سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ 2005ع

 

صفحو :2

سرتيون فيچر

 

 

جڏهن ملاحن جي هڪ گهر ۾ گهڙياسين ۽ کين پنهنجي اچڻ جو سبب ٻڌايوسين ته اتي ويٺل هڪ ٻُڍڙي عورت اميران پنهنجي باري ۾ ٻڌايو ته ”امان، ابي ڏاڏي کان اسان جي جنم ڀومي اها ئي آهي. ”سنڌوءَ جو ڪپ“ ٻاروتڻ کان جوانيءَ تائين ته ڪو به ڏک نه ڏٺوسين، ڇو ته سنڌو تاروتار وهندو هو، ٻيڙيون پيون ترنديون هيون. مڇي پلو جهجهي انداز ۾ ٿيندو هو، جو صبح جو مڇيءَ سان ٻيڙيون ڀري کڻي ايندا هئاسين. ٻار ٻچا پڪا پوڙها سڀ خوش ۽ سرها هوندا هئاسين. منهنجا پنج پٽ ۽ چار ڌيئر به ڏاڍن سکن ۾ نپجي وڏا ٿيا. انهن ڏينهن ۾ سنڌوءَ جي ڪپ تي ڏاڍي رونق هوندي هئي. ڇا ته مڇيءَ تي خريدارن جي رش هوندي هئي، ڇا ته ٻيڙين تي سير ڪرڻ وارن جي پيهه پيهان هوندي هئي. چوطرف امن و امان، سڪون هوندو هو، ڪو فڪر ئي نه هوندو هو، جيئن درياءَ ۾ چاڙهه ٿيندو هو، تئين اسان جو دليون خوش ٿينديون هيون. ڏاڍو حسن هوندو هو هن پُل تي. ڌام ڌوم سان ڪرايونسين. اسان ميربحرن جون شاديون به وڏي ٺٺ سان ٿينديون هيون. شادين ۽ غمين ۾ ڪلاچيءَ، ڪينجهر، منڇر، ڪيٽي ۽ سکر تائين پاڻ ۾ مٽ مائٽ توڙي ذات ڀائي گڏبا هئاسين. ذات ملاحن مان ڪو به سڃو يا غريب نه هوندو هو. هر ڪو مڇيءَ مانيءَ وارو هوندو هو. اڄ اُهي ڏينهن ياد ڪري رت ٿي رئُان.

”جياپي جو ذريعو آهي پاڻي، سو هينئر ته پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، ته مڇي ڪٿان ٿيندي. درياءَ ۾ ڌُوڙ اڏامندي ڏسي اندر ٿو ڳري. هينئر ته حياتي روڳ بڻجي پئي آهي. جيڪي ٻچڙا کائيندا ۽ اوباريندا وتندا هئا، تن کي اڄ ٽن ويلن جي ماني نصيب ناهي. جيڪو ٿورو گهڻو پيئن لاءِ پاڻي ملي ٿو، تنهن ۾ منڇر جو گدلو ۽ زهريلو پاڻي گڏ ڇڏيو اٿن. گذريل مهيني پيٽ جي بيماريءَ ۾ منهنجو پوٽو گذاري ويو، ٻين ٻارڙن کي چمڙيءَ جي بيماري لڳي آهي جنهنڪري سڄي رات ٿا تڙپن، اڳ بجلي هئي، سا به واپڊا وارا ڪٽي ويا. امان، عريت وڏو غذاب آهي.“ ”مان ۽ منهنجو گهر وارو سومر، سج لهڻ سان ئي رَڇَ کڻي وڃي ٻيڙيءَ ڀيڙا ٿيندا آهيون ۽ فجر مهل موٽندا آهيون. اها اسان جي روز جي ڪرت آهي. رات به ٻيڙيءَ تي هئاسين، پر پرهه ڦٽيءَ تائين صرف 40 رپين جي مڇي هٿ لڳي. ڀلا مڇي به ڪيئن پيدا ٿئي. هڪ پاڻي ٿورو. ٻيو زهريلو، سو ڏينهون ڏينهن مڇيءَ جو نسل ختم ٿيندو ٿو وڃي. اڄڪلهه جيڪي المنظر تي ماڻهن کي پاپڙ جهڙا پلاسيڪي ڏين ٿا. سي درياءَ جا ٿورئي آهن، اهي ٺٽي مان هٿ ڪري اچن ٿا جن ۾ ڪو ساءُ ڪونهي!“

مائي اميران روئڻهارڪي ٿيند ي چيو ”امان هاڻي ته مڇي پلو رڌڻ ئي وسري ويو اٿئون. ٻچن کي رُکي سکي ماني نٿا ڏئي سگهون. عيال به ته وڏو آهي. منهنجا پٽڙا (جيئنم شل) سڀ اولادي آهن. وڏو ڪهول اٿم. بس هاڻ ته سکيا ڏينهن ساريو پئي ڏکين ڏينهن کي ٽاريان. جي سوچيان ٿي ته مورڳو مغز وٺيو ڪري ٿي پوان. مڙئي من پرڀائڻ لاءِ هي رَڇَ ويٺي ٺاهيان. باقي جيئن توهان کي ٻڌايم ته سڄي رات درياءَ تي هوندا آهيون، جي ڪا ننڊ جي پنڪي آئي ته واهه نه ته سڄي رات اکين تي آڻيون.“

سومر ملاح به دُکي ٿيندي ٻڌايو، ”امان، مڙئي جياپي جي جنگ پيا وڙهون! باقي جيئڻ جا ذريعا ناهن بچيا. چوندا آهن ته ”ڏاڍي جي لٺ کي به مٿا.“ سو مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ! جڏهن گهرڌڻي ئي پنهنجي گهر کي ٻنهي هٿن سان لٽيندا ته پوءِ پراون جو ڪهڙو قصور! اسان جا سياستدان پنهجي ديس ۽ ديس واسين جي رکوالي نه ڪندا ته پوءِ ڌارين تي ڪهڙي ميار! اسين ماڻهو درياءَ جي انچ انچ جي خبر رکڻ وارا، اسان کي سڀ خبر آهي ته پاڻي ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ ته ڇا انهن کي خبر ناهي جيڪي جاگير جا مالڪ آهن! هي فقط ملاح قوم (ذات) حياتيءَ جو مسئلو ناهي، هي ته پوري سنڌ جو مسئلو آهي ، بنا ٻل جي بنا ڪنهن جي سهڪار جي اسين ملاح ذالين مڙسين پڪاريندا ۽ ٻاڪاريندا رهون ٿا. توهين ڏسندؤ ته اڄڪلهه اخبارون اهڙين خبرن سان ڀريون پيون آهن، اسان کي ڄاڻي واڻي رُلايو ٿو وڃي ڪڏهن مقاطعي جو مسئلو ڪري ته ڪڏهن ٺيڪي جي ٺينگر ڏئي. اسان جا ڇوڪرا مڙس ماڻهو آهن. اهي درياءَ کي بچائڻ لاءِ سر جو نذرانو ڏيندي به دير نه ڪندا.“

هڪ جُون جو مهينو، ٻيو ڏينهن تتل هو، جن متل هو. سو، ”جيئن ڏينهن تپي تيئن مڙس مچي“ جي مصداق اسين به نڪري پيونسين ”درياءَ جي پُل ڏانهن“. ”پُل“ جي لاهوندي واري پاسي، جتي درياءُ شاهه جا ڌڌڪا هوندا هئا، بي شمار ٻيڙيون پيون ترنديون هيون. درياءَ جي ڪپ تي مڇيءَ جا ڍير ڄڻ چاندي پئي چمڪي، ٻاروتڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن پُل سان ناتو جيئن جو تيئن جڙيل آهي ۽ اُهو نظارو ذهن جي ڪئنواس تي اڄ تائين چٽيل آهيم جيڪو ڪڏهن به ميسارجي نه سگهندو! جڏهن پهريون دفعو پُل تي اڏيل ”المنظر ريسٽورنٽ“ کي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو ته ”اُڏامندڙ“ کٽولي بابت ٻڌل/ پڙهيل قصو ڄڻ حقيقت ڀاسيو. ٽنهي پاسي پاڻيءَ جي اڇاڻ، ۽ چوطرف وڻڪار ۽ پري پري تائين سائي غاليچي سان ڍڪيل ڌرتي، ڄام سوري جي پٿرن جي ڪشش، هوائن جي هٻڪار ۽ فضائن جي رنگيني ڏسي ۽ پسي قدرت ۽ فطرت جي سونهن ۽ پاڪيزگي تي عقل دنگ رهجي ويندو هو. اڄ منهنجي ڌرتيءَ جو ”جنت البرين“ جهڙو ڏيک ڏيندڙ خطو، رُڃ جي ڏک ڏئي رهيو آهي. اسان جي سانبر ۾ اسان جي سامهون اهو سڀ ٿيندو پيو رهي ۽ اسين چُپ چاپ ماٺ ميٺ ۾ فقط ڏسندا ئي رهون ٿا! اهو سوچيندي سيني م سُور جي ٽاٽ لڳي، بند تان واريءَ ۾ پير گسڪائينديون، هيٺ لهي ٻيڙين تائين پهتيونسين ته ويتر ئي مايوسي وڪوڙي وئي، ڇو ته ٻيڙيون خالي پيون هيون، شايد ٽاڪ منجهند جي ڪري ٻيڙين وارا گهرن ڀيڙا ٿي چڪا هئا.

اسان درياءَ جي بند تي بيهي هيٺ نهاريو ته ڳوٺ ”ڪراچي موري“ چٽو نطر آيو. اتي هڪ نوجوان بيٺو هو، جنهن پڇڻ تي ٻڌايو ته ذات جو ملاح آهيان ۽ هن ڳوٺ جو رهاڪو آهيان.“

اسان کيس چيو ته اسان کي توهان جي عورتن سان ملڻو آهي. پوءِ وچ ۾ ڌُڻ هئي، انڪري ڏاڍي ڏکيائي پيش آئي. هن اسان کي مهاڻن جي هڪ گهر ۾ ڇڏيو ۽ پاڻ موڪلائي هليو ويو. نوجوان ڏاڍو فهميدو سُلجهيل هو. اسان سندس ٿورو مڃيو، جنهن گهر ۾ اسين ويونسين، اهو هڪ ايڪڙ جي ايراضيءَ ۾ اڏيل ٻه خلاصيون پڪين سرن جون ڪوٺيون، ٽي مَنَهن (پيها يا ڇاپرا) ۽ سامهون هڪ ننڍي پيهي جيڪا رڌڻي طور استعمال ٿي رهي هئي، گهر جي جائزي وٺڻ سان معلوم ٿيو ته هٿ ته سر سر ۽ ڪک ڪک مان غربت جهاتيون پئي پاتيون، سوچيو هوسين ته سڄي ڳوٺ جي گهرن ۾ وڃي عورتن کان سندن رهڻي ڪهڻي ۽ روزگار بابت پڇنديوسين. پر هي هڪ گهر ئي ”غربت جو اهڃاڻ“ هو. مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جي حالت ڏسي اندر گهائجي پيو.

ملاح ذات، جنهن کي عام ماڻهو قوم چوندا آهن، تن جو سنڌ جي تاريخ ۾ بهادري، محنت، هنر، توڙي رومانوي لحاظ کان هڪ وڏو ڪردار رهيو آهي. ”مڇيءَ مانيءَ“ وارو هجڻ سنڌ ۾ خوشحاليءَ جي علامت آهي. هنن ماڻهن جي ڪردار کي دنيا جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي رسالي ۾ تمام اوچي نظر سان ڏسي ٿو. ”سُر گهاتو“ جيڪو ”مورڙيو ۽ مانگر مڇ“ جي چٽي تصوير آهي، ان ۾ شاهه سائين فرمايو آهي.

ماڪَ ڀڄاين مولهيا، مٿان رات پئي،

اوليُون اُجهَڻ لَڳيُون، ويا ونجهه وَهي،

ڪلاچيان ڪَهي، ڪڏهن ڪون آئيو.  

”سُر ڪاموڏ“، جنهن ۾ ”ڪينجهر“ جي اوج، ”نوريءَ“ جو حسن ۽ اخلاق، نياز ۽ نوڙت، ڄام تماچيءَ جو عشق، نڀاءُ ۽ سخاوت جو جيڪو ذڪر آهي سو سنئون سڌو ملاح ذات سان لاڳاپيل آهي. شاهه سائين فرمائي ٿو:

ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇَڄَ،

پاندُ جنين جي پاند سين، لڳو ٿئي لَڄَ،

سَموڄامُ سُهَجَ، اُڀو ڪري اُن سين.

اهڙيءَ طرح سُر سامونڊي به ملاحن جو ڏيساور وڃي وڻج واپار ۽ سندن وڻجارين جي سڪ، محبت، اوسيئڙي، انتظار ۽ وڇوڙي ۾ ڀوڳيل ڀوڳنا جي چٽي پٽي تصوير آهي. جيئن شاهه سائينءَ فرمايو آهي.

”اڄ پڻ وايُون ڪَن، وَڻجارا وَڃڻ جون،

مُون اُڀيئي هَليا، بَندَر جَنِ ٽَڙَنِ،

سَرتِيُو! سُور سَندن، مُون ماريندو جِندَڙي.

جن ماڻهن وُٿن، ڌنڌي پورهئي جي ساراهه ۽ واکاڻ لطيف جهڙو عظيم انسان ڪري ته پوءِ انهن کي ٻي ڪنهن ”سند“ جي ضرورت ناهي. اهو ئي سبب آهي جو هن ذات جي ماڻهن کي پنهنجي پورهئي تي وڏو مانُ هوندو هو. پر اڄ اُهي ماڻهو بيوس، بي پهچ ۽ ويڳاڻپ جو شڪار آهن! بنان ڌنڌي ڌاڙي گذران ڪرڻ تمام ڪٺن آهي، تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته جنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته پهرين ان جي اقتصاديات (معيشت) جا ذريعا تباهه ڪريو، پوءِ سندس تعليم تباهه ڪريو ته اُها قوم خودبخود تباهه ٿي ويندي. پوءِ ڪنهن ويڙهه يا لڙائي ڪرڻ جي ضرورت پيش نه ايندي.

نفسياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪم، ڪرت، پورهيو، وندر ڪنهن ماڻهوءَ کان ڇڏائجي ويو ته اُهو ماڻهو نفسياتي مريض ٿي ويندو. پوءِ اُهو ان ماڻهوءَ جي حال تي ڇڏيل آهي ته پنهنجو انت آڻي يا ٻئي کي ڇيهو پهچائي! اڄ اسان جو سماج انھن ٽنهي حالتن مان گذري رهيو آهي. تعليم معياري ناهي، جي معياري آهي ته مهانگي آهي. عام ماڻهوءَ جي پهچ کان مٿي. روزگار جا ذريعا ناهن. ماڻهن جي وڏي انگ کي ٽن ويلن جي رُکي سُکي ماني نصيب ناهي. هڪ بک، ٻي واندڪائيءَ ماڻهو منجهائي رکيا آهن. درياءَ جي اها حالت ڏسي، ذهن ۾ سوال اڀريو ته تبديليءَ جا رخ اڃا بدتر صورتحال پيدا ڪندا! مان وڌيڪ سوچي نه سگهيس ۽ گهر ڌڻين سان حال احوال وٺڻ لڳيس.

جڏهن ملاحن جي هڪ گهر ۾ گهڙياسين ۽ کين پنهنجي اچڻ جو سبب ٻڌايوسين ته اتي ويٺل هڪ ٻُڍڙي عورت اميران پنهنجي باري ۾ ٻڌايو ته ”امان ابي ڏاڏي کان اسان جي جنم ڀومي اها ئي آهي. ”سنڌوءَ جو ڪپ“ ٻاروتڻ کان جوانيءَ تائين ته ڪو به ڏک نه ڏٺوسين، ڇو ته سنڌو تاروتار وهندو هو، ٻيڙيون پيون ترنديون هيون. مڇي پلو جهجهي انداز ۾ ٿيندو هو، جو صبح جو مڇيءَ سان ٻيڙيون ڀري کني ايندا هئاسين. ٻار ٻچا پڪاپوڙها سڀ خوش ۽ سُرها هوندا هئاسين. منهنجا پنج پٽ ۽ چار ڌيئر به ڏاڍن سکن ۾ نپجي وڏا ٿيا. انهن ڏينهن ۾ سنڌوءَ جي ڪپ تي ڏاڍي رونق هوندي هئي. ڇا ته مڇيءَ تي خريدارن جي رش هوندي هئي، ڇا ته ٻيڙين تي سير ڪرڻ وارن جي پيهه پيهان هوندي هئي. چوطرف امن امان، سڪون هوندو هو، ڪو فڪر ئي نه هوندو هو، جيئن درياءَ ۾ چاڙهه ٿيندو هو، تيئن اسان جو دليون خوش ٿينديون هيون. ڌاڍو حسن هوندو هو هن پُل تي. ايترو ته پيسو ايندو هو جو گهر ٺهراياسين، سون ورتاسين. اولاد جون شاديون ڌا ڌوم سان ڪرايونسين. اسان ميربحرن جون شاديون به وڏي ٺٺ سان تينديون هيون. شادين ۽ غمين ۾ ڪلاچيءَ، ڪينجهر، منڇر، ڪيٽي ۽ سکر تائين پان ۾ مٽ مائٽ توڙي ذات ڀائي گڏبا هئاسين. ذات ملاحن مان ڪو به مڃو يا غريب نه هوندو هو. هر ڪو مڇيءَ مانيءَ وارو هوندو هو. اڃ اُهي ڏينهن ياد ڪري رت ٿي رُئان.

”جياپي جو ذريعو آهي پاڻي، سو هينئر ته پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، ته مڇي ڪٿان ٿيندي. درياءَ ۾ ڌوڙ اڏامندي ڏسي اندر ٿو ڳري. هينئر ته حياتي روڳ بڻجي پئي آهي، جيڪي ٻچڙا کائيندا ۽ اوباريندا وتندا هئا، تن کي اڄ ٽن ويلن جي ماني نصيب ناهي. جيڪو ٿورو گهڻو پيئڻ لاءِ پاڻي ملي ٿو. تنهن ۾ منڇر جو گدلو ۽ زهريلو پاڻي گڏي ڇڏيو اٿن. گذريل مهيني پيٽ جي بيماريءَ ۾ منهنجو پوٽو گذاري ويو، ٻين ٻارڙن کي چمڙيءَ جي بيماري لڳي آهي جنهنڪري سڄي رات ٿا تڙپن اڳ بجلي هئي سا به واپڊا وارا ڪٽي ويا. امان، غربت  وڏو عذاب آهي.“

”هاڻي به مان ۽ منهنجو گهر وارو سومر، سج لهڻ سان ئي رَڇَ کڻي وڃي ٻيڙيءَ ڀيڙا ٿيندا آهيون ۽ فجر مهل موٽندا آهيون. اها اسان جي روز جي ڪرت آهي. رات به ٻيڙيءَ تي هئاسين. پر پرهه ڦٽيءَ تائين صرف 40 رپين جي مڇي هٿ لڳي. ڀلا مڇي به ڪيئن پيدا ٿئي. هڪ پاڻي ٿورو، ٻيو زهريلو، سو ڏينهون ڏينهن مڇيءَ جو نسل وڃي ٿو ختم ٿيندو. اڄڪلهه جيڪي المنظرتي ماڻهن کي پاپڙ جهڙا پلا سيڪي ڏين ٿا، سي درياءَ جا ٿورئي آهن، اهي ٺٽي مان هٿ ڪري اچن ٿا جن ۾ ڪو ساءُ ئي ڪونهي!“

مائي اميران روئڻهارڪي ٿيندي چيو ”امان هاڻي ته مڇي پلو رڌڻ ئي وسري ويو اٿئون. ٻچن کي رُکي سکي ماني نٿا ڏئي سگهون. عيال به ته وڏو آهي. منهنجا پٽڙا (جيئنم سل) سڀ اولادي آهن. وڏو ڪهول اٿم، بس هاڻ ته سکيا ڏينهن ساريو پئي ڏکين ڏينهن کي ٽاريان. جي سوچيان ٿي ته مورڳو مغز وٺيو ڪري ٿي پوان. مڙئي من پرڀائڻ لاءِ هي رَڇَ ويٺي ٺاهيان. باقي جيئن توهان کي ٻڌايم ته سڄي رات درياءَ تي هوندا آهيون، جي ڪا ننڊ جي پنڪي آئي ته واهه نه ته سچي رات اکين تي آڻيون.“

سومر ملاح به دُکي ٿيندي ٻڌايو، ”امان، مڙئي جياپي جي جنگ پيا وڙهون! باقي جيئڻ جا ذريعا ناهن پچيا.“ چوندا آهن ته ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.“ سو مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ! جڏهن گهرڌڻي ئي پنهنجي گهر کي ٻنهي هٿن سان لٽيندا ته پوءِ پراون جو ڪهڙو قصور! اسان جا سياستدان پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي رکوالي نه ڪندا ته پوءِ ڌارين تي ڪهڙي ميار! اسين ماڻهو درياءَ جي انچ انچ جي خبر رکڻ وارا، اسان کي سڀ خبر آهي ته پاڻي ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ ته ڇا انهن کي خبر ناهي جيڪي جاگيرن جا مالڪ آهن! هي فقط ملاح قوم (ذات) جي حياتيءَ جو مسئلو ناهي، هي ته وري سنڌ جو مسئلو آهي، بنان ٻل جي بنان ڪنهن جي سهڪار جي اسين ملاح زالين مڙسين پڪاريندا ۽ ٻاڪاريندا رهون ٿا. توهين ڏسندؤ ته اڄڪلهه اخبارون اهڙين خبرن سان ڀريون پيون آهن، اسان کي ڄاڻي واڻي رُلايو ٿو وڃي. ڪڏهن مقاطعي جو مسئلو ڪري ته ڪڏهن ٺيڪي جي ٺينگر ڏئي. اسان جا ڇوڪرا مڙس ماڻهو آهن. اهي درياءَ کي بچائڻ لاءِ سر جو نذرانو ڏيندي به دير نه ڪندا.“

اُتي ويٺل مائي اميران جي هڪ نُنهن چيو ته ٻچڙن جي بک ۽ بدحالي اسان جي مردن کان ڏٺي ڪانه ٿي ٿئي. سو هاڻي منهنجو مڙس ۽سندس ڀائر تيار ويٺا آهن ته سمنڊ تي وڃي ڌنڌو ڪريون. پر اسين دل نٿا ٻڌون، ڇو ته سانوڻيءَ جي مُند ۾ سمنڊ ۾ وڃڻ موت جي مُنهن ۾ وڃڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن هي هليا ويا ته خالي گهر کائڻ ايندا:

نَنگر ۽ ناڙيُون، پَڳَهَ کڻي پنڌ ٿيا،

بَندَرَ بازاريون، سُڃا سامونڊين ري!

(شاهه رح)

ڏُکن پٺيان سُک!

اختر افروز شاهه

 

”امان! او امان! مون کي ڌاڍي بک لڳي آهي“ منهنجي معصوم پُٽ اڪبر نماڻين اکين سان مون ڏانهن نهاريندي چيو، منهنجي اندر ۾ ڄڻ وَڍَ پوڻ لڳا. پُٽ کي دلاسو ڏيندي چيم: ”ڇو نه اجها ٿي پنهنجي ٻچي کي ماني پچائي کارايان!“ پر مون کي خبر هئي ته ماني ننڍڙي اڪبر کي ڪانه ملندي!... منهنجو مڙس سارنگ مهيني کان بيمار پيو هو. جيڪي ٻه ٽي پيسا گهر ۾ پيل هئا سي ان جي بيماريءَ جي دوا درمل، کاڌي پيتي تي ختم ٿي ويا.....هاڻ ته نه گهر ۾ اٽو هو نه پيسو هو. ماني پچي ته ڪٿان پچي!“

”اڪبر جي ماءُ! او اڪبر جي ماءُ!“... مون ڪنڌ کڻي سارنگ کي ڏٺو ”ڇا ٿو چوين....؟“

اڪبر جي ماءُ! بک ته مون کي به لڳي آهي. هڪ ته بيماريءَ بس ڪيو آهي، ٻيو بک ڪيو آهي پاههُ، هانءُ پيو رُڙي؟!“

منهنجي مغز ۾ وڌيڪ ڌڪ لڳڻ لڳا، ڇا ڪريان؟ ڪٿان آڻيان ج هنن کي کارايان! بک ته مون کي به پئي لڳي... پر هنن جي بک جو ٻڌي منهنجي ته بک به مري وئي! پاڙيوارن کان به اوڌر سوڌر ڪري ٻه ٽي ڌينهن ڪڍياسين، پر روز روز ڪير ڏيندو! هت نه منهنجو ڪو مائٽ هو، نه سارنگ جو ڪو مائٽ هو.... هڪ ويچاري سارنگ جي ماءُ هئي، سا به اڪبر اڃا ٻه ٽن مهينن جو مس هو ته هلي چُري الله وٽ... ڀلا جي مائٽ به هجن ها ته گهڻا ڏينهن مدد ڪن ها!؟

”امان، بک لڳي آهي، ماني ڏي نه!“ اڪبر مسلسل مانيءَ لاءِ رڙڻ روئڻ لڳو. گهڻي ئي ماٺ ڪرائي مانس، پر ماٺ ئي نه ڪري. مون به ڏک ۽ چڙ مان چماٽ هڻي ڪڍي مانس، اڪبر وڌيڪ رانڀاٽ ڪري روئڻ لڳو!

”اڪبر جي ماءُ ڇو پئي مارينس؟ هي ته ٻار آهي تون ته وڏي سڄي آهين، هوش ڪر!“

”پوءِ تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته ڇا ڪريان؟ مون کان نه تنهنجي بيماري، نه وري اڪبر جي بک ڏٺي ٿي ٿئي!“ مون اڪبر کي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇاتيءَ سان کڻي لڳايو.... اڪبر به روئندي رهيو. ان سان گڏ مان به روئندي رهيس. نيٺ روئي روئي اڪبر کي ننڊ اچي وئي... جيئن جيئن رات گذرندي وئي، منهنجي من ۾ مانڌاڻ مچندو ويو، مون کي اهي ڏينهن ياد اچڻ لڳا... جڏهن آءٌ سارنگ جي ڪنوار ٿي هن ڳوٺ ۾ آيس... بابا منهنجو سخت بيمار هو. سو منهنجي سَس کي گهرائي هُن منهنجو سڱ سارنگ کي ڏنو. شاديءَ جي ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ بابا ويچارو گذاري ويو.

مهنجي سونهن جي هاڪ سڄي ڳوٺ ۾ هئي. جيڪا ڳوٺ جي مائي اسان جي گهر ايندي هئي سا منهنجي سونهن جي پئي ساراهه ڪندي هئي... منهنجي سس ۽ سارنگ پيا خوش ٿيندا هئا. هتي ڳوٺ ۾ رواج آهي ته نئين ڪنوار شاديءَ کان پوءِ پير سائينءَ جي حويليءَ ۾ جيجان جن وٽ ضرور حاضري ڀريندي هئي ۽ دعا وٺندي هئي. آءٌ به جيئن ته نئين ڪنوار هيس، سو منهنجي سس به مون کي حويليءَ ۾ وٺي وئي.... مون کي به حويليءَ ڏسڻ جو ڏاڍو شوق ھو.

منهنجي سسُ، جيجيءَ کي پيرين پئي هٿ ڏنو. ته مون به جيجيءَ کي پيرين پئي هٿ ڏنو. جيجي منهنجي سسُ کي چوڻ لڳي:

”مائي سڀائي تنهنجي نُنهن ته ڏاڍي سهڻي آهي! ڳوٺ واري کان ٻڌم پر اڄ ڏٺم به .....!“

”جيجي، توهان جون دعائون آهن، توهان مرشدن جون!“

”نالو چا اٿس!“

”بختاور نالو اٿس جيجي“  منهنجي سس وراڻيو.

”نالو ته سٺو اٿس. الله ڪندو سارنگ کي به بختاور ٿي لڳندي.“

”آمين“ منهنجي سسُ چيو.

منهنجي حيرت ڏسي.. جيجيءَ چيو ”بختاور، تون وڃي حويلي گهمي آ. حيرت مان پئي هيڏانهن هوڏانهن نهارين..!“

مون به نڪا ڪئي هم نڪا تم، ٽپ ڏئي اٿيس ۽ بي پرواهه ٿي حويلي گهمڻ لڳيس، حويليءَ ۾ ڪئين ڪمرا هئا، سو آءٌ گهمندي گهمندي وڃي هڪ وڏي شاهي ڪمري ۾ نڪتيس. هونئن ته سڄي حويلي سٺي ڇا ته منجهس سامان هئا! ڇا ته نوڪر چاڪر هئا! پاڻ کي چوڻ لڳيس ”ڪيڏيون نه جيجيءَ واريون عيش ۾ هونديون! پر هي ڪمرو ته سڀني کان اتر لهڻي!“ حيرانيءَ مان چوڻ لڳيس. ”الاڪيڏو نه سهڻو ۽ سٺو ڪمرو ۽ هتي جو سامان! ۽ هيءَ ڇَپر کٽ ڪيڏي پياري ۽ آرام واري آهي! جيڪر نه مان هن تي سمهي ڏسان!!!؟ آءٌ به ڪيڏي نه چري آهيان، چڱو جو منهنجو اهي ڳالهيون ڪنهن ٻڌيون ڪونه .... نه ته هوند ڇا چوي ها!؟“

اوچتو آواز ٻڌم.“ توکان وڌيڪ نه هي ڪمرو سهڻو آهي، نه هي ڇپر کٽ سهڻي آهي!“ مان ته ڊڄي ويس ۽ هيڏانهن هوڏانهن ... پريشانيءَ مان نهارڻ لڳيس... اوچتو ان ڇپر کٽ جي مُهاري کڻي هڪ شخص اڇي ڏاڙهيءَ سان ان مان ٻاهر نڪتو ۽ لهي اچي مون وٽ بيٺو ۽ چوڻ لڳو ”تون ئي ته هن کٽ تي سمهڻ جي لائق آهين...!“

آءٌ ته ڊڄي ويس. مون کان ڪا بي ادبي ته نه ٿي وئي آهي!؟

ڊڄندي ڊڄندي هٿ ٻڌي چيم: ”پر سائين، آءٌ ته جيجيءَ جي اجازت سان هت پئي گهميس.“

”ها ها، سدا گهم، تو جهڙين سهڻين لاءِ ته هيءَ حويلي آهي.“

ائين چوندو هو مون ڏانهن وڌي آيو، آءٌ ٿورو پري ٿي بيٺيس. پير سائين يڪدم منهنجي ٻانهن مان ڇڪي کڻي مون کي ڀاڪر وڌو. پهرين ته مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته هي ٿيو ڇا؟ جڏهن سمجهه ۾ آيم ته آءٌ بدحواس ٿي ويس... پاڻ کي ڇڏائڻ لڳيس.. پر اهڙو مضبوطيءَ سان مون کي جهليو هُئائين جو آءٌ ڇڏائي نه سگهيس، مون ايلاز ڪندي چيو:“ سائين آءٌ ڪڏهن به هتي ڪانه انديس، مون کي ڇڏيو ته مان وڃان!؟“

”تو جهڙا دلبر مس مس ته آيا آهن. ٿوريءَ دير کان پوءِ توکي ڇڏي ڏينداسين، اسان جي دل ته خوش ڪر... توکي مالامال ڪري ڇڏينداسين!؟“

آءٌ سمجهي ويس ته هي مون مان هوسي پير ڇا ٿو چاهي. سو سڄو زور لڳائي، مس ڌڪو ڏئي، پري ڪري وٺي ڀڳيس. سهڪندي سهڪندي جتي منهنجي سَسُ ويٺي هئي، اتي اچي نڪتيس. منهنجي سس ۽ جيجيءَ مون کي بدحواس ڏسي پڇيو ”ڇاٿيو؟“ منهنجي سس چيو: ”ڇوري ائين ڊوڙندي پئي اچين، جهڙا ڪتا پٺيان پيا هجني!؟“ مون دل ۾ چيو: ”ڪتا نه پر هڪ ڪتو ضرور پٺيان پيو هو!“

مون پنهنجي سسُ کي چيو: ”امان، هاڻ دير ٿي وئي آهي، سارنگ لاءِ ماني به پچائڻي آهي، اٿ ته گهر هلئون.“ جيجيءَ وڏيءَ مون کي مٿي تي رئو ڍڪايو.... پر مون کي ائين محسوس ٿيو. ڄڻ منهنجي مٿي تي ڏهه مڻي ڇِپَ کڻي رکي هجيس. ٻاهر اچي مون سَٽ ڏئي. رئو مٿي تان لاهي کڻي پَٽ تي اُڇلايو.

منهنجي سس اهو ڏسي چيو: ”ڇوري ڇتي ته ڪانه ٿي آهين! مرشدن کان رئو مليو اٿئي. سو ٿي پَٽ تي اڇلائين! اهو رئو ته ڪن ڀاڳن وارين کي نصيب ٿيندو آهي“

منهنجي سس اهو رئو پَٽ تان کڻي، اکين تي رکي چُميو ۽ ڪاوڙ مان چيو: ”ڇو توکي اوچتو ڇا ٿيو؟“

مون چيو: ”اهڙي ڀاڳ کان ته ڀينگ ڀلي!“

”هون هون، ڇوري چوين ڇا پئي، توبهن توبهن، اڄڪلهه جي ڇورين جو ته دماغ آسمان سان پيو ڳالهائي!“

اهو ڏينهن، اڄوڪو ڏينهن، آءٌ وري نه حويليءَ ويس. پير سائينءَ به منهنجي پچر نه ڇڏي.... ڪنهن نه ڪنهن نوڪرياڻيءَ جي ھٿان پيو نياپو موڪليندو هو ته ”هڪ ڀيرو اچ توکي مان خوش ڪري ڇڏيندس.“ آءٌ نياپي وارين کي ڊوڙائي گهر مان ڪڍندي هيس... منهنجي سس کي ان ڳالهه تان به پئي چڙ وٺندي هئي ته آءٌ پير سائينءَ جي نوڪرياڻين کي ڊوڙايو ڪڍان ۽ سولو منهن به ڪونه ٿي ڏيان!

”ڇوري، پير سائينءَ وٽ ويندينءَ ته اهڙي دعا ڪندئي، جو رڱجي ويندينءَ. محشر ۾ به ڇوٽڪارو ٿيندئي. کُتو جواب پير سائينءَ کي ڏيندينءَ ته دوزخ ۾ پوندينءَ!“

”آءٌ دوزخ م وڃان يا نه وڃان. پر تنهنجو اهو پير سائين ضرور دوزخ ۾ ويندو. الله ڪو دوزخ وجهندس!“ آءٌ به اندر جو اوٻر ڪڍندي هيس.

”توبهن توبهن، ڇوري ڇو ٿي ڪفر بڪين! توکي ڪهڙي خبر ته پير سائين ته سڌو بهشت ۾ ويندو. پاڻ کي به الله سائين. پير سائينءَ جي صدقي شل بهشت موڪلي... آمين“

مون کي منهنجي سس تي ڪاوڙ به آئي ته کل به. ويچاري منهنجي سَسُ ڪيڏي نه اٻوجه آهي؟ ان کي ته اها خبر ئي ڪانه آهي ته پير سائين اندر ۾ ڪيڏو وڏو شيطان آهي! اها ته خبر مون کي هئي. منهنجي سس ته ويچاري آلي ڀولي، تنهن کي ڪهڙي خبر! سائين اهڙو پهتل اٿئي جو ڪيترين کي اولاد نه ٿي ٿيو، پر پير سائينءَ کان دعا وٺي آيون ته کين اولاد ٿيو!“

منهنجي سس ويچاريءَ کي ڇا ٻڌايان ته انهن کي اولاد ڪيئن ٿيو؟ منهنجي سس ويچاري انڌي عقيدي ۾ ورتل هئي، ان کي سمجهائڻ بيڪار هو..!

سارنگ جي کنگهڻ جي آواز تي آءٌ سوچن مان ٻاهر آيس. ”ڇو اڪبر جا پيءُ، اڄ وري توکي کنگهه ڪجهه وڌيڪ ٿي پئي آهي.“

انڪري جو ٻن ڏينهن کان کنگهه جي دوا به ختم ٿي وئي آهي، سو کنگهه ڪيئن لهندي! هن سهڪندي چيو، اڪبر جي ماءُ مون کي پنهنجو فڪر ڪونهي، پر منهنجو ٻچو بک تي روئي روئي ستو آهي، ان جو ڏک اٿم، جي هجان ها ٺيڪ ته ڪم تي وڃي ٻه ٽي پيسا ڪمائي اچان ها.“ سارنگ جو آواز ڏک کان ڀرجي آيو.

”اڪبر جا پيءُ، الله تي رک، الله وڏو آهي. ضرور ڪٿان نه ڪٿا بندوبست ڪندو؟“

”اڪبر جي ماءُ، الله سائين به رڳو اميرن جو آهي، اسان غريبن جو ڪونهي!“

”توبهن ڪر، ڪهڙو ويٺو ڪفر بڪين! ان ۾ به ڪا الله سائينءَ جي رمز هوندي، ان به ڪا اسان جي بهتري رکيل هوندي. ڪيترا ماڻهو ڏس ته اسان کان به خراب حالتن ۾ آهن. اسا تي وري به رب جا ڪرم آهن، ڏکيا ڏينهن گذري ويندا. لُڙ لهي ويندا. الله توکي صحت تندرستي ڏئي، الله سائينءَ جو هر حال ۾ بندي کي شڪر ڪرڻ جڳائي. رَبَ ورندو ته دير ئي ڪانه لڳندي. ان جي در تي دير آهي پر انڌير ناهي. جن الله تي ڀاڙيو، سي اڪري پار پيا! اسان ماڻهن الله تان الائي ڇو ويساهه لاٿو آهي! هو ته وڏو رحيم ۽ ڪريم آهي!“

ائين اڪبر جي پيءُ کي ريجهائي سمهاريم. پر منهنجين اکين مان ننڊ غائب ٿي وئي هئي. ڇا ڪريان؟ مون کان ته نه اڪبر جي بک ٿي سَٺي ٿئي، نه سارنگ جي بيماري ٿي ڏٺي ٿئي! پوءِ سوچيم ته ڇو نه پير سائينءَ وٽ وڃان؟ سارنگ جو علاج ٿيندو، اڪبر جي بک به ته لهندي. اسين به سک جو ساهه کڻنداسين! توبهن توبهن! هي آءٌ ڇا پئي سوچيان! آءٌ ان مڪروهه شڪل واري شيطان وٽ وڃي پنهنجو سڀ ڪجهه ناس ڪريان! الله سائين تون مون کي معاف ڪر، مون کي معاف ڪر! آءٌ پنهنجي سارنگ سان بي وفائي ڪرڻ جو پئي سوچيان! رب سائين نه مون کي هت بخش ڪندو، نه قيامت ۾ بخش ڪندو،  يا الله ان کان ته سٺو آهي مون کي موت ڏئي ڇڏ! رَبَ منهنجي خطا معاف ڪر... چوندا نه آهن ته ڀلي بک ڀرم جي، شال م وڃي شان! ائين سوچيندي سوچيندي مون کي ننڊ کڻي وئي! ”اڪبر جي روئڻ ۽ سارنگ جي سڏن تي منهنجي اک کلي ۽ سجاڳي ٿي... اڙي ايڏ سج چڙهي آيو آهي آءٌ اڃان ستي پئي آهيان!“ ”اڪبر جي ماءُ اڄ توکي ڇا ٿيو آهي؟ جو الُوٽن ۾ پئي آهين؟! اڪبر ڪيڏي مهل کان پيو روئي!“ سارنگ چيو.

مون يڪدم اڪبر کي ڪڇ ۾ کنيو ۽ کيس پيار ڪرڻ لڳس ”منهنجو ٻچو، منهنجي جان“ پر اڪبر ماٺ ئي نه ڪري. روئي چوڻ لڳو: ”امان هاڻ ته صبح ٿي ويو آهي. ڀلا هاڻ ته ماني ڏي! نور قسم ڏاڍي بک لڳي آهي!“

منهنجو ته اڪبر جي لفظن سان جهڙو ڪر هانءُ ڏري پيو... يا الله تون مدد ڪرڻ هاڻ ته اسان جو توکان سواءِ ڪير ڪونهي. تون مدد ڪر! ايتري ۾ در کڙڪيو: ”اڪبر ماءُ، در تي ڏس ته ڪير آهي!“

مون اڪبر کي ڪڇ مان هيٺ لاٿو. وڃي در کوليم، ڏسان ته منهنجي مامي جو پٽ اصغر جڪو سعودي عرب ڪمائڻ ويو هو. سو بيٺو هو: آءٌ ان کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويس ۽ خوشيءَ وچان روئي ڏنم.... هو ڏهن سالن کان ٻاهر هو... هت ڪيئن آيو!؟

”ادي بختاور. حيرت مان ڏسندي رهندينءَ يا اندر به وٺي هلندينءَ؟“

”ها ها، ادا اصغر هليا اچو اندر!“

”ڪير آهي اڪبر جي ماءُ؟“ سارنگ پڇيو.

”اڪبر جا پيءُ ڏس ته ڪير آيو آهي پاڻ وٽ؟“

سارنگ اٿي ويٺو ۽ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.... ”اڙي ڀائو اصغر تون آهين ڇا!؟“

”چڱو جو مون کي سڃاتئي ته سهي...!“ اصغر پنهنجائپ مان چيو.

سارنگ اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪمزوريءَ سارنگ کان اٿي نه سگهيو.

”ادا سارنگ تون ويٺو هُج، ويٺو هُج، پوءِ ٻئي ڀاڪر پائي هڪٻئي سان مليا، پر اڪبر ٿوري دير ماٺ کان پوءِ وري روئڻ شروع ڪري ڏنو.

”اڙي ادي، هي تنهنجو پُٽ آهي نه؟“ اصغر پڇيو.

”ها ادا!“ مون چيو.

”هليا هليا بابلا تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

پر اڪبر جو اهو ئي ضد ۽ روڄ پئي پيو:“ امان ماني ڏي.... ماني ڏي...!“

اصغر چيو ته: ”ادي ننڍڙي کي به بک لڳي ۽ هن وڏي ننڍڙي کي به بک لڳي آهي!“ هن پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”راتو ڪو ريل گاڏيءَ ۾ چڙهيو آهيان، پر سڄي واٽ مون ڪٿي به ڪجهه وٺي ڪونه کاڌو، انڪري جو چيم پنهنجي ڀيڻ جي هٿن جي ماني کائيندس!؟“

اصغر جا اهي لفظ ٻڌي آءٌ پريشان ٿي ويس ته هاڻ ڇا ڪريان. تيسين اصغر سامان مان رانديڪي وارو جهاز ڪڍي اڪبر کي ڏنو. جهاز ڏسي اڪبر کان مانيءَ جي ڳالهه به وسري وئي. جهاز ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو!

پر مان ڳڻتين ۾ پئجي ويس. سارنگ به پريشان تي ويو ۽ مون کي ڏسڻ لڳو. اصغر پڇيو: ”ڇا ڳالهه آهي؟ توهان ٻئي پريشان ٿي ويا آهيو!“ ڇا جواب ڏيانس ته اسين پاڻ ٻن ڏينهن کان بک تي ويٺا آهيون. اها ڳالهه ٻڌي اڪبر جو وري ڌيان مانيءَ ڏي هليو ويو ۽ هو وري ماني گهرڻ لڳو. ”ڇا ڳالهه آهي اڪبر پٽ!“ اڪبر جلديءَ سان اصغر کي ٻڌايو ته: ”ماما، ڪلهه کا وٺي امان ماني نه ٿي ڏئي، مون کي ڏاڍي بک پئي لڳي!“

اصغر سڄي ڳالهه سمجهي ويو.

”ادي، ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي؟ مون ڀاءُ کان به لڪائيندينءَ ڇا؟“

اصغر جي همدرديءَ جا ٻول ٻڌي منهنجا لڙڪ لڙي پيا.

”ادي تون مون کي ٻڌاءِ ته سهي ڇا ڳالهه آهي؟ مان تنهنجو ڀاءُ ڪونه آهيان؟!“

پوءِ ته منهنجين اکين جا بند ڀڄي پيا. روئندي روئندي سڄي ڳالهه اسان جي حالتن جي ۽ سارنگ جي بيماريءَ جي ڪري ٻڌائي مانس....

چوڻ لڳو: ”ادي تون دل نه لاهه. آءٌ هاڻي هتي اچي ويو آهيان، مان پاڻ توهان کي وٺڻ آيو هوس. مون شهر ۾ گهرورتو آهي! ادي توهان کان سواءِ منهنجو ٻيو ڪير آهي! هاڻ توهان مون سان گڏ شهر ۾ رهندا! سارنگ گهڻو ئي نه نه ڪئي ته ”ادا اصغر توکي تڪليف ٿيندي!“

”ادا سارنگ ڪهڙيون ڌارين واريون ڳالهيون ٿو ڪرين! شابس اٿئي. توهان کان سواءِ ٻيو منهنجو آهي ڪير” بس هاڻ مان ڪجهه ڪونه ٻڌندس. سامان ٻڌو ته سڀاڻي شهر هلون ۽ ادا سارنگ کي به اسپتال ۾ داخل ڪرائي علاج ڪرائبو. اڪبر کي به ڪنهن سٺي اسڪول ۾ داخل ڪرائبو.“

”پر ادا توکي تڪليف ٿيندي!“

”ادا سارنگ، اهي ڌارين واريون ڳالهيون ڇڏ!“

اصغر به سارنگ کان ها ڪرائي پوءِ جند ڇڏي.

”ادي آءٌ اٽو ۽ ڀاڄي وٺي ٿو اچان، ماني پچاءِ ته کائون.... پوءِ سامان ٻڌ ته صبح واريءَ گاڏيءَ ۾ شهر هلون.“

آءٌ دل ۾  ڏاڍي خوش ته هن ڳوٺ مان ۽ هن منحوس مُئي پير مان جان ڇُٽي! ۽ آءٌ پنهنجي رَبَ جا ٿورا مڃڻ لڳس ۽ خوش سامان ٻڌڻ ۾ لڳي ويس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com