سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (1-2)

 

صفحو :7

اِشور چند

هڪڙي هئي راڌا

 

اڄ منهنجي سامهون هڪڙي وڏي ليکڪ جي ڪهاڻي پيئي آهي. هڪ جملي تي اچي، منهنجي نظر روڪجي بيٺي آهي. لکيل آهي: ”ڪهاڻي لکندڙ مهان (عظيم) ڪونهي، مهان اُهو آهي، جو ڪنهن پنهنجي سر تي ڍوئي ٿو هلي.“

سوچيان ٿو، ڪيڏو نه سچ سمايل آهي ان ۾! اهو خيال مون کي اڳ ڇونه آيو؟ ان جملي کي پڙهي مونکي ڪجهه ياد ٿو اچي. ڪهاڻي لکڻ ويٺو آهيان؛ پر اهو سچ آهي، مان مهان ڪونه آهيان، مهان اها ئي آهي، جا هن ڪهاڻيءَ کي حياتيءَ جي دک سک ۾ ڍوئي هلي آهي، جنهن هن ڪهاڻيءَ کي جنم ڏنو آهي.

ها، هڪڙي هئي راڌا، ....... جا اڳ جوان هئي، پر پوءِ سندس وار اڇا ٿي ويا. جڏهن وٽس جواني آئي تڏهن ڄڻ ڪو پاراتو پاڻ سان کڻي آئي . هڪ در کان جواني وٽس آئي، ٻئي در کان سندس پيءَ جو لاش کنيو ويو. سندس پيءَ ويندي ويندي هڪ زال، ٽي پٽ، ۽ هڪ راڌا ڌيءَ ڇڏي ويو. راڌا سڀني ٻارن ۾ وڏي هئي.

ماءُ پنهنجن چئن ٻارن کي ڏسي، ڄڻ هيانءُ ڦاڙي روئڻ لڳي هئي. سندس زبان تي مڙس لاءِ هڪ ئي ڏوراپو هو: ”هاءِ، ڇڏڻوئي هووَ ته هيئن ته نه ڇڏي وڃو ها: ڌيءَ سياڻي ٿي ويئي هئي، اُن جا هٿ پيلا ڪري وڃو هان! هنن ننڍن ٻارن....“ ۽ وري ورئڻ لڳندي هئي.

راڌا کان اهي ماءُ جا ورلاپ ٻڌا نه ويا. آٿت ڏيندي ماءُ کي چيو هئائين، ”اما، هاڻي ڀلا انهن ورلاپن مان ڇا ورڻو آهي. مان جو ويٺي آهيان، تون فڪر ڇو ٿي ڪرين. مئٽرڪ پاس ڪئي اٿم، ڪٿي نوڪري کڻي ڪنديس. ڀڳوان اڃا تائين ڀلا ڪنهن کي ڇڏيو آهي؟“ هڪ ٻار هوندو آهي، جنهن جي رودن تي ماءُ کيس ٻُچڪاري آٿت ڏيندي آهي؛ هڪ ڌيءَ هئي، سياڻي ڌيءَ، جا ماءُ کي آٿت ڏيئي رهي هئي.

ڀٽڪي ڀٽڪي، راڌا آخر هڪ نوڪري هٿ ڪئي. هڪ پرائيمري اسڪول ۾ ماستري ملي وئيس. سـﺂ کن پگهار ملندو هوس. گهر جو خرچ، ڀائرن جي پڙهائي، ــــ جيئن تيئن ڪري ويچاري پئي پورت ڪندي هئي.

پر ماڻس کان اهو سٺو نه ويندوهو. هوءَ چوندي هئي، ”ڌيءَ، تنهنجي عمر ڪا نوڪري ڪرڻ جي آهي؟ جڏهن مان تنهنجي عمر جي هيس، تڏهن سينڌ  ۾ سِنڌور لڳائي، حياتيءَ جا سک ماڻيا هئم. ۽ ڪو اهڙو نصيب کڻي آئي آهي جو جنهن عمر ۾ توکي سک ماڻڻ گهرجن، اُن عمر ۾ ڳهين پيئي.“ ۽ ماڻس جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو. پرا راڌا مان ڳالهه کي ٻڌو اڻٻڌو  ڪري، ٻاهر هلي ويندي هئي.

شام جو جڏهن سندس ٽيئي ڀائر هٿن ۾ ڪتابن جي ٿيلها لوڏيندا، کلندا ڪڏندا، اسڪول مان واپس ايندا هئا، تڏهن راڌا جا چپ خوشي وچان ڦڙڪي اٿندا هئا. ٽنهي ڀائرن کي ڀاڪر ۾ ڀري، مِٺيون ڏيندي هئي، وران تي پيار مان هٿ ڦيري، کانئن اسڪول جو حال، احوال پڇندي هئي. کين گهر ۾ پاڙهي، اڪابر ڪندي ويئي. ٽن ڀائرن ۽ ماءُ جي سک جي خوشيءَ ۾ هوءِ پنهنجا سڀ دک ڀلجي ويندي هي. هوءَ ڀلجي ويندي هئي ته کيس به هڪ ڏينهن ڪنهن جو گهر وساڻو آهي. کيس به ننڍڙا ننڍڙا ٻار ٿيندا؛ جيڪا ممتا اڄ هڪ ڀيڻ جي ڀائرن لاءِ آهي، سائي ممتا هڪ ماءُ جي پنهنجن ٻارن لاءِ ٿيڻي آهي ــــــــ راڌا اهو سڀڪجهه ڀلجي ويندي هئي. ڀائرن ۽ ماءُ کي خوش ڏسي، هوءَ سڀڪجهه ڀلجي ويندي هئي.

راڌا جا انيڪ سپنا هئا. هن پنهنجن ڀائرن کي سُکي ڏسڻ ٿي چاهيو. پاڻ دک جي ڪَوڙائڻ قبولي، هنن کي سک جومٺاس ڏيڻ ٿي چاهيو.

۽ ايئن حياتيءَ ۾ هلندي هلندي، گوبند راڌا جي حياتيءَ ۾ مٺاس ٿي آيو. هو ساڳئي ئي اسڪول ۾ ماستري ڪندو هو. هڪ ئي اسڪول ۾ گڏ رهندي رهندي، هڪ ٻئي سان پريت ٻَجهي وين. ڪڏهن اسڪول کان گهر تائين گڏ ايندا هئا، ڪڏهن گهر کان اسڪول تائين گڏ ويندا هئا. ٻنهي هڪٻئي ۾ پاڻ کي پاتو هو. ڳالهيون ڪندي ڪندي ٻنهي جي وچ ۾ گهڻيون ئي دنياداريءَ جون ڳالهيون نڪرنديون هيون. پاڻ ۾ بحث مباحثو ڪندا هئا. پر بحث مان ڪو اصلي حل ڏاڍو ڏکيو نڪرندو آهي. حياتيءَ ۾، بحث کي پري رکي، ڪن ڳالهين ۾ پاڻ کي سمائڻو پوندو آهي.

پر هتي ڪا آگري بحث جهڙي ڳالهه نه هئي. خيالات ۾ ٻيئي هڪ ٻئي ۾ سمائجي ويا هئا، ۽ ايئن ناتو وڌندو رهيو. انساني ڪمزوري، ڪمزوري ئي رهي. راڌا ۽ گوبند جي من ۾ شادي ڪرڻ جو خيال آيو. ٻنهي جي دلين ۾ هڪ ٻئي کي اپنائڻ جو خيال آيو.

جذبات وهيڻي ٿي، راڌا جڏهن اهڙي ڳالهه سوچي هئي، تڏهن دنيا سندس نظرن ۾ ننڍڙي ٿي ويئي. کيس ايئن لڳو هو ته دنيا ۾ ٽي شيون آهن ــــــــ هڪ پيار آهي، هڪ گوبند آهي، ۽ هڪ راڌا آهي. تڏهن کيس اهو خيال ئي ڪونه آيو هو ته سنسار ۾ ٻيا به پِراڻي آهن. سنسار وشال (وسيع) آهي. اُن وشال سنسار جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سندس هڪ ماءُ آهي، ٽي ڀائر آهن، جي سندس آڌار تي جيئن پيا، جن کي به سندس پيار ۽ سهاري جي بک آهي.

۽ پوءِ، جڏهن راڌا جذبات وهيڻيءَ راڌا مان بدلجي صرف راڌا ٿي، تڏهن کيس هوش آيو، تڏهن کيس ماءُ ۽ ٽن ڀائرن جو خيال آيو. تڏهن سوچيائين، سنسار ۾ فرض کي به هڪ اهيمت آهي. دنيا چاهي ان ڳالهه کي ڪجهه به سمجهي، پر سندس ڪي فرض آهن ــــــــ ڪجهه ماءُ ڏانهن، ڪجهه ننڍڙن ڀائرن ڏانهن.

ٻئي ڏينهن نيم آنوسار جڏهن گوبند کي گڏي، تڏهن کيس پنهنجو ارادو ٻڌائيندي چيائين، ”گوبند، مان شادي نه ڪنديس. معاف ڪج، واعدو پورو نه ڪري سگهي آهيان.“

گوبند وائڙو ٿي ويو. پڇيائين، ”هڪ رات ۾ توکي ڇا ٿي ويو آهي، راڌا!“

راڌا چيو، ”جڏهن توسان واعدو ڪيو هوم، تڏهن اهو ڄڻ وساري ويٺي هيس ته منهنجي هڪ ماءُ آهي، ٽي ڀائر آهن. اُنهن لاءِ مون کان سواءِ ٻيو ڀلا ڪهڙو آسرو آهي؟“

گوبند چيو، ”راڌا، اها ڪهڙي چريائي آهي! تنهنجا ڀائر اڃا ننڍا آهن، وڏا ٿيندا، لائقيءَ لڳندا، ان کي ته سال لڳي ويندا، تيسين ڇا تون بلڪل شادي نه ڪندينءَ؟“

راڌا چيو، ”ڪي فرض مائٽن جا ٻارن ڏانهن ٿيندا آهن، ۽ ڪي ٻارن جا مائٽن ڏانهن. حالتن پٽاندر ڏسان ٿي ته هينئر شادي نه ڪرڻ ۾ ئي منهنجو ڀلو آهي، گهر وارن جو ڀلو آهي. فرض ڪو احسان نه ٿيندو آهي. حياتيءَ ۾ ڪو آدرش به هوندو آهي.“

گوبند چيو، ”راڌا، تون سوچ ته سهي، اِيئن تنهنجي حياتي ختم ٿي ويندي. ٻين کي عرش تي پهچائي، پاڻ ڪو فرش تي ئي ويٺو رهي، اهو احمقپڻو ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟“

تڏهن راڌا جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا. دل تي پٿر رکي، چپ کي چڪ پائي چيو هئائين، ”گوبند، ڪنهن کي ته ڀلا قرباني ڪرڻي ئي پوندي ــــــــ ڪنهن کي ته قرباني ڪرڻي ئي پوندي!“

***

وقت گذرندو ويو. راڌا ڪنواري ئي رهي. گوبند شادي ڪئي. ٽيئي ڀائر، ڀيڻ جي جفاڪشيءَ سان لائقيءَ وڃي لڳا. پهرين بمبئيءَ ۾ ڪن وڏن سيٺين وٽ نوڪري ڪيائون، پر پوءِ ٽنهي ايمانداريءَ ۽ محنت سان ڪافي ترقي ڪئي، ۽ هڪ ڏينهن بمبئيءَ ۾ ڪپڙي جو هڪ وڏو دڪان کولي، ٽيئي ڀائر اُن دڪان جي واڌاري ۾ لڳي ويا. راڌا کي هاڻي ماستري ڪرڻي ڪانه ٿي پيئي. گهر ۾ ڀڳوان جي ديا سان هاڻي سڀڪي هو. راڌا جي ماءُ جي چالاڻي کي ڳچ ڏينهن ٿي ويا هئا. اِن ڪري سڀ ڀائر راڌا کي ئي ماءُ جي عزت ڏيندا هئا. ۽ راڌا اِن ڳالهه ۾ خوش هئي ته حياتيءَ جي خوشين کي پري رکي، هن جو ڪم ڪيو، سو سڦل ويوـ سندس سپنن کي ساڪار روپ مليو.

هڪ ڏينهن راڌا پاڻ کان ننڍي ڀاءُ کي چيو، ”راجو، تو لاءِ هڪ ڇوڪري ڳلي اٿم. تون هائڻي وڏو ٿي ويو آهين. جلدئي شادي ڪري وٺ.“

راجوءَ ڳوري آواز ۾ چيو، ”دادي، پهرين تون شادي ڪر، نه ته مان به ڪونه ڪندس.“

راڌا جي چهري تي ڦڪي مرڪ آئي. راجوءَ جو منهن پنهنجي هٿن ۾ جهلي، پيار مان، سانيتڪي نوع ۾ چيائين. ”اڙي چريا، ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين، ڀلا هيءَ به ڪا عمر آهي منهنجي شاديءَ جي؟ تون ته هاڻي جلد ئي ڪنوار آڻ، جا اچي هاڻي توهان سڀني کي سُک ڏئي.“

روجوءَ چيو، ”دادي، تون آهين، پوءِ اسان کي ڪهڙيءَ ڳالهه جو دک آهي، هيڏي حياتيءَ ۾ تو اسان کي دکي رهڻ ئي ڪٿي ڏنو؟“

تڏهن راڌا چيو، ”نه، راجو، سک ڇا آهي، تنهن جو ته اسان اڃا ٿورو حصو به نه ماڻيو آهي.“

راجوءَ جڏهن وري به شاديءَ کان ناڪار ڪئي، تڏهن راڌا جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. چيائين، ”راجو، هيترا ڏينهن تو ڪڏهن به منهنجيءَ ڪنهن ڳالهه لاءِ ناڪار نه ڪئي. هاڻي ڇا تون پنهنجيءَ ڀيڻ جي اها به دل نه رکندين؟“

تڏهن ڀيڻ جا لڙڪ راجوءَ کان نه ڏٺا ويا. سوچيائين، جنهن ڀيڻ اسان جي حياتي سڌارڻ لاءِ پنهنجي حياتيءَ جوخيال نه ڪيو، اسان لاءِ هيڏي قرباني ڪئي، ان کي ڪنهن ڳالهه لاءِ ناڪار ڪري ڇو ڏکويان؟“ ... پوءِ ڀيڻ جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ’ها‘ چئي ڏني هئائين. ۽ راڌا جا وهندڙ لڙڪ، اُن وقت خوشيءَ جي لڙڪن ۾ بدلجي ويا.

***

راجوءِ جي شادي ٿي.

نئين ڪنوار گهر ۾ آئي. راڌا خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي. نئينءَ ڪنوار کي ٻچڪاري چيو هئائين، ”ڪنوار، هاڻي تون اچي ويئي آهين، تون ئي هاڻي هن گهر کي سرڳ بڻاءِ. مان هاڻي ٿڪجي پيئي آهيان، هاڻي تون ئي هنن کي سُک ڏج.“

ذميوارين کان آجي ٿي، راڌا هاڻي پاڻ کي هلڪو سمجهڻ لڳي. هاڻي ٻيو ڪو ڏک نه هو. روز وندر جي خاطر باغيچي ۾ هلي ويندي هئي.

اڄ به نيم آنوسار باغيچي جي هڪ ڪنڊ واريءَ بينچ تي ويٺي هئي، ته اوچتو سندس نظرن سامهون هڪ ڪٽنب تي پيئي. ڏٺائين، گوبند ويٺو هو! سندس ڀر ۾ هڪ زال هئي، ٻه ٻار هئا.

راڌا اُٿي، اڳتي وڌي ويئي. گوبند کان حال احوال ورتائين. گوبند پنهنجيءَ زال سان راڌا جي سڃاڻپ ڪرائي. راڌا انهن سان گڏ ويهي رهي. ٻارن سان گڏ ٻار ٿي، راند ڪرڻ لڳي.

اُتي ويٺي ويٺي، راڌا جا ستل سپنا جاڳي اُٿيا. سوچيائين، ’گوبند سان شادي ٿئي ها، ... هڪ سهڻو گهر هجي ها، ......... گوبند .... مان ......... منهنجا ٻار هجن ها. مان به هئين ٻارن سميت باغيچي ۾ اچان ها......... گوبند منهنجي ڀر ۾ ويٺو هجي ها... گوبند، مان،

منهنجا ٻار ... منهنجا پنهنجا ٻار ....!

سوچيندي سوچيندي، الائي کيس ڪهڙو خيال ايو جو گوبند جي ننڍي پٽ کي ڀاڪر ۾ ڀري، مِٺِي ڏيئي، جذبات – وهيني ٿي، من ئي من ۾ چيائين: ’هي منهنجا ئي ته ٻار آهن! منهنجا ئي ته آهن!‘ ۽ ٻه ماڪ ڦڙا، سندس اکين مان موتي بڻجي، گوبند جي ننڍي پٽ جي ڳلن تي ڪري پيا.


 

بهاءُ الدين سرهندي

بيوس

 

زندگيءَ جي لهر هن کي زندگيءَ کان ايترو پري کڻي ويندي، اهو هن جي خواب خيال ۾ به نه هو. وطن جا وڻ ڇڏي هن کي ٻن سالن کان به ڳپل وقت ٿي چڪو هو. انهيءَ وچ ۾ هو ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ ڏانهن ڊوڙيو. سنڌ ۽ پنجاب جي وادين ‎۽ ريگزارن کي چيريندو، هو قداور جبلن جي ديس ۾ پهتو. جبل جهاڳي جڏهن بس ڪيائين، تڏهن وٺي فضا ۾ اُڏاڻو ۽ اچي دريائن جي ديس ۾ ساهه پٽيائين. اُهي ويڪرا درياءَ، جن جي ڪنارن تي سانورين دوشيزائن ڪارن ڪَڪن وارن جا ڄار پکيڙي ڇڏيا آهن ته ڀل ڪو سِڪايل اچي دل لُٽائي. جتي جا مانجهي، چَپُن جي لَي تي دلين جا دونها ٿا ڪڍن. وڏن ويڪرن دريائن کي پار ڪندو، هو ننڍڙين ندين وٽ پهتو، جن جي ٻنهي ڪپن تي بيٺل ڊگها ڊگها گرجن جا وڻ آڪاش جو سينو چيريندا ڏسبا آهن. انهن وڻن جي وچ ۾ هن چڪما‘ قبائلين جا جهوپڙا ڏٺا، جتي زندگي اڃا ’تهذيب‘ جي گندي لفظ کان واقف نه ٿي آهي، جتي جي زندگي ڪچي گوشت وانگر آهي ــــــــ دل گهري ته کائو، نه گهري ته نه کائو.

هو زندگيءَ جي تلاش ۾ هو. هن چاهيو ٿي ته زندگيءَ جي جام کي ايترو ڀري، ايترو ڀري، جو اهو ريلا ڪري وَهي، ۽ پوءِ هو ان کي هڪ ئي ڳِت ۾ پسي و‎ڃي. هن جا خواب ڏاڍا سنهري هئاـ ۽ زندگي جي جام هٿ ڪرڻ لاءِ هُن وطن جا وڻ ڇڏيا.

هن زندگيءَ کي مرڪندي به ڏٺو، ۽ روئندي به. ’ڪشمير پوائنٽ‘ کان ٿيندي، هو مال روڊ جي ’سام‘ ۾ گهڙيو. ڪافي جا گرم گرم ڍڪ ڀريندي، هن سوچيو، ’زندگي ڪيتري نه حسين آهي!‘ سازن جي ڌُن تي هن جا قدم خودبخود کڄي رهيا هئا. هن ڏٺو ته زرق برق لباسن ۾ هنسن جا جوڙا اڄ وڌيڪ چمڪي رهيا هئا. گلاس ٽڪرائجي رهيا هئا. لِپ اِسٽڪ جو رنگ آهستي آهستي گهٽجي رهيوهو. ۽ زندگي سان ڀرپور ٽهڪ هن جي دل کي چيرڻ لڳا. هن ايئن محسوس ڪيو، ڄڻ ڪو سندس دل کي نپوڙي رهيو هو. هن ڪنڌ کڻي ٻي طرف، رستي ڏانهن ڪيو. پر، ... زندگي اُتي به پنهنجي جوڀن تي هئي، ۽ هو.. هو اڪيلو هو. هُن سوچيو، هن به ته ڪنهن سان پيار ڪيو هو ــــــــ اه پويار جيڪو اڃا صرف نظرن تائين محدود هو. ۽ هن کي به ڪاريون ڪاريون، وڏيون وڏيون اکڙيون ياد آيون، جيڪي هينئر پر کيس گهُوري رهيون هون. اهي نيڻ، جن ۾ پيار سان گڏوگڏ شرارت به هر وقت جهلڪندي هئي. پر هن پيار جو قدر نه ڪيو. هن زندگيءَ جي جام کي اڃا ڀرڻ ٿي چاهيو. پر اوچتو جام سندس هٿن مان ڇڏائجي ويو، ۽ هو ڀڳل ٽڪرن کي ڏسندو ئي رهجي ويو.

***

زندگيءَ جي ابتدائي دور ۾ هو هميشه هڪ حسين دنيا بابت سوچيندوهو. اُها خيالي دنيا، جنهن ۾ حسن هو، جتي وهندڙ آبشارن جي موسيقي هئي، جتي محبت ۽ خلوص جا گيت هئا. ۽ اڄ هو واقعي هڪ حسين دنيا ۾ هو. ڪاغان جي وادين مان مٿي چڙهندي، ديال ۽ ڪائل جي ڊگهن وڻن سان ڍڪيل پيچرن تان لنگهندي، هن آبشارن جي موسيقي ٻڌي؛ پري، اُتانهن جبلن جي چوٽين تي پيل برف جي سفيدي ڏٺي. هن سوچيو، قدرت هڪ عظيم مصور آهي، جيڪو پنهنجي ڪينوس تي چٽيل تصوير ۾ نون نون، شوخ شوخ رنگن ڀرڻ ۾ فياض آهي.

پر هن جا ڪَن پيار ۽ خوشيءَ جي گيتن ٻڌڻ لاءِ سڪندا رهيا. هن ڏٺو ته قدرت حسن ته ڏنو، پر خوشي نه ڏني. هر طرف بک، هر طرف غربت! مکڙيون ٽڙڻ کان اڳ ۾ ئي ڪومائجي رهيون هيون. زندگيءَ جو سج، باکون ڪڍڻ کان اڳ ئي غروب ٿي رهيو هو. هُن سوچيو، قدرت ڪيڏي نه سنگدل آهي، انسان ڪيترو نه بيوس آهي، هڪ گُڏي وانگر ــــــــ وڻي ته ٻه اکين رکجنس، وڻي ته هڪڙي به نه.

هو به ته بيوس هو! زندگيءَ جي لهر کيس ٻئي ڪپ تي اچي سٽيو هو. واپس ڪيئن وري، سو هو سوچي به نٿي سگهيو. پڃري ۾ پيل پکيءَ جيان پرڙا هڻي، واه نه ڏسي، کڻي ماٺ ڪيائين.

***

اڄ چوڏهينءَ جو چنڊ هو، ۽ هو دريائن جي ديس ۾ هو. ٻنهي طرفن سُندر بَن جا گهاٽا جهنگل هئا. بيوس انسان کي جڏهن وڏن شهرن پناهه نه ڏني، تڏهن هڪ دفعو وري هن جهنگلن ۾ سهارو ڳوليو. ننڍيون ننڍيون ’شمپان‘ ٻيڙيون، هلڪا هلڪا لوڏا کائينديون، اڳتي وڌي رهيون هيون. مانجهي رکي رکي ڪو گيت ڳائي رهيا هئا. چَپُن جر آواز، چانڊوڪي ۽ گيت ــــــــ ٽئي ملي، هڪ عجيب سوز پيدا ڪري رهيا هئا. حسرت ۽ ياد هن جي روح جي گهرائين ۾ پيهي ويئي. هن سوچيوڳ، هو اڪيلو آهي، بيوس آهي: ’پر هي مانجهي، هي سڀ انسان به ته بيوس آهن! هيءَ چانڊوڪي، هي گيت، هي درياءَ جون ننڍيون ننڍيون لهرون به ته بيوس آهن ... ۽ شايد هيءَ عظيم قدرت به  ته بيوس آهي! هن هيءُ گُڏو ته ٺاهيو، پر ان کي ٻئي اکيون ٻئي يا هڪڙي به نه ــــــــ شايد اهو سوچڻ کان قدرت به معذور آهي.‘

آهستي آهستي بوندون پوڻ لڳيون ــــــــ چانڊوڪيءَ جي جاءِ اوندهه والاري ــــــــ شايد قدرت به روئي رهي هئي.

هن سوچڻ چاهيو، پر هو سوچي نه سگهيو، هو سمجهي نه سگهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com