ايڊيٽوريل
جيلن ۾ قيد عورتن جي سهائتا لاءِ فنڊ جي قيام جو بل پاس
جيلن ۾ قيد ۽ ظلم جو شڪار ٿيل عورتن جي سهائتا لاءِ فنڊ جي قيام
جو بل پاس ڪيوويو. قانون جي مملڪتي وير جناب رضا
رباني بل پيش ڪندي ٻڌايو ته بل جو مقصد قيد ٿيل ۽
ڏاڍاين جو شڪار ٿيل عورتن جي قانوني ۽ مالي سهائتا
ڪرڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجن ڪيسن جي پيروي ڪري
سگهن ۽ کين انصاف پلئه پئجي سگهي. وزير موصوف
ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ قيد ٿيل عورتن کي قانوني ۽
مالي مدد ڏيڻ لاءِ 250 ملين رپيا مخصوص ڪيا ويا
آهن.
ان بل پاس ٿيڻ تي، خوشي جو اظهار ڪندي، سينيٽر صاحبان کي
مبارڪباد پيش ڪريون ٿا جن هن اهم بل پاس ڪرڻ ۾
دلچسپي ورتي. جو عورتن کي برابري واري حق ڏيڻ جي
سلسلي ۾ هڪ قدم کنيو اٿس.
سرتيون جي باري ۾
ماهوار آگسٽ 1996ع جو شمارو ”سرتيون“ اوهان جي هٿن ۾ آهي، اميد
ته اوهان کي پسند ايندو” سرتيون“ جون--جولاءِ واري
گڏيل شماري لاءِ اسان کي اوهان طرفان ڀرپور موٽ
ملي آهي. جن تعريفي خط لکيا انهن جي به مهرباني،
ته جن تنقيدي خط لکيا انهن جا به احسان بهرحال
اسين اوهان جا نهايت شڪرگذار آهيون.
سڀني پڙهندڙن پرچي جو ليٽ سان شايع ٿيڻ واري ڪوتاهي ڏانهن ڌيان
ڇڪرايو آهي، جنهن لاءِ اسان گذريل پرچي ۾ گذارش
ڪئي هئي ته ڪن ٽيڪنيڪل خرابين سبب اها صورتحال در
پيش آئي آهي. بهرحال اسين وري به اوهان جا ٿورائتا
آهيون.
گلبدن جاويد
*--------*-------*
ڊاڪٽر خديجه خانم دائود پوٽو
لائبرريون چوويهه
ڪلاڪ کليل، مسجدن کي تالا!
تاريخ 17 مئي 1996ع تي سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه سنڌ
جي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران قائم ڪيل شمس
العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو سنڌ
پراونشل لئبريري جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي شمس
العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي اهليه
محترمه خديجه خانم جيڪا پاڻ خود اسڪالر، اديبه ۽
رسالي ”اديون“ جي باني آهي، تنهن ڊاڪٽر صاحب بابت
تمام خوبصورت ڳالهيون ٻڌايون جيڪي پڙهندڙن جي ڄاڻ
۽ دلچسپيءَ لاءِ پيش ڪجن ٿيون.
ايڊيٽر
محترمه ڊاڪٽر خديجه خانم دائود پوٽو تقرير ڪندي چيو ته لئبرري
جنهن حساب سان ٿيڻ کپندي هئي، تنهن لئبرري جو وجود
اڄ قائم ٿيو آهي. ڊاڪٽر پنهنجي اسٽيٽ اسڪالر شپ
مان ڪتاب وٺي هن لئبرريءَ ۾ رکيا. ڪڏهن به دوري تي
ٻاهر ويندو هو ته نوڪر کي لئبريري جي چاٻي ڏئي
چوندو هو ته ڪير به مطالعو ڪرڻ چاهي ته ان کي
لئبرري کولي ڏجان. هن چيو ته ڊاڪٽر هن لئبرري کي
عوامي لئبرري بنائڻ جي جاکوڙ ڪئي هئي. پر کيس اها
خبر نه هئي ته سندس زندگي مختصر ٿيندي. وڌيڪ
چيائين ته هن وقت سنڌ ۾ صرف تيرنهن لئبرريون آهن
جيڪي نه هئڻ جي برابر آهن. منهنجي خيال ۾ تيرهن ته
ڇا، تيرنهن سئو لئبرريون مطالعي لاءِ گهٽ آهن. ان
ڪري حڪومت سنڌ، ثقافت کاتي جي عملدارن کي گذارش
آهي ته سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾
لئبرريون قائم ڪن.
تعليم حاصل ڪرڻ بابت چيائين ته اسان جا استاد پنهنجن شاگردن ۾
مطالعي جو شوق پيدا ڪري نه سگهيا آهن. پاڻ شاگردن
کي پيغام ڏيندي چيائين ته اوهان پاڻ ۾ پڙهڻ
(مطالعي ڪرڻ) جي عادت وجهو، مطالعو وڏي سگهه آهي،
وڏو حوصلو آهي، مطالعي ڪرڻ سان ئي اوهان ڪاميابي
ماڻي سگهو ٿا. جيترو ٿي سگهي ته لئبرري مان فائدو
حاصل ڪريو.
ٻاهرين ملڪن ۾ لئبررين جي اهميت بابت چيائين ته اتي چوويهه ڪلاڪ
لئبرريون کليل رهن ٿيون پر اسان جي ملڪ ۾ ته مسجدن
کي به تالا لڳايا وڃن ٿا.
محترمه تمام عالمانه تقرير ڪئي سندس آخري جملي ته اصل ذهن کي
جهنجهوڙي ڇڏيو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ افراتفريءَ واري
حالت اکين اڳيان اڀري آئي. ڇا،اسان وٽ ايترو امن
آهي جو لئبرريون رات ڏينهن کليل هجن ۽ شاگرد مطالع
ڪندا رهن. اسان جن شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڏينهن ڏٺي
جو ماڻهو قتل، ۽ اغوا پيا ٿين، چوريون پيون ٿين،
ڌاڙا پيا لڳن، پوءَ جتي اهڙي صورتحال هجي، اتي رات
جو ٻاهر نڪرڻ معنيٰ زندگيءَ تان هٿ کڻڻ برابر اهي،
اسان جا ماڻهو مسجدن کي امن و امان جي جاءِ سمجهي،
ڏکيءَ ويل پناهه وٺندا هئا. پر جڏهن خدا جي گهرن
يعني مسجدن تي حملا ڪري، ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ته
پوءِ اتي به تالا لڳائڻ لازمي ٿي پيو. منهنجي هنن
سٽن لکڻ جو مطلب اهو ناهي ته ڪو اسان کي حالتن کان
مايوس ٿي هٿ هٿ تي رکي ويهڻ گهرجي، پر شينهن
جيڏو جگر ڌاري، حالتن سان منهن مقابل ٿي، اهڙو
ماحول پيدا ڪجي جو چوطرف ساوڪ ئي ساوڪ نظر اچي،
جيئن اسان جو شاگرد خاص ڪري جوان طبقو اهو ڏوهه نه
ڏئي ته اوهان اسان کي ماحول فراهم نه ڪيو. ڇو ته
اسان جو
Younger group
تمام ذهين لائق ۽ پراعتماد آهي پر اهو حالتن جي
ور چڙهيل آهي.
(ايڊيٽر)
*---------*--------*
امام غزالي/ دين محمد اديب
حسد
حسد يا ساڙ جي هيءَ معنيٰ آهي، ته ڪنهن ماڻهوءَ کي خوشحالي يا
عيش ۽ آرام ۾ ڏسي، سڙي ۽ ان کان انهي نعمت جي سکجي
وڃڻ کي پسند ڪري. حسد ڪرڻ حرام آهي، جيئن ته حق
تعاليٰ فرمائي ٿو”منهنجي بندي تي نعمت ڏسي حسد
ڪندڙ ڄڻ ته انهيءَ تقسم کان ناراض آهن، جا مون
پنهنجي ٻانهن تي فرمائي آهي.“
*
حضرت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي
ته:” حسد نيڪين کي اهڙي طرح ساڙي ٿو، جيئن باهه
سڪين ڪاٺين کي ساڙي وئي.“ مگر اهڙي شخص تي حسد ڪرڻ
جائز آهي، جيڪو الله تعاليٰ جي ڏنل نعمت کي ظلم
يا گناهه ۾ خرچ ڪري ٿو. مثلاً ڪو مالدار شراب
خوري ۽ زناڪاريءَ ۾ مال اڏائيندو رهي ٿو ته ان ڪري
اهڙي شخص کان مال کسجي وڃڻ جي سڌ ڪرڻ گناهه نه
آهي. ڇو ته هيءَ در حقيقت مال جي نعمت جي کسجي وڃڻ
جي سڌ نه آهي. بلڪه ان جي بي حيائي ۽ گناهه جي بند
ڪرڻ جي خواهش آهي. ان جي نشاني هي آهي ته: مثلاً
جي اهو شخص گناهه ڇڏي ڏئي ته هاڻي حسد ڪندڙ کي هن
جي نعمت کسجي وڃڻ جي خواهش به نه رهي .
ياد رکو ته عام طرح حسد جو سبب يا ته هٺ ۽ غرور ٿئي ٿو يا دشمني
۽ نفس جي خرابي. جو بنا سبب خدا تعاليٰ جي نعمت ۾
ڪنجوسائي ڪري ٿو ۽ گهري ٿو ته جهڙي طرح مان ڪنهن
کي ڪجهه نه ٿو ڏيان تهڙي طرح الله تعاليٰ به ٻئي
کي ڪجهه به نه ڏئي. باقي ٻئي کي نعمت وار ڏسي. ان
تي ريس ڪرڻ ۽ هي خواهش ڪرڻ ته مون وٽ به اها نعمت
رهي ۽ مون کي به اهڙي نعمت حاصل ٿئي. ته ان کي
چئبو آهي غبطه، غبطه شريعت ۾ جائز آهي. ڇو ته غبطه
۾ ڪنهن جي نعمت جي برباد ٿيڻ جي مراد نه هوندي
آهي. بلڪه پاڻ لاءِ اهڙي نعمت جي حاصل ٿيڻ جي
تمنا ٿئي ٿي ۽ هن ۾ ڪابه حرڪت ناهي.
فصل: حسد، دل جي بيماري آهي، ان جو هڪڙو علاج علمي آهي، ۽ ٻيو
عملي، علمي علاج هي آهي ته، حسد ڪندڙ کي ڄاڻڻ
گهرجي ته سندس حسد کيس ئي نقصان پهچائي رهيو آهي.
۽ جنهن تي حسد ڪري ان جو ڪجهه به نقصان ڪونه ٿو
ٿئي. بلڪه ان جو ته پاڻ فائدو آهي. جو حسد ڪندڙ
جون نيڪيون مفت ۾ هن کي ملي رهيون آهن. ۽ حسد ڪندڙ
جي ڪري حاسد جو دين جو به نقصان آهي ۽ دنيا جو به.
دين جو نقصان: هي آهي ته ان جا ڪيل چڱا ڪم برباد ٿين ٿا ،
نيڪيون سڙي وڃن ٿيون ۽ حق تعاليٰ جي غصي جو نشان
بنجي ٿو، ڇو ته الله تعاليٰ جي بي انت خزاني جي
بيشمار نعمتن ۾ بخل(ڪنجوسائي) ڪري ٿو ۽ ٻئي تي
خدائي مهرباني ٿيڻ نه ٿو گهري.
دنيا جو نقصان: هي آهي ته حسد ڪندڙ سدائين رنج ۽ غم ۾ گذاري ٿو
۽ هن فڪر ۾ ڳرندو رهي ٿو ته ڪنهن طرح فلاڻي ماڻهو
کي ذلت ۽ سڃائي نصيب ٿئي. پوءِ جنهن تي حسد ڪري
ٿو، ان لاءِ ته خوشي جو ڪارڻ آهي. پو ته جنهن کي
رنج پهچائڻ گهريائين ٿي، سو بچي ويو ۽ حاسد
هميشه جي رنج ۾ ڦاسي ويو ان جي ڪري ان جي حسد کان
هن جي ڀلائي ٿي، ۽ حسد ڪندڙ پاڻ وڏي ڇيهي ۾ رهجي
ويو. اوهان پاڻ ويچار ڪريو ته اوهان جي حسد ڪرڻ
سان*
محمود کي ڪهڙو نقصان ٿيو؟ ظاهر آهي ته هن جي
نعمت ۾ ڪنهن به طرح جي گهٽتائي ڪانه ٿي، بلڪه
اٽلندو ان جو فائدو ٿيو، ڇو ته اوهان جون نيڪيون
هن جي علمنامه ۾ درج ٿي ويون!
ڪهڙو نه ابتو قصو ٿيو، جو حاسد گهريو ٿي ته محمود دنيا ۾ سڃو
ٿئي، پر نتيجو هي نڪتو ته ان جون نعمتون بحال ۽
برقرار رهيون ۽ دين جي نعمت وڌيڪ فائدي ۾ مليس ۽
حاسد آخرت جو عذاب به سر تي کنيو ۽ پنهنجي قناعت ۽
راحت جي حياتي کي به ناس ڪري هر وقت جي پريشاني ۽
ڳڻتي خريد ڪئي. هن جو هي مثال آهي جو دشمن کي ڀتر
هڻڻ ٿي گهريائين، پر اهو کيس اچي لڳو جنهن کان
سندس اک نڪري پئي ۽ وڏو عجب هي ته دشمن شيطان کي
مٿس کلڻ جو موقعو ملي ويو. خصوصاً ڪنهن عالم يا
مفتيءَ سان هي حسد ڪيو وڃي ته ان جو علم ۽
پرهيزگاري زائل ٿي وڃي ته هي سڀ کان بڇڙو حسد آهي.
حسد جو عملي علاج هي آهي ته جنهن صورت ۾ حسد جو مطلب آهي ته
اوهان محمود جي عيب جوئي ڪريو، رنج ۽ غم جو زهر
ڏينهن رات پيئندا رهو. ان ڪري اوهان نفس تي زور
ڪريو ۽ ڪوشش سان ان جي منشا جي مخالفت ڪريو ان جي
ابتڙ عمل ڪريو، يعني محسود جون چڱايون بيان ڪريو ۽
ان جي ابتڙ آڏو تواضح ۽ نياز ڪريو، ۽ انهيءَ نعمت
تي خوشي ظاهر ڪريو جا ان کي ملي آهي. جڏهن ڪجهه
ڏينهن زور سان ائين ڪندئو تڏهن محسود سان اوهان کي
محبت ٿي ويندي جڏهن دشمني هلي ويندي تڏهن حسد به
نه رهندو ۽ انهي رنج، غم کان به اوهان کي ڇوٽڪارو
ملي ويندو، جنهن ۾ حسد کان ڦاسي ويا هئو.
فصل: شايد اوهان کي هي شبهو ٿئي ته دوست ۽ دشمن ۾ فرق ڪرڻ ته
انسان لاءِ طبعي خواهش آهي هيءَ ڳالهه پنهنجي
اختيار ۾ نه آهي جو جهڙي طرح پنهنجي دوست کي راحت
ڏسندي خوشي ٿئي ٿي، اهڙي طرح دشمن کي به راحت ڏسي
خوشي ٿيندي رهي. جڏهن اها ڳالهه اختياري نه آهي ته
تڏهن ماڻهو ان جو مڪلف به نه آهي. ان ڪري آءُ
چوان ٿو ته بيشڪ ايتري ڳالهه درست آهي ۽ جي ايتري
حد تائين ڳالهه رهي ته گناهه به نه آهي. پر ان سان
گڏ جيتري ڳالهه اختيار ۾ آهي. ان کان بچڻ جو خيال
رکڻ ضرور آهي. ان جون ٻه صورتون آهن، هڪ هيءُ ته
پنهنجي زبان ۽ ٻين عضون سان اختياري ڪمن ۾ حسد[1]
جو اثر ظاهر ٿيڻ بلڪل نه ڏي، بلڪه نفس تي جبر ڪري
ان جي ابتڙ عمل ڪريو، جيئن اسين مٿي بيان ڪري چڪا
آهيون (ٻيو) هي ته نفس ۾ جيڪو حسد جو مادو موجود
آهي، جيڪو الله جون نعمتون سندس ٻانهن وٽ ڏسڻ پسند
نه ٿو ڪري، ان کي دل سان خراب سمجهو ۽ خيال ڪريو،
ته هيءَ خواهش دين کي برباد ڪندڙ آهي. انهن ٻنهي
ڳالهين کان پوءِ جيڪڏهن طبعي امر باقي رهي يعني دل
بي اختيار گهري، ته دوست خوش رهن ۽ دشمن پائمال
ٿين ته هن جو ڪجهه خيال نه ڪريو، ڇو ته جڏهن هن جي
زائل ڪرڻ جي اوهان کي قدرت ڪانهي تڏهن ان تي گناهه
به نه ٿيندو مگر دل جو ناراضپو ۽ نا خوشي ضروري
ڳالهه آهي هن جي نشاني هي آهي ته جيڪڏهن محسود جي
نعمت جي زائل ڪرڻ تي اوهان کي قدرت حاصل ٿي وڃي ته
طبيعت سان اوهان جو هيءَ خواهش ٿي ته ڪاش هن جي
نعمت ملي وڃي، مگر پنهنجن هٿن پيرن سان هن جي نعمت
وڃائڻ جو بندوبست نه ڪريو يا مثلاً محسود جي نعمت
جي قائم رکڻ يا وڌائڻ ۾ جيڪڏهن مدد ڏئي سگهون ٿا.
ته دل جي ناخوشي هوندي به ان جي مدد ڪريو. جيڪڏهن
اوهان جي اهڙي حالت ٿي وڃي ته پوءِ سمجهو ته جيترو
اوهان جي اختيار ۾ وس هو اوترو اوهان خدا جي حڪم
تي عمل ڪيو ۽ ان کان آزاد ٿيو. اهڙي صورت ۾ طبع
خواهش جو دور ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ نه آهي. ۽ اها
موجود ته آهي. مگر جڏهن ته اختياري ڪمن ان کي
لڪائي ۽ ڇپائي ڇڏيو آهي، ان ڪر ڄڻ ته گم ٿي وئي
آهي.
گلبدن
جاويد
انٽرويو
سنڌيا ظفر
مئٽرڪ ۾ اي ون گريڊ حاصل ڪندڙ سنڌيا ظفر ٻين سرگرمين ۾ به ڀرپور
حصو وٺي ٿي. جيئن بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، اسڪول
طرفان ٿيندڙ فنڪشن ۾ ڪمپيئرنگ ۽ تقرير ڪرڻ ان کان
سواءِ سلائي ڀرت، ۽ رڌ پچاءُ ۾ پڻ ماهر آهي. ساڻس
ڪيل مختصر ملاقات ”سرتيون“ جي پڙهندڙڻ لاءِ پيش
ڪجي ٿي.
اها پڻ وضاحت ڪندي هلان ته جيڪي به ڀينرون ڪنهن فيلڊ ۾ پاڻ
مڃائي چڪيون آهن اهي پنهنجا فوٽو گرافس، بايو
ڊيٽا، ۽ سهڙي قسم جو مختصر انٽرويو ڏياري موڪلين
ته اسين ضرور شايع ڪنداسين. (گلبدن جاويد)
سرتيون: اوهان جي ڪاميابيءَ ۾ گهڻو هٿ ڪنهن جو آهي؟ منهنجو مطلب
آهي ته والدين، ٽيچر يا اوهان جو پنهنجو؟
سنڌيا: منهنجي ڪاميابيءَ ۾ گهڻو هٿ منهنجي ماءُ پيءُ جو آهي، ۽
منهنجو به پنهنجو شوق آهي.
سرتيون: اوهين روزانو ڪيترا ڪلاڪ پڙهنديون آهيو؟
سنڌيا: مان روزانو ٻه يا ٽي ڪلاڪ پڙهندي آهيان.
سرتيون: سيٽلائيٽ، ڊش اينٽينا، وي سي آر جا اسان جي نسل تي ڪهڙا
منفي اثر پئجي رهيا آهن، هڪ اسٽوڊنٽس جي حيثيت ۾
اوهين ٻڌايو؟
سنڌيا: سيٽلائيٽ، ڊش اينٽينا ۽ وي سي آر جو اسان جي نسل تي تمام
گهڻو خراب اثر پوي ٿو ۽ شاگردن ۾ تعليم کان
لاپرواهي وارو رويو به انهن شين جي ڪري پيدا ٿيو
آهي. سائنسدان اهي شيون ڪنهن چڱي مقصد حاصل ڪرڻ
لاءِ ايجاد ڪيون آهن پر اسان وٽ انهن شين کي
انٽرٽينمينٽ جو سستو ۽ سولو ذريعو سمجهي غلط
استعمال ڪيو وڃي ٿو.
سڄي دنيا جا پروگرام ۽ فلمون ڏسڻ گهرجن پر انهن مان چڱايون
چونڊي کڻجن ۽ اوڻاين کي اوڏو رکڻ گهرجي.
سرتيون: نصاب کان سواءِ ٻيا ڪتاب پڙهنديون آهيو؟
سنڌيا: ها مان ادبي ڪتاب تمام گهڻي شوق سان پڙهندي آهيان،
ماهوار ميگزين ”سرتيون“ منهنجي پسنديده مئگزين
آهي، هونئن علمي ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي
ان سان اسان جي علمي قابليت وڌي ٿي ۽ ذهن کي وسعت
ملي ٿي.
سرتيون:زندگيءَ کي ڪيئن ٿيون محسوس ڪيو؟
سنڌيا: زندگي خدا جي طرفان هڪ انمول تحفو آهي، ان ڪري مان
زندگيءَ کي تمام گهڻو سٺو محسوس ڪريان ٿي.
سرتيون: پڙهڻ کان سواءِ اوهان جون ٻيون ڪهڙيون مصروفيتون آهن؟
سنڌيا: آئون اسڪول ۾ ٿيندڙ فنڪشن ۾ حصو وٺندي آهيان، بيڊمنٽن
منهنجي پسنديده راند آهي، ان کان سواءِ ڀرت ڀرڻ،
سلائي ڪرڻ ۽ رڌ پچاءُ جو به شوق اٿم.
سرتيون: پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
سنڌيا: منهنجو ”سرتيون“ جي پڙهندڙن خاص ڪري شاگردن لاءِ منهنجو
هي پيغام آهي ته اهي پنهنجي پڙهائي ڏانهن ڌيان ڏين
۽ پنهنجي پيءُ ماءُ جو احترام ڪن ڇو ته ماءُ پيءُ
جي دعائن ۾ ئي اسان جي ڪاميابي آهي.
*-------*-------*
ثانيه
ٿيٻو
اعتبار
پياري سيما، توخط ۾ شڪايت ڪئي هئي ته مان تنهنجي خطن جو جواب نه
ٿي ڏيان، مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا لکان،
ڳالهيون ته گهڻيون ئي آهن پر ائين ٿو لڳي ته
منهنجون اهي اڳ ۾ چيل آهن ۽ تنهنجون اهي اڳي ئي
ٻڌل آهن. تو اهو به لکيو آهي ته مان توکي سڀني
مائٽن جي باري ۾ تفصيلي احوال لکي موڪليان. منهنجي
خط کي ڀلا تون فيملي بليٽن ٿي سمجهين ڇا؟ خير مون
کي جن جن جي خبر آهي، انهن جي باري ۾ توکي لکندس،
پر توکي موسم جو حال ٻڌائڻو آهي ته اهو ته ٻڌائي
ڇڏجان ته هي موسم اڄ ڪلهه ڪجهه بهتر آهي. هن دفعي
گرميون ايڏيون شايد ناهن آيون پر ان جو هڪ نقصان
ٿيو آهي، هن دفعي انب گهڻا ناهن لٿا، ان ڪري ڏاڍا
مهانگا آهن.
توکي خبر آهي ته منهنجون ڳالهين ڪيڏيون بي ربط هونديون آهن،
هڪڙي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ٻي ڳالهه شروع ڪري ڇڏيندي
آهيان، خط لکڻ وقت به منهنجي دل ائين ٿي چوي ته
مان هڪڙي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ٻي ڳالهه شروع ڪري ڇڏيان.
تون جڏهن خط سڄو پڙهي وٺين ته ان کي پنهنجي ذهن ۾
ايڊٽ ڪري وٺجان.
تو پڇيو آهي ته مان اڄ ڪلهه ڪهڙو ڪتاب پئي پڙهان، مان هڪڙو وقت
ڪڏهن به هڪڙو ڪتاب ناهيان پڙهندي، ان ڪري اڄ ڪلهه
ڪو به هڪ ڪتاب ڪونه پئي پڙهان. اڄ ڪلهه مان ”تاريخ
طبري“ پئي پڙهان، ان جو پهريون واليوم شروع ڪيو
اٿم، اهو ڪتاب پڙهندي مون کي ياد آيو ته گهڻو وقت
اڳ مون هڪ فلم ”دي ميسيج“ ڏٺي هئي، پر ان وقت مون
اها فلم گهڻي غور ۽ انٽريسٽ سان نه ڏٺي هئي، سو
اها فلم ٻيهر ڏٺم ۽ ٽيون ڀيرو ڏسڻ جو ارادو آهي.
تون ڇا پئي پڙهين، يعني بجليءَ ۽ فون جي بلن وڌائڻ کان سواءِ
ٻيو ڇا پئي ڪرين؟ تون جڏهن هتي هئينءَ ته پاڻ ٻئي
گڏجي پيٽنگ ٺاهيندا هئاسين، مان پيٽنگ شروع ڪندي
هيس ۽ تون ان کي مڪمل ڪندي هئين. تنهنجو پيٽنگ
ٺاهڻ وارو شوق اڃا قائم آهي يا مصلحتن جي مار کائي
ماٺ ڪري ويو آ. مون ڪجهه عرصو اڳ هڪ پيٽنگ ٺاهي
هئي، اتفاق سان اها ڏاڍي سٺي ٺهي وئي آهي اها مان
تو ڏي موڪلينديس، تون ڪنهن اهڙي ديوار تي هڻي
ڇڏجان جنهن جي سامهون دري هجي ۽ ان دريءَ مان ڪا
چڱي شي نظر ايندي هجي. منهنجين تصويرن ۾ منهنجو
تخيل هوندو آهي، ۽ ٻاهرين دنيا منهنجي تخيل جي
لاءِ خوراڪ وانگر آهي.
ڪالهه صائمه پڇي پئي ته باجي مان فرسٽ ايئر پري ميڊيڪل ۾ وڃان
يا پري انجنيئرنگ ۾، مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته
صائمه کي ڪهڙي صلاح ڏيان. منهنجي خيال ۾ صائمه کي
اها صلاح پنهنجي دل کان وٺڻ گهرجي. بهرحال مون کيس
صلاح ڏني ته پري ميڊيڪل کڻي. حالانڪه منهنجو ذاتي
خيال اهو هو ته صائمه کي آءِ بي اي ۾ پڙهڻ گهرجي،
پر مون کي خبر هئي ته اسان جي مڊل ڪلاس جي حصي ۾
اها فيلڊ ايندي آهي. جيڪا سيچوريشن جي حد کي پهچي
چڪي هجي، اسان تڏهن آءِ بي اي پڙهي سگهنداسين
جڏهن آءِ بي اي وارن لاءِ نوڪريون ختم ٿي وڃن.
توکي خبر آهي ته مون کي هڪڙي بيماري آهي، ٻين جي ڀلائي ۽ مستقبل
جي باري ۾ سوچڻ ۽ فڪرمند ٿيڻ جي. پر هاڻي مون
فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته مان ڪنهن جي به باري ۾
فڪرمند نه ٿيندس. پنهنجي باري ۾ به نه. فڪرمند ٿيڻ
ته ٺهيو پر مان سوچيندس به نه. هڪدم منهنجي ذهن ۾
سوال آيو آهي ته پوءِ ڇا ڪنديس؟ تون ئي ٻڌاءِ ته
مان ڇا ڪريان؟ مان هينئر تائين سوچيل هر موضوع
مان بيزار ٿي چڪي آهيان.
منهنجن ننڍڙن ڀائرن يعني تنهنجي ڪزنس ۾ جيڪڏهن تنهنجي دلچسپ آهي
ته پوءِ انهن جو احوال ٻڌائي ڇڏجان. عرفان انهي
ڪوشش ۾ آهي ته هن ملڪ کان ٻاهر نڪري وڃي سو آمريڪا
وڃڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي، پاڪستان جي هر نوجوان
جو ”ڊريم لينڊ“ صائمه لاءِ ٻڌايم ته اڃا ميٽرڪ پاس
ڪئي اٿئين.
حميد سيونٿ ۾ آهي، پر ان جو پڙهائي ۾ بلڪل انٽريسٽ ڪونهي ۽ هن
ملڪ ۾ جنهن کي پڙهڻ جو شوق نه آهي معنيٰ ان پنهنجو
پاڻ تي يا ان جي قسمت ان تي ترقي جو هڪ واحد
دروازو بند ڪري ڇڏيو. هن ملڪ ۾ اوهان آمريڪا يا
ٻين ملڪن وانگر پنجويهن يا چوويهن سالن جي عمر ۾
ئي ڪامياب ڊائريڪٽر پروڊيوسر، رائيٽر، بزنس مين
وغيره نه ٿا ٿي سگهو سو به هن ملڪ جي مڊل ڪلاس جي
نوجوان لاءِ هڪ ٺيڪ ٺاڪ زندگي گذارڻ لاءِ هڪڙو ئي
در کليل آهي. اهو آهي سرڪاري نوڪري، هاڻي ته اهو
دروازو به بند ٿي چڪو آهي. بس ان دروازي ۾ وٿي
جيتري گنجائش آهي. جيڪو گذري ويو ته ٺيڪ آهي نه ته
درخواست هٿ ۾ جهلي زندگيءَ جي قطار ۾ بيٺل ئي رهجي
ويندو.
سيما، مون کي ائين ٿو لڳي ته منهنجي چوگرد گهر کان ٻاهر شهر ۾،
ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ساڳيو هوندي به گهڻو ڪجهه بدلجي ويو
آهي يا منهنجي سوچڻ جو انداز ايترو بدلجي ويو آهي.
جو مون کي هر شي بدليل ٿي لڳي ان ڏينهن ”دي ميسيج“
فلم ڏسندي مون کي خيال آيو ته ڪيترو ڪجهه بدلجي
ويو آهي پر پوءِ به سڀ ڪجهه ساڳيو آهي ها هڪ نئين
ڳالهه توکي ٻڌائڻ وسري وئي منهنجو ڀاءُ ۽ تنهنجو
ڪزن عرفان هڪ ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو آهي، مون کي
هونئن ته قيامت تائين يا شادي تائين نه ٻڌائي ها
پر مون کي ته خبر پوڻي ئي هئي. سو پئجي وئي، مون
عرفان کان پڇيو. ”عرفان، يونيورسٽي ۾ تون جنهن
ڇوڪري سان گڏ ويٺو هئين اها ڪير هئي؟“
عرفان چيو(ڪهڙي ڇوڪري؟
مون ٻڌايومانس ته جنهن کي ڳاڙهن گلن ۽ آف وائيٽ ترورا ڪپڙا پيل
هئا.
چيائين”اها ڇوڪري مون کان هڪ سال جونيئر آهي“
”نالو ڇا اٿس؟“
”مليحه“
”مليحه آمريڪا ۾ پاڪستان جي ايمبيسڊر مليحه لوڌي“ مون مذاق ۾
چيو.
”نه هيءَ آمريڪا ۾ نه ٽمبڪٽو ۾ ايمبيسڊر آ“
مون کي ڇوڪريءَ جي نالي تي حيرت ٿي، ”عرفان مليحه نالو ته سنڌين
تي رکندا ئي ناهن“ پوءِ هيءَ سنڌياڻي آهي يا
مهاجر؟“ مون پڇيو، ها پيءُ سنڌي اٿس ۽ ماءُ
مهاجر.“
”ته پوءِ سنڌياڻي ٿي نه!“ مون حيرت مان چيو، پر جن جي ماءُ
مهاجر هجي ۽ پيءُ سنڌي اهي صرف نالي ۾ سنڌي هوندا
آهن.
”چڱو ڀلا ڇوڪريءَ جو پيءُ ڇا ڪندو آهي؟“
مون آڏي پڇا ڪئي.
”ڊاڪٽر آهي، ڊاڪٽر عدنان صديقي مشهور ڊاڪٽر آهي.“
”ها مشهور ته آهي پر ان ڳالهه کي ڇڏ اهو ٻڌاءِ، تون ته ٻاهر وڃڻ
جي تيارين ۾ هئين اهي ڇڏي ڏنئي ڇا؟“
”نه نه ڇڏي ڪيئن ڏيندس، ڪو به سالم دماغ ماڻهو هن ملڪ ۾ خوش نه
ٿو رهي سگهي. مان ته ٻاهر ويندس پوءِ هينئر وڃان
يا سال ٻن کان پوءِ“
”پوءِ امان جو ڇا ٿيندو؟“
”ڇو امان وٽ توهان سڀ آهيو جو“
نه اسان ته ڪافي نه آهيون، تون امان کي اسان سڀني کان وڌيڪ
پيارو آهين.“
”پيارو ته آهيان پر مون کي ٻاهر وڃڻو ئي پوندو، مان هن ملڪ ۾
خوش رهي نه سگهندس. هتي رهي مان ڪجهه نه ڪري
سگهندس.“
”اتي وڃي تون ڪهڙا اڪ ڪارا ڪندين“ مون چيو.
”اڪ ڪارا ڪرڻ لاءِ توهان جو آهيو، ۽ ٻيو اتي اڪ آهن به ڪونه مان
ڪارا وري ڪيئن ڪندس.“
ها هڪ ڳالهه توکي ٻڌائڻ وسري وئي انهن ڳالهين دوران ئي منهنجو
۽ عرفان جو زبردست جهيڙو ٿي پيو ۽ اڄ اسان کي ٻيو
ڏينهن آهي نه ڳالهائي.
تون ٻڌاءِ تنهنجا ڪهڙا حال آهن، هاڻ مون کي خبر پئي آهي ته
منهنجو ڀاءُ ڪيترو عاشق مزاج آهي. توکي ته خبر نه
هوندي پر ڪنهن زماني ۾ عرفان توکي ڏاڍو پسند ڪندو
هو. مون سان اڪثر تنهنجو ذڪر ڪندو هو، پر مون کي
خبر هئي ته تنهنجو عرفان ۾ ڪو به انٽريسٽ ڪونهي ان
ڪري مون توکي اها ڳالهه نه ٻڌائي. ۽ عرفان اڄ
تائين ان ڳالهه تي مون سان جهيڙو ڪندو آهي، ڪلهه
جڏهن اسان مليحه تي ڳالهائي رهيا هئاسين ته تنهنجو
به ذڪر نڪتو عرفان مون تي الزام هنيو ته مان توکان
سڙان ٿي، ان ڪري مون توکي عرفان جي پسنديدگي جي
باري ۾ نه ٻڌايو. چيومانس مهنجي نظر ۾ تون ايڏو
معتبر ماڻهو نه آهين جو سيما جيڪڏهن توسان شادي
ڪري ته ان تي ساڙ يا رشڪ ڪجي ۽ ان ذڪر کان پوءِ
اسان جو جهڳڙو اڃا به وڌي ويو.
مون عرفان کي چيو ته هو موقعي پرست ۽ مطلبي آهي ۽ هن مون کي
چيو ته مان ساڙيلي ۽ نيرو مائينڊيڊ آهيان ۽ ائين
اسان ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ ۾ جهيڙو مها ڀارت ۾ تبديل ٿي
ويو.
توکي ته خبر آهي ته مان عشق وغيره ۾ يقين ناهيان ڪندي اڄ ڪلهه
ڇوڪرو ڇوڪري شڪل سان گڏ هڪ ٻئي جو اسٽيٽس ڏسي پوءِ
عاشقي ڪندا آهن. مون کي يقين آهي ته عرفان به
مليحه جي اسٽيٽس کان متاثر ٿي ويو هوندو. توکي
شايد ياد نه هجي، پر عرفان صديقي شهر جو مشهور
ڊاڪٽر آهي.
سيما مان زندگيءَ کي سڄي عمر ايتري نظر ۽ نظريي سان ڏسندي رهي
آهيان ۽ اڃا به ڏسان ٿي، ان ڪري ئي مون کي لڳندو
آهي ته نه صرف هن ملڪ ۾، پر هن سڄي دنيا ۾ ئي مان
ان فٽ آهيان، مان هن دنيا کي بدلائي نه ٿي سگهان ۽
نه ئي هن کي ڇڏي سگهان ٿي. ٽيون طريقو بس اهو ئي
آهي ته بچي ته زندگيءَ ۽ دنيا جي هر ڳالهه تي ڪنهن
بخيل پوڙهي مائي وانگر ڪِرڪِر ڪريان، پر هاڻي مان
ان ڪِر ڪِر مان به ٿڪجي پئي آهيان، مون کي هن دنيا
جا اصل ۽ نيم سڀ فضول ٿا لڳن. انسان اجاين
جهنجهنٽن ۾ ايترو ڦاسي ويو آهي، جو زندگي پنهنجو
مفهوم وڃائي ويٺي آهي.
منهنجي ڪمري جي درين مان نظر ايندڙ منظر مون کي ڄڻ ڪا پارشلي
موونگ پيٽنگ لڳندو آهي. ۽ ان پيٽنگ ۾ ٻه شيون
ڏاڍيون پراميننٽ آهن هڪ وڻ ٻيو چنڊ، وڻ ته پنهنجي
جاءِ تي پيو جهومندو آهي باقي چنڊ اهو به ان تصوير
۾ پنهنجو سفر هڪڙي ڪنڊ کان شروع ڪندو آهي ۽ قطار ۾
هلندو ٻي ڪنڊ تائين پهچندو آهي. هن وقت صبح جو وقت
آهي. ان ڪري ان جي روشني ڦڪي ٿي چڪي آهي ۽ چنڊ
منهنجي ڪمري جي دري جي پيٽنگ ۾ پنهنجي سفر جي
پڄاڻي کي پهچي چڪو آهي. ڪائنات جا رنگ به عجيب آهن
انهن ۾ ڪيتري يڪسانيت آهي پر انهن ۾ هميشه نواڻ به
اوتري ئي آهي. صدين کان سج اڀرندو اچي، صبح ٿيندو
اچي پر پوءِ به صبح جي تازگي وڻندڙ ۽ نئين لڳندي
آهي.
ڪالهه اشفاق آيو هو، اڄ ڪلهه ڪراچي ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي،
معمول مطابق هن دفعي به اهو بحث نڪتو ته ادب
پنهنجي اهميت وڃائي چڪو آهي ادب به هڪ ايڪسپائر
ٿيل قديم فن بڻجي ويو آهي. ڪجهه عرصي کان پوءِ
ماڻهو جڏهن ڪتاب هٿ ۾ کڻندا ته سوچيندا ته اڇا
اڳين زماني ۾ ماڻهو ڪهاڻيون ۽ ناول لکندا هئا، ڇو
ته ايندڙ زماني ۾ صرف ٽي وي، فلم ۽ ٿيٽر لاءِ
اسڪرپٽ لکيا ويندا ادب پنهنجو نالو نشان وڃائي چڪو
هوندو.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن ٻاهرين مشهور اديب جي باري ۾ پڙهيو ته ان کي
ادب تي ڪو انعام مليو آهي. مون کي حيرت ٿي ته
ماڻهو انعام ملڻ جهڙو ادب به ڪريئيٽ ڪري رهيا آهن
پاڻ وٽ ته صرف لکڻ لاءِ لکيو پيو وڃي. مون اشَفاق
کي چيو ته هو هڪ ناول لکي، اشفاق چيو ته پڙهندو
ڪير، سنڌين وٽ هاڻي ڪتابن پڙهڻ جو وقت ۽ شوق ٻئي
ختم ٿي ويا آهن. چيومانس تون سٺو ۽ انٽريسٽنگ ناول
لک ته هر ڪو پڙهندو.
اشفاق ٺيڪ ٿو چوي، پر رڳو سنڌين وٽ نه اڄ ڪلهه ڪنهن وٽ به
ڪتابن پڙهڻ جو وقت ڪونهي، بهرحال پوءِ به مون
اشفاق کي چئلينج ڪري چيو ته هو هڪ سٺو ناول پهرين
لکي ته ڏيکاري، پڙهڻ جو سوال ته پوءِ ٿو پيدا ٿئي،
ٻي ڳالهه اها به آهي ته جنهن شي ۾ ڪو مالي فائدو
ڪونهي ماڻهو ان ڪم کي ڪرڻ وقت جو زيان ٿا سمجهن.
مون اشَفاق کي اها پيٽنگ ڏيکاري جيڪا مون گذريل ٻن مهينن کان
ٺاهي رهي هيس، اوچتو مون کي خيال آيو ته مان هن
پيٽنگ کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڪمري جي ٽن
درين واري پينٽنگ ٺاهيان، خبر اٿئي اشفاق هاڻي
گهڻو بدلجي ويو آهي. ڪو زمانو هوندو هو جو اشفاق
اديب ۽ سياسي ليڊر نما هڪ اهڙي شي بڻجي ويو هو
جنهن جي ڪا به منزل نه هئي جنهن کي پنهنجي هڪڙي وک
کڻندي ٻي وک جي خبر نه هوندي هئي. ۽ هاڻي اهو
ساڳيو اشفاق تمام گهڻو پريڪٽيڪل مائينڊڊ ۽
ميٽريلسٽ ٿي ويو آهي ٻي خبر اٿئي، اشفاق جي
ميٽريئلزم، ٻئي قسم جي آهي، اشفاق جي ميٽريئلزم ۾
هڪ چڱي ڳالهه آهي ته اها ڪنهن ٻئي جي نقصان ۾ نه
ٿي وڃي. ڪجهه مهينن ۾ اشفاق جي شادي ٿيڻ واري آهي.
ها هڪ ڳالهه ڪجهه سال اڳ جڏهن مان ايم اي جو امتحان ڏئي رهي هيس
يعني منهنجي شادي کان ٽي مهينا اڳ اشفاق اسان وٽ
آيو هو، ڳالهين ۾ تنهنجو ذڪر نڪتو تڏهن مون کي
خبر پئي ته اشفاق به توکي پسند ٿو ڪري. سيما شايد
عرفان ٺيڪ ٿو چوي، مان واقعي ساڙيلي ۽ نيرو
مائنيڊڊ آهيان، اشفاق منهنجو ڀاڻيجو آهي ۽ عرفان
منهنجو ڀاءُ آهي، ٻنهي تنهنجي ويجهي ساهيڙي سمجهي
توکي پسند ڪرڻ لاءِ مون سان اقرار ڪيو. ٻنهي کي
اميد هئي ته مان هنن جي مدد ڪنديس پر مون ٻنهي جي
مدد نه ڪئي. ۽ توسان ان ڳالهه جو ذڪر به نه ڪيو
تون جيڪڏهن هتي پاڪستان ۾ هجين ها ته شايد مان تو
سان اڃا تائين اهو ذڪر نه ڪيان ها. ان وقت ته خير
اشفاق ۽ عرفان ٻئي حيثيت وارا يا چڙهيل نه هئا پر
اهو سوچڻ منهنجو نه پر تنهنجو ڪم هو. مون کي هنن
جي پسنديدگي تو تائين پهچائي پوءِ فيصلو توتي ڇڏڻ
کپندو هو پر مون ائين نه ڪيو، سيما ڇا مان واقعي
تو سان سڙندي هيس، تون منهنجي سٺي سهيلي هئينءَ،
پاڻ ٻئي گڏ پڙهياسين، اسڪول کان وٺي ايم اي تائين
۽ يقينن توکي مون تي پورو پورو اعتبار هوندو. پر
اڄ جڏهن تون مون کان ست سمنڊ پار ۽ مون وانگر ٽن
ٻارن جي ماءُ آهين تڏهن مان توکي اهو ٻڌائڻ چاهيان
ٿي ته تنهنجو اهو اعتبار غلط هو.
مون کي خبر آهي ته توکي اها ڳالهه مذاق لڳندي. پر اها مذاق نه
آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته ڪجهه ماڻهو پنهنجن
پيارن ماڻهن کي ڏکن تي به گهڻو دکي ٿيندا آهن. پر
انهن جي خوشين تي به خوش ناهن ٿيندا. مون کي اڳي
اها خبر نه هئي ته مان به انهن ماڻهن منجهان
آهيان، پر هاڻي جڏهن مان ماضيءَ تي سوچيان ٿي ۽
مون کي سڀ واقعا ۽ ڳالهيون ياد ٿيون اچن ته مان
اهو سوچڻ کان رهي نه ٿي سگهان. ته مان تنهنجي
خوشيءَ تي خوش نه ٿي سگهيس. مون کان جيترو ٿي
سگهيو شعوري لا شعوري طرح تنهنجين خوشين جي آڏو
ديوار بڻجندي رهيس. حالانڪه تو وٽ اهڙي ڪا به شيءِ
نه هئي جيڪا مون وٽ نه هجي. ان ڪري احساس ڪمتري جو
به ڪو مسئلو نه هو. هاڻي جڏهن پاڻ ٻئي مليونسين ته
توکي منهنجي هن خط ۾ لکيل ڳالهيون ياد ڪري ٿورو
عجيب محسوس ٿيندو ۽ توکي هي ڳالهيون ڪوڙ ڪوڙ
لڳنديون، ڇو ته تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ بظاهر ڪڏهن
به حسد وارو رشتو ناهي رهيون تون ۽ مان سهيليون
هيونسين ۽ هاڻي به آهيون. پر ڪن حقيقت کي بدلائي
نه ٿو سگهجي. انهن حقيقتن مان هڪ حقيقت اها به آهي
ته مون تي تنهنجو اعتبار غلط هو.
*---------*----------*
فرزانه ڪنول
هيءَ وارتا
هوءَ ننڊ ڪري اُٿي، ۽ ٿڪل ٿڪل ذهن سان ڪم ڪري ته وئي پر ٿڪ
رهجي ويس، وري ننڊ ڪرڻ لاءِ بيڊ تي ڪري پئي، هوءَ
ايڏي ته بيمار ناهي پر هن کي وهم آهي ته کيس وڏيون
بيماريون آهن. سو ڊاڪٽرن جي ڳالهين کي به رد ڪري
ڇڏيندي آهي.
”ڊاڪٽر صاحب ! انجيڪشن هڻو.“
”توهان نارمل آهيو، تنهن ڪري انجيڪشن جي ضرورت ناهي.“
”پر ڊاڪٽر صاحب ! منهنجون اکيون ڏسو، مان بيمار آهيان، سڄي دنيا
چوي ٿي ته منهنجو رنگ پيلو ٿي ويو آهي. بک به نه
ٿي لڳي، تارا ڳڻيندي رات ٿي گذري وڃي ۽ توهان چئو
ٿا ته ڪجهه به نه اٿم.“
”ڊاڪٽر (ڪاوڙ ۾) پر وري نارمل ٿيندي، ٺيڪ آهي، مان توهان کي
ڪيپسول لکي ٿو ڏيان باقاعدي استعمال ڪنديون
رهيو.“
هوءَ مطمئن ٿي وئي، دوا جي پرچي ۾ هن کي خوشي محسوس ٿي، هيءَ
جيڪا ريل جيان ڊوڙندي هئي، ۽ هاڻي هن جي رفتار
ڪُميءَ کان به گهٽجي وئي آهي. هن جو وزن نارمل
آهي، بک صرف مخصوص وقت تي ۽ ننڊ مهل سوچ، سهڻا ۽
خوبصورت خواب، رستي ويندي پئسا هن کي هٿ لڳن ٿا،
ڳاڙها، ساوا پرڪشش نوٽ ۽ هي خواب ۾ سڀ ڪجهه خريد
ڪري ٿي اچي، وي سي آر، ٽيپ، ريڊيو، ڪپڙا، سونا
زيور، مرڪي ٿي، پر جاڳي ٿي ته دک جو عڪس چهري تي.
هونئن ته هوءَ سچي به لائق گهراڻي جي ڇوڪري آهي.
ٽي وي به اٿن، اها ويهه سال پراڻي جنهن جو ڪم ڪڏهن
به تسلي بخش ناهي رهيو. ڪڏهن آواز گم، ڪڏهن ڪلر
گم، ته ڪڏهن پادر کائي هلندي آهي ٽيپ ۽ ريڊيو چوري
ٿيا ته وري نه ورتا. ائين ئي هر خواب پنهنجي جاءِ
تي، سونهن به رکي ٿو ته سک به. ان خواب جي ٽٽڻ تي
به هن جو من ڪيڏو جليو هو، هن جي ڀيڻ جو سڱ ٿيندي
ٿيندي رهجي ويو هو.
هن جا سڀ خواب ديوار سان ٽڪرائجي پاش پاش ٿي ويا هئا، ڀيڻ ۽
ماءُ جا اداس مک نا اميدي جي سج ۾ جلي رهيا هئا.
هن گهر جي مايوسي ٽوڙڻ لاءِ پاڪ ڪتاب جو ورد ڪيو،
سڄي گهر مٿان پاڪ آيتون شوڪاريون، فال ڪڍي، بيبي
رحيمان کين ٻڌايو ته ”توهان جي گهر ۾ جادو ٿيل
آهي، تڏهن رشتا ايندي ايندي گم ٿي وڃن ٿا.“
تڏهن هن رات جي سانت ۾ سوچيو هو،”ڇا جادوءَ لاءِ اسان جو ئي گهر
آهي؟ اسان جا ئي خواب ڀڄڻ ۽ ڀرڻ لاءِ آهن؟ اسان
جون دعائون ڪچن گهرن جهڙيون آهن! تڏهن ئي هن شايد
نوان خواب ناهن پوکيا، ۽ اکيون به ته ٿڪجي پون
ٿيون.
هي اٿي ئي مس ته هڪ رن زال هن کان سنڌي ۾ پنهنجو ڪيس لکرائڻ
لاءِ آئي (هي ذهين آهي هن جو محرومين هن جي اندر
مايوسين ۽ سختي جو باورد ڀريو آهي پر پوءِ به
انتهائي احساس رکندڙ آهي)
منهنجي ڌيءَ کي بي گناهه طلاق آئي آهي، عيد ڪرڻ کان پوءِ هن کي
دک جو ڪاڳر ڏنو ويو.
هن جي من ۾ دک جو ڪاڳر ڦهليو، ان ڇوڪريءَ جون اداس اکيون ۽ ٻارن
جن حسرتون. هن ان بيواهه سان گڏ، ڇوڪريءَ جي ور کي
بد دعا ڏني هئي. جنهن تي اها بيواهه خوش ٿي وئي
هئي، اڇي ڪاڳر تي لکيل دک هن هٿ ۾ کنيو هو ڄڻ وڏي
نيڪي ڪئي هجي.
ٻئي ڏينهن اها بيواهه وري آئي هئي انگريزيءَ ۾ درخواست لکرائڻ.
هيءَ ننڊ مان اٿي هئي چپ چپن سان هن کي کيڪاريو. ۽
واش بيسن مان منهن ڌوئي واپس آئي ته اها بيواه
وڃي چڪي هئي، هن جي نيڪي مٽيءَ ۾ ملي وئي، ڏک جي
لهر هن جي اندر هئي، جيڪا ڪنهن به محسوس نه ڪئي.
ان ڏينهن به سفر دوران هن کي هڪ ڇوڪرو ڪيڏو سٺو
لڳو هو، اتي ئي خواب پوئڻ لڳي شادي جو خواب، پر ان
ڇوڪري کيس ڏٺو ئي نه هو ته ٽٽي پئي هئي. منهن جي
بک جا نشان، سڀ لاءِ نفرت جا عڪس هئا.
جن بدصورتن کان ڪرڀ ڪئي ويندي آهي، اهي خوشين جي تلاش ۾ هوندا
آهن.
پوءِ ٿيو هيئن جو، هن جو ۽ ڀيڻس جو گڏيل رشتو آيو، ڇوڪرو پسند
به اچي وين، پر هن جي چهري جي بگ کي ڏسي (جيڪو سڄي
چهري تي ڦهليل هو، وارن تائين به) ويل چيئر تي
ويهندڙ جوان کي چونڊيو ويو، جيڪو محرومين جو کاڌل
هو ۽ گهڻي حد ائين ايبنارمل به. سندس ماءُ پيءُ
هن فيصلي تي منجهي پيا ته هڪ معذور سان رشتو ڪجي
يا ... هن جي پيءُ انڪار ته نه ڪيو، صرف ايترو
چيو:
”مان پنهنجي سالم ڌيءَ توهان جي ڇوڪري کي ڪيئن ڏيان؟”
اهي لفظ ڇوڪري جي ماءُ کي ڪاوڙائي ويا.
”ادا معاف ڪجو، اسان به توهان جي سڄي ڌيءَ لاءِ ڪونه ٿا چئون،
جيڪڏهن رشتو منظور ناهي ته خير آهي، اسان لاءِ ٻيا
رشتا کوڙ، پڻس جو منهن لهي ويو هو، نه نه ڀيڻ
منهنجو مقصد انڪار ناهي، توهان سڀاڻي ئي ڄڃ آڻيو ۽
امانت وٺي وڃو. ۽ ائين هن کي ڪو به پڇتاءُ نه هو.
نه ڊاڪٽر جي انجيڪشن جي ڪا ضرورت هئي، هي ٿڪل به
ناهي، پنهنجي ماءُ جي اکين ۾ خوشي ڏسي، هن محسوس
ڪيو ته هاڻي خوابن کي ڪوٽ آهي ۽ هن جا ماءُ پيءُ
دک جي وارتا ۾ سانت نه ٿيندا ۽ ائين ڪوبه نه چوندو
ته هن کي بگ آهي.
*-------*------*
حميده پنهور
اڃايل آس
رنگين ڪپڙا پهريل معصوم ۽ خوبصورت نينگري ننڍڙن هٿن ۾ ڦرهي
کنيو آهستي آهستي اچي اسان جي آپا (ماسترياڻي) جي
ڀرسان بيٺي ته خوبخود اسان جو ڌيان کڄي ويو. ان
وقت ڏاڍي وڻڻ لڳي. جڏهن آپا پڇڻ لڳيس ته:
”ننڍڙي تون ڇا پڙهڻ آئي آهين؟“
”ها، مان پرهر آئي آهيان“، ٻاتڙن ٻولن ۾ جواب ڏنائين. ”توهان جو
نالو ڇا آهي.“
”منهنجو نالو دل بيبي(گل بيبي) آهي.“
مون کي وڌيڪ خوشي ان وقت ٿي جڏهن آپا هن کي پنهنجي ڀرسان
ويهاريو ڇو ته مان الف ب جي سبق ۾ سڀني کان وڌيل
هيس، جنهن ڪري مان ٻين سان گڏ گل بيبي کي به روز
سبق ياد ڪرائيندي هيس. ائين اسان جي پاڻ ۾ سهيلپ
ٿي وئي، روزانو گل کي سندس گهر مان وٺي اسڪول
ويندي هيس. ڇاڪاڻ ته اسڪول کان پهرين گل جو گهر
ايندو هو. تنهن ڪري مان پهرين سندس گهر ويندي هيس،
۽ پوءِ ٻئي ڄڻيون گڏجي اسڪول وينديون هيوسين، اهڙي
پيار ۽ پاٻوهه سان اسان پرائمري جا پنج درجا پاس
ڪيا ۽ هاڻي انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ جا سپنا ڏسڻ
لڳيونسين.
ڇهين ڪلاس ۾ وڃڻ جون داخلائون شروع ٿي ويون هيون ۽ اسان کي ٻئي
ڏينهن گڏجي اسڪول وڃڻو هو ته ان شام گل جي ننڍڙي
ڀاءُ مون کي اچي چيو ته گل چيو آهي ته مون امان ۽
بابا داخلا وٺڻ جي اجازت نٿا ڏين، سو مان تو سان
گڏ هلي نه سگهندس، پر تون صبح جو مون وٽ اچجان
ضرور.“
اهي لفظ ٻڌي منهنجو دماغ چڪرائجي ويو. اکين اڳيان اوندهه اچي
وئي، ائين لڳو ڄڻ منهنجو پسند جو گل ڪنهن مون کان
هٿ مان کسي ورتو هجي. گل ۽ منهنجي ٻالڪپڻ جي دوستي
هئي ۽ اسان هڪ ٻئي کان الڳ ٿيڻ جو سوچيو ئي نه
هو.مان سوچن ۾ گم ٿي ويس ته آئون ڪيئن گل کان
سواءِ ڪلاس ۾ ويهي سگهنديس. ڪئين ايذائيندڙ خيال
ذهن ۾ ايندا رهيا. آخرڪار مون هڪ فيصلو ڪري ورتو
ته گل جي ماءُ کي منٿ ڪنديس ته هوءَ گل کي پڙهڻ جي
اجازت ڏئي.
ان سوچ مون ۾ ايتري سگهه پيدا ڪئي جو مان امان کان اجازت وٺي،
ان وقت ئي سندس گهر ويس، گل مون کي ڏسي پنهنجن
ڳوڙهن کي ضبط ڪري نه سگهي ۽ مون سان ڳلي لڳي
اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي ۽ مان به ساڻس روئڻ لڳم.
منهنجي پڇڻ تي گل ٻڌايو ته امان اندر ويٺي آهي، مان جلدي ۾ وڃي
سندس ماءُ جي ڀرسان ويٺس جيڪا ان وقت کٽ تي ويٺي
ڪو ڀرت ڀري رهي هئي.
مون کي ڏسندي چيائين
”خوش آهين ڌيءَ“
”ها“
”مون گهٽيل آواز ۾ چيو.“
”ڌي، گل ٻاهر ويٺي اٿئي.“
”ها ماسي گل ٻاهر آهي پر.“
”ها ڌيءَ ٻڌاءِ ڪنهن ڪم سان آئي آهين.“
”ها مون پر اعتماد لهجي ۾ چيو.“
”اوهان گل کي ڇو نه ٿا پڙهايو.“
”ائي ڌيءَ نه ابو پڙهيو، نه امان پڙهي هاڻي وري گل ڇا ڪندي
پڙهي؟ نياڻي لاءِ پنج درجا سنڌي ۽ قرآن شريف جي
تعليم ڪافي آهي.“
ڪهڙي نوڪري ڪرائڻي آهي، اڳ پوءِ گهر سنڀالڻ نياڻيءَ جو ڏاج
آهي.“
مون سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو:
”ماسي، ڀلا پڙهائيءَ ۾ عيب ڪهڙو آهي، مان به ته پڙهان پئي“
ماسي تڪبر ۽ لکائي سان جواب ڏيندي چيو:
”اسان ۾ رواج ناهي ته نياڻيون وڏيون ٿي گهر کان ٻاهر نڪرن“ وري
ڪاوڙ مان گل کي سڏيائين، گل مون کي پاڻي پيار، ۽
جلدي ٿانو ملي وٺ“
گل ماءُ کي پاڻي پياري هلي وئي، ۽ مان مايوس ٿي ٻاهر اچي گل کي
چيو ”ماسي منهنجي ڳالهه نه ٿي مڃي.“
”تون اسڪول مان موٽڻ وقت روز اچي مون کي پڙهائجان.“
گل سڏڪا ڀريندي چيو:
جنهن انداز ۾ گل جي ماءُ مون سان ڳالهايو هو تنهن لاءِ سوچيم ته
گل کي چوان ته مان هاڻي ڪڏهن به تنهنجي گهر نه
اينديس پرگل جي بيوسي ڏسي آئون کيس دلاسو ڏئي گهر
آيس.
نيٺ گل جي خاطر مون گهر وارن کان اجازت ورتي مان واپسي مهل سندس
گهر ايندي هيس، ۽ کيس پڙهائيندي هيس، روزانو گل
بورچيخاني ۾ ڪم ڪندي منهنجو انتظار ڪندي هئي ائين
گل ميٽرڪ پاس ڪري ورتي.
هاڻي آئون ڪاليج ۾ پڙهڻ لڳي هيس ڪاليج گهر کان گهڻو پري هوندو
هو، ان ڪري مون کي ٽانگي ۾ وڃڻو پوندو هو ۽ شام جو
وري ٽيوشن تي ويندي هيس. هاڻي گل جي گهر منهنجو
وڃڻ بند ٿي ويو هو جو سندس مائٽ گل کي اسان جي گهر
نه ڇڏيندا هئا. مون کي ڏک ته ڏاڍو ڏيندو هو پر
گل جي مائٽن جي ڪڌ ذهيت جي ڪري ماٺ ٿي ويندي
هيس.
ڪافي عرصي کان پوءِ گل خط ۾ عرس جي دعوت موڪلي، منهنجو مصروفيتن
جي ور چڙهيل گل کان جدائي جو ڊڪر کڻي اٿي پيو
۽امان کان گل جي گهر وڃڻ جي اجازت گهريم ۽ شايد
امان به اهو درد محسوس ڪيو هو، جو هڪدم ها ڪري
ڇڏيائين.
شام جو تيار ٿي ڀاءُ سان گڏ گل جي گهر ويس ته ڏٺم ته الاهي
ساريون عورتون ويٺل هيون، جن مان گهڻيون ٻهراڙي
جون ٿي لڳيون. گل رنگين ڪپڙن ۽ هلڪي ميڪ اپ ۾ ڏاڍي
خوبصورت ٿي لڳي. اسين گهڻي عرصي کان پوءِ مليون
هيوسين، سو ڏاڍي پاٻوهه سان مليوسين ۽ گل مون کي
اندر ويهاري پاڻ ٻاهر هلي وئي. مهمان عورتن مان ڪا
عورت ٻيڙي پي رهي هئي. ته ڪا وري ناس جي دٻلي
کوليو چپٽا هڻي رهي هئي. ٽولين جي صورت ۾ ويهي قصا
پئي ڪيائون. ۽ مان ڪجهه دلچسپيءَ سان سندن قصا ٻڌي
رهي هيس. هڪ عورت ٻي عورت کي چيو ته ادي هاڻ ته گل
بيبي به اچي جوان ٿي آهي، ڪڏهن ٿي پٽ جي شادي
ڪرين؟
ٻي عورت تڪبر واري انداز ۾ نڪ کي موڙو ڏيندي چيو:
”هاڻي دير ڪانهي، بس سڀاڻي ئي تاريخ ٿي وٺان. ڦاپل (گل جي ماءُ)
به چوي پوي ته پهرين نياڻي جو بار لاهينديس، پوءِ
پٽن....“
ها، ڦاپل سياڻي زال آهي“ نياڻي جو بار لاهي، چڱو ٿي ڪري، ڇوڪري
به ته کل کان ٿي ڦاٽي، پهرين عورت چيو.
”ڀلا ڦاپل کي ڪهڙي ڳڻتي، وڃي به ته پنهنجي سڳي چاچي جي گهر ٿي “
ٽين عورت وچ ۾ پاڻ اڙائيندي چيو.
اهي ڳالهيون ٻڌي منهنجا حواس خطا ٿيڻ لڳا ڇو ته ڪافي وقت کان
پوءِ گل سان ملڻ ٿيو هو، ان ڪري مون کي خبر نه
هئي ته سندس مڱڻو ٿي ويو آهي. وري اها سوچ پريشان
ڪري رهي هئي ته گل ٻهراڙي جي ماحول ۾ ڪيئن رهي
سگهندي. نيٺ مون کان رهيو نه ٿيو، سو انهن عورتن
کان پڇيم ته ”گل جو مڱيندو ڇا ڪندو آهي؟.“ تنهن تي
هڪ عورت ٻيڙي مان ريل گاڏيءَ جهڙو دونهون ڪڍندي
چيو.
”امان، پنهنجي ملڪيت (زمين) وارا آهن، زميندار به پاڻ ته هاري
به پاڻ آهين، مطلب ته آسودا ماڻهو آهن.“ ڏني به
اٿن ۽ ورتي به اٿن.“
”ته بدي (عيوض) جي سڱابندي ڪئي اٿن.“ مون چيو.
”ماسي! اوهان جو ڳوٺ ڪٿي آهي“ کائنس پڇيم..
”امان اسين ڪاڇي جا رهاڪو آهيون، گل بيبي اتي هلي خوش رهندي.“
هن ڏاڍي اعتماد سان چيو.
ڳوٺ جو نالو ٻڌي منهنجا ته ٺپ ئي ٺري ويا. اهڙي سهڻي ۽ پڙهيل
لکيل ڇوڪري هنن ماڻهن سان ڪيئن رهي سگهندي. اهي سڀ
ڳالهيون ٻڌي منهنجي من جي بيچيني وڌندي وئي. سوچيم
ته گل کان پڇي ڏسان ته هوءَ ڇا ٿي چوي. پر ٻاهر
اچي ڏٺم ته گل ڏاڍي خوش پئي نظر آئي، سو مناسب نه
سمجهيم ته اهو موضوع کولي کيس دکي ڪريان. اتي
وڌيڪ ويهڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. سو گل کان
موڪلائڻ بنا گهر هلي آيس. گهر اچي سڄي ڳالهه ڪيم
ته امان جي ايان دل کولي رنس. انهي ڏينهن کان پوءِ
گل مون کي ڏاڍي ياد ايندي هئي. سوچيندي هيس ته
ههڙو گل ته باغ جي سونهن آهي، اهو ريگستان ۾ ڪيئن
ٽڙي سگهندو.!
مهيني کان پوءِ گل جي شادي ٿي وئي، هي ماڻهو نياڻي جي شاديءَ جي
دعوت ناهن ڏيندا پر گل مون کي چورائي موڪليو هو ته
تون اچجان، ليڪن هن دفعي مون کي مائٽن گل جي گهر
وڃڻ جي اجازت نه ڏني ته متان اهي تنهنجي بنا
دعوت وڃڻ کي برو سمجهن.
گل جي شادي کي ٻه سال گذري ويا، اسين نه ملي سگهيون سين، هڪ
ڏينهن شام جو گل جو ننڍو ڀاءُ اسان جي گهر آيو،
ڏاڍو هراسيل پئي لڳو، منهنجي ڀيڻ گل ڏاڍي بيمار
آهي، سو امان امان چيو آهي ته ”هيئر جو هينئر اچ“
ائين چئي تڪڙو هليو ويو، منهنجي جواب لاءِ به نه
ترسيو.
ان وقت بابا به گهر ۾ موجود هو. تنهن چيو ته ڌيءَ تون گل وارن
جي گهران ٿي اچ، ضرور ڪا اهڙي ڳالهه آهي تڏهن ئي
ماڻهو آيو آهي.“
ان وقت ماضي جي يادن جا وهڪرا منهنجي ذهن کي وڪوڙي ويا ڄڻ ته
سوچن مون کي سمنڊ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. جو ڪيڏي
مهل پاڻي جي لهرن هر طرف ته ڪيڏي مهل هُن طرف پي
لوڙهيو.
ائين ڪندي هڪ پوڙهي عورت روئندي آئي ۽ چيائين امان گل زندگي ۽
موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، توکي ڏاڍو ياد ڪري ٿي
جي کيس ڏسڻو اٿئي ته جلدي هل نه ته ڪٿي.....“
مان پوڙهيءَ مائي جي ڳالهه ٻڌندي ئي وڃڻ لڳيس، گل جي گهر ڏانهن
ويندي مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته گل ڇو بيمار
آهي، سا به ايڏو جو ڪٿي.... لڳي پيو ته اڄ پنڌ به
وڏو پي لڳو.
در کان اندر جيئن گهڙيس ته گل سامهون کٽ تي ستي پئي هئي، مٿان
ماڻهن جو ميڙ هيس، مون محسوس ڪيو ته سندس اکيون در
۾ کتل هيون، شايد منهنجو انتظار پئي ڪيائين، سندس
ڀرسان سندس جهڙي ئي معصوم ٻارڙي روئي امان امان
چئي رهي هئي.
مو اڳتي وڃي کيس ڀاڪر پاتو پر هوءِ ڪجهه ڳالهائي نه سگهي، صرف
اکين مان ڳوڙها پي ڳڙيس، ائين پي لڳو ڄڻ گل نه پر
ڪو لاش هجي، کيس سڃاڻڻ ۾ به دقت پئي محسوس ٿي، لڳي
ئي نه پيو ته اها ساڳي سهڻي گل آهي.
ڄڻ ته گل ڪومائجي چڪو هو، نه خوشبو رهي، نه تازگي نه ئي
پنکڙيون، جيڪي ڪنهن آس ٿي ڦٽل هيون، اها آس اڃايل
ئي رهجي وئي، ڄڻ ته ڪو طوفان اچي ويو جو نه گل
رهيو نه گلزار سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. بس هڪ مکڙي
الائي ڪيئن رهجي وئي هئي اها هئي گل جي هڪ سال جي
ڌيءَ جنهن جي اکين ۾ ڳوڙها ۽ زبان تي امان جو لفظ
هو. ان مکڙي جو سڄو گلستان ويران ٿي چڪو هو. هو
اهڙي طرح هڪ ٻي آس به آس رهجي وئي.
مان گل جي موت تي ڪيترا ڏينهن روئندي ۽ سوچيندي رهيس ته ڪاش
اهڙن بي حس ۽ بي شعور ماڻهن کي نياڻيون به نه ڄمن
جيڪي پهنجي فرسوده رسمن خاطر نياڻين جي احساس جا
قاتل بڻجي وڃن ٿا ۽ سندن رسمن جي ور چڙهيل جوان
نياڻيون گهٽجي گهٽجي مري وڃن ٿيون.
*------*------*
روشن”ناز“ ڌاريجو
حوا جي ڌيءَ
شهر جي زندگيءَ کان تنگ اچي مون ۽ جاويد فيصلو ڪيو ته ڪجهه
ڏينهن ڪنهن سڪون جاءِ تي هلجي، سو آفيس کان پوءِ
پڦي زرينا جي ڳوٺ لاءِ روانا ٿياسين ڇو ته ڳوٺ جي
زندگيءَ جو ته مزو ئي ڪجهه ٻيو آهي.
ڳوٺ جا سادا سودا پر خلوص ماڻهو، سندس چمڪندڙ چهرا، نه ٺاٺ نه
رک رکاءُ، سنوان سڌا سٻاجهڙا صبح جو اڀرندڙ سج
جيان تازا توانا. واهن مان وهندڙ ميرو پاڻي، فصلن
سان ڀريل سايون ٻنيون هر طرف رونق ئي رونق پئي
لڳي. اهڙي خوشگوار صبح جو مان ۽ جاويد ڳوٺ جا رستا
پار ڪندي اچي رهيا هئاسين ته جاويد اشارو ڪندي
چيو”ڏس فهمي هي ته بلڪل صائمه جهڙي پئي لڳي.“ مون
به ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو ته واقعي به هوءَ صائمه هئي،
مٽيءَ ۾ ڀريل هٿ مٿي تي وڏو ٽوڪرو، رکيل ”صائمه“
مان زور سان هن کي سڏيندي اڳتي وڌڻ لڳيس. پر هوءَ
تيزي سان ڪنهن گهر ۾ گهڙي وئي، مان حيران ٿيندي
سوچڻ لڳيس ته هن ائين ڇو ڪيو. پڦي جي گهر اچي مون
کانئس صائمه لاءِ پڇيو، ڇو ته ڳوٺ جا ماڻهو هڪ گهر
جي فردن جيان هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ هوندا آهن.
مون کي جڏهن پڦي صائمه جي باري ۾ ٻڌايو ته منهنجا
هوش خطا ٿيڻ لڳا، هي ماڻهو يعني صائمه جا ساهرا
سندس پري جا مائٽ هئا، ڪنهن شادي جي موقعي تي سڀ
مٽ مائٽ گڏ هئا ته صائمه جي وڏي ڀاءُ کي هڪ ڇوڪري
پسند اچي وئي، سو پنهنجي اڪيلي سڪيلڌي پٽ جي خوشي
خاطر صائمه جي ماءُ امير بيگم جنهن کي پنهنجي
شهري هجڻ تي ڏاڍو غرور هو، تنهن کي هڪ ڳوٺاڻي
ڇوڪري رابعا پنج درجا پاس قبول ڪرڻي پئي. جڏهن
امير بيگم رابعه جي مائٽن کان رابعا جي رشتي جي
گهر ڪئي ته رابعه جي مائٽن هڪ شرط رکيو ته هو بدلي
۾ پنهنجي ڌي صائمه جو سڱ اسان جي پٽ کي ڏيندا.
جڏهن هن رابعه جي ڀاءُ مراد کي ڏٺو جيڪو نشي ۾ چور کٽ تي ستل
هو، تڏهن امير بيگم ماٺ ۾ پئجي وئي، صائمه سليقه
شعار ڇوڪري هئي، ذهين هجڻ ڪري پوري ڪاليج ۾ سڃاتي
ويندي هئي. ڪو به اهڙو فنڪشن نه هوندو هو جنهن ۾
صائمه شريڪ نه ٿيندي هجي، امير بيگم انڪار ڪيو ته
آءُ پنهنجي ڌيءَ لاءِ موالي جو رشتو نه قبولينديس.
امير بيگم جي انڪار تي رابعا جي مائٽن به سڱ ڏيڻ کان انڪار
ڪيو. ظفر لاءِ ڪيترائي رشتا آيا مگر قبول نه
ڪيائين ڇو ته هن جي دل ته رابعه... هو هڪ الڳ دنيا
وسائي گهر ۾ سڀني کان الڳ رهڻ لڳو.
پٽ جي اها حالت امير بيگم کان برداشت نه ٿي. مجبورن پٽ جي خاطر
رابعا جي مائٽن جو شرط مڃڻو پيس ۽ ڀيڻ هجڻ جي ناتي
صائمه کي قرباني ڏيڻي پئي. ڳالهيون پڪيون ٿيون،
مٺايون ورهايون ويون، شادي جي تاريخ مقرر ٿي وئي،
ائين صائمه مراد سان ۽ رابعا ظفر سان شادي جي
ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي پنهنجي پنهنجي گهر رخصت ٿيون. رابعا
جنهن ٻهراڙي جي فضائن ۾ زندگي گذاري هئي، سا هاڻي
شهر ۾ وڏي شان سان رهڻ لڳي. سندس سرتيون ساهيڙيون
سندس قسمت تي رشڪ ڪرڻ لڳيون. خوبصورت زيورن ۽ ڪپڙن
۾ جڏهن هوءَ پنهنجي ڳوٺ مائٽن سان ملڻ لاءِ ايندي
هئي ته ڳوٺ جون سڌيون ساديون مايون هن کي حيرت مان
ڏسنديون هيون. هت صائمه جا ساهرا ٻهراڙي ۾ رهڻ ڪري
سادي زندگي گذارڻ جا عادي هئا، سو گهر جو سمورو ڪم
صائمه پهنجي هٿن سان ڪندي هئي. جنهن هٿن صرف قلم
کنيو اهي هٿ ٻهارو ڏيندي ٿانو مليندي بدنما ٿي پيا
هئا. جنهن جي ڪپڙن تي ٻيون سرتيون رشڪ ڪنديون
هيون، اڄ ان جاءِ تي کاديءَ ۽ سادي ڇر جا ڪپڙا
پهريل هئا، مٿان وري سس جون ڇڙٻون سندس وجود ڏڪائي
ڇڏينديون هيون.
هن جيڪا زندگي گذاري سا پڙهڻ لکڻ واري زندگي هئي، ڪاليج مان
نڪرندي سندس مائٽن شادي ڪرائي ڇڏي، کيس مليل سمورو
ڏاج سندس مڙس نشي جو پورائو ڪرڻ لاءِ کپائي ڇڏيو.
صائمه پنهنجي مقدر تي روئندي رهندي آهي.
هڪ ڏينهن مان ۽ پڦي زرينا جي ڌيءَ، صائمه سان ملڻ وياسين، اڃا
مان دروازو کڙڪائڻ لاءِ هٿ وڌايو ئي مس ته صائمه
جي سس جو بي سرو ۽ ڪڙڪيدار آواز ڪنن تي پيو. هوءَ
صائمه سان وڙهي رهي هئي. ۽ صائمه جو دٻيل رڙين جو
آواز پڻ ٻڌڻ ۾ آيو. مون در جي وٿيءَ مان ڏٺو ته
نشي ۾ ڌت مراد صائمه کي وارن مان گهلي ماري رهيو
هو. شايد هو به پنهنجي ماءُ وانگر اذيت ڏيڻ جو
عادي هو. هونئن به نشي ۾ انسان کي هوش نه هوندو
آهي. مون کان وڌيڪ سٺو نه ٿيو سو مان ڳوڙها
وهائيندي صائمه جي مقدر تي روئيندي واپس موٽي
آيس. شايد حوا جي ڌيءَ جو مقدر ئي اهڙو آهي، جو
هر موڙ تي قرباني ڏيندي رهي، يا ڀاءُ، پيءُ، يا
ڪنهن ٻئي جي مفادن خاطر ماري وڃي.“
ائين ٿيندو رهندو، هي ڏي وٺ (بدي) جو رواج، ڪيستائين ڇوڪرين کي
مرڻ لاءِ مجبور ڪندو رهندو.
*------*-----*
قلب سومرو
حُسن جو پڄاري
واپس وريس پئي شهر مان،
ڳوٺ وڃڻ جي جلدي هئي،
شام ٿي وئي هئي ۽
سواريءَ جي به تنگي هئي،
تڪڙا تڪرا منهنجا قدم
بس اسٽينڊ ڏي پئي وڌيا،
ته اوچتو رستي ۾ تون ملي وئينءَ
۽ اکين رستي اندر ۾ گهري وئينءَ
تون سامهون اچي رهي هئينءَ
توتي نظر پوندي ئي،
منهنجي پيرن جي چرپر،
ڍري ٿي وئي،
۽ اکيون تو ۾ ائين کپي ويون
جيئن ڪنهن سخت اُڃاري جا چپ
ٿڏي پاڻيءَ جي ٿانو تي ڄمي وڃڻ،
تو سان اڳ مليو ناهيان،
توکي اڳ ڏٺو ناهي،
تڏهن به توکي سڃاڻان ٿو مان،
ڇو جو سونهن ڪنهن به سڃاڻپ جي محتاج نه هوندي آ،
هوءَ پنهنجو تعارف پاڻ ئي هوندي آ،
۽ تن تي ڄاتل سڃاتل لڳندي آ،
جن جي پنهنجي اندر ۾ سونهن هوندي آ،
ڇو جو سونهن قدرت جي واکاڻ هوندي آ،
۽ هر جاءِ پنهنجو پاڻ هوندي آ،
هلڪي ڦلڪي، سادي سودي ويس ۾،
پورو پُنو، ٺهڪندڙ ۽
سمنڊ جي ماٺرين ڇولين جيان،
هوريان هوريان ڇُلڪندڙ،
تنهنجو بدن ۽ تنهن مٿان،
سورج مُکيءَ جيان اوچي ڳاٽ،
کليل ۽ خوبرو مُک تنهنجو
ڀورو ڳاهسرو رنگ تنهنجو
ڄڻ هجي ڪو اُلو باهه جو،
گذري وئينءَ منهنجي ڀر منجهان،
۽ هڪڙو مرد هيو تنهنجي اڳيان
جنهن جي ويڪرن پاڇن
ڏاند جي سڱن جيان مٿي وريل شهپرن
۽ طريدار پٽڪي واري روپ کي ڏسي،
گهڻن، لڏڻ ۽ هلڻ وارو انداز پسي،
محسوس ڪيم ته تون آهين،
جهيڙي کان مشهور ڪنهن قوم مان،
جيڪي ماڻهو ماري وجهندا آهن،
رڳو هلڪڙي ئي شڪ تان،
پر آءٌ ڀلا ڇو ڊڄان،
ڇو جو منهنجو من۾ مير ناهي،
منهنجو گند ۾ پير ناهي،
بس آءٌ ته سونهن جو پوڄاري آهيان،
سونهن کي اکين سان پسي،
اندر ۾ اوتيندو آهيان،
ڄڻ سونهن ٿڌڙي هير ۽
آءٌ سائي وڻ جي ٽاري آهيان،
اکين جو ڍءٌ نه ٿيندو آ،
من درياهه پي به پياسو رهندو آ،
ان ڪري تو ڏي واپس ورڻ جو سوچيم،
توکي اڃا به وڌيڪ
ڏسڻ پئي چاهيم،
۽ جئين ئي ڪنڌ ورايم،
ته تو واري ان مرد،
منهنجو تنهنجو ڪجهه به آهي،
منهنجو ان سان ڪجهه ڀي ناهي،
کي پوئتي ڦاٽل اکين سان ڏسندي ڏٺم،
نه هن مون کي ٿي تڪيو،
۽ نه مان ئي ڊنم،
پر اهو سو احساس ٿيم،
ته توتي ڪا آڱر کڄي نه وڃي
تنهنجي پوتر سونهن کي ڪو داغ لڳي نه وڃي،
تنهنجي منهن جي پتڪڙي ۽
شفاف، اجري مرڪ جي سامهون
ڪاوڙ ڀري ڏندن ڪَرٽ اچي نه وڃي
تنهنجي نين مان چشمي وانگر
اٻڙڪا ڏيندي شرم و حيا جي سامهون
ڪا اماڙيءَ جهڙي اک اچي نه وڃي
اهو سوچيندي وري بس اسٽينڊ طرف،
هلڻ لڳم،
ويندي ويندي توکي دعائون دل مان،
ڏيڻ لڳم،
ته شل ڏک دور هجني
۽ خوشيون کوڙ هجني،
پنهنجي گهر ٻار ۽
پنهنجن پيارن سان،
هميشه خوش هجين،
خوشحال هجين،
آزاد هجين،
آباد هجين.....!
*-----*-----*
علي مرتضيٰ ڌاريجو
آواز ۽ هٿ
پاڻ ۾ هٿ ڌوئڻ جي عادت وجهو، جيڪڏهن توهان کي اها ڄاڻ پئجي وڃي
ته هٿن تي ڪيترا نه بئڪٽيريا ۽ ٻي گندگي گڏ ٿي وڃي
ٿي ته شايد توهان هٿن سان کائڻ ڇڏي ڏيو، هر دفعي
ماني کائڻ کان اڳ، ڪو ڪم ڪار، پوري ڪرڻ کان پوءِ ۽
ٻاهران گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت پنهنجا هٿ صابڻ سان
چڱيءَ ريت ملي ڌوئي صاف ڪريو، ماني کائڻ لاءِ هٿن
ڌوئڻ کان پوءِ اهي ٽوال بوڇڻ وغيره سان اگهي خشڪ
به نه ڪريو، پر ڇڏي ڏيو، ته پاڻهي خشڪ ٿي وڃ، ائين
ڪڏهن ٻاهران اچڻ کان پوءِ گهر پهچي هٿ ملي ڌوئي
ته ڏسو!
آواز جي گدلاڻ جا جسم تي هاڃيڪار اثر پون ٿا. تنهن ڪري هر ممڪن
ڪوشش ڪري آواز جي گدلاڻ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪريو،
جنهن ۾ اوهانجو آهستي ڳالهائڻ به اچي وڃي ٿو، جڏهن
اوهان آهستي ڳالهائيندو ته اهو ٻين کي وڻندڙ پڻ
لڳندو.
*------*----*
|