سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ  2005ع

 

صفحو :8

پاڻ کي خوبصورت ڪيئن بنائجي؟

رابيلا حميد پنهور

هٿن ۽ پيرن جي صفائي

ميني ڪيور ۽ پيڊي ڪيور

هٿن جي حفاظت ميڪ اپ ۾ ضروري آهي. منهن کان پوءِ ٻي نظر هٿن ڏانهن کڄي ٿي. انڪري هٿ جي حفاظت تمام ضروري آهي.

ميني ڪيور جي لاءِ هيٺيون شيون گهربل آهن.

(1) ٻه ٿانوَ (2) ميني ڪيورسيٽ (3) ڪپهه (4) ٽوال (5) ڪيوٽيل ڪريم (6) نيل پاليش ريمور (7) نيل ڪٽر (8) نيل فائلر (9) موئسچرائزنگ ڪريم (10) لوڻ (11) ڊيٽول،

سڀ کان پهرين ٻنهي ٿانون ۾ نيم گرم پاڻي کڻو ۽ ان ۾ ڪجهه ڦڙا ڊيٽول ۽ اڌ چمچو لوڻ ملايو.

ننهن تان ننهن ريمور نيل پالش لاهي وٺو.

هٿ پيالي ۾ ٻن کان ٽن منٽن تائين وجهو.

غير ضروري ننهن احتياط سان ڪٽي، ٻيهر پاڻيءَ ۾ وجهو.

هٿ پاڻيءَ مان ڪڍي ننهن فائل ڪريو ۽ ڪيوٽيل ڪريم نَنهن تي لڳائي هٿن تي مالش ڪريو.

هٿ ۽ ٻانهون صاف ڪريو ۽ خشڪ ڪري ڪريم هڻو.

پنهنجي پسند جي نيل پالش جو هڪ ڪوٽ هڻو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر هٿن ۽ ٻانهن تائين مالش ڪريو.

غير ضروري ڪريم نرم ٽوال سان صاف ڪريو ۽ نيل پالش جو ٻيو ڪوٽ لڳايو ۽ آخر ۾ نيل شائنر لڳايو.

توهان پاڻ ڏسندؤ ته توهان جي هٿن ۾ ڪيڏي نه سونهن اچي وئي آهي.

پيڊي ڪيور (پيرن جي صفائي)

پيڊي ڪيور به ميڪ اپ ۾ لازمي هوندي آهي. خاص ڪري جڏهن ڪا ڇوڪري ڪنوار ٿيندي هجي، ان لاءِ هيٺيون شيون استعمال ٿينديون.

(1) ڪيوٽيڪل ريموور (2) باڊي لوشن (3) ڪپهه (4) ٽوال (5) جيل پالش (6) نيل فائل (7) نيل ڪٽر (8) برف جا ٽڪڙا (9) ڊيٽول (11) شيمپو باڊي واش (12) وڏو ٽب.

پيڊي ڪيور (پيرن جي صفائي) هن طرح ڪريو.

سڀ کان پهرين پيرن جي نيل پالش نيل ريموور سان لاهي چڱيءَ طرح صاف ڪريو.

ٻنهي پيرن جا ننهن بيضوي شڪل ۾ ڪٽنگ ڪريو.

ٽب ۾ نيم گرم پاڻي، ان ۾ ڪجهه ڦڙا ڊيٽول جا وجهو.

ٻنهي پيرن کي ٽب ۾ پنج منٽ پسائي رکو ۽ ٻاهر ڪڍي چڱي طرح خشڪ ڪريو.

ننهن جي مٿان يا کُڙين وت ڦُتل کل آهي ته ان کي چڱي طرح صاف ڪريو.

ننهن جو اندريون حصو ارينج اسٽڪ سان صاف ڪريو.

ٻئي پير ٽب ۾ وجهي پسايو ۽ باڊي واش شيمپو جا ڪجهه ڦڙا ملايو.

ٻئي پير پاڻيءَ اندر چڱيءَ طرح صاف ڪريو ۽ ٻاهر ڪڍي خشڪ ڪريو.

ٻنهي پيرن کي پنج منٽ ڪولڊ ڪريم سان مالش ڪريو.

هڪ ڀيرو ٻيهر ٻنهي پيرن کي پنج منٽ پنين تائين مساج ڪريو.

ننهن کي هڪ ڪوت نيل پالش لڳايو.

نيل پالش خشڪ ٿيڻ کان پو3 هڪ ڀيرو ٻيهر نيل پالش لڳايو.

نيل پالش خشڪ ٿيڻ کان پوءِ نيل شائنر لڳايو.

اگر ميني ڪيور ۽ پيڊي ڪيور توهان کي پاڻ ڪرڻو آهي ته پهرين پيڊي ڪيور ڪريو. ان کان پوءِ ميني ڪيور ڪريو. جيڪر ٻيو ڪير ڪري ٿو يا توهان ٻئي ڪنهن جا ڪريو ٿيون ته پوءِ پهرين ميني ڪيور ڪريو. جيڪڏهن هٿن ۽ پيرن تي ميندي هڻڻي آهي ته پهرين ميندي نه هڻو، آخر ۾ هڻو، جيئن رنگ تي فرق نه محسوس ٿئي.

جيڪڏهن ميندي جو رنگ تيز ڪرڻو هجي ته هيٺيون شيون ميندي ۾ ملايو. هڪ بيدو، هڪ چمچو ڪافيءَ جو، ڪجهه ڦڙا سرنهن جو تيل، اڌ چمچو ڪافيءَ جو، ڪجهه ڦڙا سرنهن جو تيل، اڌ چمچو کنڊ جو، ميندي جو رنگ به تيز ٿيندو ۽ چمڪ به ٿيندي!

 

 

رڌ پچاءُ

گوشت جو ٿڌو ٻوڙ

گهربل شيون:

گوشت: هڪ ڪلو

ليمي جي رس: هڪ چانهه جو چمچو

لوڻ ۽ شورو: ذائقي مطابق

ترڪيب: گوشت کي صاف ڪري لوڻ ۽ شورو پيهي ليمي جي رس ۾ ڀڄايو ۽ وري ڇُري يا ڪانٽي سان گوشت ۾ سيرون وجهي رس لڳايو ۽ چوويهن ڪلاڪن ۾ تيار ٿي ويندو ۽ ڪيترن ڏينهن تائين خراب نه ٿيندو. تري کائجي. سينڊوچ ۽ برگر ۾ استعمال ڪجي.

ڪريل ۽ گوشت جو ٻوڙ

گهربل شيون:

گوشت: اڌ ڪلو

ڪريلا : اڌ ڪلو

گيهه : اڌ پاءُ

لونگ ۽ ڦوٽا: هڪ هڪ تولو

بصر: هڪ ڇٽانگ

ادرڪ: اٺ توله

سڪا ڌاڻا: هڪ تولو

لوڻ مرچ: ذائقي مطابق

هيڊ: هڪ چپٽي.

ترڪيب: گوشت کي گيهه ۾ ڀُڃي سونهري رنگ جو ڪريو، پوءِ بصر وجهي انهيءَ کي ڀُڃو.

ان کان پوءِ پاڻي، لوڻ، ڌاڻا ۽ ادرڪ وجهي ٻوٽين کي گهمائيندا رهو ته جيئن سٺي طرح ڀُڃجي وڃن. پوءِ پاڻي وجهي گوشت کي ڳاريو.

ان کان اڳ ڪريلن کي ڇلي لوڻ ۽ هيڊ وجهي مهٽي اس ۾ رکجي انهن جي ڪڙاڻ ختم ٿيندي رهندي ۽ ان کان پوءِ ڏهيءَ ۾ ملايو ۽ ٽن ڪلاڪن تائين انهيءَ حالت ۾ رهڻ ڏيو. وري پاڻيءَ ۾ ڌوئي گيهه ۾ ڀُڃي گوشت ۾ وجهو. جڏهن گوشت ۽ ڪريلا ڳري وڃن ته گرم مصالحو وجهي چلهي تان لاهي مزا وٺي کائو.

ڀاڄين جو ڀلاءُ

گهربل شيون:

چانور : 2 ڪپ

گجرون: 3 عدد

ساوا بصر: 2 عدد

گيهه: اڌ ڪپ

اٻاريل مٽر: هڪ ڪپ

سڪو بصر: هڪ عدد

بندگوبي: اڌ ڪپ ڪٽيل

ننڍاڦوٽا: 4 عدد

لونگ: 6 عدد

دالچيني: هڪ ٽڪرو

کير: هڪ ڪپ

پاڻي: ڏيڍ ڪپ

ٽماٽا: 2 عدد

ساوا مرچ: ٻه عدد

هيڊ ه چانهه جو چمچو

ترڪيب: سڀ کان پهرين چانورن کي صاف ڪري ڏهن منٽن لاءِ ڀڄائي رکو. هڪ وڏي ديڳڙيءَ ۾، پوءِ اڌ ڪپ گيهه وجهي بصر ڀُڃي وٺو، ان کان پوءِ دالچيني، ڦوٽا پيهي ۽ سڄا لونگ وجهي ۽ هڪ منٽ تائين فراءِ ڪريو. هاڻي هيڊ، کير ۽ پاڻي وجهي پچايو ۽ انهيءَ وچ ۾ ڀاڄيون تيا ڪري وٺو. گوبي ڪٽيو، ساون ۾ ڀاڄيون تيار ڪري وٺو. گوبي ڪٽيو، ساون بصرن جا ٻن ٻن انچن جا ٽڪرا ڪريو ۽ گجرن جا ڊگها ڪترا ڪٽيو. سڀ کان پهرين ڪڙهيل کير ۾ چانور وجهي ۽ پاڻي به وجهي ذائقي مطابق لوڻ وجهي ۽ ديڳڙيءَ کي ڍڪي، ٽن منٽن تائين رڌڻ ڏيو. هاڻي باهه کي هلڪو ڪريو ۽ ڀاڄيون وجهي صرف هڪ دفعو ملايو، تمام هلڪي باهه تي تئو رکو، مٿان ديڳڙي رکي ڇڏيو ۽ پنجن منٽن تائين پچايو ۽ پوءِ ساوا مرچ ۽ ٽماٽا ڪٽي تيار ڪريو ۽ چانورن تي وجهو، مزيدار پلاءُ تيار آهي.

کجور (ڏوڏن) جي چٽني

گهربل شيون: ڏوڏو هڪ پاءُ

هيڊ: هڪ ننڍو چمچو

ساوا ڌاڻا: ڪَٽيل وڏو چمچو

لوڻ: ذائقي موجب

ساوا مرچ: ٻه عدد

هڪ ليمي جي رَس

ترڪيب: ڏوڏن جون ڪَڪڙيون ڪڍي باقي سڀني شين کي سنهو پيهي اُنهيءَ ۾ ليمي جي رَسُ ملايو.

واڱڻن جو ڀُرتو

گهربل شيون:

واڱڻ: اڌ ڪلو

بصر: ٻه عدد

ڦودنو: ذائقي موجب

انبڙي: پسند مطابق

لوڻ ۽ مرچ: ذائقي موجب

سوا مرچ: چار يا پنج

ترڪيب: سڀ کان پهرين واڱڻن کي چڱو اُٻاريو، جيستائين واڱڻ ڳري وڃن، انبڙي ۽ لوڻ مرچ پيهي ۽ بصرن کي ڪٽي وٺو. هاڻي وڱڻن جون کلون لاهي واڱڻن کي ڪٽيو ۽ پيٺل لوڻ مرچ ان ۾ سٺي طرح ملايو. ڦودنو ۽ ساوا مرچ ڪٽي مٿان وجهو. بصرن کي گيهه ۾ تري ڳاڙهو ڪريو ۽ ڪٽيل واڱڻ ان ۾ وجهي تريو، ڀُرتو تيار آهي.

هي ترڪيبون بيڻ روهانه عباسيءَ موڪليون آهن. سرتيون اوهين به پنهنجي پسند جي کاڌن جون ترڪيبون ڏياري موڪليو.

 

 

روما ميمڻ سان ڳالهه ٻولهه

ڳالهه ٻولهه: برکا پنهور

س: پنهنجي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو

ج: منهنجو نالو روماه آهي. ذات جي ميمڻ آهيان. مون هن سال مئٽرڪ ڪئي آهي. منهنجي عمر پندرهن سال آهي. مون کي ننڍپڻ کان وٺي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق آهي. مون شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ شيڪسپيئر کي پڙهيو آهي. مون پاڻ انگلش ۾ شاعري ڪئي آهي. پنجاب گهمڻ ويس، اُتان اچي مون سفر نامون لکيو. ڇوته آءٌ چاهيان ٿي ته جيڪي آءٌ ڏسان ۽ محسوس ڪريان ٿي، اُهو پنهنجن لفظن ذريعي ڊائري تي لکندي وڃان.

س: جيئن ته توهان پاڻ به شاعري ڪريو ٿيون، شاعريءَ ۾ ڪنهن کان متاثر آهيو؟

ج: آءٌ شاهه جو رسالو روزانو باقاعدگيءَ سان پڙهندي آهيان، انڪري متاثر به شاهه سائين کان ئي آهيان. ان کان سواءِ مون انگلش پوئٽري پڙهي آهي ۽ ڪجهه ليکڪن جي سوانح حيات پڙهي اٿم، جن ۾ علامه آءِ. آءِ قاضي، مرزا قليچ بيگ، علامه اقبال، شيخ نيازي، ڊاڪٽر اسلم فرخي ۽ ٻيا.

س: سنڌي ادبي ڪتاب پڙهندا آهيو؟

ج: سنڌي ادبي ڪتاب ڪير وٺي ڪونه ايندو آهي. باقي پڙهڻ جو شوق تمام گهڻو اٿم. ٻيو ته مئٽرڪ جو امتحان هئم، انڪري پنهنجي پڙهائي ۾ مصروف هئس، هاڻ امتحان مان واندي ٿي آهيان ضرور پڙهندس ۽ سنڌي ۾ شاعري به ڪندس.

س: لکڻ ڪڏهن شروع ڪيو؟

ج: مون اٺين ڪلاس کان لکڻ شروع ڪيو. 2002ع کان هن مهل تائين انگريزي ۾ شاعري ڪئي اٿم ۽ هڪ سفر نامو لکيو اٿم.

س: وڏيون ٿي ڇا ٿيندو؟

ج: آءٌ وڏي ٿي ائير فورس ۾ انجنيئر ٿينديس. مون کي پڙهڻ جو گهڻو شوق آهي ۽ آءٌ محنت سان پڙهندي آهيان، ڪا به ٽيوشن نه وٺندي آهيان، نه ئي گهر ۾ ڪنهن جي مدد وٺندي آهيان، پنهنجي محنت سان پڙهندي آهيان. نائين ڪلاس ۾ 87 سيڪڙو مارڪون کڻي پوزيشن کنيم. هاڻ به انشاءَ الله ضرور پوزيشن کڻندس.

س: پڙهائي کان سواءِ ڪهڙا شوق اٿو؟

ج: پڙهائي کان سواءِ آءٌ ڪرافٽنگ ڪندي آهيان.

س: اسان لاءِ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي ڪهڙي اهميت آهي؟

ج: سنڌي ٻولي اسان جي مادري ٻولي آهي، انڪري اسان کي ان جي اهميت کان انڪار ڪونهي، اسان جي ٻولي قديم ٻولي آهي. ان کي بچائڻ لاءِ اسان کي اڳيان اچڻو پوندو. شاهه سائينءَ جي شآعري به سنڌيءَ ۾ آهي، پر اسان کي ڌيان سان پرهڻي ٿي پوي. ان مان اندازو لڳايو ته اسان کي پنهنجي ٻولي ڪيتري ٿي اچي.

س: انگريزي ٻولي جي اسان لاءِ ڪهڙي آهميت آهي؟

ج: انگريزي بين الاقوامي ٻولي آهي. اُها جتي ڪٿي ڳالهائي وڃي ٿي. جنهن کي انگريزي نٿي اچي، اُن کي نوڪري به نٿي ملي.

س: پهرين ڇپيل تحرير؟

ج: مون ڪڏهن به پنهنجي تحرير ڪانه ڇپرائي آهي. سوچيان ٿي ته هاڻ پنهنجيون تحريرون ڪنهن رسالي کي، اخبار کي يا ڪنهن مئگزين کي موڪليان!

س: زندگي ڇا آهي

ج: زندگي هڪ گهرو سمنڊ آهي. هر انسان اُهو پار ڪندو آهي يا ڪرڻو پوندو.

س: شاعري ڇا آهي

ج: پنهنجي احساسن ۽ جذبن کي سُريلن لفطن ۾ لکڻ کي شعر چئبو آهي.

س: کائڻ ۾ ڇا وڻندو اٿو؟

ج: کائڻ ۾ برياني

س: آئيڊيل ڪير

ج: شاهه فيصل

س: خوشبو ڪهڙي وڻندي آهي؟

ج: خوشبو گلاب جي وڻندي اٿم.

س: رنگ ڪهڙو وڻندو آهي؟

ج: رنگ اورينج ۽ پرپل وڻندو آهي.

س: پهر ڪهڙو سٺو آهي؟ توهان جي نظر ۾. 

ج: شام جو پهر سڀني پهرن کان ڀلو جڏهن پکي ۽ پکڻ پنهنجي واهيري ڏي ورندا آهن.

س: ڪهڙي شيءِ سٺي رڌڻ يا پچائڻ ايندي اٿو؟

ج: چاڪليٽ ڪيڪ سٺو ٺاهيندي آهيان.

س: دوستي ڇا آهي؟

ج: بيان ڪرڻ کان تمام ڏکي آهي. جيڪا اسڪول ۾ ته نٿي سيکاري وڃي، پر جيڪر هن جو مطلب نه اچي ته سمجهو ته توهان ڪجهه نه سکيو.

س: توهان جون ڪهڙيون ساهيڙيون آهن؟

ج: منهنجي بسم گهري ساهيڙي آهي، جيڪا منهنجي ڪزن به آهي.

س: پنهنجي پسند جو شعر ٻڌايو؟

ج: هُن تاري، هن هيٺ، هُتِ منهنجا سُپرين، سڄڻ ماکيءُ ميٺ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهن.

س: پسند جو شهر؟

ج: (قاسم آباد) حيدرآباد

س: موسيقي توهان جي خيال ۾؟

ج: روح جي غذا آهي، دل ۾ دماغ کي فرحت بخشي ٿي.

س: پسند جي شخصيت؟

ج: منهنجي ماءُ ۽ منهنجو پيءُ،

س: توهين محنت تي ڀروسو رکو ٿيون يا قسمت تي؟

ج: محنت ۾ عظمت آهي. سُٺي نصيب لاءِ دُعا گهرڻ گهرجي.

س: توهان جي نظر ۾ دنيا جي وڏي ايجاد ڪهڙي آهي؟

ج: بلب

س: ڪا سهيلي توهان کي دوکو ڏئي؟

ج: مان ماڻهن جي روين جي محتاج ناهيان. آءٌ Respect for Respect تي عمل ڪندي آهيان. منهنجي هر مسئلي ۾ شاهه سائين رهنمائي ڪندو آهي.

جو وڙ جُڙي جن سين، سوَ وڙُ سي ئي ڪن

س:  سونهن بابت توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

ج: سونهن يا حسن قدرت طرفان عطا ڪيل نعمت آهي، پر هر سُهڻي ماڻهوءَ کي گهرجي ته پنهنجي اندر کي به اجرو ۽ سُهڻو رکي.

س: توهين دنيا کي ڪيئن ٿيون ڏسڻ چاهيو؟

ج: خوشحالي ۽ امن هجي!

س: توهين عبادت ڪنديون آهيو؟

عبادت انسان لاءِ پناهه گاهه آهي

س: ڪو پيغام؟

ج: آءٌ پاڻ پيغام پڙهي سکان پئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com