حال جو تعارف اهڙو فخر جوڳو نه آهي،
جو اهي دنيا جي ڪامياب ۽ ڪامران قومن سان ڪلهو
ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي دعويٰ ڪري سگهن. دنيا آڏو
پنهنجو تعارف پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ وٽ نه پنهنجو
اقتدار اعليٰ آهي، نه شاندار معاشي ترقيءَ جا
معجزا، نه علمي ترقيءَ جو محور بڻيل عظيم ادارا ۽
نه ئي عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديلين جي حوالي سان
ڪيل ڪوششون، تنهن ڪري حال جي سڃاڻپ ۾ ڪجهه ماڳن
مڪانن ۽ ڪجهه ڪتابن کان سواءِ جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ
جوڳيون شخصيتون سڃاڻپ جو اهڃاڻ بڻيل آهن. تن ۾
لاشڪ لاڙڪاڻي ڄائي بدرالنسساءِ چنا بالمعروف مهتاب
اڪبر راشدي به هڪ آهي. کيس اهو اعزاز ڪنهن رايل
فئمليءَ سان لاڳاپيل هئڻ ڪري يا ختم نه ٿيندڙ
سفارشي سلسلي ذريعي نه پر مسلسل محنت، وڻندڙ
سڀاءَ، اڻ مئي قابليت ۽ ڌرتيءَ سان ڪمٽمينٽ جي
معرفت مليو آهي.
مهتاب اڪبر راشدي، جنهن کي سندس شاگرد ۽ مداح محبت وچان ”مئڊم“
سڏين ٿا. تنهن استادي پيشي سميت جنهن به ڪرت سان
پنهنجو پاڻ واڳيو، تنهن کي دل جي سچائيءَ سان
ارپنا جي انهيءَ پد تي پهچايو، جو اهو شعبو سڄي
ملڪ جي توجهه جو مرڪز بڻجي پيو. اهڙي حاصلات دوران
هن ڪڏهن به عورت هجڻ جو فائدو يا رعايت حاصل نه
ڪئي. مئڊم مهتاب جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي ته هن
جنس جي فرق کان مٿڀرو ٿي، هڪ فرد جي روپ ۾ پنهنجي
سگهاري سڃاڻپ ڪرائي ۽ اهڙي سڃاڻپ دوران هن مقابلي،
ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن جي ٻل تي سنڌ جي لکين مردن کي
نه رڳو پوئتي ڇڏيو، پر کانئن مڃتا به حاصل ڪئي.
اسان جهڙو معاشرو جنهن ۾ پرستاري ۽ تعصب جا جذبا
هڪ ٻئي سان پور وچوٽ هلن ٿا، تنهن معاشري ۾ فقط
ميرٽ جي بنياد تي مقام حاصل ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه
نه آهي. ظاهري آهي ته موجوده مقام تائين پهچندي
مئڊم مهتاب کي تڪليفن، حسد ۽ بي سبب رڪاوٽن جا
ڪئين درياءَ اڪرڻا پيا هوندا. پر اهڙن مڙني مرحلن
دوران هن وڏن کان وڏا ڏاکڙا ڪندي ڪنهن شخص کان به
رحم ۽ رعايت جي تقاضا ڪرڻ بدران مسئلن ۽ مونجهارن
سان منهان منهن ٿي مقابلو ڪيو ۽ آخرڪار ڪاميابيون
حاصل ڪيون. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ توڻي ملڪ جا سڀ
سمجهدار ماڻهو هڪ دوست، ساٿي، استاد، منتطم ۽ ليڊر
جي حيثيت ۾ نه رڳو سندس ساٿ کي دل سان قبول ڪن ٿا،
پر اهڙي ساٿ ۾ هلندي ساڻس تمام گهڻي محبت به ڪن
ٿا.
هڪ باوقار خاتون جي حيثيت ۾ مئڊم مهتاب ڪڏهن به عورت هجڻ جو
پٽڻو پٽيندي سکڻي لفاظيءَ جو ڍنڍورو نه ڏنو آهي.
پر هن زندگيءَ جي هر موڙ تي پاڻ سميت پنهنجي جنس
نسل ۽ آس پاس جي ماحول جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جون
سنجيدگيءَ ڀريل ڪوششون ڪيون آهن. کيس قدرت نه رڳو
بصيرت سان ڀريل هڪ اهڙو ذهن ڏنو آهي، جنهن وٽ منزل
ماڻڻ جو چٽو شعور (Clarity of vision
) آهي، پر انهيءَ شعور کي مادي عمل ذريعي تڪميل جي
پد تي پهچائڻ لاءِ گهربل سگهارو ارادو (Will
To act)
به وٽس موجود آهي. خيال ۽ عمل جي انهيءَ وڻندڙ تال
ميل ۽ سنگم، کيس جديد دور جي تقاضائن سان سلهاڙي
هڪ ترقي پسند، عمل دوست ۽ اجتمائي ڀلي لاءِ تڙپ
رکندڙ هڪ اهڙو انسان بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪو ڪنهن
قوم لاءِ فخر لائق ورثو سڏي سگهجي ٿو.
ڏسڻ ۾ آيو آهي ته سنڌ ۾ جڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙي قسم جي
گهڻ رخي مڃتا ملي ٿي ته اهو يا ته پنهنجي ثقافتي ۽
سماجي پسمنطر کان بغاوت ڪندي ڪنهن ”ٻي دنيا جي
مخلوق“ بڻجي وڃي ٿو. يا پنهنجي تڪڙي حاصلات جو ڍءُ
نه جهليندي احساس برتريءَ جو شڪار ٿي باقي مخلوق
کي ڪمتر ۽ ڪم عقل سمجهڻ لڳي ٿو. سنڌ ۾ ڦهليل
انهيءَ عام بيماريءَ جي ابتڙ مئڊم مهتاب جي سنڌي
ٻوليءَ جو نه ”نئون ديرائي“ لهجو مٽيو آهي، نه
سندس لفظن مان راهنمائيءَ سان ڀريل ”ليڊراڻو
دٻدٻو“ گهٽيو آهي ۽ نه ئي سندس سڀاءَ ۾ فضول قسم
جو رکاءُ ۽ ”آداب _ گيري“ آئي آهي. هوءَ سنڌ جي هڪ
سڌي سنئين سمجهدار ۽ سلڇڻي پر اهڙي عورت آهي، جيڪا
اڄوڪي دور ۾ نئين نسل (خاص ڪري اسان جي نينگرين)
لاءِ هڪ مثال جوڳي ڪردار (Role model)
طور پيش ڪري سگهجي ٿي.
اڄوڪي دور ۾ مهتاب اڪبر راشديءَ جي شخصيت کي پيش ڪندي، اسان
”اسٽار پلس“ جي سحر ۽ ميڊيا جي رنگينيءَ ۾
جهانوريل نينگرين کي ٻڌائي سگهون ٿا ته جيڪڏهن
انساني شعور جي اوسر متوازن ۽ گهڻ پاسائين انداز ۾
ٿئي ته بي تڪلفي (Foankness)
۾ وضعداري (Courtesy)
۽ جدت (Modernity)
هڪ ٻئي سان شاندار سنجوڳ ڪري سگهن ٿا. اسين مئڊم
مهتاب جي اندر ۾ اوتيل عزت نفس جي خزاني کي نئين
نسل آڏو نروار ڪندي کيس ٻڌائي سگهون ٿا ته جرئت (Courage)
۽ گستاخيءَ جي وچ ۾ موجود معمولي ترين تفاوت به
ظاهر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسين اهو ڄاڻي وٺون ته
ذاتي انا جي موهه ۽ اجتماعي ڀلائي لاءِ تڙپ ۾ به
ڪو فرق موجود هوندو آهي! اسين سندس وجود ذريعي
نئين دور جي سنڌ کي اهو به ٻڌائي سگهون ٿا ته مروج
سماجي قدرن کان بغاوت ڪرڻ جو مطلب فقط ”پريمي
جوڙو“ بڻجڻ نه هوندو آهي، پر نئين ۽ بهتر سماج جي
اڏاوت لاءِ پاڻ ارپڻ ۽ آخرڪار ان کي تبديل ڪرڻ به
هڪ مقصد هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو هڪ فرد/ نسل فقط هڪ
دور جو تماشائي ئي نه پر گذريل دور/ نسل جو تسلسل،
هلندڙ دور جو امين ۽ مستقبل جو معمار پڻ هوندو
آهي.
مئڊم مهتاب تجربي، عمر، صلاحيت، تدبر، علم ۽ انتظام جي حوالي
سان مون سميت سنڌ جي بيشمار ماڻهن کان اونچو مقام
رکي ٿي. تنهن ڪري سندس شخصيت جو مڪمل احاطو سندس
مرتبي جا ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا. پر هن جي هڪ
شاگرد، مداح ۽ مشاهدي ڪار جي حيثيت ۾ جيڪڏهن سندس
شخصيت جي باري ۾ مختصر ترين راءِ گهري وڃي ته مان
چوندس ته: ”اڄوڪي غير متوازن سنڌي معاشري ۾ هوءَ
متوازن شخصيت جو هڪ اعليٰ مثال آهي.“
مئڊم پڙهيل ڳڙهيل خاتون هئڻ باوجود پنهنجي اندر ۾ موجود مڙني
انساني خوبين کي نه رڳو مناسب ۽ نفاست سان استعمال
ڪرڻ ڄاڻي ٿي، پر بشري ڪمزورين کي به نهايت ئي
معقوليت سان ضابطي هيٺ رکي سگهي ٿي. کيس قدرت حسين
صورت، حسين آواز ۽ حسين ذهن سان ته مالا مال ڪيو
آهي، پر اندر جي انهيءَ سموري حسن سان به سرفراز
ڪيو آهي، جيڪو آسپاس جي ماحول کي منور ڪرڻ لاءِ
ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. شايد اهڙن انسانن
لاءِ ئي حافظ هيءَ سٽ سرجي هئي.
ديده بايد تاڪ باشد شهه شناس
تاشنا سد شاهه را در هرلباس |