سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :2

 

ڪرم سنڌي

دل آکيرو، درد پکي

پنهنجي فليٽ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو هئس. اڳيان پيل ميز تي ڪاغذ، پن ڇڻ رُت ۾ پتن جيان ٽڙيا، پکڙيا پيا هئا، منهنجي هٿ ۾ قلم هو ۽ عادت موجب سگريٽ دکايو هئم. کن پل کانپوءِ، دروازي تي ڪنهن اچي ٺڪ ٺڪ ڪئي هئي. آءٌ سگريٽ جو ڪش هڻي، دونهون ڪمري ۾ ڦهلائي، ڪرسي تان اٿيو هئس ۽ دروازو کوليو هئم، تون عادت موجب، چپن تي مرڪ سجائي بيٺي هئينءَ! توکي چيڙائيندي چيو هئم، ”ڀلا هي لپ اسٽڪ توکي مفت ۾ ملندي آهي ڇا؟ جو ٻئي چپ ڇانهين جي ڦار جهڙا ڳاڙها ڪري ڇڏيا اٿئي. منهنجي خيال ۾، تون جنهن جي وني ٿيندينءَ_ انهيءَ ويچاري جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندينءَ!!“

تون شرم وچان، سج لهڻ وقت، سورج مکيءَ جيان ڪومائجي وئي هئينءَ ۽ موضوع بدلائيندي وراڻيو هيئي ”هتي ئي بيهاريندين، اندر وٺي ڪونه هلندين ڇا؟“

مون به جواب ڪونه ڏنو هو_ ۽ توکي ڪمري ۾ وٺي آيو هئس. هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿي ويٺا هئاسين. پاڻ ٻنهي جي وچ ۾ ميز پيل هئي. ميز تي ٽڙيل پکڙيل پنن ڏانهن ڏسندي وراڻيو هيئي.

”اڄ وري ڪا نئين ڪهاڻي لکي اٿئي ڇا؟“

سگريٽ جو آخري ڪش هڻي، فلٽر کي ميز تي پيل ايشٽري ۾ اجهائي توڏانهن تڪيندي وراڻيو هئم.

”لکڻ جي ڪوشش گهڻي ڪيم_ پر لکي نه سگهيس.“

تو ميز تي وکريل پنن تان نظرون هٽائي، لائبريري ڏانهن نهاريندي، وراڻيو هو.

”ڪڏهن، ڪڏهن ائين ٿيندو آهي.“

کن پل جي ماٺار کان پوءِ وراڻيو هئم.

”ها! سنجها!، ڪڏهن ڪڏهن قلم به ساٿ ناهي ڏيندو جو جذبا اظهار جو روپ ڌاري سگهن ۽ ائين احساس اندر ۾ دٻجي ويندا آهن.“

تون چُپ ٿي وئي هئينءَ_ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو هيئي. مان ٽيبل تان، سگريٽ جو پاڪيٽ کڻي، سگريٽ دکايو ۽ وڏا وڏا ڪش هڻڻ لڳو هئس.

ڳچ دير جي خاموشيءَ کان پوءِ، پاڻ سياست تي گفتگو ڪئي هئي.

تو مون کان پڇيو هو.

”ڀلا شاگردن کي سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي يا نه.“

وراڻيو هئم.

”اڄ جي دؤر ۾ جيڪو سياست ڪرڻ نٿو ڄاڻي سو ڄڻ انڌو آهي. پوءِ ڀلي ايم_ اي پاس ڇو نه هجي_ ڇو ته ماڻهو جيستائين سياست ۾ حصو نه وٺندو ۽ سياست کي نه سمجهندو، تيستائين معاشري جي ناسورن مان جان ڇڏائي نه سگهندو.“

تون وري خاموش ٿي وئي هئينءَ ۽ ڪرسي تان اُٿي، لائبريريءَ مان شبنم گل جي ڪهاڻين جو مجموعو ”اڻ ڄاتل شهر جو نقشو“ کڻي، واپس ڪرسي تي ويهي پڙهڻ لڳي هئينءَ_ مان ماضي جي ساروڻين جي ڌارائن ۾ گم ٿي ويو هئس.

توسان، هڪ اداري پاران رچايل فنڪشن ۾ ملاقات ٿي هئي، جتي مون ان اداري بابت مقالو پڙهيو هو، جنهن ٻين سان گڏ توکي به موهي وڌو هو ۽ پوءِ جڏهن مان اسٽيج تان لٿو هئس ته ڪيترن ئي نوجوانن مون کان آٽوگراف اچي ورتو هو ۽ تون به پنهنجي ڊائري کڻي، مون وٽ آٽوگراف وٺڻ آئي هئينءَ ۽ مون تنهنجي ڊائري تي پنهنجي وائي جون هي سِٽون لکيون هيون.

”ڇانءُ جي ڳولا نه ڪر،

او مسافر پيار جا.“

۽ پوءِ توسان خطن وسيلي ۽ ڪڏهن ڪڏهن روبرو ملاقات ٿيندي هئي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن منهنجو ٽرانسفر تنهنجي شهر ۾ ٿي ويو هو ۽ پوءِ پاڻ روز ملڻ لڳاسين.

”اڄ سمنڊ ڪناري هلون!“

تو ڪتاب ميز تي رکندي چيو هو.

مان سوچن جي ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳيو هئس، تون کلي پئي هئينءَ_ ۽ وراڻيو هئم.

”دل نٿي چوي!“

تو چيو هو،

”ڇو؟“

بيزاري مان جواب ڏنو هئم.

بس، منهنجي مرضي!“

ٽوڪيندي وراڻيو هيئي.

”تنهنجي ته آهي ئي ڪانه، مرندي ڪٿان!“

هلڪي مرڪ چپن تي آڻي، وراڻيو هئم.

”ڇا، تون به منهنجي ڪونه آهين.“

شايد، منهنجي سوال توکي ڪو وڏو ڇيهو رسائي وڌو هو. تنهنجي چهري تي، درد جا اولڙا مون پهرين نهار ۾ ئي پسي ورتا هئا. کن پل جي ماٺار کان پوءِ، گهٽيل آواز ۾ وراڻيو هيئي.

”نه...... هاڻي مان تنهنجي نه رهي آهيان.“

منهنجين خواهشن جا سمورا گل، تنهنجي هڪڙي ئي جملي ڪومائي ڇڏيا هئا. تو ڪرسي تان اٿي، چيچ ۾ پيل منڊي، مون کي ڏيکاريندي وراڻيو هو.

”منهنجي مڱڻي......“

درد جي شدت ڪري، جملو پورو ڪري ڪانه سگهي هئينءَ ۽ روئي ڏنو هيئي.

منهنجو به جيءُ جهري پيو هو. توکي ڪجهه چوڻ چاهيو هئم، پر چئي نه سگهيو هئس.

تون پنهنجن هٿن سان ڳوڙهن جي آلاڻ اگهي، ڪمري مان نڪري هلي وئي هئينءَ.

منهنجي، دل جي آکيري ۾، سوين درد_ پکين واسو اچي ڪيو هو ۽ اکيون بند ڪري ڪرسي تي! هلي پيو هئس.

 

فقير شهمير خان چانڊيو

جنين ڪاڻ مياس....

چون ٿا ته وقت وڏو مرهم آهي، پر مون لاءِ ’وقت‘ مرهم ثابت نه ٿيو، بلڪ جيئن جيئن وقت جي محور تي گردش ڪندڙ موسمون ۽ زندگيءَ جا مختلف موڙ پنهنجو سفر طئي ڪندا، اڳتي وڌندا رهيا، تيئن تيئن منهنجي رستي ۾ ناهموار رستا ايندا ويا..... ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ائين محسوس ڪندو هوس، ته جيڪي ڪجهه ماضيءَ ۾ ٿيو، سو فقط هڪ ٽريلر هو، کيل ته هاڻي شروع ٿيڻ وارو آهي!!

بهرحال نامراد موسي، منهنجي پچر ڇڏي ڏني هئي، جنهن سبب دماغ ۾ ڪوبه ٽينشن باقي نه رهيو هو. گهر جو ماحول به سازگار بڻجي ويو هو. زندگيءَ کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ موڪلن جا ڏينهن، حسنا سان گڏ ڏاڍا خوشگوار گذرڻ لڳا. ڪڏهن ڪنهن سئنيما ۾، ته ڪڏهن شهر ۾ لڳل نمائش ۾ نڪري ويندا هئاسون. انهن ڏينهن ۾ حسنا حامله ٿي چڪي هئي ۽ خير سان هڪ پٽ کي جنم ڏنائين. مان خوشيءَ ۾ نه پيو ماپان.

پهرين ڄاول ڇوڪري، ماشاءَ الله هاڻي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جي قابل ٿي چڪي هئي، جنهن کي مون پريس جي ڀرپاسي واري پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو هو، جتي مان صبح جو آفيس ويندي مهل ۽ واپس ايندي مهل، ساڻ گڏ وٺي ايندو ويندو هوس.

حسنا به پٽ جي ڄمڻ تي ڏاڍي سرهي نظر ايندي هئي. سندس منهن، گلاب جي گل جيان ٽڙيل هوندو هو. مون سان هروقت پيار ۽ محبت جون ڳالهيون ڪندي هئي_ ۽ مان سندس هنج ۾ مٿو رکي، هڪ قسم جو سرور حاصل ڪندو هوس ۽ هوءَ منهنجي مٿي ۾ آڱريون ڦيرائيندي رهندي هئي. پٽ جي آڍ_ مک منهنجي سس سرانجام ڏيندي هئي ۽ گهر جو سمورو ڪم حسنا پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪندي هئي. آخر هڪڙو ڏينهن اهڙو به آيو، جو منهنجي سس، حسنا ۽ مون کان موڪلائي ڳوٺ هلي وئي.

منهنجي سس جي وڃڻ کان پوءِ حسنا لاءِ گهر جو ڪم ۽ ننڍڙي جي آڍ_ مک وڏو مسئلو ٿي پيو، تنهن هوندي به هوءَ سڀني ڳالهين کي منهن ڏيندي آئي. ٻئي پاسي مان به رات_ ڏينهن، ٻچن جي مستقبل سنوارڻ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو، ائين ٿي لڳو، ڄڻ مان هڪ نار ۾ ڍڳي وانگر وهي رهيو هجان!

هڪ رات مان جيئن ڊيوٽيءَ تان واپس گهر آيس ته حسنا کان معلوم ٿيو ته رئيسن جو هڪ ماڻهو، مون کي اوطاق تي رئيس اڳيان حاضر ٿيڻ جو چئي ويو آهي. مون کي کٽڪو ٿي پيو، دل ۾ خيال ڪيم ته ”خدا خير ڪري، اهي رئيسن جا سڏ، منهنجي لاءِ ڪتن جي اوناين کان گهٽ ڪونهن. وري ڪا شايد موسي ٻي چال هلائي هجي!“ اهو سوچي مون ماني به نه کاڌي ۽ سڌو رئيسن جي اوطاق جو رُخ ڪيو.

اوطاق تي سواءِ رئيس گلڻ خان ۽ ٻن نون چهرن، جن کي ڏسڻ سان مون کي ڄڻ ته ڏڪڻي وٺي وئي، سي ويٺا هئا. ان وقت رات جا يارهن ٿيا هئا، رئيس مون کي ڏسندي، نهايت پاٻوه سان صوفي تي ويهڻ لاءِ چيو ۽ مان به ان جي حڪم جي تعميل ڪندي، صوفي تي هيسجي ويهي رهيس ۽ انهن ٻن کان نظرون بچائي، رئيس جي ٻئي حڪم ٻڌڻ لاءِ پاڻ کي ذهني طور تيار ڪرڻ لڳس.

”يار، ڳالهه ٻڌي اٿئي. منهنجي توسان ڪابه دشمني ناهي، پر مان به مجبور آهيان. اُن تو واري رقيب روسياه.... الائجي ڪهڙو نالو اٿس (ذهن تي زور ڏيندي)...... ها، موسي منهنجي مٿان وڏي ڇپ ڪيرائي ڇڏي آهي ۽ اها ڇپ، منهنجو پڳ_ مٽ يار آهي ۽ هڪ وڏو آفيسر آهي، ان جو زور لڳو پيو آهي، ته ڪيئن به ڪري، ٻانهن موسي کي موٽائي ڏياري وڃي! هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان_ ۽ ها، مون کي اها به خبر آهي، ته تون هڪ شريف ماڻهو آهين. منهنجي صلاح اٿئي ته هتان ٽپڙ کڻي وڃي، ڪنهن ٻئي هنڌ آسودو ٿي، جيئن تون به سک جو ساهه پٽي سگهين ۽ مان به آجو ٿي وڃان!“ رئيس گلڻ خان ڪجهه لمحن کان پوءِ پنهنجي (وات) کي چوريو.

”پر سائين، اهو ته ظلم آهي. هڪ ته موسي ڏاڍائي اها ڪئي، جوان معصوم (حسنا) کي جهڪائي ۽ برغلائي ان جي لڄ لٽيندو رهيو، پوءِ به ان جو وار ونگو نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته حسنا جا مائٽ بي پهچ ۽ مسڪين هئا ۽ ان کان پوءِ به هو باز نه آيو ۽ مون سان طرح طرح جون عقوبتون ڪيائين، جو گس ويندي، منهنجي عزت نفس کي مجروح ڪيائين، ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو آئون مجبور ٿي، ساڻس وڙهيس ۽ نوبت ان حد تائين پهتي، جو مون کي هٿڪڙيون هنيون ويون. ايترين جٺين سهندي، توهان کي منهنجي حال تي رحم نه ٿو اچي ۽ چئو ٿا ته مان هتان لڏي وڃان! آخر ڇو؟ ڇا مان انسان ناهيان؟ ڇا مون کي هن معاشري ۾ جيئڻ جو حق ناهي_ منهنجي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ناممڪن آهي!“ مون احتجاج ڪندي چيو.

”برابر، تنهنجيون ڳالهيون سڀ صحيح آهن ۽ مون کي توسان همدردي به آهي، اهوئي سبب آهي، جو مون توکي هتان لڏي وڃڻ لاءِ چيو آهي_ وڌيڪ تنهنجي مرضي آهي_ سڀاڻي ڪا تڪليف پهچئي ته مون تي ميار نه رکجان!“ رئيس سمجهائڻ واري نموني چيو:

”ٺيڪ آ سائين، مون کي سوچڻ ڏيو!“

”ڀلي سوچي وٺ.“

ان کان پوءِ مان رئيس کان موڪلائي، گهر پهتس. ماني اڃا به کٽ تي رکي هئي. حسنا به شايد منهنجو انتظار ڪندي ڪندي، ننڍڙي جي پاسي ۾ سمهي رهي هئي، جو دروازو ائين ئي کليل هو! ان گهڙيءَ مون حسنا کي ننڊ مان سجاڳ ڪرڻ، مناسب نه سمجهيو، ڇاڪاڻ ته هوءَ به هڪ انسان هئي. سڄي ڏينهن جي هڻ_ هڻان کيس ٿڪائي ڇڏيندي هئي، سو مان به ماٺڙي ڪري مانيءَ تي ويهي رهيس، پر ماني، نڙيءَ مان هيٺ لهڻ جي نه پئي ڪري. وهم ۽ وسوسا، نڙيءَ وٽ پنهنجو دڳ جهلي بيهي رهيا هئا. آخر جيئن تيئن ڪري ٻه_ ٽي گرهه مانيءَ جا زوريءَ نڙيءَ هيٺ لاٿم ۽ پاڻيءَ جو گلاس پي، هٿ ڌوئي، اچي کٽ تي ڦهڪو ڪيم. مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آخر ڪهڙي نه ڏوهه جي سزا ڀوڳي رهيو آهيان. هي ماڻهو ڇو اچي منهنجي پويان پيا آهن، پر نه...... هاڻي مون کي مزاحمتي جنگ ڪرڻ گهرجي..... نه ته هو مون کي ڪٿي به رهڻ نه ڏيندا...... پر مان ڇا ٿو ڪري سگهان.... ڇا مان انهن کي ماريان....... پر ائين ته مان پاڻ مري ويندس..... پر مان مرڻ نٿو چاهيان...... مون کي جيئڻو آهي، حسنا لاءِ، پٽ لاءِ. ائين سوچيندي سوچيندي، مون کي ائين لڳو، ڄڻ منهنجو دماغ ڦاٽن وارو آهي ۽ پوءِ منهنجي مٿان غنودگي طاري ٿيڻ لڳي ۽ مونکي خبر ناهي، ته مان ڪيڏيءَ مهل ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويس.

رات جو گهڻي دير سان سمهڻ ڪري، مان ڪافي وقت تائين ستو پيو هوس ۽ هڪ خواب ڏٺم، جنهن ۾ منهنجن پيرن ۾ ٻه بي جان انساني وجود پيا هئا ۽ انهن کي ڳاڙهي رنگ جو لباس پهريل هو. اوچتو ڪنهن ڌونڌاڙيندي مون کي چيو: ”ڇا، اڄ آفيس ناهي وڃڻو!؟“ منهن تان رلي لاهي ڏٺم، ته سامهون حسنا مرڪي، مون کي ڏسي رهي هئي.

”اوهه! گهڻو ٽائيم ٿيوآهي!“ مون جسم تان رلي هٽائيندي پڇيو.

”ٽائيم ته ايترو ٿيو آهي جو سليماني چانهه، سگريءَ تي ٽهڪي ٽهڪي ڪاري ٿي وئي آهي، پهرين ته مان سوچيم پئي ته اوهان کي اُٿاريان، پر وري اوهان جي ڪاوڙ کان ڊڄي اٿارڻ مناسب نه سمجهيم، پر وري به همت ڪري اوهان کي اٿاري وڌم.“ حسنا، منفرد انداز سان چوندي وئي.

”ته پوءِ وارو ڪر، پهرين گلاس آڻي ڏي، ته کير وٺي اچان.“ مون پير ۾ چمپل پائيندي، حسنا کي چيو.

نيرن ڪري، تيار ٿي آئون آرزوءَ کي ساڻ ڪري جيئن گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي وٽ پهتس، ته هڪ پاڙي جي ماڻهوءَ سان هڪ ٻڍڙي زائفان کي گفتگو ڪندي ڏٺم. جيڏيءَ مهل گهٽيءَ جي ڪنڊ وٽ پهتس ته منهنجا ڪن، اُن لفظن تي کڙا ٿي ويا، جواها ٻڍڙي عورت، ان پاڙي جي ماڻهوءَ کان منهنجي گهر جي پڇا ڪري رهي هئي: ”ابا، هتي اخبار واري جو گهر ڪهڙو آهي؟“ پهرين ته مون خيال ڪيو ته مان وڌي وڃي کانئس پڇان ته ’مائي، ڪهڙو ڪم اٿئي، پر دير گهڻي ٿي وڃڻ سبب عجلت ۾ هئس، جنهن ڪري تڪڙو تڪڙو گهٽي پوئتي ڇڏي، روڊ تي نڪري آيس.

آرزوءَ کي اسڪول ۾ ڇڏي، سڌو آفيس آيس، جتي نئين ٽپال جو ڍڳ منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. لفافا چاڪ ڪرڻ مهل، ذهن سڄو ان اجنبي پوڙهيءَ ڏانهن ڇڪيل هو، جيڪا منهنجي گهر جي پڇا ڪري رهي هئي.سمجهه ۾ نٿي آيو ته آخر ڇو؟ ان جو ڪهڙو ڪم ٿي سگهي ٿو؟! اڳي ته مون ان پوڙهيءَ کي ڪڏهن ڏٺو به ڪونه هو. ڪٿي اها رئيس يا موسي جي چال ته ڪونهي؟! بهرحال ذهن کي جهٽڪو ڏيئي، مان پنهنجي ڪم کي لڳي ويس، ڇاڪاڻ ته دير ٿي وڃڻ ڪري، هيڊ ڪمپازيٽر سر مٿان چڙهيو بيٺو هو.

ڪم کي اڪلائي، ڏيڍ وڳي ڌاري آرزوءَ کي اسڪول مان ساڻ ڪري گهر آيس. حسنا معمول مطابق ماني پچائي رهي هئي. ننڍڙو لوڏ ۾ ستو پيو هو. مون کٽ تي ويهندي، هيڏانهن هوڏانهن نظر گهمائي، ڪابه تبديلي نظر نه آئي. شايد حسنا به منهنجي ان انداز کي تاڙي چڪي هئي، تئي مان نڪتل ٻه مانيون ۽ ٻوڙ منهنجي اڳيان رکندي پڇيائين: ”خير ته آهي، اڄ گهر جو جائزو پيا وٺو!؟“ ان دوران آرزو يونيفارم بدلائڻ لاءِ ڪمري ۾ هئي.

”نه، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، پر اڄ صبح جو جيئن آفيس پئي ويس ته گهٽيءَ ۾ هڪ پوڙهيءَ کي پاڙي واري کان پنهنجي گهر جو ڏس پڇندي ٻڌم، ڪا پوڙهي ته ڪانه آئي هئي؟“

”ڪهڙي پوڙهي! منهنجو ته ڪنهن پوڙهيءَ سان واسطو ئي ڪونه پيو آهي ۽ نه ئي ڪا پوڙهي هتي آئي آهي! توهان کي ڪا غلط فهمي ٿي آهي، توهان ماٺڙي ڪري ماني کائو!“

الائجي ڇو جو مون کي حسنا جي ڳالهه تي اعتبار نه پئي آيو. حسنا جي ڳالهائڻ وقت مون کي ائين پي لڳو، ڄڻ هوءَ ڪا ڳالهه مون کان لڪائي رهي هئي، ڇاڪاڻ ته سندس چهري جون ريکائون چغلي هڻي رهيون هيون. مون موقعي جي مناسبت سان بحث کي وڌائڻ ٿي چاهيو، پر ائين پي محسوس ڪيم، ته هن گهر کي پنهنجي ئي ڏيئي سان باهه لڳڻ واري آهي. دشمن جو وار ڪم ڪري ويو هو!

ان ڏينهن کان پوءِ مان سنجيده رهڻ لڳس. جڏهن ته حسنا گهڻي ڪوشش کان پوءِ به مون کي بهلائي نه سگهي هئي ۽ پوءِ هوءَ به خاموش رهڻ لڳي هئي. سندس مزاج ۾ چڙچڙاهٽ پيدا ٿي پيئي هئي. ڳالهه ڳالهه تي ڇڙٻ، واري انداز ۾ مون سان ڳالهائيندي هئي، مگر مان خنده پيشانيءَ سان سندس اهي ڇڙٻون برداشت ڪري ويندو هوس.

هڪ ڏهاڙي جيئن مان آرزوءَ کي اسڪول ڇڏي آفيس پهتس ته آفيس کي تالو لڳل نظر آيم. چوڪيدار کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيم ته رات جي شفٽ وارو انچارج ايڊيٽر انتقال ڪري ويو آهي، جنهن سبب اڄ آفيس بند ڪئي وئي. مان اها خبر ٻڌندي، سڌو اچي ڪانڌين ۾ شامل ٿيس ۽ دفنائڻ جي رسم کان واندو ٿي، سوير ئي گهر ڏانهن رخ رکيم. جڏهن ته آرزوءَ کي موڪل ملڻ ۾ اڃا ٽائيم هو. گهر پهچي، دروازي مان اندر داخل ٿيندي ئي منهنجي کٽ تي ويٺل حسنا سان گڏ، هڪ پوڙهيءَ تي نظر پيئي ۽ مان في الحال ڪاوڙ کي ضبط ڪري، اچي پوڙهيءَ کي کيڪاريو، پر ان سان گڏوگڏ منهنجي دورانديش نظر سڀ ڪجهه سمجهي ويئي هئي، ته دال ۾ ڪارو ضرور آهي ۽ حسنا به اوچتو مون کي ڏسي هڪ ٻڪي ٿي وئي.

”هيءَ ماسي کتو آهي، پنهنجي ئي پاڙي ۾ رهندي آهي، رليون سبائڻ لاءِ ايندي آهي.“ حسنا ڦاٽ کاڌو.

”تو ڪڏهن کان رليون سبڻ شروع ڪيون آهن؟“ مون طنزيه نموني حسنا کان پڇيو.

”واندڪائي واري ٽائيم ۾ ٻيوڇا ڪريان، ننڍڙو به سمهي پوندو آهي، حاج ڪم لاهي پوءِ اچي رلين کي لڳندي آهيان.“ حسنا مون کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.

”چڱو امڙ، مان هلان ٿي!“ اوچتو پوڙهيءَ اٿندي چيو.

”چڱو ماسي، رلي ڇنڇر ڏينهن کڻي وڃجانءِ.“ حسنا اکين ۾ مخصوص اشارو ڪندي پوڙهيءَ کي چيو.

پوڙهي جي وڃڻ کان پوءِ مون حسنا سان وڌيڪ ڪابه حجت ڪانه ڪئي ۽ وري به ڪاوڙ کي ضبط ڪري، ٻاهر نڪري ويس ۽ آرزوءَ جي موڪل ٿيڻ تائين هيڏانهن هوڏانهن شهر جي راک ڇاڻيندو رهيس.

زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو، مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته هن معاشري ۾ ماڻهو، شرافت جي زندگي گذارڻ جي باوجود، شريف بڻجي رهي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ ماڻهوءَ کي جبل جيڏو حوصلو کپي ۽ ان سان گڏوگڏ سهپ پڻ! جيڪڏهن ائين نٿو ڪري ته پوءِ ان کي جيئڻ جو حق ناهي..... مان ته بزدل آهيان..... ايتري قدر جو هر وک تي مون سان ظلم ڪيا پيا وڃن ۽ مان سهندو رهان پيو..... پر آخر ڪيستائين؟!! هاڻي ته حالت اها وڃي بيٺي آهي، جو جنهن جي وجود سان هيءُ گهر جنت بڻيل آهي، سو ئي دوزخ بنائڻ پيو چاهي...... پر مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي. آخر مان به ته انسان آهيان..... مون کي به عزتِ نفس خدا عطا ڪيو آهي...... مان ائين ٿيڻ هرگز نه ڏيندس..... اهڙي شرافت ڪهڙي ڪم جي، جيڪا معاشري ۾ عزت سان جيئڻ نه ڏي!! مطلب ته منهنجو ذهن، سوچن جو آماجگاه بنجي پيو هو. حساس طبيعت جي جاءِ تي نفرت جي ٽانڊن جاءِ والاري ڇڏي هئي، جنهن جي تپش منهنجي سڄي وجود کي پوسرائي رهي هئي. رکي رکي اندر ۾ ڪيئي اُڌما سٽ ڏيئي ٻاهر نڪرڻ جي پيا ڪن، مگر مان پاڻ تي ضابطو ڪيو ويٺو هوس. حسنا جي ڪوڙ، منهنجي اندر جي دنيا کي مسمار ڪري ڇڏيو هو، مون ته ڪڏهن ائين سوچيو به نه هو، ته ڪو حسنا مون سان ائين فريب ڪندي، جنهن لاءِ مون طرحين طرحين جون جٺيون برداشت ڪيون آهن. ڇا اڄ جي هن سماج ۾ چڱائي جو صلو اهو ملندو آهي!؟

ائين پي لڳو، ڄڻ منهنجي محبت جو پهريون موڙ هو، جنهن جي نشي ۾ مان ايڏو ته سرشار هوس، جو هڪ اهڙي عورت سان پيچ اٽڪايم، جنهن پنهنجي ابي_ اما سان به وفا نه ڪئي، سا مون سان ڪهڙي وفا ڪندي ۽ مون کي اهو به هوش نه رهيو ته هوءَ هاڻ داغدار ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ ان جو ٻيو موڙ، جيڪو نهايت شديد نفرت ۾ تبديل ٿي چڪو هو. هونءَ به چوڻي آهي ته ’ٻانهن ڀڳو، ٽنگ ڀڳو ته ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهي ٿو، مگر دل ڀڳو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي، سواءِ پاڻ جلائڻ جي!، سڄي ڏينهن ۽ رات جي ذهني پورهئي ڪرڻ کان پوءِ به آرام ڪرڻ لاءِ سڪندو هوس، مون ائين ٿي ڄاتو، ڄڻ حسنا پنهنجي ماضيءَ ۾ ڪجهه ڪيو ئي ڪين هو، جنهن لاءِ آئون پاڻ کي جلائيندو رهان. جيڪڏهن ائين هجي ها ته پوءِ ڪهڙي ضرورت هئي، حسنا کي مون سان شادي ڪرڻ جي!؟ هڪ جنوني ڪيفيت هئي منهنجي ۽ ان باري ۾ ڪوبه حتمي فيصلو نٿي ڪري سگهيس ته منهنجو اڳين قدم ڪهڙو هئڻ گهرجي!؟

آخر هڪ ڏينهن تنگ ٿي، پنهنجي صحافي يار سان غم دور ڪرڻ جي صلاح پڇيم، جنهن مون کي شراب پيئارڻ سيکاريو ۽ ائين پوءِ نائيٽ ڊيوٽي کان فارغ ٿي، ساڻس گڏ شراب جي اڏي تي وڃي شراب پيئندو هوس ۽ پوءِ نشي ۾ بدمست ٿي، ٿڙندو ٿاٻڙجندو گهر پهچندو هوس، جڏهن ته حسنا به منهنجي ان غير معمولي تبديليءَ تي ڪوبه تبصرو ڪونه ڪندي هئي ۽ نه ئي ڪا ڪنهن قسم جي همدردي ڪندي هئي. هوءَ هاڻي بنهه بي حس ٿي چڪي هئي.

هڪ ڏينهن، جيڪو هفتيوار موڪل جو ڏينهن هو، گهر ويٺو هوس ته اوچتو ڪنهن خيال تحت اٿي، ڪٻٽ ۾ رکيل پنهنجا ذاتي ڪاغذ ڦلهورڻ لڳس. مگر منهنجي حيرانيءَ جي حد نه رهي، جو اهي ڪاغذ ۽ فوٽو غائب هئا، جيڪي حسنا جا ڪورٽ ۾ بيان ڏيارڻ وقت مون محفوظ ڪري ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيا هئا ۽ ان باري ۾ مون جڏهن حسنا کان پڇا ڪئي ته هن صفا انڪار ڪري ڇڏيو ته ”مون کي ڪانهي خبر!“ ان جي ايتري چوڻ تي منهنجي ڪاوڙ جو پارو عروج تي پهچي ويو ۽ مون سندس چوٽيءَ مان جهلي چڱي خاصي ڦيهه ڪڍي.

هاڻي منهنجو شڪ، پڪ ۾ بدلجي چڪو هو، ته حسنا اهي ڪاغذ ۽ فوٽو، ان ڌوتيءَ پوڙهيءَ جي ذريعي موسي تائين پهچائي ڇڏيا آهن. اهو ان ڪري جو هوءَ ٻيهر موسي وٽ وڃڻ چاهي ٿي. اهو سوچي مان سڄو ڏڪي ويس ۽ دل ۾ خيال ڪيم، ته حسنا جڏهن منهنجي نٿي ٿئي، سا مان آسانيءَ سان ٻئي جي حوالي ڪيئن ڪريان....... ائين ٿي نٿو سگهي..... ۽ پوءِ هڪ ڀيانڪ ارادو، اندر ۾ اڀرڻ لڳو ۽ ان ارادي جي تڪميل لاءِ مان گهاٽ گهڻ لڳس!

چڙ، بخيلي ۽ سوچن ۾ سڄو ڏينهن خبر ناهي، ته ڪيئن گذري ويو. چنڊ جا شروعاتي ڏينهن هئا، هنڌ تي پاسا ورائي رهيو هوس. چئني پاسي خاموشي ئي خاموشي هئي. حسنا به بينياز ٿيو، پنهنجي کٽ تي ننڍڙي سان گڏ ستي پيئي هئي. مون کي سندس سمهڻ جو انداز پسند نه آيو ۽ کٽ تي اُڀو ٿي ويهي رهيس ۽ چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ چتائي حسنا کي ڏسڻ لڳس، جيڪا منهنجي ننڊ حرام ڪري، پاڻ مزي سان سُتي پيئي هئي. ڳچ دير تائين مان کيس گهوريندو رهيس ۽ پوءِ لاشعوري طور، شايد گهڻي چڙ سبب کٽ تان اٿي، بورچيخاني ۾ داخل ٿيس. هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي، ٿانون جي وچ ۾ پيل ڇُري کڻي ورتم ۽ سڌو حسنا جي مٿان اچي بيهي رهيس. ان وقت منهنجي عجيب ڪيفيت هئي. پهرين ته خيال آيم، ته ننڊ ۾ ئي ابدي ننڊ ڏئي ڇڏيانس، پر ان معصوم مکڙي تي نظر پوڻ سان، دل کي ڌڪ لڳي ويو ۽ خيال آيو، ته جيڪڏهن مان حسنا کي مارينديس ته هن معصوم جو ڇا ٿيندو، اندر ۾ عجيب ڪشمڪش هئي. شايد ان بزدليءَ جو سبب تعليم ئي هئي، جنهن مون کي گناهه ڪبيرا ڪرڻ کان روڪيو پي..... ۽ پوءِ وري به ماٺڙي ڪري، هنڌ تي اچي پاڻ کي اڇلايم؛ پر ننڊ نه پئي آئي. ان گهڙيءَ مون کي شراب ياد آيو ۽ مان دروازو کليل ڇڏي، روڊ تي نڪري آيس. بي گاهه وقت هئڻ ڪري، رولو ڪتن منهنجو پيڇو نه ڇڏيو ۽ ايستائين پويان لڳا آيا. جيسين مان شراب جي اڏي تي نه پهتس.

اڏي وارا مهنجا واقف ٿي چڪا هئا ۽ اخبار سان منسلڪ هئڻ سبب منهنجي گهڻي عزت ڪندا هئا. ان گهڙيءَ اڏي تي مون وانگر ٻه_ ٽي بيگانا ويٺل هئا_ شايد مون وانگر ئي غم گهٽ ڪرڻ آيا هئا. اڄ آئون گهڻي مقدار ۾ شراب پي رهيو هئس ۽ اڏيوارا مون کي حيرانيءَ سان ڏسي رهيا هئا، جڏهن ته هن کان پهرين مون ڪڏهن به ايترو شراب نه پيتو هو. اٿڻ جي ڪيم، مگر ٽنگن منهنجو ساٿ ڇڏي ڏنو هو، پر پوءِ به جيئن تيئن ڪري، لڙکڙائيندو ۽ جهومندو گهر وڃي رهيو هوس، ته اوچتو پوليس جي ور چڙهي ويس ۽ انهن مون کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.

صبح ٿيڻ تي منهنجو جڏهن نشو لٿو، تڏهن پاڻ کي لوهي سيخن جي پويان ڏسي، اسٽول تي ويٺل هڪ سپاهيءَ کان پڇيم، ”توهان مون کي ڪهڙي ڏوهه ۾ هتي بند ڪيو آهي؟“ سپاهي جواب ڏنو ته ”اوهان رات، شراب جي نشي ۾ اسان جي آفيسر کي گاريون ڏنيون آهن، انهيءَ ڪري اوهان کي لاڪ اپ ڪيو اٿئون!“

”ايس_ ايڇ_ او صاحب آهي؟“ مون ٻيو سوال ڪيو.

”نه، اڃا نه آيو آهي!“ سپاهي جواب ڏنو.

”ڪيڏي مهل ايندو؟“

”بس اچڻ وارو آهي!“

مان بيوسيءَ جي عالم ۾، لوهي سيخن ۾ هٿ ڦٻائي، ايس_ ايڇ_ او صاحب جو انتظار ڪرڻ لڳس، ڇاڪاڻ ته اهو منهنجي صحافي دوست جي معرفت واقف هو. ڳچ دير انتظار ڪرڻ کان پوءِ ايس_ ايڇ_ او صاحب دروازي مان ظاهر ٿيو ۽ کيس ڏسندي ئي مون رڙ ڪئي: ”ادا خان محمد!“

خان محمد، ڪنڌ ورائي، مون ڏانهن ڏٺو ۽ پڇيائين، ته ”توهان هٿي ڪيئن؟“

”توهان جي يارن جي مهرباني آهي!“

”پر ڪهڙي ڏوهه ۾؟“

”سائين، رات شراب جي نشي ۾ اي_ ايس_ آءِ عارب کي ڪچيون ڪچيون گاريون ڏنيون اٿس!“ منهنجي ڳالهائڻ کان اڳ ئي اسٽول تي ويٺل سپاهي ڦاٽي پيو، ڄڻ ڪو ٽائيم بم هو.

”توکي خبر آهي ته هيءُ ڪير آهي!؟ جلدي ڪري هن کي ٻاهر ڪڍ، نه ته منهنجا به ٿا لاهه ڪڍو.“ صوبيدار ڪاوڙ مان سپاهيءَ کي چيو.

سپاهي حيران ۽ پريشان ٿي، وڏي منشيءَ کان لاڪ اپ جي چاٻي وٺي، نهايت سعادتمندانه انداز ۾ مون کي ٻاهر ڪڍيو، تيسين خان محمد بيٺو رهيو ۽ پوءِ مون کي ٻانهن کان وٺي، پنهنجي آفيس ۾ آيو ۽ مون سان معذرت ڪرڻ لڳو پر مون کيس ائين چئي، مطمئن ڪري ڇڏيو، ته ”ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿي ويندو آهي.“ خان محمد ان کان پوءِ منهنجي چڱي خاطر تواضع ڪئي ۽ پوءِ مان موڪلائي، گهر وڃڻ بجاءِ، سڌو اخبار جي دفتر پهتس ۽ ڪم ۾ جنبي ويس، جڏهن ته راتوڪي نشي مون کي ڀڃي وڌو هو ۽ پوءِ مون دل ۾ پڪو عهد ڪري ڇڏيو، ته چاهي ڇا به ٿي پوي، شراب نه واپرائيندس.

اڄ وري اتفاق سان رات جو دير به گهڻي ٿي وئي هئي. مون کي اهو به هوش نه رهيو هو ته آرزو اسڪول  ڪيئن وئي هوندي. بهرحال رات جو پوڻين ٻارهين وڳي گهر پهتس، دروازو خلاف توقع کليو پيو هو. اندر داخل ٿيڻ سان ئي مان حيرانيءَ مان حسنا کي ڏسي رهيو هوس، جيڪا منهنجي اوسيئڙي ۾ ماني کٽ تي رکيو جاڳي رهي هئي.

منهنجي اچڻ سان ئي هوءَ روئڻهارڪي ٿي پڇڻ لڳي، ”رات اوهان ڪيڏانهن ويا هئا ۽ اڄ به اوهان جي نه اچڻ ڪري ڊپ ۾ جاڳان پئي ۽ آرزو به پڇا ڪري ڪري هاڻ ستي آهي!“

حسنا جي ان انقلابي تبديليءَ کي ڏسي مان حيران ٿي ويس ۽ حيرانيءَ سان کيس تڪڻ لڳس ۽ سندس ان رويي تي چپ چوري نه سگهيس. مون کي خاموش ڏسي حسنا رڙهي اچي، منهنجي ڀر ورتي ۽ منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي، چوڻ لڳي: ”مون کي غلط نه سمجهه، مان تنهنجن ٻچن جي ماءُ آهيان! مان جيڪڏهن توسان بيوفائي ڪريان ها ته ڪڏهوڪو تنهنجو ساٿ ڇڏي ڏيان ها. اجايو اچي پاڻ کي پريشان ڪيو اٿئي، منهنجي صلاح وٺين ته هڪڙي مينهن وٺي ڇڏ ۽ ڏينهن واري ڊيوٽي ڇڏي ڏي.“

الائجي ڪهڙي ڪشش هئي، حسنا جي انهن جملن ۾، جو مان جذبات کان بي قابو ٿي، والهانه انداز ۾ کيس پيار ڪيو ۽ پوءِ مان اها رات سڪون جي ننڊ ڪري سگهيس.

حسنا به وفا شعار زال جيان منهنجي خدمت چاڪري ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي ۽ مان هڪ دفعو ٻيهر سوچن جي ڌٻڻ کان ٻاهر نڪري آيس. حسنا جي چوڻ مطابق مون ڏينهن واري اخبار جي ڊيوٽي ڇڏي، هڪ مينهن خريد ڪري، گهر جي اڱڻ ۾ بيهاري ڇڏي هئي، جنهن جي کير مان ڪجهه بچت به ٿيڻ لڳي ۽ گهر جو پورائو به ٿيڻ لڳو، پر هڪ اهڙي ڳالهه، جيڪا وري به مون کي ڪنڊي وانگر دل ۾ چڀندي هئي، سا اها هئي ته رات جو کير پيئڻ کان پوءِ منهنجي مٿان غنودگي طاري ٿي ويندي هئي ۽ پوءِ مان جلدئي ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويندو هوس ۽ صبح جو به ڪافي دير تائين ستو پيو هوندو هوس!!

پوءِ ڇا ٿيو؟ ايندڙ قسط ۾ پڙهندا.

 

سيده شبانه سنڌي

 

منهنجو سڀ ڪجهه_ منهنجو ڳوٺ

اَچو سورن واريون، ڪريون سُور پچار،

ڪنين ٿورا، ڪنين گهڻا، ناهي سورن ڌار،

ڏنا جي ڏاتار_ جهول پائي مون جهليا.

                                        (شاهه)

سرتيون! شاهه سائينءَ جي هن بيت ۾ ڳالهه ٿيل سورن جي_ اُهو سچ آ ته: سُور هر انسان جي مقدر ۾ هوندا آهن، پوءِ ڪنين ٿورا، ڪنين گهڻا.......

اڄ منهنجي دل اوهان سان ٻه ٽي ڳالهيون ڪرڻ ٿي چاهي، اچو سرتيون! اڄ مان توهان کي پنهنجي ڪهاڻي (جيون ڪٿا) ٻڌايان. متان، منهنجي هن درد ڀرئي داستان کي ڪوڙو سمجهو اٿو، نه سرتيون نه..... مان ته سڀ سچ ٻڌائي رهي آهيان. ها، منهنجي هن درد ڀرئي داستان کي، اهي سرتيون وڌيڪ سمجهي سگهنديون، جن کان مون وانگيان، پنهنجو ڳوٺ کسيو ويو هوندو، جيڪي مون وانگيان ديس جي محبت ۾ چريون هونديون.

ها ته سرتيون! ٻه ٽي سال اڳ مان پنهنجي اُن پياري ڳوٺ ۾ رهندي هُيس، جت منهنجي جيون جا 25 سال گذريا. جتي مون سرتين سان ٽاڪ منجهند جو پاڇولن ۾ لِڪي گڏين جون شاديون رچايون ۽ آڳر تي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ اکٻوٽ راند ڪئي، جنهن جي زمين تي مون بانبڙا پاتا، جنهن جي گهٽين ۾ مون ڊوڙون پاتيون. آهه...... ڪيڏا نه خوبصورت ڏينهن هُئا اهي، نه ڪا جهَلَ نه پَلَ، نه وري ڪو ڏک.........

مون کان ڪير ڀلي، منهنجي سڄي دولت ڦري وڃي ۽ ان جي بدلي ۾ مون کي منهنجو ديس واپس ڏئي ته مون لاءِ اهو سودو مهانگو نه هوندو. مون کي ننڍپڻ کان وڌيڪ منهنجو ديس پياروآهي. ها، ساهه کان به وڌيڪ پيارو، پر افسوس جو مون کان منهنجو ديس به کسجي ويو. مان ڳوٺ جي ڪشادي گهر جي ڪشادي آڳر ۾ تارن ڀرئي آسمان هيٺان سمهندڙ ناري، مون کي ته شهر جي بند ڪمرن ۾ ننڊ ئي ڪانه ٿي اچي. سچ پڇو ته مون اهڙي سڪون واري ننڊ، جيڪا مان ڳوٺ ۾ ڪندي هيس، جڏهن کان هت آئي آهيان، نه ڪئي اٿم.

مان ته ڳوٺ مان نڪران ئي نه ها جي اُها خبر هُجيم ها ته شهر وڃي اُتي قيد ٿي وينديس. مان ته ٻٽن ڏينهن لاءِ به شهر اچڻ لاءِ تيار ڪانه هيس، پر مون سان منهنجين ڀينرن دوکوڪيو. هُنن مون کي چيو. صرف هڪ مهيني لاءِ هَلُ_ پوِ واپس هلي اچجانءِ...........

مون کان ٻه وڏيون ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ آهي. بابا اڃا حيات ئي هو ته اُهي شهر وڃي رهيا هئا. باقي مان، اما ۽ بابا سان ڳوٺ ۾ رهندي هيس. ڇو جو مون کي بابا سان بيحد پيار هو ۽ مون ته ڪڏهن سوچيو به ڪين هو ته ڪو مون کي پنهنجو ڳوٺ ڇڏڻو پوندو. اُتي بابا کان سواءِ، منهنجون کوڙ ساريون سرتيون به هيون. توڙي جو بابا ڪجهه سال اڳ وفات ڪري ويو، پر روحاني طور تي بابا اَڄ به مون سان گڏ آهي، منهنجي قسمت ۾ الائي ڇا لکيل آهي. پهرين مون کان، منهنجو بابا کسجي ويو ۽ پوءِ وري مون کان منهنجو مٺڙو ڳوٺ.........

ڳوٺ سان پيار ته شروع کان وٺي هُيم. پر جڏهن بابا وفات ڪئي ۽ بابا کي اُتي دفنايو ويو ته ان مٽيءَ سان وڌيڪ ويجهڙائپ ٿي وئي هئيم. بابا کي ڇڏي، شهر اچي رهڻ جو ته مون ڪڏهن به نه سوچيو هو. منهنجون ڀينرون مون کي هر ڀيري شهر هلي رهڻ لاءِ چونديون هيون. مان هميشه انڪار ڪندي هيس. نيٺ هڪ دفعي، هنن ڏاڍو زور ڀريو ته رڳو هڪ مهينو ئي هلي رهه اسان سان!! پوءِ موٽي اچجانءِ. مان چري...... اعتبار ڪري ويٺيس. اهو ڄاڻي نه سگهيس ته ڪو اِها هنن جي چالاڪي آهي، پر اڄ ان مهيني کي ٽي سال ٿيا آهن ۽ مان موٽي نه سگهي آهيان. پنهنجي ڳوٺ...... اَلا! مان ته پنهنجين سرتين کي به اهو چئي آئي هيس ته مان هڪ مهينو رهي واپس موٽي اينديس..... اُهي ڇا سوچينديون هونديون ته مان کين ڪوڙو دلاسو ڏئي آيس. مون ته پنهنجي پياري ڳوٺ کي آخري ڀيرو سِڪَ سان به نه ڏٺو هو. مون کي جي خبر هجي ها ته مان ڳوٺ ۽ سرتين کان موڪلايان ته ها.........

ڏسو سرتيون! ڪيڏي ناانصافي ٿي آ مون سان. مون کي موڪلائڻ به ڪونه ڏنو ويو، هتي شهر آڻي، مون کي سڀ سمجهائڻ لڳيون ته چَري، ڳوٺ ۾ ڇا رکيو آ..... اسان سڀ به هتي آهيون. تون وڃي ڇا ڪندينءَ...........

مون جو اهو ٻڌو ته منهنجا حواس گم ٿي ويا. مون کي، منهنجون ڀينرون سمجهي نه سگهيون. نه ته، مون سان اهڙو ظلم نه ڪن ها. مون کي جڏهن خبر پئي ته مان هاڻ ڳوٺ ڪانه وينديس. هميشه لاءِ شهر ۾ رهي پونديس ته مان ڏاڍو رُنس. راتين جون راتيون ويهي ڳوٺ ۽ سرتين کي ياد ڪري روئندي هيس.

ڳوٺ واري گهر ۾ منهنجا خوشيءَ جا ٽهڪ گونجندا هئا، پر هاڻي هت مان اُهي ٽهڪ به وڃائي ويٺي آهيان. ڳوٺ ۾ منهنجون سرتيون، مون کي منهنجين سڳين ڀينرن کان به وڌيڪ ڀائينديون هيون. ايترو ته پيار ڪنديون هيون جو منهنجون ڀينرون حيران ٿي وينديون هيون. هاڻ به اُهي، ڳوٺ مان مون ڏي خط لکنديون آهن. سوکڙيون موڪلينديون آهن. مان انهن جا خط پڙهي روئي ڏيندي آهيان. مون کي روئندو ڏسي، منهنجون ڀينرون چونديون آهن، ”اسان ته وڏي غلطي ڪئي، جو توکي هت آندوسين، اسان کي ڪهڙي خبر ته تون ڳوٺ ۽ سرتين لاءِ ايڏو ٿي واجهائين.“

مان جڏهن ڳوٺ هوندي هئس ته، اتي ٻارڙن سان راند به ڪندي هيس. ٻارن سان راند ڪندي، مون کي پنهنجو نندپڻ ياد ايندو هو. مون ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪيو ته ڪو مان هنن کان وڏي آهيان!

منهنجين ٻن ڀينرن جي شادي ٿي وئي آ، منهنجو به مڱڻو ٿي ويو آ..... ۽ هاڻ ته پڪ اٿم ته، واپس اصل نه وڃي سگهنديس. ڳوٺ هوندي هيس ته ڪڏهن به بيمار نه ٿيس ۽ هاڻ هت ته هر ٻئي ٽئي ڏينهن بخار..... ۽ مان مسلسل بيمار رهان پئي.

ڳوٺ کان سواءِ، مان رهي ڪانه ٿي سگهان. مون کي زوريءَ هت رهايو ويو آهي. الا....... مان ڪنهن کي دانهن ڏيان. ڪنهن کي چوان؟!! مان ڪيئن وڃان پنهنجي ڳوٺ................

مون کان ڇو کسيو ويو منهنجو ڳوٺ.......... منهنجي دل چوندي آ، پَرَ هُجنم ها ته اڏامي وڃان!! مون کي ڳوٺ لاءِ ايڏو تڙپندي ڏسي، منهنجون ڀينرون چونديون آهن. اسين به ان ڳوٺ جا آهيون، اسان جو به اهوئي ڳوٺ آ_ اسان به ته ڳوٺ کان سواءِ رهون پيا...... تون ايترو ڇو ٿي ياد ڪرين ڳوٺ کي. جهڙو ڳوٺ تنهنجو، تهڙو اسان جو!! هاڻ، کين ڪهڙي خبر ته منهنجو ڳوٺ لاءِ ڪيڏو ٿو ساهه سِڪي ۽ روح تڙپي! شايد کين خبر ئي ناهي ته ڳوٺ جي محبت ڇا ٿيندي آهي. مون جهڙي محبت هجين ها ته پاڻهي خبر پوين ها.

مان جڏهن ريڊئي تي هيءُ ڪلام ٻُڌندي آهيان ”عمر ديس پنهنجو ادا، وسارڻ ڏکيو آ.“ ته اوڇنگارون ڏئي روئي ڏيندي آهيان. ها، واقعي به ڏاڍو ڏکيو آ پنهنجو ديس وسارڻ..... ڪٿي ٿو وسري سگهي پنهنجو ڳوٺ! ڪجهه مهينا اڳ ته اهڙي بيمار ٿي پئي هيس جو بچڻ جو ڪو آسرو ئي ڪونه هو. ڳوٺ کي ياد ڪري پئي روئندي هيس ته گهر وارا سمجهندا هئا، بخار ۾ روئڻ جي عادت اٿم. مان دُعا گهرندي هيس ته مري وڃان! ڀينرون دڙڪا ڏئي چونديون هيون. ”جيڪي مرڻ جي دعا گهرندا آهن، تن جي حياتي وڏي ٿيندي آهي.“

سرتيون! جيئن مارئي پنهنجي ملڪ/ ديس لاءِ روئندي هئي. ائين ئي آءٌ به روئندي آهيان. جيئن مارئيءَ جي مُهاڙ سدائين ملير ڏانهن هوندي هئي. ائين آءٌ به سڄو ڏينهن ڳوٺ ڏانهن مُنهن ڪيو ويٺي روئندي آهيان. سرتين کي ياد ڪري پئي ڳوڙها ڳاڙيندي آهيان ۽ جيئن مارئيءَ عمر کي چيو هو. آءٌ به اڄ ائين چوڻ تي مجبور ٿي آهيان:

واجهائيندي وطن کي، آءٌ جي هت مياس،

ته گور منهنجي سومرا، ڪَجُ پنهوارن پاس،

ڏجِ ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان وَلڙين واس،

مُيائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.

                                        (شاهه)

 

ترجمو: گلشن ملاح

 

منفرد سوچ رکندڙ آمريڪن شاعره ايڊناملي

 

ايڊناملي 1892ع ۾ آمريڪا ۾ جنم ورتو. پاڻ هڪ بي چين روح هُئي. کيس شاعريءَ جي پهرين مجموعي سان ئي ايتري شهرت ملي وئي جو هوءَ شاديءَ جي لفظ کان گهٻرائجي وئي. ان کي محسوس ٿيو ته شادي جي زندگي جو آرام سندس تخليقي قوت کي زنجير جيان جڪڙي ڇڏيندو.

فلائيڊ ڊيل سان هن کي محبت ضرور هئي، مگر جڏهن فلائيڊ هن کي شادي لاءِ چيو ته ايڊناملي انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ”مان هڪ سٺي زال بڻجي نه سگهنديس. جيڪا ٽي وقت تنهنجو کاڌو تيار ڪري، تنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ استري ڪري“

ايڊناملي کي محسوس ٿيندو هو ته هوءَ هڪ زال ۽ ماءُ بنجي؛ شاعره جي حيثيت ۾ ننڍي ٿي ويندي. فلائيڊ ان سان جڏهن به بحث ڪيو ته ايڊنا چيو، ”فلائيڊ تون سوال وڏا ڪرين ٿو، منهنجي اندر جي گهراين ۾ ڪي دروازا آهن جيڪي توکي کولڻ نه گهرجن.“ ڪافي عرصي گذرڻ بعد ايڊنا هڪ انٽرويو ۾ چيو ”مون کي خوبصورت ۽ سينگاريل گهر ۾ رهڻ سٺو لڳي ٿو، پر ان نموني جي گهر ۾ رهي مون کي قلم ڇڏڻو پيو ته پوءِ مان لڙيل پکڙيل ۽ بي ڍنگي گهر ۾ رهڻ چاهينديس.“

گهريلو زندگي ايڊنا کي پنهنجي شاعريءَ لاءِ سخت خطرو محسوس ٿيندي هئي ۽ ان کان به وڏو خطرو اهو هو ته جي شادي ناڪام ٿي وئي ته هوءَ ان ٻنڌڻ کي ٽوڙي سگهندي، پر جي شادي ڪامياب ٿي وئي ۽ هن کي هڪ زال ۽ ماءُ بنجي آرام محسوس ٿيڻ لڳو ته پوءِ هوءَ ڇا ڪندي؟ اهڙيءَ طرح ايڊنا فلائيڊ کان جدا ٿي وئي ۽ ڪيترن ٻين دوستن کان مڱڻي جي منڊي پائڻ جي نوبت اچي ويندي هئي، پر ايڊنا پنهنجو هٿ پوئتي هٽائي ڇڏيندي هئي. جڏهن هوءَ زندگيءَ جي يڪسانيت مان ٿڪجي پئي ۽ بيمار به ٿي پئي ته کيس پاڻ کان 12 سال وڏو هڪ اداس مرد مليو. ڀوجن! جنهن چيو ته ڪافي ته هر ڇوڪري خريد ڪري سگهي ٿي، پر هر ڇوڪري نظم لکي نه ٿي سگهي. هيءَ هڪ جهڙن روحن جي ملاقات هئي جو بيمار ايڊنا 18 جولاءِ 1923ع ۾ ساڻس شادي ڪري ڇڏي. شادي جي رسم پوري ٿيندي ئي ايڊنا کي اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو، جتي سندس مڙس پوري پوري خدمت چاڪري ڪئي ۽ هوءَ تندرست ٿي وئي. ايڊنا پنهنجي گهرواري سان دنيا جو سير ڪيو. چين، جپان، سينگارپور، هندستان ۽ کوڙ سارن جزن جو. 26 سال ازدواجي زندگي ۾ ايڊنا جي مڙس سچي هڪ محافظ وانگر سندس رکوالي ڪئي، جنهن ”زال ۽ شاعره“ جي ڪنارن کي جوڙي اهڙيءَ طرح هڪ ڪري ڇڏيو هو جو انهن ٻنهي لفظن جي وچ ۾ هڪ ليڪ به نه ٿي ڪڍي سگهجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com