سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون مئي 1996ع

گلبدن جاويد

 

عورتن سان امتيازي سلوڪ ڇو؟

چيف جسٽس آف پاڪستان، جناب جسٽس سيد سجاد علي شاهه چيو آهي ته ”اسلام توڙي پاڪستان جو آئين جنس جي بنياد تي عورت سان متڀيد واري سلوڪ جي اجازت نٿو ڏئي ۽ هر شهريءَ کي جنس ۽ ذات کان مٿانهون سمجهي، تحفظ ڏئي ٿو.“

جناب سجاد علي شاهه، 10 مئي 1996ع تي ڪراچيءَ ۾ سائوٿ ايشيا پبليڪيشن پاران مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪيل ”اسٽار گرلس ائنڊ وومين“ جي سالياني ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته ”آئين جي آرٽيڪل نمبر 2 اي، 25، 27 ۾ عورتن جي حقن ۽ انهن جي جان و مال ۽ عزت جي تحفظ لاءِ رياست کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، انهن کي جنس جي متڀيد کان مٿانهون ٿي آزادي ڏني وئي آهي. اسان جو قانوني سرشتو عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن جي تحفظ لاءِ امتيازي سلوڪ ۽ روايتن کي رد ڪري ٿو. موجوده حڪومت عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن جي تحفظ کي اوليت ڏيئي رهي آهي. عورتن جي بهبود لاءِ ڌار وزارت ۽ ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. عورتون قومي، افرادي قوت جو اڻٽٽ حصو آهن.

پروگرام جي ٻي ويهڪ ۾ تاريخ، ثقافت جي قومي ڪميشن جي چيئرمين جناب فخر زمان مهمان خاص جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي چيو، ”مردن جي مقابلي ۾ خواتين وڌيڪ ايماندار ٿين ٿيون. خواتين کي برابري جي بنياد تي حق ۽ مناسب درجو ڏيئي، اسان معاشري جي بهترين تعمير ڪري سگهون ٿا.“

جناب جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جناب فخر زمان جن ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي اهي بلڪل درست آهن. پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورت سان ٿيندڙ ظلم جو ازالو ڪيئن ڪجي، ڪهڙيءَ طرح اهو ظلم ختم ڪرائجي. شهرن کان وڌيڪ ٻهراڙيءَ ۾ عورتن سان ظلم ٿي رهيو آهي. ٻهراڙيءَ جي عورت گهر، ٻار سنڀالڻ ۽ ٻنيءَ جو ڪم ڪرڻ سان گڏ رليون سبي، ڀرت ڀري ٿي، جنهنڪري معاشي طور تي مرد کان وڌيڪ سندس حصو آهي، پر ان نياڻي/ گهر ڌياڻيءَ کي اشاري تي اٿاريو ويهاريو وڃي ٿو. شادي وهانءُ يا زندگيءَ جي ٻين معاملن ۾ کانئن راءِ وٺڻ جو ته ڪو تصور ئي ڪونهي. اهوئي سبب آهي جو اتي ”ڪاروڪاري“ جي رسم ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. بس جڏهن به مرد جي دل چاهي، ڌيءَ، ڀيڻ، زال، ماءُ يا سوٽ ماسات کي ڪهاڙي کڻي ڊاهي رکندو. نه ڪا دانهن، نه ڪوڪ، نه ڪو داد، نڪو فرياد. توڙي جو ميڊيا هاڻي انهن ظلمن کي عوام اڳيان آڻڻ شروع ڪيو آهي، پر ان جو ڪوبه خاطر خواه تدارڪ نٿو ٿئي. فقط ڏينهون ڏينهن ظلم ۽ جبر جي انگن اکرن ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. حالانڪ وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو، خواتين جي ترقي ۽ کين برابريءَ جي بنياد تي حق ڏيارڻ لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن پر ان هوندي به عورتن خلاف قهري ڪارروايون جاري آهن، جيڪو عمل معاشري لاءِ بدنما داغ آهي.      _ گلبدن جاويد

 

 

 

محرم موٽي آيو......

 

حَسن مير حسين کي رُنو ٽن ٽولن،

گهر ماڻهئين، جهنگ مرونئين، اڀن ۾ مَلڪن،

پکين پاڻ پڇاڙيو، ته لڏيو هوت وڃن،

الا! شهزادن، سوڀون ڏئين سچا ڌڻي.

 

ڪامل ڪربلا ۾، اهل بيت آئيا،

ماري مصرين سين، تن ڪافر ڪنبايا،

سَچُ ڪِ بيبي ڄايا، ههڙا سورهه سُپرين.

 

چَنڊَ وهاڻيءَ چڙهيا، مَلَهه مدينئان مير،

ان سين طبل، باز، تبرون، ڪُند، ڪٽارا، ڪير،

عَليءَ پٽ امير، ڪندا راڙو رڪ سين.

 

مير مدينئان نڪري، آئيا نه موٽي،

ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيروٽي،

آن تن لئه لوٺي، جي مير مسافر رانئيا.

 

سختي شهادت جي نسورو ئي ناز،

رند پروڙين راز، قضيو ڪربلا جو.

 

دوست ڪُهائي دادلا، محب مارائي،

خاص خليلن کي، سختيون سهائي،

اللهُ الصمد بي نياز، سا ڪري، جا چاهي،

انهين منجهه آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.

 

ڪامل ڪربلا ۾ آيا جُنگ جوان،

ڌرتي ڌٻي، ٿرٿليا آسمان،

ڪَره هئي ڪانَ، هو نظارو نيهن جو.

 

سختي شهادت جي، مڙوئي مَلار،

ذروناه يزيد کي، اي عشق جو آثار،

ڪُسڻ جو قرار، اصلُ امامن سين.

 

ڪربلا جي پڙ ۾، خيما کوڙيائون،

جهيڙو يزيد سامهون، جُنبي جوڙيائون،

منهن نه موڙيائون، پَسي تاءُ ترار جو.

 

ڏٺو محرم ماه، سنڪو شهزادن ٿيو،

ڄاڻي هيڪ الله، پاڻ وڻديون جو ڪري.

 

محرم موٽي آئيو، آئيا تان نه امام،

مديني جا ڄام، مولا مون کي ميڙئين!

 

                        شاهه جو رسالو _ سر ڪيڏارو

 

 

تسليم زهريٰ

 

محرم الحرام ۽ پردو

 

جڏهن به، هجري سال جي شروعات ٿيندي آهي ته اُن وقت اسان جي چهرن تي درد، ڏک ۽ اُداسي ڇانيل هوندي آهي. ڇو ته هجري سال جي پهرين مهيني محرم الحرام ۾ حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي ٻاهتر ساٿين جون قربانيون ڏيئي اسلام بچايو. اسلام بچائڻ سان گڏ حضرت امام حسين عليه السلام جي سڀني گهر وارن جي ياد هر سال اهڙيءَ طرح ذهن تي اچي ويندي آهي، جيئن ته اهو واقعو هينئر جو ٿيل هجي. ڪربلا جي واقعي مان اسان کي هر قسم جو سبق ملي

ٿو. جيئن ته امام پاڪ جنگ دوران تمام گهڻا زخمي ٿي پيا هئا، تنهن هوندي به جڏهن نماز جو وقت آيو ته پاڻ گهوڙي تان لهي نماز ادا ڪيائون. جنهن مان پاڻ کي پڪ ٿئي ٿي ته نماز ڪنهن به سبب ڇڏڻ نه گهرجي. اسلام خاطر سندن قرباني جو ته ڇا مثال چئجي، جو پنهنجي ڇهن مهينن جي فرزند علي اصغر کي به قربان ڪري ڇڏيائون. مطلب ته عزم، استقلال، تسليم، رضِا، وفا، زهد، تقويٰ، خير، برڪت، صبر، يقين، سهادت، عصمت، طهارت، اطاعت، عبادت، حڪمت، سعادت هر قسم جو سبق پڻ ملي ٿو.

امام حسين عليه السلام ڇهن مهينن جي ٻچڙي کان وٺي نوي سالن جي پير مرد جي قرباني ڏيئي دنيا کي ٻڌايو ته، اي انساني عظمت جا سونها ٻڌو، جڏهن به انسانيت تي وار ٿئي، جڏهن به ڪو يزيد پيدا ٿئي، جڏهن به حقيقتن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جڏهن به ظلم پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري ته ڪو ائين نه چوي ته مون تي جهاد واجب ڪونهي. امام حسين عليه السلام جي تربيت ۾ پلجڻ وارين عورتن جو ڪردار به مظلوم قومن جي عورتن لاءِ مشعل راه آهي،

حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت بعد بيبين تي مصيبتن جا انبار ٽٽي پيا. خيمن کي باهيون ڏنيون ويون، خيمن کي لُٽيو ويو، پاڪ دامن بيبين کان چادرون کسيون ويون، جڏهن شمر بيبين جون چادرون کسي رهيو هو ته اُن وقت بيبي زينب فرمايو، ”اي شمر، يا د رک تون اسان جون چادرون ۽ برقعا ته کڻي وڃين ٿو، پر اي شمر، اوهان جون عورتون هميشه لاءِ بي پرده رهنديون.“ سڪينه سلام الله عليها جا دُر ڪنن مان بي درديءَ سان ڇِني لاٿا ويا، شهيدن جي لاشن تي گهوڙا ڊوڙايا ويا ۽ انهن جي سرن کي نيزن تي سوار ڪيو ويو، پر بيبين پنهنجي صبر جو دامن نه ڇڏيو.

حضرت امام زين العابدين جيڪو انتهائي بيمار هئڻ ڪري هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي چڪو هو، جڏهن باهه ۾ گهيرجي ويا، تڏهن حضرت بيبي زينب سلام الله عليها کين خيمي مان ٻاهر ڪڍيو. اِن حالت تي به يزيدي لشڪر خوش نه ٿيو.امام زين العابدين کي زنجيرن ۾ جڪڙي، ڳچيءَ ۾ خاردار طوق پارائي کين حڪم ڪيو ويو ته سڀني قيدي بيبين ۽ معصوم ٻارن کي بنا پلاڻيل اٺن تي سوار ڪري ڪوفي جي درٻار ۾ حاضر ٿين. ان وقت رسول زادين جي ڇا حالت هئي! خدا جو قسم ته قلم کي طاقت نه آهي ته اها ڪيفيت لکي سگهي. پاڪ دامن بيبين جون ٻانهون ڳچي پويان رسن سان ٻڌل هيون، جن تي ڪڏهن رسول الله صلي الله عليه وسلم جن بوسا ڏيندا هئا. اهي بيبيون جن جي سر تان چادر هٽي ته سج غروب ٿي وڃي، انهن جي سِرن تي چادرون نه هيون. اهڙي حالت ۾ اهو قافلو ڪوفي جي بازارن مان گذرندو درٻار يزيد ۾ پهتو، ان وقت زهرا جي ڌين، رسول صلي الله عليه وسلم جي نواسين پنهنجا چهرا وارن سان لڪايا هئا، جتي بيبي زينب پنهنجي ڀاءُ حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت بابت ٻڌايو ۽ چيائين ته اي مسلمانو! اسين آلِ رسول آهيون، اسان سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو آهي. بيبي زينب سلام الله عليها جي انهيءَ تقرير يزيدي فوج تي تمام گهڻو اثر ڪيو ۽ يزيد ڏٺو ته هاڻي آءٌ قاتل ظاهر ٿي ويندس. هاڻي وڌيڪ قيد ۾ اهلبيت جو رهڻ منهنجي لاءِ مناسب نه آهي. يزيد امام زين العابدين کي گهرائي چوڻ لڳو ”اي علي ابن حسين! مون هاڻي توهان کي آزاد ڪيو“ جناب امام زين العابدين عليه السلام پنهنجي پڦي زينب سلام الله عليها جي صلاح سان يزيد کي جواب ڏنو ته ”اي يزيد اسان جا چند شرط آهن، جيڪي توکي مڃڻا پوندا، پوءِ اسين وطن واپس وينداسين نه ته هن حال سان اسين ڪڏهن به وطن نه وينداسين.“ يزيد چيو ته اُهي ڪهڙا شرط آهن؟ بيمار امام چوڻ لڳو ته اي يزيد! اسان کي شهيدن جا سِر ڏنا وڃن ته اسين اُهي سر ڌڙن سان ڪربلا ۾ دفن ڪنداسين، ٻيو لُٽ جو سامان ڏنو وڃي، جنهن ۾ خاتونِ جنت جون چادرون به آهن، بيبيون ننگي سر وطن نه وينديون ۽ ٽيون شرط اِهو ته هڪ جاءِ خالي ڪرائي ڏني وڃي، جنهن ۾ اسين مظلوم امام جو ذڪر ڪري سگهون، ماڻهن کي سندن مظلوميت ٻڌائي سگهون. القصه يزيد اهي شرط مڃيا.

واقعي ڪربلا ۾ جتي جتي بيبين جو ذڪر اچي ٿو اُتي پردي جو ذڪر ضرور اچي ٿو. خود قرآن پاڪ ۾ به پردي جي تلقين ڪئي وئي آهي. پر تنهن هوندي به اسان جون عورتون نه صرف بي پرده رهن ٿيون، پر لباس ۾ به گهٽتائي آڻن ٿيون. اسان کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي ته پردو نه صرف ضروري آهي، پر عورت جي سونهن ۽ پاڪيزگي به آهي.

 

 

ستار سومرو

 

شاهه جي ڪلام ۾ ”سُرحسينيءَ“

جو جائزو

 

جيئن ته شاهه لطيف سسئي متعلق پنهنجي ڪلام ۾ پنج سُر ڳايا آهن، جيڪي مختلف پهلوئن تي رچيل آهن. سُر حسيني انهن سُرن مان هڪ آهي.

هن سُر ۾ شاهه لطيف سسئي جي دوزخ جهڙي اڙانگي سفر ۽ ڏکن ڏورڻ جو بيان ٿو ڪري.

سسئي، جيڪا پنهونءَ لاءِ پيرين اگهاڙي پنڌ ڪندي ۽ رڻن ۾ واڪا ڪندي رهي آهي. اهو سمورو داستان شاهه لطيف جي هن سُر ۾ ملي ٿو.

سسئيءَ جي پنهل سان ازلي عشق هو. سندس وڇوڙي کان پوءِ کيس ڳولڻ لاءِ جبل ٿي جهاڳي، رڻن ۽ ريگستانن جا اڻ کٽ سفر ٿي ڪري، اونچن جبلن جون اونچيون ۽ پير چيريندڙ چوٽيون پار ٿي ڪري، بنا ساهي پٽڻ جي هلندي رهي ٿي.

رڃ ۽ سڃ جو سفر اڪيلي سر پار ڪندي رهي ٿي.

هڪ جاءِ تي سسئي پنهنجين سهيلين کي چوي ٿي ته اي سرتيون، منهنجي سفر ۾ رڳي سڃ ئي سڃ آهي، ان ڪري توهان مون سان نه هلو متان توهان کي ڪا تڪليف اچي ۽ توهان پنهونءَ کي پاراتو ڏيو.

جيئن شاهه سائين فرمائي ٿو:

سرتيون سڄي سڃ، متان ڪا مونسين هلي،

پاڻي ناهي، پنڌ گهڻو، اڳيان رائو رڳي رڃ،

متان مري اڃ، ڏي پاراتو پرينءَ کي.

وري ٻي جاءِ تي هيئن چوي ٿي ته جيڪڏهن توهان مون سان هلڻ چاهيو ٿيون ته پوءِ پنهنجو جيءُ مِٺو نه ڪجو، جيئن شاهه سائين فرمائي ٿو:

سڌائتي سڀڪا، بک نه باسي ڪا،

جيهي تيهي ذات جي، جنبش ناهي جاءِ،

مون سين هلي سا، جا جيءَ مٺو نه ڪري.

اها حقيقت آهي ته محبت جو پنڌ واقعي اڙانگو هوندو آهي. اهو پنڌ سچا عاشق ڪندا آهن. جيئن سسئي هيڏين تڪليفن سهڻ جي باوجود پنهنجي سفر ڏانهن هلندي رهي ٿي ۽ ڪٿي به نااُميد ڪانه ٿي ٿئي. شاهه سائين سسئيءَ جي اها سِڪ ۽ محبت ڏسي اڃا به سسئيءَ کي همٿائي ٿو:

تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،

متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

سسئيءَ کي پنهل جي سڪ هڪ هنڌ ويهڻ ڪانه ٿي ڏئي. سسئيءَ پنهونءَ کي پسڻ لاءِ بي چين ۽ بي قرار آهي. وري هڪ پاسي سِجُ به لهڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي. سسئي لهندڙ سِجُ جا پاڇا زمين تي لهندي ڏسي ڏک ۽ ارمان وچان چوي ٿي:

لڙي سج لڪن تان، ويٺي مون ويو،

آءُ ڏورينديس ڪيترو، پهڻن پير پيو،

سورن ساڻ سيهو، اچي ٿيم اوچتو.

شاهه لطيف سسئي جي اڙانگن سفرن ۽ آيل تڪليفن جو اظهار ٿو ڪري، جو ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ اهي تڪليفون ۽ اهڙا ڏکيا سفر شاهه سائين پاڻ ئي ڪيا آهن.

ان مان واضح ٿئي ٿو ته شاهه لطيف هڪ عظيم تحقيق نگار به آهي. هن سُر کي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو دنگ رهجي ٿو وڃي ۽ ڪاتب لکڻ جي بجاءِ سوچ جي پاتال ۾ پيهي ٿو وڃي.

هاڻي ٿورو هتي غور ڪيو ته ڪيئن شاهه سائين سسئي ۽ سسئي جي ماءُ جي وچ ۾ ڪيڏيون نه محبت ڀريون ڳالهڙيون ۽ پيار ڀريا ڏوراپا ٿو پيش ڪري.

هڪ جاءِ تي سسئيءَ جي ماءُ سسئيءَ کي ڏوراپو ڏيندي چوي ٿي:

ڪيئن اڙيئه پاند، پلئه ٻاروچن سين،

متين موڙهي سسئي، ڪيئي ڪوهيارو ڪانڌ،

رلي پايئي راند، ٻانڀڻ عشق ٻروچ جي.

سسئي ته پنهونءَ جي محبت ۾ ماريل هئي. سسئي پنهنجو سڀ ڪجهه پنهونءَ مٿان قربان ڪري ڇڏيو هو. سسئي ماءُ کي ڏوراپي جو جواب ڏيندي چوي ٿي:

مٿيان مٿي مچ، ٻريم ٻاروچن جا،

مون کي طعنا ڏئين ٿي، جيئن نه پروڙي سچ،

امڙ اوري اچ، ته سٽ سڻائيان سور جي.“

وري ٻئي جاءِ تي هيئن ٿي چوي:

مسافرون ماءُ، ورهَ وهايو وترُ،

اچي ٿيم اوچتو، تن سانگين جي ساڃاهه،

جيجان جهل نه پاءِ، هنئون هوت هڻي ويا.“

سسئي، پنهونءَ جي پير جو نشان ڏٺو آهي ۽ ماءُ کان موڪلائيندي چويس ٿي:

ماءِ وهاڻو وار کڻ، پٿراڻي پاهنجي،

جيڪي ڏين ڏيج ۾ سو سڀوئي سار،

وڃان ٿي وڻڪار، ڏٺم پيرُ پنهونءَ جو.

سسئي پنهنجي منزل ڏانهن جهاڳيندي رهي ٿي، رستي ۾ مرن ۽ جانورن کان پنهونءَ جو ڏس پتو پڇندي رهي ٿي.

هونئن به ڏورڻ سان ئي اهڙيون روحاني منزلون ملنديون آهن، جنهن جي سسئيءَ کي تلاش هئي، سسئي بيابانن ۽ برپٽن ۾ رلندي وتي ٿي. پنهون پنهون ڪندي ٿي وتي. پر پنهونءَ کي پنهنجا ڀائر سسئي کان ڏاڍو ڏور کڻي هليا ويا هئا، اهو ايڏو ظلم سسئيءَ سان پنهنجن ئي ڪيو،سسئي معصوميت ۽ نماڻائيءَ جي ڪري ايڏو وڏو دوکو کائي ويهي رهي.

هونئن به حساس دل، معصوم ۽ نماڻو انسان الائي ڪيترا دوکا کائيندو آهي، جيئن شاهه سائين فرمايو آهي:

الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،

مون سان مون پرين، ڀورڙائيءَ ۾ ڀال ڪيا!

پنهونءَ کي تلاش ڪندي سسئي سراپا سور بڻجي چڪي هئي. اڙانگن سفرن سسئي جي جيءَ کي جهوري ڇڏيو هو؛ ڏکن اچي سسئي جي دل ۾ ديرو ڪيو هو، سسئي سک جي پل لاءِ سڪي ٿي.

هونئن به ويچاري سسئي پاڻيءَ ۾ ٻڏندي اچي ڪنهن درياءَ جي ڪپ تي نڪري ٿي. سسئي ننڍي هوندي کان ئي ڄڻ ته سورن جي هندوري ۾ پيڙائن جي لولي ورتي هئي. سک ته سندس ويجهو به نه آيا هئا.

جيئن شاهه سائين فرمائي ٿو:

سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان،

سکن جي سيد چئي، پُکي نه پياس،

جيڪس آءٌ هياس، گُري گوندر ول جي.

وري ٻي جاءِ تي هيئن ٿو فرمائي:

سِرجيس تان سور، سامائي ته سک ويا،

اهي ٻيئي پور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.

شاهه لطيف جي ڪلام جي هر سُر ۾ هڪ روحاني راز رکيل آهي. وري ان راز ۾ انسان لاءِ سمجهاڻي به رکيل آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن هن سُر جي روحاني راز جي تهن تائين پهچبو ته ڄاڻ پوندي ته سسئيءَ جو ڪردار جيڪو مسلسل جدوجهد ۽ جاکوڙ جوڪردار هو، جنهن ڪيترائي ڏک، ڏولاوا، تڪليفون ۽ مصيبتون سٺيون آهن. انسان کي ڪڏهن به تڪليفن کان نااُميد يا مايوس ٿي گوڏا کوڙي نه ويهڻ گهرجي. بلڪ منزل ماڻڻ جي جستجو جاري رکجي. ڇو ته زندگيءَ جو صحيح مزو ڏورڻ ۾ آهي؛ ان ڏورڻ ۾ راحت ۽ سڪون ملي ٿو.

شاهه سائين وڌيڪ اهو چيو آهي ته پنهنجي من ۾ محبت، سِڪ جا انبار کڻي ڌڻي پاڪ جي ڳولا ڪندو رهه، پر ملڻ جي سِڪ من مان ڪڍي ڇڏ، ڇو ته ملڻ سان سِڪ ماٺي ٿي ويندي آهي، بس ڏوريندو رهه، جيئن هن بيت مان واضح ٿئي ٿو:

 

پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي،

ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيب جا.

سڪ اندر ۾ رکڻ جي حوالي سان شاهه سائينءَ جو هيءُ هڪ مثال پيش ڪجي ٿو:

هڪ دفعي شاهه سائين حج جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو، سامهون ڏسي ته هڪ ٻڪرين جو ڌڻ اچي رهيو هو. ان ڌڻ جي سڌي ڪاهه پاڻيءَ جي تلاءُ ڏانهن هئي، انهن ٻڪرين جلدي تلاءَ مان پاڻي پي ڍؤ ڪيو ۽ اڃ لهڻ کان پوءِ ان پاڻيءَ ۾ ڦولڙيون لاهي ڇڏيون.

ان ڳالهه شاهه سائينءَ تي اهڙو اثر ڪيو، جو حج تي وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو. شاهه سائين سوچيو ته هنن ٻڪرين جي سِڪ جڏهن پوري ٿي ته ان پاڻيءَ ۾ ڦولڙيون لاهڻ لڳيون. شاهه سائين پوءِ پنهنجي من ۾ ساڳي حج جي سعادت حاصل ڪرڻ جي سِڪ ۽ محبت کڻي، ارادو ترڪ ڪري موٽي ٿو.

شاهه سائين جي ان مثال مان هڪ وڏو سبق ٿو ملي، جنهن جي حاصلات اها آهي ته بس امن ۾ محبت پائي سواءِ ملڻ جي آس جي پرينءَ کي پوڄيندا رهو. ڌڻي پاڪ جي ياد جا رنڊا روڙڻ گهرجن، جيئن ابدي حياتي ماڻي سگهجي.

جيئن شاهه سائين فرمائي ٿو:

ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان، شال مَ ملان هوت،

من اندر جي لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي.

                                        (شاهه)

 

اعجاز جعفري

 

آخري خط

هن خط کي ڏسي ۽ پڙهي تون يقيناً پريشان ٿي ويندينئن. ڇو ته اهو اهڙو خط آهي جيڪو توکي هرگز نه وڻندو، انتهائي حيرت انگيز ۽ سچائيءَ تي ڀرپور خط آهي، پر ايترو ٻڌائي ڇڏيان ته جيستائين اهو خط توکي ملندو، مان اُن وقت تائين هن جهانِ فاني کي الوداع چئي چڪو هوندس.

       ايترو ٻڌائيندو هلان ته منهنجي پويان اچڻ ۽ مون کي بچائڻ لاءِ ڪجهه سوچڻ اجايو هوندو. ڇو ته مان هينئر هڪ پُل جي ويجهو آهيان ۽ سامهون روڊ جي ٻئي پاسي هڪ پوسٽ آفيس آهي، مان فقط ايترين گهڙين جو مهمان آهيان، جيڪي دير خط لکڻ ۾ لڳنديون، جيئن ئي خط مڪمل ٿيندو ته مان خط پوسٽ ڪري، درياءَ ۾ ٽپو ڏيئي، خودڪشي ڪري ڇڏيندس. ايتري ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته پوسٽ وارا ڪيتري به ايمانداريءَ کان ڪم وٺن ته به 24 ڪلاڪن کان پهرين ڪٿي به ڪنهن جو خط نه پهچي سگهندو آهي ۽ انهن 24 ڪلاڪن ۾ منهنجو روح به هن دنيا مان وڃي چڪو هوندو.

جڏهن تو خط کولي ڏٺو هوندو ته تون ضرور حيرت ۾ پئجي وئي هونديئن، ته اِهو خط لکڻ وارو ڪير آهي، ڇو ته مون آخر ۾ به پنهنجو نالو نه لکيو آهي.

واقعي، هي پهريون ڀيرو آهي جو مان توکي بنا مخاطب ٿئي، سلام يا خير خيريت جي خط لکيو آهي. ڇو ته مان اِهو سوچيان پيو، رشتا ته زنده ماڻهن سان هوندا آهن. مُردن جا رشتا ته نه هوندا آهن، جو مان ڪو رشتو جوڙي توکي ڪجهه مخاطب ڪيان ها. پوءِ سلام لکان ته ان جي جواب ۾ ”وعليڪم السلام“ جو جواب ڏنو ويندو آهي؛ پر مان ته پاڻ کي ختم ڪرڻ وارو آهيان، ته پوءِ مرڻ واري جي سلامتيءَ لاءِ ڪجهه چوڻ ناداني گهٽ بيوقوفي گهڻي لڳندي. وري آخر ۾ جو مان خيريت لکان ها ته اهو به سراسر ڪوڙ هجي ها، ڇو ته جڏهن مان خيريت سان نه آهيان ته پوءِ خيريت ڇا جي لکان! مان هونئن به هميشه مصنوعيت کان پري رهيو آهيان. اِهوئي سبب آهي، جو ڪنهن سان دوکو يا فريب ڪرڻ نه چاهيندوآهيان ۽ بدلي ۾ به هميشه اِهو ئي چاهيو اٿم ته ڪو مون سان به دوکو، فريب وغيره نه ڪري.

مان جنهن ڏينهن کان توکي ڏٺو، تنهن ڏينهن کان ئي مون کي توسان محبت ٿي وئي، پر تنهنجي ويجهو اچڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويو، ڇو ته مان ڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ سان نه ڳالهايو هو، ان ڪري همت ئي نه ٿيندي هئي جو تو اڳيان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيان. وري دل ۾ هڪ عجيب خوف ۽ وسوسو رهندو هو ته جيڪڏهن تو انڪار ڪري ڇڏيو يا منهنجي توهين ڪئي ته منهنجي دنيا اُجڙي ويندي. ڇو ته مان عام ڇوڪرن وانگر هر ڪنهن سان وقت پاس ڪرڻ لاءِ محبت ڪرڻ وارن مان نه آهيان، مون کي توسان بلڪ تنهنجي روح سان محبت ٿي وئي هئي. اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته منهنجي روح تنهنجي روح سان عشق ڪيو هو. وري تون به شرمائڻ ۽ لڄائڻ واري ڇوڪري هئينءَ. پوري يونيورسٽيءَ ۾ تون ئي اهڙي هئينءَ جيڪا ٻين ڇوڪرين کان الڳ ٿلڳ لڳندي هئين. اِهو ته انسان جي فطرتي عادتن کي سلام ڪجي جو لنچ ٽائيم ۾ ڪئنٽين تي گهڻي رش هئڻ ڪري، پهريون ڀيرو تو هنن لفظن سان مخاطب ڪري ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي ته ”ڪئنٽين تي رش گهڻي آهي ۽ مون کي ڏاڍي بُک لڳي آهي، اوهان مون لاءِ ڪجهه وٺي اچو.“ اهي لفظ ٻڌي مان حيرت ۽ خوشي ۾ ٻڏي ويس. تو ته پئسا به ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، مون وٺڻ کان انڪار ڪيو، پنهنجي کيسي ۾ پيل فقط چار رپين تي فڪرمند ٿيس، ڇو ته اِهو ته منهنجي بس جو ڀاڙو هو ۽ ايترن گهٽ پئسن ۾ تو لاءِ ڪجهه ڇا پيو وٺي سگهان. ڀڄي پنهنجي هڪ دوست کان پئسا وٺي تو لاءِ جيڪو ڪجهه سمجهه ۾ آيو سو وٺي آيس. ايترين شين کي ڏسي تو حيرت ۾ چيو هو، .ايترو سارو ڪير کائيندو، تون به مون سان شيئر ڪر.“ ۽ جڏهن به اُهي لفظ ۽ واقعو ياد ايندو آهي ته قدرتي طور تي مون کي ساڳيو وقت ۽ ساڳيون ڳالهيون اهڙيءَ طرح محسوس ٿينديون آهن، ڄڻ اهي لفظ هينئر چيا ويا هجن ۽ هڪ عجيب ۽ وڻندڙ تاثر منهنجي روح ۾ سمائجي ويندو آهي.

توسان گذاريل هر هڪ ڏينهن، هڪ هڪ پل ۽ لمحا منهنجي زندگيءَ جا بهترين ۽ قيمتي اثاثو آهن. جن کي ميڙي سهيڙي مان پاڻ کي دنيا جو خوش قسمت انسان تصور ڪندو آهيان. هن دنيا ۾ جيڪو به توسان ٻه پل گذاري ٿو، اُهو دنيا جو خوش نصيب انسان آهي.

مون هيمشه اِهو چاهيو ته تون گهڻي کان گهڻو وقت مون سان گذارين، توسان ملڻ کان پوءِ، تنهنجي هڪ پل جي دُوري به مون لاءِ ايذاءُ هوندو هو.

تون هميشه کان ئي منهنجي سٺي دوست رهينءَ ۽ پوءِ آهستي آهستي دوستي پيار ۾ بدلجي وئي. شروع شروع ۾ مان سمجهندو هئس ته تون عام امير گهراڻن جي ڇوڪرين وانگر مون سان وقت گذارڻ ڪارڻ ملين ٿي، منهنجي وڃڻ کان پوءِ تون منهنجي باري ۾ سوچيندي به نه هوندينءَ، پر جڏهن مان بيماريءَ سبب ٻه ڏينهن يونيورسٽي نه آيس ته تون پڇا ڳاڇا ڪري منهنجي گهراچي نڪتينءَ. توکي پنهنجي گهر ۾ ڏسي بيماري ته ختم ٿي وئي، پر ندامت ۽ ڪمتريءَ جي احساس منهنجي وجود کي ڀوري وڌو. ڇو ته گهر ۾ ڪا اهڙي ڪرسي به نه هئي، جتي توکي ويهارجي ها ۽ نه ئي اُن وقت ڪا اهڙي شيءِ هئي جيڪا آيل مهمان جي آڌر ڀاءُ لاءِ مناسب هجي ها. اُنهيءَ لمحي تو منهنجي ويجهو تڏي تي ويهي منهنجي طبيعت پڇي ته منهنجين نظرن ۾ تنهنجي لاءِ انتها درجي جي عزت پيدا ٿي وئي.

وري مٿان جڏهن اما جي دانهن تي ته ”اهو پنهنجو خيال نٿو ڪري، تون ئي ڪجهه سمجهائيس، دوا به نٿو پئي.“ ته تو پنهنجن هٿن سان مون کي دوا پياري. جيڪڏهن اُهي جذبات جيڪي اُن وقت منهنجي اندر سمائجي ويا هئا، سي تحرير ڪيان ته اُنهن جذبن جي توهين ٿيندي. ڇو ته لفظن ۾ اڃا اُها طاقت ڪانهي جو دل ۽ دماغ جي احساسن، جذبن، تڪليفن جي هوبهو عڪاسي ڪري سگهن.

مون کي توسان گذاريل هڪ هڪ لمحو ياد آهي ۽ هر پل منهنجي اڳيان ائين محسوس ٿي رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه هينئر ٿيو هجي. مون کي ياد آهي ته تو هڪ ڀيرو مونکي چيو هو ته ”اڄ تون مون کي هوٽل ۾ ماني کاراءِ،“ مون کي تنهنجي حجت تمام گهڻي وڻي هئي. اُن وقت مون کي احساس ٿيو ته تون مون کي پرايو نٿي سمجهين، ان ڪري حجت ڪري رهي آهين، اِهو به سٺو هو ته مون وٽ پگهار جا بچيل ڪجهه پئسا هئا، جڏهن تون پنهنجي گاڏيءَ ۾ مون کي هڪ فائيو اسٽار هوٽل وٺي هلينءَ ته منهنجي اندر ڪجهه وقت تنهنجي لاءِ نفرت پيدا ٿي وئي. ڇو ته مان توکي هڪ عام سادي هوٽل ۾ ته ماني کارائي سگهان پيو، پر فائيو اسٽار هوٽل ۾ ته مان ڪڏهن گهڙيو به نه هئس. ان ڪري سوچيان پيو ته تون عام امير گهراڻي جي ڇوڪرين وانگر منهنجي بي عزتي ڪرڻ لاءِ مون کي هتي وٺي آئي آهين.

مان گهڻي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به پنهنجي شرمندگي ۽ ڪاوڙ کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيس، پر تو منهنجي پريشانيءَ کي سمجهندي بيحد پيار مان چيو هو، ته ”تون بل لاءِ فڪرمند آهين نه، تون هرگز فڪر نه ڪر، ڇو ته مان توسان حجت ڪئي آهي، مان به ته تنهنجي آهيان، جيڪڏهن بل مان ڏنو، ان جو مطلب به ته اِهوئي هوندو ته تو ڏنو.“

مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته تون ڪهڙي قسم جي ڇوڪري آهين، عام ڇوڪرين کان بلڪل الڳ ٿلڳ_ منهنجي عورت لاءِ سوچ گهڻي عجيب هئي. مان عورت کي لالچي، فريبي، ڌوڪي باز ۽ ويڙهاڪ تصور ڪندو هئس.

تو منهنجن خيالن ۽ سوچن ۾ تبديلي آندي، منهنجو هوش سنڀالڻ کان ئي اهو خيال هو ته عورتون تمام گهڻيون ڊپلوميٽڪ هونديون آهن، اُنهن جي دل جو راز ڪوبه ڄاڻي نه سگهندو آهي، پر تون ته هڪ کُليل ڪتاب وانگر هئينءَ. تنهنجي قول ۽ فعل ۾ تِر جيترو به فرق نه هو. مون کي توتي فخر ٿيڻ لڳو.

مون هوش سنڀالڻ سان ئي اهڙو ساٿي تلاش ڪرڻ شروع ڪيو هو، جيڪو منهنجو هجي، مون لاءِ سوچي، مون لاءِ جيئي ۽ مون لاءِ مري. توسان ملڻ کان پوءِ منهنجي تلاش ختم ٿي وئي. انهيءَ ڪري مون سوچيو ته ڪو موقعو ڏسي، توکي شادي جي آڇ ڪيان.

آخرڪار هڪ ڏينهن پاڻ ٻئي يونيورسٽيءَ کان بس اسٽاپ تائين واڪ ڪري رهيا هئاسين ته اچانڪ برسات پئجي وئي هئي ۽ پاڻ هڪ بند پيل دُڪان جي شٽر هيٺ پناهه ورتي هئي. اُن وقت دل ٻڌي خوف ۽ وسوسي ۾ گهيرجي توکي شاديءَ جي آڇ ڪئي هئي تنهنجي شرمائڻ سان گڏ، تنهنجين اکين مان نڪتل موتي تنهنجن ڳلن تي چمڪڻ لڳا ته مان پاڻ کي هن دنيا جو خوش قسمت شخص تصور ڪيو. ڇو ته تون امير گهراڻي جي هئڻ باوجود ڪڏهن به منهنجي غريباڻي حال کي ناپسنديدگيءَ جي نگاهه سان نه ڏٺو. تون منهنجي حالت ڏسندي به شادي ڪرڻ لاءِ تيار هئينءَ.

تون سوچيندي هوندينءَ ته مان کوٽي کوٽي پراڻا واقعا ياد پيو ڪيان. ڳالهه دراصل اها آهي ته هر شخص کي تنهائي، بيماري ۽ موت کان پهرين، تمام گهڻا واقعا خودبخود اکين آڏو ايندا ويندا آهن. اڪيلائي ۾ اُن جا ساٿي ٿيندا آهن، بيماريءَ ۾ دلجوئي ڪندا آهن ۽ مرڻ کان پهرين دل ۽ دماغ کي سڪون بخشيندا آهن. جيئن ته منهنجي مرڻ جو وقت ويجهو آهي، ان ڪري ئي مون کي سڀ واقعا حرف به حرف ياد اچي رهيا آهن.

اجايو اهڙا واقعا لکڻ جن جي توکي اڳ به خبر آهي، بلڪ تون ته پاڻ اُنهن واقعن جو ڪردار رهي آهين، ته پوءِ اجايو پنهنجو ۽ تنهنجو وقت ڇو ضايع ڪيان. سڌو سنئون خط لکڻ جو مقصد توکي ٻڌايان ٿو.

مان توکان معافي ٿو گهران ته ”براءِ مهرباني مون کي معاف ڪجانءِ، ڇو ته مان چاهيندي به توسان شادي نٿو ڪري سگهان. مون کي پڪ آهي ته توکي اها ڳالهه هرگز نه وڻين هوندي پر جيڪڏهن مان انڪار جو سبب ٻڌايان ته يقيناً تون مون کي معاف ضرور ڪندينءَ.

تون مون کي معاف ضرور ڪجانءِ، ڇو ته جيڪڏهن تو معاف نه ڪيو ته منهنجو روح تڙپندو رهندو ۽ مون کي خبر آهي تو هميشه منهنجو ڀلو چاهيو آهي، ان ڪري تون مون کي نه چاهيندي به معاف ڪجانءِ ته جيئن منهنجي روح کي ايذاءُ نه رسي.

مان توسان بيحد محبت ڪندو آهيان، پر مان هڪ غريب شخص آهيان، جنهن جي پگهار فقط ايتري آهي جو گهر جو خرچ به مشڪل سان پورو ٿيندو آهي. جيڪڏهن پاڻ شادي ڪيون ته يقيناً خرچ وڌن ها_ تون ته هڪ اهڙي گهراڻي سان تعلق رکين ٿي، جو تو ڪڏهن به بُک نه ڪاٽي هوندي، پر منهنجي گهر ۾ آخري هفتن ۾ ڪيئي ڀيرا بُک جو عذاب سهڻو پوندو آهي. اسان جي ته عادت ٿي چڪي آهي پر جيڪڏهن تون هڪ ڀيرو به بک ڪاٽين ها ته مون کي شديد تڪليف پهچي ها، ڇو ته شادي ڪرڻ کان پوءِ توکي خوشين جي جاءِ تي بُک ۽ تڪليفون ملن ها. اهو مون کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿئي ها. وڌيڪ اهو ته تن تي پائڻ لاءِ سُٺا وڳا وٺڻ به مون لاءِ ممڪن نه هجي ها. ڇو ته اسان فقط عيدن تي وهرڻ لاءِ ٻه وڳا وٺندا آهيون ۽ پورو سال هلائيندا آهيون. ان ڪري تو لاءِ تنهنجي پسند جا وڳا وٺڻ به ممڪن نه هجي ها، جنهن ڪري مون کي منهنجو ضمير هر وقت ملامت ڪري ها ته مان پنهنجا فرض جيڪي هڪ مڙس تي زال لاءِ هوندا آهـــن، پورا نٿو ڪري سگهان. ان احساس جي ڪري مان روز جيان ها ۽ روز مران ها. روز روز جي مرڻ کان ته بهتر آهي ته هڪ ڀيرو مري وڃجي!

اهو به ممڪن هو ته مان شادي تان هٿ کڻان ها ۽ سٺن دوستن وانگر جُدا ٿي وڃون ها. تنهن تي به منهنجو ضمير مون کي پشيمان ڪري ها ته مان فقط هڪ شخص جو بار برداشت ڪرڻ جي قابل نه هيس، ان ڪري اُن کي ڇڏي ڏنم، جڏهن مان تنهنجو بار به نٿو کڻي سگهان، جيڪا هر حال ۾ مون سان گڏ گذارڻ ۾ خوش آهي ته پوءِ ڪا ٻي جيڪا فقط پنهنجي ماءُ پيءُ جو فرض نڀائڻ خاطر ايندي، سا مون سان توکان بهتر نموني ته نه گذاريندي.

جيڪڏهن اهو سوچي جيان ته شايد منهنجي قسمت ڦيرو کائي ۽ مان بهتر زندگي گذاريان ته اها سراسر بيوقوفي ٿيندي. ڇو ته غريب ماڻهو پيدا غريب ٿيندو آهي ۽ مرندو به غريبيءَ جي حالت ۾ آهي. امير ماڻهو ڏينهون ڏينهن امير ٿيندا ويندا آهن، جتي نوڪري وٺڻ به ڪاروبار هجي اُتي زندگي بدلائڻ جي سوچ به هڪ ڏوهه محسوس ٿيندي ۽ هڪ احمقاڻي حرڪت لڳندي. ڇو ته زندگي حقيقت ۾ زندگي آهي. زندگي فلم ناهي جو ٽن ڪلاڪن ۾ ماڻهو لکا پتي ۽ ڪروڙ پتي ٿي وڃي.

وڌيڪ اهو ته اما ۽ بابا جي ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري وڃڻ ڪري مان وڌيڪ پريشان ٿي ويس. ڇو ته اسان ٽي شخص هن گهر جا ڪمائڻ وارا هئاسين، جنهن مان هڪ بابا هو، جنهن جو انتقال ٿي ويو. افسوس ۽ شرم جي ڳالهه ته اها آهي جو مان ۽ منهنجي ڀاءُ وڏين مشڪلن سان هيڏانهن هوڏانهن قرض وٺي امان ۽ بابا جي ڪفن دفن جو بندوسبت ڪيو. پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته اهڙي گهر ۾ جتي روز زندگيءَ جي صبح بُکئي پيٽ ۽ پريشانيءَ سان ٿئي ۽ رات به بُکئي پيٽ ۽ پريشانيءَ سان ٿئي، اُتي مان توکي رکي سگهان پيو؟ يا توکي ڇڏي، پاڻ کي هڪ اهڙو شخص تصور ڪري زندگي گذاري سگهان پيو ته مان هڪ فرد جو به بوجهه کڻي نٿو سگهان؟

هن خط جا ڪيئي لفظ توکي ائين محسوس ٿيندا، ڄڻ پاڻي لڳڻ ڪري خراب ٿيا هجن، پر ائين نه آهي_ دراصل اِهي منهنجا ۽ آسمان جا ڳوڙها آهن. مان ته خط لکڻ مهل روئان پيو، پر جڏهن آسمان جي نظر هن خط تي پئي ته هو به پنهنجي دل کي قابوءَ ۾ نه رکي سگهيو ۽ روئي ڏنائين. آسمان جي ڳوڙهن کان ته خط کي بچايم، پر افسوس پنهنجن لڙڪن کي روڪي نه سگهيم. ڇو ته تنهنجي وڇوڙي جو غم مون کان برداشت نٿو ٿئي.

ويندي ويندي هڪڙي حجت توسان ڪري رهيو آهيان، جنهن کي منهنجي آرزو سمجهي ضرور قبول ڪجانءِ. تون مون کي وسارڻ جي ڪوشش ڪجانءِ ۽ ڪنهن سٺي شخص سان شادي ڪجانءِ. اُميد ته پنهنجي پيار جي ڪيل حجت کي ضرور قبول ڪندينءَ.

پنهنجي پيار يا زندگي جي ابتدا کيسي ۾ پيل چئن رپين سان ٿي هئي، پڄاڻي به چئن رپين سان ٿي رهي آهي، ڇو ته بس واري کي ڪرايو وٺڻ وسري ويو هو ۽ مان پنهنجن خيالن ۾ گم هئڻ ڪري ڪرايو نه ڏيئي سگهيو هئس.

آخر ۾ وري عرض ٿو ڪيان ته مون کي معاف ڪجانءِ، مان ضمير جي هٿان روز روز مرڻ کان بهتر اهو سمجهيو ته مون لاءِ موت ئي آخري حل آهي. ان بابت مان گهڻو ئي سوچي پوءِ فيصلو ڪيو هو، ان ڪري منهنجو فيصلو اٽل آهي، آخري ڀيرو هميشه لاءِ خدا حافظ.

 

فرخنده لوڌي/ مجيد گل

پنهنجو دامن پنهنجو هٿ

اڄ رابعه وري روئندي آئي آهي. ڪنڌ جهڪايو نظرون زمين ۾ کپايو بيٺي آهي. منهنجي دل نٿي چوي ته هن کان ڪجهه پڇان. حالانڪه هو مون کي گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ آتي بيٺي آهي. هن جي موجودگي مون لاءِ ڪنهن اذيت کان گهٽ ناهي. مون کي ڇا هر ڪنهن کي هن کان بيزاري ٿيڻ لڳي آهي.

هونئن ته هر ڪنهن جي زندگي شاهاڻي ناهي هوندي، پر ڪجهه انسانن جي حصي ۾ ڏک گهڻا ايندا آهن ۽ هو گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ سموري عمر تڙپندا رهندا آهن.

رابعه بيوه آهي ۽ اٺن ٻارن جي ماءُ. عمر چاليهه ۽ پنجاهه جي وچ ۾ اٿس. ڇهن ڇوڪرين مان ٻن جي شادي سندس مڙس پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ ڪري ويو هو. اهي پنهنجن گهرن ۾ جيئن تيئن گذارين پيون. هڪ جو مڙس ڪنهن دفتر ۾ ڪلارڪ آهي ۽ ٻيءَ جو ڪنهن اسڪول ۾ پرائمري ماستر، ٻئي ان قابل ناهن جو ڪنهن سالي يا ساليءَ جو خرچ برداشت ڪن.

رابعه هڪ تعليمي اداري ۾ ملازمت ڪري ٿي، جيئن گهر جو گاڏو هلي سگهي. بقول رابعه جي هن جا سڀ ٻار پڙهائيءَ ۾ چَٽ آهن، پر هڪ زاهده هوشيار آهي، ان ڪري هن کي ڪنهن پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو آهي، جنهن کي رابعه انگريزي لهجي ۾ ”ڪولج“ چوي ٿي. باقي ٻار سڄو ڏينهن آواره گردي ڪندا آهن. هاڻي انهن کي اسڪول موڪلڻ جي طاقت ناهي، رابعه پاڻ کي ڊاڪٽر جي زال ٻڌائي ٿي.

هوندي_ هاڻي لڳي ته ڪانه ٿي_ پر ڪجهه ڪونه ٿي لڳي.

خطرناڪ بيماريءَ ورتل ڪوئي وانگر هوءَ ڦاٽل ڦاٽل سواليه نگاهن سان ڏسي ٿي ته منهنجي دل چوي ٿي ته هن کان مسئلو پڇان ۽ کيس چوان ته جلد هلي وڃ.

هوءَ ته پنهنجي هلڻ ڦرڻ ڳالهائڻ مان پنهنجو پاڻ کي ڊاڪٽر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ٿي. ڪجهه مهينا اڳ تائين ته هن جو پڪو ارادو هو ته زاهده کي ڊاڪٽري پڙهائيندي_ چاهي ڪجهه به ٿي پوي. سندس بلند ارادا ڏسي ڪجهه ماڻهو هن جي مدد لاءِ سوچيندا هئا، پر اوچتو ئي رابعه جي تصوير جو ٻيو پهلو نظر اچڻ لڳو آهي، ته سڀ منهن تي هٿ هڻڻ لڳا آهن. جن جي نظر ڪمزور آهي اهي عينڪن جا پاسا بدلائي بدلائي ڏسن ٿا. حالانڪه رابعه جي اصل صورت اها به ڪانهي_ پر ماڻهو وڏي ذوق سان چون ٿا:

”غريب ماڻهو اهڙائي ٿين ٿا، انهن وٽ ائين ئي ٿيندو آهي.“

ٿيو اهو هو جو رابعه جي ٻي ڪنواري ڌيءَ صبيحه اوچتو اعلان ڪري ڇڏيو ته هوءَ جوان ٿي وئي آهي ۽ اما ڪو بندوبست ڪري، صبيحه جي اُٿڻي به طوفاني هئي.

رابعه هيڏانهن هوڏانهن ڳالهه هلائي. هن جي معيار جا رشتا اچڻ شروع ٿي ويا، پر اهي رابعه کي قطعي پسند نه هئا.

”ڏيو منهن! منهنجي ڌيءَ درزي وٽ پرڻائي وڃي_ واهه!“

”او نڀاڳؤ! مان مستري کي ڇوڪري ڏئي جڳ کلايان؟ اسان وٽ نه اهڙا رشتا ٿيا آهن نه ٿيندا.“

صبيحه تي جواني ڇا آئي ڄڻ جِن اچي ويو جيڪو قابوءَ ۾ ئي نه پيو اچي. هن جي دل ڪٿي لڳي نه پئي. ماءُ ۽ ڀينرن جي غير حاضريءَ ۾ پاڻ سنواري سينگاري ڪوارٽر کان ٻاهر جهاتيون پائيندي رهندي هئي.

ڪجهه مهينا اڳ رابعه ٻٽيهي ڪڍندي اچي چيو هو. ”مِس صاحبا منهنجي زاهده کي نوڪري ملي وئي.“

منهنجي نظر ۾ زاهده جي عمر، صورت، تعليم سامهون اچي ويون. وات مان بي اختيار نڪري ويو.

”ڪيتري پگهار تي؟“

”اڍائي سؤ مس!“

مان حيران رهجي ويس، جيسين مان ڪجهه چوان هوءَ کليل نل وانگر وهندي ٿي وئي.

”مس مون کي هاڻي ڪوبه فڪر ڪونهي_ هاڻي مان سڀ قرض لاهي ڇڏينديس. زاهده صبح جو ڪاليج ويندي ۽ ٻين لڳي کان شام ڇهين لڳي تائين نوڪري ڪندي.“

مون کي ان وقت حسد، ڪاوڙ، چڙ اچي ورتو. دل چوي پئي ته رابعه کي چوان ”گم ٿي وڃ پنهنجي بڪواس سان گڏ.“

غصب خدا جو_ جڏهن اسان بي_ اي پاس ڪري ٽريننگ ڪري نوڪري ڪرڻ لڳاسين ته هڪ سؤ ٽيهه روپيا پگهار ملڻ شورع ٿيو ۽ هي ٽن تولن جي ڇوڪري هڪ ساهي اڍائي سؤ! هڻي هن سال ته هن مڊل پاس ڪيو آهي.

پر مون منافقت ۽ صبر کان ڪم وٺندي پڇيو.

”نوڪري ملي ڪٿي آهي؟“

”ماڊل ٽائون_ ٽيلي فون جي محڪمي ۾، ڪم ڪرڻ وارن لاءِ ڪابه جڳهه پري ڪانهي.“

”ته هوءَ ايبٽ روڊ کان ماڊل ٽائون ويندي.“

مون ايترو ته آهستي چيو ڄڻ مان پنهنجو پاڻ کي سمجهائي رهي هيس، پوءِ پڇيم.

”رابعه! جن ماڻهن ڪم وٺي ڏنو اٿئي تون انهن کي چڱيءَ طرح سڃاڻين.“

”جي اهي اسان جي ملڻ وارا آهن ۽ زاهده جي پيءَ جا دوست آهن، تمام وڏا آفيسر آهن.“

رابعه تفصيل ٻڌائڻ شروع ڪيا ۽ ان جو لهجو ايترو ته پُراعتماد هو جو مان شرمنده ٿي رهجي ويس، بجاءِ ڪنهن جي نيت تي شڪ ڪرڻ جي مونکي شرمندگي ٿيڻ لڳي.

هوندا_ مان ڇو ٿي سڙان، مون پنهنجي اصلاح ڪئي.

”تمام سُٺي ڳالهه آهي رابعه، پر خيال رکجانءِ تنهنجي ڇوڪري اڃا ننڍي آهي.“ مون پنهنجائپ واري لهجي ۾ چيو.

هن کان پهريان هوءَ هڪ ٻه ڀيرا ٻڌائي چڪي هئي ته جيڪڏهن مونکي ٻار نه هجن ها ته مان اها نوڪري نه ڪريان ها. عورت جي ننڍي نوڪري ڪرڻ ڏاڍي مشڪل آهي ۽ مونکي هن جي هن فارمولي تي کل آئي هئي ته بنسبت نوڪري ڪرڻ جي عورت لاءِ شادي ڪرڻ سولي آهي، پنهنجي پنهنجي طبقي جي ڳالهه آهي. هڪ طبقو اهڙو به آهي جنهن کي نوڪري وڌيڪ سولي آهي بنسبت رشتي جي.

ڪجهه ڏينهن بعد رابعه نئون مسئلو کڻي آئي، بنا پڇڻ جي چوڻ لڳي:

”صبيحه جي شادي آهي.“

”ها!“ منهنجيءَ حيرت جي انتها نه رهي، ”ڇا عمر ٿيندي صبيحه جي!“

مان سوال ڪرڻ تي مجبور هيس.

”تيرهون سال اٿس.“

”خطرناڪ نمبر اٿس.“ مون نظرون رجسٽر تي ڄمائي چيو.

”جي؟“ رابعه عادت موجب گستاخيءَ مان چيو.

”منهنجو مطلب آهي خطرناڪ عمر آهي.“

”انهيءَ لاءِ ته......“

مون رابعه کي جملو مڪمل ڪرڻ جي مهلت نه ڏني.

”اهو رشتو ڪنهن ڪرايو آهي_ ڪير آهي؟ ڪٿي جو آهي_ ڇا ٿو ڪري_ ڪيتري عمر اٿس؟“ مون هڪ ئي ساهيءَ ۾ سوال ڪيا. مان تفصيل ڄاڻڻ لاءِ بيچين هئس. ڇو ته ڪنهن بجليءَ جي مستريءَ جو رشتو منهنجي معرفت موڪليو ويو هو، اهو هن رد ڪيو هو. هن وقت هن منهنجي بيقراريءَ جي مذاق اڏائيندي چيو.

”ڇوڪرو سائنس ۾ بي.اي پاس آهي، عمر ارڙهن سال ٿيندس، ٽيليويزن ۾ ڪم ڪري ٿو، پنج سؤ رپيا پگهار اٿس.“

مون کي ان وقت انهن ڪنوارين ڇوڪرين جو خيال آيو، جيڪي ڪنهن مناسب رشتي جي انتظار ۾ جوانيءَ جي آخري حدن تي بيٺيون هيون. مون ٻيهر پڇيو ”ڪنهن رشتو ڪرايو؟“

پر هوءَ منهنجي سوال کي نظرانداز ڪندي چوڻ لڳي:

”هن جو ارادو ته زاهده سان شادي ڪرڻ جو هو، پر زاهده چوي ٿي مان پڙهنديس ۽ ڊاڪٽر ٿي ماڻهن جي خدمت ڪنديس_ صبيحه جي شادي ڪري ڇڏ اما!“

”چڱو الله ڪامياب ڪرئي.“

مان ٽيبل تان ڪم ختم ڪري وڃڻ لاءِ اٿي بيٺس ته رابعه زنگيل ڏند ڪڍي مونکي وڃڻ کان روڪي ورتو.

”هن هفتي شادي آهي، توهان ايندؤ نه!“

”ايترو جلدي؟“

”غريب عورت آهيان ڌام ڌوم ته ڪرڻي ناهي.“

مان ان ڇوڪر جي عظمت کي سلام ڪرڻ کان سواءِ نه رهي سگهيس، جنهن هڪ غريب بيوه جي ڌيءَ ۽ اها به اڻ پڙهيل، جنهن کي هن قبوليو هو.

مان بيهي ته رهيس، پر حقيقت اها آهي ته رابعه جي مدد ڪرڻ لاءِ منهنجي دل نه پئي چاهيو.

اها جيڪا زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ٻين کي نيچ ڏيکارڻ ۾ رُڌل هئي ۽ مون کي روزانو اچي ڇرڪائي ڇڏيندي هئي، مان ان رابعه جي جذبن جي احترام جي حق ۾ نه هيس.

”ڇا نالو آهي تنهنجي ناٺي جو؟“

منهنجي حيرت وڌندي ٿي وئي.

”نازش“.

”اوهه_ نالو تمام زبردست آهي.“ مون حيرت جو اظهار ڪيو ۽ هاڻي مون کي يقين ڪامل ٿي ويو ته ڇوڪرو ڪجهه نه ڪجهه پڙهيل ضرور هوندو.

منهنجي پرس ۾ ٽوٽل ساڍا ست سؤ هئا، جيڪي مون رابعه جي حوالي ڪيا، باقي ٻين ماڻهن کان به مدد ڏيارڻ جوواعدو ڪري هلي آيس.

ٽئين ڏينهن صبح جو نڪاح هو. وڏيءَ مشڪل سان ٻن سون ۽ ٻن جوڙن ڪپڙن جو بندوبست ٿي سگهيو. نڪاح جي رسم ڪهڙيءَ طرح ٿي، اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. مون کي ته اطلاع مليو. ڇوڪري وٽ ڪنهن علائقي ۾ مسواڙ جو ڪمرو آهي، جنهن کي ڏينهن جي وقت سندس دوست استعمال ڪري ٿو ۽ رات جو پاڻ. هو هر رات سائيڪل تي صبيحه کي ويهاري کڻي وڃي ٿو ۽ صبح جو ناشتي کان پهريان ڇڏي ٿو وڃي.

شادي جي ڇهين ڏينهن صبيحه هار سينگار ڪري سلام ڪرڻ آئي. ڪيمبرڪ جو وڳو پهريل. نائلون جي رئي تي، ڪوٽي جي پٽي، ڪنن ۾ پتل جا وڏا وڏا جهمڪا، آڱرين ۾ ڪنهن سستيءَ ڌات جون ڇهه ست منڊيون، پلاسٽڪ جون چوڙيون، انهن ڪوڙن زيورن سچ پچ هن کي سينگاري ڇڏيو هو.

هن رئي کي هر هر گهونگهٽ جي انداز ۾ پيشاني ڏانهن ڇڪي ٿي ورتو. رنگ پهريان کان نکريل هوس يا ڪسيري جي جوڙي جو عڪس هو.

هوءَ تمام گهڻو خوش هئي هن جو منهن ٽڙيل هو. هڪ ڳالهه پڇ ته سؤ ٻڌائڻ لاءِ تيار.

صبيحه هلي وئي ته اسان ڪيتري دير هن متعلق ڳالهائيندا رهياسين ڪنهن چيو.

”ڇا ته رنگ نڪتو اٿس.“

ڪير ٻڌائي رهيو هو.

”مون کي ته عجب ٿو لڳي اکين ۾ ته ڪو شرم ئي ڪونهيس.“

”آئي شادي شده جو ٿي.“

”۽ هوءَ جيڪا سڀ کان پراڻي ڪنواري هئي؟“ تنهن ڳاڙهو ٿيندي چيو.

”الله! هن جي عمر ته ڏسو.“

شاديءَ کي مشڪل سان ڏهه ڏينهن ٿيا هوندا ته خبر پئي ته رابعه جي ڌيءَ کي طلاق ٿي وئي.

”آئي ڇو؟“

”نازش چوي ٿو زاهده منهنجي پيءَ سان شادي ڪري ته مان صبيحه کي رکان ٿو نه ته صبيحه ان قابل ڪانهي جو هن کي گهر ۾ رکي سگهجي.“

”ڇو؟“

هاڻي رابعه وٽ ان ڇو جو جواب خاموشيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه هو.

مون رابعه کي صاف چئي ڇڏيو.

”تون تمام ناشڪري عورت آهين، پنهنجا قصا ٻڌائي ٻڌائي ماڻهن کي تنگ ٿي ڪرين.“

اُن کان پوءِ هن واسطو گهٽ ڪري ڇڏيو.هو پاڻ به اک ملائڻ جي جرئت گهٽ ڪندي هئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ڳوٺ وارن جي رڳ ڀڙڪو کاڌو رابعه جي مائٽن هن جي ڪهاڻي ٻڌي ورتي ۽ هن کي صاف چئي ويا.

”اسان جو توسان ڪو واسطو ڪونهي.“

مون کي اڃا تائين رابعه تي ڪاوڙ ايندي هئي ته نه هو ڪنهن همدرد سان مشورو ڪري ٿي ۽ نه نصيحت قبول ٿي ڪري صرف ڇرڪائڻ لاءِ اچي ٿي بيهي_ ڪير ڇا ڪري آخر!

گهڻو چيوسين ته ٻارن کي کائيندڙ پيئندڙ گهرن ۾ ڪم تي لڳائي ڇڏ، پر هن نه مڃيو.

”مان ته پڙهائينديس لکائينديس.“

ها سائين، هاڻ ٿي ويا ڊاڪٽر صاحب.

ڪير پئسن جي مدد ڏي ته ائين ٿي وٺي ڄڻ اڌار وٺندي هجي.

اڄ ٻيهر روئي بيٺي منهنجي سامهون، منهن سان ڪجهه نه ٿي چوي ۽ نه منهنجي ڪجهه پڇڻ تي دل ٿي ڪري. مون ٿوري دير پهريان ٻڌوآهي ته هن جي ڌيءَ صبيحه ڪنهن نامعلوم شخص سان ڀڄي وئي آهي.

۽ رابعه کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي ۽ ڪوارٽر خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.

هاڻي ڀلا مان هن کان ڇا پڇان؟ ۽ ڇا ڪريان؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com