جگروپ سنگهه داتي واس
مترجم: محمد آصف رضا
آنٽي سچ چيو هو
اڌ رات گذري چڪي آهي، بيهوش ڪرڻ جي حد تائين گرمي ۽ مڇرن جي
مارا ماري لڳي پئي آهي.
گهڻن ڏينهن کان بجلي بند آهي، ڳوٺن ۾ ائين ئي ٿيندو آهي پر
شهرن ۾ ته ائين نه ٿو ٿئي.
رئي جي پلئه سان ننڍڙي کي هوا هڻي رهي آهيان، اک ٻوٽڻ جي ڪوشش
ٿي ڪيان، پر مڇرن ڪنن تي زوزاٽ لائي ڏنو آهي ۽
منهنجو ڇاتيءَ تي رکيل هٿ ننڍڙي کي هوا ڏيڻ کان
رڪجي وڃي ٿو. ڊڄان ٿي ته جيڪڏهن ننڍڙي کي مليريا
وغيره ٿي پيئي ته رنجيت جي عجيب و غريب سوالن کي
ڪيئن منهن ڏينديس؟
”تو ڪڏهن ٻارن کي ڳوٺان صحيح سلامت به آندو آهي؟“
”ٻارن جي شڪل ئي بگاڙي ٿي اچين، ڇوڪريءَ جو رنگ ڏس ڄڻ ٻالن جي
ڇوڪري هجي.“
رنجيت جي ان ڳالهه ۾ ڪجهه لمحن لاءِ مڇرن جي ڀڻڪاٽ وڃائجي وڃي
ٿي ۽ منهنجو رئي وارو هٿ تيز هلڻ شروع ڪري ٿو.
مينو ڏي ڏسان ٿي، هوءَ مٺيءَ ننڊ ۾ ستل آهي، مان هن جي چهري تي
هلڪڙو هٿ هڻان ٿي ته منهنجو هٿ پگهر سان ڀرجي وڃي
ٿو هن جو پاسو ورائي سمهاريان ٿي ته هوءَ وري
مون ڏي سرڪي اچي ٿي ۽ ٻنهي هٿن سان مون کي
ٿڦڪيون ڏيڻ لڳي ٿي ۽ سندس هٿن جي ڇهڻ سان مون کي
ننڊ اچي وڃي ٿي.
رنجيت زور سان منهنجي کٽ جي ٻانهين تي کڙي هنئين ۽ ڏاڍيان گار
ڏني، مون کي ڄڻ جهٽڪو لڳو.
خبر ناهي ته ائين هن منهنجي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪيو هو يا مڇرن ۽
گرميءَ جي ڪري، هن اتي پير کنهندي وري به گار ڏني.
ائين ڪري هن الائي ڪنهن تي ڪاوڙ ڪڍي، مون تي يا
پاڻ تي.
”ڇا ٿيو آهي“ مون پڇيو.
”ماڻهين جو مٿو“ هن منهن ڦيريندي چيو.
آئون چئوطرف نظر ڦيرايان ٿي تقريبن سڀ ئي جاڳن پيا، وڏي ڀيڻ کي
ڏٺم ته هن در اڳيان ٻي کٽ تي ليٽي پاسا پئي ورايا.
شايد هن جي ڪنن ۾ رنجيت جون گاريون پهچي ويون هيون هونئن به
ڪڏهن ڀلا ڀيڻ ستي آهي، هر صبح هن جي اکين جو پاڻي،
هن جي اداسي جو ثبوت آهي، کڻي هوءَ پنهنجا درد
لڪائڻ جا لکين جتن ڪري.
هن کي پرڻئي ڇهه سال ٿي ويا آهن، پر پنجن سالن کان پيءُ جي در
تي ويٺي آهي، مڙس سان اڻ بڻت جو ڪارڻ نه ڪڏهن هن
ڏسيو آ ۽ نه ڪڏهن منهنجي همت ٿي آهي. جو کانئس
پڇان، گهر وارن تي هن جو ايڏو رعب آهي جو جيڪو
ڪجهه هوءَ نه ٿي ٻڌائڻ چاهي پڇڻ جي ڪنهن جي جرئت
ناهي. هڪڙي ڏينهن هن کي چاچيءَ وٽ اهو چوندي ضرور
ٻڌو هيم ته ”جيڪڏهن مانيون پچاڻيون هيون ته پوءِ
ڇا، پيءُ جو گهر گهٽ آهي، چاچي! جيڪڏهن مون کي هن
جي بستري تي سمهڻ جو حق ناهي ته پوءِ مان اهو
وڇايان ڇو؟ جيڪا سمهيس ٿي، سا وڃي وڇائي.“
ان ڏينهن مون سوچيو هو ته پڪ اها ادي جي ڏير جي زال هوندي.
جيڪڏهن هن کي زالون گهڻيون ته پوءِ مون لاءِ به
مڙس گهڻا.“
ڀيڻ ڀت وانگي بيٺي آهي، سندس ضد سندس مڙس کان به گهڻي آهي، مون
کي خبر آهي ته هوءَ بازي هارائي ويندي پر ضد نه
ڇڏيندي.ڀيڻ کان ٿيندي نظر وڃي بابي تي ٿي پوي،”رب
سڻائي ڪجان“ چئي هو کٽ تان اٿيو آهي.
بابي جي گوڏن ۾ تڪليف آهي، سو نه هو سکيو ويهي سگهي ٿو، ۽ نه
سکيو بيهي ٿو سگهي،انهي آزار ۾ ويهندي به ٿو
ڳالهائي ۽ اٿندي به، جيئن ڪو سندس قرضي هجي، ان
کان سواءِ ڏهن ڏهن منٽن اندر پيشاب لاءِ اٿڻو
پوندو اٿس، ڪئين دفعا ته اٿندي پيشاب شلوار ۾ وهي
ويندو اٿس، صبح جو سندس هنڌ ائين پسيل هوندو آهي،
ڄن ڪنهن پاڻيءَ جي بالٽي هنڌ تي هاري ڇڏي هجي.
ڪڏهن ته پنهنجي قسمت تي روئڻ لڳندو آهي يا وري
جيڪو سامهون هجي، ان کي پيو گاريون ڏيندو آهي.
اهڙن موقعن تي امان کي ڪچيون پڪيون گاريون ٻڌڻيون
پونديون آهن. ڊاڪٽر جي چوڻ مطابق ته بابي جا گدود
وڌي ويا آهن.
بابي جي ڀرسان ننڍي ڀيڻ جي کٽ آهي، هن ويچاريءَ کي سک ئي ناهي،
پيئي پاسا ورائي، ۽ پاٺي جي ٽڪر سان پاڻ کي هوا
لڳائي، پهريون ويم ڪرائڻ آئي آهي، باقي ٿورا ڏينهن
اٿس، ٻار جي چرپر ۽ هلڪن هلڪن سورن جي ڪري بيچين
آهي. هوا لڳائيندي هن جي چوڙين جو آواز منهنجي
ڪننن سان ٽڪرائجي رهيو آهي.
هڪ امان آهي جيڪا ڀرسان کٽ تي گهري ننڊ ۾ ستي پئي آهي. سڄي
ڏينهن جي ٿڪاوٽ سبب کٽ تي ڪرندي ئي سمهي ٿي پوي.
هوءَ سڄو ڏينهن ڀڄ ڊڪ ٿي ڪري، گهر جي ڍورن، ڍڳن
کان وٺي، بابي کي سنڀالڻ تائين سڀ ڪم پاڻ ڪندي
آهي، بابي جي خدمت چاڪري ڪرڻ سان گڏ کيس بابي جي
گارين جو بار به کڻڻو پوندو آهي. هو پاڻي وانگر پي
ويندي آهي، سڀ ڪجهه، ڪڏهن ڪڏهن وڏي ڀيڻ ڏي ڏسي
روئڻ لڳندي آهي. پر ڀيڻ کي محسوس ٿيڻ نه ڏيندي
آهي، منهنجي نظر سڀن کٽن تان گهمندي ڦرندي وڃي ڌڻ
تي پوي ٿي، سڀ ڍور ڌرتي تي ڪنڌ نوايو ستا پيا آهن
ڪتو به ڀونڪي ڀونڪي سمهي پيو آهي. جهرڪيون جيڪي
شام ويلي ورانڊي ۾ بيٺل وڻ مان شور مچائي رهيون
هيون سي به آکيرن ۾ لڪي ويون آهن، مون کي لڳو ڄڻ
سڄو جهان ستو پيو آهي، هڪ مان ئي جاڳي رهي آهيان،
اهو به ڇا جي لاءِ، مون کي پنهنجي زندگيءَ تي شرم
پي آيو. سوچان ٿي، رنجيت کي ڪيئن سمجهايان، هن جي
ڪاوڙ کي ڪيئن ٺاريان.
”منهن ورائي ڇڏيو اٿئي؟“ مون هن جي چادر ڇڪيندي چيو (جيڪا هن
خبر ناهي مڇرن جي ڪري يا مون کان تنگ ٿي اوڍي
هئي.)
”ٻيو تنهنجي ٻوٿ ڏي ڏسندو رهان ڇا؟ ٻه ڪلاڪ ٿي ويا آهن تنهنجو
منهن ڏسندي.
”پوءِ ڇا ٿيو،؟ ڇو ٿا ايڏو چڙو،“ پيار مان مون هن جي هٿ چمڻ ٿي
چاهيو پر هن منهنجو هٿ مروڙي پري ڌڪي ڇڏيو.
”اڌ رات وهامي وئي، توکي سمجهائيندي...، مان نٿوساري رات جاڳي
سگهان، چئن ڪلاڪن جو پنڌ ڪري هتي پهتو آهيان....
اوهان زالن جا ته مکر ئي نه ٿا ختم ٿين.“
”اوهان مسافري پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، مون ۽ ننڍڙي لاءِ نه؟“
مان وري رنجيت جو هٿ دٻايان ٿي، پرهو هٿ ڇڏائي پاسو ورائي ٿو
ڇڏي.
ننڍڙي کي اسڪول کان گرمين جون موڪلون هيون ۽ بابي جي طبيعت ٺيڪ
نه هئڻ ڪري مان ننڍڙي کي ساڻ ڪري پيڪين آئي هيس،
ته جيئن ڏک گهٽائي سگهان.
رنجيت هر آچر رات تي، ڊيوٽي تان سڌو اسان وٽ پهچندو آهي، ۽ ٻه
راتيون رهي سومر ڏينهن واپس هليو ويندو آهي.
توکي چيو هيم ته هيٺ مڇر آهن، کٽون ڇت تي رکجان پر تون مڃين
به نه“
گهڻي دير کان هو ننڍي ڳالهه تان وڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر
مان روڪي رهي آهيان، سوچيان ٿي ڏکن جو پيڙيل بابو
جاڳي پيو ته ڇا سوچيندو، جي خبر پيس ته؟
اهو... منهنجو حال احوال وٺڻ ناهي آيو، منهنجي مٿي تي ڌوڙ وجهڻ
آيو آهي. ڏک گهٽائڻ بدران ڏک وڌائڻ آيو آهي،
تڙپائڻ لاءِ آيو آهي مون کي.
مان نه ٿي چاهيان ته بابو ائين سوچي،
مان نه ٿي چاهيان ته بابو ڏکي ٿئي.
جڏهن کان ادي جي مڙس اچڻ ڇڏيو آ، تڏهن کان بابو ۽ امان پنهنجو
پاڻ کي اڪيلو اڪيلو سمجهن ٿا. خدا هڪڙو پٽ ڏئي ڇڏي
ها ته شايد سندن هي حال نه ٿئي ها. انهي ڳالهه تي
هو دنيا وارن کان ته ڇا رب پاڪ سان به ناراض آهن.
انهي لاءِ هنن ڪڏهن به گهر ۾ ڪابه مذهبي رسم ناهي
ڪئي. منهنجي شادي ويل به هو شادي جون رسمون نه پيا
ڪرڻ چاهين پر وڏي ڀيڻ جي زور وجهڻ تي چپ ٿي ويا
هئا.
وڏي ڀيڻ جي شادي جي پهرين سال تائين هو ڏاڍو خوش رهيا ۽ کين لڳو
ڄڻ رب هنن کي پٽ ڏئي ڇڏيو هجي، ڀيڻ ۽ سندس مڙس جي
وڙهڻ کان پوءِ اهي وري ساڳي سوچ تي اچي ويا آهن
بابا هڪ ڏينهن امان کي چيو هو.
”اهو اسان جو ڀرم هو چري، نياڻا ڪڏهن پٽ نه آهن بڻبا. جي ائين
هجي ها ته دنيا پٽن لاءِ ڇو سڪي ها؟“
مان بابا جي انهي ڳالهه تان چڙي پئي هيس، ۽ چيو هيم” نه بابا
سڄي دنيا هڪ جهڙي ناهي.“ رنجيت به ته اوهان جو
نياڻو آهي.
”جيڪي چنڊ وڏي چاڙهيا آهن، سي هي به چاڙهيندو؟ اڪيلين ڌيئرن
وارن کي لالچي نياڻا ملندا ٿئي. جيڪي پٽ ته ڇا پر
نياڻا به نه ٿا بڻجن“
بابي ڪاوڙ مان چيو هو.
بابي جي ڳالهه هڪڙي ڀيري منهنجي سامهون ثابت ٿي وئي هئي جڏهن
مون رنجيت کي وڏي ڀيڻ جي پٺيءَ ۾ چهنڊڙي پائيندي
ڏسي ورتو هو.
ڏک ۽ ڪاوڙ مان هوءَ صرف ايترو چئي سگهي هئي...“دنيا ۾ عورت ۽
مرد جو صرف اهو ئي رشتو بچيو آ، رنجيت، باقي رشتن
جو ڪو به ڀرم ناهي رهيو.“
رنجيت بي حيائيءَ سان کلندو اوطاق ڏانهن هليو ويو هو.
رنجيت الائي ڀيڻ کي گهران ڪڍيل.... جيان سمجهيو هو.
دل چاهي پئي ته رنجيت کان پڇان پر وڏي ڀيڻ ۽ بابي ڏي ڏسي چپ
ڪري ويس، سوچيو هيم عورت..... ته هوندي آهي.
ڦنڊر....
وڏي ڀيڻ ڏانهن ڏسندي ڪيئي ڀيرا اکيون آليون ٿي وينديون اٿم
ڪيڏو وڏو جگر آهي اديءَ جو، مڙس بنا جيئڻ ڪا سولي
ڳالهه آهي؟ پنج سال ٿي ويا اٿس، پيڪين جي گهر ۾
رهندي، ايتري عرصي ۾ ته ڪا به عورت چري ٿي سگهي
ٿي. ڪڏهن ڪڏهن دل چوي ٿي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ هن کي
رنجيت ڏئي ڇڏيان، پر هن اڳيان اهڙي ڳالهه ڪرڻ جي
همت ڪٿي؟ هن کان ته سڀ ڀاتي ڊڄن ٿا. مان غلط سوچي
رهي آهيان، پنهنجو مڙس ٻئي کي ڪڏهن ڏيئي سگهبو
آهي؟ ڀيڻ هجي يا ٻيو ڪو، خبر ناهي منهنجي ڀيڻ ڪهڙي
مٽيءَ جي ٺهيل آهي؟ ڍور پکي به مستيون ڪندا آهن ۽
ڀيڻ اف ڪيڏو اوکو ۽ پاڻ کي مارڻ ۽ مري جيئڻ.
ڪتي جي ڀونڪڻ جي آواز تي منهنجين سوچن جو سلسلو ٽٽي پيو.
ڇا سوچي ننڍڙي جون موڪلون گذارڻ آئي هيس، منهنجي ته وهم گمان ۾
به نه هو ته ڪو ائين به ٿيندو.
هن زور سان لت منهنجي پيٽ ۾ وهائي ڪڍي ۽ منهنجون آڱريون مروڙي
چيائين” ڪتي رن تو پاريون زالون ئي مردن کي وات
هڻڻ تي مجبور ڪنديون آهن، تنهن ڪري ته ماڻهو پراوا
ڪوٺا لٽيندو آ.
جيڪڏهن مان پنهنجي ضد تي آيس ته پوءِ پڇتائينديءَ، پريتو پرڻي
ناهي اڃا، سمجهي وئين، هن چادر ڇڪي چيلهه تائين
ڪندي چيو.
مان نه سمجهيس، نه سمجهڻ واري ڳالهه به ڪهڙي آهي، اها ڦٽڪار
هئي، رنجيت جي ڌمڪي هئي. هو مرد اهڙيون ڌمڪيون ڏئي
پاڻ تي فخر محسوس ڪندو آهي. صدين کان عورت مرد جون
اهي ڌمڪيون ٻڌيون آهن، ۽ اڄ مون به ٻڌي ته ڪهڙو
آسمان ڪري پيو، مان ڪاوڙ منجهه سڄي ڏڪڻ لڳس.
مٺيون ڀڪوڙجي ويون، انهي ڪري نه ته ڪو مان ڊڄي ويس هيس، سوچان
پئي جي مان اها ڌمڪي رنجيت کي ڏيان ته سندس سڄي
مردانگي ارٿ ٿي وڃي، بجلي جي ڪرنٽ جيان رنجيت
سوچيو ته مان دڄي ويندس ۽ پر .... پر ڊڄي ته وئي
آهيان مان، مون کي پنهنجو قد ننڍڙو محسوس ٿيڻ لڳو،
ڄڻ مان سسي گڏي بڻجي وئي آهيان. وڏي ڀيڻ، جيڪا
سامهون ليٽي پئي آهي، وات کولڻ جي الزام ۾ جلاوطني
ڀوڳي رهي آهي.
پريتو جو نالو ٻڌي منهنجو وات بي سواد ٿي ويو، ڄڻ ڪنهن مون کي
اوبر پياري ڇڏي هجي، مون چو طرف ڏٺو، مون کي لڳو،
ڄڻ سڀ سسي پنهنجين کٽن تي پئجي رهيا آهن، بنان سرن
جي ڄڻ لاش هجن، منهنجي همت جواب ڏئي وئي، دل ته
چوي پئي ته رنجيت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيان پر پيءُ
جي اڱڻ مان..... مون کي گهور رهيون آهن، ماءُ پيءُ
جي گهر مون کي خير گهري رهيو آهي، جنهن اڱڻ ۾ مون
مٽي جا گهر ٺاهيا، گڏين سان کيڏيس، جوانيءَ جا گيت
ڳايا، سو منهنجين سوچن اڳيان ڀت بڻجي بيٺو آهي.
ڀيڻ ڏي ڏسي همت گڏ ڪيان ٿي ۽ پيءُ ڏي ڏسي چپ ٿي
وڃان ٿي، مان ڪاڏي وڃان؟“
اڻ ڏٺي پريتو جو خيال اچيم ٿو، اها ڪير آهي؟ رنجيت هن کي ڪيئن
سڃاڻي؟ مون هن کي ڇو نه ڏٺو، انهن خيالن ۾
منهنجي سوچ کنڊرجي وئي آهي ۽ هن کنڊريل سوچ جي
سامهون خبر ناهي ڪٿان آنٽي نصيبو اچي بيٺي.
”بلڪل توتي وئي آهي، ڇوڪري.... اکيون، نڪ، چپ ماءُ جهڙا“ جڏهن
مان ويم ڪري فيروز پور ويس ته ڀرسان گهر واري آنٽي
نصيبو چيو هو، جيڪا واندڪائي مهل مون وٽ اچي
ويهندي هئي.
”رنجيت سان ڪو به مهانڊو نٿو مليس؟“ مون کلندي چيو هو.
”ڌيئر ماءُ تي وينديون آهن، ڇوڪرا... پيءُ تي ويندا آهن.“ آنٽي
نرڙ ۾ گهنج وجهندي چيو.
”ڇوڪرا..... ڇوڪرن سان ته دنيا ٿي وسي.“
”دنيا ڌيئرن سان آهي، ڌيءَ! اهو ولر ڏسين ٿي، نه اسان ڄڻيو آهي،
آنٽي ڏور سڙڪ تي ويندي ماڻهن جي ميڙ ڏانهن اشارو
ڪيو، اهو ماڻهو اسان جي پيٽ مان ڄائو آهي ۽ هڪ
ڏينهن اهو ماڻهو اسان کي لت هڻي هليو ٿو وڃي.
اهو ته کير پيئڻ مهل ئي اسان جي ڇاتي کي مڪون هڻڻ شروع ڪري
ڇڏي ٿو، پوءِ جوان ٿيڻ تي ان ۾ وفا جي آس ڪٿي؟.
آنٽي جو مڙس سندس هنج ۾ هڪ سال جو پٽ ڇڏي ٻي عورت سان نڪري ويو
هو، ڇو جو آنٽي جو بدن بي ڊولو هو، چيلهه ٿلهي،چپ
ٿلها، ڇاتي چپڪيل ۽ رنگ ڪارو، آنٽي پاڻ ٻڌائيندي
هئي ته هو سندس ڀيٽ ۾ گهڻو سهڻو هو ۽ گڏ نڪ چاڙهي
سمهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ کٽ تي ويٺل هوندي به
گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڏيندو هو ۽ تيار ٿي ٻاهر
نڪري ويندو هو.
نيٺ ٻي شادي ڪري وڃي ٻئي شهر ۾ رهيو ۽ آنٽي مڙس هوندي به اڪيلي
ٿي وئي، اڌ گهر مسواڙ تي ڏئي گذران ڪندي هئي. ڪڏهن
ته آنٽي تمام سٺيون ڳالهيون ڪندي هئي، ڪجهه
سچيون، ڪجهه ڪوريون، ”مرد ۽ گهوڙو هڪ شيءِ جو نالو
آ ڌيءَ، ٻئي بي قابو ٿي پوندا آهن، هڪ ڏينهن چيو
هيائين“ جيڪڏهن زال اميد سان هجي ته مرد رسي ٽوڙڻ
شروع ڪندو آهي، اهو صرف زال جي ٻانهن ۾ ئي قابو
رهي ٿو.
”اسان جي مائٽن مان هڪ جوان وڃي ڀرتي ٿيو هو ڌيءَ آنٽي پراڻي
ڳالهه ٻڌائيندي چيو هو”۽ پوئتي ڇڏي ويو، جوان زال،
سال ڪي ڇهن مهينن کان پوءِ جڏهن گهر آيو ته زال
سان ڀاڪر پائي رنو هو، جڏهن گهران موٽي نوڪري تي
ويو ته هڪ رات غليظ حرڪت ڪرڻ جي الزام ۾ نوڪري مان
ٻاهر ڪيائونس، زال لاءِ تڙپندڙ نوڪري وڃائي گهر
اچي پهتو.
هن جو مطلب ته رنجيت جو خيال رکڻ گهرجي....”مون کي ڇا ڪرڻ کپي،
آنٽي“ آنٽي جي ڳالهه ٻڌي کلندي کلندي چيو هيم.
”توک ڀوڳ ٿا سجهن“ ڏاهي جي چئي موجب اولي کاڌي کان پوءِ ئي خبر
پوندي آهي ڌيءَ!“
ڇوڪري!”ڪڏهن انهي بهاني آنٽي کي ياد ڪندينءَ!“
آنٽي ٿڌو ساهه ڀريندي چيو هو.
آنٽي کي ياد ئي ته ڪري رهي آهيان، اولي جو سواد به ڏسي ورتو
ٿم..... ڪيئن آهي؟ خبر ناهي رنجيت سمجهي پيو آ
جاڳي ٿو، مون کي ڪيئي ڀيرا مڇرن چڪ هنيا پر مون
کي خبر نه پئي رنجيت چادر وجهي سمهي پيو آهي پر
مان شايد پاڻ به کنڊر بنجي وئي آهيان، هيرو شيما
ناهي رهيو پر مان پوءِ به هن جو گهر سنڀالي ويٺي
آهيان.
هڪڙو هٿ منهنجي مٿي تي اچي بيهي رهي ٿو، نرم هٿ جيڪو بابي جي هٿ
جهڙو به ته امان جي هٿ جهڙو به، مان ڊڄي وڃان ٿي.
مان سسي رٻڙ جي گڏي ٿي وڃان ٿي.
وڏي ڀيڻ جو وات منهنجي ويجهو ٿئي ٿو، ”ڏاهي ٿي، ضد نه ڪبي آهي.“
”منهنجو ساهه سڪي ويو، زبان وڃي تارونءَ سان لڳي، ستي ئي ڀيڻ ڏي
ڏسندي هان، هن جي اکين ۾ ماڪ جيان ڪجهه ڏسجي ٿو،
منهنجو اندر سڏڪي ٿو، مان ڀيڻ ڏي ڏسڻ جي همت نه ٿي
ڪري سگهان.
”اسان جي نصيبن ۾ اهو ئي ڪجهه آهي.. وڃ هوءَ ويندي ويندي اکين
مان هڪ بوند منهنجي مٿي تي وڃي ٿي، مان اٿي ويهي
ٿي رهان، چئوطرف ڏسان ٿي، بابو سور کان ڪنجهي رهيو
آهي، ننڍي ڀيڻ پکو هڻي رهي آهي، امان ڀر ۾ پيل کٽ
تي گهري ننڊ ۾ ستل آهي، ڌيءَ منهنجي پاسي ۾ ساڻي
پئي آهي، ۽ وڏي ڀيڻ منهنجي وڃڻ جو انتظار ڪري رهي
آهي. مان رنجيت جي کٽ کي ٿڏو هڻي هلڻ لڳان ٿي ۽
اونداهه ڏانهن.
هلندي مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ ته مان نه پر منهنجي انداز ۾ اڻ
ڏٺل پريتو هلي رهي آهي.
*-------*-----*
وينگس منگي
پر آخر ائين ڇو؟
مان سوچيان پئي ته ڪجهه لکان پر ڇا لکان؟
آخر سوچيم ته پنهنجي معاشري تي لکان، هيءَ هڪ گهر جي ڪهاڻي آهي،
شايد ان ۾ ڪجهه لفظ سچ آهن ۽ ڪجهه وري ڪوڙا لفظ
به آهن، مون کي خبر نه آهي ته ائين ڇو آهي. هڪ
گهر آهي، جنهن ۾ پيار به آهي، پر ڪجهه ڪوڙ به آهي.
سچ اهو ئي آهي ته هڪ پيءُ آهي، جنهن کي نو ٻار آهن
۽ هڪ گهر واري سا به سهڻي پر ان مرد ٻي شادي ڪئي،
ان ڇو ڪئي؟ اهو سوال آهي ڇو؟ گهڻا ماڻهو چوندا
آهن ته سنڌي اڪثر ٽي يا وري چار شاديون ڪندا آهن
ضروري نه آهي ته سنڌي ماڻهو ئي ٻه ٽي شاديون ڪندا
آهن ٻيا ڀي ڪندا آهن، ائين ڇو ڪندا آهن، هڪ شي
هوندي به آهي، تڏهن به ٻي شيءِ جي ڪڍ هوندا آهن.
اسان گهڻو حق مرد کي ڏيندا آهيون ۽ گهڻو خراب به
مرد کي چوندا آهيون، ائين ڇوآهي؟ منهنجي خيال ۾ ته
رڳو مرد جو ڏوهه نه آهي، جيترو مرد جو ڏوهه آهي،
اوترو ان عورت جو به ڏوهه آهي.
جنهن عورت سان اهو مرد ٻي شادي ڪري ٿو، اسان جي معاشري ۾ عورت
جي گهڻي عزت ڪئي ويندي آهي، انهي عورت سان کيڏندا
به آهن، جيڪا ڪنهن جي ڌيءَ، يا ڀيڻ يا وري ڪنهن جي
ماءُ هوندي آهي.
ڪجهه عورتون سٺيون ۽ ڪجهه خراب به آهن. ڪن جي ڪري اسان سڀني
کي خراب نه ٿا چئي سگهون. جنهن عورت ٻي شادي ڪئي
ان جي ڪا مجبوري هوندي. اها مجبوري ڪهڙي هوندي،
اسان کي خبر نه آهي. اسان ان عورت کي خراب ڇو ٿا
چئون.
اسان سڀئي آئيني جو پهريون عڪس نه ڏسندا آهيون، پر ٻيو عڪس ڏسڻ
جي ڪوشش نه ڪندا آهيون پر ان مرد جي ڪهڙي مجبوري
هوندي يا شايد هوندي يا وري نه هوندي، اها به مون
کي خبر نه آهي. اسان پاڻ کي سٺو چوندا آهيون ۽ ٻين
کي خراب يا وري ٿي سگهي ٿو ته اسان پاڻ خراب هجون
۽ اهي چڱا هجن.
ائين اڪثر مون ڏٺو آهي هڪ جي ڪري اسان سڀني کي خراب چوندا
آهيون، ائين ڇو هوندو آهي؟ پر خير اسان ڇا ٿا ڪري
سگهون. سڀ ڳالهائڻ ۽ لکڻ تائين. اگر انهن خراب
ماڻهن جي عقل ۾ اها ڳالهه نه ٿي ويهي ته ڇا ٿو ڪري
سگهجي. پر سوال هي آهي ته مرد ٻي شادي ڇو ڪندا
آهن. جڏهن اهي اهو غلط ڪم ڪندا آهن ته ان وقت انهن
کي خبر نه پوندي آهي ۽ وري ڪري ويهندا آهن. ۽
پوءِ پڇتائيندا آهن. پر اسان جو معاشرو ان مرد کي
خراب نه چوندو آهي پر گهڻو ان عورت کي جنهن سان ان
شادي ڪئي. مرد آرام سان هوندو آهي ۽ سڄو معاشرو ان
عورت کي خراب چوندو آهي. ائين ڇو آهي؟ ان ۾ عورت ۽
مرد ٻنهي جو ڏوهه هو. اسان سڀئي ان کي هڪ نگاهه
سان ڇو نه ڏسندا آهيون. بس اهي چوندا آهن ته قسمت
۾ لکيل هو. غلط ڪم پاڻ ڪن ٿا وري اهو چون ته بس
قسمت ۾ لکيل هو. شايد اسان غلطي پاڻ ڪندا آهيون ۽
سڄو ڏوهه ويچاري قسمت کي ڏيندا آهيون. ان مرد جي
ٻارن تي ڇا اثر پيو هوندو اسان مان ڪوئي به ان جو
اندازو نه ٿو لڳائي سگهي. اسان جو معاشرو ڇا چوندو
انهن ويچارن ٻارن کي. اها ته انهن جي دل کي خبر
هوندي انهن جي وات تي کل ته هوندي پر اها سچي
هوندي؟ ائين ڇو هوندو آهي منهنجي خيال ۾ ائين نه
ڪرڻ گهرجي. ڇا اسان جو معاشرو ان کي سمجهي سگهندو
يا وري نه، ڇا اسان جو معاشرو هميشه ائين هوندو يا
وري ان ۾ ڪا تبديلي به ايندي، من کي اها خبر نه
آهي ته اسان جي معاشري ۾ تبديلي ايندي يا نه، ان
ڪري جو مون انهن ٻارن کي ڏٺو آهي، انهن جي چهرن تي
ڇا آهي ۽ اهي ٻار اگر ننڍڙا آهن ته اهي هن معاشري
جي سوالن کي ڪيئن منهن ڏئي رهيا آهن. اسان ڪنهن کي
سمجهڻ جي سگهه ڇو نه رکندا آهيون. اسان انهن کي
سمجهون نه ٿا ته انهن تي کلون به ته نه.
۽ ان مرد جي ٻارن تي ڇا گذرندو ۽ اهي ڇا سوچيندا. ڇا اهي هن
معاشري کي انهن سوالن جا جواب ڏئي سگهندا يا نه،
يا وري اسان جي معاشري جا ماڻهو اهو سوال ئي نه
پڇن ته تمام سٺو ٿيندو. اسان سڀئي يا وري سڄي دنيا
جي هر ملڪ، هر شهر ۾ هر ان عورت ۽ ان مرد کي ائين
نه ڪرڻ گهرجي. جي اگر ڪن ته پنهنجي چوطرف ڏسن ته
ان کان پوءِ ڇا ٿيندو، يا وري انهن جي ٻارن تي ڇا
اثر ٿيندو.
ما وري به چونديس ته اسان جو ڪو به غلط ڪم ڪندا آهيون اهو اسان
جي قسمت ۾ نه لکيل هوندو آهي، اهو سوال پاڻ ڪندا
آهيون، ۽ سڄو ڏوهه ويچاري قسمت کي ڏيندا آهيون،
اگر اسان اهو ڪم ڪيون ته معاشري کي انهن سوالن جا
جواب به پاڻ ڏيون. ان جي لاءِ پنهنجي ٻارن يا ٻين
پنهنجن تي نه ڇڏيون.
*-------*------*
حفيظ فائز سومرو
تو پڄاڻان سپرين
جانان!
توکي شايد خبر نه هجي، باقي هي حقيقت آهي ته آچر ڏينهن مان
ڊپارٽمينٽ جي باغيچي ۾ ويٺو هئس، ته تون پنهنجين
سهيلين سان ويٺي رهاڻ ڪئي. ان ڏينهن اسٽيگس طرفان
ڪو پروگرام ٿيڻو هو. اوچتو ڳالهيون ڪندي تو مون
ڏانهن ڏٺو ۽ اسان جون نظرون ملي ويون. نظرن هڪ ٻئي
کي ڇا ڏنو، ڇا ورتو، ان جو مون کي احساس نه رهيو،
تو ڪنڌ ٻئي طرف ڪيو ۽ گلن کي ڏسڻ لڳينءَ، تون گلن
کي ڏسي رهي هئينءَ، ۽ آءُ وري توکي، تو مرڪي ڪنڌ
مٿي ڪيو ڄڻ رابيل جو گل ٽڙي پيو ۽ تنهنجي ڳاڙهي ڳل
تي جيڪو چگهه ٺهي پيو، سو مون کي ڏاڍو وڻيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ تون لئبرري کان موٽي پنهنجي ڊپارٽمينٽ وڃي
رهي هئينءَ، ۽ آءُ سنڌ الاجي وڃي رهيو هيس، تون
به اڪيلي آءُ به اڪيلو، ٻيو ڪو به ڪونه هو،
ڄامشوري جي تيز هوا ۾ تنهنجا بيحد خوبصورت زلف ٽڙي
پکڙي پيا هئا. ڪا چڳ لڙڪي توکي ڳل تي ڪتڪتائي ڪڍي
پئي وڃي، جنهن کي تو هٿ سان پٺتي پئي هٽائي ڇڏيو.
آءُ بيهي توکي ڏسندو رهيس، تون چپ چاپ ڪنڌ هيٺ
ڪيو سيني سان ڪتاب لايو وئين پئي.
جانان! ان ڏينهن کان پوءِ بدلجي ويو آهيان لکڻ چاهيان ته لکڻ نه
ٿئي، پڙهان ته پڙهڻ نه ٿئي. نه ننڊ نه آرام نه
ڪنهن سان ملان، نه ڪنهن سان سور سليان، پور پوندا
اٿم، ته اڌ رات جو اٿي گهر جي ڇت تي هليو ويندو
آهيان، اڪيلو ئي اڪيلو چوڌاري بتيون ئي بتيون نظر
اينديون اٿم سامهون ”سنڌو“ آهي، اسان جي ديس جي
ديوي، ڏاڍي البيلي ۽ پورالي، ڪيترائي وسندڙ شهر
ويران ڪيائين، ڪيترائي واهڻ وسائي، سندس سمورا
انگل اکين تي رکيا اٿئون. هر ڀيري سندس آڌر ڀاءُ
ڪيو آهي ڪڏهن به ساڻس ٻاڙو نه ٻوليو آهي. ڀلي آئين
جي آئين، درياهه شاهه جا گيت ڳايا اٿئون.
جانان! سنڌ ديس به عجيب آهي، هتي جا ماڻهو سٻاجها پريت ڏين،
پريت وٺن، انهي ڪري پنهنجن ۽ پراون لٽيرن کين پئي
لٽيو آهي.
جانان! اسين هتي نه رهنداسين، اسين غريبن ۽ اٻوجهن جي وستي ۾
هلنداسين، جيڪي پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا آهن، ائين
ته سمجهه ته اتي ڪجهه به ڪونهي، جڏهن مينهن وسندا
آهن ت کيت ڦلهاربا آهن. پوءِ اسين چانڊوڪي رات ۾
کيت گهمڻ هلنداسين. جيڏانهن ڪيڏاهن چوڏس جهانگين
جي جهونگار هوندي. ”ڪائنات“ ”هوجمالو“ جي لاڏي تي
رقص ڪندي. تون ڪنهن بهاني ڪاوڙجي ٻني تي کاڏيءَ
هيٺان هٿ ڏئي ويهي رهندينءَ ۽ آئون چوري چوري اچي
توکي ڪن ۾ چوندس”جانان“ تون اٿي ڊڪڻ جي ڪوشش
ڪندينءَ ۽مان توکي ٻانهن کان ڇڪي پنهنجي سيني سان
لائي ڇڏيندس. پوءِ اسين هٿ هٿ ۾ ڏئي کيڙن ۽ سوڙهن
ٻنن تان ٿڙندا ٿاٻڙجندا موٽنداسين. ته وڄ وراڪا
ڏيندي، واڄٽ ڪندي ايندي، وڏ ڦڙو وسڻ لڳندو ۽ گجگوڙ
ٿيندو، وڄ سان گڏ ٺڪاءُ ٿيندو تون ڇرڪي مون کي
چنبڙي پوندينءَ ۽ مان زور سان توکي پنهنجي سيني
سان لڳائي ڇڏينديس.
ڇا اهو وقت ايندو؟ ها جانان، اهو وقت ضرور ايندو، ڇاڪاڻ ته اسان
جو پيار جي جيت تي ايمان آهي.
*-------*------*
غلام مصطفيٰ سولنگي،شڪارپور
شاديءَ جون دلچسپ رسمون
انساني نسل جي واڌ ويجهه لاءِ شادي کي شروع کان وٺي هڪ مکيه
دستور جي حيثيت حاصل رهي آهي. ۽ اهو دستور هر دور
۾ ڪن مخصوص رسمن ۽ رواجن هيٺ پورو ٿيندو پئي آيو
آهي. دنيا جي هر ملڪ، هر قبيلي ۽ هر معاشري ۾
شاديءَ جون ڪيتريون ئي دلچسپ ۽ عجيب و غريب رسمون
رائج آهن، هن مضمون ۾ ڪجهه اهڙين ئي ريتن رسمن جو
ذڪر ڪنداسين.
بلوچستان جي شهر ”گوادر“ ۾ شاديءَ جون اڪثر رسمون عام مسلمانن
جهڙيون آهن، باقي هڪ ڳالهه مختلف آهي، سا اها ته
خاندان چاهي کڻي ڪيترو آسودو يا غريب ڇو نه هجي،
پر گهوٽ کي هر حالت ۾ اٺ تي چڙهي ڪنوار جي گهر
پهچڻو پوندو. اُٺ جي اڳيان عورتون ڳائينديون
وڄائينديون هلنديون آهن جڏهن ته هڪ عورت اٺ جي
پويان گهوٽ کي هٿ سان پکو هڻندي ايندي آهي، پر ان
پکي جي هوا فقط اٺ جي ڄنگهن تائين مس پهچي سگهندي
آهي.
هندستان جي ڏورانهين جابلو علائقن ۾ اڃا ائين به اهو رواج عام
آهي ته ڪيترائي ڀائر گڏجي هڪ ”گڏيل زال“ پرڻبا
آهن، ٿيندو ائين آهي ته وڏو ڀاءُ شادي ڪندو آهي ۽
باقي سڀني ڀائرن جو پاڻ هرتو نڪاح پئجي ويندو
آهي. جنهن کي ڀائر نه هوندا آهن تنهن لاءِ شادي
ڪرڻ وڏو مسئلو هوندو آهي، هڙئي مڙس پنهنجي زال جا
وفادار دوست هوندا آهن ۽ ڪنهن به ڳالهه تي ساڙ يا
ويڙهه جهيڙو نه ڪندا آهن. کين جيڪو اولاد ٿيندو
آهي، تنهن کي هڪ جيترو ڀائيندا آهن.
فرانس ۾ اها رسم آهي ته گهوٽ شادي واري رات ڏينهن ڏٺي ٺهي
سنبري پنهنجي مٽن مائٽن ۽ سنگين ساٿين سوڌو ساهرن
جي گهر ايندو آهي، ۽ اچڻ سان ئي پنهنجي ڪنوار کي
ڏسندو آهي. ڪنواريتا پهرين هڪ جهور ڪراڙي کي وٽس
موڪليندا آهن پوءِ هڪ اڌڙوٽ عمر جي عورت کي، ان
کان پوءِ ڏهن ٻارنهن سالن جي ڪنهن ڇوڪري کي ۽
پڇاڙي ۾ وري هڪ کير پياڪ ٻارڙي کي آندو ويندو آهي.
پر گهوٽ انهن سڀني مان ڪنهن کي قبول نه ڪندو. آخر
ڪنوار پاڻ ئي کلندي مسڪرائيندي گهوٽ وٽ ايندي آهي
۽ پوءِ سڀ گڏجي گرجا گهر ويندا آهن جتي نڪاح کان
پوءِ گهوٽ ڪنوار کي پنهنجي گهر وٺي ويندو آهي.
لاطيني آمريڪا جي ملڪ پيراگوئي ۾ ”گوئياڪي“ نالي هڪ جهنگلي
قبيلو آباد آهي، ان قبيلي ۾ شادي جي رسم نهاديت
سادي نموني هوندي آهي. شادي واري ڏينهن گهوٽ جهنگ
۾ وڃي ڪجهه پکي شڪار ڪري اچي پنهنجي ساهرن کي
ڏيندو آهي. ان کان پوءِ ڪنوار جي نرڙ ۽ ڄنگهن
ٻانهن تي ڏنڀ ڏنا ويندا آهن ۽ هڪ جهنگلي ٻوٽي
”ڪمياٽا“ جي رس ڪڍي ڪنوار جي سڄي جسم تي هاري
ويندي آهي، اهي رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ گهوٽ کي
چيو ويندو آهي ته هو ڪنوار کي پنهنجي گهر وٺي وڃي.
هن قبيلي ۾ ڏاج ڏيوڻ جو ڪو به تصور ناهي.
يونان جي اتر ۽ اڳوڻي يوگوسلاويا جي ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ جابلو ملڪ
”البانيا“ آهي، جنهن جا ستر سيڪڙو رهاڪو مسلمان
آهن، اهي مسلمان اسلامي تعليم مطابق نڪاح ڪرائيندا
آهن، شادي کان هفتو کان اڳ گهوٽيتا اوڙي پاڙي جي
ڇوڪرين کي سڏي ڳيچ چورائيندا آهن اهو ڳائڻ وڄائڻ
جو پروگرام منجهند کان سانجهي تائين ٿيندو آهي. جو
وٽن رات جو ائين ڪرڻ جو رواج ناهي. جمعي کي ڀلارو
ڏينهن سمجهندي اڪثر مسلمان ان ڏينهن ئي شادي ڪندا
آهن. جمعي جي نماز پڙهڻ کان پوءِ نڪاح جي رسم ادا
ڪئي ويندي آهي. نڪاح پوڻ کان پوءِ گهوٽين ۽
ڪنوارين جا مرد ٻانهون ٻانهن ۾ وجه ڳچ دير تائين
نچندا رهندا آهن ۽ پوءِ ڪنوار کي گهوٽ جي گهر
موڪليو ويندو آهي. شادي کان پوءِ پورا ٽي ڏينهن
ڪنواريتن جي گهر ۾ سندس مٽ مائٽ ايندا رهندا آهن ۽
ساڻن ائين همدردي جو اظهار ڪندا آهن، ڄڻ ڪو فوت ٿي
ويو هجي.
جاپان ۾ شادي واري ڏينهن گهوٽيتا صبح جو سوير ئي ڪنواريتن جي
گهر پهچي ويندا آهن ۽ ڪنوار سڀني جي اڳيان بيهي
چوندي آهي”اڄ مان پنهنجو اباڻو گهر ڇڏي مڙس جي گهر
وسائڻ لاءِ وڃان پئي ۽ آئيندي مان پنهنجي مڙس کي
ئي پنهنجو مالڪ سمجهنديس.“ ان کان پوءِ هوءَ
پنهنجا ننڍپڻ وارا رانديڪا اچي سڀني جي اڳيان
ساڙيندي يا ڀڃندي آهي. شادي جي ڪجهه ٻين رسمن پوري
ڪرڻ کان پوءِ هو رڌڻي ۾ وڃي گانگٽن جو ٻوڙ رڌي
گهوٽ سوڌو سڀني کي کارائيندي آهي. ان کان پوءِ
ڪنوار کي گهوٽ جي ڀرسان ويهاري هڪ ٿلهو زنجير،
گلاب جو ٻوٽو ۽ هڪ ڪڇون رکيو ويندو آهي، سندس خيال
۾ زنجير طاقتور جي، گلاب خوبصورتي جي ۽ ڪڇون ڊگهي
ڄمار جي نشاني آهي.
آفريڪا جي هر ڳوٺ ۽ هر قبيلي ۾ شادي جون مختلف ريتون رسمون
آهن، جن جي سختي سان پابندي ڪئي ويندي آهي. اڪثر
قبيلن ۾ هڪ مرد پنهنجي حيثيت آهر ٽي، ٽي چار چار
زالون رکندو آهي، ڪن قبائلي سردارن جي گهر وارين
جو انگ سئو کان به پٽيل هوندو آهي. آفريڪا ۾ اڪثر
زالون پئسن جي بدلي ۾ملنديون آهن. ان ڪري جيڪو
جيترو آسودو وندو آهي. اهو اوتريون ئي شاديون ڪندو
آهي. آفريڪا ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جيڪي
سڄي ڄمار ڪنوارا رهندا آهن ۽ وٽن پئسا ڏوڪڙ نه
هوندا آهن.
ڪجهه آفريڪي قبيلن ۾ ڪي ماڻهو پنهنجن پٽن کي شادي ڪرائڻ لاءِ
ننڍڙيون ڇوڪريون خريد ڪري پنهنجي ئي گهر ۾ پاليندا
آهن جڏهن اهي وڏيون ٿينديون آهن ته کانئن شادي
بابت پڇيو ويندو آهي. جيڪڏهن اهي مناسب سمجهن ته
شادي ڪري ڇڏين نه ته ٻي صورت ۾ کين مائٽن ڏانهن
واپس موڪليو ويندو آهي.
آفريڪا ۾ ئي ”پونڊولينڊ“ نالي هڪ علائقو آهي، هن علائقي ۾
ڪنواريتا گهوٽين کان گهٽ ۾ گهٽ پندرنهن پالتو
جانور عيوضي طور وٺندا آهن. جيڪڏهن ڪو آسودو
هوندو آهي ته ان کان ان آڌر تي جانور ورتا ويندا
آهن. جيڪڏهن ڪو گهوٽ گهربل انگ ۾ جانور نه ڏئي
سگهندو هجي ته پوءِ اهو قسطن ۾ به ڏئي سگهي ٿو.
ڪڏهن ته اهي قسطون ورهين جا ورهيه هلنديون آهن.
ان وچ ۾ جيڪڏهن ڪا قسط رهجي وئي ته پوءِ ڇوڪريءَ
جو پيءُ کيس پنهنجي گهر رُسائي وٺي وڃڻ جو حق رکي
ٿو.
”نيوگني“ جي ڏکڻ اوڀر ۾ ”ڊوبو“ نالي هڪ ٻيٽ آهي، جتان جا ماڻهو
ڏاڍا محنتي ۽ سخت آهن، وٽن شادي جي شروعات مڱڻي
سان ٿيندي آهي، مڱڻي واري ڏينهن ڇوڪرو (ٿيندڙ
گهوٽ) اڪيلو ئي ساهرن جي گهر ايندو آهي. جتي کيس
ٿيندڙ زال سان گڏ ڪجهه دير لاءِ هيٺ تڏي تي
ويهاريو ويندو آهي، پوءِ سڀني ڳوٺ وارن کي ٻڌايو
ويندو آهي ته اهي مڙي سڙي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي
اڳيان بيهي اڌ ڪلاڪ کين تڪيندا رهندا آهن ۽ پوءِ
هڪ هڪ ٿي هليا ويندا آهن ان کان پوءِ ڇوڪري جي سس
ڪوڏر ۽ ڪهاڙي کڻي سندس اڳيان اڇلائي چوندي
آهي”وڃ! وڃي باغ لڳاءِ“ پوءِ هو پنهنجي سهري سوڌو
ڀاڄين ۽ سبزين جو باغ لڳائيندو اهي ۽ ان مان کيس
جيڪا ڪمائي ٿيندي آهي، سا پنهنجي گهر موڪليندو
آهي، اهو سلسلو ٻه سال هلندو رهندو آهي، ٻن سالن
کان پوءِ جڏهن مائٽن وٽ ڏاج ڏيوڻ لاءِ جهجها پئسا
ڪٺا ٿي ويندا آهن ته پوءِ اهي ڪنواريتن کي شاديءَ
جي تاريخ مقرر ڪري اطلاع ڪندا آهن. ڄڃ ۾ فقط گهوٽ
جا ڀائر، ڀينر،ماءُ، ماسيون ۽ ماميون شريڪ ٿي
سگهنديون آهن. گهوٽ جو پيءُ پٽ جي شادي تي هلي نه
سگهندو آهي. گڏوگڏ اهي مرد جيڪي شادي ۾ هلندا آهن
سي زالن سوڌو نه هلي سگهندا آهن اهڙي طرح شادي ۾
هلندڙ عورتن جا مڙس وري شادي ۾ شريڪ نه ٿي
سگهندا آهن. ان کان سواءِ ٻارن کي به شادي تي نه
وٺي ويندا آهن.
ڳوٺ ۾ پهچي گهوٽيتا ڏاج ڏيوڻ ڪنواريتن جي حوالي ڪندا آهن ان کان
پوءِ گهوٽ جون پوکيل ڀاڄيون پٽيون وينديون آهن اهي
سڀ کان پهرين گهوٽ ڪنوار کي کارائيندو آهي، ۽ پوءِ
ڄڃ کي کارايون وينديون آهن، اهو ئي سندن نڪاح آهي،
ان کان پوءِ گهوٽ ڪنوار کي وٺي هڪ سال پنهنجي گهر
۽ ٻيو سال ساهرن وٽ رهندا آهن، ٻه سال ائين گذارڻ
کان پوءِ هو هميشه لاءِ ڪنوار کي وٺي پنهنجي گهر ۾
رهائيندو آهي.
*-------*-----*
عبد مصطفوي
اڄ جو انسان ۽ سائنس
هن ترقي يافته دور ۾ جيڪي سائنس جون نيون انوکيون ايجادون پيون
ٿينُ تن کي ڏسندي ڏندين آڱريون اچيو وڃن، ۽ جيڪي
نوان انڪشاف پيا ٿين، سي اچرج ۾ وجهيو ڇڏين، چيو
وڃي ٿو ته اهو سڀ سائنس جو عروج آهي. پر جڏهن اسان
تصوير جو ٻيو رُخ ڏسنداسين ته اسان کي ترقي جي
طفيل انسانيت جو زوال به ڏسڻ ۾ ايندو. اهو دستور
آهي ته هن وسيع ڪائنات اندر جمادات، نباتات،
حيوانيات ۽ ٻي هر وٿ جا ٻه پاسا ٿين ٿا اهي ٻه
پاسا اسان کي اونده ۽ روشني، فائدو ۽ نقصان، نياءُ
۽ انياءُ، سڦل ۽اسڦل وغيره جي صورت وٺيو ڏسڻ ۾ اچن
ٿا ۽ اسين به جيڪر سائنس جا رخ ۽ پهلو انصاف سان
ڏسڻ چاهيون ته خبر پوندي ته سندس هر ڏسا، هر پاسو،
تباهي بربادي ۽ اونداهي جو پيچرو وٺيو وڃي. هروڀرو
ائين به ناهي ته اسان جي نظر ۾ سائنس فقط تباهي ۽
بربادي جو ڪارڻ آهي پر سائنس جي صدقي اسان ٻيا
ڪيترائي لاڀ حاصل ڪيا آهن پر جڏهن سائنس جي تباهي
اسان تي ڪڙڪي ٿي ته سمورا فائدا ۽ سهولتون خاڪ ۾
مليو وڃن.
سائنس جي ٿورن ۽ مهربانين سان اسان وٽ ماحولياتي گدلاڻ ۽
ماحولياتي مسئلا ڪر کنيو بيٺا آهن. اصل ۾ اڄ جو
ماحول اسان کي ڏنگي ۽ ڏنڀي رهيو آهي. اسان جڏهن
پنهنجي ماحول ۽ فضا ۾ ساهه کڻون ٿا ته ”اسان جي
ساهه جو ساهه“ ئي نڪريو وڃ. اسان قدرت جي سرهاڻ کي
واسي به نه ٿا سگهون. ڇاڪاڻ ته اسان جي ”سونگهڻ جي
حس بي حس“ ٿي پئي آهي. اسان ”نڪ هوندي به بي نڪا“
آهيون، ڇو ته ڪا گلاب جي، ڪا کٿوري جي، ڪا خلوص
جي، ڪا سچ جي سڳنڌ اسان سونگهي به نه ٿا سگهون.
حقيقت ۾ انسان پنهنجي پاڻ تي اهو وڏو ظلم ڪيو آهي، جو هن پاڻ
خوبصورت ماحول کي پنهنجن هٿن سان تباهه ڪيو آهي،
ماحول جي خوبصورتي ٻيلا ۽ جهنگ آهن، پر انسان
پنهنجو پاڻ کي ”جهنگلي يا جهنگ جي اوٽ ۾ رهندڙ“
سڏائڻ کان ڪيٻائي سمورا وڻ وڍي ڇڏيا، اصل ۾ اهو
قتلام ڪري هن خود ثابت ڪيو ته هو جهنگلي آهي، ٻيلا
ڪيترائي فائدا پهچائين ٿا. طوفان ۽ هوائن کي روڪين
ٿا، ٻوڏ ۽ سيلاب کان بچائين ٿا. پر ڏسجي کڻي ته
اسان وٽ لڪ لڳندڙ هوائون پيون هلن، طوفان ۽ واچوڙا
پيا اٿن فضا ۾ ڌوڙ پئي اڏامي، چئوطرف لڪ جا رنگ
وکريا پيا آهن. بهارن جي رُت، رَت پئي روئي، ٻوڏ ۽
سيلاب آبادين کي لوڙهي ڇڏيو آهي. انهي حالت ۾
سمورو ذميوار ۽ ڏوهي انسان کي چئي سگهجي ٿو. جنهن
اها ويراني آندي آهي.
ٻين سببن سان گڏ گدلي ماحول جو هڪ سبب دونهون ۽ بدبودار فضا به
آهي، انسان هونئن به چئوطرف باهه جا مچ ٻاري ڏنا
آهن. پر پنهنجي دل ۾ به ساڙ، حسد، بغض ۽ ڪيني جا
پڻ مچ ٻاري ڇڏيا آهن. جن جي دونهي معاشري ۾ نفرت،
حقارت ۽ دشمني جا اوگڻ پيدا ڪري ڇڏيا آهن. گاڏين،
ليبارٽرين ۽ ڪارخانن مان نڪرندڙ دونهي، بمن ۽
بارودن جي ٺڪائن ۽ شور و غل انسان کي بيمارين ۾
گهيري ڇڏيو آهي. ايٽمي ڌماڪن ماحول کي موت ڏئي
ڇڏيو آهي. انهن سببن جي ڪري اوزون جو تهه ختم
ٿيندو پيو وڃي. انهن جي حالتن کي ڏسندي چئي سگهجي
ٿو ته زندگي جا آثار ڄڻ مٽجڻ تي اچي بيٺا آهن.
انسان پاڻ ته سائنس جو دڳ جهلي پاڻ لاءِ تباهي آندي آهي پر اسان
جي ماحول ۾ ٻين جاندارن سان پڻ هاڃا ڪيا آهن. اسان
وٽان ڏينهون ڏينهن جانور ۽ پکي ناياب ۽ اڻ لڀ
ٿيندا پيا وڃن. آلودگي ۽ گدلاڻ سبب سمنڊ ۽ درياهن
جو پاڻي ”آب موت“ بنجي چڪو آهي. نه صرف اسان لاءِ
پر پاڻي ۾ رهندڙ ٻين جاندارن لاءِ پڻ.
اڄ جتي اسان هن دور کي ترقي يافته ۽ مهذب دور سڏيون ٿا اتي هي
نفسا نفسي ۽ ڇڪتاڻ جو به دور آهي. روز روز جا
فساد، ۽ جهيڙا انساني جان لاءِ موتمار کيل بڻجي
چڪا آهن. انسان پنهنجي وير وٺڻ ۽ بچاءَ خاطر
ڪيترائي هٿيار ٺاهيا، اڄ جي سائنس به ڌماڪا خيز ۽
موتمار هٿيار ٺاهي تباهي ۽ بربادي جو سامان پيدا
ڪري ڇڏيو آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جنگ ۽ جبر جي
بازار گرم ٿي چڪي آهي.
شهرن جا شهر، ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ٿي چڪا آهن، جاپان جي ٻن شهرن
هيرو شيما ۽ ناگاساڪي تي جيڪا سائنس جي پوڄارين
ايٽم بم جي ورکا ڪئي، تنهن لکين انساني جانين جو
خاتمو آڻي ڇڏيو، جاپان جي انهي زمين تي اڄ به گل
نه ٿا ڦٽن، سلامت ٻار نه ٿا ڄمن، سائنس پنهنجا اهي
ڪمال ڏيکاري سيڪنڊ اندر هڪ تخليق هٿان ٻي تخليق جو
خاتمو آڻي ٿي.
سائنس جتي اسان کي سک سهنج اپريا آهن، اتي سندس پيدا ڪيل مسئلن
سان بک، بيماري ۽ بيروزگاري وڌندي پئي وڃي،
ڏينهون ڏينهن اناج ۾ ڪمي پئي پيدا ٿئي. جڳ جن
گهرجون پوريون به نه پيون پون. روز روز نيون زرعي
جنسون ڳولي نوان نوان ڪيميائي ڀاڻ ٺاهي سائنسدانن
زمينن کي پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. اڳين زماني جا وڏڙا
ڳالهه ڪن ٿا ته وات کليو وڃي. دل ٿي چوي ته ڇڏي هي
زمانو ڇڏي هي سائنس جون ترقيون اڳ واري زماني ۾
هلجي. ڇا ته پوک ٿيندي هئي، انبار لڳي ويندا هئا،
جڳ جي ڍاپڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هو. ڇا ته فصلن ۽ پوکن
۾ مزو هو. ڀلارن ڀٽارن جي مدد سان کيڙيل زمين ۽
ڳاهيل پوک ۾ ڪيڏو ميٺاج ۽ برڪت هوندي هئي. وري
زمين به طاقت ور ۽ سَٻر جو زمين ۾ ديسي ڀاڻ پوندو
هو. هاڻ ته ٻنين ۾ ڪيميائي ڀاڻ وجهي فصلن تي
ڪيميائي دوائون ڇٽڪاري پوک جي برڪت، پيدوار،
ميٺاج، سواد ختم ڪري ڇڏيو اٿن. ڇا به ٿو کائي
انسان، بس پيٽ ڦوڪيو وتي، هيڪاري بناسپتي گيهه
لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. فارمي بيضا کائي انساني خود
فارمي ٿي چڪو آهي. وري مسئلا ته بيمارين اٿاريا
آهن. شگر، بلڊ پريشر، ڪينسر ۽ دل جي بيمارين
انسان کي صحت کان آجو ڪري ڇڏيو آهي. وري مٿان
ايڊز جي بيماري اچي ڪڙڪي آهي، بس قيامت ويجهي آهي
هاڻي رب خير ڪري! روز نين بيمارين جا انڪشاف ٻڌيو
ويتر بيمار ٿيو پئون.
اها ڳالهه اسان جي ڪنن تائين پهتي آهي ته دنيا اڳ وسيع هئي، پر
هاڻي سوڙهي ٿي چڪي آهي. مواصلاتي ايجادون ۽ نقل و
حمل ذريعي دنيا بلڪل هڪ ننڍو ڳوٺ بنجي چڪي آهي.
سالن جا سفر ڪلاڪن ۾ ڪري سگهجن ٿا. ڪلاڪن جا ڪم
منٽن ۾ نبيري سگهجن ٿا. دنيا اندر ٿيندڙ واقعن ۽
حادثن جي خبر گهر ويٺي پئجي سگهي ٿي.
همراهه ڪٿي به هجي، پنهنجي دوست يار سان ٽيليفون تي ڳالهائي
سگهي ٿو. اهي ته آهن فائدا جي اسان پنهنجي جهول ۾
جهليا آهن پر اسان موٽر ڪارن، ريل گاڏين ۽ هوائي
جهازن جي سهاري پنڌ هلڻ يا پيادو هلڻ وساري ڇڏيو
آهي. همراه اڃا ٻه وکون مس کڻي ته ساهه ئي منجهيو
وڃي. ۽ ساهه کڻڻ جي وقفي ۾ اڌ اڌ ڪلاڪ وٿي پئجيو
وڃي.
سڀ چون پيا اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا معلومات جو هڪ
تڪڙو وسيلو آهي پر اهو ڏسجي ته اهڙي نقل و حمل جي
ڪري اڄ اسان جي ثقافت، تهذيب ختم ٿيندي پئي وڃي.
ٽي وي، ڊش اينٽينا، وي سي آر اسان جي اسلامي تهذيب
تي گهڻي اثر انداز ٿي آهي. مغربي تهذيب اسان جي
عوام کي جدت ۽ نئين دور جي تقاضائن جي سري هيٺ
پنهنجي رنگ ۾ رنگي رهي آهي. ان سان گڏوگڏ اسان جا
سماجي ۽ اخلاقي اقدار ناپيد ٿيندا پيا وڃن، هر وک
تي هوٽل، هر هوٽل تي وي سي آر ۽ ڊش اينٽينا هر وي
سي آر ۽ ڊش تي ڪريل اخلاق جو مظاهرو ۽ هر ڪريل
اخلاق سان اسان جو زوال آهي. نه صرف اهو سامان
موجوده نسل لا مخصوص اڏن تي ميسر آهي پر هاڻي هر
گهر کي مغربي تهذيب سان آرسته ڪيو پيو وڃي. مغربي
تهذيب اپنائڻ سان نه اسان ترقي يافته ۽ تهذيب
يافته بڻجي سگهون ٿا ۽ نه روشن خيال.
خيال ڪيو وڃي ته هن دور ۾ انساني شعور وڌي چڪو آهي نت نين
ايجادن ۽ انوکن انڪشافن کي ڏسندي سڀ ڪو انسان جي
عقل کي داد پيو ڏي، انسان پنهنجي سهولت لاءِ
ڪيتريون ئي ايجادون منظر عام تي آنديون آهن. هاڻ
انسان کي گهڻو ڪم نه ٿو ڪرڻو پوي. سڀ مشينون ۽
ڪلون سندس خدمت لاءِ حاضر آهن. سچ چئجي ته انسان
ڪم جو ٽوٽي ٿي چڪو آهي. سهل پسند ٿي چڪو آهي.
حالتن کي ڏسندي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪجهه
وقت کان پوءِ انسان جوڙ ۽ ڪٽ جا حساب نه ڪري
سگهندو. پنهنجي ذهن مطابق انهن کي حل نه ڪري
سگهندو ٻه ۽ ٻه گهڻا ٿيا؟ ڪجهه نه ايندس.
*-------*-----*
الحاج ولي محمد طاهرزادو مارويون
قرآن شريف جي شاهدي
اي ماڙهو، بيشڪ اسان توهان کي خلقيو مردن ۽ زالن مان (سورت
الحجرت)
۽ اوهان کي خليقو سون جوڙا (نر ماديون=
مڙس زالون=
مرد عورتون) (سورت النبا)
مٿين آيتن جي لفظن جي معني تي غور ڪرڻ سان معلووم ٿو ٿئي:
مرد ۽ عورت ٻنهي ۾ برابري آهي، هڪٻئي تي برتري ڪانهي. زالون
مڙسن جون ٻانهن ٻيلي آهن، ٻنهي جي ٻار ڄڻڻ ۽ پيدا
ڪرڻ ۾ پسندي هڪ جهڙي آهي.
جنم: عدم مان آئي، نياڻي ناڀ مان ننگي، دنيا ۾ داخل ٿي ته مائٽن
جا منهن مرجهائي ملول ۽ ڪرم ڪومائجي وڃن ٿا، ڄڻ ته
ڦوڪڻ (پيئڻ بلا) نڪ نوسي وات ۾ زهر وجهي ويئي اٿن
(ٿري ۽ مارواڙي محاورو) سڀئي سناٽي “ ڇو ته ڌيءَ
ڌارين جو ويڙهو وسائيندي، ڌيءَ دشمن جي پيٽان به
نه پيدا ٿئي، ڌيءَ اڀاڳ آهي، نڀاڳ آهي نحوست آهي)
ان جي امي اهڙي ته اداس، وياڪل ۽ غمگين ٿيندي آهي، گويا هن
نياڻي ڄڻي نالائقي ڪئي آهي ۽ ڌڻ ڌيئن ڄڻيندڙ ماءُ
تي ته مهڻن جي مصبيت ڪڙڪي پوندي آهي.
نياڻي جو نپجڻ:
نڪ جي ڇونٽي ٽولي ٽونگ ڪري نالو ناٿي ۽ نڪ جي بيني ۾ ٽونگ ڪري
نالو بولي رکندس، هر هڪ ڪن ۾ پنج پنج سوراخ ڪري
انهن ۾ ڪارن ڌاڳن جون وٽون وجهي ڇڏيندس، متان ٽونگ
پورجي وڃن. مڃتا مڃي چونديون ته اڀاڳ کي اوڏو نه
آڻجانءِ تو پوئتان پٽ پيدا ٿيندو، ته توکي روپيون
واليون وجهنداسين.
ڌُريان ئي ڌيءَ تي سڪيلڌي پٽ جي اچڻ واسطي سُڳڻ سوڻ ڪيا ٿا وڃن،
ڇوڪريءَ جي ڇٺي ڇهين رات نالي ماتر ڪئي وڃي
ٿي(سالگره ته سنڀريندي ئي ڪانه) نه پڙهائي ويندي
نه پرڻائي ويندي، پر ننڍي لاڪر ڪنهن پنهنجي جي
نالي ڪئي ويندي، ساماڻي، جي ان نه ماڻي، ته
گهتيائين گهاڻي ته وتندي ويڳاڻي.
سر جي ته سور، ساماڻي ته سک ويا،
اهي ٻئي پور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا،
خانداني خيانت:
اهڙا به عقل جا انڌا باري تعالي سان برميچڻ وارا ڌرتي مٿان
دٻدٻو رکيو ويٺا آهن، جن کي عورتن جو اندر راجا
چئجي ته اهم ڪونهي، ڪي خوني خاندان، حامل عورت جي
ويم جو وقت ويجهڙو ڏسن ته دائي کي دٻائي ڇڏين ۽
حڪم ڪن نياڻي نڱڻ سان نڙي تي ننهن ڏئي نگهو سار
ڪج جيئن ٻڙڪ ٻاهر نه نڪريس.
خوني خاندان وارا پاڻ پڏائي چوندا وتندا: اسان جي نسل ۾ نياڻي
پيدا ئي ڪانه ٿئي. اهو قادر جو اسان تي ڪرم آهي،
ڪم عقل آدمي انهن جي ٻٽاڪ جي ٻول تي قابل تعريف
ڪرامت ڄاڻي منجهن ثابت صدق رکندا اچن.
مايا جا مڄو، دولابي دوکيباز
ڌيءَ ڄائي وڌي وڏي ٿي ته مئل ماءُ پيءُ جي زر زمين ۽مال ملڪيت
جيڪا ستروڪ ٿي، تنهن ۾ ڀائرن سان ڀاڱي ڀائيوار ٿي
پوندي آهي. ترڪي جي تاڪائو ڀائرن کي اهو ڪک ۾ ڪان
لڳو رهندو آهي ته ڪيئن به ڪري ڀيڻ جو ڀاڱو ڦٻايون،
هن جو حصو حاصل ڪري هضم ڪريون. ان کان اڳي جو ڪو
وارث ورغلائي وڃيس پاڻ ۾ پهندا رٿون رٿيندا، سٽون
سٽيندا ته ڇا ڪجي، وڏو ڀيڻ جو پرڻي لاءِ ڏانائي
ڏنين ته ان کي پرڻي کان پلڻ ڪاڻ، آپي کان ٻاهر
نڪري ويندا. حرفت سان هيٺين واٽ وٺي ڀيڻ کي
ڀنڀلائڻ لڳندا.
تون اسان جي امان، ابي ڄائي، ادي! تو ڇو اسان کي پنهنجو گهڻگهرو
۽ خير خواهه نه ٿي سمجهين، اڙي چري! اسين تنهنجيءَ
جهوريءَ ۾ جهڄهي رهيا آهيون، رات ڏينهن نيڻن ۾ نڊ
ڪانهي، توکي ته ساري سڌ آهي. پنهنجي نک نسل جي
ڪيڏي نه ناموس آهي؟ اسين چاهيون ته پنهنجي بختاور
ڀيڻ کي سگهو شينهن ڪلهي چاڙهيون، سکيو سمانو
ڪريون. پر هڪڙي مسئلي مٺو اٿئون. پنهنجي ڪڙم ڪٽنب
۾ ڪو تاڃي پيٽي پٽ، تنهنجي لائن لائق ڪونهي، ڪو
سولو سڻائو سٺو ٿيو ته پنهنجي پياري ڀيڻ کي ڪنهن
خوشحال خاندان ۾ لاڏ ڪوڏ سان نکيڙائينداسون، خدائي
فرض لاهينداسون، اهڙا ماڻهو جن ۾ مانائتي ٿين ۽
تنهنجو به منهن مرڪي، ويساهه وسوڙيل ڀيڻ، ڀائرن،
جي ڪوڙن قولن ۽ ٻولن کي ٻجهي نه سگهندي، مرڪي ڪنڌ
ڌوڻ ڪندي، جنهن جو مطلب ٿيدو جيڪا توهان جي مرضي،
آءُ انهي تي راضي.
پوءِ حرفت سان سندن ڪو حرڪتي هراڙو ٻار، هنج ۾ ڏئي چوندس ته هن
سان هيڄ رک، هيءُ تنهنجي تعظيم ڪندو، توکي دل و
جان سان جيجي امان ڪري ڪوٺيندو تنهنجي جياپي جون
هڙئي جکون لاهي ڇڏيندو، سدائين تنهنجي سار سنڀال
پيو لهندو.
کانئس ورثي ترڪي جي ونڊ ورهاست جي لکپڙهه جي اسٽئمپ تي آڱوٺو
هڻائي هليا ويندا.
سمي پائي، ڪنهن قضاني، ڪپڙن جي قلت سببان ڀيڻ کي پئسن جو کپ
پيو، گهريائين ته ڇڙٻ ڏئي چنڊي ڇڏيندس، ڇنڀيندس ته
اڻهي اٻهرو هٿ ٽنگيو بيٺي آهين. اسان پات پئسن ڪاڻ
حيران آهيون، پئسا ڪي پوکيا پيا آهن ڇا توکي ڇا ٿو
کپي، کير کٽا کايو خوش ٿيو ويٺي هج،. ڀائرن جي بد
اخلاقي ۽ بدنيتي جو اوڏي مهل پرو پوندس، قلب ڪڙهي
ڪارو ٿي ويندس، ماٺ به ماءُ مٺي به ماٺ!، نوڪلي
نصيب تي هٿ هڻڻ لڳندي. ڀلڪرو منهن ڪري ويهي رهندي.
مهر يا ڪابين
هي الله سائين جي عطا ۽ عنايت آهي.
عورت تن تنها مهر جي مالڪياڻي آهي، چاهي جنهن کي وڻيس تنهن کي
ڏي، خرچي خيرات ڪري يا بخشي ڇڏي.
ڪي چست چالاڪ مڙس چترائي سان پنهنجي زال کي پر ڀائي پيار جي پڪ
ڏياري قرب جون ڪهاڻيون ٻڌائي ٻڌي ڇڏيندا آهن. انهي
وچ ۾ منٿن سان مهر به معاف ڪرائي وٺندا آهن. انهي
جو اوساڻ اڻهي سندس اولاد تي ٿيندو آهي.
نه رڳو ايترو پر زال کان مائٽن مان مليل ڏيپ، ڏاج ۽ جهيز پاڻ
ڏٽا ڏئي وٺيو وڪڻيو کايو کپايو ڇڏين. ها عورت انهي
کيڏ ڏي خيال ڪانه آڻي بلڪه اعتراض به ڪانه
ڪري،ڀورڙي بخشيو ڇڏي، پر جي پڇبس ته پڇتاءُ ڪانه
ڪندي او سراڻ ساڻ آکيندي:
الا، ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سان مون پرين ڀورائي ۾ ڀال ڪيا.
عدت:
شريعت جي سفارش سان مڙس مئل رن زال (بيوه) کي چار مهينا ۽ ڏهه
ڏينهن عدت ۾ ويهي گهارڻا آهن.
هڪ جوءِ جو مفلس مڙس مري ويو، عورت عدت ۾ ته ويٺي، پر ڪنگال جي
گهر کي ڪنهن ”ڪني“ به ڪانه ڏني. نه ڪنهن انهي عرصي
اندر کارائڻ جي کيپ کنئي. دلي ۾ داڻا، ڪشتي ۾ ڪڻا
کائي کٽايائين. ٻٽي ڏينهن ونڊن تي ويلا ڪٽائين،
پاڙي وارن کي پورو پتو هو ته سکڻا سور پئي چري.
بک بڇڙي بلا آهي. کاڌي کوهه به کٽيو وڃن. تڏان وٽس جيڪو ڇتو
ڇوڏو هو، سو وڪڻي لنگهڻ پئي لاٿائين جيئن لوڪ لکا
نه پوي، پر سائين ڏهاڳ جي ڏينهن ۾ گهڻو ٿو گهرجي.
آخر عدت پورو ڪرڻ بجاءِ چاليهه ڏينهن ورچي ويهي مئل مڙس جو عدت
نه پر ادب ڪري اٿي کڙي ٿي.
ڏکيو جان مڙن تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
ٻيون هينهين هٿ هڻن، پٽنديون پٽڻ واريون.
سوگ يا سوءِ لاهڻ وار ڏينهن تي راڄ واريون اچي مڙيون، اوراڄو،
سياڪو ڪيائون، ڳري لڳي ڳوڙها ڳاڙيائون. چواڻي ”پر
پرائو سور سڀڪا سندا روئي، هڙني پار ڪڍي پنهنجن
پيارن کي ٿي الاپيو، اوساريو، پر جيڪا واويلا ويڌن
اندوهه انڌوڪار، عدت واري سان هئي، سا اور هئي،
ٻڪر اريون ٻاڪارون، پري پري تائين پڙلاءِ، عڙس
رساڻيون آهون ۽ اوڇنگارون، مگر ڪنهن جو هن رت ڀريل
وات واري ڏانهن وڌوڻ ڌيان ڪونه هو.
سچ ته جي مفلس ٿي مري ته ڪانڌي هليس ڪونه ڪو
هن سان ئي اهڙي ڪار ٿي گذري، هوند وارين چيو ٿي:
هنجون هار راڄ رئاڙي هُتي جي هٺ!
غريبي ۾ گهارڻ گناهه
او غريبي شل عار ۾ غرق ٿين.
اٻلا اٻوجهه اشراف عورت جنهن جا پلو پالڻها، پورهيو ڪري پيٽ پئي
پاري، تنهن تي ڪنهن ڪميطي بدي جو بهتان جو گناهه
رکيو، وطي جي وائنٺ ڏٺي، ان کي جن نه ڪن، نه سرت
نه سماءُ، ويچاري بدي کان بي خبر، تنهن کي ”جهان
خان“ ٻيوڙائتي وڏيري يا پسوري پڌري پٽيل جوڻت کنيل
جاسوس هٿان جانچ ڪرائي ”ڪاري“ ڪوٺي بهادري سان بچ
ڪرائي ڪهاڻن جو قول ڪيو.
پر متڙئي مرڍڙس، انماني عورت کي ماري ماري مرڻينگ ڪري عدوولي
عدم آباد اماڻيو.
متوالي، مد، تيسي ۾ تپي اشراف عورت کي ٽي طلاقون ڏئي ٽپڙ ٽاڙي
ڦري تڙي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
اهڙي طرح لبقالائو لعنتين لوئا لائي، ڪوڙن بدوڙن سان ڪيترن ئي
ڪمزور ناريون بي ڪفنيون بنا داد فرياد جي مُسي ڪسي
قيمون ٿي ويون.
سورن سانڍياس پورن پالي آهيان،
سکن جي سيد چئي. پُکي آءُ نه پياس،
جيڪر هوند هياس، گري گوندر ول جي
ڪم ظرف! ڪوهه نه ٿو قائل ٿين؟
هي ڪائنات ڪامڻين جي قرباني تي قائم آهي. حوا بيبي جي حياتي
حڪمت سان ڀريل هئي جنهن جهان کي جنم ڏنو.
*-------*------* |