سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :3

 

فقير شهمير خان چانڊيو

جنين ڪاڻ مياس

دراوزي تي ٺڙ نڙ  ٿيڻ  سان مان جملو پورو نه  ڪري سگهيس ته چڙ کي گهٽو ڏئي دروازو کوليم، سامهون منهنجو ڀيڻيويو بيٺو هو، سندس چهرو لٿل هو، مان گهٻرائجي ويس ۽ دل ۾ سوچڻ لڳس ته ”خدا خير ڪري علي محمد شاديءَ کان پهرين ۽ پوءِ ڪڏهن به مون وٽ نه آيو آهي ۽ اڄ  جڏهن آيو آهي ته سندس منهن لٿل، اهو سوچي اٻهرائي مان پڇيومانس ”ادا خير  ته آهي نه؟“

چيائين:” خير ئي ته ناهي، تڏهن ته مان آيو آهيان، ۽ مون کي خاص طور تي توهان واري ڀيڻ  چيو آهي ته ادا کي چئجين ته ميٽ مٿي ۾ هجئي ته به  هليو اچجان“

”ادا ڳجهارت ڇو ٿا ڏيو، ڳالهه چٽي ڪري ٻڌايو منهنجو اڳ ئي هنئون ’سسندو وڃي‘ مون غمزده لهجي ۾ جواب ڏنو مانس.

”پر توسان ته خير آهي نه، اتي ئي بيٺي بيٺي در تان موٽائي  ڇڏيندين ڇا!“ علي محمد حيرانيءَ ۽ طنزيه انداز ۾ چيو:

”اوهه ادا معاف ڪجئين، مان ايڏو ته پريشان آهيان جو اوهان کي اندر اچڻ لاءِ به نه چيم، توهان اندر اچو اطمينان سان ويهي  ٿا ڳالهيون ڪريون، مون شرمندو ٿيندي  چيو.

حسنا منهنجي ڀيڻوويئي کي هٿ تي رئو رکي کيڪاريو ۽ پوءِ مون حسنا کي جلدي ماني تيار ڪرڻ  لاءِ چيو پر علي محمد فقط چانهه تي اڪتفا ڪئي. چيائين ته”مون کي جلدي ڳوٺ موٽڻو آهي.“

”هاڻ ٻڌايو ته ڪيئن اچڻ ٿيو؟“ مون وري بي صبري سان چيو، علي محمد بجاءَ جواب ڏيڻ جي مون کي منهن ۾ چتائي ڏسڻ لڳو ۽ وري ستت ئي عجيب انداز ۾ چوڻ لڳو ”اوهان نشو  ڪندا آهيو ڇا؟“

سندس ان غير متوقع سوال تي مان ڇرڪجي ويس ۽ فوري جواب ڏنومانس ته ”اهو اندازو توهان ڪيئن لڳايو ته مان نشو ڪندو آهيان!“

”تنهنجون خماريل اکيون ٿيون ٻڌائين!“

”نه ادا  توهان ڀليا آهيو، مان سمجهان ٿو ته ته شايد گهڻي اوجاڳي جي ڪري يا گهڻي ننڊ جي ڪري اکين ۾ اوهان کي خمار نظر اچي ٿو، پر ان ڳالهين کي ڇڏيو، توهان مقصد جي ڳالهه ڪريو“ مون اصل ڳالهه ڏانهن رخ موڙيو.

”ادا اصل ۾ تنهنجو سهرو ميان محمد بچل هل هلان ۾ آهي، تو واري سس ڀيڻهين کي ٻه ٽي دفعا نياپا ڏيئي وئي ته توکي ۽ جوڻهين کي منهن ڏسڻو هجي ته اچي ڏسو، سو مون کي اڄ ڀيڻهين تپائي کنيو ۽ مان به اچي نڪتس، وڌيڪ تنهنجي مرضي هلي يا نه!“

”پر ادا مان ته پاڻ هتي ڦاٿو پيو آهيان، ڇوڪري آرزوءَ: جو ڪو پتو ئي ڪونهي مان اڪيلو ماڻهو، ڪٿي ڪٿي ڳوليندو رهندس، لاچار ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائڻي پوندي، ۽ اخبار ٽي وي ۽ ريڊيو تي اشتهار ڏيڻو پوندو. آخر انسان جو ٻچو آهي، ماڻهو ته ڪڪڙ جي ٻچي گم ٿيڻ تي پريشان ٿي ويندا آهن. في الحال مون کي معافي  ڏيو، باقي دعا ڪريو ، ڇوڪري ملي وڃي ته پهرين فرصت ۾ اوهان وٽ هوندس.“

”اوهه... هي ته نهايت ڏک جهڙي ڳالهه آهي، ڀلا منهنجي لائق ڪو ڪم هجي ته حڪم ڪر؟!“ علي محمد  ٿڌو ساهه ڀريندي ڏک واري لهجي ۾  چيو:

”نه ادا، توهان کي ڪهڙي تڪليف ڏيان، هي منهنجو مسئلو آهي، مان پاڻهي منهن ڏيندس، امڙ حيات هئي، ته مان کانئس فقط دعائن جي طلب ڪندو هوس، ۽ پوءِ دعائن جي طفيل اڻ ٿيڻا ڪم ڪم به ٿي ويندا هئا، توهان به دعا ڪريو من رب سڻائي ڪري، باقي سياڻن سچ چيو آهي ته”پنهنجيءَ وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب!“

”چڱو ادا الله تنهنجو نگهبان،  مان  هاڻي هلان ٿو“ ائين چئي علي محمد موڪلائي هليو ويو ۽ مان بجاءِ حسنا سان ڳالهائڻ جي سڌو پنهنجي يار صحافي سان مليس ۽ کيس سڄي حقيقت کان آگاهه ڪيم، جنهن تي مون کي چيائين ته ”يار ڳالهه ٻڌ، پهرين ته تون اصل راز تان پردوکڻي ڪونه ٿو، ٻي ڳالهه ته ڇوڪريءَ جي اغوا ۾ ڪنهن جو هٿ ٿي سگهي ٿو، جيسين سڄي حقيقت کان آگاهه نه ڪندين مان تنهنجي ڪابه مدد نه ٿو ڪري سگهان!“

”يار راز تان پردي کڻڻ جون ڳالهيون پوءِ به ٿي سگهن  ٿيون، في الحال نياڻي جي دستيابي جي سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪرمان اڳ ئي گهڻو پريشان آهيان“ مون ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.

چڱو پرين ٻڌاءِ تنهنجي ڪنهن سان دشمني ته ناهي؟“

”يار دشمني ڪهڙي آهي، اصل ۾ مان جنهن پاڙي ۾ رهان ٿو،اتي هڪ وڏو ماڻهو رئيس گل محمد خان مون کي اڪثر پاڻ وٽ سڏائي چوندو ٿو رهي ته مان هتان هليو وڃان!“

”آخر ڇو؟“

”اها ته مون کي به خبر ڪانهي“ مون اصل ڳالهه لڪائيندي چيو.

”تنهنجي معنيٰ ته تنهنجو شڪ انهي رئيس تي آهي.“

”ٿي سگهي ٿو، منهنجي نه وڃڻ سبب ان اها حرڪت ڪئي هجي، جيئن مان پريشان ٿي، هتان ٽپڙ کڻي هليو  وڃان!“

رهين ٿو درياهه جي ڪپ تي ۽ وجهين ٿو واڳن سان وير“ اهڙو ڪم نه ڪبو، مان تنهنجي لاءِ فقط ايترو ڪري سگهان ٿو  جي هتي جو ايس ايس پي صاحب سان منهنجي نياز مندي آهي، ۽ مان پنهنجي طور تي ساڻس ڳالهايان ٿو جيڪڏهن هو راضي ٿي ويو ته اميد ته ڇوڪري پاڻ کي صحيح سلامت ملي ويندي باقي جيڪڏهن تون رئيس خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائيندي ته وڏي ڏچي ۾ پئجي ويندي، ۽ پوءِ سايد تون دل برداشته ٿي ڪو غلط قدم نه کڻي ويهين، ڇاڪاڻ ته تو اڳ ئي مون کان گهر ڪئي هئي ته روالور هٿ ڪري ڏي، تنهنجين انهن ڳالهين مان ڪو وڏو ممڻ مچڻ جو خدشو پيو ظاهر ٿئي، وڌيڪ تنهنجي مرضي!“ صحافي يار، بزرگانه انداز م مون کي سمجهائيندي  چيو.

”پوءِ  هينئر ڀلا  مان ڇا ڪريان؟“ مون بيوسي مان چيو.

”هينئر تون سڌو وڃي ، اخبار ۾ اشتهار ڇپراءِ ۽ ريڊيو  تي به اعلان ڪراءِ ، من ڪٿان ڪا واهه نڪري پوي!“

مون کي سندس صلاح وڻي ۽ مان کانئس موڪلائي سڌو آفيس پهتس، ۽ ڇوڪريءَ جي باري ۾ مڪمل پار پتا  ڏئي اشتهار لکي ڏنم ۽ پوءِ ريڊيو اسٽيشن تي پهتس.

آرزوءَ کي گم ٿئي اڄ ٽيون ڏينهن  هو، ان صورتحال سبب منهنجي ذهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، مون کي ويٺي ويٺي الائجي ڇا ٿي ويندو هو ۽ پوءِ سوچيندو هوس ته ڪنهن کي قتل ڪريان!“ پر وري سوچيندو هوس ته  ڪنهن کي قتل ڪريان... پاڻ کي ڪريان يا ڪنهن ٻئي کي ڪريان!“

انهن خيالن جي گورک ڌنڌن ۾ ايڏو الجهي ويو هوس جو مان ارمان ڏي به گهڻي توجهه نه  ڏئي سگهندو هوس، جيڪو مون کي حيرت ڀري  نگاهه سان ڏسندو رهندو هو، ته ڪيڏي مهل  ٿو بابا مون کي ڪلهي تي کڻي گهمائي! جڏهن ته هو ڪجهه ڏينهن کان بيمار به  هو حسنا به مون کي ٻه ٽي گهمرا  چيو هو ته کيس کڻي وڃي شهر جي سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکاريان ۽ اڄ به هوءَ مون کي چئي رهي هئي:

”مان چوان ٿي ته ڇوڪري جي ڪر! ڇوڪرو ڏينهون ڏينهن نجهرندو وڃي... ۽ هوڏانهن بابا وارن ڏي به هلڻو آهي الائي پوئتي ڇا ٿيو؟!“

”توکي ته آهن ڳالهيون ڪرڻيون، مان به ته انسان آهيان، آخر وڃان ته ڪهڙي پاسي وڃان، هڪ طرف آزروءَ جي پريشاني، ٻئي طرف پڻهين وارن ڏانهن هلڻو آهي ۽ ٽين طرف نوڪري به ته ڪرڻي آهي چڱو مون کي ڏي ڇوڪر ته کڻي وڃانس!“ مون خفگي  بيوسيءَ واري انداز ۾ چيو.

”ڊاڪٽر صاحب جڏهن هي ڄائو هو ته ڏاڍو صحتمند هو پر هاڻي خدا ڄاڻي الائجي ڇو لاغر ٿيندو وڃي.“ مون اسٽول تي ويهي ارمان کي ڊاڪٽر کان چڪاسرائيندي چيو.

”مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هن ٻارڙي جي اکين ۾ ايتري غنودگي ڇو آهي، ڇا هن کي سمهارڻ مهل ڪا نشي آور شيءِ ته  ڪونه کارائيندا آهيو؟“ ڊاڪٽر ارمان کي چڱي ريت تپاسيندي چيو،

ڊاڪٽر جي ان انڪشاف مون کي ڇرڪائي ڇڏيو،هو ۽ مون کي پنهنجي باري ۾ به ڀيڻيوي جا چيل لفظ ياد اچڻ لڳا پر وري ستت ئي حواس درست ڪري ڊاڪٽر  کي چوڻ لڳس” هن ٻارڙي کي نشو ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي،  هي ماءُ جي ٿڃ تي آرامي ٿيندو آهي.“

”مون کي لڳي ٿو ته اوهان به خواب آور گوريون استعمال ڪريو ٿا. ڊاڪٽر منهنجي منهن ۾ چتائيندي چيو.

”اهو ڀلا ڪهڙي آڌار تي ٿا چئو؟“ مون حيران ٿيندي پڇيومانس

ڊاڪٽر مان آهيان يا تون؟ ڊاڪٽر بيزاري مان  چيو.

”بهرحال اوهان مائينڊ نه ڪريو، اوهان جو اندازو صحيح هجي پر هن معصوم جو به علاج ڪريو“ مون هٿيار ڦٽا ڪندي چيو.

ڊاڪٽر ٻيهر ارمان کي تپاسي ڪجهه دوائون لکي ڏنيون ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي ڪلينڪ جون ٻه ٽي پڙيون ۽ مڪسچر ڏيندي ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا ارمان کي پيارڻ جي هدايت ڪئي. ڊاڪٽر جو شڪريو ادا ڪري ڪلينڪ کان ٻاهر نڪري سڌو ميڊيڪل اسٽور تي پهتس ۽ مطلوبه دوائون وٺي وري به سوچن جي ساگر ۾ گم ٿي ويس، سمجهه ۾ نه پئي آيو ته پس پرده اها ڪهڙي شيطاني قوت آهي جيڪا منهنجي خلاف سرگرم عمل آهي. ڪٿي ائين ته ناهي جو اها پوڙهي جيڪا  منهنجي گهر جو ڏس پڇائي رهي هئي، ۽ پوءِ مون ان کي پنهنجي گهر ۾ حسنا سان  سس پس ڪندي به ڏٺو هو ۽ حسنا کان ان پوڙهي جي پڇا ڳاڇا  ڪئي هيم ته هوءَ ان پوڙهي جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻندي به اڻ ڄاڻ بنجي وئي هئي.. يا ائين ته ڪونهي جو حسنا ان پوڙهيءَ طرفان مليل هدايتن تي عمل ڪري رهي هجي. وري هڪ ٻيو خيال، ته پوڙهي ان ڏينهن کان پوءِ مون کي نظر به نه آئي هئي. مطلب ته هاڻي مون کي به جهڙوڪر پڪ ٿي ويئي هئي، ته مان جنهن جي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهيان، سائي منهنجي لاءِ ڪک جو ڪان ثابت ٿي رهي آهي. بهرحال هاڻي مون کي ان سلسلي ۾ احتياط کان ڪم وٺڻو  پوندو ۽ حسنا تي ڪرڙي نظر رکڻي پوندي. سوچن منهنجو پنڌ کٽائي گهر جي دروازي تي آڻي بيهاريو هو، پر ان مهل منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، جڏهن مون کي حسنا جون اوڇنگارون ڏئي روئڻ جو آواز ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳو.

 

برکا پنهور

نزلو ۽ زڪام

 

نزلو ۽ زڪام هڪ عام تڪليف آهي، بظاهر هي هڪ معمولي بيماري اهي، پر تڪيلف گهڻي ڏيندي آهي. زڪام ۾ مبتلا اڪثر ماڻهو ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آهن. ۽ زڪام کي معمولي تڪليف سمجهي ماڻهو ڌيان نه ٿا ڏين ۽ هن بيماري کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن. ڪن ماڻهن کي زڪام ٿيندو آهي ته اکين مان پاڻي وهندو آهي ۽ نڪ بند ٿي پوندو آهي. ڇڪون مسلسل اينديون آهن، ڪن حالتن ۾ ته ڪن به بند ٿي ويندا آهن. ۽ مريض هلڪو آواز ٻڌي نه سگهندو آهي، اهڙي حالت ۾ اگر مريض ڪم ڪندو هجي ته مٿي ۾ سور به ٿي پوندو اصل ۾ زڪام هڪ عام بيماري به آهي ۽ خاص به، عام بيماري ان ڪري ته ٻارن کي به ٿي پوندي آهي، پوڙهڻ کي به، عورتن کي به مردن کي به گرمي ۾ به هيءَ بيماري ٿي پوندي آهي. ته سردي ۾ به ٿي پوندي آهي. ۽خاص بيماري ان لحاظ کان آهي ته هن جا اثرات تمام خطرناڪ به ٿي سگهن ٿا. جيئن سلهه، دم، نمونيا، وڏي کنگهه ۽ اکين ۽ ڪننن جون بيماريون به ٿي سگهن  ٿيون.

زڪام قديمي طب جي نقطه نظر کان دماغ جي بيماري آهي، دماغ ۾ جڏهن بيڪار ۽ غير مفيد رطوبتون جمع ٿي  ڳلي ۾  ڪرن ٿيون ته ان کي زڪام چئجي ٿو. زڪام عام طور تي گرم شيون يا گرم دوائون کائڻ ۽ اس ۾ گرم هوا ۽ گهڻي دير تائين رهڻ سان ٿيندو آهي. نزلو ٿڌيون شيون کائڻ، ٿڌي هوا ۾ رهڻ ٿڌو پيئڻ سان ۽ ٿڌو گرم ٿي وڃڻ يعني گرم جڳهه کان يڪدم ٿڌي هوا ۾ وڃڻ يا ايئر ڪنديشن ڪمري ۾ يڪدم جهولي ۽ اس ۾ اچي وڃڻ سان ٿي ويندو آهي. زڪام جي ڪري نڪ ۾ خارش، ڇڪون اچڻ، نڪ مان تيز پاڻي نڪرڻ آهي ۽ مٿي ۾ سور ٿي پوڻ اکين مان ڳوڙها به وهندا آهن جي شديد حملو ٿيو ته هلڪو بخار به ٿي پوندو آهي.

اهو ئي زڪام جڏهن وبائي بيماري اختيار ڪندو آهي ته ان کي انفلوئزا چوندا آهن ٿڌ واري نزلي ۾ مٿي جو ڳرو ٿيڻ بدن جو  سست ٿيڻ، نڪ جو بند ٿي وڃڻ وغيره خاص علامتون آهن.

نزلي، زڪام جي جن سببن جو ذڪر ٿيو آهي، ڪوشش ڪرڻ کپي ته ان کان احتياط ڪجي، يعني گهڻيون گرم غذائون نه استعمال ڪجن. ۽ گهڻيون ٿڌيون شيون به نه کائجن. سگريٽ پيئڻ کان پرهيز ڪجي ڇو ته سگريٽ پيئڻ جا ٻيا به نقصان آهن.

پر جڏهن نزلو هجي ته ان وقت خاص طرح سگريٽ پيئڻ کان بچو، مرض جو حاوي ٿيڻ کان پهرين ضروري آهي ته احتياط ڪي وڃي. بند ڪمري ۾ سمهڻ ۽ اٿڻ ويهڻ کان احتياط ڪيو، ڪمرن ۾ اس ۽ هوا جو گذر تمام ضروري آهي، سيءَ جي موسم ۾ مناسب گرم ڪپڙا پائجن، خاص طرح جو احتياط ڪرڻ  گهرجي، ڪجهه  ماڻهو مڇرن کان بچڻ لاءِ سياري ۾ رات جو پکو  هلائيندا آهن، جڏهن ته هو سوڙ يا ڪمبل اوڍي سمهندا هوندا پر سمهڻ مهل جسم جو ڪو حصو کلي ٿو وڃي ته پوءِ گرم ۽ سرد جهڙي ڪيفيت پيدا ٿي پوندي آهي. جيڪا مناسب ناهي، پکي جي هيٺيان گرمي ۾ به سمهڻ صحيح ناهي، گرمي ۾ پکو ڀلي هلايو پر ان کان پري ٿي سمهو، سامونڊي علائقن ۾ پکي جي هوا نقصانڪار هوندي آهي.

ٿڪ، رش ، گهٽ ۽ بند جڳهين تي ڪم ڪرڻ کان به احتياط ڪيو پاڻي به گهڻو پيئڻ کپي، چوويهن ڪلاڪن ۾ ڏهه ٻارنهن گلاس پاڻي پيئڻ مناسب آهي. موسم بدلجڻ وقت پنهنجي غذا، ۽ لباس جو خاص خيال رکو. جڏهن موسم بدلبي آهي ته نزلي ۽ زڪام جو وڌيڪ امڪان هوندو آهي. خاص ڪري سياري جي موسم ۾ ماڻهن کي نزلو  زڪام گهڻو ٿي پوندو آهي.

زڪام ۽ نزلي جو اصولي علاج هي آهي ته ان کي فورن  بند ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو، دماغ مان رطوبت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريو، هلڪيون جلد هضم ٿيندڙ شيون واپرايو، کٽين ۽ سڻڀين شين کان پرهيز ڪريو، ٿي سگهي ته شروعات ۾ هڪ ٻه ڏينهن بک تي رهو ته سٺو آهي. غذا تازي هجي، پاروٿي غذا ۽ ٿڌو پاڻي بلڪل به  استعمال نه ڪريو. نڪ کي صاف رکو، هڪ رومال هر هر استعمال نه ڪريو، بلڪ ٽشو پيپر استعمال ڪري اڇلي ڇڏيو.

ڪڪڙ جي يخني به نزلي لاءِ مفيد آهي، حياتين ”ج“ به مفيد آهي، ان جي استعمال سان نزلي جي شدت ۾ گهٽتائي  ٿيندي آهي، بلڪه اها حياتين هن مرض جي ڦهلجڻ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيندي آهي.

حياتين ”ج“ گهڻو ڪري ڀاڄين ۽ فروٽ ۾ هوندو  آهي. جن ۾ خاص طور نارنگي، موسمي، مالٽو، ڪينو، ڇانهين، گريپ فروٽ، پپيتو، ٽماٽو ۽ ساون پتن واريون ڀاڄيون شامل آهن.

آرام نزلي جي علاج جو اهم جزو آهي. جدي نظريي جي مطابق نزلي جو صحيح علاج صرف آرام آهي.آرام سان علاج ۾ بهرحال مدد ملي ٿي. ماڻهو ٿڪ ۽ دٻاءَ کان محفوظ رهي ٿو. ٿڪ جسم جي قوت مدافعت کي ڪمزور ڪري ٿو ۽ بيماري کي حاوي ٿيڻ جو موقعو ملندو آهي.

ٻاڦ به  مفيد آهي، پاڻي کي گهڻو گرم ڪري ٿانو کي سامهون  رکو، ۽ ٻاڦ کي ساهه ذريعي جسم ۾ داخل ڪريو، انهن سڀني ڳالهين کان علاوه ضروري ڳالهه اها آهي ته پنهنجي ڊاڪٽر سان مشورو ڪريو ۽ ان جي هدايت تي عمل ڪريو.

 

*------*------*

 

آفتاب مرزا

بيوٽي ڪلينڪ

ڇانين جو علاج

ٺڪر جي ڪوري پيالي ۾ کير وجهي ان ۾ چار عدد باداميون پسائي رکو، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ڏسو ته کير سڪي ته نه ويو آهي، جي سڪي ويو هجي ته وري ٻيو کير وجهو، رات جو سمهڻ کان پهرين باداميون ان پيالي ۾ گهرڙيو ۽ پوءِ ان ۾ چار ڦڙا ليمي جي رس جا وجهي چهري تي هڪ ليپ ڪريو، جڏهن ٿورو سڪي وڃي ته ان کي ابٽن وانگر مهٽي لاهيو ۽ باقي بچيل سڄو لوشن چهري تي ليپ ڪري سمهي رهو، صبح جو ڪنهن به ميڊيڪر صابڻ سان  چهرو ڌوئي صاف ڪريو، انشاءِ الله ٿوري ئي وقت ۾ چهرو نرم، نازڪ ۽ گلن وانگر نکري پوندو، پر هڪ  ڳالهه ياد رکو ته رات جو کير ضرور پيئندا ڪريو ۽ جيڪڏهن قبضي جي تڪليف هجي ته ان جو علاج به ضرور ڪريو.

چنبيلي جي گلن کي پيهي چهري تي لڳائڻ سان ٻن هفتن اندر ڇانيون ختم ٿي وينديون

موهيڙن جو علاج:

صاف پٿر جي روهيءَ ۾ نم جا پن گهوٽي سنها ڪري  چندن پائوڊر ۽ گلاب جو پاڻي  ملائي لوشن ٺاهي  چهري تي لڳائڻ سان موهيڙا ختم ٿي ويندا.

چهري جي چڪناهٽ ختم  ڪرڻ جو علاج:

گرميءَ جي مند ۾ صبح جو اٿڻ وقت اوهان محسوس ڪندئو ته چهرو سڄو تيل ٿي پيو آهي، ان لاءِ سولو طريقو اهو آهي ته ونگي جا ٽڪر ڪٽي  چهري تي لڳائجن ۽ پپيتي جي کل جو اندريون حصو چهري تي مهٽڻ سان فريشنيس محسوس ٿيندي، گهٽ ۾ گهٽ ونگي ۽ پپيتي جي ٽڪرن کي پنجن منٽن تائين چهري تي رهڻ ڏيو پوءِ ڪنهن سٺي صابڻ سان چهرو صاف ڪري ڇڏيو.

ليمي جي کلن کي سڪائي  پائوڊر جهڙو پيهي گليسرين ملائي چهري تي لڳايو، ۽ 15 منٽن کان پوءِ چهرو ڌوئي ڇڏيو پر ياد رکو ته هن جي بدلي اسفنج يا ميڪب  برش سان ليپ ڪندا ڪريو.

چهري جا داغ ختم ڪرڻ لاءِ صبح جو اٿي برش ڪري، پاڻي ۾ هڪ عدد ليمي جو رس ۽ هڪ چمچو ماکي ملائي پيئندا ڪريو. چند ڏينهن اندر چهرو نرم نازڪ ۽ صاف ٿي ويندو.

بادامين سان چمڙيءَ جو علاج:

باداميون پاڻي ۾ پسائي ڇلڪا لاهي پائوڊر وانگر پيو، پوءِ ان ۾ ليمي جي رس ۽ گليسرين  ملائي ڪريم ٺاهي فرج ۾ رکو روزانو چهرو، هٿن ۽ پيرن تي لڳائڻ سان چهري، هٿن ۽ پيرن جو رنگ نکري پوندو.

پيرن جي خوبصورتي وڌائڻ جو نسخو:

هڪ ٽپ ۾  نيم گرم پاڻي ۽ لوڻ وجهي 15 منٽن تائين پير ان ۾ پسائي ويهو، پوءِپيرن کي کرکري سان صاف ڪري ليمن  ڪريم لڳائڻ سان پير صاف ٿي ويندا.

ننهن مضبوط ڪرڻ  جو نسخو:

ليمون پاڻي ۾ ملائي پيئڻ سان ننهن مضبوط ٿيندا آهن

ليمي جي عرق ۾ ڦٽڪي ملائي ڪپهه سان هٿن ۽ پيرن جي ننهن تي لڳائڻ سان ننهن مضبوط ۽  چمڪدار ٿي ويندا. ننهن کي وقت سر ڪٽبو رهجي ڇو ته ننهن جي صفائي صحت جي نشاني آهي. گهڻي نيل پاليش لڳائڻ سان جيڪڏهن ننهن خراب ٿي ويا هجن ته هڪ عدد پٽاٽو بوائل ڪري انجي کل لاهي ڇري سان هڪ قطرو ڪٽي ننهن سان رڳڙڻ سان ننهن ۾ چمڪ اچي ويندي.

ڏندن جي صفائي ڪرڻ تمام ضروري آهي. گهر ۾ يا محفل ۾ ماڻهن سان ملڻ، مرڪڻ ،  کائڻ پيئڻ ۽ ڳالهائڻ وقت ڏندن جي خبر پوي ٿي. جيڪڏهن ڏندن تي پيلاڻ بليڪ نشان يا ڪٽ چڙهيل ۽ بدبوءِ هوندي ته هرڪو ماڻهو پيو ڪراهت ڪندو. ان ڪري ضروري آهي ته ڏندن تي توجهه ڏجي. بدبوءِ هجڻ جي صورت ۾ هڪ عدد ليمي جو رس، ٿورو عرق گلاب پاڻي ۾ ملائي گرڙيون ڪريو، انهي سان بدبوءِ ختم ٿي ويندي ۽ ڏند چمڪدار ٿي پوندا. هر ڇهين مهيني ڪنهن ڏندن جي ماهر وٽ وڃي ڏندن جي صفائي ڪرائڻ ضروري آهي.

* نم جا پن سڪائي پائوڊر وانگر پيهي ڊنٽونڪ پائوڊر وانگر استعمال ڪرڻ سان ڏندن جون بيماريون ختم ٿي وينديون، نم جو ڏندڻ ڏيڻ سان به ڏند مضبوط رهن ٿا.

* نيم گرم پاڻي سان گرڙيون ڪرڻ سان ڏندن جو سور ختم ٿي ويندو آهي.

 

*------*-----*

 

 

 

 

مهوش

رڌ پچاءُ

ڪيلن جا چپس

توهان پٽاٽن جا چپس ته ضرور کاڌا هوندا،  اڄ مان توهان کي ڪيلن جا چپس ٺاهڻ جي  ترڪيب ٿي ٻڌايان.

گهربل سامان

ڪچا ڪيلا: وڏا چار عدد

ليمو: هڪ عدد

لوڻ: حسب ضرورت

ترڪيب: اگر توهان چاهيو ته فنگر چپس ڪٽيو يا گول ڪٽيو، سڀ کان پهرين هڪ وڏي ڊش ۾ ليمي جو جوس وجهي ان ۾ لوڻ ملائي ڪٽيل ڪيلا 15 منٽن تائين رکو ان کان پوءِ تيل يا گيهه ڪڙهائي ۾ گرم ڪري ڪيلا ڪنهن ڇاڻي ۾ وجهي ان ڇاڻي ذريعي چپس تريو، جيئن چپس ڪڙڪ هجن پر نرم نه هجن، جڏهن تيار ٿي وڃن تڏهن ڪنهن خوبصورت  ٿانو ۾ وجهي پيش ڪريو، ان سان گڏ ٽماٽو ساس يا ٽماٽو ڪيچ اپ سان کائي واهه واهه ڪجو.

مڪس ڀاڄين جو ٻوڙ

گهربل سامان

پٽاٽا هڪ عدد، ميها هڪ پاءُ، ڪچالو هڪ پاءُ، گوار اڌ پاءُ، ٽماٽا اڌ سير، ساوا مرچ حسب ضرورت، مٽر يا ٻي ڀاڄي ساوا، ڌاڻا، ڦودنو، حسب ضرورت، اجينو موتو، هڪ چمچو، ڳاڙها مرچ هيڊ، سڪا ڌاڻا حسب ضرورت. بصر 4 عدد، تيل هڪ پاءُ.

ترڪيب: سڀ کان پهرين تيل گرم ڪري ان ۾ بصر وجهي گولڊن برائون ڪري هاڻي بصر ۾ ٿورو پاڻي ملائي جيڪي به مصالحا آهن تن کي وجهي پاڻي جو ڇنڊو هڻي ڀڃو،  هاڻي ٽماٽا وجهي وري ڀڃو، جڏهن تيل نڪرڻ  لڳي تڏهن سڀ ڀاڄيون جن کي اسان ڌوئي ۽ وڍي رکيو آهي، ان کي ملائي فرائي ڪريو، فرائي ڪرڻ کان پوءِ اڌ گلاس پاڻي جو وجهي دم تي رکي ڇڏيوس، جڏهن دم اچي وڃي ته لاهي گرم ماني سان پيش ڪريو.

 

چانورن جا ڪباب

گهربل شيون

بوائل چانور 2 پياليون، بوائل پٽاٽا هڪ عدد، فرائي، قيمو، هڪ پيالي بيسڻ، هڪ چمچو ڳاڙها مرچ ۽ لوڻ ذائقي مطابق ساوا مرچ، ساوا ڌاڻا، ڦودني جا پن، ڪارا مرچ، اڇو جيرو، دالچيني، ڦوٽا.

ترڪيب: سڀ کان پهرين چانورن ۾ پٽاٽو لوڻ، مرچ،گرم مصالحو ڦودنو، ساوا ڌاڻا، ساوا مرچ وجهي هٿ سان چڱي طرح ملايو، ٻه چمچا کير ملايو، ته جيئن ٿورو نرم ٿئي، هاڻي چانورن جي ٽڪي ٺاهي انجي اندر فرائي ٿيل قيمو رکي وري چڱي طرح سان ٽڪي کي بند ڪريو. بيسڻ جي پاڻي ۾ ٻوڙي ٽڪي کي گرم ٿيل ۾ فرائي ڪريو، جڏهن هلڪي ڳاڙهي ٿي وڃي ته ڪڍي ڪنهن اخبار تي رکو، ڪنهن چٽڻي ساس، ڪيچ اپ سان استعمال ڪريو،توهان جون مزيدار ٽڪيون تيار.

 

*-------*------*

 

شاهه زمان ڀنگر

ٽاپ سيڪريٽ

آءُ سوچان  پيو

تنهنجي ڳالهين تي

منهنجي ڀر ۾ ويٺل منهنجو دوست

مون کان پڇي ٿو.

”ڇا ٿو سوچين“

مان ڪو جواب ڪونه ٿو ڏيان

”پڙهائي متعلق سوچين ٿو“

مان ڪنڌ نه ۾ لوڏيان ٿو

”ڀلا ملڪي حالتن تي....“

”بک، بيروزگاري تي...“

”نيو ورلڊ آرڊر تي...“

”آمريڪا جي هڪ هٽي ٽي...“

”يورپ جي مفاد پرستيءَ تي....“

”هڪ نئين صدي متعلق...“

هن جي هر سوال تي

مان ڪنڌ نه ۾ لوڏيندو  رهان ٿو

هو ڇا ڄاڻي؟

مون لاءِ انهن مسئلن کان به وڌ

ڪو مسئلو آهي

کيس  ڪيئن سمجهايان

تون بهتر سمجهين ٿي

تون ئي کيس سمجهاءِ

ته اهو ٽاپ سيڪريٽ آهي

 

فضه غزل

وائي

توکي اڄ ساري

نيڻ رنا آهن.

تنهنجي اچڻ لئه

رانهون نهاري،

نيڻ رُنا آهن

لهرن ۾ گم ٿي،

ڪينجهر ڪناري

نيڻ رُنا آهن.

پيڙا جي هر پل ۾،

پرين! پُڪاري، نيڻ رُنا آهن.

 

انيس گل عباسي

وائي

 

سرنهن مٿان پيلاڻ آ سائين، اکڙين ۾ آلاڻ آ سائين!
تنهنجي تات طلب جي ڪيڏي، جذبن ۾ ڇڪتاڻ آ سائين-

 

اکڙين ۾ آلاڻ آ سائين!

ساريون خوشيون ۽ سپنا هر جذبو تو ڪاڻ آ سائين-

 

اکڙين ۾ آلاڻ آ سائين!

پيار اسانجو پوتر آهي، ڪين  ڪٿي ميراڻ آ سائين-

 

اکڙين ۾ آلاڻ آ سائين!

پيار نگر ۾ پاپ جون سوچون، چهري تي ڪاراڻ آسائين-

 

اکڙين  ۾ آلاڻ آ سائين!

تنهنجي منهنجي پيار جي هنڌ هنڌ تي واکاڻ آ سائين-

 

اکڙين ۾ آلاڻ آ سائين!

پنهنجو پيار ڪٿڻ جي ڪارڻ، ڪونه ٺهيو ڪو ماڻ آ سائين-

 

اکڙين ۾ آلاڻ آ سائين!

عطا قاضي

غزل

اچانڪ هي ڪيڏو قهر ٿي ويو!
نه ٿي پياس پوري، سحر ٿي ويو!
هيو تنهنجي هٿ ۾ ته هيرو هيو،
تو اڇليو ته راهه جو پٿر ٿي ويو.
ڏنم جاءِ جنهن کي، اکين ۾ الا!
اهو ئي اکين جو، ڪٽر ٿي ويو!
چريو چاهه، اوندهه کان آزاد ٿي،
سُٺو ٿيو صبح جي نظر ٿي ويو.
هيو تو سان آباد، دل جو محل،
وئين تون ته موهن- کنڊر ٿي ويو.
سچائي، سچائي سچائي هئي،
تڏهن پيار هُن جو امر ٿي ويو.
عطا! جيڪو سوچي نه لوچي ذهن،
گندو ڄڻ ته ڪوئي گٽر ٿي ويو.

 

 

ڪمون شهيد

غزل

 

سپنن جي هڪ وير ٺهي هئي،
اڻپوري تعبير ٺهي هئي.

 

عڪس جڙيو هو سندر ڪو ۽،
خيالن ۾ تصوير ٺهي هئي.

 

درد بڻجن پيا راحت هاڻي،
اهڙي ڪا تقدير ٺهي هئي.

 

ناراض ٿي وڃڻ لڳئين تون،
دل ۾ وري اڪير ٺهي هئي.

 

خط ڇا لکيم توڏانهن ڄڻ،
لڙڪن جي تحرير ٺهي هئي.

 

 

گل حسن ”ساگر“ ڪوري

لوڪ گيت

 

ميندي مليان

آس نه پليان،

ساجن ايندو سانجهه جو!

پنهنجي گهر کي،

سينگاريان،

واٽ جهليان؛

ساجن ايندو سانجهه جو!

 

”اسير“ اسحاق چنا

غزل

ڪجان ياد جاني وفائون اسان جون،
اڃان تو لاءِ آتيون نگاهون اسان جون.
رُسڻ ڀي نه ايندو آ جي توساڻ رسجي،
مگر لوڪ ڪندو گلائون اسان جون.
نه ڪو سون ٺهندو نه ئي ٺهندي چاندي،
تنهنجي ڳل ۾ ٺهنديون ٻانهون اسان جون.
 تنهنجو ڪجهه ڀي قسمت بگاڙي نه سگهندي،
تو سان گڏ جو آهن دعائون اسانجون.
سج کي اڀرڻ کان ڀلا ڪنهن آ روڪيو.
پوءِ ڪير روڪيندو راهون اسان جون.
حڪم ڪر ته توکي ڏيان ڪنڌ ڪوري،
ازل کان اهي هن عطائون اسان جون .
دنيا کي چوين ٿو”اسير“ کي نه ڄاڻان،
ڪرين ٿو پوءِ ڇا لاءِ پڇائون اسان جون.

 

راهي چنا

ننڍڙو حق

اوسرتي، جيڏي،

اڄ تون پنهنجي

ننڍڙي حق تي خاموش آهين.

ته پوءِ صڀاڻي تون،

پنهنجو وڏو حق ڪيئن وٺندي؟

سرتي، سجاڳ  ٿي!

پهريان پنهنجي ننڍڙي  حق تان،

هٿ نه کڻ،

۽ پوءِ يقين ڄاڻ،

هڪ وقت اهڙو به ايندو،

جو توکي تنهنجا سمورا حق اوس ملندا.

سکي  ان لاءِ توکي،

پوري حوصلي ۽عزم سان

پنهنجي ارادي تي اٽل

۽ ثابت قدم رهڻو آ،

اوسرتي، جيڏي.

 

عاجز ڀٽي

نظم

 

جڏهن مون ٻڌو  ته،

تنهنجي اڱڻ اڳيان

گل ٽڙيا آهن.

تڏهن دل ۾ اميد جاڳي

شايد!

اهي گل تون!

مون ڏانهن

تحفي طور موڪليندي

 

فرحت پروين /درد سولنگي

تنها عورت

 

تنها عورت کي رستي تي رکيل

هڪ ڊسٽِ بن وانگيان سمجهي

تقريبن هر مرد

پنهنجي ذهني يا جسماني

گندگي اڇلائڻ جي ڪوشش

اڪثر ڪندو آهي.

 

جاني اسحاق ملاح

وائي

 

وهه وٽيون طعنن سنديون،

پيارين سرتين سٿ

هاڻ ته آءُ ڍوليا!

ڪرڻ کان ويئي وڌي،

سندءِ سورن ڪٿ.

هاڻ ته آءُ ڍوليا!

جوڀن ماڻيو جندڙي،

ٽوپائي مون نٿ،

هاڻ ته آءُ ڍوليا!

کيڏيا گڏ جيڪي گُڏئين

ڳاڙها ٿيا سي هٿ،

هاڻي ته آءُ ڍوليا!

 

تسليم زنئور

غزل

آنڌمانڌ آ ڄڻ ڪا راند آ.
نه ساهه کي اتساهه وڻي، نه هاءُ ڪڏهن هيڪاند آ،
ڪا گهنڊيءَ لار ڪنن ۾ ٻري، ڪو هيڊو پن جڏهن چري،
ٿا  پاڇا مون پٺيان ڊڪن ڪا واٽ سڄي اوندهه آ.
رڃ ۾ واڪا روح ڪري ڄڻ جهونجهڪڙي ۾ ماڪ ٻري،
ٻوهه، ٻائوريءَ منجهه ارڙاٽا، ٿوهر ۾ اٽڪيو پاند آ.
منهنجي ياترا اجهاڳ آ،نڪي واٽ لڀي نڪي ماڳ آ،
نڪي ٿڪ ڀڃڻ جي ويساند آ.
کنڊرن جا آثار سڏين، ڪنهن پل ڪارونڀار سڏين،
ٻه ٻُوڙا منهنجي هٿ ۾ نه وقت ڪنڌيءَ جو ڪانڌ آ.

 

 

سڪايل  نهال چانڊيو

غزل

 

زندگي گذري وئي آ، پيار جي پوڄا ڪندي،
عهد جي پوڄا ڪندي، اقرر جي پوڄا ڪندي.
عشق تنهنجي ۾ لکين، الزام مون سر تي سٺا،
واعظين ڪافر سڏيو، دلدار جي پوجا ڪندي.
پيار تنهنجي ۾ وساري مون ڇڏيا مسجد مندر،
آ خدا مون کي مليو، رخسار جي پوڄا ڪندي.
سونهن تنهنجي کي جهڪي مون يار سوسجدا ڪيا،
راحتون دل کي مليون، منٺار جي پوڄا ڪندي.
عشق جي فراق ۾ روزا، نمازون ٿيا قضا،
فرض وسري ويو خدا  جو ، يار جي پوڄا ڪندي.

 

 

مخدوم فياض

نظم

پر سال جيان

هٽ نه سرتيون

ڪاري چادر ساريون راتيون

ٽهڪ سمورا  خاموشين ۾ اڊڙي پوندا

لڳا جي ٽاڪا

ڌرتيءَ جا هي سارا ڏاڪا، چنڊ تي پهچڻ لاءِ جي اڀريا

پيٽ بکيا هي اٽي اجهي لئه

ڌرتيءَ جو گلاب ساڙي، عقاب بڻيا ننگن مٿان هي

نه لوئي لڄ، نه قرآن ڳاڙها ڏسي پيا به

اجاڙن وستيون اڏامي رک سا اڃان وطن ۾،

ها قافلا ڪربلا جيان ها

نه قياس ڪوئي هو بادلن نه آس ڪائي اسيمبلين مان

ها! رانديڪا ڄڻ، اسان جا چهرا

گليل سان جي چٽيا ويا ها

جنم کان پنهنجا اجها اباڻا

ڇڏي جي ڪئمپن منجه لڪا ها

تن مکڙين جي آس هئي جا قادر سر جي باس

هئي جا

ساڀيان ڪيئي باغي سپنا،

چاهيون ٿا هي سارو منظر، پوپٽ بڻجي امن سندو

گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ رنگ پکيڙي

رت جي بدران

گلن جي خوشبو!

 

 

محمد بخش جمالي

غزل

 

چارڻ چنگ کي چوري ڏس،
سچ ڏي وکون سوري ڏس.
اڇ ته پنهنجو درد کڻي،
اسان سان اوري  ڏس.
حق جون ڳالهيون پيار جون وايون،
من مان ڪدورت ڪوري  ڏس.
فرسوده رسمن جي سيني ۾،
حق جو خنجر کوڙي ڏس.
سچ ته سدائين سرهاڻ آ،
سچ تان جان  گهوري ڏس.

 

حسن ٻٻر

غزل

 

سڏڪا ساڻهي ۽ درد ڪٿا  زندگي،
وٺي جنم جيون ڪئي خطا زندگي.
خوشين خاطر رلان ٿو در در مان،
هر جاءِ آ بي اثر بي وفا زندگي.
اچ! ڪو جيئڻ جو اتساهه ڏي،
تو سوا ڪهڙي ڀلا زندگي.
ڪائنات ساري روئي ٿي موت تي،
پر مون سان تو انياءَ ڪيو آ زندگي.
نيڪي نڀاءَ اسان سان ڪين ڪيو.
قدم قدم تي تو ڪئي گلا زندگي.
”حسن“ جي هر خوشي تي ناز سان،
تون مرڪي ڪيا وار زندگي.

 

 

مشتاق گبول

ٻهراڙيءَ جي عورتن جي عيد

 

ٻهراڙيءَ جون عورتون،

عيد جي ڏينهن،

پنهنجن مڙسن ۽ ٻارن کي،

نوان ڪپڙا پهرائي،

انهن کي شهر  موڪلينديون آهن.

۽پوءِ انتظِار ڪنديون آهن،

مٺائي جي هڪڙي دٻي جو،

مٺائي پهچڻ تي اهي مٺائي کائي،

مڙس ۽ ٻارن کي خوش ڏسي،

عيد ڪن ٿيون،

هنن جي نظر ۾ عيد،

مڙسن ۽ ٻارن کي نوان ڪپڙا پهرائڻ،

۽ انهن کي خوش  ڏسي،

خوش ٿيڻ  آهي،

۽ مٺائي کائڻ آهي،

سچ ته دوستو عيد ٻهراڙي ۾،

ڪيڏي نه بي معنيٰ ٿي وئي آ!..

 

 

عباسي نصرالله تبسم

آزاد نظم

(نيڪ جذبن کي سلام)

 

گرلس اسڪول ۾ موڪل جو گهنڊ وڄي ٿو،

۽ اسڪولن مان ڇوڪريون،

ائين ٿيون نڪرن،

جيئن!

ڪونجون پنهنجي ماڳ  ڏانهن ورنديون آهن،

اڇي يونيفارم ۾،

مون کي اهي سڀ هنس پکين جي ڪنهن ولر جيان،

محسوس ٿين ٿيون،

اهي ٻه ٻه ٽي ٽي ٿي،

هڪ ئي سان کل ڀوڳ ڪنديون،

پنهنجن گهرن   ڏانهن ورن ٿيون،

هنن جا  چهرا ،

معصوميت سان ڀريل،

۽ مستقبل جي انيڪ خواهشن سان،

رچيل ٿا لڳن،

اي علم حاصل ڪندڙ نياڻيون!

اي، سنڌ جون سورميون!

”تبسم“ توهان کي سلام ٿو پيش ڪري

توهان جي علم حاصل ڪرڻ واري

نيڪ جذبي جي ڪري

۽ دعائون ٿو ڪري ته

يا خدا!

انهن معصوم پرين جي خوابن جي،

سهڻي تعبير ڪر،

۽ انهن کي ڪڏهن به ڪو ڏک نه ڏي،

ته جيئن

هو هڪ اهڙو معاشرو جوڙي سگهن،

جنهن ۾،

مرد ۽ عورت ۾ ڪو فرق نه هجي.

 

اڪبر جسڪاڻي

نثراڻو نظم

 

گهر جي اڱڻ ۾،

تنهنجي مٿي  جا ڪپهه جهڙا اڇا وار ڏسي،

مان توکي گهوريندو ئي رهيو هوس.

ڇا تون اها ساڳي آهين،

جڏهن مان تنهنجي جهول ۾،

منهن لڪائي سمهندو هوس،

۽ تون جڏهن مون کي،

مٺيون ڏيندي هئين،

تڏهن تنهنجا ڪارا وار،

مون کي ڍڪي ڇڏيندا هئا.

پر اڄ تو اڇڙي مٿي سان،

ايتري ڪمزور ۽ وياڪل آهين،

جو تنهنجي چهري ۾  ڏسڻ ساڻ،

سالن جون تنهنجون محنتون پورهيا،

ياد اچن ٿا.

تو اسان کي پالڻ ڪاڻ،

پکين جيان محنت ڪري،

اسان کي کاڌو کارائي وڏو ڪيو آهي،

پر اڄ اسان تنهنجي مرجهايل چهري تي،

ڪا به مرڪ آڻي نه سگهيا آهيون.

اسان جو چهرو ملول ڏسي هر هر  پڇين ٿي

خير ته آهي ٻچا؟

او امان، تون عظيم آهين.

واقعي، اسان تنهنجي،

هڪ رات جي اوجاڳي جو،

قرض به نه ٿا لاهي سگهون.

 

 

هوتو  سنڌو پياسي

غزل

 

محبت جي جنازي کي، ڪفن آ بيوفائيءَ جو،
ويو عاشق مري ناحق قصو، هي آ جدائيءَ جو.
حسن ڪيڏو ستمگر آ، هي ظالم ۽ ٿيو جابر،
ٻڌون ٿا داستان هن جو، سدائين آشنائي جو.
انڌي گهوڙي چڙهي عاشق، ڪري ٿو گهري کاهيءَ ۾،
عقل ات هار ٿو کائي،تماشو جڳ هسائيءَ جو،.
زماني جو عجيب دستور، آهي، عشق وارن لئه،
ڌنڌ هردم ڪم دل سان، عشق جي لائي  چائيءَ جو.
ملڻ جي راهه سڀ روڪي، رکن ٿا خواب کاريلا،
هي ساڙيلن جي دنيا سڙي ٿي خام خائيءَ جو.
”پياسي“ پيار جي پرواهه نه ٿي ڪائي حسن کي آهي،
لکون ٿا هي فسانو پڻ لڳي ٿو ٽوڪپائيءَ جو.

 

 

علي حسن جمالي

غزل

 

توکان سواءِ زندگي ڄڻ ڪو عذاب آهي،
نه ئي گناهه مون لاءِ نه ئي ثواب آهي.
هي لال لب گلابي مکڙي جيان ٿا مهڪن،
گهوري گهوري ڏسان ٿو چنڊ ۾ گلاب آهي.
هٿ ۾ ڪتاب هو يا ڪو گلاب هو،
زخمي ڪيو نظر، تنهنجي جناب آهي.
سمجهي چنڊ توکي  چڪور پيو آ ڀلجي،
لاٿو جڏهن تو پنهنجي منهن تان نقاب آهي.
ڪهڙي مجال چنڊ جي تنهنجي اڳيان ٿي بيهي،
نيڻن ۾ سهڻا تنهنجي ڪيڏو نه تاب آهي.

 

 

فياض مهر

وائي

تنهنجي شهر ۾ توکان  ڌار،

لڙڪ لڙڪي پيا لارون لار.

سانجهه صبح ڇا ڏينهن تتي،

ڳوليم وادين منجهه ڪوهسار

لڙڪ لڙي پيا لارون لار.

پير پٿون ٿيا ڳوليندي،

تنهنجي پسڻ ڪاڻ ديدار،

لڙڪ لڙي پيا لارون لار.

اجنبي هيڏي شهر ۾،

ڪنهن تي ڪانهي ميار

لڙڪ لڙي پيا لارون لار

جڏهن به ٿي ملياس رستن تي،

پريت پنهنجي ٿي آندي بهار

لڙڪ لڙي پيا لارون لار.

پنهنجي پيار جي خوشبوءِ

ڪئي هوائن منجهه هٻڪار

لڙڪ لڙي پيا لارون لار،

پيار پنهنجو امر آ ساٿي

ڀل ڪوٽ اڏي ظالم سنسار،

لڙڪ لڙي پيا لارون لار،

دشمن سارو شهر ٿيو جاني،

هاڻي فياض آهي تنهنجي آڌار،

لڙڪ لڙي پيا لارون لار.

 

 

ايڊيٽر ڏانهن

خط

 

مانواري ايديٽر صاحبه!

سرتيون جو تازو پرچو ڪافي دير کان پوءِ مليو، پرچي کي  وقت سر ڪڍندا ته بهتر، تازي پرچي ۾ ڇپيل ڪجهه مواد  وڻيو، سرتيون جي اشاعت سنڌي ادبي بورڊ جو بهترين ڪارنامو آهي. جنهن جو ذڪر سنڌي ادبي تاريخ ۾ سنهري اکرن سان ڪيو ويندو. رسالي کي اڃا به وڌيڪ معياري بنائڻ جي ضرورت آهي، اميد ته هن  راءِ کي درگذر نه ڪندا.

ذوالفقار ٽالپر، جهڏو

پياري ڀيڻ!

ڀٽ  شاهه تي ڪانفرنس جي موقعي تي اوهان سان ملاقات ٿي جنهن ۾ اوهان مون کي مواد نه موڪلڻ جو ڏوراپو ڏنو. مون اوهان سان واعدو ڪيو هو ته هاڻي اوهان   ڏانهن بنا ناغي مواد موڪليندس، سو هينئر پنهنجي واعدي کي نڀائيندي هن سان گڏ ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان اميد ته قبول پوندو.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

محترمه ايڊيٽر صاحبه!

ڀيڻ، جون جولاءِ وارو گڏيل پرچو مليو، پڙهي ڪجهه خوشي ۽ ڪجهه افسوس ٿيم، خوشي انهي ڳالهه جي ٿيم  جو پرچي ۾ منهنجو غزل ڇپيل هو، افسوس انهي ڪري ٿيم جو ڪجهه لفظن جي ردوبدل ڪري غزل کي پنهنجي انفرادي خوبصورتي کان وڃايو ويو. ادي منهنجو نماڻو عرض آهي ته آئنده اهڙي شڪايت جو موقعو نه ڏينديون. باقي مواد ڇپجڻ لاءِ اوهان جا وڏا وڙ، هن ڀيري وري غزل حاضر آهي، اميد ته سٺي موٽ ملندي.

اصغر علي سنڌي، جهڏو

مانواري ڀيڻ!

سرتيون جو نئون شمارو سٺي نموني ڪڍيو اٿو، توهان جون محنتون آهستي آهستي رنگ لائن پيون، مگر پرچي ليٽ  ڪڍڻ واري غلطي ٻيهر نه ڪجو، اڳ ۾ به شاعري موڪلي چڪو آهيان،  شايد خط اوهان کي نه پهتو هجي ان ڪري شاعري اماڻيان پيو

مشتاق گبول، ڳڙهي چاڪر

محترمه ايڊيٽر!

مان ڪافي عرصي کان سرتيون پڙهندو ٿو رهان سرتيون تمام سٺو رسالو آهي، هن ڀيري وارو پرچو تمام سٺو رهيو، هن ۾ تمام سٺيون تحريرون هيون، شاعري ته تمام سٺي هئي  اصغر علي سنڌي جو غزل بيحد وڻيو، ”انسان ۽ شيطان“ ناول تمام گهڻو سٺو رهيو، سرتيون جي هر تحرير من موهيندڙ هوندي آهي، پر توهان امر جليل جي ڪهاڻي ڪڏهن به شايع نه ڪئي  آهي. مهرباني ڪري هاڻي ضرور شايع ڪندا.

ممتاز علي کوسو

مانواري ڀيڻ!

عرض ته مان هر ماهه سرتيون رسالو پڙهندڙ آهيان، مان شاعري ڪندو آهيان، ۽ اوهان جي رسالي ۾ موڪلي رهيو آهيان، اميد ته شاعري شايع ڪندا.

گهايل امين چانڊيو

مانواري ڀيڻ!

عرض ته ”سرتيون“ جون جولاءِ جو پرچو پڙهيم بيحد وڻيو، خاص طور تي آزاد نظم جي فن تي شمشيرالحيدري جو مقالو معلومات سان ڀرپور هيو. ان کان علاوه روحن جي رهاڻ، عذاب،ڪارونجهر جي ڪور تي سٺيون ڪهاڻيون  هيون، بخشڻ مهراڻوي، ماڻڪ ملاح ۽ ٻين جي شاعري سٺي هئي، پنهنجو هڪ عدد غزل اماڻي رهيو آهيان، ان آس تي ته نراس نه ڪنديون

رب ڏنو شاهاڻي

مانواري ايڊيٽر!

هن ڀيري وارو سرتيون ڪافي انتظار ڪرڻ کان پوءِ مليو، اڳتي لاءِ رسالو وقت سر ڪڍڻ جي مهرباني ڪندا ڪريو. ادي! سرتيون ڏاڍو خوبصورت سهيڙيل هو، ٽائيٽل ته ڪنهن ٿر جي خوبصورت ناريءَ جي چولي جي گج جيان خوبصورت هو. اندر سرتيون ۾ ڏاهپ جا نڪتا بهترين لڳا. آزاد نظم تي لکيل مقالو ڏاڍو وڻيو، جنهن مان کوڙ ساري ڄاڻ ملي. ان سان گڏوگڏ امام غزالي واري مضمون جو جائزو به  بيحد وڻيو، جنهن مان ڪافي ڪارائتيون ۽ نصيحت ڀريون  ڳالهيون مليون، ممتاز لوهار جي ڪهاڻي پل جي پوپٽ ٿي ويا. واقعي پوپٽن وانگي ڏاڍي وڻي، هيلن ڪيلر جي جيون ڪٿا پڙهي  ڄاڻ ۾ ڪافي اضافو آيو. ان کان علاوه شاعري جو معيار بلڪل نه وڻيو. ٻن يا ٽن شاعرن جي شاعري وڻي جن ۾ وشال جي شاعري بهترين هئي شاعريءَ جي طرف  گهڻو توجهه  ڏيندا ڪريو.

ان کان سواءِ اوهان جو تاثر سر سامونڊي ۽ عورت به ڏاڍو موهيو. شحرن جي ڪليڪشن ڏاڍي سٺي هئي، ادي اهو ته هو رسالي تي تبصرو. مان هڪ ٻي ڳالهه توهان جي آڏو رکان ٿو اُها اها ته مان ”شاهه جي نظر ۾ عورت جو ڪردار“ تي تحقيقي مضمون اوهان ڏانهن موڪليو هو، پر اهو شايع ڪونه ٿيو آهي، سبب ڇا آهي، اها توهان کي خبر بهرحال،. دنيا اميدن تي قائم آهي، ان اميد تي ته ضرور واري سان کڻندا.

ستار سومرو

پياري ڀيڻ!

جون جولاءِ  وارو سرتيون پڙهيم، سر ورق تمام گهڻو  وڻيو، اميد ته آئنده به ان طرف ڀرپور توجهه ڏينديون. ڇو جو ٽائيٽل ئي پرچي جي جان هوندو آهي.

سر سامونڊي عورته عورت تمام گهڻو پسند آيو، ڀيڻ ڪلثوم ميمڻ جو شخصيت جي باري ۾ تمام بهترين ليک هو، هيلن ڪيلر جي ڪهاڻي تمام وڻي، ڪهاڻين ۾ استاد نظاماڻي جي ڪهاڻي پرچي جي جان هئي، باقي ٻين ڪهاڻين متاثر نه ڪيو. اهڙيون ڪهاڻيون شايع ڪريو جو پڙهڻ سان تفريح مهيا ٿئي ۽ ذهن کلي پوي. گهڻي ڳالهائڻ جي عادت جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي. اهڙي مواد جي پرچي ۾ شديد ضرورت آهي. عورت لطيف جي نظر ۾  پڙهي خوشي ٿي، مقالو ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو هو. گجت ڀرت وارو مقالو به پڙهڻ لائق هو. باقي ناول انسان ۽ شيطان بلڪل به سمجهه ۾ ڪونه آيو. اهڙو ناول هجي جو گهٽ ۾ گهٽ سمجهه ۾ ته اچي. باقي جنين ڪاڻ مياس جي مون اڃا پڙهي پهرين قسط آهي، انهي تي ڇا تبصرو ڪريان، ”شاعري“ به ڪا خاص معياري نه هئي مريم پليجو جو مواد تمام گهڻو پسند آيو، آخر ۾ آئون ڪجهه تجويزون پيش  ٿي ڪريان اميد ته انهن تي عمل ضرور ڪنديون.پهرين ڳالهه ته رسالي تي رنگين تصوير جي شديد ضرورت آهي.

هڪ گلدستي جي عنوان سان سلسلو شروع ڪريو جنهن ۾ اسان ڀينرون پنهنجون تحريون موڪليون ۽ توهان شايع ڪريو، ۽ هڪ قلمي دوستي وارو سلسلو  شروع ڪريو جيئن اسين ڀينرون هڪ ٻئي ڏي خط لکي سگهون .

هڪ شعر و شاعري وارو سلسلو به شروع ڪريو. جنهن ۾ ڀينرون حصو وٺي سگهن ۽ جنهن به ڀيڻ جو شعر سٺو هجي ان کي انعام ڏنو وڃي، مان اميد ٿي ڪريان ته اوهان جڏهن سلسلا شروع ڪنديون وڌ ۾ وڌ سرتيون حصو وٺنديون يقين نه اچي ته آزمائي ڏسو ۽ ڪارناما جي عنوان سان هڪ سلسلو شروع ڪريو، جنهن ۾ سنڌي عورتون جيڪي انعام  حاصل ڪري چڪيون آهن يا پڙهائي ۾ پوزيشن حاصل ٿيل هجن، بهترين ليکڪائون بهترين ڀرت ڀرڻ واريون مطلب ته ڪو به ڪارنامو سر انجام ڏنو هجين انهن کي متعارف ڪرايو. ٻيو اهڙو سلسلو شروع ڪريو جنهن ۾ جيڪي عورتون ٻنين ۾ ڪم ڪن ٿيون يا ڀرت ڀرين ٿيون انهن تي فيڇر تصويرن سميت شايع ڪريو.

شوبزنس جي صفحي جي شديد کوٽ آهي. جنهن ۾ سنڌي اداڪارائن جا انٽرويوز ڏيو، غزل سلام جو مهرباني ڪري انٽرويو ڏيندا رهجو، ۽ فيشن وارو سلسلو به شروع ڪريو. آخر ۾  هڪ گذارش ته مهرباني ڪري شبنم گل ۽ سندس گهر واري جو گڏيل انٽرويو ڏيندا ته نوازش ٿيندي، ڀيڻ شبنم گل جون لکڻيون  شايع ڪندا ته احسانمند رهنديس

ايس ايس نظاماڻي

محترمه ايڊيٽر صاحبه!

سرتيون مئي مهيني وارو شمارو منهنجي  هٿن ۾ آهي،جنهن ۾ محرم الحرام ۽ پردو، آخري خط، پنهنجو دامن، پنهجو هٿ، فرخنده لوڌي/ مجيد گل، دل آکيريو، درد پکي، منهنجو سڀ ڪجهه منهنجو ڳوٺ، غزل، پروفيسر سلميٰ پنهور، اشرف آصف، سڪايل نهال چانڊيو، ممتاز لوهار، فهميده سحرش، بشريٰ رحمان، امام راشدي ۽ غذرا رفيق جون لکڻيون بيحد پسند آيون.

وفا منير احمد ٿهيم دادو

محترمه ايڊيٽر صاحبه

”سرتيون“ ۾ منهنجي شاعري هلائڻ لاءِ اوهان جا وڏا وڙ، هن ڀيري مضمون”ٿر جون اڇوت عورتون“ ۽ ڪهاڻي” مورتي“ موڪلي رهيو آهيان، اميد ته پنهنجي ڀال قائم رکندا

ساگر سرتومل روپاڻي، ٿرپارڪر

محترمه ايڊيٽر!

هر ماهه ”سرتيون“ ڏاڍي شوق سان پڙهندو آهيان، جيڪو تمام سٺو لڳندو آهي پر جڏهن پنهنجو مواد  ڇپيل نه ڏسندو آهيان ته ڏاڍو دل کي ايذاءُ ايندو اٿم ته مون سان الائي ڇو ائين ٿيندو آهي، جو مواد به معياري هوندو آهي، پر رهجي ويندو آهي، ڇپجڻ  کان.

وفا نياز حسين گوپانگ، حيدرآباد

محترمه ڀيڻ!

عرض هي آهي ته ڪالهه شڪارپور ۾ هڪ مقامي هوٽل تي هڪ دوست وٽ ماهوار ”سرتيون“ نظر مان گذريو رسالو  بيحد پسند آيو، خاص ”خنساءَ بنت عمرو“ وارو مضمون اهو مضمون ڏسي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته توهان انهن سنڌي ساهت سوسائٽي جو ڇپيل ۽ رقم العمروف ۽ مسٽر عبدالجبار عبد جو لکيل ڪتاب ”خلفاءِ راشدين جون نياڻيون“ موڪليان، جيئن توهان ان ڪتاب جي مشهور اسلامي عورتن کي پنهنجي مشهور رسالي ”سرتيون“ ۾ قسط وار ڪري ڇاپيو. اميد ته منهنجي هيءَ پيشڪش توهان کي پسند ايندي. انهن مضمونن جي ڇپجڻ سان سنڌ جي نياڻين جي معلومات ۾ اضافو به ٿيندو، ۽ سندن خلاق ۽ ڪردار ۾ به اهو ڪتاب مددگار ثابت ٿيندو. والسلام

پروفيسر عبدالرحمان جتوئي، شڪارپور سنڌ

محترمه ايڊيٽر صاحبه!

سرتيون جو مئي 1996ع جو پرچو منهنجي هٿن جي زينت بڻيل آهي. سهڻي ٽائيٽل سان گڏ ڀرپور معياري مواد من موهي ٿو. هڪ غزل اشاعت لاءِ موڪليان پيو، آس اٿم ته اڳ جيان هاڻ به مانائتي موٽ ملندي. مهرباني

گل محمد خاصخيلي، جهڏو

محترمه ايڊيٽر!

مون اوهان طرفان شايع ڪيل رسالو سرتيون جو مارچ جو شمارو پهريون ڀيرو پڙهيو، جيڪو بيحد پسند آيو، خاص ڪري عاليه آغا، نصرت پنهور، فهميده سحرش جون لکڻيون وڻيون، شاعري به سٺي هئي، منهنجي خيال ۾ هي هڪ بهترين رسالو آهي ۽ آئنده پڙهڻ لاءِ اڪساهي ٿو پر ٻين رسالن وانگر هن رسالي کي به دير سان پهچڻ نه ڏيندا ڪيو. مواد موڪلي رهيو آهيان،  مهرباني ڪري شايع ڪندا.

شمس الدين جمالي، دادو

 

پَتنگُ چايين پاڻَ کي، ته ڄيري پَئو ڄاڻِي!
تان تان تاڻِجِ تَوَ ڏي، جان آ اڳِ نه اُجهاڻِي!
وِسَهُ وهِاڻِي! آڳ نه ڏجي عامَ کي!

 

پتَنگُ چايين پاڻ کي، پَسِي مَچُ مَ موٽُ!
سَهائِي سپُريَنِ جي، گهِڙُ ته ٿيين گهوٽُ!
اَڃا تون اَروٽُ! کُوري خبر نه لهَمِ!

 

پَتنگنِ پَهُ ڪِئو، مِڙئا مٿي مَچ،
پَسِي لَهسَ نه لِچئا، سڙيِا مٿي سَچ،
سندا ڳِچيَنِ ڳَچ، ويچارنِ وڃايئِيا.

 

چَڙهئو چَڪاسِن چاءِ، اَڳِ ٻَرندي آئيا،
وهُسَنِ واڙِي ڦُلَ جِنءَ، مَحبتِي مَچَ لاءِ،
آڻي پاڻُ آڙاءِ، کڻي کُوري وِچَ ۾.

 

جي تَتو تَنُ تَنوُرَ جِنءَ، ته ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
آڻي اَڳِ اَدبَ جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ،
بُرقِئا اندرِ بازيون، پَهجِيون سڀِ پچاءِ،
لُڇَڻُ، لَنئوُ لطيفُ چي، پَڌَرِ هَڏِ ۾ پاءِ،
متان لوڪَ لَکاءِ، وِصالا وِچُ پَئي!

 

(شاهه جي رسالي مان

”سُر ڪلياڻ“ تان ورتل)

 

چولِيون جن چڪ هيون، اَڄ ٿيون لالين لائُو؛
جُتيون جَڙائوُ، پايون وتَن پيرَ ۾.

 

نوريءَ نادر ڄامَ کي، ڪي چَکايون چاٽيون؛
تنهن کي ڏسڻ سان ڏياريون، ڪنهن ڦِڪَل ڦيراٽيون؛
وٽان سو واٽيون، ٿو ڏئي ڏهاڙي اُن کي.

 

هون مَڪَ هِڪِ تُرارُ، چار تُرارا موتِئين؛
تنهن برابر نه ڏيان، توڙي ڏين جال جَوهارُ؛
جو پَلءِ پِرڙو ڀِيڙو، مهاڻِيءَ مڻيارُ؛
تنهين مَرُ ڪينجهرَ ڀَرِ قرارُ، جنهن ڄارو ڄام ڪَلهي کنيو.

 

تارازيءَ جي توري، مَڪ موتِن تي نه ڏيان؛
ٻيڻا ٽيڻا نه وٺان، ٿوري نه ٿوري؛
گهورِي آءٌ گهورِي، جو ڄارو ڄام ڪُلهي کنيو.

 

مَڪَ برابر نه ڪريان، ماڻِڪَ موتِنِ ساڻ؛
سَمو ڄام سُڃاڻُ، جنهن ڄارو ڄام ڪُلهي ڪيو.

 

(سچل سرمست جي سنڌي

ڪلام ”سرنوري“ تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com