سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :3

ڊاڪٽر ضيغم زهرا

 

اسان جي خوراڪ

هوا ۽ پاڻيءَ کان پوءِ، زندگيءَ جي ٽين ضرورت ”کاڌو“ آهي. کاڌي جون شيون ته سوين آهن، پر هتي اسان کي ڏسڻو آهي، ته ڪهڙيون شيون، اسان جي بدني خورش جي خيال کان سٺيون آهن، ڪهڙيون ساديون.

کاڌو ڇاکي ٿو چئجي: کاڌو اهڙي شيءِ کي ٿو چئجي، جنهن جي کائڻ ڪري، جسم جو ماس جڙي ۽ بدن کي ڪم ڪرڻ جي طاقت ۽ گرمي ميسر ٿئي.

ظاهر آهي ته ڪوبه جيو کاڌي کان بغير ڳچ عرصو ڪڍي نٿو سگهي ۽ جي کاڌو نه مليس ته ڳرندو جهرندو نيٺ ساهه ڏيندو. سڀ ساهوارا مرون، پکي، مڇيون ۽ جيت_ پنهنجي حياتيءَ جو گهڻو ڀاڱو کاڌي جي ڳولا ۾ واجهائيندا رهن ٿا؛ انسان به پنهنجي وقت جو ڳچ حصو روزي ڪمائڻ ۾ صرف ٿو ڪري. ڀلا کاڌي جي ايتري ضرورت ٿئي ڇو ٿي؟

کاڌو ڇو کپي: اسين وقت بوقت نه رڳو پورهئي ۾، پر ساهه کڻڻ، کائڻ، کاڌي کي هضم ڪرڻ، ڳالهائڻ، کلڻ، بلڪ خيال ڪرڻ ۾ به، پنهنجا ٿورا گهڻا بدني جزا کپائيندا ٿا رهون. هاڻي جي اهي ڪم آيل جزا اسين وري حاصل ڪري نه سگهون، ته جيڪر کپي کپي نيٺ پورا ٿي وڃون؛ پر اهو اسان جو کاڌو ئي آهي جو انهن خرچ ٿيل جزن جي جاءِ تي نوان جزا ٺاهيندو، کوٽ ڀريندو ٿو رهي، جنهن ڪري ڪا لکا ڪانه ٿي پوي، نه رڳو ايترو، پر ننڍي ٻار کي ته وڌي وڏو ٿيڻو آهي، جنهن جو ماس به کاڌي مان ٿو جڙي. ان کان سواءِ بدني گرمي قائم رکڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي سگهه ڏيڻ به ته کاڌي جو ئي ڪم آهي.

بدني گرمي ڪٿان ٿي اچي: بت تي ڪنهن به وقت هٿ رکبو ته ڪوسو لڳندو. اها گرمي اچي ڪٿان ٿي؟ اها گرمي کاڌي مان پيدا ٿئي ٿي، جيئن تيل يا ڪوئلو ٻري انجڻ کي گرم ڪري چورين ٿا، تيئن اسان جي کاڌي جون ڪي شيون، جلي، اسان کي گرم ٿيون رکن ۽ ڪم ڪرڻ جي سگهه ٿيون ڏين.جي هوا نه هجي، ته نه باهه ٻري نه بتي، نه جسم جي دونهين دکندي رهي، نه جيئرو رهجي. جهڙي آڪسيجن جي ضرورت انجڻ کي، تهڙي اسان کي. جيئن بتي ٻري، ڪاربانڪ ائسڊ گئس ٿي ڪڍي، تيئن اسين.

کاڌي جو انداز ۽ روزاني گرمي: انجنيئر ٻڌائي سگهندا ته ڪنهن انجڻ کي ڪيترا ڪوئلا کپن، جو هوءَ ڪنهن مفاصلي تي ڪو بار کڻي وڃي. ساڳيءَ طرح، بدني انجڻ جي ماهرن به پوريءَ طرح جاچي ڇڏيو آهي ته اسان کي ڪنهن خاص ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيتري گرمي گهرجي ۽ اها ڪنهن خاص کاڌي واري شيءِ جي ڪيتري انداز مان ملي سگهندي.

گرمي ماپڻ جي يونٽ کي ”حراري“ (Calorie) چئبو آهي. حراريءَ ۾ ايتري حرارت ٿئي ٿي، جيتري هڪ سير ۽ ڏيڍ آني پاڻيءَ کي هڪ ڊگري سينٽي گريڊ گرم ڪرڻ لاءِ خرچ ٿئي.

تجربي ظاهر ڪيو آهي ته هن ملڪ جو جوان ماڻهو ماٺ ڪري هنڌ تي ليٽي پيو، ته به هن کي ايترو کاڌو کپي جنهن جي ڀسم ٿيڻ مان 1250 حراريون نڪرن، مطلب، ته اسان کي فقط جيئري رهڻ لاءِ به 1250 حراريون روز کپن. ڀلا، اها گرمي بدن ۾ ڪهڙو ڪم ٿي ڪري؟ اها گرمي بدن جي اندرين ڪِلن کي هلائي ٿي، جن جي لاڳيتي ڪم ڪرڻ ڪري ئي اسين جيئرا ٿا رهون. اهي ڪِلون اسان جا عضوا آهن، جي ساهه کڻڻ، رت جي دوري هلائڻ، کاڌي هضم ڪرڻ ۽ نمڪين شين جي نيڪال ڪرڻ ۾ ڏينهن رات مشغول آهن. ظاهر آهي ته جي هٿن پيرن کان ڪم وٺبو ته اڃا به گهڻي ٿوري ڪم پٽاندر، زياده حرارين جي ضرورت ٿيندي، جنهن ڪري زياده کاڌو کائڻو پوندو. جيئن ته:

آفيس، اسڪول يا ٻئي وهڪ جي ڪم لاءِ 2150 حراريون کپن.

رواجي مزوريءَ يا هارپي لاءِ 2600 حراريون کپن.

زياده سخت پورهئي لاءِ 3000 حراريون کپن.

مٿي ڄاڻايل ضرورتون هڪ جوان جون آهن. عمر جي خيال کان، حرارين جي ضرورت هن طرح ٿيندي.

14 سالن کان مٿي مرد لاءِ 2600 حراريون کپن.

14 سالن کان مٿي جوان زال لاءِ 2100 حراريون کپن.

گرڀڻي عورت لاءِ 2400 حراريون کپن.

ٿڃ پياريندڙ عورتن لاءِ 3000 حراريون کپن.

12 ۽ 13 سالن جي ٻارن لاءِ 2000 حراريون کپن.

10 ۽ 11 سالن جي ٻارن لاءِ 1800 حراريون کپن.

8 ۽ 9 سالن جي ٻارن لاءِ 1600 حراريون کپن.

6 ۽ 9 سالن جي ٻارن لاءِ 1300 حراريون کپن.

4 ۽ 5 سالن جي ٻارن لاءِ 1000 حراريون کپن.

مهيني کان هڪ سال جي ٻار لاءِ 200 کان 800 حراريون کپن.

کاڌي وارين شين مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته ڪنهن شيءِ جي هڪ آئونس مان ڪيتريون حراريون جڙنديون؛ پوءِ اوهين آسانيءَ سان شيون ۽ انهن جو وزن پنهنجي عمر، پورهيي، آمدنيءَ ۽ پسنديءَ موجب، حساب سان مقرر ڪري سگهندؤ، جنهن مان اوهان جو روزانيون گهرجون پوريون ٿي سگهن. افسوس آهي جو انهيءَ بي خبريءَ ڪري، هزارين جانيون، پوري کاڌي نه ملڻ سبب، هر سال برباد ٿيون ٿين!

ٿولهه: ائين به آهي ته جي کاڌو ضرورت کان زياده کائبو. ايترو جو بدن واجبي طرح ڪم نه آڻي سگهي ته ان مان جيرو وري چرٻي ٺاهي، بدن ۾ سٿيندو ويندو، جنهن ڪري بدن جي نزاڪت هڪڙي پاسي ويندي، ته دل کي ٻئي پاسي ڪم وڌندو_ ڇاڪاڻ ته چرٻيءَ کي به رت ته پهچائڻو پيس ۽ پوءِ چرٻيءَ مان ڪم ڪونه نڪتو. ٿولهه نه رڳو ڪن وڏين بيمارين جو ڪارڻ آهي، پر پاڻ خود هڪ وڏي بيماري آهي. گهڻا ٿلها آهن، جن کي ذيابيطس آهي؟ اهي ماڻهو پنهنجي قبر پنهنجن هٿن سان کوٽين ٿا. ٿولهه کي آسودگيءَ جو آزار چئجي ته مناسب ٿيندو. بدن ٿولهه تي وري ته هڪدم کاڌو گهٽائي پورهيو وڌائجي يعني ورزش ۽ ٻيا ڪم ڪجن.

کاڌي جي شين جون وصفون: ٿي سگهي ٿو ته هڪڙو غريب پورهيت فقط جوئر يا چانورن مان گهربل حراريون حاصل ڪري وقت گذاري، هر هڪ جنس جي هڪ آني مان 200 حراريون ملنديون ۽ جي ڏينهن جو اڌ سير جوئر کاڌائين.

کاڌي جي شين جون وصفون

(هڪ سؤ گرامن يعني ساڍن ٽن آئونسن تي)

 

 

شيءِ جو نالو

پروٽين سيڪڙو

سڻڀ سيڪڙو

مٺاڻ سيڪڙو

معدني جزا سيڪڙو

وٽئمن اي جا يونٽ

وٽئمن بي جا يونٽ

وٽئمن سي جا مليگرام

حراريون

اٽو ڪڻڪ اڻ ڇڻيل

1ء12

7 ء1

7 ء72

8 ء1

1.8

180

_

353

اٽو ڪڻڪ ميدو

0 ء11

9 ء

1 ء74

4 ء

_

40

_

349

اکريءَ ڇڙيا چانور

5 ء8

6 ء

0 ء78

7 ء

4

60

_

351

ڇڙيا چانور

9 ء6

4 ء

2 ء79

5 ء

0

20

_

348

جوشي چانور

5 ء8

6 ء

4 ء77

9 ء

15

90

_

349

سيگو چانور

2 ء

2 ء

4 ء78

3 ء

_

_

_

351

جوئر

4 ء10

9 ء1

0 ء74

8 ء1

136

115

_

355

ٻاجهر

6 ء11

0 ء5

0 ء67

7 ء6

220

110

_

360

جَوَ

5 ء11

3 ء1

3 ء69

5 ء1

_

150

_

335

مڪائي

1 ء11

6 ء3

2 ء66

5 ء1

_

_

_

342

چڻا

7 ء19

1 ء1

6 ء56

1 ء2

150

-

-

315

مٽر

2 ء28

6 ء

6 ء58

0 ء3

200

-

-

351

مڱ

0 ء24

3 ء1

6 ء56

6 ء3

158

155

-

334

مانهن

0 ء24

4 ء1

3 ء60

4 ء3

64

140

-

350

مهري

3 ء22

7 ء1

2 ء57

6 ء3

220

150

-

333

رانها

4 ء23

3 ء1

7 ء59

9 ء2

-

-

-

344

سانئون

2 ء6

2 ء2

5 ء65

4 ء4

-

-

-

307

جوي

6 ء13

6 ء7

8 ء62

8 ء1

-

325

-

374

پالڪ

9 ء1

9 ء

0 ء4

5 ء1

3000

70

48

32

ميٿي

9 ء4

9 ء

8 ء9

6 ء1

3900

70

-

67

ميها

7 ء1

1 ء

3 ء5

6 ء

28

-

-

29

مريڙو

9 ء4

5 ء

7 ء5

1 ء3

5600

10

173

47

مئانجڙي جون ڦريون

7 ء6

7 ء1

4 ء13

3 ء2

11300

70

230

96

پن_ گوبي

8 ء1

1 ء

3 ء6

6 ء

2000

50

124

33

گل گوبي

5 ء3

4 ء

3 ء5

4 ء1

38

110

66

39

پتائي گجر

9 ء

1 ء

7 ء10

7 ء10

3000

60

3

47

موري

7 ء1

1 ء

6 ء13

8 ء

-

70

88

62

واڱڻ

3 ء1

3 ء

4 ء6

5 ء

5

15

23

34

ڪچالو

0 ء3

1 ء

1 ء22

7 ء1

40

80

-

101

ڀينڊي

2 ء 2

2 ء

7 ء7

7 ء

58

21

16

41

بصر

2 ء1

1 ء

6 ء11

4 ء

-

40

11

51

توري

5 ء

1 ء

7 ء3

3 ء

56

22

-

18

پٽاٽا

6 ء1

1 ء

9 ء22

6 ء

40

20

17

99

لاهوري گجر

2 ء1

3 ء

0 ء31

0 ء1

10

-

24

132

ڪريلو

6 ء1

2 ء

2 ء4

8 ء

210

24

88

25

ٽماٽا

9 ء1

1 ء

5 ء4

7 ء

320

23

31

27

گوگڙو

5 ء

2 ء

9 ء7

7 ء

-

40

43

34

نول گول

1 ء1

2 ء

9 ء5

7 ء

36

-

58

30

ونگو

4 ء

1 ء

8 ء2

3 ء

-

30

7

14

اهر

0 ء22

7 ء39

8 ء23

2 ء4

270

-

-

154

جعفر

5 ء7

4 ء36

5 ء28

7 ء1

-

-

-

472

جيري

7 ء18

0 ء15

6 ء36

8 ء5

780

-

3

356

ٿوم

3 ء6

1 ء

0 ء29

0 ء1

-

-

13

142

ادرڪ

3 ء2

9 ء

3 ء12

2 ء1

67

-

6

67

جاوتري

5 ء6

4 ء24

8 ء47

6 ء1

-

-

-

437

مغز بادام

8 ء20

9 ء58

5 ء10

9 ء2

-

80

-

655

کاڄا

2 ء21

9 ء46

3 ء22

4 ء2

100

-

-

596

پستا

8 ء19

5 ء53

2 ء16

2 ء2

240

-

-

626

اکروٽ

6 ء15

5 ء64

0 ء11

8 ء1

10

150

-

687

ڏونگهي

5 ء4

5 ء41

0 ء13

0 ء1

-

15

1

440

تر

3 ء18

3 ء43

2 ء25

2 ء5

100

-

-

564

بوهي چڻا

7 ء26

1 ء40

3 ء20

9 ء1

63

300

-

549

صوف

3 ء

1 ء

4 ء13

3 ء

-

40

2

56

ڪيلو

3 ء1

2 ء

4 ء36

7 ء

-

50

1

153

کجور

0 ء3

2 ء

3 ء67

3 ء1

600

30

-

283

انجير

3 ء1

2 ء

1 ء17

6 ء

270

-

2

75

زيتون

5 ء1

2 ء

5 ء14

8 ء

-

-

299

66

ڄمون

7 ء

1 ء

7 ء19

4 ء

-

-

-

71

ليمون

0 ء1

9 ء

1 ء11

3 ء

-

-

39

57

انب

6 ء

1 ء

8 ء11

3 ء

4800

-

63

50

نارنگي

9 ء

3 ء

6 ء10

4 ء

350

40

68

49

پپيتو

5 ء

1 ء

5 ء9

4 ء

2020

-

46

40

بادامي

5 ء1

2 ء

6 ء7

6 ء

-

-

1

38

ڏاڙهون

6 ء

1 ء

0 ء12

5 ء

60

-

63

50

گوشت ڳائو

6 ء22

6 ء2

-

0 ء1

50

42

2

114

گوشت ٻاڪرو

0 ء18

3 ء13

-

3 ء1

31

60

-

194

جيرو

3 ء19

5 ء17

4 ء1

3 ء1

22300

-

20

150

بيضو

3 ء13

3 ء13

7 ء

0 ء1

1200

-

-

180

مڇي

1 ء20

6 ء

-

8 ء

26

-

-

28

جهينگا

8 ء20

3 ء

-

4 ء1

-

30

-

86

کير ڳائو

3 ء3

6 ء3

8 ء4

7 ء

180

17

2

65

کير ماهيو

3 ء4

8 ء8

1 ء5

8 ء

162

-

-

117

کير ٻاڪرو

7 ء3

6 ء5

7 ء4

8 ء

182

-

-

84

ٿڃ

0 ء1

9 ء3

1 ء7

1 ء

208

1

-

67

مکڻ نڪتل کير

8 ء

1 ء1

5 ء

1 ء

-

-

-

15

چيز _ پنير

1 ء24

1 ء25

3 ء6

2 ء4

273

-

-

348

۽ رات جو اڌ سير چانور، ته ڪم ڪرڻ لاءِ ڪافي حراريون ٿيندس، پر کاڌي جا سڀئي گهربل جزا نه ڪي جوئر ۾ آهن، نه ڪي چانورن ۾؛ ان ڪري، سندس صحت ۽ بدن جي خوبي گهڻو وقت سالم نه رهندي: مطلب ته کاڌي ۾ نه رڳو انداز کي ڏسڻو آهي، پر سندس لياقت کي به ڏسڻو آهي ته سڀ ضروري شيون منجهس آهن يا ڪنهن ضروري شيءِ جي کوٽ ڪونه ڪو وڻاهه پيدا ڪندي.

قدرت ته اسان جي کاڄ جي شين پيدا ڪرڻ ۾ ڪاريگريءَ ۽ سخاوت سان گهٽايو ئي ڪونهي، پوءِ ڪي ڪنهن کي وڻن، ڪي ڪنهن کي؛ ڪي اگهو کائي ڪو سگهو؛ ڪي غريب ته ڪي شاهوڪار_ هر ڪو پنهنجي گهرج ۽ پڄنديءَ آهر کاڌي لاءِ ڪيتريون ئي شيون ڪم ٿو آڻي: جن کي جي ڪيمياوي نظر سان ڏسو ته منجهن کاڌي جا ضروري جزا فقط پنج آهن، جن مان ڪي ڪٿان، ڪي ڪنهن شيءِ مان حاصل ڪندا ٿا رهون. عمدو ۽ متوازن کاڌو اهو، جنهن مان اهي پنج ئي جزا گهربل انداز ۾ ميسر ٿي سگهن. اهي کاڌي جا ضروري جزا هيءُ آهن: (1) پروٽين (2) سڻڀ (3) مٺاڻ (4) معدني شيون ۽ (5) وٽئمنس.

کاڌي جا جزا، سندن وزن ۽ وصفون:

(1) پروٽين (Protein): پروٽين کاڌي جو بهترين جزو آهي، جنهن سان اسان جو جسم جڙيل آهي. اوهان کي ياد هوندو ته پروٽين جي هاضمي مان ”امائينو ائسڊس“ جڙن ٿيون، جي ڪيترن ئي نمونن جون ٿين ٿيون. عمدي پروٽين اها جنهن مان گهڻي ۾ گهڻيون امائينو ائسڊس نڪرن، مختلف اوڄن ۽ عضون کي مختلف امائنو ائسڊس کپن. گوشٽ ۽ کير ۾ سڀ امائينو ائسڊس آهن؛ پوءِ نمبروار آهن، مڇي، بيضا، اڻ ڇڻيل ڪڻڪ جو اٽو، پالڪ ۽ سرنهه جو ساڳ، دالين ۾ پروٽين آهي، پر هاضمي لاءِ ڏکيري.

پروٽين بدني تور جي ٽيهن سيرن تي هڪ آئونس جي حساب سان روزاني ضروري آهي. زياده کائڻ ۾ ڪا خرابي ڪانه آهي، وڌندڙ ٻارن کي جوانن کان گهڻي گهرجي. ٻن ورهين جي ٻار کي چار تولا کپن، وڏن ٻارن کي 7 ۽ 8 تولا. سموري گهربل پروٽين جو گهٽ ۾ گهٽ ٽيون حصو جانورن مان وٺڻ ضروري آهي، جو ويشنومتي وارا کير مان وٺي سگهن ٿا.

(2) سڻڀ (Hydrocarbon): سڻڀ ڪي جانورن مان ٿا ملن. جيئن ته مکڻ، گيهه، چرٻي. ڪي نباتاتي آهن، جيئن ته کوپري، سرنهه يا ترن وغيره جا تيل. سڻڀ نه رڳو جلائو ڪم ڏئي، بدني گرمي قائم رکڻ لاءِ ڪمائتا آهن، پر مکڻ گيهه ۽ چرٻيءَ ۾ وٽئمن به خوب ٿين، مکڻ سان ته لڳي ئي ڪونه. تيلن ۾ ڪابه وٽئمن ڪانه ٿئي. سچ ته تيلن کان چرٻي چڱي آهي، بعضي اشتهار ڏسبا آهن ته هن تيل ۾ وٽئمنس آهن. اهي غلط سمجهڻ گهرجن. سڻڀ، مٺاڻ کان ٻيڻي گرمي ڏئي ٿو. روزانو ڏيڍ آنو سڻڀ هئڻ گهرجي.

(3) مٺاڻ (Carbohydrates): مٺاڻ بدن لاءِ ائين آهي، جيئن انجڻ لاءِ ڪولا، ان ۾ زمين جي اندر ٿيندڙ ڀاڄيون مٺاڻ سان ڀرپور آهن. اسان جي کاڌي جو وڏو حصو اَن آهي. کاڌي جي شين چونڊڻ ۾ پهريون خيال پروٽين، سڻڀ، وٽئمن ۽ معدني جزن جو رکجي؛ باقي جيڪي حراريون کپن، سي آنن ۽ مٺاڻ مان پوريون ڪجن.

ڪڻڪ، چانور يا ٻئي ان جي داڻي جي ٻاهرينءَ ڇل ۾ وٽئمن ٿيندي آهي، جي اهو حصو کائڻ ۾ نه آيو، ته صحت سٺي نه رهندي. ڪڻڪ جي ڇل ڇاڻَ ۾ هوندي آهي ۽ چانورن جي چُني ۾، جي ڪو ماڻهو ڏينهن جو ميدي جي مانيءَ تي گذر ڪري ۽ رات جو انجڻ ڇڙين چانورن تي، ته ڏهن ڏينهن ۾ ڪمزوري لکائيندو؛ ڇاڪاڻ ته ڪابه وٽئمن ڪانه ملنديس، چانور گهڻو ڪري کير سان کائبا آهن، جو سندن خاميون درست ڪريو ڇڏي. جوشي چانورن ۾ ڳچ چُنو داڻي ۾ اچي ويندو آهي. ان ڪري اهي خورش جي خيال کان زور ڇڙيل، سڳداسين کان سٺا آهن.

ساڳيو حال ڪمند جي مٺاڻ جو آهي. کنڊ کان ڳڙ بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته ڳڙ ۾ کل جي رس به اچيو وڃي، جنهن ۾ وٽئمن آهي. البت کنڊ جو انداز ٿورو ٿو کائجي. جيترو مٺاڻ گهڻو کائبو، اوتري وٽئمن ”بي“ جي کائڻ جي زياده ضرورت، ڇاڪاڻ ته وٽئمن ”بي“ کان سواءِ مٺاڻ پوريءَ طرح ڪم اچي نه سگهندو.

(4) معدني شيون (Minerals): هي جزا هر ڪنهن ساهه واري کي کپن، جن ۾ پاڻي ۽ ڪيترن ڌاتن جا مرڪب اچي وڃن ٿا، جيئن:

ڪئلشم (Calcium): ڪئلشيم کير، ڏڌ ۽ ساين ڀاڄين مان اسان کي ملي ٿو، مريڙي، ميٿي، سئانجڙي جي ساڳ ۾ جام ٿئي؛ چانورن ۾ نه هئڻ جهڙو، لاڙي ماڻهو، جيڪي ڏينهن ۾ چانورن جي ماني کائين ۽ رات جو چانور، تن ۾ ڪئلشيم جي گهٽتائي اڪثر ڪري ڏسبي. رت ڇڊو ۽ هڏ ضعيف؛ ٻارن کي هڏڙيءَ جي بيماري ۽ نستائي. چانورن سان کير کائبو ته ڪئلشيم جي ڪمي ڀرجي سگهجي ٿي. وڌندڙ ٻار کي جوان کان ٻيڻو ڪئلشيم کپي؛ ڇاڪاڻ ته هن جو هڏ وڌندو رهي ٿو. هڏي جي ٺهڻ ۾ ڪئلشيم گهڻو گهرجي. ساڳيءَ طرح گرڀڻين ۽ ٿڃ ڏيندڙ زالن کي به گهڻو گهرجي. کير وارو ڪئلشيم بهترين آهي. ٻارن کي کير هوندي به بهتر آهي ته ڪنهن سٺي ڪئلشيم جا پنج گرين کن ڏيو ته بهتر، ڇو هت ان سان هڏ پختو ٿئي ۽ رت ڇڍو نه ٿئي. ڪئلشيم جي روزاني ضرورت ٻار لاءِ پندرهن گرين ۽ وڏي لاءِ ڏهه گرين آهي.

فاسفورس (Phosphorus): هن جا به پندرهن گرين روز گهرجن. آنن ۾ گهڻي قدر ٿئي ٿو. جنهن کاڌي ۾ ڪئلشيم جو وزن پورو هوندو،ان ۾ فاسفورس به پورو سمجهڻ گهرجي. گوشت، بيضن ۽ ڪڻڪ ۾ خوب ٿئي، سمنڊ جي مڇيءَ ۾ چڱو ٿيندو آهي.

فولاد (Iron): اهو فولاد آهي، جيڪو رت کي ڳاڙهو ٿو ڪري ۽ ڦڦڙن مان آڪسيجن کنيو بدن جي ذري ذري کي پهچائي ٿو. ان ڪري، جيترو فولاد گهٽ هوندو، اوتري آڪسيجن گهٽ جسم کي پهچندي. گوشت، جيري، دال، ان، صوفن، انجيرن ۽ بصرن ۾ ڪافي فولاد آهي، پر مليريا جو تپ، جو اسان جي ملڪ جو ڏاج آهي ۽ اسان سان هميشه همراه، سو ته فولاد جو وڏو دشمن آهي. مليريا جو جيوڙو رهي ئي رت جي ڳاڙهي گهرڙي ۾، ڇاڪاڻ ته سندس خوراڪ ئي فولاد آهي، ان ڪري تپن وارا ماڻهو پيلا ٿي ويندا آهن.

لوڻ (Sodium Chloride): لوڻ نه رڳو کاڌي کي سلوڻو ٿو ڪري، پر بدن لاءِ نهايت ضروري آهي؛ جي نه کائبو ته بت نست ۽ پيلو ٿي ويندو. بدن جي تازگي پاڻيٺ سان ٻڌل آهي ۽ پاڻيٺ لوڻ سان. ڏٺو اٿوَ ته ڪلراٺي زمين گهميل نظر ايندي آهي؛ ڇاڪاڻ ته ڪلر جو لوڻ پاڻيٺ کي هوا مان ڇڪي وٺندو آهي. البت اهي بيماريون جن ۾ اڳيئي بت ۾ پاڻي ڀرجي پوندو آهي، تن ۾ جي لوڻ کائبو، ته ويتر پاڻي وڌندو.

پاڻي (Water): پاڻي، کاڌي جو نهايت ضروري جزو آهي. خشڪيءَ ۾ گرهه چٻاڙڻ ۽ ڳهڻ ئي مشڪل. جي ڌرتيءَ تي پاڻي نه هجي ته ڪابه شيءِ جيئري نه رهي. بدن ۾ 64 سيڪڙو ته پاڻي آهي، کاڌي ۾ به ڪيترو پاڻي اچيو وڃي؛ پيئڻ جي شين ۾ تنهن کان سواءِ. گوشت ۾ ٽي پتيون پاڻي، ڀاڄين ۾ ته ويتر وڌيڪ. پاڻي بدن مان نڪري به ڪيترو ئي ٿو، نه رڳو پيشاب ۽ آنڊي جي رستي، پر ڦڦڙن مان، چمڙيءَ مان. عجب جي ڳالهه ته اها آهي جو ڪيترو به پاڻي پيئجي ته به رت ڇڊو ٿئي ئي ڪونه. ضرورت کان زياده رت ۾ ٿيو نه آهي ۽ بڪين ڪڍيو نه آهي.

(5) وٽئمنس (Vitamins): پوريءَ طرح تصديق ٿي چڪي آهي ته اهڙو کاڌو جنهن مان فقط گهربل حراريون ملي سگهن. بدن کي سالم رکي ڪين سگهندو، جيسين ان ۾ مناسب انداز ۾ وٽئمنس شامل نه ڪجي. کير، سايون ڀاڄيون ۽ تازو ميوو، جي واجبي انداز ۾ نه کائبا ته سڀني ضروري وٽئمنس جي پورائي نه ٿي سگهندي. وٽئمنس مکيه پنج آهن، جن کي اي (A)، بي (B)، سي (C)، ڊي (D) ۽ اِي (E) جا نالا ڏنا ويا آهن.

وٽئمن اي، ڊي، اِي، فقط سڻڀين شين ۾ مليل هونديون آهن، ان ڪري جن کاڌي واري شين ۾ سڻڀ نه هوندو، تن ۾ وٽئمن ٿي نٿيون سگهن. وٽئمن اِي جو بنياد سائو پن آهي، جنهن جي کائڻ ڪري وٽئمن اِي بدن ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي. سڀ سايون ڀاڄيون وٽئمن اي پهچائي سگهن ٿيون. بشرطيڪ ڪافي سڻڀ سندن رڌڻ ۾ ڪم آڻجي، ڳئون يا مينهن جي کير ۽ مکڻ ۾ وٽئمن اي مشڪل ٿيندي، جي ڪجهه سائو گاهه نه ملندس.

وٽئمن بي ۽ سي پاڻيءَ ۾ ڳري سگهن ٿيون، ان ڪري ميوي ۽ تازين ڀاڄين ۾ ٿينديون آهن.

وٽئمن جي اوڻاين ڪري بيماريون:

(1) وٽئمن اي (A): ٻارن کي اسرڻ ۽ چمڙيءَ کي رونق ڏيڻ لاءِ ضروري آهي. شب ڪوري ۽ ٻيون ڦڦڙن ۽ چمڙيءَ جون بيماريون به هن جي ڪمي جي ڪري واقع ٿين ٿيون. جنهن ماڻهوءَ کي منهن ۾ نمڪ ئي نه هجي، ان کي وٽامن اي ۽ سي جي گهرج هوندي آهي.

(2) وٽئمن بي (B): هن جي گهٽتائيءَ ڪري قبضي، بادي ۽ بدهاضمو ٿئي ٿو؛ جنهن ڪري آنڊي ۾ زهري جزا پيدا ٿين ٿا، جي تنتن کي سڄايو بت ۾ سور ڪري عضوا سڪايو وجهن.، هن مرض کي ’بيري بيري‘ (Beri Beri) چئبو آهي. چانورن جي اٽي ۾ وٽئمن ’بي‘ جو نالو ڪونه رهي، ڇاڪاڻ ته ڇاڻ ۾ نڪريو وڃي.

وٽئمن ’بي‘ ٻجن، بادامين، بيضن، مڇي، پٽاٽن، گجرن سنگن وارن آنن ۾ گهڻي مقدار ۾ ٿيندي آهي.

(3) وٽئمن سي (C): هن جي نه ملڻ ڪري ’اسڪروي‘ (Scurvy) جي بيماري ٿيندي آهي، جنهن ۾ مهارون سڄي پونديون آهن ۽ منجهائن رت پيو سمندو آهي؛ واٽ ۾ بدبو ٿي پوندي، هي ليمن، نارنگين، گريپ فروٽ، ٽماٽن، گوبين، گوگڙن وغيره ۾ ٿيندي آهي؛ کير ۾ به ٿئي، پر کير ڪاڙهيو ته وئي، وٽئمن ’سي‘ گرمي ڪين سهي، رڌڻ ڪري ته صفا چٽ ٿيو وڃي، پر جي ڀاڄيون رکئي سڪي ويون، ته به وئي!

(4) وٽئمن ڊي (D): هن جي اوڻائيءَ ڪري هڏا ڪمزور ۽ ڏنگا ٿي پوندا آهن، جنهن کي ”هڏڙيءَ جي بيماري“ (Rickets) چئبو آهي. هڏين ۾ ايذاءُ هئڻ ڪري ٻار رڳو پيو روئندو؛ بعضي دم به ٿي پويس. اهڙن ٻارن کي وٽئمن اي، ڊي ۽ ڪئلشيم کارائجي ته پهلوان ٿي پوندا.

وٽئمن ’ڊي‘ کير، مکڻ ۽ مڇيءَ جي تيل ۾ گهڻي ٿيندي آهي. وٽئمن اي ۽ ڊيءَ جي غيرموجودگيءَ ۾ ڪئلشيم ڏبو ته هَڏُ ڪين ڀريندو.

(5) وٽئمن اِي (E): هي اولاد ٿيڻ لاءِ ضروري آهي، ڪڻڪ ۾ جام آهي ۽ مٽرن، چڻن، ساين ڀاڄين، پالڪ، مريڙي، سرنهه جي ساڳ وغيره ۾ گهڻي ٿئي ٿي. گهڻي بلڊپريشر ۾ وٽئمن اِي مفيد ثابت ٿي آهي.

کاڌي بابت هدايتون

(1) کاڌي تجويز ڪرڻ جا اصول: بهترين کاڌي سوچڻ لاءِ هيٺيون ڳالهيون خيال ۾ آڻجن:

پنهنجي عمر ۽ ڪم موجب حساب ڪريو ته اوهان کي گهڻين حرارين جي ضرورت آهي.

پنهنجي پئسي ۽ پسنديءَ موجب جيتري به بهترين پروٽين مناسب سمجهو، سا وٺو، جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ ٽين پتي جانورن مان هجي.

ساڳيءَ طرح سڻڀ جو مکڻ، گيهه ۽ چرٻيءَ مان، هاضمي پٽاندر روزانو وزن مقرر ڪريو. سڻڀ مان ٽيهه سيڪڙو حراريون بس آهن. پروٽين ۽ سڻڀ مان ڀرايل حراريون ڪٿي باقي ڀراءُ مٺاڻ جي شين مان پورو ڪري، اٽو، چانور، کنڊ، ڳڙ وغيره.

کير، ڀاڄيون ۽ ميوو ڪجهه نه ڪجهه ضرور هجي، جن مان معدني شيون ۽ وٽئمن ملن ٿيون. وٽئمن ”اي“ روزاني 3000 يونٽ گهرجي، وٽئمن ”بي“ 300 يونٽ، وٽئمن ”سي“ 30 ملي گرام، وڌيڪ وٺبيون ته بهتر.

حد کان وڌيڪ حرارين جو کاڌو کائڻ اجائي ٿولهه ڪندو. بهتر آهي ته ٿورو گهٽ کائجي. گهٽ کائڻ ڪري هاضمو ڪين ٿڪبو ۽ جي هاضمو سٺو هوندو ته گهٽ کاڌي مان ئي گهربل طاقت ملي ويندي. اڃا ٿوري بُک هجي ته بس ڪجي نهايت سٺو اصول آهي.

(2) کاڌي جو رڌڻ: رڌڻ ڪري، کاڌو چٻاڙڻ، هاضمي لاءِ سولو ۽ سوادي ٿئي ٿو، ان کان سواءِ ان جا جيوڙا به مريو وڃن، مصالحا، معدي جي رس وڌائي ڪري، بک وڌائيندا آهن، جي رس اجائي گهڻي نڪتي ته کٽي اوڳرائي ۽ بدهضمو ڪري وجهندي، جنهن ۾ لُڪي پئي سڙندي.

اوٻاريل شيون هاضمي لاءِ سوليون پر بي سائيون. تريل ۽ پڪل شيون سوادي، پر دير هضم. رواجي طرح رڌڻ ٻنهي جي وچ تي سٺو نمونو آهي، جنهن ۾ شيءِ اجائي سخت به نٿي ٿئي ۽ ٿوري مصالحي ڪري سوادي به ٿئي. رڌڻ ۾ ٿوري کٽاڻ ڪم آڻڻ ڪري وٽئمن جو ٻچاءُ ٿئي ٿو. وٽئمن ”اي“ رڌڻ ڪري ايتري خراب نٿي ٿئي، پر وٽئمن ”بي“ ڌوئڻ ۽ رڌڻ ۾ ڳچ نقصان ٿيو وڃي. پٽاٽا، کل سوڌا اڌ ڪلاڪ کن رڌبا، ته وٽئمن ”بي“ ۽ ”سي“ ضايع ٿيندي، ڇلي رڌڻ ڪري پٽاٽن جي وٽئمن سڀ سڙيو وڃي.

جي ڪنهن شيءِ جي طاقت شروع ۾ آڻڻي هجي ته ٿڌي پاڻيءَ ۾ چاڙهي، ٿوريءَ باهه تي ٽهڪائجيس، جي ڀانئجي ته گوشت جون شيون گوشت ۾ ئي رهن، ته پاڻي گرم ڪري پوءِ منجهس گوشت وجهجي ته ان جي ائلبيومن وغيره ڄمي پون، جنهن ڪري شروع ۾ گهڻيون شيون ڪين وينديون، پوءِ اڌ_ رڌو ڪري پچائجيس، ترجي يا جيڪي ڪرڻو هجي.

مکڻ کي گيهه ڪرڻو هجي، ته ڪنهن بند ٿانوَ، جهڙوڪ ٽين يا ننڍي منهن واري ديڳڙيءَ ۾ ڪجي، جيئن مکڻ کي گهڻي هوا نه لڳي، نه ته سندس وٽئمن ”اي“۾ گهڻي قدر آڪسيجن کائي ڇڏيندي.

(3) کاڌي جا وقت: کاڌو ڏينهن رات ۾ ٻه ڀيرا بس آهي، ان ڪري هاضمي جي عضون کي ڪافي آرام ملندو ۽ سندن ڪم سٺو هلندو رهندو. هر هر کائڻ ته بدهاضمي کي پئسا خرچي وٺڻو ٿيو. اهي ماڻهو جن جو هاضمو ڪمزور آهي يا دل جي بيماري هجي، ته ٿورو وزن، وڌيڪ ڀيرا کائڻ مناسب آهي. ٻن وقتن جي کائڻ ۾ پنج ڪلاڪ وڇوٽي هئڻ ضروري آهي. بهتر آهي ته کاڌو پورن وقتن تي کائجي. جي مقرر وقت تي بُک نه هجي ته بنهه اهو وقت گسائي ڇڏجي، پر دير ڪري کائڻ چڱو نه ٿيندو؛ يا فقط ٿورو ميوو ئي کائي ڇڏجي.

(4) کاڌي جو انداز ۽ ان جي لياقت: کاڌي جي وزن بنسبت گهڻو ئي ڪجهه پروڙيو هوندؤ. مقرر حرارين کان اصل مٿي نه وڃجي. شيون اهڙيون چونڊجن، جن مان سڀ ضروري جزا ۽ وٽئمنس موجود ٿي سگهن. البت سياري ۾ سڻڀ ۽ مٺاڻ گرمي پيدا ڪرڻ لاءِ سرس کڻجن؛ وري اونهاري ۾ ڀاڄيون ۽ ميوو وڌائبو ته بهتر. کاڌي ۾ ڦيرڦار بلڪل ضروري ٿيندي؛ نه ته ساڳي شيءِ ڪهڙي به مزيدار هوندي ته ڪڪ ڪري وجهندي.

(5) ٿڪ ۾ کائڻ ٿڪل بُت کي ويتر ٿڪائڻ. بهتر آهي ته اهڙي حالت ۾ پهرين ٿورو آرام ڪجي، يا لاچار ته گلوڪوز جو گلاس پي ڇڏجي، جنهن کي هاضمي جي ضرورت ئي ڪانه ٿيندي.

(6) رات جو کائي جلدي سمهڻ خراب آهي، جواني هرڪا زيادتي سهيو وڃي، پر اهڙا ڏينهن هميشه نه هوندا، دل جو ڌڙڪو، بدهاضمو ۽ بدخوابي يا ڪا ٻي تڪليف پيدا ٿيندي.

(7) کائڻ وقت پڙهڻ يا ٻيو ڪجهه ڪرڻ مناسب نه آهي، پر جي وڻندڙ گفتگو پئي ڪجي ته تڪڙي کائڻ کان بچبو.

پيئڻ جون شيون (Beverages)

(1) پاڻي: هيءَ قدرتي پيئڻ جي شيءِ، سڀني کان سٺي، ضروري ۽ بي ضرر آهي، جنهن سان اندرين ٻاهرين صفائي ٿئي ٿي، روز ڇهه گلاس پاڻي پيئڻ مناسب آهي. پاڻيءَ مان ٻيون به ڪيتريون شيون موسمن جي خيال سان پيئڻ لاءِ ٺاهبيون آهن.

(2) چانهه: هيءُ سُڪل پنن جي صورت ۾ ملندي آهي. منجهس خوشبودار ۽ مفرح جزن کانسواءِ ٻيون مکيه ٻه شيون آهن.

1- ٿين (Thein): جا مغز کي وقتي طراوت ڏئي ٿي ۽ بدن کي چستي، 2- ٽئنن (Tannin)، جا سخت قابض ۽ بدهاضم آهي. چانهه جيئن گهڻو ڪاڙهبي، تيئن هي جزو منجهس گهڻو ڳرندو ۽ ويتر نقصان وڌندو. چانهه ٺاهڻ جو عمدو نمونو هي آهي جو چانهه جا پن چانهه داڻيءَ ۾ وجهي، مٿانئس بنهه ٻڙڪندو ٽهڪندڙ پاڻي وجهي پنج منٽ بند ڪري دم ڏجيس؛ ۽ پوءِ گهرج موجب کير ۽ کنڊ ملائي پيئجي، گهڻي چانهه پيئڻ ڪري بدهاضمو ۽ دل جو ڌڙڪو ضرور ٿيندو.

(3) ڪافي (Coffee): هيءَ هڪ ٻوٽي جي ٻجن کي ڀُڃي پيهي پوءِ چانهه وانگر ڪم آڻبي آهي. سندس ڪئفين (Caffeine) جزو دل ۽ دماغ کي طراوت ڏئي ٿو. ’ٿين‘ کان سواءِ منجهس سڻڀ به آهي، جنهن ڪري منجهانئس ڪجهه حراريون به حاصل ٿي سگهنديون.

(4) ڪوڪو (Cocoa): ڪوڪو پيٺل ٻوري جي صورت ۾ چانهه وانگر دٻن ۾ ملندو آهي ۽ ساڳيءَ طرح ڪم آڻبو آهي. هن کي ڪنهن حد تائين کاڌو به چئي سگهجي ٿو. منجهنس ”ٿين“ ۽ ”ڪئفين“ جهڙا جزا به آهن، چاڪليٽ هن مان ٺهندا آهن.

(5) شربت: هي کنڊ کي پاڻيءَ ۾ پچائي منجهس خوشبودار شيون ملائي ٺاهبا آهن، شربت پيئڻ ۾ سوادي ۽ مفرح ٿئي ٿو.

(6) ٿاڌل: هي گدري وغيره جي ٻجن ۽ ڪن ٻين پساسر جي شين کي گهوٽي ڇاڻي مٺي ڪري پيئبي آهي. بادامين وجهڻ ڪري، ٿاڌل نه رڳو لذيذ پر طاقت ڏيندڙ پڻ ٿئي ٿي. اوهان کي ياد هوندو ته ”وٽئمن“ ”بي“ ٻجن ۽ بادامين ۾ به ٿيندي آهي، جا مٺاڻ کي پوريءَ طرح ڪتب ٿي لائي.

(7) ٻاٽليون: ليمن، آرينج، ومٽو وغيره مختلف جوهرن پيل شربتن سان گڏ ڪاربانڪ ائسڊ گئس ڀرڻ سان ٺاهبيون آهن، جنهن ڪري پاڻي ويتر وڻندڙ ۽ هاضم ٿيو پوي.

(8) لسي: هيءَ مکڻ نڪتل ڏڌ ۾ پاڻي ملائي ڇڊو ڪري ٺاهبي آهي ۽ ٿورو لوڻ ملائي پيئبي آهي. گرم ملڪن لاءِ ته نعمت آهي. گرم ملڪن ۾ کير جي لسي به ٺاهي پيئندا آهن.

(9) ناريل جو پاڻي: پيئڻ ۾ سوادي ۽ هاضمو ڪندڙ آهي. ڇار اوڳرائي ۽ کٽائيءَ وارن لاءِ گهڻو فائدي وارو آهي.

نشيدار شيون

(1) شراب: جهڙوڪ: برانڊي، وسڪي، تاڙي وغيره. سڀني ۾ نشو پيدا ڪندڙ شيءِ هڪڙي ئي آهي، جنهن کي ”الڪوحل“ (Alcohol) چئجي ٿو. الڪوحل هڪ بي رنگو، تکيءَ بوءِ ۽ تيز جلائيندر سواد وارو زهريلو پاڻياٺو جوهر آهي، جو سڀني شرابن ۾ گهٽ وڌ موجود آهي. بيمارين جي حالت ۾ ڪيترن وقتن تي ڪارائتو آهي، مگر واجبي انداز کان زياده نهايت نقصانڪار آهي. معدي، جيري ۽ بڪين کي ته ترت وڃايو وجهي، مغز تي به بلڪل برو اثر اٿس، سمجهوءَ کي پسون ۽ شريف کي بي حيا ڪرڻ هن جو ڪم. مطلب ته مايا به چٽ ته ڪايا به برباد، نه رهي ڍنگ نه ننگ، هوش به گم ناموس به ناس. شال ڌڻي ڪنهن انسان کي ”شرابي“ جي نالي کان امن ۾ رکي!

(2) ڀنگ: هڪ خطرناڪ نشيدار شيءِ آهي، جنهن جي ڦندي ۾ ڪيترا چڱا مٺا ڦاٿل ڏسبا، جي سندس دائمي غلاميءَ ۾ گرفتار ۽ لاچار آهن. هڪواريءَ ڪو هن جي چنبي ۾ ڦاٿو ته جان ڇڏائڻ مشڪل. خبر نه آهي ته ماڻهن کي هٿ سان پنهنجو هوش وڃائڻ ۾ ڪهڙو مزو ٿو اچي! اهڙن بيڪارن کان بنهه پري رهجي.

(3) گانجو، چرس ۽ آفيم: اهي ٻئي موتمار شيون آهن. افسوس آهي جو ڪيتريون جاهل زالون پنهنجن معصوم ٻچن کي ننڊ ڪرائڻ لاءِ آفيم ڏينديون آهن. اهڙا ٻار نه ڪنهن عمر کي رسندا، نه ڪنهن ڪار کي، سندن معصوم زندگيءَ ۾ ايڏو ظلم فقط جهالت ئي روا رکي سگهي ٿي. اوهان جو فرض آهي ته ڪنهن به مظلوم بي خبر ٻچي سان هي ناحق ٿيندو ڏسو ته ان کي سختيءَ سان روڪيو. مائٽ هٿ سان پنهنجن پيارن ٻچن کي نشئي ڪن عجيب سلوڪ آهي!

 

 

 

 

رپورٽ: سنيتا گانڌي

شبنم گل

وڏن نالن جي آڙ ۾ بيهڻ بدران پنهنجي

انفراديت تي فخر محسوس ڪري ٿي

ڪتاب ”اڻڄاتل شهر جو نقشو“ جي مهورت واري تقريب جو احوال

 

ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن شبنم گل جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”اڻڄاتل شهر جو نقشو“ منظر عام تي آيو ته محسوس ٿيو ته تخليقي سنڌي ڪهاڻي ٻيهر ساهه کڻڻ لڳي آهي. شبنم، پنهنجي هم عصر ڪهاڻيڪارن کان ڪيترو اڳتي آهي ان جو فيصلو ايندڙ وقت ڪندو، پر ٽريٽمينٽ جي اعتبار سان سندس ڪهاڻيون انتهائي منفرد ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن.

شبنم کي جڏهن اهو چيو ويو ته هوءَ ذهني وسعت جي لحاظ کان امرتا پريتم سان گهڻي ويجهو آهي ۽ شعور جي وهڪري ۾ هوءَ ڪٿي ٿي قرةالعين حيدر وانگر محسوس ٿئي ٿي، تڏهن چيو هئائين ته هوءَ وڏن نالن جي آڙ ۾ بيهڻ بدران پنهنجي انفراديت تي فخر محسوس ڪري ٿي. هن لاءِ اهوئي سڀ کان وڏو اعزاز آهي ته پڙهندڙ کيس مسلسل پڙهڻ چاهين ٿا.

شبنم گل هڪ ڪمپيئر، شاعره ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پنهنجي منفرد لهجي ۽ تحريرن جي نواڻ کي محسوس ڪرائيندي رهي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ شبنم گل جي ڪتاب جي مهورت ٿي گذري، جيڪا سائين ابراهيم جويي صاحب ڪئي. ڪوآرڊينيٽر مراد علي مرزا هو، جڏهن ته اسحاق انصاري پروگرام جي ڪارروائي هلائي. مهورت کان اڳ اشتياق انصاري سڀني آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ اعلان ڪيو ته آئنده به ان قسم جون مختلف ادبي گڏجاڻيون ڪرايون وينديون. ان کان پوءِ نيوزلائن جي ايڊيٽر رضيه ڀٽي جي موت تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.

شاعره عطيه دائود چيو ته ”شبنم جي ڪهاڻين ۾ ورجاءُ محسوس ٿئي ٿو، سندس تحرير ۾ رومانيت وارو رجحان وقتائتو نه آهي، ڇو ته زندگي ڏاڍي بي رحم آهي. شبنم جون ڪهاڻيون حقيقي ڪردارن جي چؤڌاري ڦرن ٿيون. شبنم پنهنجين ڪهاڻين ۾ عورت جي مسئلن کي سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي.

محترمه رشيده حجاب چيو، ”اسان رڳو پنهنجي ڳالهه ڪندا آهيون، اسان کي رڳو پنهنجو پاڻ سان پيار آهي. ان کان هٽي ڪري اسان کي تنقيد برداشت ڪرڻ جي سهپ پيدا ڪرڻ گهرجي، مان ڪافي عرصي کان پوءِ ڪنهن ادبي گڏجاڻيءَ ۾ شامل ٿي رهي آهيان، هتي اچي مون کي خوشي ٿي آهي، جنهن لاءِ مان شبنم کي مبارڪ ڏيان ٿي. اهڙيون ادبي محفلون ٿيڻ گهرجن. هتي اهو چيو ويو ته شبنم جي ڪهاڻين ۾ اضافي پيراگراف آهن يا موضوع کان هٽيل ڳالهين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. منهنجي خيال ۾ اها ڪا وڏي خامي نه آهي. ڪهاڻيڪار جيڪا شيءِ لکي هوندي سوچي سمجهي لکي هوندي.

شاعره گؤري ولڀ چيو ته ”ڪهاڻيءَ جو هڪ گهاڙيٽو هوندو آهي، ڪي فني گهرجون هونديون آهن جنهن مطابق ڪهاڻي لکي ويندي آهي. شبنم جي ڪهاڻين ۾ تاثر وڌيڪ آهي، مان شبنم کان سوال ڪنديس ته فني اصطلاح مطابق هوءَ پنهنجين ڪهاڻين کي ڪهڙو نالو ڏئي ٿي؟ شبنم جون تشبيهون خوبصورت آهن، سندس ڪهاڻين جي عورت، معاشري سان مسلسل ٽڪراءُ ۾ آهي.

محترمه زبيده ميتلو چيو ته ”شبنم جي تحرير ۾ درد ۽ وڇوڙي جو ذڪر وڌيڪ آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته شبنم جي اندر ۾ شعور جي ڪنڊن جي چڀن آهي. سندس تحرير ۾ هڪ گهرو اثر آهي. مون پهرين ڪهاڻي پڙهي ته ڪتاب کي ختم ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس. شبنم جي اها خوبي آهي ته هوءَ پڙهندڙ کي پنهنجن لفظن ۾ مڪمل طور تي انوالو ڪري ٿي ڇڏي.

خيرالنساءِ جعفري چيو، ”منهنجي تمنا آهي ته مان شبنم جهڙيون ڪهاڻيون لکان، شبنم جون ڪهاڻيون ڏاڍيون ٽچي آهن ۽ دل جي گهراين کي ڇُهي وڃن ٿيون.

شاعره سحر رضوي چيو ته ”اها وقت جي ضرورت آهي ته عورت جي مسئلن تي لکڻ گهرجي. مرد جي رويي جي باري ۾ اوهان کي ٻڌايان ته جڏهن مرد سان گڏ زال هوندي آهي ته چيو ويندو آهي ته مون سان گڏ ٻار آهن. هو عورت کي ٻار چئي هن کي سماجي خاني مان ڪڍي ڇڏي ٿو. ٻار تي ڪهڙي ذميداري وجهي سگهجي ٿي يا ٻار جي ذهني سطح ڇا ٿي سگهي ٿي، اسان کي انهن سڀني ڳالهين تي غور ڪرڻ گهرجي.

جامي چانڊئي چيو، ”ڪهاڻي ۾ حقيقت نگاري وڌيڪ هوندي آهي، بنسبت افساني جي، ڪهاڻي ۾ رائٽر پنهنجي سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار کڻي پنهنجي دور جي معيار ۽ قدرن جي عڪاسي ڪري ٿو. اسان وٽ تنقيد جي کوٽ جي ڪري ادب جا جيڪي Concepts آهن، پوءِ ٽيڪنيڪي هجن يا Content wise هجن واضح نه آهن. سنڌ ۾ مضمون، مقالي، ڪالم ۽ تاثر ۾ ڪو فرق نه رهيو آهي. هتي اها ڳالهه ڪئي وئي ته شبنم هڪ فيمينسٽ رائٽر آهي، جيڪو سندس اورئينٽينشن مان ظاهر آهي ته هو فيمينسٽ رائٽر آهي. شبنم جي ڪهاڻين ۾ عورت جا ڪردار ڏاڍا مثبت آهن.

ولي رام ولڀ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو، ”شبنم هڪ انٽروورٽ شخصيت آهي، ان ڪري سندس تحريرون احساساتي آهن، جن ۾ هن ڪهاڻيءَ تي ڪردار جي داخلي ڪيفيتن جي حوالي سان واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اديب بنيادي طور تي انساني اعليٰ قدرن جو محافظ آهي. رائٽر نه مرد هوندو آهي ۽ نه عورت، پر هو صرف تخليقڪار هوندو آهي، شبنم جي ڪهاڻي اثرائتي ۽ دل کي ڇهندڙ آهي.

تاج جويي موضوع کي اڳتي وڌائيندي چيو، ”شبنم جي ڪهاڻين ۾ گهرائي آهي. موضوع کڻي ساڳيا آهن، پر هن وٽ ٽريٽمنٽ مختلف ۽ اثر انگيز آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ فلسفي ۽ تصوف جو رنگ آهي، هوءَ اڻڏٺل لهجن ۽ منظرن جي ڳالهه ڪري ٿي جن کي رڳو محسوس ڪري سگهجي ٿو.“

اياز لطيف پليجي چيو، ”اڄ جي دؤر جي تقاضا اها آهي ته عورت تي ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اُٿارڻ گهرجي، جنهن لاءِ فيمينسٽ ٿيڻو پوندو. شبنم جي ڪهاڻين جا ڪردار حقيقي ۽ جيئرا جاڳندا ڪردار آهن. هتي اهو چيو ويو ته مرد، عورت جو ايترو دشمن نه آهي، جيتري هڪ عورت ٻي عورت جي. عورت، عورت لاءِ ڪيترا مسئلا پيدا ڪري ٿي ڇڏي، پر شبنم ڪهاڻين وسيلي ان رويي کي ننديو آهي، جيئن سيڪنڊ چوائس ۾ روشني هڪ شادي شده مرد کي اهو چئي شاديءَ کان انڪار ڪري ٿي ڇڏي ته مان سيڪنڊ چوائس نه ٿي بڻجڻ چاهيان. ڪجهه ڪهاڻيڪار اهڙا آهن، جن دنيا جي ادب جو سٺو مطالعو ڪيو آهي، انهن مان شبنم به هڪ آهي.

نصير مرزا پنهنجي خيالن جو اظهار ڪجهه هن ريت ڪيو ”شبنم جي ڪهاڻين کي سامهون رکي سوچڻو پوندو ته شبنم Format جي لحاظ کان خيرالنساءَ جعفري جي ڪيترو ويجهو آهي ۽ سندس ڪهاڻيون نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻين کان ڪيتريقدر بهتر آهن. هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ شبنم ڪيتريقدر ڪامياب آهي، ان جو فيصلو وقت ڪندو، پر پنهنجين تحريرن جي غمناڪي، جملن جي خوبصورت بيهڪ ۽ شعور جي بي اختيار وهڪري ۾ شبنم، مون کي قرةالعين حيدر جي ويجهو لڳندي آهي. شبنم وٽ پنهنجي ڳالهه کي چوڻ جو ڏانءُ آهي. سندس لفظن ۽ تحرير جي سحرانگيز فضا ۾ پڙهندڙ مڪمل طور تي وڃائجي وڃي ٿو.

اسحاق انصاري ان حوالي سان ڳالهائيندي چيو، ”اڄ چيو وڃي ٿو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي تيز وهڪري ادب کي متاثر ڪيو آهي، پر مان ائين نه ٿو سمجهان. شبنم جا ٻه جملا آهن ته ”تنهنجي لهجي ۾ خزائن جي خوشبو آهي ۽ تنهنجين اکين ۾ بنا چنڊ جي ڪارين راتيون آهن.“ ته انهن لفظن کي اسڪرين تي ڪيئن ڏيکاري سگهجي ٿو. اهڙن لفظن جي خوبصورتيءَ کي پڙهڻ وسيلي صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو.

تنوير جوڻيجو چيو، ”اهڙي خوبصورت ڪتاب جي تخليق تي مان شبنم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿي. شبنم کي هميشه اسڪرين ۽ ريڊيو تي سٺو ڳالهائيندي ٻڌندا هئاسين، پر هاڻ احساس ٿئي ٿو ته هوءَ سٺي ڳالهائڻ سان گڏ تمام سٺو لکي سگهي ٿي.

طارق عالم چيو، ”مان پاڻ ڪهاڻيڪار آهيان ان ڪري مان ڪهاڻين کي تنقيدي نطر سان ڏسڻ بدران انهن کي ساراهيان ٿو، ڪڏهن ڪنهن اهو چيو هو ته سنڌي ڪهاڻي ختم ٿي رهي آهي، پر شبنم جون هي ڪهاڻيون ظاهر ڪن ٿيون ته سنڌي ڪهاڻي اڄ به پوري سگهه ۽ توانائيءَ سان لکجي رهي آهي.

ناظمه پنهور چيو، ”مون شبنم جون ڪجهه ڪهاڻيون پڙهيون آهن جيڪي پڙهندڙ کي حقيقت نگاري جي ڪري گهرائيءَ سان متاثر ڪن ٿيون.“

پروفيسر امير علي قادري چيو، ”شبنم مهاڳ ۾ لکيو آهي ته مون ڪڏهن به مخصوص سوچ جي پرچار نه ڪئي آهي، جڏهن ته اديب وٽ ڪونه ڪو مقصد هئڻ گهرجي. سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جو خيال نه ٿو رکيو وڃي. انگريزيءَ ۾ مون ڪڏهن به گرامر ۽ اسپيلنگ جي غلطي نه ڏٺي آهي، ٻوليءَ تي خاص توجهه ڏنو وڃي.

پروفيسر غني شيخ چيو، ”شبنم جون ڪهاڻيون اسٽائل ۽ لفظن جي چونڊ جي اعتبار کان منفرد آهن. ٻولي انتهائي متاثر ڪندڙ آهي. خاص ڪري تشبيهون ۽ استعارا پنهنجي اندر معنيٰ جا ڪيترا رنگ رکن ٿا. شبنم پنهنجين ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي مسئلن جو ذڪر ڪري ٿي، جنهن ۾ عورت جو استحصال، غربت، بک ۽ بي وسي جهڙا نازڪ مسئلا بحث هيٺ آندا ويا آهن. شبنم (Pessimism) جي ڳالهه ڪري ٿي، پر پوءِ سندس ڪهاڻين ۾ مايوسيءَ جي باوجود اميد موجود آهي. پوءِ خبر نه آهي ته ڇو شبنم ان کي (Pessimism) جو نالو ڏئي ٿي، جڏهن ته هن جي شخصيت ۾ عزم ۽ ارادي جي پختگي آهي. شبنم جي ٻولي ۽ اسٽائل کيس بهترين ڪهاڻيڪارن جي صف ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.“

محترم ابراهيم جويي چيو، ادب مقصد تحت لکڻ گهرجي، ڇو ته ان ۾ ماڻهن لاءِ هڪ وڏو پيغام ٿئي ٿو، مقصد کان سواءِ ادب جي ڪابه اهميت نه آهي.

محترم مراد علي مرزا آخر ۾ ڳالهائيندي چيو، ”شبنم حد کان وڌيڪ حساسيت جي ڪري هر هڪ ڳالهه کي شديد گهرائيءَ سان محسوس ڪري ٿي. باقي اها ڳالهه ته جيستائين شبنم جي الميه نگاري جو تعلق آهي ته دنيا ۾ ادب جو وڏي ۾ وڏو حصو ٽريجڊي تي مشتمل آهي. شبنم جي ٻولي نهايت ئي خوبصورت آهي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي ڪلائمڪس تي پهچي وئي آهي.

آخر ۾ پروگرام جي پڄاڻي تي شبنم گل چيو ته ”مان فيمينسٽ نه پر هيومنسٽ آهيان، ڇو ته انسانيت جي ڪا جنس، ڪو مذهب يا ويساهه رکان ٿي. مون جيڪڏهن ڏهن ماڻهن جي سوچ کي ڪا لوچ عطا ڪئي،  يا انهن جي پرسنل گرومنگ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته سمجهنديس ته مون پنهنجي وجود جي هئڻ جو حصو ادا ڪيو. هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته مون ڪهاڻي ڇو لکي ته اهو معاشرتي تضادن جي خلاف هڪ پراحتجاج ردعمل آهي. مان سمجهان ٿي ته نئين سوچ تي ڪو پهرا نه ٿو رکي سگهي. منفرد سوچ جي سگهه اڳيان ڪو بند نه ٿو ڏئي سگهي. اسان سڀني کي ملي هن فرسوده ماحول کي تبديل ڪرڻو آهي. مان مرد جي خلاف نه آهيان، پر هن سڄي سسٽم جي خلاف آهيان، جنهن جي لاءِ مرد ۽ عورت کي ملي وڙهڻو آهي. جيستائين منهنجين لکڻين جو تعلق آهي ته مان شعور جي تسلسل ۾ لکندي آهيان، ان ڪري ڪڏهن به نه سوچيو اٿم ته منهنجين ڪهاڻين ۾ ڪيترا پيراگراف اجايا آهن يا انهن ۾ ڪيتري حد تائين موضوع کان هٽي ڳالهه ڪئي اٿم. منهنجي خيال ۾ جتي ڪابه شيءِ شعوري ڪوشش سان لکي وڃي ٿي ته ان ۾ رائٽر جي معصوميت ۽ فطري پڻو موجود رهي ٿو. باقي وقت سان گڏوگڏ مشاهدي جي قوت سان تحرير جو معيار بهتر ٿيندو رهندو آهي. هتي اڪثريت جو خيال هو ته مان پنهنجين ڪهاڻين ۾ حقيقت پسند آهيان، جڏهن ته ڪن جو خيال هو ته زندگي بي رحم آهي، ان ۾ رومانيت لاءِ ڪا گنجائش باقي نه ٿي رهي. منهنجي خيال ۾ زندگيءَ جي بدصورتيءَ کي بدلائڻ لاءِ تخيل جي هڪ منفرد دنيا هئڻ گهرجي. تعبير ملي يا نه پر خواب ڏسڻ گهرجن. جيستائين داخليت جي ڳالهه ڪئي وئي ته مان سمجهان ٿو ته مون خارجي مسئلن کي داخلي طور محسوس ڪري لکيو آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيڪارن جي داخليت هوندي آهي ته پڙهندڙ پاڻ کي ان جي ويجهو محسوس ڪندو آهي. لفظ به چهرن جي ان پهرين تاثر وانگر هوندا آهن، جن سان پاڻمرادو دوستي ٿي ويندي آهي.

آخر ۾ شبنم گل، عطيه دائود جا ٿورا مڃيا، جيڪا ڪراچيءَ مان آئي هئي. هن چيو ته هن تقريب ۾ ابراهيم جويي، مراد علي مرزا ۽ پروفيسر غني شيخ جي موجودگي منهنجي لاءِ وڏي حوصله افزائي آهي. هن اُتي موجود سڀني معزز مهمانن جي تعاون کي تمام گهڻو ساراهيو.

 

 

رپورٽ: الطاف حسين باگراڻي

 

اُستادن کي گهرجي ته هو ٻارن جي ذهنن جي صحيح آبياري ڪن

تعليمي سيمينار ڇتو مادراڻي جي رپورٽ

 

16 اپريل 1996ع اڱاري ڏينهن 45:11 وڳي گ. سب هاءِ اسڪول ڇتو مادراڻي ۾ س.ا.س ڇتو مادراڻي طرفان پهريون ڀيرو شاندار نموني سان تعليمي سيمينار ڪوٺايو ويو. سيمينار ۾ تعليم جي ماهرن، اديبن، شاعرن، دانشورن، استادن ۽ مقامي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جي صدارت لاءِ مسٽِر احمد خان بلوچ، سنڌ ٽيڪنيڪل بورڊ جي اسپورٽس آفيسر کي اسٽيج تي سڏيو ويو. خاص مهمان جي ڪرسي تي س.ا.س سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مسٽر ڊاڪٽر شمس سومرو صاحب کي ويهاريو ويو. ان کان پوءِ اعزازي مهمان طور گورنمينٽ برانچ هاءِ اسڪول ڇتو مادراڻي جي هيڊماستر مسٽر حيدر علي آرائين کي اسٽيج تي سڏيو ويو.

ان کان پوءِ بيجن لڳائڻ جي رسم ٿي. بيج هڻڻ واري تقريب ۾ بزم گلشن سنگت جي ميمبر مسٽر علي اڪبر باگراڻي احمد خان بلوچ کي بيج لڳايو. مهمان خاص مسٽر ڊاڪٽر شمس سومرو کي جونيئر اسڪول ٽيچر محمد شريف باگراڻي بيج لڳايو ۽ اعزازي مهمان حيدر علي آرائين کي غلام حسين باگراڻي بيج هنيو، مسٽر علي نواز ٽالپر تلاوت ڪلام پاڪ ڪئي ۽ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض ڪائونسلر س.ا.س . ش ڇتو مادراڻي جي مير نور احمد ٽالپر ادا ڪيا. جنهن س.ا.س جي سيڪريٽري مسٽر الطاف حسين باگراڻي کي آجياڻي لاءِ سڏيو، جنهن پنهنجي تقرير ۾ آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته س.ا.س. ش طرفان هي پهريون سيمينار منعقد ڪيو ويو آهي. هن سيمينار سڏائڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جي علم و ادب ۽ تعليم جي ترقي لاءِ ٻهراڙيءَ ۾ جيڪي ڪوششون ٿين ٿيون، انهن کي عوام الناس آڏو آندو وڃي ۽ تعليمي ترقي جي راهه ۾ جيڪي رڪاوٽون ۽ مسئلا، استادن، شاگردن ۽ تعليمي ادارن کي درپيش اچن ٿا، تن جو سنجيدگيءَ سان جائزو ورتو وڃي، گڏجي ڪو لائحه عمل تيار ڪيو وڃي ۽ ڪي سفارشون مرتب ڪيون وڃن ته جيئن تعليمي معيار کي ڪرڻ کان روڪي سگهجي.

آجياڻي جي تقرير کان پوءِ مير بهادر ٽالپر کي مقالي پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي سڏيو ويو، جنهن چيو ته ”تعليم ڪنهن به قوم جي ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي.“ هي اهو مرڪزي نڪتو آهي، جنهن جي چوڌاري قومن جي اجتماعي ترقي جو دائرو ٺهي ٿو. وطن ۽ قوم جي بقا ۽ سلامتي جي ضمانت فقط ۽ فقط تڏهن ڏئي سگهجي ٿي، جڏهن ڌرتيءَ تي وسندڙ ماڻهو نهايت ئي منظم طريقي سان پنهنجو تعليمي محاذ سنڀاليندڙ هجن.

ان کان پوءِ مسٽر الطاف حسين باگراڻي کي مقالي پڙهڻ لاءِ سڏيو ويو، جنهن ”ابتدائي تعليم جي تباهي جا ڪارڻ“ جي عنوان تي مقالو پڙهيو ۽ چيو ٻهراڙيءَ جي تعليم جي تباهيءَ جا ڪارڻ استادن جو اسڪولن کان مسلسل غير حاضر رهڻ، اسڪولن ۾ سياسي مداخلت ۽ مائٽن جو غيرذميوارانه رويو آهي. وڌيڪ چيو ته 49 سالن ۾ سنڌ گورنمينٽ وٽان ٻهراڙيءَ جي پرائمري اسڪولن ۾ راند جي سامان لاءِ هڪ رٻڙ جو بال به ميسر نه ٿيو آهي ۽ ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان هيستائين گورنمينٽ پرائمري تعليم جي اسڪولن، استادن توڙي ٻارڙن لاءِ ڪا به واضح جامع پاليسي يا دلچسپ پروگرام نه ڏئي سگهي آهي، جنهن ۾ پنجين درجي تائين پڙهندڙ ٻارڙا، انهيءَ پروگرام ۾ دلچسپيءَ سان شرڪت ڪري سگهندا هجن. معصوم گلڙن جهڙن ٻارڙن کي پيغام ڏيندي چيو ته اسان جا شاگرد اسان جا ٻچا آهن، آئينده جا ابا آهن ۽ قوم جا معمار آهن، کين گهرجي ته بيحد دلجوئي، امنگ ۽ چاهت سان تعليم ڏي ڌيان ڏين.

بعد ۾ س.ا.س.ش ڇتو مادراڻي ۽ فلاح و بهبود ڪاميٽي ڇتو مادراڻي طرفان تقريباً ٽيهن غريب و مستحق شاگردن ۾ درسي ڪتاب ۽ ڪاپيون تقسيم ڪيون ويون. ان کان پوءِ اعزازي مهمان مسٽر حيدر علي آرائين کي سڏيو ويو، جنهن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پروگرام جي منتظمين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان سڀني کي سوچڻ گهرجي ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا تعليم جي تباهيءَ جو ڪارڻ آهي. اچو ته سڀئي گڏجي انهيءَ کي ڳوليون ۽ ڪو حل لهون ته جيئن تعليم جي بربادي کي بچائي سگهجي. انهيءَ لاءِ والدين جي تعاون جي پڻ ضرورت آهي، جڏهن ته مهمان خاص ڊاڪٽر شمس سومرو پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مذهب الڳ شيءِ آهي ۽ تعليم الڳ شيءِ آهي. ٻهراڙيءَ جي اسڪولن ۾ اهڙا موقعا نٿا فراهم ڪيا وڃن، جن مان ٻهراڙيءَ جا ٻالڪ ڪجهه استفادو حاصل ڪري سگهن.

سڀ کان آخر ۾ صدر مجلس پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”تعليم جي مهار استادن جي هٿ ۾ آهي، انهن کي گهرجي ته هو پنهنجي پيشي سان انصاف ڪن. ٻارڙن کي اهڙي طريقي سان پڙهايو ۽ سمجهايو وڃي ته جيئن هو استادن جي خيالن کي صحيح طريقي سمجهي سگهن ۽ هن کي پنهنجي ذهن تي آڻي نفسياتي طرح اثر قبول ڪن. اهڙي طرح استادن کي گهرجي ته ٻارڙن جي ذهنن جي صحيح آبياري ڪن، جيئن اهي سنڌ ڌرتي جي بڙ جي گهاٽي ڇانو جهڙا وڻ ٿي اڀرن.

آخر ۾ شاهه سائين جي بيت سان ئي هي پروگرام پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. هن پروگرام ۾ ٻاهران آيل مهمانن ۾ شمس سومرو، اسرار شام ۽ سانوڻ سنڌي کان سواءِ وڏي تعداد ۾ مهمان ادب دوستن ۽ مقامي ماڻهن شرڪت ڪئي. اميد ته آئينده به اهڙا پروگرام ڪري سنڌ ڌرتي جي تتل واريءَ جي سڪل گلن جي، علم سان آبياري ڪرڻ ۽ سندن ذهنن جي قوت بخش تشخيص لاءِ مضبوط ۽ موثر تعليمي خيالن جي بي تحاشا بارش وسائي کين معطر ڪيو ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com