ريحانه نظير
نياڻيون نماڻيون
مريم جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿي، ته هن ڏٺو ته گهر جي اڱڻ ۾ پاڙي
وارن جون مايون ويٺيون آهن. ۽ هڪ کٽ تي چادر سان
ڍڪيل ماڻهو هو ۽ کٽ جي ٻانهينءَ کان هن جي ماءُ
روئي رهي هئي ۽ ان سان گڏ پُڦي، چاچي ۽ ڏاڏي
ويٺيون هيون.
”امان، هيءَ عمر تنهنجي وڃڻ جي ته نه هئي!“ هن جي ڏاڏي روئي چئي
رهي هئي.
”الا هوءَ چوندي پئي هئي ته پڦي ڪو ڪم ته ڪونه اٿئي.“ هن جي
پُڦيءَ چيو.
هن جي ماءُ چپ چاپ روئي رهي هئي. مريم سڀني کي روئيندي ڏسي پاڻ
به روئڻ شروع ڪيو. هن جي چاچيءَ هن کي ٻڌايو ته
”امان ڀيڻين کي گهڻن ڏينهن کان بخار هو. سو اڄ
الله سائينءَ پنهنجي امانت گهرائي ورتي.“ مريم کي
اهو وقت ياد آيو. جڏهن هوءَ اسڪول وڃي رهي هئي، ته
هن جي ڀيڻ هن کي سڏائي چيو، ”امان جو خيال
رکجانءِ.“
وڏي ڀيڻ کان پوءِ مريم ئي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ وڏي هئي. مريم کان
پوءِ ٽي ڀينرون ۽ ٻه ڀائر هئا.
سدوري، جيڪا مريم جي وڏي ڀيڻ هئي، تنهن کي مهيني کان ڏاڍو بخار
پئي آيو. هن جي پيءُ پيرل هن کي حڪيم کان دوا پئي
وٺي ڏني. پر ان جو ڪوبه فائدو نه پئي ٿيو. هن وٽ
ايترا پيسا ڪونه هئا جو شهر وٺي وڃي ڪنهن سٺي
ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيس. پيرل کي سيڌي پاڌي جو هڪ
ننڍڙو دڪان هو. ان مان ڇهن ٻارن ۽ هڪ ڀيڻ. جنهن کي
مڙس ٽن ٻارن سوڌو ڇڏي ويو هو، ايڏي وڏي ڪٽنب جو
گذر مشڪل سان ٿي سگندو هو.
تڏي تي ويٺل هڪ عورت کي ان ڳالهه جو ڏاڍو ڏک هو ڇوڪري جواني ۾
مري وئي. هن اڃا ڇا ڏٺو هو.
مريم جي عمر يارنهن سال هئي ۽ هوءَ ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي.
ٿوري دير کان پوءِ، انهن عورتن پاڻ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”ادي سدوري پڦيس جي وڏي پٽ سڄڻ کي ڏنل هئي نه؟ الا ويچارو هاڻي
ڪٿان شادي ڪندو!!!“
ان تي مريم جي ڏاڏيءَ چيو ته، ”ڪٿان وري ڪٿان. مريم جو ويٺي آ.
هاڻي اها نالي ڪنداسين. پيرل وري ڌيئرن جو اچار
وجهندو ڇا؟ اڳي پوءِ پرڻائڻيو اٿس؟“
ائين چئي هن جي ڏاڏي ڪمري ڏانهن وئي. مريم کي ڪجهه به نه پئي
سمجهه ۾ آيو ته ڇا ٿي رهيو آهي. ان ڳالهه کي پورو
مهينو گذري ويو، پر مريم کان پنهنجي ڏاڏيءَ جا اهي
لفظ ڪڏهن به نه وسريا ۽ هر هر پئي ياد آيا. هن جي
ڏاڏيءَ ۽ پڦيءَ جي هنن سڀني ڀينرن سان ڪا خاص نه
پوندي هئي. هيءَ جڏهن ڏاڏيءَ کي ماني ڏيندي هئي ته
چوندي هئي ته، ”ڏاڏي ماني وٺ!“ ته هڪدم ڏاڏي هن کي
ڇڙٻ ڏئي چوندي هئي ته، ”اڙي وٺ پونئي دشمنن کي،
تون مون کي دشمن ٿي سمجهين! ڏائڻ اهو ماڻهين چيو
هوندئي!“
۽ ڪڏهن چوندي هئي، ”هاڻ“ ته پاڻ چوندي هئس ته ”ڇوري هانءُ کاءُ
پنهنجو!“
مطلب ته هر ڳالهه ۾ اونڌو مطلب، ڪڏهن ڪڏهن ته مريم خوش ٿيندي
هئي ته چڱو ٿيو جو سدوري مري وئي. نه ته سڄو ڏينهن
پئي پڦيءَ ۽ ڏاڏيءَ جون ڇڙٻون کائي ها.
هن جي ماءُ جي حيثيت گهر جي نوڪرياڻيءَ جهڙي هئي. هنن جو پيءُ
صبح جو فجر مهل نڪرندو هو ته رات جو سومهڻيءَ مهل
ايندو هو ۽ اچڻ شرط، پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ سان
ڪچهريءَ ۾ لڳي ويندو هو.
هڪ ڏينهن مريم کي پڦيءَ جهليو ته اسڪول نه وڃ، ڇو جو سڄڻ کي اها
ڳالهه پسند نه آهي. ان ڏينهن مريم سڄو ڏينهن ڏاڍي
رني.
هن کي روئيندي ڏسي هن جي پڦيءَ چيو ته ”نوران“ هن نڀاڳيءَ جو
روئڻ بند ڪراءِ. صبح کان گهر ۾ ڪروڌ وجهي ويٺي
آهي. چوندا آهن ته، جنهن گهر ۾ ڪروڌ هوندو اُتي
مَٽن جو پاڻي به سڪي ويندو آهي.“
هنن نڀاڳين ۽ چنڊين جي ڪري گهر مان نصيب ئي موٽيو وڃي. هن جي
ماءُ هن کي گهڻو ئي سمجهايو، ته ”امان نه رو، هت
تنهنجو ٻڌڻ وارو ڪير به ڪونهي!“
سال گذري ويو. هن جي پُڦيءَ پيرل کي چيو ته ”ادا هاڻي ته سڄڻ جي
شادي ڪرايون. هُو ڪارخاني ۾ ڪم تي لڳي ويو آهي ۽
مون کي به هاڻي ڪم ڪار لاءِ نُنهن جي ضرورت آهي.“
آخرڪار مريم جي شاديءَ جون تياريون ٿيڻ لڳيون. روز نوان نوان
ڪپڙا ۽ زيور پئي آيا. جن کي ڏسي مريم ڌاڍي خوش
ٿيندي هئي ته اسين جيڪي سانوڻ ۽ سياري جا ٻه ٻه
وڳا پائينديون هيون سين. هاڻي ته مون وٽ پيتي به
هوندي ۽ سينڊل به هوندا ۽ مان روز نئون وڳو
پائينديس. اهو سڀ ڳالهيون سوچي هوءَ خوش پئي ٿي.
شاديءَ کان پوءِ سڄڻ جو ڪم به مان ڪندس. ڪپڙا
ڌوئڻ، ماني ڏيڻ ۽ اهي سڀ ڪم ڪري پوءِ ويهي روزانو
نوان ڪپڙا پائينديس. اهي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون
سوچي هوءَ پاڻ کي وندرائيندي هئي.
شاديءَ جي پهرين رات جيئن ئي هيءَ سيج تي ويٺي هئي. سڄڻ ڪمري ۾
آيو ۽ هن دروازو بند ڪيو. مريم جي دل زور سان ڏڪڻ
لڳي ۽ هن دل ئي دل ۾ ”آيت الڪرسي“ پڙهڻ شروع ڪيئي.
سڄڻ جي پاسي م ويٺو ۽ چيائين. ”نوابزادي لڳي ڇو
ويٺي آهين؟ نئين مان ڏٺو اٿئي ڇا جو ڊڄين پئي!“
هن جو تيز آواز ٻڌي مريم ويتر ڊڄي وئي.
ٻئي ڏينهن هوءَ جيئن ئي ٻاهر آئي ته هن کي سڄي دنيا بدليل نظر
آئي. هن دل ۾ سوچيو ته ڪاش! مان به سدوريءَ وانگر
مري وڃان ها! ان ئي سوچ ۾ هئي ته اندران آواز آيو،
”مريم ڪپڙن ۾ اڳٺ وجهه.“
هوءَ ڊڄي ڊڄي اندر وئي ۽ ڪپڙن ۾ اڳٺ وجهي ٻاهر نڪتي. پوءِ سڄڻ
لاءِ ماني کڻڻ وئي. هن جي پڦيءَ هن سان ان ڏينهن
ڏاڍي پيار سان ڳالهايو.
شام جو سڄڻ جيئن ئي يارن دوستن وٽان موٽيو ته هن جي پُڦيءَ هن
کي اندر وڃڻ لاءِ چيو. پر هن ضد ڪري ماني پچائڻ
شروع ڪئي ۽ ان کان پوءِ ڀاڄي رڌيائين. هن جي پُڦي
ڏاڍي خوش ٿي ته ڪيڏي نه سُلڇڻي ڇوڪري آهي جو
شاديءَ جي پهرئين ڏينهن ئي ڪم پئي ڪري. پر ان جي
خبر ته مريم کي هئي ته هوءَ ڇو ڪم ڪري رهي آهي. هن
جي دل چاهي پئي ته هوءَ پوري ڳوٺ جو ڪم ڪري، پر
اندر ڪمري ۾ نه وڃي! نيٺ هوءَ ڪمري ڏانهن وئي. هن
کي ڏسي سڄڻ جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون. چمپل لاهي
کڻي منهن ۾ هنيائينس ۽ چوڻ لڳس ۽ چوڻ لڳو ته، ”نڪر
هتان ڪميڻي نه ته ماري وجهندو مانءِ، مان ڪو
ماڻهين پڻهين جو نوڪر آهيان جو ويهي تنهنجو انتظار
ڪنديس. مان جيئن ئي گهر ۾ اچان توکي هن ڪمري ۾
ڏسان.“
مريم ايڏو تيز آواز ٻڌي روئڻ لڳي ۽ ڳڇ دير تائين روئندي رهي.
ائين ئي ڪيتريون راتيون ۽ ڪيئي ڏينهن گذري ويا.
جڏهن ماءُ کي ٻڌائيندي هئي ته اُها به ائين چئي بس
ڪرائيندي هئس، ته ”امان مرد ماڻهو آهي، ڪاوڙ ۾ اچي
جي ڌڪ چنبو هنيائين ته ڇا ٿي پيو!“
”پر امان اها ڪاوڙ ته مون کي به ايندي آهي. پوءِ ڇا مان به ڪنهن
کي وڃي ماريان؟“
”نه امان تون عورت آهين، توکي اهو ڪونه جڳائي جو مردن سان ويهي
سينو ساهين!“
پر امان جڏهن سدوري مري وئي ته توکي ڇا ٿيو جو مون کي وڃي ان
ڪاري ديو جي حوالي ڪيئي!“
”امان اهي ته لکئي جا ليک آهن!“
مريم سوچڻ لڳي ته شايد منهنجي قسمت ئي خراب آهي!
اهي سڀ ڳالهيون سوچيندي جيئن ئي گهر پهتي ته پُڦيس جو ڪڙڪو ٻڌڻ
۾ آيس. ”سڄو سڄو ڏينهن ماڻس وٽ ٽنگي بيٺي آهي.“
ان تي وري ڏاڏيءَ جو آواز ڪن تي پيس، ”امان، تو ۾ گهٽتائي آهي.
وٺي چوٽيءَ مان گهلينس ته ڏس ته ڪيئن نه ٿا پيڪا
وسرنس!“
”ها امان ها! سچ ٿي چوين. اڄ اچي سڄڻ ته اصل سڀئي در ٿي بند
ڪرايانس.“
هيءَ ڪمري ۾ هلي وئي. سڄڻ جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيو ته ماءُ جو
منهن خراب ڏسي پاسي ۾ ويهي رهيو.
”امان ڇا ڳالهه آهي؟ ڇو منهن سڄايو ويٺي آهين!“
”ابا جوڻهين ته اسان کي ڪَڪِ ڪري ڇڏيو آهي. سڄو سڄو ڏينهن ماڻس
سان سُس پُس لايو ويٺي آهي. الاءِ ته ڪهڙيون
ڳالهيون اٿن، جو کُٽن ئي نه ٿيون!“
سڄڻ جو اهو ٻڌو ته، ڪاوڙ ۾ اٿيو ۽ ڪمري ڏانهن ويو.
”هي امان ڇا پئي چوي؟ منهنجي وڃڻ کان پوءِ تون گهر کان هلي ٿي
وڃين ۽ امان ويچاري سڄو ڏينهن گهر ۾ اڪيلي ويٺي
آهي! اُها ڇا تنهنجي نوڪرياڻي آهي جو سڄو ڏينهن
تنهنجو گهر ويهي انتظار ڪر!“
ان تي مريم ورندي ڏيندي چيو: ”نه ڇا مان ان جي نوڪرياڻي آهيان
جو سڄو ڏينهن هن جي مٿا ويٺي پهرو ڏيان!“
هن جو اهو جواب ٻڌي سڄڻ هن کي مارڻ شروع ڪيو. پهريائين هٿن سان
پوءِ لُتن سان، جيستائين مريم بيهوش نه ٿي،
تيستائين هو ان کي ماريندو رهيو.
مريم کي جڏهن هوش آيو. ته آهستي آهستي هلندي هوءَ ماءُ جي گهر
وئي ۽ وڃي سڄي ڳالهه ٻڌايائين. ماءُ هن کي پيءُ جي
اچڻ تائين گهر ويهاريو.
هن جو پيءُ دڪان تان جيئن ئي گهر آيو ته هن جي ماءُ هن کي سڄي
ڳالهه ڪري ٻڌائي. پيرل جي منهن تي اڃا ڪجهه
پريشانيءَ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا ته هن جي پڦي اچي
نڪتي. روئي پيرکي ڀاڪر وجهي چوڻ لڳي ته، ”ادا مرد
ماڻهوءَ جي ڪجهه چئي ڏنو ته ائين گهر ڇڏي ٿورئي
اچبو آهي! سڄڻ ويچارو چپ ڪري ويٺو آهي ته مائي
الائي گهر ايندي الائي نه! ماني به ڪونه کاڌي اٿس
ان لاءِ مان مريم کي وٺڻ آئي آهيان.“
”هاها ادي جهيڙا جهٽا ته هر گهر ۾ ٿيندا آهن، پر ائين گهر ڇڏي
ٿورئي اچبو آهي.“
”پوءِ تون ڇو سڄي عمر گهر ڇڏي اسان جي مٿان چَٽي ٿي پئينءَ!“
اندران مريم تيز آواز ۾ چيو. ان تي اُن جي پڦيءَ
چيو ته، ”ادا، ٻڌو اهي اٿس افعال، پوءِ ٿا چئو ته
مڙس ٿو ماريس.“
”بابا ڇا به ٿي پوي هاڻي آءٌ ان گهر ۾ ڪونه وينديس. بابا هاڻي
مون ۾ ايتري طاقت نه رهي آهي جو مان ايڏا ايذاءَ
سهي سگهان! بابا سچ ڌاڍو سور ٿئي ٿو.“ ائين چئي
هوءَ زور سا روئڻ لڳي. سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ کان پوءِ
رات جو جڏهن آرام ڪبو آهي ته ان مهل منهنجي مڙس کي
ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي چڙ اچي ٿي، جيڪا نه هو ماءُ
تي ڪڍي ٿو نه ئي ڀائرن تي. پر سڄي ڪاوڙ مون مان
ڪڍندو آهي. بابا! جي مون کي پڦيءَ وارن جي گهر
موڪليئي ته مان زهر کائي پاڻ ماري وجهندس. بابا
اڳي به ته تون کارائيندو هئين. هاڻي منهنجي لاءِ
تو وٽ اَن پاڻي ختم ٿي ويو آهي ڇا؟
”ڇوڪريءَ جو وات ته ڏس. بس اٿس. پوءِ ڪهڙو سڄڻ جو ڏوهه؟ هن جي
پڦيءَ چيو.
”پر ادي، هاڻي گهڻو ٿيو. جي خراب آهي ته به منهنجي نياڻي آهي.
مون کي ته اڳي پوءِ ان کي منهن ڏيڻو آهي. توهين
سڄڻ کي ڪا سٺي اخلاق واري ڇوڪري وٺي ڏيو. مريم
هاڻي هتي رهندي.“ ائين چوندي مريم جي ماءُ ٿڌو
ساهه کنيو.
هن جي نڻان مُنهن بڇڙو ڪري هلي وئي. ۽ مريم کي هاڻي گهري ننڊ
اچڻ لڳي. هوءَ انهن سڀني راتين جي ننڊ ڪرڻ چاهي
پئي. جيڪي هن شاديءَ کان پوءِ گذاريون هيون. پر
پيرل کي پوري رات ننڊ نه آئي. هو اهوئي سوچيندو
رهيو ته ان سڀ جو ذميوار هو پاڻ آهي. جڏهن هن ڀيڻ
ٻارن جي پڙهائي تي توجهه ڏنو ته هن پنهنجي ڌيئرن
کي ڇونه پڙهايو! جي اڄ هو انهن کي پڙهائي ها ۽
نوڪري وٺي ڏئي ها ته اڄ سدوري ائين بي وسيءَ جو
موت نه مري ها ۽ نه ئي مريم ايترو وقت اهو ظلم سهي
ها! پر اڃا به وقت ڪونه ويو آهي!
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ شام جو سڄڻ پنهنجي ماءُ سا آيو ۽ منٿون
ڪري مامي جي پيرن تي ڪري پيو. مامس چيو ابا تو شڪر
ڪونه ڪيو گهر ويٺي سهڻي سيبتي ڌيءَ ڏنيسين تو هڻي
ڇوڪريءَ جا هڏ گُڏ ڀڃي رکيا آهن. هاڻ مريم توکي
ائين ڪونه ملندي پر شرطن سان ملندي.
مريم جو پيءُ به هڪ تي ٿي بيٺو ته مريم کي گهر ۾ ڪير ماريندو
ڪونه ۽ مريم جي پڙهائي مون اڌ ۾ ڇڏارائي هئي انڪري
هن کي اڳتي پڙهڻ جي اجازت به ڏني وڃي!
ائين پيرل پنهنجي ڀيڻ کي سڌيون ٻڌائي، سڄڻ کي ڳالهين سان متفق
ٿيا، تڏهن مريم کي موڪل ملي ته هاڻ ڀلي ساهُرين
گهر وڃي.
الهداد ميراڻي
چادر
الله جي مهربانيءَ سان جاءِ تيار ٿي وئي ۽ برسات کان اڳ اُن ۾
شفٽ به ٿي وياسين. نئون گهر، نئون علائقو، جيسين
وياسين. نئون واقفيت ٿئي، تيئن پاڻ کي اڪيلو محسوس
ڪري رهيا هئاسين؛ پر اها اُٻاڻڪائي ٿورن ئي ڏينهن
جي ٿابت ٿي. اُن ئي مهيني جي اندر بيگم ٻڌايو ته،
”اڄ ٻه پاڙي واريون آيون هيون، ڪلاڪ ٻه ڪچهري ڪري
ويون آهن“ چيم ”شڪر آهي جو توکي ته ساٿياڻيون ملي
ويون.
ٻه ٽي مهينا گذريا ته اسان جي گهر جو ماحول ئي بدلجي ويو. گهر
جي صفائيءَ طرف بيگم جو توجهه هٽي ويو، ماني به
وقت تي نه پئي ملي، ڪپڙن جي ڌوپ ۽ استريءَ ڏانهن
به ڌيان نه رهيو، ويتر گهرڌياڻي پاڻ به ڪجهه بيزار
بيزار پئي لڳي. اهڙي ماحول کان تنگ ٿي نيٺ هڪ
ڏينهن پڇيو مانس ته ”خدا جي بندي، هي ڇا ٿي ويو
آهي!“ ڏاڍي مايوسيءَ واري انداز ۾ ٿڌو ساهه کڻي
صوفي تي ويهي رهي. ڪجهه دير جي خاموشيءَ کان پوءِ
چيائين ته، ”دل ٿي چوي ته هيءَ جاءِ وڪڻي وي ساڳئي
پاڙي ۾ موٽي هلون يا مورڳو واپس پنهنجي شهر جو رخ
ڪريون!“
ڇرڪ نڪري ويو، اُٿي بيٺس ۽ رڙ ڪندي چيم ”چئين ڇا ٿي؟ هتي اچڻ جو
شوق به ته توکي هو ۽ هاڻي چئن مهينن ۾ سارو شوق
ختم؟ ... خير ته آهي!“
”خير ئي ته ناهي“، ساڳئي بيزار لهجي ۾ چيائين. ”ٻار اسڪول ٿا
وڃن ۽ اوهين به آفيس لاءِ ٿا نڪرو ته پاڙي واريون
ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن جي ٽولن ۾ اچيو ڪڙڪن. ڪم واري
مائيءَ کي سڏ ڪري حُڪم هلائينديون ته، ماسي! ڪا
چانهه ته تيار ڪر. ٻي چوندي، ماسي! اڦراٽا ته
واهه جا ٿي پچائين! ٻه ٽي ٺاهي ته وٺ. ٽين چوندي
ته واهه واهه، منهنجي لاءِ ڪو آمليٽ ته ٺاهه!
چوٿين وري انهن کان اڳتي وڌي چوندي ته ’فرج ۾ ڏس
ڪو قيمو يا مغز هجي ته اُن کي کڻي فراءِ ڪر! مطلب
ته هر ڪنهن جي فرمائش الڳ، ۽ روز روز نئين.“
وڌيڪ اهو به ٻڌايائين ته ”ڇا ڪريان، اُنهن کي ٽائيم ڏيڻو ٿو
پوي. سڄي گهر جو ڪم ڪار رهجيو وڃي ۽ گهر جي بجيٽ
به متاثر پئي ٿئي. اُهي اڃا ويٺيون ئي هونديون ته
ٽيون وري مٿان جلهه ڪنديون. پهرين جي فرمائش اڃا
پوري ئي ڪين ٿيندي ته ٻين جون فرمائشون شروع!“
”اوهان جي اچڻ کان رڳو ڪلاڪ اڌ اڳ، پنهنجن ٻارن جي موٽڻ ۽ مردن
جي اچڻ جو چئي موڪلائينديون.“”هيءَ ته نئين ڳالهه
پئي ڪري“، کيس مايوس ٿيندو ڏسي آٿت ڏنو مانس ته،
”فڪر نه ڪر، ڪو علاج ڳولي ٿا وٺون.“ اڃا به وڌيڪ
مايوس ٿيندي چيائين، ”علاج وي ڌوڙ ٿيندو، بس جاءِ
مٽاءِ ته جان چٽي!
علاج ته ڳولھي نه سگهياسين، اهو سلسلو ائين ئي هلندو رهيو. هاڻ
ته مان به بيزار رهڻ لڳس، جو گهر نه هو ڄڻ ڪا
سراءِ هئي! مانيءَ لاءِ منجهند کان پوءِ به ٻه ٽي
ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پئي پيو. ڇا جو ڪپڙن جو ڌوپ، ڇا
جي استري! هاڻ ته وري ٽيبلن ۽ الماڙين ۾ رکيل
ڪتابن ۽ ڪاغذن سا به هٿ چراند ٿيڻ لڳي جو اُنهن
محترمائن سان گڏ ايندڙ ٻارن کي به وندر کپندي هئي.
وقت ويو گذرندو ۽ اسان ڌڻيءَ در پيا ٻاڏائيندا رهياسين جنهن وٽ
دير آهي انڌير ناهي.
هڪ ڏينهن آفيس مان معمول مطابق ڪجهه دير سان آيس ۽ در جو بيل
وڄايم ت بيگم در اچي کوليو. مٺي مُرڪ سان آجيان
ڪيائين. مان ته وائڙو ٿي ويس ته يا الاهي، هيءَ
مٺي ڀت ۾ تڙ ڪٿا آئي! ڪنهن ٻئي جي در جي بيل ته نه
وڄائي اٿم! غور سان ڏسڻ لڳس ته در به منهنجو آهي،
گهر به منهنجو آهي ته بيگم به منهنجي آهي، پرهي
ڪهڙو اسرار آهي ته جو منهنجي بيگم کان ته مرڪڻ ئي
وسري چڪو هو!
در کولي اڳتي وڌيس ته هڪ چادر، جيڪا بيگم ٻاهر وڃڻ وقت اوڍي
ويندي آهي، اُن کي ٻاهرئين در جي سامهون ٽنگيل
ڏٺم. گهر به تمام صاف ۽ اجرو پئي لڳو ۽ وڏي ڳالهه
ته بيگم ڪئي ته ”فريش ٿي اچو ته ماني ڏيان.“ مان
بيهوش ٿيندي ٿيندي بچي ويس. حيران ٿيندي پڇيومانس
”ٻيو ته سڀ خير آهي نه؟ مانيءَ کي ڇڏ، پهرين هيءَ
ڳالهه ڪر ته هيءَ ڪهڙي ڪرامت آهي.“ پر هن جو چوڻ
ته ”تون فريش ٿي اچ ته سڀ ٻڌايان ٿي، نه ته ماني
ٿڌي ٿي ويندي.“ سندس موڊ مطابق هلڻ تي مجبور هئس.
ڪپڙا وغيره چئنج ڪري ڊائننگ ٽيبل ڏانهن وڌيس. ڏٺم
ته پاڻ پهرئين ئي اتي ويٺل هئي ۽ کائڻ پيئڻ جو
سامان به اُتي رکيل هو. مون کي ايندو ڏسي وڏو ٽهڪ
ڏيندي چيائين ته، ”بسم الله پڙهي شروعات ڪيو ته
قصو ٻڌايان ٿي.“
پهريون گرهه وات ۾ وڌم ته چيائين ته ”ڪالهه شام جو ڪجهه
خريداريءَ لاءِ شهر وئي هئس. اُتي ڪپڙي جي هڪ
دوڪان تي هڪ خاتون سان ملاقات ٿي. ٿوري سلام دعا
بعد پڇيائين ته هن شهر ۾ ڪٿي رهائش آهي. ٻڌايو
مانس ته وڏو ٽهڪ ڏيندي چيائين ته مان به پهرين
اُتي رهندي هئس. وڌيڪ چيائين ته ڀلا پاڙي وارين جي
ڪا خبر چار ڏي، ملڻ ته اينديون هونديون. مان اڃا
ڪو جواب ڏيان ئي ڏيان ته منهنجي منهن کي ڏسندي
ڳالهه سمجهي وئي. پوءِ ٻڌايائين ته شروع شروع ۾
مون کي به اهڙو ڇتو ڪيو هئائون، پر مون اُنهن جو
علاج ڳولي ورتو، جنهن بعد سک جون ننڊون ڪرڻ لڳس.“
تفصيل ٻڌائيندي چيائين ته ”جئين ئي در جي بيل
وڄندي هئي ته مان ٻاهر پائي وڃڻ واري چادر اوڍي
وڃي در کوليندي هئس. بيل وڄائڻ واريءَ اڃا پنهنجو
پهريون پير اندر ڪندي هئي ته مان معذرت ڪندي چوندي
هئس ته ’ادي! معاف ڪجو، مان ٻاهر ٿي وڃان. مون کي
تيار ڏسي محترمه بيٺي پير ئي ٻئي ڀيري اچڻ جو چئي
هٽي ويندي هئي ۽ مان اندر اچي چادر لاهي پنهنجي ڪم
۾ مصروف ٿي ويندي هئس. اهڙيءَ طرح جان ڇٽي پئي.“
”پر جي ڪنهن خاتون ۾ ڪم هجيس ۽ ان سان ملڻو به ضرور هجي ته اُن
کي ڪيئن ويهاريندي هوندي؟“ مون بيگم کان سوال
پڇيو. ڇيائين ته اهو سوال مون به ڪيو هو. خبر اٿئي
ته ڇا چيائين مون چيو ”نه!“ ٻڌايائين ته اُن جو حل
به اُن چادر ۾ لڪل آهي.“ ”اهو وري ڪيئن؟“ چيائين
ته ”بيل وڄڻ وقت جيئن ئي در کوليندي هئس، ان
محترمه کي ڏسندي هئس، جنهن ۾ منهنجو ڪم هوندو هو
ته يڪدم چوندي هئس، ”اَئي ڀيڻ! چڱو ٿيو جو تون آئي
آهين، نه ته مان ته توڏي پئي اچان هيءَ چادر
ويڙهي. اچ اندر ته ڪم جون ڳالهيون ڪريون.“
ڳالهه جي گهرائيءَ ۾ ويندي يڪدم ”سبب ڄاڻايو نوٽس“ ڪڍي بيگم کي
چيم ”خبر ته ڏي ڪالهه واري ڳالهه کي هن وقت تائين
چوويهه ڪلاڪ گذري ويا آهن، تو اها ڳالهه مون کان
ڪيئن لڪائي، پيٽ ۾ سور نه پيو؟“ ٿڌو ساهه کڻي
چيائين ته ” چئين سچ ٿو. پيٽ ۾ سور به ٻه ٽي دفعا
پيو هو، پر اسڪيم جي فيل ٿيڻ جو ڊپ هو، ۽ پوءِ تون
ئي سڀن کان وڌيڪ کلين ها.“
”جيئن سچ ٿي“، پوءِ ٻنهي جي ٽهڪن ۾ ڄڻ ٽاڪوڙو پئجي ويو.
فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا
مترجم: امر سنڌو
قسط 10
”سڌريل دنيائن جي عورت جو سفر پولارن ڏانهن آهي پر سنڌ جي عورت
ايڪهين صديءَ ۾ به ڌرتيءَ جي ڌوڙ جيترو مان، به
ماڻي نه سگهي آهي. آجپي ۽ آزادگين جي ڏس ۾ دنيا
جون عورتون ڀلي ته سنڌ جي عورت کان گهڻيون اڳتي
هجن، پر غلاميءَ جي تاريخ ۾ ٻئي گڏ بيٺل هيون.
آزادگي ۽ آجپو فقط خواهشن جي آڌار تي نه ٿو ماڻي
سگهجي. عورتن جي جدوجهد جي تاريخ بار بار اهو سبق
ورجائي ٿي. دنيا جون ڪيتريون ئي عورتون جيڪي سنڌ
جي عورت کان به هڪ قدم پوئتي هيون، اڄ سنڌ جي عورت
کي پنهنجي جدوجهد جي حوالي سان گهڻو پوئتي ڇڏي
چڪيون آهن. عورت جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾
اڳڀرين عورتن جو ذڪر، سندن زندگين جو حوال سندن
جدوجهد جو داستان سرتيون ۾ ان ڪري شروع ڪجي ٿو،
جيئن اهڙا مثال سنڌ جي عورت جي آجپي واري سفر کي
آسان بنائين.
فاطمه مرنيسي، مسلمان فيمينسٽ عورت، جنهن جو تعلق مراڪش جي
پوئتي پيل سماج سان آهي، سا اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن
جي حقن لاءِ ۽ خاص طور تي مسلمان عورتن جي حقن
لاءِ واحد علامت بڻيل آهي. سندس آتم ڪٿائي داستان
سرتيون جي پڙهندڙ ڀينرن لاءِ حاضر آهي.
(امر
سنڌو)
مڙداڻي اوطاق
اسان جي گهر ۾ کل ڀوڳ مسخريءَ ۾، چرچي ڀوڳ جا موقعا ائين ئي
ڪيترائي دفعا ضايع ٿي ويندا هئا، ڇو ته اهي هڪٻئي
پٺيان پيا ايندا هئا. پُڦي حبيبه جي داستان گوئيءَ
۾ شمع جو ٿيٽر متين منزل تي ئي ٿيندو هو. اڱڻ تي
ته اهڙي تفريح ممڪن ئي نه هوندي هئي، ڇو ته اڱڻ
عام گس طور استعمال ٿيندو هو، جيئن ڪو کيل تماشو
دلچسپيءُ جي حد تائين پهچندو هو ته مرد اڪثر
پنهنجن منصوبن سان اڱڻ ۾ پيا ايندا هئا. ڪڏهن ته
اُهي سڀکي ريڊيو ٻڌاندا هئا يا پوءِ ڊگهي سياسي
گفتگو هوندي هئي يا پوءِ اُهي اتي ئي ويهي تاس
کيڏڻ شروع ڪندا هئا ۽ ائين اسان کي اتان اٿڻو پئجي
ويندو هو.
سٺي تفريح ته مڪمل توجهه جي گهرجائو هوندي آهي. توجهه ۽ خاموشي
جيئن داستان گو ڪردار پنهنجو پنهنجو جادو چمڪائي
وارو وڄائي سگهن ۽ ان اڱڻ تي ڀلا ڪهڙو جادو جتي اچ
وڃ لڳي پئي هجي ۽ ماڻهو هڪٻئي سان ڌاڍيان
ڳالهائيندا رهن. مڙدن جي سياسي بحث، اخبار پڙهڻ ۽
ريڊيو ٻڌڻ وقت ته ان جادوءَ جو سوال ئي نٿي پيدا
ٿيو.
مڙدن جي سياسي ڳالهه ٻولهه هميشه پرجوش هوندي هئي، ٻڌڻ وارن کي
ائين پيو لڳندو ڄڻ دنيا ختم ٿيڻ واري آهي (امان
چوندي هئي ته جيڪڏهن ريڊيو ۽ مڙدن جي ڳالهين ۾
حقيقت هجي ها ته هن ڌرتيءَ جو اُپگرهه ڪڏهوڪو ختم
ٿي چڪو هجي ها.) مڙد، جرمنيءَ جي نئين عيسائي فوج
متعلق ڳالهيون ڪندا هئا، جيڪا برطانيا ۽ فرانس کي
شڪست ڏئي رهي هئي. اهي هڪ بم جو ذڪر به ڪندا هئا
جيڪو آمريڪين سمنڊ پار جاپان تي اڇلايو هو.
جاجپان، ڪيئي هزار ڪلوميٽر پري، چين ويجهو هڪ ايشيائي ملڪ هو،
هن بڪ سان نه صرف هزارين ماڻهو مري ويا پر انهن جا
جسم به پگهرجي ويا ۽ ڌرتي تان ڪيئي گهاٽا جهنگل
غائب ٿي ويا. ان بم جي خبر سان بابا، چاچو علي ۽
منهنجو سؤٽ گهري مايوسيءَ ۾ گم ٿي ويا. جيڪڏهن
عيسائين ايڏي پري جي ايشيائي ملڪ تي بم ڪيرايو آهي
ته عين ممڪن آهي ته اهي عربن تي به حملو ڪن. بابا
چوڻ لڳو اڄ نه سڀاڻ، اهي عربن کي به ائين ساڙي
ماريندا.
سمير ۽ مون کي اهي مڙداڻا بحث سٺا لڳندا هئا ڇو ته ان وقت اسان
کي مڙدن جي ڀريل اوطاق ۾ ويهڻ جي اجازت هوندي هئي.
نوجوان اتي، انهن جي آسپاس ويٺل هوندا هئا. بابا
انهن نوجوانن جي تڪليف ڏيندڙ مغربي لباس جو مذاق
اڏائيندي چوندو هو ”هاڻ ته ڪرسين تي ئي ويهڻو
پوندو“ جڏهن ته هر ڪنهن کي ڪرسين بجاءِ صوفن تي
ويهڻ وڌيڪ وڻندو هو، جيڪي وڌيڪ نرم هوندا هئا.
مان بابا جي هنج ۾ ۽ سمير چاچي عليءَ جي هنج ۾ وڃي ويهندو هو.
چاچو سڀني جي وچ واري صوفي تي پلٿي ماري ويهندو
هو. سفيد جلابو ۽ سفيد پڳڙي پاتل چاچي جي هنج ۾
سمير ويٺل جنهن کي انگريزي نيڪر پاتل هوندي هئي.
مان بابي جي هنج ۾ سوڙهي سنگهوڙي ويهندي هئس ۽
پنهنجو ننڍو فرانسيسي فراڪ پاتل جيڪو ربن سان پيٽ
وٽان ڇڪي ٻڌل هوندو هو. امان مون کي هميشه نوان
يورپي فئشن جا ڪپڙا پارائيدي هئي 7 چمڪندڙ ڪارا
جُتا. مسئلو فقط ايترو هو ته ڪپڙن تي ٿورو به داغ
لڳندو هو ته امان ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي ويندي هئي
تنهنڪري مان کيس منٿون ڪندي رهندي هئس ته مون کي
سلوار يا ٻيو ڪو روايتي لباس پارائي جنهن جو ايڏو
خيال نه رکڻو پوي، پر ان وقت جڏهن بابو اسرار ڪندو
هو ته پوءِ ڪنهن مذهبي ڏينھن تي مون کي ڪافتان
پارايو ويندو هو.
امان انهن روايتن ۽ رواجن کان ايتري ته ڊنل هئي جو مون کي جديد
لباس ۾ ئي ڏسڻ چاهيندي هئي. هوءَ چوندي هئي ته
لباس مان عورتن جا ارادا ظاهر ٿيندا آهن، چوندي
هئي ته ”جيڪڏهن تون جديد ڇوڪري آهين ته ان جو
اظهار پنهنجي لباس مان ڪر، نه ته توکي به ديوارن
پويان قيد ڪيو ويندو. ڪافتان ڀل ته حسين لباس ئي
هجي پر يورپي لباس جو ته مفهوم ئي ٻيو آهي، معنيٰ
”محبت لاءِ اجورو“. منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهي
رهي هئي ته ڪافتان وڪلن، مذهبي ڏهاڙن ۽ اسان جي
ماضيءَ جو شاندار لباس آهي ۽ يورپي لباس جي معنيٰ
آهي ”نتيجي آميز“ .... ليکي چوکي ۽ سخت پيشور روز
مرهه جو ڪم.
مڙداڻي واطاق ۾ بابو هميشه ريڊئي ويجهو چاچي جي سامهون واري
صوفي تي ويهندو هو ته جيئن آسانيءَ سن پنهنجي
مرضيءَ مطابق اسٽيشن بدلائي سگهي. هر مرد کي ٻٽو
جلابو پاتل هوندو هو. ٻاهر وارو سفيد نفيس اوني جو
اوزن نالي مذهبي شهر جا خاص ڪوري ٺاهيندا هئا ۽
اندر وارو جلابو ڳرو هوندو هو. بابو پنهنجي انوکي
گلن واري بسنتي پڳڙي مٿي تي ٻڌل جنهن کي سُٽ سان
ڀرت ڀريل هوندو هو.
هڪ ڏينهن بابي مذاق ۾ منهنجي جوان سَوٽن کي چيو.... ”هاڻ اسان
جي روايتي لباس جو ڪهڙو فائدو. جي توهان سڀ نوجوان
روڊلف ويلنيٽينو وانگيان ڪپڙا پائيندؤ!“
اهي سڀ جا سڀ اولهه جي ڪپڙن ۾ ملبوس، ڪنن تائين ڪٽيل وارن سان
فرينچ فوجين جهڙا لڳندا هئا، جيڪي اسان جي گهٽيءَ
۾ بيٺا هوندا هئا. چاچو چوندو هو: ”هڪ ڏينهن ٿي
سگهي ٿو ته جڏهن اسان فرينچن کي هتان ڪڍي
ڇڏينداسين ته توهان ڏسندؤ ته اسان سڀ انهن وانگي
ئي لڳنداسين.“
انهن جونوانن ۾ سمير جا ٽيئي ڀائر زين، جواد ۽ شعيب ۽ ٻيا سَوٽ
۽ پڦاٽ ۽ پري جا مٽ مائٽ به عام طور تي اوطاق ۾
ويٺل نظر ايندا هئا. اهي گهڻو ڪري قومي اسڪولن ۾
پڙهندا هئا ۽ انهن مان جيڪي وڌيڪ ذهين هوندا هئا
سي مخصوص سامان ڪاليج ۾، جيڪو اسان جي گهر کان ڪي
ڪوهه ئي ڏور هو، هي فرانسيسي ادارو هو، جيڪو وڏن
خاندانن جي پٽن کي اعليٰ سرڪاري عهدن لاءِ تيار
ڪندو هو ۽ اعليٰ تعليم جو معيار عربي ۾ فرانسيسي
ٻوليءَ تي عبور ۽ تاريخ سان شناسائي هئي. يورپ کان
اڳيان وڌڻ لاءِ اهو به لازمي هو ته عرب جا جوا ٻن
تهذيبن کان واقف هجن.
منهنجي سَوٽن، پڦاٽن ۾ زين سڀ کان ذهين هو. اوطاق ۾ هُو فرينچ
اخبار هنج ۾ کڻي چاچي جي ڀر ۾ ويٺل نظر ايندو هو.
هو خوبصورت هو، ريشمي ڀورا وار، بادامي اکيون،
ڀريل ڳٽا ۽ سنهڙيون مڇون.
نج پج روڊلف ويلنٽينو جهڙو، جيڪو اسان اڪثر بوليوارڊ سئنيما ۾
فلم ۾ ڏسندا هئاسين. هتي هڪ وقت ۾ اسان ٻه فلمون
ڏسندا هئاسين، هڪ مصري فلم، جيڪا عربيءَ ۾ هئي ۽
ٻي غير ملڪي فلم فرينچ ۾ هئي. پهريون دفعو جڏهن
مون ۽ سمير روڊلف ويلنٽينو کي ڏٺو ته اسان کيس
پنهنجي حرم جو فرد سمجهي ورتو هو ڇو ته هو بنهه
زين جو هم شڪل هو. ان وقت تائين زين به ”شيخ“ جا
رنگ ڍنگ سکي ورتا هئا. رکي مُرڪ، سنجيده لباس، آڏي
سينڌ ۽ ڪالر ۾ ننڍو ڳاڙهو گل.
زين جي معنيٰ به آهي خوبصورت، هُو خوبصورت جو، هن جو فرينچ لهجي
تي عبور سدائين مون کي متاثر پيو ڪندو هو، ڇو ته
اسان جي ڪٽنب ۾ فرينچ ڪنهن کي به ڪا نه ايندي هئي.
مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ساڻس فرينچ جا عجيب ۽ غريب لفظ
ڳالهائيندي ٻڌندي رهندي هئس. جڏهن چاچو کيس فرينچ
اخبار هڙهي ٻڌائڻ لاءِ چوندو هو ته ٻيا سڀ کيس
حيرت مان ڏسندا هئا. پهرين هو خبر جون سرخيون
پڙهندو هو. پر جڏهن بابو يا چاچو کيس ڪنهن مضمون
ڏانهن اشارو ڪندا هئا. ڇو ته کين به فرينچ تي گهڻو
عبور نه هو ته هو به زور سان ان جو عربي ترجمو
ٻڌائيندو هو.
زين جي فرينچ ڳالهائڻ جو طريقو خاص طور تي ”ر“ جي آواز کي زبان
تي گهمائي ڳالهائڻ مون کي ڏاڍو وڻندو هو. منهنجو
”ر“ چوڻ ڏاڍو کهرو هو. منهنجي استاد لاله تام مون
کي قرآن پڙهندو بار بار روڪيندي چوندي هئي. ”فاطمه
مرنيسي پنهنجي وڏڙن جي ئي کڻي لڄ رک.“ ان جي ”ر“
پڻ جاندار هئي.
”ڇو ٿي پنهنجي ٻوليءَ جو خون ڪرين.“
مان رڪجي سندس ڳالهه ٻڌندي هئس ۽ قسم کڻي چوندي هئس ته پنهنجي
وڏڙن جو ڀرم رکنديس ۽ پوءِ ڳلي جي پوري قوت سان
”ر“ چوندي هئس. ايستائين جومنهنجو ساهه گهٽجڻ
لڳندو هو. پوءِ مان زين کي ڏسندي هئس ته هوءَ ڪيئن
آسانيءَ سان زبان تي ”ر“ چوندو هو. مان کيس غور
سان ڏسندي ۽ سوچيندي هئس ته شايد ان جي ”ر“ مون کي
به حاصل ٿي وڃي.
زين هڪ جديد قوم پرست بنجڻ جي مسلسل ڪوشش ڪندو هو، عربي، تاريخ،
ادب ۽ شاعري پڙهندو ۽ گڏوگڏ دشمن جي زبان فرينچ به
سکندو هو، جيئن عيسائين جي مواصلات جي ذريعن جي
گندن منصوبن کي سمجهي سگهي ۽ ان ۾ هو ڪامياب به
ٿيو. جديد عيسائي سائنس ۽ رياضيءَ ۾ گهڻي ترقي ڪري
چڪا هئا ۽ اسان جا قوم پرست اڳواڻ به ڪوشس ڪندا
هئا ته نوجوان نسل به ابن سينا ۽ الخوارزمي جا
مقالا پڙهي جيئن کين پنهنجن وڏرن جي ذهانت جو
احساس ٿئي.
بابي ۽ چاچي جي نطر ۾ زين جو ڏاڍو قدر هو، اُهي سمجهندا هئا ته
اهڙا ئي نوجوان مراڪشش کي بچائي سگهن ٿا. هو جمعي
جي جلوس جي به سرپرستي ڪندو هو. جڏهن سڀئي نوجوان
روايتي سفيد جلابو ۽ زرد جُتا پائي قيروان مسجد جو
رخ ڪندا هئا. ظاهرا جمعي نماز جو اجتماع مذهبي
مقصد لاءِ ٿيندو هو پر هر ڪنهن کي پتو هو، ايتري
تائين جو فرينچ به سمجهندا هئا ته هتي سياسي
بلدياتي مجلس جا اهم سياسي فيصلا ٿيندا آهن. مجلس
جا سڀئي رُڪن چاچي عليءَ سميت نماز ۾ شريڪ ٿيندا
هئا، مسجد ۾ ته هر ڪنهن کي اچڻ جي اجازت هئي. چاچو
چوندو هو ته بلدياتي اسمبلي ته فرينچن جي ٺاهيل
اميرن جي اسيمبلي آهي. جيتوڻيڪ هتي انهن پنهنجي
بادشاهن ۽ اميرن جي قوت ختم ڪري ڇڏي هئي پر هتي
صرف اهي ئي حيثيت وارا ماڻهو ڳالهائيندا آهن ۽
اسان جو ڪم آهي ته عام ماڻهن سان ربطو قائم رکون.
هر سياسي عهديدار جو فرض آهي ته هو باقاعدي جمعي
جي نماز ۾ شرڪت ڪري ائين هو پنهنجي چونڊ جي حلقي
جي ويجهو رهي سگهي ٿو.
مراڪش ۾ پنج گروهه هئا جن مراڪش ۾ صدين کان ذهني ۽ اقتصادي شعور
جي حفاظت جي واڳ سنڀالي رکي هئي. اهي هميشه جمعي
ڏينهن مسجد ۾ هوندا هئا.
سڀ کان پهرين عالم هئا جن پنهنجي زندگي علم لاءِ وقف ڪري ڇڏي
هئي ۽ جيڪي پنهنجي نسل کي اندلس يا مسلم اسپين
تائين وڃي ملائيندا هئا ۽ ان ئي حوالي سان ڪتابن،
اشاعتن، خطاطي ۽ جلد سازيءَ کي قدر جي نگاهه سان
ڏٺو ويندو هو ۽ پڙهڻ لکڻ ۽ نادر قلمي نسخا جمع ڪرڻ
جو کين شوق هو. انهن کان پوءِ شريف جيڪي سيد آل
رسول هئا انهن کي به هرهنڌ احترام وارو سمجهيو
ويندو هو. اهي شادي، پيدائش ۽ موت جي رسمن ۾ اهم
ڪردار ادا ڪندا هئا. شريف ڪي گهڻا مالدار نه هئا
ڇو ته دولت ڪمائڻ سندن شيوو نه هو. ٽيون گروهه،
انهن واپارين جو هو جيڪي چالاڪ ۽ سيلائي هوندا
هئا. اهي نماز کان پوءِ پنهنجي جهان جي رولاڪيءَ
جا قصا ٻڌائيندا هئا ۽ ٻاهرين ڏورانهن ملڪن مان
سامان خريد ڪندا هئا، ان کان پوءِ فلاح يا زميندار
گروهه هو جنهن ۾ بابا ۽ چاچو پڻ شامل هئا. فلاح
ٻٽي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو هو، هڪ ته بي دخل هاري
۽ ٻيو زميندار لاءِ. بابي ۽ چاچي کي پنهنجي فلاهي
هئڻ تي گهڻو فخر هو. پر سندن شمار زميندارن ۾
ٿيندو هو، انهن جو پنهنجي زمينن سان ڏاڍو پيار
هوندو هو ۽ هو اتي ڪيئي ڪيئي ڏينهن رهڻ پسند ڪندا
هئا. جيتوڻيڪ رهڻ لاءِ انهن شهر ئي چونڊيو هو،
فلاح وڏي پئماني تي زمينداري ڪندا هئا ۽ فرينچن
کان روز نوان پوکيءَ جا طريقا سکندا هئا. اسان جا
زميندار خاندان رڦ جبلن کان آيا هئا ۽ پنهنجي
ڳوٺاڻي هئڻ تي فخر ڪندا هئا. خاص طور تي تڏهن،
جڏهن سندن مقابلو اندلس جي مغرور عالمن سان ڪيو
ويندو هو.
”عالمن جو رتبو اوچو ٿئي ٿو ”بابا چوندو هو ته جيڪڏهن اسان کين
کاڌو مهيا نه ڪريون ته بک مري ويندا. ڪتاب پڙهي
علم ته حاصل ٿيندو آهي پر بک نٿي مٽائي سگهجي. اهو
ئي ته عالمن جو مسئلو آهي، ذهانت سان گهڻي متاثر
ٿيڻ جي ضرورت ڪانهي. فلاح ٿيڻ ئي بهتر آهي، جيڪڏهن
زمين به پوکي سگهو ۽ ڪتاب به پڙهي سگهو ته مسئلو
حل ٿي ويندو آهي. بابا کي هر وقت اهو فڪر هو ته
نوجوان نسل ڪتابن کي زمين تي ترجيح ڏين ٿا، شايد
ان لاءِ گرمين جي موڪلن ۾ اهي اسان کي فيض کان ڪي
ڪلوميٽر پري چاچي جي ٻنيءَ تي وٺي ويندو هو.
شهر ۾ پنجون ۽ سڀ کان وڏو گروهه دستڪارن جو هو جيڪي فرينچ مشينن
جي آمد کان پهرين ئي مراڪش ۾ ضرورت جي هر شيءَ
ٺاهيندا هئا. فيض ۾ انهن ڪاريگرن جا خاص پاڙا
هوندا هئا. ٽامي جي گهٽي جتي ڌاتوءَ جو سڄو سامان
جُڙندو هو، چمڙي جي بازار، فخارن جي علائقي ۾
ڪنبرن جو پاڙو ۽ نجارين ۾ واڍن جو پاڙو ۽ سڀ کان
مالدار سون چانديءَ جي گهُڙائي مُڙهائي ڪرڻ وارا
به رهندا هئا. اهي ريشمي ڌاڳي سان فينا يا گنگا
جمني پٽيون اُڻندا هئا جيڪي عورتن جي هٿن سان
ٺاهيل ڪافتانن تي ڀرت جيان ڀريون وينديون هيون.
پنهنجي ئي علائقي جي دستڪار عام طور تي گڏ ويهي
ڳالهيون ڪندا هئا ۽ نيون پراڻيون ڳالهيون ڪندا هئا
۽ پوءِ پنهنجي علائقي ڏانهن واپس موٽي ويندا هئا.
زين ۽ ٻيا نوجوان جمعي جي نماز لاءِ پنڌ مسجد ويندا هئا، وڏا
بزرگ ڪي قدم پويان ڪڏهن پنڌ ۽ ڪڏهن خچرن تي سواري
ڪندي پيا ايندا هئا، سمير ۽ مان ڏاڍا خوش ٿيندا
هئاسين، جڏهن ته چاچو ۽ بابو خچر تي سواري پسند
ڪندا هئا ڇو ته ان وقت اسان به ساڻن گڏ هوندا
هئاسين. بابو اسان کي پنهنجي اڳيان ويهاريندو هو.
پهرين ته بابو مون کي ساڻ وٺي وڃڻ ۾ نٽايو پر مون
ايتري زور سان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون جو چاچي چيو ته
”ننڍڙي ٻارڙيءَ کي مسجد وٺي وڃڻ م ڪو حرج ناهي.“
حديث ۾ به آيل آهي ته حضور ﷺبه مسجد ۾ نماز پڙهائي
جڏهن سندن آڏو هڪ ٻارڙي راند ڪندي رهي هئي.
نوجوان جمعي جي لباس ۾ راويت جو بس ايترو ئي لحاظ رکندا هئا جو
سر تي آڏي ٽوپي پائيندا هئا جيڪا مصري قوم پرستن ۾
ڏاڍي مقبول هئي. فساد وقت جڏهن فرينچ پوليس آپي
کان ٻاهر ٿي ويندي هئي ته اهي ٽوپيون مصيبت ٿي
وينديون هيون. پهريون دفعو هيءَ ٽوپي اسان جي شهر
۾ تڏهن عام ٿي جڏهن اسان جو هيرو ال الفاصي، جنهن
کي ڪيترائي ڀيرا قيد به وڃڻو پيو هو سو اها ٽوپي
پائي قيروان مسجد ۾ آيو هو. پوءِ بعد ۾ جڏهن اسان
جي شاهه پنجين به اها ساڳي ٽوپي وڏي نفاست سان
پنهنجي ڪشادي پيشاني تي ٽيڏي ڪري رکي ۽ فرينچ حاڪم
سان رباط ۾ ملاقات لاءِ ويو ته خارجي مبصرن چيو ته
جيڪو بادشاهه پنھنجي پڳ ڇڏي تخريبي ٽوپي پائي ان
مان ڀلائيءَ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. جڏهن
مڙداڻي ۾ خبرون هلنديون هيون ته هر حال ۾ نوجوانن
جي لباس ۾ ۽ اسان جي گهر ۾ روايت ۽ جديديت گڏوگڏ
هلنديون هيون. پهرين ته سڀئي عربي ۽ فرينچ ۾ خبرون
ٻڌاندا هئا پوءِ بابو ريڊيو بند ڪندو ۽ نوجوان
تبصرا ۽ مضمون پڙهندا، پوءِ چانهه پيش ڪئي ويندي
هئي. سمير ۽ مان خاموشيءَ سان ٻڌندا رهندا هئاسين
ڇو ته اسان کي ڳالهائڻ جي اجازت ڪانه هوندي هئي
پوءِ به بابي جي ڪُلهي سان مٿو لڳائي پڇندي هئس
ته: ”جرمن ڪير آهن، ڪٿان آيا آهن ۽ فرينچن کي ڇو
ماري رهيا آهن...؟ اهي ڪٿي لڪل آهن جڏهن ته اتر ۾
اسپين، ۽ ڏکڻ ۾ فرينچ ......؟“ بابو جواب ۾ چوندو
هو ته ”پوءِ مان ٻڌائيندس جڏهن پاڻ اڪيلا
ٿينداسين، ۽ هن ڪيترائي دفعا سمجهائڻ جي ڪوشش به
ڪئي پر مون ۽ سمير لاءِ مسئلو اڃا وڌيڪ ڳنڀير ٿي
پيو.
هلندڙ |